Download as doc, pdf, or txt
Download as doc, pdf, or txt
You are on page 1of 20

‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫ڪرونا جي قهري وبا پوري دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو‬


‫آهي ‪ .‬آمريڪا کان وٺي آسٽريليا ۽ روس کان وٺي آفريڪا تائين ڪو‬
‫ملڪ يا اهڙو خطو ڪونهي‪ ،‬جيڪو هن وائرس جي ور نه چڙهيو‬
‫هجي‪ .‬سڀئي رياستون ۽ مملڪتون ان مرض جي مصبيت سبب‬
‫پريشاني جو شڪار آهن‪ ،‬جنهن مان چوٽڪاري جو ڪو دڳ يا‬
‫رستو نظر نٿو اچي‪ .‬ٻين ملڪن جيان پاڪستان به ان عذاب کي‬
‫ڀوڳي رهيو آهي ۽ اسان جي سنڌ ته اڳ ئي سورن ۾ هئي مٿان وري‬
‫هن بال رهيل ڪسر ڪڍي ڇڏي آهي‪.‬‬
‫ڪورونا جي قاتل بيماري جتي سموري جهان ۾ هيل تائين هزارين‬
‫ماڻهو موت جي منهن ۾ موڪلي چڪي آهي ۽ لکين ماڻهن وائرس‬
‫۾ جڪڙجي زندگي ۽ موت جي ٻي واٽي تي ڦٿڪي رهيا آهن‪ ،‬اتي‬
‫پاڪستان جي صورتحال به ڪا چڱي ڪانهي‪ ،‬پاڪستان جي‬
‫سمورن صوبن ۾ ڪورونا جي مرض جي حوالي سان حالت ڳڻتي‬
‫جوڳي آهي پر سنڌ ۾ وري به اها صورتحال وڌيڪ فڪر ۾ وجهي‬
‫ڇڏيندڙ آهي‪ .‬سنڌ جا وڏا‪ E‬شهر خاص ڪري ڪراچي‪ ،‬سکر‪،‬‬
‫حيدرآباد‪ ،‬الڙڪاڻو‪ ،‬نوابشاهه‪ ،‬نوشهرو فيروز ۽ خيرپور وغيره ان‬
‫مرض سبب سخت متاثر ٿيا آهن‪ ،‬اهو شڪر آهي جو ٻهراڙي وارن‬
‫عالئقن ۾ مرض ايتري پئماني تي ناهي پکيڙيو‪.‬‬
‫ڪورونا جتي زندگي جي سمورن ميدانن کي متاثر ڪيو آهي‪ ،‬اتي‬
‫سماج جا مختلف شعبا به ان جي ليپيٽ ۾ اچڻ کانسوا ِء رهجي نه‬
‫سگهيا آهن‪ .‬ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻڏي چڪو آهي‪،‬‬
‫بيروزگاري جو طوفان اچي ويو آهي‪ ،‬ڪاروبار بند ٿي ويا آهن‪،‬‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو آهي‪ .‬غريب ماڻهو‬


‫جيڪو اڳ ئي ٻه ويال کائڻ ال ِء پريشان هو‪ ،‬سو هنن حالتن ۾ بک‬
‫تي سمهڻ تي مجبور آهي‪ .‬وفاقي توڙي صوبائي حڪومت پاران‬
‫ڪيل سموري دعوائون ڌوڙ ثابت ٿيون آهن‪ ،‬جڏهن اسان زميني‬
‫حقيقتن کي ڏسون ٿا ۽ ماڻهن جي اصلي حالت کان باخبر ٿيون ٿا‪.‬‬
‫ڪورنا جيئن ته سمورن شعبن کي متاثر ڪيو آهي‪ ،‬پر ان ۾ جيڪا‬
‫سڀ کان وڌيڪ فيلڊ متاثر ٿي آهي‪ ،‬اها آهي تعليم جي فيلڊ‪ .‬تعليم‬
‫هڪ اهڙو شعبو آهي‪ ،‬جنهن سان ڪنهن قوم جي ترقي ۽ تنزلي‬
‫جو راز جڙيل هوندو آهي‪ ،‬تعليم کان ڪنهن به رخ ۾ اڳتي وڌي‬
‫ناهي سگهبو‪ .‬تعليم جي روشني سان گهگهه اونداهين کي شڪست‬
‫ڏبي آهي‪ .‬تعليم کي اسان کي مستقبل جا معمار تيار ڪري ڏيندي‬
‫آهي‪ ،‬جيڪي اڳتي هلي قوم جي قسمت جي واڳن کي پنهنجي هٿن ۾‬
‫وٺي ماڻهن جو ڀلو ۽ سٺو ڪندا آهن‪ ،‬پر افسوس جو ڪورنائي‬
‫حالتن سنڌ ۾ تعليم جي عمل کي سخت متاثر ڪيو آهي ۽ حڪمران‬
‫ان جي بهتري ال ِء گهربل ۽ وقتائتيون ڪوششون‪ E‬نه وٺي رهيا آهن‪،‬‬
‫جنهن ڪري ايندڙ نسل جو تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي‪.‬‬
‫سنڌ سرڪار جو تعليم کاتو ڪورونا سبب متاثر ٿيل تعليمي ۽‬
‫تدريسي عمل جي بهتري ال ِء ڪي به سنجيده ۽ سچيون ڪوششون‬
‫نه رهيو آهي‪ ،‬جنهن ڪري ننڍا ٻار توڙي وڏا‪ E‬شاگرد سخت‬
‫پريشاني جو شڪار آهن‪.‬‬
‫ڪورونا جي هن وبا سان هن وقت جيڪو اسان کي وڏو چئلينج‬
‫آهي اهو آهي تعليم جو‪ .‬اسان جا سمورا تعليمي ادارا ڪافي مهينن‬
‫کان بند پيل آهن ڊسٽنس لرننگ جي ڪا خاص منصوبابندي‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫ڪونهي‪ .‬پاڪستان جي وري به ٻين صوبن ۾ آنالئين تعليم جي‬


‫ڪجهه نه ڪجه بهتر منصوبابندي آهي پر اسان وٽ يعني سنڌ ۾‬
‫بلڪل نه هئڻ جي برابر آهي‪ .‬حڪومتي سطح تي ڪي به ڪارگر‬
‫ڪوششون ناهن ورتيون ويون‪ ،‬حڪمران ڪورونا جو خوف ته‬
‫ڏين ٿا پر ان خوف کي ڪيئن ختم ڪجن اهو عالج هنن وٽ ناهي‪.‬‬

‫تازو سنڌ ڪاليجز طرفان يوٽيوب چينل ٺاهي ان تي ليڪچر اپلوڊ‪E‬‬


‫ڪيا پيا وڃن پر جيڪڏهن انهن ليڪچرز کي پراپر نموني آرگنائيز‬
‫ڪري رکجي ته جيئن وڌيڪ فائدو ٿئي شاگردن کي‪ .‬ان کوٽ جي‬
‫پورائي هڪ مڪمل لرننگ مئنيجمينٽ سسٽم ئي ڪري سگهي ٿو‬
‫جيڪو سنڌ حڪومت هن وقت تائين نه جوڙي سگهي آهي نه ائين‬
‫ايندڙ سالن ۾ ڪو ارادو‪ E‬اٿس‪ .‬جيڪڏهن اسان جا تعليمي ادارا‪ E‬ائين‬
‫ئي بند رهندا ۽ نه ئي وري اسان وٽ ان جو ڪو متبادل هوندو ته‬
‫اسان جو مستقبل تباهه ٿي ويندو ۽ بيروزگاري تمام گهڻي وڌي‬
‫ويندي‪.‬‬
‫ٻي پاسي جيڪڏهن حڪومت ڪنهن سافٽويئر ڪمپني کان لرننگ‬
‫مئنيجمينٽ سسٽم ٺهرائيندي ته ڪمپني گھٽ ۾ گھٽ حڪومت کان‬
‫‪ 3‬کان ‪ 5‬لک رپيا آساني سان ڪڍي ويندي‪ ،‬جيڪا سرڪار ال ِء‬
‫ڪا وڏي رقم ناهي پر وري به اهو عوام جي ٽئڪس جو پئسو آهي‪،‬‬
‫جيڪو امانت وانگر استعمال ٿيڻ گهرجي‪ .‬مون ڪورونائي حالتن ۾‬
‫تعليمي تباهي کي ڏسندي ذاتي ڪوششون‪ E‬ڪري لرننگ مئنيجمينٽ‬
‫نالي ويب ايپ ٺاهيو آهي ته جيئن آن الئين تدريسي عمل آسان‬
‫طريقي سان شروع ڪري سگهجي‪ .‬آئون رضاڪاراڻي طور بلڪل‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫مفت ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي کي ان ايپ جي آڇ ڪريان ٿو‪،‬‬


‫اميد ته حڪمران منهنجي ان پيشڪش کي تحسين جي نگاهه سان‬
‫ڏسندا ۽ قبوليت جو شرف بخشيندا‪.‬‬
‫لرننگ مئنيجمينٽ سسٽم ڇا آهي؟ لرننگ مئنيجمينٽ سسٽم هڪ‬
‫اهڙي ويب ايپليڪيشن آهي‪ ،‬جنهن جي ذريعي ڪنهن به اسڪول‪،‬‬
‫ڪاليج يا يونيورسٽي جي تعليم کي مئنيج ڪيو ويندو آهي‪.‬‬

‫اهو ڪيئن ڪم ڪري ٿو؟‬


‫هڪ لرننگ مئنيجمينٽ سسٽم بلڪل ائين ڪم ڪري ٿو جيئن‬
‫ڪالس ۾ شاگردن کي پڙهايو ويندو آهي‪ .‬مثال طور شاگرن کي‬
‫ليڪچر ڏيڻ‪ ،‬شاگردن کي اسائنمنٽ ڏيڻ‪ ،‬شاگردن کان امتحان وٺڻ‬
‫۽ شاگرد جي تعليمي صالحيت کي پرکڻ وغيره جهڙيون سموريون‬
‫خوبيون هڪ لرننگ مئنيجمينٽ سسٽم ۾ موجود هونديون آهن‬

‫لرننگ مئنيجمينٽ سسٽم جا فائدا‪:‬‬


‫استعمال ۾ سئولو‬ ‫‪0‬‬
‫شاگرد ۽ استاد ال ِء الڳ الڳ ڊيشبورڊ جي سهولت‬ ‫‪0‬‬
‫سنڌ جي تعليم آنالئين ٿي ويندي‬ ‫‪0‬‬
‫ڪنهن به وقت ڪهڙي به وقت ڪٿان به ڪوبه شاگرد تعليم‬ ‫‪0‬‬
‫حاصل ڪري سگهندو‪.‬‬
‫گهر ويٺي شاگردن کي ٽاسڪ ڏئي ۽ وٺي سگهبا‪.‬‬ ‫‪0‬‬
‫آنالئين امتحان وٺي سگهبو‪.‬‬ ‫‪0‬‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫‪ 0‬شاگردن جي صالصيت کي پرکي سگهبو‪.‬‬


‫‪ 0‬ڪنهن به موضوع ۾ مونجھارن بابت شاگر سوال جواب‬
‫ڪري سگهندا‪.‬‬
‫‪ 0‬شاگرد جي پروگريس تي نظر رکي سگهبي‪.‬‬
‫‪ 0‬شاگرد ڪيترا ليڪچر ٻڌا‬
‫‪ 0‬شاگرد ڪيتريون اسائمنٽس جمع ڪرايون‬
‫‪ 0‬شاگرد ڪيترن ڪوئز ۾ حصو ورتو‬
‫‪ 0‬شاگرد مونجھارن بابت سوالن جوابن ۾ حصو ورتو‪.‬‬
‫وغيره وغيره‪..‬‬

‫فنڪشنز يا فيچرز ڪهڙا آهن‪.‬‬


‫‪ 0‬شاگردن ال ِء رجسٽريشن جي سهولت‬
‫‪ 0‬استادن ال ِء رجسٽريشن جي سهولت‬
‫‪ 0‬هر ڪالس ۽ سبجيڪٽ درست نموني آرگنائيز ٿيل‬
‫‪ 0‬ايميل نوٽيفڪيشن‪ ،‬وضاحت؟‬
‫‪ 0‬استاد بابت را ِء ڏيڻ جي سهولت‬
‫‪ 0‬گريڊ بڪ ڇا آهي‪ ،‬وضاحت ڪر‬
‫‪ 0‬اسائنمينٽ‬
‫‪ 0‬امتحان‬

‫آڪاش‪!..‬؟‬
‫رزاق عاصي‬
‫آڪاش‪ !!.‬آڪاش ؟؟‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫سنڌي ڊڪشنري چوي ٿي روشن منارو‪.‬‬


