Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 20

‫غزل ‪ .............................

‬زبير سومرو‬

‫ٿڪجي چڳن ۾ چلوليَء جي چاندنيون ستيون‪،‬‬


‫لِکي لِکي ٿڪي پيون پوِء آڱريون ستيون!‬

‫هن ِولهه ۾ ڪا ِوڌوا‪ ،‬جوانيَء جو ڇا ڪري؟‬


‫پنهنجن َورن سان سيج تي‪ ،‬سهاڳڻيون ستيون!‬

‫هيَء رات‪ ،‬درد‪ ،‬ياد‪ ،‬اڪيالئي‪ ،‬ڀوڳنا‪،‬‬


‫پاسا ورائينديون رهيون‪ ،‬نه ڇوڪريون ستيون!‬

‫ٿي ٿڪ جوانيَء ڀڳو آرس ڀڃي ڀڃي‪،‬‬


‫۽ بخملي ڳلن تي ڪي ريشمي چميون ستيون!‬

‫ڀٽڪنديون ۽ رات سڄي جاڳنديون رهيون‪،‬‬


‫تنهنجي گهٽيَء ۾ منهنجون آوارگيون ستيون!‬

‫َ‬
‫هنج ۾‪،‬‬ ‫ٿو ننڊ ڪري عشق تهمتن جي‬
‫الزام جي آغوش ۾ جوانيون ستيون!‬

‫پيُء ماُء جي ته چوڻ تي هن شادي ڪري ڇڏي‪،‬‬


‫پوِء مصلحت جي بسترن تي زندگيون ستيون!‬

‫جن کي نه مليو ٿاڪ ڪٿي ٿڪ ڀڃڻ لئه‪،‬‬


‫تنهنجن َڇتن ۾ ئي ڇپي سي راتڙيون ستيون!‬

‫حاالت جي راڻي کي ڏنا وقت ِوسوسا‪،‬‬


‫اوسيئڙي جي موملن سان سوملون ستيون!‬
‫ڌرتيَء اڃاري آس مان ويندڙ ڪڪر ڏٺا‪،‬‬
‫پر بادلن جي گود ۾ ئي بارشون ستيون!‬

‫ڪا دير گھوٽ ڪنوار ٻئي جاڳندا رهيا‪،‬‬


‫ڪمري جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ساريون بتيون ستيون!‬

‫ويا َ‬
‫ٿڪ ستم جا لهي هڪڙيَء ئي مرڪ سان‪،‬‬
‫ٻنهي جي ڀاڪرن ۾ جڏهن رنجشون ستيون!‬

‫ڪو جگنوئن جي راڄ کي پيغام پڄائي‪،‬‬


‫صدين کان منهنجي ديس تي اونداهيون ستيون!‬

‫تو وصل جي ته پينگهي ۾ وڇوڙا سمهاريا‪،‬‬


‫۽ منهنجي شاعريَء ۾ رسوائيون ستيون!‬

‫َ‬
‫زبير پئه سمهي‪ ،‬چنڊ ڀي سمهي پيو‪،‬‬ ‫تون ڀي‬
‫سڀ آرسيون‪ ،‬اونداهيون ۽ روشنيون ستيون!‬
‫‪‬‬
‫هي برفن جي ٽڪرن تي ٽانڊا رکو ٿا‪،‬‬
‫االئي ته ڪهڙا ارادا رکو ٿا!‬

