Download as docx, pdf, or txt
Download as docx, pdf, or txt
You are on page 1of 3

‫صوفي ڪميون‬

‫ضرورت ۽ اهميت‬
‫ڊاڪٽر ساغر ابڙو‬
‫اسان ڪافي وقت کان وٺي سنڌ ۾ صوفي ڪميون برپا ڪرڻ ال ِء‬
‫صالحون پئي ڏنيون آهن پر اڃا تائين دوستن جي ذهن ۾ ابهام ۽‬
‫سوال آهن ته اهڙي ڪميون جي ڪهڙي ضرورت آهي ۽ ان مان‬
‫‪.‬ڇا حاصل ٿيندو‬
‫اڄ اسان جنهن دور ۾ زندگي گهاري رهيا آهيون‪ ،‬اتي اسان جا‬
‫‪:‬ڪجهه اهم مسئال هي آهن‬
‫تعليم ‪ ،‬تربيت ۽ صحبت جو مسئلو ‪.‬‬
‫اظهار جي آزادي جو مسئلو ‪.‬‬
‫صحت ۽ صحتمند خوراڪ جو مسئلو ‪.‬‬
‫امن امان جو مسئلو ‪.‬‬
‫معاشي پاڻڀرائي جو مسئلو ‪.‬‬
‫انهن مسئلن جي حل ال ِء اسانجي سماج ۾ ڪوبه جامع پروگرام‬
‫ناهي‪ .‬وڌ ۾ وڌ وقت جي سرڪار يا اقتداري ڌر آڏو دانهون‬
‫ڪوڪون ڪرڻيون آهن‪ ،‬جيڪي گذريل ‪ 73‬سالن ۾ ڪڏهن به‬
‫ورنايون نه ويون آهن‪ .‬سماج ۾ موجود مختلف سياسي ڌرين جا‬
‫پنهنجا ذاتي مفاد آهن جن جو عوام جي زندگي جي انهن بنيادي\‬
‫‪.‬مسئلن سان ڪو به تعلق ناهي‬
‫صوفيت‪ ،‬جيئن ته هڪ سماجي شعور جو مڪتب آهي‪ ،‬ان ال ِء اها‬
‫سمجهي ٿي ته ساڻس الڳاپيل ماڻهن جي مجموعي روحاني‪،‬‬
‫جسماني‪ ،‬علمي‪ ،‬شعوري‪ ،‬معاشي ۽ سماجي ترقي ال ِء ڪو اهڙو‬
‫ماڊل متعارف ڪرائجي جيڪو صوفيت سان سلهاڙيل ماڻهن کي‬
‫عامن ۽ عامين جي آڏو هٿ ٽنگڻ واري مجبوري َء کان آزاد‬
‫‪.‬ڪرائي‬
‫اهو صرف صوفي ڪميون جي برپا ٿيڻ سان ئي ممڪن آهي‪.‬‬
‫هڪ ڪميون گهٽ ۾ گهٽ ‪ 200‬گهرن تي مشتمل هوندو ۽ اهڙا‬
‫ڪيترائي ڪميون سنڌ جي مختلف عالئقن ۾ جوڙي سگهجن ٿا‪.‬‬
‫جيئن ته صوفيت سان الڳاپيل ماڻهن ۾ استاد‪ ،‬ڊاڪٽر‪ ،‬انجنيئر‪،‬‬
‫رازا‪ ،‬واڍا‪ ،‬مزدور‪ ،‬ڳائڻا‪ ،‬موسيقار‪ ،‬رقاص‪ ،‬هاري‪ ،‬پينٽر‪،‬‬
‫ڊرائيور‪ ،‬مالهي ۽ هر قسم جا پروفيشنل اچي وڃن ٿا‪ ،‬ان ال ِء صوفي‬
‫‪.‬ڪميون وٽ افرادي قوت جي ڪابه کوٽ نه هوندي‬
‫صوفي ڪميون ۾ هڪ سبزين جي واڙي‪ ،‬ڊيري فارم‪ ،‬ديسي‬
‫ڪڪڙين جو فارم‪ ،‬اسڪول‪ ،‬ڪاليج‪ ،‬اسپتال‪ ،‬ووڪيشنل سينٽر‪،‬‬
‫يوگا ڪلب‪ ،‬پارڪ‪ ،‬ڪميونٽي هال ۽ سماع خانو‪ ،‬سمال انڊسٽريز‬
‫جا يونٽ‪ ،‬سولر انرجي پاور هائوس ۽ ٻاهرين رستي تي هڪ گهڻ‬
‫‪.‬مقصدي مارڪيٽ هوندو‬
‫ڪميون جو واضح حدون هڪ چوديواري سان ڍڪيل هونديون‪،‬‬
‫جتي صوفي ۽ صوفيت پسند انسان پنهنجي زندگي آئيڊيل نموني‬
‫گذاري سگهندا‪ .‬هر مرد‪ ،‬عورت ۽ ٻار کي اظهار جي مڪمل‬
‫آزادي هوندي ۽ اهڙا موقعا به ملندا جنهن سان سماج مان ڪيترن‬
‫ئي نفسياتي مونجهارن جو خاتمو ايندو‪ .‬هڪ جڳهه تي رهڻ سان‬
‫صوفي صحبت جو ادارو مضبوط ٿيندو ۽ صوفيت جي علمي توڙي‬
‫‪.‬عملي ترويج تحقيقي بنيادن تي ٿي سگهندي‬
‫نج کاڌن ۽ فصلن جي واپرائڻ سان انيڪ بيمارين کان بچي سگهبو‬
‫۽ ايندڙ نسلن ۾ بهترين قوت مدافعت پيدا ٿيندي‪ .‬هڪ ئي نظريي‬
‫سان الڳاپيل هجڻ ۽ غربت‪ ،‬بيماري توڻي بيروزگاري کان آجائي‬
‫‪.‬امن امان قائم رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي‬
‫سمال ٽريڊ ۽ انڊسٽريز ذريعي ڪميون معاشي پاڻڀرائي حاصل‬
‫ڪري وٺندو ۽ مارڪيٽ سان صوفي معاشيات جي اصولن تي ڏي‬
‫وٺ جي نتيجي ۾ شيون سستيون ٿينديون ۽ اوسي پاسي مان پڻ‬
‫‪.‬گراهڪ ملي پوندا‬
‫اسڪول ۽ ڪاليج جو نصاب انسان دوستي‪ ،‬بين المذاهب هم آهنگي‬
‫۽ صوفيت جي وحدت الوجودي تعليم مطابق هوندو‪ ،‬جيڪو سائنسي‬
‫سوچ ۽ سوال ڪرڻ جي روايت کي مضبوط ڪندو جنهن سان‬
‫‪.‬هڪ ڪامياب ۽ انسان دوست نئون نسل پيدا ٿيندو‬
‫سڀني وحدت الوجودي سلسلن سان الڳاپيل دوست ڪميون جو‬
‫حصو ٿي سگهن ٿا جنهن سان طريقن ۾ موجود وٿين کي ختم ڪرڻ‬
‫جو موقعو ملندو ۽ صوفيت جي حقيقي جوهر ۽ قوت کي ظاهر ٿيڻ‬
‫‪.‬جو موقعو ملندو‬

You might also like