‫آسمان‪ ،‬اُڀ‪ ،‬فلڪ يا ڏيئو‪.‬‬
‫رات جي خوف کان خبردار ڪندڙروشني!‬
‫ها آڪاش روشني‪ E‬جي عالمت ۽ علم جوڏيئو آهي‪،‬‬
‫ها آڪاش فلڪ جي هجڻ تي ايمان به آهي‪،‬‬
‫ها آڪاش اونداهه جي خوف ۾ روشني آهي‪،‬‬
‫ها آڪاش فقط آڪاش آهي‪،‬‬
‫آڪاش طالب آهي‪،‬‬
‫آڪاش علم آهي‪،‬‬
‫آڪاش انسان آهي‪!.‬‬
‫اهڙو انسان جنهن درد کي مرڪي َسٺو‪،‬‬
‫اهڙو انسان جيڪو انسانيت جو حامي آهي‪،‬‬
‫اهڙو انسان جيڪو فقط ۽ فقط انسان آهي‪،‬‬
‫آڪاش آهي ڪير؟‬
‫آڪاش آهي ڇو؟‬
‫آڪاش هجي ڇو؟‬
‫آڪاش اڄ پاڻ ۾ ڇو ناهي؟؟‬
‫آڪاش پاڻ سان هجي به ڇو؟؟‬
‫آڪاش پاڻ سان گڏ انڪري به ناهي؟‬
‫آڪاش کي سوال ڪرڻ جي عادت آ‪!!.‬‬
‫آڪاش انڪري به ناهي ته هو َء روشني‪ E‬جي عالمت آ‪!!..‬‬
‫آڪاش هجي به ڇو؟‬
‫هو سوال ٿو ڪري!!‬
‫آڪاش هجڻ به نه گهرجي ‪.‬‬
‫آڪاش پڇندو هو!!‬
‫منهنجو ڀا ُء ڪاشف ٽڳڙڪٿي آهي‪.‬‬
‫اي آڪاش مان اڄ هن رياست کان پڇان ٿو ته آڪاش ڪٿي آهي‪.‬‬
‫اي آڪاش مان اڄ هن رياست کان پڇان ٿو ته آڪاش ڪٿي آهي‪ 28( .‬جون ‪)2020‬‬

‫منهنجو ”موٽو“‪ E‬پٽ ۽ ڀينرون‪..‬‬


‫رزاق عاصي‬
‫نيلم آريجو‪ E‬تون فخرآهين بابا جو‪،‬‬
‫گڏي تون غيرت آهين ڀا ُء جي‪،‬‬
‫نيلم منهنجو‪ E‬موٽو پٽ ۽ سسي َء منهنجي گڏي آهي‪.‬‬
‫تنوير ۽ سورٺ ال ِء ته لکڻ ال ِء ذهن ۾ سوين خاڪا آهن‪.‬‬
‫ڀيڻ افروزڪٽپر به منهنجي وجود ۽ احساسن جو اتساهه آهي‪،‬‬
‫منهنجي اکين جيڪي منظر‪ E‬ڏٺا‪،‬‬
‫سنڌ جيڪي منظر ڏٺا‪،‬‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫ها نيلم آريجو ڇو پئي احتجاج ڪري؟‬


‫ها افروز‪ E‬ڪٽپر جو به ڪو رشتو‪ E‬کنڀيل ناهي‪،‬‬
‫سورٺ ۽ سسي َء جو به هاڻ ڪو ڀاتي مسنگ ناهي!‬
‫هي چريون آهن‪،‬‬
‫هي بي عقل آهن؟‬
‫هي گهران تڙيل آهن؟‬
‫هي وانديون آهن؟‬
‫نه‪ ،‬بلڪل نه!‬
‫پر سچ اهو آهي ته‪ ،‬هي قوم آهن‪،‬‬
‫هي ديس آهن‪،‬‬
‫هي ڌيئرون آهن‪،‬‬
‫هي غيرت آهن‪.‬‬
‫ها اهڙي غيرت جيڪا قومن ۾ هوندي آهي‪،‬‬
‫ها اهڙي غيرت جيڪا قومن کي ايندي آهي‪.‬‬
‫ها اهڙي غيرت جيڪي هي َء ديس جون ڌييئرون آهن‪.‬‬
‫پر اها غيرت مونکي ڪڏهن ايندي؟‬
‫پر اها غيرت توکي ڪڏهن ايندي؟‬
‫ڇا اهڙي غيرت جو ٺيڪو رڳو انهن کنيو آهي‪،‬‬
‫ڇا اهڙي غيرت جو ٺيڪو مان نٿو کڻي سگهان؟‬
‫ڇا اهڙي غيرت جو ٺيڪو مان نٿو کڻي سگهان؟ ( ‪ 27‬جون ‪)2020‬‬

‫سنڌ ڇو خاموش آهين‪!..‬؟‬


‫رزاق عاصي‬
‫اقصي دايو ڪير آهي‪،‬‬
‫ٰ‬
‫افسانا دايو ڪيرآهي‪،‬‬
‫انعم نوتڪاڻي‪ E‬ڪيرآهي‪،‬‬
‫شبانا جوڻيجو ڪير آهي‪،‬‬
‫اندرا جوڻيجو ڪير آهي‪،‬‬
‫هي چريون ڇوڪريون آخر آهن ڪير!؟‬
‫ها! شايد هي ڪنهن باغيرت قوم جون ڌيئرون ناهن‪،‬‬
‫ها! شايد هي منهنجون به ناهن‪!.‬‬
‫ها! شايد هو َء ڪنهنجون به ناهن‪.‬‬
‫ها! جيڪڏهن منهنجون هجن ها‪.‬‬
‫منهنجي گهر ۾ به ماتم هجي ها‪.‬‬
‫شايد قوم جون به ناهن؟‬
‫جيڪڏهن قوم جون به هجن ها ته ماتم برپا هجي ها‪،‬‬
‫محسوس ٿئي ٿو‪ ،‬يا مونکي‪ E‬لڳي ٿو‪!.‬؟‬
‫اقصي دايو ‪،‬‬
‫ٰ‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫افسانا دايو ‪،‬‬


‫انعم نوتڪاڻي‪، E‬‬
‫شبانا جوڻيجو ‪،‬‬
‫اندرا جوڻيجو‪،‬‬
‫هڪ عام رواجي ڇوڪري آهي‪،‬‬
‫هڪ عام راوجي ڌي ُء‪،‬‬
‫هڪ عام رواجي ڀيڻ‪،‬‬
‫هڪ عام رواجي وني‪،‬‬
‫هڪ عام رواجي ما ُء‪،‬‬
‫هڪ عام رواجي سنڌياڻي‪E.‬‬
‫اهڙيون سنڌياڻيون جنهن ال ِء گهرجو ويڙهو‪ E‬ئي دنيا هوندو‪ E‬آهي‪،‬‬
‫اهڙيون سنڌياڻيون جنهن وٽ جديد دور جي جدت فقط خواب‪،‬‬
‫اهڙيون سنڌياڻيون جنهن ال ِء گهر جي چئو ديواري‪ E‬جنم کان مرڻ تائين جي تاريخ‪.‬‬
‫اهڙيون سنڌياڻيون جنهن کي امڙ جي ڏنل اکيئي کان ڪفن تائين سڀ جو سڀ قبول‪،‬‬
‫اهڙيون سنڌياڻيون جنهن کي خواهشن کان وڌيڪ رشتن سان محبت هوندي آهي‬
‫اهڙيون سنڌياڻيون جنهن کي لطيف به جيڪڏهن نه ڳائي ها ته لطيف نه هجي ها!‬
‫اهڙيون سنڌياڻي جيڪا اڪيليون ۽ شايد اڪيليون رهنديون‪،‬‬
‫اهڙيون سنڌياڻيون جيڪي سڀاڻ به اڪيليون هونديون‪،‬‬
‫اهڙيون سنڌياڻيون جن کي اڪيلو رهڻ به گهرجي‪،‬‬
‫اهڙيون سنڌياڻيون جن کي اڪليو ئي مرڻ گهرجي‪،‬‬
‫اهڙيون سنڌياڻيون جن کي اڪيلوئي روئڻ گهرجي‪،‬‬
‫ڪاش‪ ،‬منهنجي ڀيڻ پروين‪ ،‬فاطما‪ ،‬آسيه‪ ،‬ڌي جنت سنڌ ۽ ڪائينات ڀٽي کي به ‪!...‬‬
‫مرتضي‬
‫ٰ‪E‬‬ ‫مرتضي جوڻيجو‪،‬‬
‫ٰ‪E‬‬ ‫انصاف دايو‪ ،‬مسعود شاهه‪ ،‬آڪاش ٽڳڙ‪ ،‬شاهد جوڻيجو‪ ،‬ڪاشف ٽڳڙ‪،‬‬
‫سولنگي‪،‬ڪاشف‪ E‬ٽڳڙ‪ ،‬سهيل ڀٽي‪ ،‬علي ڀٽي‪ ،‬نصيرٿهيم‪ ،‬ايوب ڪانڌڙو‪ E،‬گليشير ٽڳڙ‪ ،‬حفيظ‬
‫پيرزادو‪ E‬سميت هر امڙ‪ ،‬ڀيڻ‪ ،‬ڌي‪ ،‬وني‪ ،‬محبوبه سان گڏ لڙڪ الڙن گهرجن ها‪.‬‬
‫لڙڪ الڙن گهرجن ها‪ 26( .‬جون ‪2020‬ع)‬

‫پياري انعم نوتڪاڻي مونکي‪ E‬خبر آهي‪ ،‬تون اداس هوندين‪ ،‬پر مونکي ڀروسو‪ E‬به آهي ته تنهنجا‬
‫حوصال ان بهادر ڀا ُء محفوظ نوتڪاڻي جهڙا ئي آهن جيڪو‪ ،‬اڄ تنهنجي‪ E‬ويڙهي مان کنڀجڻ بعد‬
‫ٽارچر سيلن ۾ پهچي غير محفوظ ٿي ويو آهي‪ ،‬ڀيڻ انعم نوتڪاڻي تاريخ تنهنجي معصوم‪ E‬ڪلهن ۽‬
‫ذهن مٿان انتهائي وڏي ذميواري‪ E‬رکي آهي‪ ،‬يقينن تون اها ذميواري‪ E‬نڀائندين‪ 24 ( .‬جون ‪)2020‬‬

‫آزادي اسان جو خواب نه پر حق آھي‪ ،‬قومي‪ E‬تحريڪ ۽ سموري قوم‪ E‬کان رڳو هڪ سوال ڪرڻ‬
‫چاهيان ٿو ته جيڪو به قومي ڪارڪن کنڀجي يا شهيد ٿئي ٿو ته صرف‪ E‬ان جا پونئير (وارث) ڇو‬
‫ٿا ڀوڳن‪ ،‬استاد محمد راهمون جي کنڀڄڻ کان پو ِء هن جي گهر ڀاتين پنهنجو چوپايو‪ E‬مال وڪڻي اڄ‬
‫تائين احتجاج کي جاري رکيو‪ E‬آهي‪ ،‬مون سميت سموري‪ E‬قوم ۾ اها اخالقي جرئت ناهي ته سندس‬
‫خاندان جي مدد ڪجي (‪ 31‬ڊسمبر‪)2016 E‬‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫‪2016‬ع خبر ناهي ته ڪيترين اکين کي لڙڪ ڏئي ويو آھي‪ ،‬خبر ناهي ته محبوبه جي ڀاڪر ۾‬
‫ڪنهنجا ڪيترا حسين لمحا يادن جي ڊائري جو حصو بڻجي تاريخ جو ڪو باب بڻجي ويا هوندا‪،‬‬
‫پر هي سال منهنجي ڀيڻ سنيتا راٺوڙ‪ E‬ال ِء به ساڳيو‪ E‬اذيتون ڏيندڙ‪ E‬سال رهيو‪ ،‬هي سال منهنجي ڌي ُء‬
‫آزادي راهمون جي بابا استاد راهمون راجا منگي‪ ،‬ذاڪر بوزدار‪ E‬۽ ٻين قوم جي وارثن ال ِء به‬
‫جالد جهڙو‪ E‬ثابت ٿيو آهي‪ ،‬هن سال به شهيد سرويچ پيرزادي‪ ،‬شهيد ضامن شاھ‪ ،‬شهيد پريل شاھ ۽‬
‫ان کان اڳ سنڌ ال ِء سر ڏيندڙن سمورن شهيدن جي وارثن ال ِء آزادي جا خواب ڏسندي‪ E‬ئي گذريو‪E‬‬
‫آهي‪ ،‬پر هڪ سڄ لهڻ سان سنڌ ڪڏھن به خاموشي جي قبر ۾ ڪو نه لهندي‪ ،‬ڇو جو منهنجي ٿر‬
‫کان ويندي سموري سنڌ پنهنجي حقن جي حاصالت ال ِء جدوجهد‪ E‬جي عملي ميدان ۾ آھي‪ ،‬ويساھ‬
‫آهي ته سنڌ خاموش نه ٿيندي نه رهندي‪ .‬جيئي سنڌ‪،‬‬
‫الوداع ‪ 2016‬ع جا لهندڙ سج‪ 31( .‬ڊسمبر ‪)2016‬‬