‫هٿن ۾ حرارت ۽ اکڙين ۾ شعال‪،‬‬


‫چپن ۾ ته ماکيَء جا شيشا رکو ٿا!‬

‫ٿا فاقا ڪٽايو‪،‬‬ ‫اکين کي‬ ‫اجايو‬


‫روزا رکو ٿا!‬ ‫جوانيَء جا‬ ‫اجايو‬

‫شڪارن جي حسرت ته ڏاڍي َاٿ َو پر‪،‬‬


‫ڪچا نشانا رکو ٿا!‬ ‫ّ‬ ‫چڱو ٿيو جو‬

‫هي يادن جي رنگين ِرلين تي ليٽي‪،‬‬


‫وهاڻي جي هيٺان ڇو موتيا رکو ٿا!‬

‫َ‬
‫غزل هي زبير!‬ ‫ڪـَهين لئه لکو ٿا‬
‫ڪ َـهين الِء اهڙا هي جذبا رکو ٿا!‬

‫‪‬‬
‫َانا جي شهر مان نڪرون‪ ،‬ته ڪجهه اڳتي وڌون سائين!‬
‫صنم جي سحر مان نڪرون‪ ،‬ته ڪجهه اڳتي وڌون سائين!‬

‫چپن جون چاهتون ڀي هِن‪ ،‬ٻکن جون راحتون به هِن‪،‬‬


‫اکين جي قهر مان نڪرون‪ ،‬ته ڪجهه اڳتي وڌون سائين!‬

‫ڳچيَء جي ڳانڙي ڇهندي‪ ،‬بدن جي ڀيروي ڇيڙيون‪،‬‬


‫ڳلن جي ڳهر مان نڪرون‪ ،‬ته ڪجهه اڳتي وڌون سائين!‬

‫کِلجي‪،‬‬ ‫ڪڏهن توسان کلي مِلجي‪ ،‬ڪو وڙهجي‪ ،‬روئجي‪،‬‬


‫حجابي پهر مان نڪرون‪ ،‬ته ڪجهه اڳتي وڌون سائين !‬

‫الوا‪،‬‬ ‫زلزال‪،‬‬ ‫ڪڏهين‬ ‫طوفان‪،‬‬ ‫۽‬ ‫سيالب‬ ‫ڪڏهن‬


‫خدا جي قهر مان نڪرون‪ ،‬ته ڪجهه اڳتي وڌون سائين!‬

‫‪‬‬
‫ڪو!‬ ‫هجر ڪونهي‪ ،‬وصال ڪونهي‬
‫ڪو!‬ ‫حال پنهنجي ۾ حال ڪونهي‬

‫توکي منهنجو ته ڇا منهنجي راڻي‪،‬‬


‫توکي پنهنجو ئي خيال ڪونهي ڪو !‬

‫آ‪،‬‬ ‫اجائي‬ ‫ئي‬ ‫تشبيهه‬ ‫لئه‬ ‫تو‬


‫تنهنجو ڪوئي مثال ڪونهي ڪو !‬

‫اهڙو‪،‬‬ ‫ٻانگ جو آجپي جي ڏي‪،‬‬


‫ڪو؟‬ ‫ڇا اسان ۾ بالل ڪونهي‬

‫هجي‪،‬‬ ‫آئي‬ ‫هوَء‬ ‫۽‬ ‫سائي‬ ‫سنڌ‬


‫سال ڪونهي ڪو!‬ ‫به‬ ‫ڪوئي‬ ‫اهڙو‬

‫موت سنڌ سان ۽ سونهن سان ٿئي شل‪،‬‬


‫زندگيَء جو سوال ڪونهي ڪو!‬

‫ها َپسي سونهن پو لکين ٿو زبير!‬


‫تنهنجو ڪوئي ڪمال ڪونهي ڪو!‬

‫‪‬‬
‫َڇمر ڇايا‪،‬‬ ‫پکين ڳايو‪ ،‬گلن مرڪيو‪ ،‬اڀن تي اڄ‬
‫وسيون اکڙيون‪ ،‬پسيون پِنبڻيون‪ ،‬پرينَء جا نيڻ ياد آيا!‬

‫اسان سڀ حسرتون گِروي رکي تهمت ڪمائي سي‪،‬‬


‫ڪئي سي ننڊ جي جوئا‪ ،‬سمورا خواب هارايا!‬

‫وئي ڙي زندگاني وئي ڀڪوڙيل مٺ ۾ واريَء جان‪،‬‬


‫نه ڪو مون عشق نمٽايو‪ ،‬نه ئي ڪم ڪار اڪاليا!‬

‫اسان کي ظرف جي سوريَء تان ڪو الهي سگهي ٿو ڇا ؟‬


‫َ‬
‫ڏس‪ ،‬اسان جي ڪنهن نه ڪم آيا!‬ ‫َ‬
‫گس‪ ،‬اوهان جا‬ ‫اوهان جا‬

‫باندي ها‪،‬‬ ‫نيڻ قيدي ها‪ ،‬اسان جا شعر‬ ‫جا‬ ‫اسان‬


‫ته مارايا!‬ ‫خواب باغي ها‪ ،‬االئي ڪنهن‬ ‫جا‬ ‫اسان‬

‫تاتيون‪،‬‬ ‫هئا نِپنا‪ ،‬جتي هي حسرتون‬ ‫سپنا‬ ‫جتي‬


‫ٻارايا!‬ ‫جهنگ ساڙايا‪ ،‬اهي ٻيال ئي‬ ‫سڀ‬ ‫اهي‬

‫‪‬‬
‫ٿي‪:‬‬ ‫آزمائي‬ ‫به‬ ‫اِئن‬ ‫عاشقي‬
‫ٿي!‬ ‫وڌائي‬ ‫ِسڪ‬ ‫هر مالقات‬

‫کيس َ‬
‫ڪن ۾ ڪيان ٿو سرگوشي‪،‬‬
‫هوَء ڄڻ نظم واپرائي ٿي!‬

‫منهنجي‪،‬‬ ‫آرزو‬ ‫بيتاب‬ ‫هاِء!‬


‫تنهنجي اکڙين ۾ جڳمڳائي ٿي!‬

‫تي‪،‬‬ ‫حسرتن جي وڃي مزارن‬


‫ٿي!‬ ‫دل اداسڻ ڏيئو جالئي‬

‫منهنجي ڇاتيَء ۾ ٿي ڇپي روئي‪،‬‬


‫اک چورائي‪ ،‬دل مالئي ٿي!‬

‫پهچان ٿو‪،‬‬ ‫سدرة المنتهى تي‬


‫مالئي ٿي!‬ ‫هوَء جڏهين اکيون‬

‫رات بي چين‪ ،‬تات‪ ،‬تنهائي‪،‬‬


‫تڪتائي ٿي!‬
‫ڪ ِ‬‫ِ‬ ‫منهنجي يادن کي‬

‫ڪري چ ِمي َچ َ‬
‫پ مان‪،‬‬ ‫بوند جان ٿي ِ‬
‫مينهن چهري تي ڄڻ وسائي ٿي!‬

‫‪‬‬
‫آهي‪،‬‬ ‫لڳو‬ ‫وڻڻ‬ ‫هاڻي‬ ‫درد‬
‫آهي!‬ ‫لڳو‬ ‫ٿيڻ‬ ‫معراج‬ ‫عشق‬

‫آهي‪،‬‬ ‫لڳي‬ ‫چڳ ڪرڻ‬ ‫تي‬ ‫َ‬


‫ڳل‬
‫آهي!‬ ‫لڳو‬ ‫ڄڻ‬ ‫گِرهه‬ ‫کي‬ ‫چنڊ‬

‫پئي اچي مون ڏي‪،‬‬ ‫ڏات‬ ‫۾‬ ‫تات‬


‫آهي!‬ ‫لڳو‬ ‫وسڻ‬ ‫برکا‬ ‫نينهن‪،‬‬

‫جي؟‬ ‫َ‬
‫روين‬ ‫ڪڏهن‬ ‫ِرجندي‬ ‫برف‬
‫آهي!‬ ‫لڳو‬ ‫بي ربط ٿيڻ‬ ‫ضبط‬