‫اعتراض اهو ناهي ته ثقافت ڏھاڙو ڇو ملهايو ٿو وڃي‪ ،‬پر اسان کي ڏک ان ڳالھ جو آهي ته هي‬
‫ڏهاڙو هڪ تحريڪ طور رڪارڊ ڇو نٿو ڪرايو وڃي‪ ،‬سنڌ جي ڪيترين امڙين جا پٽ رياستي‪E‬‬
‫عتاب هيٺ آهن‪ ،‬بن قاسم‪ E‬جهڙي ڀڙوي کي اڄ به رياست هيرو طور‪ E‬پيش ڪري پئي‪ ،‬پر اسان قوم‬
‫جي نئين نسل ٻڌائي ناهيون سگهيا ته راجا ڏاهر اسان جو اصل هيرو آهي‪ ،‬منهنجو‪ E‬خيال آهي ته‬
‫هر سال اسان کي ثقافتي ڏھارو‪ E‬ڪنهن نه ڪنهن موضوع جي سري هيٺ ملهائڻ گهرجي‪ ،‬جنهن ۾‬
‫سنڌي ٻولي کي قومي‪ E‬ٻولي جو درجو‪ E‬ڏيارڻ‪ ،‬قومي‪ E‬ڪارڪنن جي کنڀڄڻ خالف احتجاج‪ ،‬يا وري‬
‫مذهبي انتهاپسندي‪ E‬کي روڪڻ ال ِء يا کڻي سنڌ وطن جي آزادي جهڙو مطالبو‪ E‬اسان جو مقصد هجي‬
‫باقي مون جيان قلندر‪ E‬جي ڌمالن تي نچڻ فضول آهي‪ 3( ،‬ڊسمبر ‪)2016‬‬

‫قوم پنهنجي گهرن مان پنهنجا پنهنجا ٻچڙاکنڀجڻ جوانتظارنه ڪري‪،‬جڏهن کنڀجڻ پو ِء اٿي‪ ،‬هر‬
‫کنڀيل کي پنهنجوسمجهي اٿو‪،‬نه ته الش مقدرهوندا‪ 24( E.‬جون ‪)2020‬‬

‫عظمت کي سجدو‪!E‬‬
‫رزاق عاصي‬
‫تون! ڌي َء‪ ،‬ڀيڻ سميت منهنجي احساسن جو‪ ،‬هر مقدس رشتو آهين‪.‬‬
‫تون لطيف جي سرن جي سورمي کان ويندي سيد جي سنڌ جو احساس به آهين‪،‬‬
‫منهنجي ڀيڻ سنڌو امان‪ ،‬ڀيڻ گڏي(سسي َء لوهاري) ڌي ُء تنوير آريجو‪ ،‬شازيا‪ E‬چانڊيو سميت ٻيون‬
‫ڌيئرون پنهنجو مٽ پاڻ آهن‪.‬‬
‫پر‪ ،‬ڀيڻ سورٺ لوهار تنهنجو قوم‪ E‬سان گڏ بيهڻ قوم‪ E‬جو حوصلو آهي‪.‬‬
‫تنهنجي عظمت کي سجدو‪ E‬واجب به آهي ۽ ڪرڻ به گهرجي‪.‬‬
‫تون رڳو سنڌ جي روائتي‪ E‬عورت نه پر اتساهه آهين‪.‬‬
‫اي سنڌ جي سورمي توکي لکين سالم‪.‬‬
‫منهنجي ڀيڻ توکي ڪروڙين سجدا‪،‬‬
‫منهنجي ڀيڻ توکي ڪروڙين سجدا‪،‬‬

‫درد جي سالگرهه‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫پنهنجي زندگي ۾مون ڪيترين سالگرهه جون واڌايون لکيون آهن‪ ،‬پر اڄ جنهن معصوم‪ ،‬محبوب‬
‫۽ بابا جي دلبر جي جبري گمشدگي‪ E‬جو هڪ سال پورو‪ E‬ٿيڻ تي هي َء لفظ لکي رهيو آهيان ته‬
‫منهنجي دل‪ ،‬منهنجو ذهن‪ ،‬منهنجو روح ۽ هواس الڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي‪ E‬۽ اداس اڱڻ ۾ موجود‬
‫آهن جنهن اڱڻ ۾ مون زندگي جا صرف‪ 2 E‬ڪالڪ گذاريا آهن‪ ،‬انهن لمحن جهڙا مون زندگي ۾‬
‫درد جي انتها جهڙا پل شايد ڪڏهن به گذاريا ناهن‪ .‬منهنجي اکين جي سامهون هڪ بيمار ما ُء‬
‫جون اوسيئڙي‪ E‬۾ اوجاڳيل ۽ ڀينرن جون لڙڪ الڙيندڙ‪ E‬اکيون هيون‪ .‬گهر جي هڪ ڪمري گهوٽ‬
‫پٽ جا موڙ‪ ،‬ميندي‪ ،‬ڳانا سڄايل هئا‪ .‬انهن منظرن کي ڏسي منهنجي‪ E‬دل جهري پئي هئي‪.‬‬
‫اهي منظر منهنجي ڌي شازيا چانڊيو‪ E‬جي گهر جا هئا‪ ،‬جنهن جي اڱڻ تي ‪ 30‬مئي ‪ 2018‬ع تائين‬
‫رڳو خوشيون رقص ڪنديون هيون‪ ،‬پر دادلي ڀا ُء عاقب چانڊيي (بابا جي دلبر) جي کنڀڄڻ بعد‬
‫هي َء ويڙهو ويران آهي‪ .‬هاڻ جڏهن آزادي پنهنجي ماما جي گهر پهچي ٿي ته هن کي ڀاڪر ۾‬
‫ڀري پيار ڪرڻ ال ِء ماما عاقب موجود‪ E‬ناهي هوندو‪ E،‬ڀيڻ رقعيا‪ E‬جون سماعتون ته آپي جو لفظ ٻڌڻ‬
‫الء سڪن ٿيون ته هو َء سڏڪي پوندي آهي‪ ،‬فضا کي پيار ڪندڙ ڀا ُء جڏهن ڏسڻ ۾ ناهي ايندو ته‬
‫هن جون به اکيون آليون ٿي پونديون آهن‪ ،‬هو َء جهوني‪ E‬ما ُء جنهن جي مقدر ۾ هاڻ بيماري جي‬
‫بستري تي پنهنجي سڪيلڌي پٽ عاقب چانڊيي کي ساري سڏڪن‪ .‬لڙڪن ۽ راتيون جاڳڻ کانسوا ِء‬
‫ڪجهه به بچيو ئي ناهي‪.‬‬
‫ڌي شازيا‪ E‬چانڊيو اڄوڪي ڏينهن (‪ 30‬مئي ) تي هڪ سال اڳ توکان پيارو ڀا ُء جبري‪ E‬کنڀي گم‬
‫ڪيو ويو‪ E‬آهي‪ .‬پر تون دل نه الهي‪ ،‬هاڻ پنهنجا لڙڪ اگهي ڇڏ‪ ،‬منهنجي‪ E‬امڙ کي وڏو ڀاڪر ڀري‬
‫اهو آٿت ڏئي ڇڏ ته هاڻ دل چوي ٿي ته تمام جلد تنهنجو‪ E‬گهوٽ ڀا ُء تنهنجي ڀاڪر ۾ هوندو‪ .‬تنهنجو‬
‫اوسيئڙو‪ E‬به جلد ختم ٿيندو‪ .‬تون ڌي ُء آهين تنهنجو‪ E‬۽ منهنجو‪ E‬درد به هڪ آهي‪ .‬اتفاق آهي اڄ‬
‫تنهنجي درد جي سالگرهه آهي ۽ منهنجي درد جي واڌاري جو ڏڻ انڪري آهي ته ساڳي ڏينهن (‬
‫‪ 30‬مئي) تي ‪ 27‬سال اڳ مونکي پنجاب منهنجي ڳڀرو ڀا ُء شهيد نواز عاصي (محمد نواز ڀٽي) جو‬
‫الش ڏنو هو اڄ هن جي ورسي‪ E‬آهي‪ :‬رزاق عاصي‬
‫(‪ 30‬مئي ‪ 2019‬پوسٽ)‬

‫نصير ٿهيم به کنڀي گم‬


‫هي نوجوان نصير ٿهيم آهي‪ ،‬جنهن تعلق اصل نصيرآباد سان آهي پر سندس سمورو‪ E‬ڪٽنب‬
‫روزگار‪ E‬سانگي ڪراچي جي سچل ڳوٺ ايف بالڪ ۾ رهائش پذير آهي‪ ،‬رات جي رهزنن هن‬
‫نوجوان کي ساڳي رات کنڀي گم ڪيو جنهن رات علي ڀٽي کي چيپل سن سٽي مان کنڀي گم ڪيو‬
‫هو‪ ،‬نصير ٿهيم هڪ باشعور‪ E‬قوم دوست انسان آهي‪ ،‬جيڪو پورهيو‪ E‬ڪري ڪٽنب جو پيٽ پالي‬
‫ٿو‪ ،‬اسين گهر ٿا ڪيون ته نصير ٿهيم کي فوري طور‪ E‬آزاد ڪري وارثن جي بيچني ختم ڪئي‬
‫وڃي‪.‬‬

‫سنڌ سان ظلم جي ڪٿا چند لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڪنهن جي به وس ۾ ناهي‪ ،‬سنڌ يونائيٽيڊ‪ E‬پارٽي سنڌ‬
‫حڪومت جي ڪرپشن‪ ،‬مذهبي انتهاپسندي‪ E‬خالف سنڌ جي اجتماعيت جو پاور شو ڏيکاري اهو‬
‫ثابت ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪرپشن جي ڪري سموري‪ E‬سنڌي قوم ڪرپٽ نه سمجهيو‪E‬‬
‫وڃي‪ ،‬سيد جالل شاهه جو موقف‪ E‬تمام اثرائتو‪ E‬آهي‪ ،‬جنهن جو نه رڳو ملڪي ادارا توڙي‪ E‬عالمي‬
‫ڌريون به نوٽيس وٺن‪ ،‬سنڌ مارچ ۾ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جو به ذڪر ٿيو پر‬
‫جيڪڏهن اهو نقطو سنڌ مارچ جي ايجنڊا ۾ شامل هجي ها ته اڃا بهتر هو‪ .‬سڄي سنڌ ۽ سموري‪E‬‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫قوم سميت خاص طور تي ايس يو پي سربراهه سيد جالل شاهه سميت ايس يو پي جي سموري‪E‬‬
‫قيادت کي سنڌ جي گادي واري‪ E‬شهر ۾ ڌرتي جي مالڪي ال ِء سگهارو‪ E‬آواز اٿارن تي لک لک‬
‫وڌايون‪ ( .‬رزاق‪ E‬عاصي )‬
‫‪ 20‬آگسٽ ‪2017‬‬