‫مصروفيت“‪:‬‬ ‫آ‬ ‫گهڻي‬ ‫ناهي‬ ‫”وقت‬


‫آهي!‬ ‫لڳو‬ ‫چوڻ‬ ‫هو‬ ‫اِئن‬ ‫هاڻ‬

‫‪‬‬
‫وئي‪،‬‬ ‫ٿيندي‬ ‫اماس‬ ‫جي‬ ‫عاشقيَء‬
‫وئي!‬ ‫ٿيندي‬ ‫بدحواس‬ ‫زندگي‬

‫هئي‪،‬‬ ‫ڇوڪري ئي‬ ‫عام‬ ‫هوَء هڪ‬


‫وئي!‬ ‫خاص ٿيندي‬ ‫ڇو‬ ‫پر االئي‬

‫پکي موٽيا‪،‬‬ ‫سج ٻڏو‪،‬‬ ‫سانجهه ٿي‪،‬‬


‫ٿيندي وئي!‬ ‫دل اداس‬ ‫من منجهيو‪،‬‬

‫ويس‪،‬‬ ‫ته دنيا کان دور ٿيندو‬ ‫مان‬


‫وئي!‬ ‫جڏهن پاس پاس ٿيندي‬ ‫هوَء‬

‫رهي‪،‬‬ ‫ڏنگيندي‬ ‫جيان‬ ‫ڏينڀن‬ ‫ڏات‬


‫وئي!‬ ‫ٿيندي‬ ‫ٽِياس‬ ‫ڪا‬ ‫شاعري‬

‫‪‬‬
‫ٿي!‬ ‫رکي‬ ‫َچ َ‬
‫پ‬ ‫تي‬ ‫َ‬
‫گگن‬ ‫رت‬
‫ٿي!‬ ‫رکي‬ ‫پ‬‫َچ َ‬ ‫تي‬ ‫پون‬‫َ‬ ‫سرد‬

‫آ‪،‬‬ ‫لڳي‬ ‫ساڻ‬ ‫ڪناري‬ ‫ناُء‬


‫ٿي!‬ ‫رکي‬ ‫َچ َ‬
‫پ‬ ‫ڪپن تي‬ ‫ڄڻ‬

‫ٿي‪،‬‬ ‫ِرجي‬ ‫برف‬ ‫ڄڻ‬ ‫ٽانڊن تي‬


‫ٿي!‬ ‫رکي‬ ‫پ‬‫َچ َ‬ ‫تي‬ ‫هوَء چپن‬

‫پيار‪،‬‬ ‫پهريون‬ ‫اڀرئي‬ ‫سورج‬


‫پ رکي ٿي!‬ ‫َچ َ‬ ‫َاڪن تي‬ ‫ماڪ‬

‫سم ‪،‬‬ ‫گم‬ ‫سوچن ۾‬ ‫شاعر آ‬


‫ٿي!‬ ‫رکي‬ ‫پ‬‫َچ َ‬ ‫تي‬ ‫پين پنن‬

‫‪‬‬
‫هـوا بدمـست ڪيئن ٿي آ‪ ،‬فـضا بيتاب ڇو آهي!‬
‫شهـر ۾ ڇو اداسي آ‪ ،‬صدا بـيتاب ڇـو آهـي!‬

‫خطا ٿـيندي‪ ،‬خطا ٿيـندي‪ ،‬خطا ٿيندي‪،‬‬ ‫جوانيَء کان‬


‫ڇا لئه آ‪ ،‬دنيا بــيتاب ڇو آهي!‬ ‫خدا ناراض‬

‫شهر جنهن ۾‪ ،‬ٽهڪ ٿي ناياب پيا آهن‪،‬‬ ‫هي ڪهڙو‪،‬‬


‫آهي!‬ ‫ڇو‬ ‫بيتاب‬ ‫ادا‬ ‫آهن‪،‬‬ ‫اداس‬ ‫حسـينائون‬

‫آهين‪،‬‬ ‫سپنا‪ ،‬ڪٿي تون چندرما‬ ‫اکڙيون اهي‬ ‫اهي‬


‫آهي!‬ ‫هئي تو‪ ،‬اها بـيتاب ڇـو‬ ‫جيـڪا چمي‬ ‫ڏني‬

‫‪‬‬
‫وياسين‪،‬‬ ‫ته‬ ‫راز کي سمجهي‬ ‫َ‬
‫رمز‬ ‫روحاني‬
‫وياسين!‬ ‫ته‬ ‫باز کي‪ ،‬سمجهي‬ ‫هِن برهه بحري‬