‫پريل شاهه جي سنڌ سان پريت‬

‫رزاق عاصي‬

‫سنڌ صدين کان پنهنجي وجود‪ E‬جي جنگ وڙهڻ ۾ مصروف‪ E‬آهي‪ ،‬سنڌ جي خمير ۽ ضمير جو به‬
‫ڌرتي َء ۽ ڌڻين سان جيڪو وچن ورجائڻ وارو عمل کين مقتلن تائين پهچائي پيو‪ 17 ،‬آڪٽوبر تي‬
‫هڪ جهوني آواز اهيو اطالع ڏنو هو ته ” او صحافي‪ E‬ڇوڪرا منهنجو پٽ چون ٿا کنڀي گم ڪيو‬
‫ويو آهي؟ ڇا توهان وٽ اهڙي ڪا خبر پهتي؟ “ اهيو آواز هن ارڏي نوجوان پريل شاهه جي پي ُء‬
‫بچل شاهه جو هو جنهن جا ڪمزور ڪلها ۽ بهادر دل ان کان اڳ ‪ 15‬آگسٽ ‪ 2013‬تي پنهنجي‬
‫ڳڀرو پٽ شهيد ضامن شاهه جو الش کڻي چڪا هئا‪.‬‬
‫اهو پريل شاهه دعا‪ ،‬مريم ۽ درشهوار‪ E‬جو بابا هيو جنهن جو انتظار‪ E‬انهن ‪ 21‬ڏينهن تائين ان‬
‫ڪري ڪيو ته شايد هو موٽي اچي ائين ئي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري سندن رخسارن تي مٺيون ڏيندو‪E‬‬
‫جيئن هو هميشه ڪنهن سفر تان موٽي کين پيار ڪندو پر اڄ سندس وجود بي ساهو آهي هو وجود‬
‫جيڪو سنڌ جي عشق ۾ پنهنجو‪ E‬پاڻ فنا ڪري تاريخ جي صفن ۾ هميشه ال َء امر ٿي ويو‪ ،‬پريل‬
‫شاهه ڪير هو هن جو ڏوهه ڇا هيو اهيو پاڻ مرادو عدالتون قائم ڪري اذيتون ڏئي قتل ڪندڙ ته‬
‫سمجهي نٿا سگهن پر سنڌي سماج ان جي ڪردار تي ناز ڪندو‪ ،‬بچل شاهه جي ڪٽنب جي ٻن‬
‫ڏنگن ٻارن ضامن شاهه ۽ پريل شاهه کي آ ُء پنهنجي وجود‪ E‬جيان سڃاڻان ٿو‪ ،‬هنن سان ڊگها بحث ۽‬
‫ڪچهريون به ٿيون پر هنن کان جڏهن به موڪاليو ته هنن سن جي سيد ۽ سندس فڪر جا حواال‬
‫ڏئي مطمعين ڪري ثابت ڪيو ته هو سچا ديس ڀڳت آهن‪ ،‬هنن ال ِء سنڌ ۽ سنڌيت عظيم هئي‪ ،‬هو‬
‫پنهنجي ذات ۾ هر لوڀ اللچ کان مٿانهان هيا‪.‬‬
‫پاڪستان ۾ جيڪو قانون کان مٿانهان ظلم ٿي رهيا آهن انهن جو ڪٿي به دنگ نٿو ٿئي‪ ،‬هن ڳڀرو‬
‫جي کنڀجڻ کانپو َء وارث مسلسل احتجاج ڪندا رهيا ۽ عدالتن جي نوٽيسن باوجود قاتلن قانون کان‬
‫بي ڊپو ٿي وري به چچريل الش رحيم يار خان جي ڪوٽ سبزل ٿاڻي حوالي ڪري وارثن کي‬
‫اطالع ڪرڻ جو چئي پنهنجي صفاڪيت جو مظاهرو‪ E‬ڪيو‪ ،‬پر کين شايد اهيو علم ناهي‪:‬‬
‫تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي‪ ،‬اعالن هزارين مان نه رڳو‬
‫سنڌ ۾ ويجهي ماضي ِء ۾ ئي شهيد سميع هللا ڪلهوڙي‪ E،‬سرائي قربان کهاوڙ‪ ،‬مظفر ڀٽي ۽ ديوان‬
‫پريم کان وٺي شهيد شڪيل کونهاري‪ E‬تائين ڪيترن ئي ماڻهن کي کنڀي تشدد ڪرڻ بعد سندن‬
‫چچريل الش اڇالئڻ جا واقعا ٿي چڪا آهن‪ ،‬۽ اڄ به آصف پنهور‪ ،‬روحيل لغاري کان وٺي وحيد‬
‫الشاري ِء تائين ڪيترائي نوجوان کنڀي گم ڪيل آهن پر ان تي انصاف جي ديوي اهڙي ته چپ‬
‫آهي ڄڻ ڪو به ظلم کيس ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچي ۽ وڏي افسوس‪ E‬جي ڳالهه ته اها آهي ته منهنجي‬
‫سموري‪ E‬قوم به ان زيادتين جو پاڻ مرادو نوٽيس نٿي وٺي خبر ناهي اسان ڇو اهيو وساري ويٺا‬
‫آهيون ته مٽي َء تي ڪريل پريل شاهه جو الش سنڌ کي ملندڙ آخري الش ناهي جيڪڏهن هن‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫سٻاجهڙي‪ E‬قوم ان جو نوٽيس نه ورتو ته ان جا ِء تي هو ڳڀرو به ڪسجي سگهن ٿا جيڪي پنهنجي‪E‬‬


‫گهرن کان ڏور ڪنهن اڻڄاتل هنڌ سنڌ سان محبت جي ڏوهه ۾ يرغمال بڻايل آهن‪،‬‬
‫بحرهال سنڌي سماج کي هاڻ اک پٽڻ جي ضرورت آهي اسان جيتريون الزام تراشيون هوٽلن ۽‬
‫ڪچهرين ۾ ويهي قومي لڏي تي ڪندا آهيون جيڪڏهن دل تي هٿ رکي انهن جي انهن شهادتن‬
‫کي موٽ ڏيون ته شايد هي قتل عام رڪجي سگهي ٿو‪ ،‬ضرورت‪ E‬ان سوچ جي آهي ته هي ڳڀرو‬
‫محبوبائن جي ڀاڪرن کان وڌيڪ سنڌ جي عشق کي عظيم سمجهن ٿا جيڪڏهن سماج انهن جي‬
‫پوتر پريم کي سمجهي سندن ئي حقن ال ِء آواز اٿاريندڙ‪ E‬جوڌن سان گڏ بيهي ته ڪيترائي زور‪ E‬آور‬
‫پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا ‪:‬‬
‫ڏکيون جان نه مڙن‪ ،‬تان تان ڀنڻ نه ٿئي‬
‫اسان کي ڀٽائي جي ان فلسفي کي به سمجهڻو پوندو‪ E‬۽ سن جي هن جهوني‪ E‬ديش ڀڳت جي پيغام تي‬
‫به ويچارڻو‪ E‬پوندو‪ ،‬اسان ڇا ٿا گهرون صرف‪ E‬پنهنجا قانوني‪ E‬۽ انساني حق جيڪي اسان جا ازلي‬
‫حق آهن اسان جون خواهشون به بس اهي ئي آهن ته ‪:‬‬
‫برابري سراسري اسان گهرون ٿا ايتري‬
‫پڇي کڻي ڪو ڪيتري‪ ،‬اسان ٻڌايون هيتري‬
‫آزاد قوم‪ E‬جيتري‪ ،‬آزاد قوم‪ E‬جيتري‬
‫(‪ 8‬نومبر‪ 2018 E‬عوامي آواز )‬

‫روشنين جي شهر مان‬


‫نقيب هللا قتل ڪيس‪ ،‬رائو انوار ۽ سنڌ جو درد‬
‫رزاق عاصي‬
‫حقيقت به اها آهي ته جهڙي ريت ملڪ ۾ امن امان جي فضا قائم‪ E‬ڪرڻ يا ڪرائڻ خاطر ملڪي‬
‫سرحدن کان ويندي‪ E‬شهرن توڙي‪ E‬واهڻ وسندين تائين رياست سيڪيورٽي يا فورسز‪ E‬ادارن جي‬
‫اهلڪارن کي بندوقون ڏئي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ٿاڻن‪ ،‬چيڪ پوسٽن ۽ وک وک تي بيهاري‬
‫ڇڏيوآهي‪ .‬اهڙي حالتن مان نه رڳو ملڪ ۾ رهندڙن سان گڏوگڏ عالمي سطح تي به اهو ئي‬
‫محسوس ڪيو پيو وڃي ٿو ته پاڪستان جون حالتون حالت جنگ ۾ آهن‪.‬‬
‫هاڻ هتي سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ٿو ته ڇا اهو سچ آهي جيڪو عام ماڻهو‪ E‬توڙي دنيا ڏسي رهي آهي‪.‬‬
‫مون اڄوڪو هي ڪالم هڪ ته مٿين عنوان ۽ ٻيو وري پهرين پيرا ۾اٿاريل سوال جو جواب‬
‫ڳولهڻ جي ڪوشش ۽ مقصد ال ِء ئي لکڻ سوچيو‪ E‬آهي‪ ،‬ڇو جو هڪ طرف رياست چوي ٿي ته‬
‫اهي سمورا‪ E‬هٿيارن سان وک وک تي بيهاريل سپاهي اسان (عوام) جي حفاظت ال ِء مقرر ڪيل‬
‫آهن‪ ،‬پرملڪ جا هي سپاهي اسان جي ڪيتري ۽ ڪهڙي ريت حفاظت ڪري رهيا آهن‪ .‬اهو‬
‫جائزو وٺڻ اسان کان وڌيڪ رياست جي ذميواري آهي پر رياست ڪيتري قدر پنهنجي‪ E‬جوڙيل‬
‫عسڪري ادارن ۽ فورسز‪ E‬قانونن توڙي ضابطن جو جائزو وٺندي آهي‪ ،‬اهو اسين ملڪ ٺهڻ کان‬
‫ڏسندا پيا اچون‪ ،‬اسان جي ٽهي جنهن عمر ۾ هاڻ پهتي آهي هن کان اڳ ان وقت جو جوان نسل‬
‫جيڪو هاڻ يا ته ملڪ جي عمر جيتري عمري رکي ٿو يا وري جن اهو ملڪ پنهنجي اکين آڏو‬
‫ٺهندو ڏٺو ‪ ،‬سندس ڪچهرين مان به اهو ئي محسوس‪ E‬ٿئي ٿو ته هن رياست ۾ ڏاڍو سو گابو وارو‪E‬‬
‫قانون رائج آهي‪ ( ،‬شايد رهندو‪ E‬به )‬
‫نقيب هللا جي عدالتن کان مٿانهين ڪيس ۽ رائو انوار جي پوزيشن توڙي هن جي بااثريت بابت ڊان‬
‫نيوز لکيو آهي ته‪ ” :‬رائو انوار کي طاقتور‪ E‬ترين پوليس آفيسر سمجهيو‪ E‬ويندو آهي‪ ،‬جنهن کي‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫طاقتور‪ E‬ادارن جي پٺڀرائي رهي آهي‪ .‬سنڌ پوليس جي حلقن موجب سندس پوليس کاتي ۾ مقرري‬
‫هڪ مقتدر ترين شخص سان ويجهڙائپ جو نتيجو آهي‪ .‬گذريل ڏهن ورهين ۾ ملير ۾ هوندي‪E‬‬
‫سندس مٿان ڪوڙن مقابلن‪ ،‬زمين تي قبضن‪ ،‬ريتي بجري جي چوري‪ E‬جا الزام لڳندا رهيا آهن‪.‬‬
‫االئي ڪيترا ڀيرا هو اهڙن الزامن سبب معطل ٿيندو رهيو آهي‪ .‬موجوده معطلي تي به رائو انوار‬
‫جو چوڻ آهي ته سندس معطلي‪ E‬سان ناڪاري اثر پوندا‪ ..‬ايستائين جو واقعي جي جاچ ڪميٽي جي‬
‫سربراهه ثنا ُء هللا عباسي تي به اعتراض واريندي مٿس پوليس آفيسرن کان من پسند بيان وٺڻ جو‬
‫الزام به هنيو اٿائين‪ .‬رائو انوار جو ڪيريئر پڄاڻي جي ويجهو آهي‪ ،‬سندس رٽائرمينٽ‪ E‬۾ باقي‬
‫ڪجهه مهينا بچيا آهن پر تازن مقابلن تي اٿاريل سوالن کان پو ِء لڳي ٿو ته رائو انوار وڏي پيماني‪E‬‬
‫تي ڦاسي‪ E‬چڪو آهي‪ ،‬ڏسڻو اهو آهي ته مقتدر شخصيتون کيس هن ڀيري به سندس عهدي تي بحال‬
‫ڪرائي ٿيون وٺن يا نه‪ .‬پر جيڪڏهن بحال ٿئي ٿو ته ڇا عوامي رد عمل‪ ،‬حڪومت کي ايئن‬
‫ڪرڻ ڏيندو‪ .‬ان حوالي سان اهم ڳالهه اها آهي ته ماضي ۾ ته رائو انوار‪ E‬کي مقتدر حلقا بچائيندا‬
‫رهيا آهن پر هن ڀيري صورتحال ان لحاظ کان مختلف آهي جو آ ِء جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ سنڌ ۾‬
‫سياسي اثر رسوخ رکندڙ شخصيت جي وچ ۾ سرد جنگ هلي رهي آهي ۽ ان کان به وڌيڪ‬
‫دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان ڪيس جي جاچ مقتدر حلقن بدران آ ِء جي طرفان ٺاهيل ڪميٽي‬
‫ڪري رهي آهي‪ .‬ايندڙ وقت ئي اهڙن سوالن جو جواب ڏيندو‪E“.‬‬
‫انسپڪٽر جنرل سنڌ اي ڊي خواجا سان سنڌ سرڪار جا الڳاپا ڪي بهتر نه رهيا آهن ۽ ڪيترا ئي‬
‫ڀيرا هن کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ملير ضلعي کي ته ائين محسوس ڪيو ويو‪ ،‬ڄڻ سنڌ‬
‫پوليس جي حدن ۽ اختيارن هيٺ اهو ضلعو اچي ئي نٿو ۽ آ ِء جي سنڌ جي آڏو ڄڻ ايس ايس پي‬
‫ملير جوابده به ناهي‪ .‬ان کي مقافات عمل چئجي جو ويندي‪ E‬ويندي اي ڊي خواجا جي سچائي کي‬
‫فطري تحفو مليو (جڏهن ته آ ِء جي سنڌ کي هٽائڻ جو ذري گهٽ فيصلو ٿي چڪو آهي) پر نقيب‬
‫هللا جي مبينا مقابلي ۽ عدالت کان مٿانهين قتل رائو انوار جي جهنگ واري قانون تان پردو هٽائي‬
‫ڇڏيو آهي‪ .‬هڪ پوليس آفيسر جيڪو ‪ 85‬ارب رپين جي مني النڊرنگ ۾ ملوث هجي هن جا‬
‫ڪرتوت ۽ هن ۾پئسو ڪمائڻ جو حرس ڪيترو هوندو يا پئسي ال ِء هو ماڻهن ڪهڙي حد تائين‬
‫وڃي سگهي ٿو ان جو ثبوت نه رڳو نقيب هللا جو قتل آهي پر ڪراچي جي ملير ضلعي جي قبضي‬
‫هيٺ آيل اها زمين به آهي جيڪا بلڊرن کي وسندڙ وسنديون ڊاهي ڏني وئي‪ .‬جنهن جو ڪو به داد‬
‫فرياد نه ٿيو ۽ نه وري متاثر‪ E‬ماڻهن سان ڪو انصاف‪ E‬ٿي سگهيو‪ .‬هن ملڪ ۾ هر ڏوهاري ال ِء سزا‬
‫جا عجيب پئمانا آهن‪ ،‬هتي ڪڪڙ چور ته فوري طور‪ E‬گرفتار‪ E‬ٿي سزا ڪاٽي ٿو پر سڄي سماج‬
‫کي ڪڪڙ جيان ذبح ڪندڙن کان ڪو به پڇاڻو نٿو ٿئي‪ ،‬نقيب هللا بابت هاڻ ڇا ٿيندو ۽ ڇا ٿيڻ‬
‫وارو آهي‪ ،‬اهو فيصلو به اهي طاقتور‪ E‬ڌريون ۽ وقت ڪندو‪.‬‬
‫هاڻ هڪ طرف‪ E‬ميڊيا پوليس جي اهڙي عمل کي نندي رهي آهي ته ٻئي پاسي عوام جو ردعمل به‬
‫اهڙين ڪاررواين خالف وڌي رهيو آهي‪ ،‬ڇو جو سنڌ ۾ هاڻ بلوچستان بعد جيڪي حالتون آهن ان‬
‫۾ خاص طور‪ E‬ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ واريون ڪارروايون وڏي تيزي‪ E‬سان وڌي رهيون آهن‪.‬‬
‫هاڻ حالتون اهي آهن جو سياسي ڪارڪنن سميت سنڌ مان ليکڪ‪ ،‬شاعر‪ ،‬اديب ۽ پبلشر به گم‬
‫آهن‪ .‬پر اسان جي ميڊيا (خاص طور نام نهاد قومي ميڊيا) وٽ به هر مسئلي ۽ خبر کي پرکڻ جا‬
‫پنهنجا ئي ماپا آهن‪ .‬جهڙي ريت نقيب هللا محسود دهشت گرد نه هو اهڙي ريت قومي سياست‬
‫ڪندڙ ڪارڪن ۽ قومي‪ E‬حقن جي ڳالهه ڪندڙ به دهشتگر ناهن‪ ،‬جيڪڏهن سنڌ مان کنڀي گم‬
‫ڪيل ڏوهاري آهن ته انهن کي عدالتن ۾ آڻي به ڏوهاري‪ E‬ثابت ڪري سگهجي ٿو‪ .‬پر اهڙو آواز‬
‫اسان جي قومي‪ E‬ميڊيا تي ڪڏهن به ناهي اٿي سگهيو‪ .‬اهو آواز ڇو نٿو اٿي‪ ،‬ان ازلي آواز کي‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫روڪڻ جي پويان ڪهڙا اڻ ڏٺل هٿ آهن‪ ،‬ان جو پتو لڳائڻ ايترو مشڪل ناهي جيترو‪ E‬مشڪل‬
‫هن ملڪ ۾ سچ چوڻ آهي‪ ،‬ڇا ورهين کان پنهنجي پيارن ال ِء هڪ ٻئي پويان سنڌ ۽ ملڪ جي‬
‫معني نٿا رکن‪ .‬هر ڏينهن سنڌ ۾ ڪٿي ڪو نقيب هللا محسود‬ ‫ٰ‬ ‫پريس ڪلب آڏو ٿيندڙ احتجاج ڪا به‬
‫مارجي يا کنڀي رهيو آهي‪ .‬اهڙي حالتن ۾ هر ڪرندڙ الش سان انصاف به نقيب هللا جي قتل‬
‫وانگي هڪ ٿي ڏياريو‪ E‬وڃي ته بهتر ٿيندو‪ E.‬ڇو جو رياست هر فرد جي ما ُء آهي هو پنهنجا ٻچا‬
‫مارڻ بجا ِء انهن جي حياتي بچائي ان سان نه رڳو عالمي دنيا کي رياست پنهنجو سهڻو چهرو‬
‫ڏيکاري سگهي ٿي‪ .‬ٻيو اهو ته جيستائين ملڪ مان ڏاڍو سو گابو وارو‪ E‬خانگي قانون ختم نه ٿيندو‬
‫تيستائين ملڪي قانون پنهنجي آئيني رٽ قائم ڪري نه سگهندو‪.‬‬
‫(‪ 22‬جنوري‪ 2018 E‬عوامي آواز)‬
‫روشنين جي شهر مان‬
‫گم ڪيل قومي‪ E‬ڪارڪن ۽ سينيٽ ۾ اٿاريل آواز‬
‫رزاق عاصي‬
‫سنڌ مان وڏي‪ E‬عرصي کان قومي‪ E‬ڪارڪن کنڀي گم ڪري کين مهينن ڇا پر ورهين تائين به الپتا‬
‫رکيو وڃي ٿو‪ .‬اهڙي عمل خالف نه رڳو‪ E‬سنڌ پر سڄي ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ به احتجاج ٿين ٿا پر‬
‫اعلي عملدار‬
‫ٰ‬ ‫اهڙن احتجاجن کي رياست ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي پئي آئي آهي‪ .‬ان سان گڏوگڏ پوليس ۽‬
‫به پنهنجي‪ E‬ٿاڻن جي حدن مان گم ڪيل ماڻهن جي گمشدگي‪ E‬کان هميشه التعلقي جو اظهار ڪندي‬
‫نظر ايندا آهن‪ ،‬جنهن سبب کنڀي گم ڪيل ماڻهن جا ڪٽنب مايوس ۽ ٻڏتر جو شڪار رهن ٿا ۽‬
‫هنن جي وس وسن ۾ پڻ اضافو‪ E‬ٿيندو رهيو آهي ته الئه سندس پيارا زندهه به آهن يا کين ماري‬
‫ڪٿي چچريل الش جي صورت ۾ اڇاليو ويو آهي‪.‬‬
‫اهڙي صورتحال ۽ مسلسل احتجاجن ۽ تازو سنڌ هيومن رائيٽس آرگنائيزريشن‪ E‬۽ وائيس فارمسنگ‬
‫پرسن جي حيدرآباد کان ڪراچي تائين ڪيل النگ مارچ بعد اڱاري‪ E‬ڏينهن سينيٽ ۾ پ پ جي‬
‫سينيٽر ۽ سينيئر جيالي تاج حيدر رٿ پيش ڪندي اهو مو قف اختيار ڪيو آهي ته آ ِء ايس آ ِء ۽ ايم‬
‫آ ِء ماڻهو کنڀي گم ڪري رهيون آهن‪ ،‬جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته ادارا پارليامينٽ جي ماتحت‬
‫ناهن ۽ اهڙيون ڪارروايون اسان کي ڪنهن به صورت برداشت ناهن‪ .‬تاج حيدر هڪ اها به اهم‬
‫ڳالهه ڪئي ته قومپرست‪ E‬پارٽين سان اختالف آهن پر سندن ماڻهو گم ڪرڻ سٺو عمل ناهي‪ .‬اها‬
‫انساني حقن جي کليل لتاڙ آهي‪.‬‬
‫سينيٽ ۾ ٿيل بحث ۽ انساني همدردي‪ E‬سان نه رڳو کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي پونيئرن کي‬
‫آٿت ملي آهي پر ان سان گڏوگڏ پ پ کي سنڌ مان ايندڙ وقت ۾ عوامي حمايت ملڻ جي به اميد‬
‫ڪري سگهجي‪ E‬ٿي‪ .‬اسان هن خيال جا آهيون ته هر ماڻهو کي پنهنجي‪ E‬سياسي نظريي توڙي‪E‬‬
‫پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ جي انساني‪ ،‬اخالقي ۽ قانوني‪ E‬اجازت هجڻ گهرجي ۽ ملڪي قانون‬
‫موجب به هر ماڻهو کي اظهار جي آزادي جو حق به مليل آهي ۽ اهڙي شق رياست جي آئين ۾ به‬
‫موجود آهي‪.‬‬
‫سنڌ مان سياسي‪ E‬ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جي روايت ڊگهي عرصي کان هلندي پئي اچي‪،‬‬
‫تازين ڪاررواين ۾ ‪ 64‬ماڻهو گم ڪيل آهن‪ ،‬جنهن ۾ سهيل ڀٽي کي ‪ 2‬سال‪ ،‬مجيب چولياڻي‪ E‬کي ‪9‬‬
‫مهينا‪ ،‬نديم سيال کي ‪ 1‬سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو‪ E‬آهي‪ .‬فضيال سرڪي کي ‪ 8‬سال‪،‬‬
‫عمران جوکيو کي ‪ 6‬سال ٿي ويا آهن‪ .‬جڏهن ته صابر چانڊيو‪ ،‬انصاف دايو‪ ،‬مختيار عالماڻي‪،‬‬
‫ليکڪ غالم رضا جروار‪ ،‬سيف جتوئي‪ ،‬سجاد شاهه‪ ،‬محمد خان وگهيو‪ ،‬هدايت لوهار‪ ،‬خادم‬
‫آريجو‪ ،‬شبير آزاد بليدي‪ ،‬سني ڪاڪيپوٽو‪ ،‬اعجاز ڳاهو‪ ،‬هللا وڌايو مهر‪ ،‬فياض ڏاهري‪ ،‬لياقت‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫چنا‪ ،‬التش ٽالپر‪ ،‬فرمان هڱورو‪ ،‬عتيق وسطڙو‪ ،‬نديم ڪوالچي‪ ،‬نويد ميراڻي‪ ،‬بخش علي مغيري‪،‬‬
‫مرتضي جوڻيجو‪ ،‬پٺاڻ خان زهراڻي‪ E‬۽ ٻيا شامل آهن‪ ،‬جن ال ِء سندن وارث‪،‬‬
‫ٰ‪E‬‬ ‫ايوب ڪانڌڙو‪،‬‬
‫قومپرست‪ E‬پارٽيون ۽ انساني حقن جون تنظيمون احتجاج ڪري رهيون آهن پر قانون الڳو ڪندڙ‬
‫ادارن اڃا تائين نه ئي ڪنهن کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي گرفتاري ظاهر ڪئي آ هي نه‬
‫وري سندس وارثن کي سندن گمشدگي‪ E‬جو ڪو اطالع ڪيو آهي‪ ،‬جيڪو عمل نه رڳو انساني‬
‫حقن جي ڀڃڪڙي آهي پر اهڙو عمل عدالتن ۽ قانون کان به مٿانهون آهي‪.‬‬
‫حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته ملڪ ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن توڙي‪ E‬پارٽين کي‬
‫احتجاج ڪرڻ جو به حق ناهي ڏنو ويو‪ .‬حيدرآباد پريس ڪلب تي جڏهن ‪ 17‬جوال ِء تي پنهنجي‪E‬‬
‫پيارن جي سالمتي ۽ آزادي ال ِء ماڻهو هڪ ريلي ڪڍي رستن تي نڪتا ته دنيا ڏٺو ته عورتن‪،‬‬
‫ٻارڙن ۽ ماڻهن تي نه رڳو تشدد ڪيو ويو‪ E‬پر ‪ 12‬کان وڌيڪ احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار‪E‬‬
‫ڪري مٿن غداري جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن‪ .‬اهڙي ريت ڪالهه جڏهن سرجاڻي‪ E‬ٽائون مان‬
‫کنڀي گم ڪيل جسم وائيس چيئرمين ممتاز بروهي ۽ ٻين ڪارڪنن جي آزادي ال ِء جيئي سنڌ محاذ‬
‫جو چيئرمين رياض چانڊيو کنڀي گم ڪيل پارٽي ڪارڪنن ال ِء جڏهن پريس ڪانفرنس ڪرڻ ال ِء‬
‫حيدرآباد پريس ڪلب آيو پئي ته ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس کيس گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا بعد آزاد‬
‫ڪيو‪ ،‬پر جڏهن هو حيدرآباد‪ E‬پريس ڪلب پهتو ته رينجرز‪ E‬اهلڪارن کيس پريس ڪانفرنس‬
‫ڪرڻ کان منع ڪيو پر صحافين جي مداخلت تي هن کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ ڏني وئي‪ .‬اتي‬
‫سوچڻ جو مقام اهو آهي ته هڪ پاسي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ته ٻئي پاسي اهڙي‬
‫ناانصافين خالف احتجاج ڪرڻ به نٿو ڏنو وڃي‪ .‬ڇا پنهنجي ڪنهن پياري جي آزادي ال ِء احتجاج‬
‫ڪرڻ به غداري آهي؟‬
‫خير اسين ته ان خيال جا آهيون ته ڏوهاري کي ڏوهه جي سزا ملي پر جيڪڏهن هڪ فرد‬
‫ڏوهاري آهي ته ان جي ڏوهن جي سزا سموري‪ E‬قوم کي ڏيڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو انتهائي‬
‫ڀوائتو روپ آهي‪ .‬جنهن سبب رڳو نفرتون پکڙجنديون جيڪي نه ته رياست جي حق ۾ آهن نه ئي‬
‫پارليامينٽ جي سياست ڪندڙ پارٽيون اهڙين نفرتن کي منهن ڏئي سگهنديون‪ .‬اها به سوچڻ جي‬
‫ڳالهه آهي ته اڳ بلوچستان‪ E‬۽ هاڻ سنڌ جون حالتون انتهائي حساس ٿينديون پيون وڃن‪ ،‬جيڪي‬
‫ملڪ جي ال ِء انتهائي خطرناڪ آهن‪ .‬بهرحال جهڙي ريت کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جا‬
‫وارث پنهنجي پيارن جي آزادي جو مطالبو‪ E‬ڪري رهيا آهن‪ ،‬اهڙي َء ريت عالمي ادارن ۽ انساني‬
‫حقن جي تنظيمن جو به اهو مطالبو‪ E‬آهي ته کنڀي گم ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ هاڻ سنڌي قوم‬
‫کي به ان زيادتين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي‪ E‬ته حالتون ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿي وينديون‪.‬‬
‫تاريخ شاهد رهي آهي ته جيستائين قومون ظلم برداشت ڪنديون رهنديون ته تاريخ ۾ هو غالم‬
‫هجڻ کانسوا ِء پنهنجي ٻي ڪا به سڃاڻپ ٺاهي ناهن سگهنديون‪E.‬‬
‫(‪ 20‬جوالئي‪ 2017 E‬عوامي آواز)‬