‫وڪ ۾‪،‬‬ ‫يا‪ ،‬سرافيلي ڦ َ‬ ‫۾‬ ‫ڪ َ‬


‫وڪ‬ ‫ڪوئل جي‬
‫وياسين!‬ ‫ته‬ ‫سمجهي‬ ‫کي‪،‬‬ ‫آواز‬ ‫جي‬ ‫اهلل‬

‫ٿو‪،‬‬ ‫محب‬ ‫مارائي‬ ‫ڏي‪،‬‬ ‫کي‬ ‫درد‬ ‫دادلن‬ ‫ٿو‬


‫ته وياسين!‬ ‫سمجهي‬ ‫کي‪،‬‬ ‫انداز‬ ‫جي‬ ‫عشق‬ ‫هِن‬

‫پروڙيو‪،‬‬ ‫ڪجهه ڪجهه آه ِه پاڻ‬ ‫کي‬ ‫ڳجه َه‬ ‫هِن‬


‫وياسين!‬ ‫ساز کي‪ ،‬سمجهي ته‬ ‫سندي‬ ‫ساه َه‬ ‫هِن‬

‫‪‬‬

‫_____________________________________‬
‫فقير امام الدين جي ڳايل ڪالم ” صوفيَء جي سوز ساز کي‪،‬‬
‫سمجھي ته وياسين“ کان متاثر ٿي لکيل‪.‬‬
‫تو سوا تڪرار ٿيندي ٿي وڃي‪،‬‬
‫زندگي دشوار ٿيندي ٿي وڃي!‬

‫ّ‬
‫تصور سان بکي‪،‬‬ ‫تات ڀي تنهنجي‬
‫ڏات ڀي شهڪار ٿيندي ٿي وڃي!‬

‫دل ئي دل ۾ ٿي دکي‪ ،‬ٻاڦي نٿي‪،‬‬


‫ڇوڪري بيمار ٿيندي ٿي وڃي!‬

‫روڄ راڙو‪ ،‬ضد‪ ،‬کيچل ۽ انگل‪،‬‬


‫دل به ننڍڙو ٻار ٿيندي ٿي وڃي!‬
‫تنهنجي ِسڪ ۾ س َ‬
‫ڪ ٿيندو ٿو وڃان‪،‬‬
‫يادگيري بار ٿيندي ٿي وڃي!‬