‫مائٽن جي سک چين سوڌو‪ E‬کنڀي گم ڪيل مرڪون موٽائي ڏيو‬


‫رزاق عاصي‬
‫پياري پاڪستان جي ٺهڻ ۽ سنڌ مان اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي لڏڻ کانپو ِء انگزيزن جي ڇڏيل‬
‫ڪجهه نشانين يا ڌرتي‪ E‬ڌڻين جي جوڙايل عمارتن‪ ،‬روڊ رستن جن تي ناال غير مسلم محسوس پئي‬
‫ٿيا‪ ،‬انهن کي مسلمان ڪيو ويو‪ ،‬جهڙي ريت رام باغ کي رياست عين ايمان جي سالمتي ال ِء آرام‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫باغ بڻايو ويو‪ E‬آهي‪ ،‬اهڙي ريت ڪئي ماڳ مڪان ۽ يادگارن کي نون نالن سان نوازيو ويو‪ ،‬اهڙي‬
‫ريت تاريخ جي هڪ شاهدي اها به آهي ته چانڊڪا هاڻوڪي الڙڪاڻي ۾ تجرباغ‪ E‬کي جناح باغ‬
‫جهڙي سڃاڻپ سان به نوازيو ويو آهي‪ ،‬تاريخ ٻڌائي ٿي تجر باغ ۾ قائم الئبريري‪ E‬الڙڪاڻي واسين‬
‫۾ قومي‪ E‬شعور ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو‪ .‬انڪري تاريخ جو اهو‬
‫حوالو پڙهي مونکي هاڻ الڙڪاڻي جي شعور تي لکڻ ۽ سوچڻ تمام گهڻو سولو‪ E‬ٿي پيو آهي‪،‬‬
‫الڙڪاڻو جنهن جو نالو کڻن سان هاڻوڪي حالتن کي ڀوڳيندڙ ذهن ‪ ،‬وجود‪ ،‬ڪٽنب هڪ عڪس‬
‫بڻجي ذهن تي نقش ٿين ٿا‪ .‬اکين مان رڳو لڙڪ ئي وهائي سگهجن ٿا باقي ڪري به ڇا ٿپو‬
‫سگهجي‪.‬‬
‫الڙ ڪاڻو هاڻ هڪ اڀاڳي ما ُء جي دردن جي داستان به آهي ته ڪٿي ڀينرن جي اکين لڙڪ جيان‬
‫بڻجي پل پل مٽي َء ۾ ملي‪ ،‬پنهنجو وجود وڃائي‪ E‬ٿو‪ ،‬عالمي وبا جي ڪري الڪ ڊائون جي سڄي‬
‫دنيا ۾اڪثرگهر هاڻ ڀاتين ال ِء قيد خانو بڻجي ويا آهن‪ ،‬اهڙو هڪ گهر الڙڪاڻي جي نظر پاڙي ۾‬
‫اقصي بتول‪ ،‬افسانا‪ E‬دايو‪ ،‬بيمار‬
‫ٰ‪E‬‬ ‫به آهي‪ ،‬جتي ‪ 29‬مئي ‪2017‬ع تي کنڀيل انصاف دايو جون ڀينرون‬
‫امڙ روشن آرا سميت (هون ته ‪ 3‬ورهين کان ) الڪ ڊائون بعد ‪ 25‬ڏينهن مسلسل پنهنجي‪ E‬گهر‬
‫حڪومتي ايس او پيز تي عمل ڪندي پنهنجي ئي گهر کي هائيڊ پارڪ بڻائي ڀينرون ڀا ُء ۽ امڙ‬
‫پٽ جي آزادي ال ِء احتجاج ڪري رهي آهي‪ ،‬هن درد جو هي سلسلو هتي به نٿو کٽي شايد اهو درد‬
‫کٽڻو ئي ناهي‪.‬‬
‫نظر پاڙي مان پنهنجي سوچ جو دائرو‪ E‬وڌائي ڏسجي ٿو ته ڪٿي سسي َء ۽ سمبارا جي معصوم‪E‬‬
‫اکين مان لڙڪ وهندي نظر اچن ٿا‪ ،‬جيڪي پنهنجي‪ E‬شفيق پي َء ( پرائمري‪ E‬استاد ) ڪاشف ٽڳڙ‬
‫ال ِء معصوم سڏڪن سان گڏ پتڪڙي اکين مان لڙڪ وهائي رهيون آهن‪ ،‬پرائمري‪ E‬استاد ڪاشف‬
‫ٽڳڙ جي امڙ‪ ،‬سندس وني ۽ سميت سمورن ڀاتين جا ڏک نه رڳو وڌي‪ E‬وڻ ٿيا آهن‪ ،‬پر هي درد ته‬
‫هاڻ رائيس ڪئنال جي پاڻي ۾ لڙهي نٿا سگهن‪ .‬خبر ناهي ته استاد ڪاشف ٽڳڙ جي گهر ۾عيد جو‬
‫چنڊ ڏسڻ کانپو ِء ڪٽنب ۾ڪو خوشي‪ E‬جو احساس هوندو يا نه‪ ،‬هي اهڙو سوال آهي جنهن کي‬
‫سوچڻ تي اکيون بهن ڀرجي اچن ٿيون‪ ،‬مونکي اهي لمحا به ياد اچن ٿا جڏهن الڙڪاڻي وڃڻ بعد‬
‫پنهنجي هڪ پياري دوست ۽ اديب سان (جيڪو کنڀجي ويو هو ۽ آزاد ٿيو آهي) ڪچهري ٿي ته‬
‫منهنجي سوال جي جواب ۾ فقط هن اهو چئو هو ته‪ :‬مٺا پاڻ نه ته دهشت گرد آهيون نه هو ثابت‬
‫ڪري سگهن ٿا‪ ،‬بس هو شعوري الٽ کان ڊنل آهن‪ ،‬هاڻ مونکي‪ E‬سمجهه ۾ پيو اچي ته شايد‬
‫تجرباغ جي الئبريري الڙڪاڻي‪ E‬جي سوچيندڙ ذهنن ۾جيڪا قومي شعور‪ E‬۽ سياسي‪ E‬سجاڳي پيدا‬
‫ڪئي هئي‪ ،‬اهڙو تسلسل اڄوڪي الڙڪاڻي ۾ به موجود‪ E‬آهي‪ ،‬جتان شعور کي کنڀڻ جي ڪوشش‬
‫اڃا به جاري آهي‪.‬‬
‫چانڊڪا جي چانڊوڪين جي ميري ٿيڻ جي داستان جو انت رڳو سسي َء ۽ سمبارا جهڙيون‬
‫معصوم گڏيون ئي ناهن‪ ،‬جيڪڏهن سوچ جو پنڌ وڏويون وکون کڻي الڙڪاڻي کان ڏوڪري‪ E‬تائين‬
‫جو پنڌ ڪندو ته هڪ وڌيڪ کنڀيل وجود شاهد جوڻيجي گهر جي اڳڻ ۾ ته ماتم برپا ٿيل اکيون‬
‫پسنديون‪ ،‬انهي اڳڻ ۾ نه رڳو شاهد جوڻيجي جي معصوم‪ E‬ڌي َء اندارا جوڻيجو‪ ،‬سندس وني (اسان‬
‫جي ڀيڻ) شبانا جوڻيجو سميت سمورو‪ E‬خاندان ڏک جي اهڙي ڀوڳنا‪ E‬۾ ورتل آهي‪ ،‬درد جي انتها ته‬
‫اها آهي جو ٽارچر سيل جو باندي شاهد جوڻيجو‪ E‬شايد اڃا به بي خبر هوندو ته سندس کنڀجڻ جي‬
‫ٻن مهينن بعد هُن سان بي انتها پيار ڪندڙ ما ُء به الڏاڻو ڪري وئي آهي ‪ ،‬اهڙي درد کي اهي‬
‫ذهن ئي محسوس ڪري سگهن ٿا‪ ،‬جن پنهنجن پيارن ۽ پنهنجن رت سميت قومي رشتي سان‬
‫انتهائن جي حد تائين پيار ڪيو هوندو‪ ،‬شاهد جوڻيجي جي خاندان به الڪ ڊائون سبب پنهنجي‪E‬‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫گهر ‪ 15‬ڏينهن کان احتجاج جاري رکيو آهي ۽ برادري‪ E‬ال ِء ڪم ڪندڙ جوڻيجا‪ E‬برادري جي تنظيم‬
‫به سراپا‪ E‬احتجاج آهي‪ .‬هنن جو مطالبو به ساڳي ۽ تمام سادو‪ E‬آهي ته شاهد جوڻيجي‪ E‬جيڪڏهن ڪو‬
‫ڏوهه آهي ته هن کي اوهين ظاهر ڪري پنهنجي عدالتن ۾ آڻيو‪ ،‬پو ِء هن جو ڀاڳ آهي ته هو ڏوهي‬
‫ثابت ٿئي ٿو يا بيڏوهي‪،‬‬
‫مرتضي‬
‫ٰ‪E‬‬ ‫اهڙي نموني ڏهارا‪ ،‬هفتا‪ ،‬مهينا ڇا‪ ،‬پر ورهين کان ڪٿي ايوب ڪانڌڙي‪ ،‬ڪٿي‬
‫مرتضي سولنگي ته ڪٿي کنڀجي آزاد ٿي وري کنڀيلن جا ڪٽنب روئي رهيا آهن‪،‬‬ ‫ٰ‪E‬‬ ‫جوڻيجي‪ ،‬ڪٿي‬
‫درد جو هي سلسلو سيد جي حويلين ۾ به آهي جتي سيدياڻيون پنهنجي گهرن کي سڙيل خيمن جيان‬
‫محسوس ڪري مسعود شاهه ال ِء ماتم ڪري رهيون آهن‪ ،‬ته ڪٿي وري‪ E‬علي بابا جي شهر‬
‫ڪوٽڙي ۾ عبدالفتاح چني جي امڙ زندگي انتهائي‪ E‬هيڻي ڏينهن ۾ پٽ کي ساري‪ E‬لڙڪ الڙي پئي‪،‬‬
‫اهو ماتم ذهين شاگرد گلشير‪ E‬ٽڳڙ جي گهر ۾ به برپا آهي ته انهي درد ۾ ورتل حيدر کوسي‪ E‬جي‬
‫امڙ‪ ،‬وني ۽ ڌيئرون به ڏسجن ٿيو‪ .‬خير سنڌ مان کنڀيل شعور جا ڪهڙا ناال لکي ڪهڙا لکان بس‬
‫ان لکڻي ذريعي سگهارن ادارن‪ ،‬عدالتن ۽ سرڪار‪ E‬کان اهو ئي مطالبو‪ E‬ڪجي ٿو ماتم ڪده بڻيل‬
‫گهرن ٻيهر خوشيون موٽائي‪ E‬ڏيو‪ ،‬سندن پيارن کي آزاد ڪيو جيڪي مائٽن جو سک چين سوڌو‪E‬‬
‫کنڀي گم ڪيا ويا آهن‪.‬‬
‫(‪ 13‬مئي ‪)2020‬‬

‫هي رياست منهنجي ما ُء ناهي‪!!..‬‬


‫رزاق عاصي‬
‫مهذب رياستن جي پهرين ترجيح پنهنجي عوام کي بنيادي حقن ڏين هوندي‪ E‬آهي‪ ،‬جتي معصوم‪E‬‬
‫ٻارن ۽ پيرسن ماڻهن جي ته ڄڻ مائٽن کان وڌيڪ رياستي نظام کي انتهائي گهڻي فڪر هوندي‬
‫آهي‪ ،‬اهڙيون مهذب رياستون فرستن جهڙي ٻارڙن ۽ ٻارن جهڙي معصوم‪ E‬ضعيف العمر ماڻهن‬
‫کي تڪليفن اچڻ تي پاڻ کي ان تڪليف ال ِء جو جوابده سمجهندي‪ E‬سندن ازالي ال ِء قانون ۽ انصاف‬
‫جي آخري حدن تائين وينديون آهن‪ .‬اهڙين عظيم رياستن جي عظيم ڪردارن کي نه رڳو تاريخ‬
‫صدين تائين پنهنجي سيني ۾سانڍي رکي ٿي پر دنيا جون ترقي‪ E‬پذير رياستون به اهڙن عمل کي‬
‫پنهنجي ال ِء مثل راهه بڻائي شهرين کي حق ڏين ٿيون‪ .‬اهڙا مثال اوهان کي تاريخي ڪتابن ۾‬
‫حوالن طورکوڙ سارا ملندا‪.‬‬
‫پياري پاڪستان جي ٺهڻ بعد جيڪا رياست وجود ۾ آئي آهي‪ ،‬پهرين ڏينهن کان وٺي اها رياست‬
‫اسانکي ما ُء کان وڌيڪ ڏائڻ ئي محسوس ٿئي پئي‪ ،‬سنڌ جي پهرين مسنگ پرسن اشوڪ ڪمار‬
‫(جيڪو ڀٽو دور ۾ گم ڪيو ويو) کان ويندي‪ E‬اڄ تائين رياستي جبر جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي‪،‬‬
‫اهڙن ظلمن جي ڪري اسان جي رياستي نظام وٽ نه ته ما ُء جهڙي رحم جو ڪوئي تصور ئي‬
‫دعوي ڪري به سگهون ٿا‪ ،‬خبر ناهي ته هي َء هن رياست جي عوام جي‬ ‫ٰ‬ ‫ناهي نه ئي اسين اهڙي‬
‫بدقسمتي‪ E‬آهي يا خود رياست اهڙي بد نصيب آهي جنهن کي ما ُء جهڙو رتبو‪ E‬ملڻ نصيب ۾ ئي‬
‫ناهي‪.‬‬
‫عيد جي ٻن ڏهاڙن جي موڪل منهنجي‪ E‬حصي ۾آئي‪ ،‬عيد جو تصور هر ذي شعور‪ E‬فرد سميت‬
‫منهنجي ال ِء فقط ٻچڙن جي خوشي‪ E‬خاطر سماجي وهنوار‪ E‬ڪارڻ نوان ڪپڙا پائي کوکلي مرڪ‬
‫منهن تي سجائي‪ E‬ماڻهن سان ملڻ کانسوا ِء ٻيو ڪجهه نه هو‪ ،‬ڪن دوستن جا موبائيل فون تي مسئج‬
‫مليا ته روايتي‪ E‬عيد جون وڌايو پر خدا ڄاڻي ٿو ته ڪنهن دوست کي مليل واڌاين جو رپال ِء ڏيڻ‬
‫جي به جرئت ئي ڪونه ٿي‪ ،‬سوا ِء ٻن ڌيئرن جيڪي ورهين کان خوشي‪ E‬کان محروم هيون‪ ،‬انهن‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫کي ئي ڪال ڪري عيد جون واڌايون ڏنيون‪ .‬گهر ويٺي ڪي دوست اچي مليا‪ ،‬هڪ محبوب‬
‫دوست ته محبت ۾دڙڪا ڏئي ڪپڙا پائڻ ۽ شيو ڪرائي‪ ،‬جنهن بعد مختصر دوستن جو حلقو‬
‫جيڪو عام ڏينهن ۾ به ڏک سک ۾ گڏ هوندو آهي‪ ،‬انهن سان رات دير تائين ڪچهري ٿيندي رهي‬
‫۽ وري اکين ننڊ سمنڊ غوطا کائي ٻي ڏينهن جو سج اڀاريو‪E.‬‬
‫عيد ڏهاڙي جي اهميت فتاح چني جي ٻچڙن ال ِء ڪهڙي هوندي‪ ،‬جن التجائون ڪري پنهنجي بابا‬
‫اقصي‬
‫ٰ‬ ‫جي آزادي ماڻي پر فتح کي امڙ جي ساهه جو سڳو ٽٽڻ بعد ما ُء جا پير چهڻ نصيب ٿيا‪،‬‬
‫دايو‪ ،‬افسانا‪ E‬دايو‪ ،‬نصرت دايو نٽهن اُس ۾ به الڙڪاڻي پريس ڪلب آڏو ڀا ُء انصاف دايو جي‬
‫آزادي ال ِء عيد ڏهاڙي لڙڪ الڙينديون رهيو‪ ،‬اهڙي حالت پرائمري‪ E‬استاد ڪاشف ٽڳڙ جي والد‬
‫عبدالڪريم ٽڳڙ سميت گهر ڀاتين جي به هئي‪ ،‬مسعود‪ E‬شاھ‪ ،‬شاهد جوڻيجي‪ E،‬گولڊ مڊلسٽ گلشير‬
‫مرتضي سولنگي‪ ،‬سهيل ڀٽي‪ ،‬ايوب ڪانڌڙي‪ ،‬شادي خان‬ ‫ٰ‪E‬‬ ‫مرتضي جوڻيجي‪،‬‬
‫ٰ‪E‬‬ ‫ٽڳڙ‪ ،‬پورهيت‬
‫سومرو‪ ،‬پٺاڻ خان زهراڻي‪ ،‬مهراڻ ميراڻي‪ ،‬رفيق عمراڻي‪ ،‬ڊاڪٽر فتح محمد کوسو‪ ،‬نياز الشاري‪E‬‬
‫سميت سڀني کنڀي گم ڪيل جي گهرن ۾ به ساڳي ماتم آهي‪ ،‬شهيدن جا وارث به عيد ڏهاڙن تي‬
‫پنهنجن کي ساري ڏک ورتل هوندا‪ .‬پو ِء هو ُء ڪئين چون ته هي َء رياست اسان جي ما ُء آهي‪ .‬سچ‬
‫ته اها آهي ته هي َء رياست منهنجي ما ُء ناهي‪ 26( .‬مئي ‪ 2020‬پوسٽ)‬