‫سمجهه‪ ،‬ڏاهپ‪ ،‬سوچ‪ ،‬ساڃهه‪ ،‬فلسفو‪،‬‬


‫شاعري آزار ٿيندي ٿي وڃي!‬

‫تون به ٻيلي‪ ،‬جهٽ ملڻ جي ڪر زبير!‬


‫هاڻ دوري گار ٿيندي ٿي وڃي!‬

‫‪‬‬
‫جي ڇاڻي‪ ،‬توڏي آياسي‪،‬‬ ‫سفر‬ ‫ڌوڙ‬
‫۾ آڻي‪ ،‬توڏي آياسي!‬ ‫اکين‬ ‫لڙڪ‬

‫سڀ ستارا ميڙي تو کي منٿ ڪئي‪،‬‬


‫چانڊوڪيَء کي تاڻي‪ ،‬توڏي آياسي!‬

‫ڏينهن سڄي جا َٿڪ کڻي ۽ ِسڪ کڻي‪،‬‬


‫سج کي گهر اماڻي‪ ،‬توڏي آياسي!‬

‫آدرشن ۾ گهاري سي‪،‬‬ ‫حياتي‬ ‫اڌ‬


‫۾ هاڻي‪ ،‬توڏي آياسي!‬ ‫عمر‬ ‫ه ِن‬

‫ڪي پائڻ الِء پرين‪،‬‬ ‫پل‬ ‫وارا‬ ‫جيئڻ‬


‫ٽاڻي‪ ،‬توڏي آياسي!‬ ‫واري‬ ‫پيئڻ‬

‫َديار‪،‬‬ ‫اچڻا وڃڻا هِن‬ ‫هئاسين‬ ‫ڪونه‬


‫آياسي!‬ ‫توڏي‬ ‫داڻي‪،‬‬ ‫۽‬ ‫آب‬ ‫آندو‬

‫آخر ۾‬ ‫گذري‪،‬‬ ‫االئي ڪاٿي‬ ‫عمر‬


‫آياسي!‬ ‫توڏي‬ ‫الڙڪاڻي‪،‬‬ ‫موٽي‬

‫‪‬‬
‫برف جهڙي يا باهه جهڙي هئي!‬
‫پريت پنهنجي نباهه جهڙي هئي!‬

‫عشق منهنجو به آهه زاري هو‪،‬‬


‫سونهن تنهنجي به چاهه جهڙي هئي!‬

‫پاڻ ئي پاڻ ٿي هئي پيدا‪،‬‬


‫پريت صحرا جي گاهه جهڙي هئي!‬

‫ڇا َڏسيان پيار هن سان ڪهڙو هو‪،‬‬


‫هوَء سهڪي ۾ ساهه جهڙي هئي!‬

‫عشق منهنجو ثواب جهڙو هو‪،‬‬


‫سونهن هن جي گناهه جهڙي هئي!‬

‫اوچتو ئي زبير ڏي آئي‪،‬‬


‫هيل پر هوَء‪ ،‬ڪپاهه جهڙي هئي!‬

‫‪‬‬
‫ڌنڌلو ڌنڌلو‪ ،‬منظر ٿيندو ٿو وڃي!‬
‫منهنجو اندر‪ ،‬مندر ٿيندو ٿو وڃي!‬

‫دل جو هي درياهه تنهنجي تنهنجي چاهه ۾‪،‬‬


‫هوريان هوريان ساگر ٿيندو ٿو وڃي!‬

‫راڻي! تنهنجو هڪڙو هڪڙو واعدو‪،‬‬


‫ڇنڇر آچر سومر ٿيندو ٿو وڃي!‬

‫سونهن نئين ساماڻي آهي شهر ۾‪،‬‬


‫ماڻهو ماڻهو شاعر ٿيندو ٿو وڃي!‬

‫سائنڻ! تنهنجي سندر ساروڻين سندو‪،‬‬


‫لمحو لمحو خنجر ٿيندو ٿو وڃي!‬

‫ت رالئي بازارن ۾ سونهن جا‪،‬‬ ‫ب َ‬


‫عشق اسان جو آذر ٿيندو ٿو وڃي!‬

‫مون تي تنهنجن نيڻن جو او ڪامڻي‪،‬‬


‫جادو جنتر منتر ٿيندو ٿو وڃي!‬

‫‪‬‬
‫ڪر ايترو نه پيار‪ ،‬مان پٿر نه ٿي پوان‬
‫ايئن ڏس نه لڳاتار‪ ،‬مان پٿر نه ٿي پوان‬