‫سنڌ مان جبري‪ E‬گمشدگيون انصاف جون گهرجائو آهن‬


‫رزاق عاصي‬
‫دنيا جون سڌريل رياستون پنهنجن شهرين کي انساني توڙي آئيني حق ڏيڻ ال ِء پابند هونديون آهن‬
‫ته جيئن عوام جو پنهنجي رياست توڙي آئين تي اعتماد بحال رهي‪ ،‬اهڙيون رياستون نه رڳو ميڊيا‬
‫سميت هربا شعور ماڻهن جي اختالفن کي مان بخشي هر تنقيد ۽ هر اختالف را ِء تي ڌيان ڌري يا‬
‫ته اهڙين تنقيدن مان سکڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن يا وري‪ E‬ٽياڪڙي ذريعي مسئال حل ڪري‬
‫عوام جو اعتماد بحال ڪندي اختالفن کي هميشه هميشه ال ِء دفن ڪري ڇڏينديون آهن‪ ،‬پر وڏي‬
‫افسوس سان چوڻو‪ E‬ٿو پوي ته اسان جي پياري‪ E‬پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي ڪابه مهذب سياسي‬
‫روايت نه آهي‪.‬‬
‫‪1947‬ع ۾ جڏهن ملڪ وجود‪ E‬۾ آيو‪ ،‬ملڪ جو اهڙي نموني ۾ وجود‪ E‬۾ اچڻ ڪو معجزو‪ E‬نه پر‬
‫هزارين ورهين جي تاريخ‪ ،‬تهذيب‪ ،‬ٻولي ۽ روايتون رکندڙ قومن جي جدوجهد جو نتيجو هيو‪،‬‬
‫پاڪستان نالي وفاقي‪ E‬ملڪ ۾ شامل ٿيندڙ قومن جي اڳواڻن ۽ ذي هوش فردن جو خيال هيو ته هو‬
‫انگريزن جي غالمي مان جان ڇڏائي هاڻي هڪ نئين وفاق ۾ خود مختيار‪ E‬قومن طور‪ E‬پنهنجو‬
‫وهنوار هالئڻ ۾ بااختيار هوندا‪ ،‬پر ائين نه ٿيو‪.‬‬
‫تاريخ جي وهڪري ثابت ڪيو ته ‪1947‬ع ۾ قائم ٿيندڙ‪ E‬هڪ وفاقي ملڪ پاڪستان ال ِء تاريخ جا‬
‫سال ‪1971‬ع ۽ ‪1972‬ع انتهائي‪ E‬عجيب و غريب ثابت ٿيا‪ ،‬عجيب ۽ غريب ان ڪري جو پاڪستان‬
‫هڪ وفاقي‪ E‬ملڪ جي حيثيت ۾ جن بنيادن تي قائم ٿيو هو‪ ،‬وري ‪1971‬ع ۾ انهن ئي بنيادن تي ٻه‬
‫ٽڪر ٿيو ۽ ملڪ جي اڪثريتي عوام وارو حصو جيڪو اڳ بنگال هيو بعد ۾ بنگالديش ٿي ويو‪.E‬‬
‫بدقسمتي‪ E‬اها آهي ته پاڪستان جي اهڙي زوال ۽ ٽٽڻ بعد به پاڪستان جي اعلى اختيارين‪،‬‬
‫سگهارن ادارن‪ ،‬سياسي‪ E‬ادارن نه ته پنهنجي‪ E‬سوچ تبديل ڪئي ۽ نه وري حڪمراني َء جي طريقي‬
‫کي مٽيو‪ ،‬پر هو پنهنجي فڪر ۽ عمل ۾ اڳ کان اڳرا ٿي بيهي رهيا‪ ،‬جنهن جو نتيجو‪ E‬اهو نڪتو‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫جو بنگال کان پو ِء سندن جي نفرت ۽ زيادتي َء جو نشانو سنڌ بڻجي وئي ۽ اهڙو سلسلو اڄ تائين‬
‫جاري آهي‪ ،‬صورتحال‪ E‬اهڙي ٿي لڳي ڄڻ سنڌ سان نفرت ۽ زيادتي َء کان سوا ِء هن ملڪ جي‬
‫سياست اڳتي وڌي نه ٿي سگهي‪ .‬بنگال کان پو ِء جڏهن سنڌ جي ٻولي‪ ،‬ادب‪ ،‬تهذيب ۽ تمندن تي وار‬
‫ڪيا ويا ۽ ون يونٽ لڳائي سنڌ جي سڃاڻپ کسي وئي ۽ سنڌي قوم کي ڄٽ ۽ جاهل جهڙا لقب مليا‬
‫ته سائين جي ايم سيد جهڙي دورانديش ۽ مدبر اڳواڻ اصولي‪ E‬اختالف را ِء رکندي سنڌ وطن ال ِء‬
‫حق گهريا‪ ،‬سائين جي ايم سيد حڪمرانن جي سياسي‪ E‬ورتا َء مان ايترو‪ E‬ته مجبور‪ E‬ٿي ويو جو هُن‬
‫آخر ڪار ان ملڪ جنهن جو خالق هيو ان کان الڳ ٿيڻ جهڙو نعرو ڏنو‪.‬‬
‫سائين جي ايم سيد کي اختالف را ِء رکڻ بعد نه ته عدالتن ٻڌو نه ئي وري ملڪ جي اشرافيه ٻڌڻ‬
‫ال ِء تيار هئي‪ ،‬نتيجو اهو نڪتو ته سائين جي ايم سيد زندگي جي آخري لمحن تائين قيد و بند جون‬
‫صعوبتون برداشت ڪندي دم ڏنو‪ ،‬سيد جي نعري‪ E‬قوم جي نوجوانن ۽ ذي شعور ماڻهن ۾ حب‬
‫الوطني جو جيڪو اتساهه ڏنو هو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي‪ ،‬جيڪڏهن اسين ملڪ جڙڻ کان‬
‫وٺي اڄ تائين جي تاريخ جا ورق‪ E‬اٿاليون ته اسان کي تمام تلخ حقيقتون ڏسڻ ۽ پرکڻ ال ِء ملنديون‪،‬‬
‫جنهن مان بخوبي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي ملڪ خدا داد ۾ اختالف را ِء رکڻ‬
‫ڪيڏو نه وڏو‪ E‬ڏوهه آهي‪ ،‬مٿي ڄاڻايل حقيقتون نه رڳو سنڌ ال ِء ڀوڳنائن جو سبب بڻيو پر اڄ ڏينهن‬
‫تائين بلوچستان جي سرزمين تي پڻ بلوچ قوم‪ E‬به اهڙن اختالفن سبب ڀوڳي رهي آهي‪ ،‬جيڪڏهن‬
‫پختون سرزمين جا سپوت به ڪو اختالف رکن ٿا ته اهي به اهڙين ئي نتيجن کي منهن ڏين ٿا‪.‬‬
‫بلوچن جي نمائندگي ڪندڙ اختر مينگل انهن سببن ڪري ئي تحريڪ انصاف‪ E‬حڪومت کان ڌار‬
‫ٿيو آهي ته جنهن شرط تحت هو حڪومت جو حصو بڻيو نه ته هو شرط مڃيا ويا ۽ نه وري انهن‬
‫شرطن تي ڌيان ڏنو ويو‪ ،‬اختر مينگل بار بار ايوان جي فلور‪ E‬تي بلوچ مسنگ پرسنز‪ E‬ال ِء آواز‬
‫اٿاريندو‪ E‬رهيو آهي پر سرڪار ٻڌڻ ال ِء تيار ئي نه هئي‪ ،‬اهو ئي سبب بڻيو‪ ،‬جو اهي آخر ڪار‬
‫تحريڪ انصاف‪ E‬حڪومت کان پاڻ ئي ڌار ٿي ويو‪ ،‬ايوان ۾ ڪيل اختر مينگل جي تقرير ۽‬
‫شڪوه کي هتي دهرائڻ انڪري به ضروري ناهي ته پڙهندڙ‪ E‬هن اهم مسئلي کي ڏسي ۽ ٻڌي‬
‫چڪا هوندا‪.‬‬
‫اختالف را ِء رکڻ تي ماڻهو‪ E‬کنڀجڻ فقط بلوچستان جو ئي مسئلو ناهي پر اها حالت سرائيڪي پٽي‬
‫جي به آهي ۽ اهڙي درد کي سنڌ به وڏي عرصي کان ڀوڳي‪ E‬رهي آهي‪ ،‬سنڌ مان نه رڳو قومپرست‪E‬‬
‫ڪارڪن گم آهن پر سنڌ جو پورهيت‪ ،‬اديب‪ ،‬دانشور‪ ،‬استاد‪ ،‬صحافي ۽ شاگردن سميت هر اهو‬
‫ماڻهو کنڀجي رهيو آهي جيڪو به اختالف را ِء رکڻ جي جرئت ڪندي سياسي ميدان ۾ پير پائي‬
‫ٿو‪.‬‬
‫سنڌ مان گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي آزادي ال ِء نه رڳو وارث دانهون ڪندي پريس ڪلب آڏو‬
‫احتجاج ڪن ٿا پر عالمي سطح تي پڻ اهو وقت بوقت آواز اٿندو رهيو آهي‪ ،‬منهنجي ڄاڻ موجب‪،‬‬
‫هن وقت به سنڌ مان ‪ 150‬کان وڌيڪ صرف‪ E‬۽ صرف‪ E‬قومپرست‪ E‬کنڀي گم ڪيا ويا آهن ۽‬
‫‪2014‬ع وڏي تعداد ۾ چچريل الش پڻ اڇا ڏنا ويا‪ ،‬پر ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو اڃا به‬
‫جاري آهي‪ .‬جنهن خالف وارثن توڙي انساني حقن جي تنظيمن جا هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن‬
‫شهر ۾ احتجاج ٿين ٿا پر انهن احتجاجن کي به ڪا موٽ نٿي ملي‪ ،‬ڪيترن ئي گم ٿيلن جي وارثن‬
‫پاران عدالتن جو به درکڙڪايو ويو آهي پر عدالتن کان مٿانهان فيصال ڪندڙ شايد عدالتن کي به‬
‫مڃڻ ال ِء تيار ئي ناهن‪.‬‬
‫گذريل هفتي قومپرست ڪارڪن نياز الشاري جيڪو وڏي عرصي کان گم هو ان جو تازو‬
‫گوليون لڳل الش مليو‪ ،‬جنهن خالف وارثن ۽ ڪجھه سياسي‪ E‬پارٽين رد عمل طور احتجاج ڪيا ۽‬
‫فائيل‪******90‬ڪمپيوٽر‪***** Aasi‬فولڊر عاصي‬

‫ڪن سياسي‪ E‬ڌرين پاران پريس رليز بيانن جي حد تائين هن واقعي‪ E‬جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي‬
‫وئي‪ ،‬يقينن اهو واقعو نياز الشاري‪ E‬جي وارثن تي وڄ بڻجي ڪڙڪيو ئي ڪڙڪيو پر قومپرست‬
‫ڌرين جا ڪارڪن ته ڄڻ هن واقعي بعد وڌيڪ غير محفوظ سمجهڻ لڳا‪ ،‬اهو سمجهڻ ان ڪري‬
‫به ضروري‪ E‬آهي ڇو جو هتي اختالف را ِء رکڻ ئي وڏي‪ E‬۾ وڏو الميو آهي‪.‬‬
‫جيئي قومي محاذ (آريسر‪ ) E‬تي پابندي مڙهجڻ بعد ته سنڌ ۾ قومپرست‪ E‬ڪارڪنن خالف گهيرو اڃا‬
‫وڌيڪ تنگ ڪيو ويو آهي‪ ،‬حقيقت ته اها آهي ته جسقم خالف اڻ اعالنيل آپريشن وڏي عرصي‬
‫کان هلندڙ هو جنهن ۾ ڪيترن ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو‪ ،‬جنهن خالف وائيس فار مسنگ‬
‫پرسنز آف سنڌ توڙي‪ E‬جسقم بشير‪ E‬قريشي جي جدوجهد جي ڪري ڪجهه ماڻهو آزاد ڪيا ويا پر‬
‫مرتضي جوڻيجو‪ ،‬شاگردگلشير‪E‬‬‫ٰ‬ ‫اڃا به شاهد جوڻيجو‪ ،‬انصاف دايو‪ ،‬پرائمري استاد ڪاشف ٽڳڙ‪،‬‬
‫مرتضي سولنگي‪ E،‬ايوب ڪانڌڙو‪ ،‬پٺاڻ خان‬‫ٰ‬ ‫ٽڳڙ‪ ،‬ڊاڪٽر فتح محمد کوسو‪ ،‬سيد مسعود شاهه‪،‬‬
‫زهراڻي سميت ڪيترا ئي ماڻهو ورهين کان گم آهن جن جي آزادي ال ِء اڄ به احتجاج جاري آهن‪.‬‬
‫تازو رينجرز‪ E‬مٿان ڪراچي‪ ،‬الڙڪاڻي‪ E‬۽ گهوٽڪي‪ E‬۾ حمال ٿيا‪ ،‬جنهن جي سنڌ جي قومپرست‬
‫ڌرين مذمت پڻ ڪئي ۽ اسان ڏٺوسين ته سوشل ميڊيا تي جماعت الحرار نالي ڪنهن تنظيم ان‬
‫ڌماڪن جي ذميواري پڻ قبولي ڪئي‪ ،‬قوم پرست قيادتن‪ ،‬ڪارڪنن اهڙي دهشت گردي‪ E‬جي‬
‫مذمت پڻ ڪئي پر ان حملن بعد جبري گمشدگين جو هڪ سلسلو‪ E‬شروع ٿيو‪ ،‬جنهن ال ِء خدشو‪E‬‬
‫ظاهر ڪيو پيو وڃي ته قانون الڳو ڪندڙ ادارا قومپرست ڪارڪنن کي هن شڪ ۾ کنڀي گم‬
‫ڪري رهيا آهن‪ ،‬ڇو جو قوم پرست سياست کي الوداع ڪندڙ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ حفيظ پيرزادي‪E‬‬
‫کي ٻلهڙجي‪( E‬الڙڪاڻي) مان کنڀيو ويو ۽ ٻين عالئقن مان مشتاق چولياڻي‪ ،‬عاشق جتوئي ‪ ،‬فهيم‬
‫جتوئي‪ ،‬توفيق‪ E‬جتوئي‪ ،‬زاهد شاهه‪ ،‬امداد شاهه جڏهن ته ڪراچي مان علي ڀٽي‪ ،‬واحد بخش‬
‫بروھي ۽ مشتاق چولياڻي‪ ،‬نصير‪ E‬ٿهيم (جنهن جو ڪنهن قومپرست‪ E‬پارٽي سان تعلق ئي ناهي) کي‬
‫کنڀيو ويو‪ ،‬اهڙي طرح وائيس فار مسنگ پرسنز‪ E‬آف سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوهار موجب سنڌ‬
‫مان ‪ 4‬ڏينهن ۾ ‪ 50‬کان وڌيڪ ماڻهو کنڀيا ويا آهن‪.‬‬
‫سنڌ جو عوام بنيادي طور تي هڪ اهڙي سياسي‪ E‬فڪر جي پوئواري‪ E‬ڪري ٿو جنهن جو بنياد‬
‫عدم تشدد‪ ،‬پرامن سياسي جدوجهد‪ E‬۽ جمهوري مزاج رکندڙ آهي‪ ،‬اهو ئي سبب آهي جو روز‪ E‬روز‬
‫نوجوانن جي جبري گمشدي َء خالف به انهن جا وارث پنهنجن پرين پيارن ال ِء روئي احتجاج ڪن‬
‫ٿا پر انهن ڪنهن به نه ته صبر‪ E‬جو دامن ڇڏيو آهي ۽ نه ئي وري احتجاج جو ڪو پرتشدد‪ E‬رستو‬
‫اختيار ڪيو‪ ،‬هن وقت به سنڌ جي عوام جي رياستي‪ E‬ادارن کي اها ئي اپيل آهي ته سندن جي پيارن‬
‫خالف جيڪڏهن رياست جي خالف ڪو ڏوهه آهي ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪري صفائي َء جو‬
‫موقعو‪ E‬ڏنو وڃي ۽ جي ڏوهي ثابت ٿين ته انهن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي‪..‬‬

You might also like