‫ت‪ ،‬خواب ۾ صفا منڊي ته ڇڏيو آ‪،‬‬ ‫هڪ ب َ‬


‫مون کي ننڊ مان اٿار‪ ،‬مان پٿر نه ٿي پوان!‬

‫سحر سحر اکين ۾ هو‪ ،‬قهر قهر نهار‪،‬‬


‫ننڊاکڙا خمار‪ ،‬مان پٿر نه ٿي پوان!‬

‫هي آس‪ ،‬مون کي‪ ،‬ٽياس تي بي چين ٿي ڪري‬


‫او يار‪ ،‬تخته دار‪ ،‬مان پٿر نه ٿي پوان!‬

‫هن درد جي لذت ۽ اذيت ته واهه جي آ‪،‬‬


‫اي عشق جا آزار! مان پٿر نه ٿي پوان!‬

‫ڪري‪،‬‬‫تون ٻوٽ پنهنجا نيڻ‪ ،‬ته بجلي نه پئي ِ‬


‫تون ويڙهه پنهنجا وار‪ ،‬مان پٿر نه ٿي پوان!‬

‫**‬
‫ڏکيو درد آهي دوا کي ڇڏيون ٿا‬
‫پرين پرچ هاڻي انا کي ڇڏيون ٿا‬

‫پڙاڏي جو پيڇوڪجي ڪيستائين‬


‫هي بي نام بي چين صدا کي ڇڏيون ٿا‬

‫هي گِريا هي سجدا‪ ،‬ڏٺا ڏاڍا ٿياسين‬


‫خوديَء کي وٺون ٿا‪ ،‬خدا کي ڇڏيون ٿا‬

‫نه اجهندو نه اجهندو‪ ،‬هي ڏيئو اسان جو‬


‫ڀلي آزمائي هوا کي ڇڏيون ٿا‬

‫اسان پار درياهه پاڻ ئي ڪنداسي‬


‫موسي واري عصا کي ڇڏيون ٿا‬
‫ٰ‬ ‫اِنهي‬

‫پوڄارڻ جي پوڄا ڪيون ٿا زبير‬


‫هي ديوي ڏسي ديوتا کي ڇڏيون ٿا‬
‫هندوَء جي صنم کان مٿي‪ ،‬ماڻهوَء جو من آ‬
‫مسلم جي حرم کان مٿي‪ ،‬ماڻهوَء جو من آ‬

‫َ‬
‫شرع شريعت کان‪ ،‬هر فرقي ۽ فقه کان‪،‬‬ ‫هر‬
‫هر دين ڌرم کان مٿي‪ ،‬ماڻهوَء جو من آ‬

‫هر حور‪ ،‬نور‪ ،‬صور کان‪ ،‬هر نرڳ‪ ،‬سرڳ کان‪،‬‬


‫هر باغ ارم کان مٿي‪ ،‬ماڻهوَء جو من آ‬

‫هر ناز‪ ،‬ساز‪ ،‬راز کان‪ ،‬روزي نماز کان‬


‫ٻئي ڪنهن به فهم کان مٿي‪ ،‬ماڻهوَء جو من آ‬

‫سچ َ‬
‫مچ کان‪،‬‬ ‫ڪوڙ جي اِن ڌوڙ کان‪ ،‬هر َ‬
‫ِشر‪ ،‬خير جي ڪم کان مٿي‪ ،‬ماڻهوَء جو من آ‬
‫هيَء هانوَء ۾ هرکر ڇا جي آ‬
‫۽ جيَء ۾ جل ٿل ڇا جي آ‬
‫ڇو روڳي روح پياسي آ‬
‫ڇو سانجھيَء جئن اداسي آ‬
‫هي نيڻ جھڙاال ڇو ٿا ٿين‬
‫۽ آال آال ڇو ٿا ٿين‬
‫ڪراهه وچان‪،‬‬ ‫هي ساهه‪ ،‬آه َه ِ‬
‫ڇو پل پل تو ڏي تانگھي ٿو‬
‫هي درد وڇوڙي جو هاڻي‬
‫وڻن وانگي ڇانگي ٿو‬
‫او ڇولين جھڙي ڇوڪري‪،‬‬
‫هر جاِء نظر اچين ڇو ٿي؟‬
‫تون مون اندر رهين ڇوٿي؟‬
‫تون الڪا الڪا ڇو ٿي ٿئين!‬
‫۽ سڏڪا سڏڪا ڇو ٿي ٿئين؟‬
‫۽ مون ۾ تون رچين ته ڇوٿي!‬
‫تون ايڏي ياد اچين ٿو ڇو ٿي؟‬
‫تون ايڏي ياد اچين ٿو ڇو ٿي؟‬

‫***‬

You might also like