Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 3

‫‪Class Four‬‬ ‫‪[Sindhi]By: Khuda Bux Tunio (H.M). Composed By: Abdullah Khokhar (PST) GBPS Ali Ashabo.

‬‬

‫سنڌي‬
‫سوال‪ :1‬حمد ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب‪ :‬جنھن بيت يا شعر ۾ هللا سائين جي ساراھ بيان ٿيل ھجي تـه ان کي حمد چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :2‬نعت ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب‪ :‬جنھن بيت يا شعر ۾ نبي پاڪ ﷺجن جي تعريف بيان ٿيل ھجي تـه ان کي نعت چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :3‬حمد قدرت وارا ڪنھن لکيو آھي؟‬
‫جواب‪ :‬حمد قدرت وارا ڪشنچند بيوس لکيو آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :4‬اسان جي نبي سڳوري جو نالو ڇا آھي؟‬
‫جواب‪ :‬اسان جي نبي سڳوري جو نالو حضرت محمد مصطفي ﷺ آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :5‬اسان جي نبي ڪريم ﷺ ڪھڙي شھر ۾ ڄاوا ۽ روضو ڪھڙي شھر ۾ آھي؟‬
‫جواب‪ :‬اسان جي نبي ڪريم ﷺ مڪي شريف ۾ ڄاوا ۽ روضو مديني شھر ۾ آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :6‬پاڻ ڪريم جن ڪھڙي تبليغ ڪئي؟‬
‫جواب‪ :‬پاڻ ڪريم ﷺ جن اھا تبليغ ڪئي تـه هللا ھڪ آھي ان سان ڪنھن کي بـه شريڪ نـه ڪريو ۽ بتن جي پوڄا نـه ڪريو‪.‬‬
‫سوال‪ :7‬حضور پاڪ ﷺ جن مڪي مان مديني ڏانھن ھجرت ڇو ڪئي؟‬
‫جواب‪ :‬مڪ ي جا ڪافر پاڻ سڳورن جا جاني دشمن ٿي پيا ۽ کين سندن اصحابن کي تڪليفون ڏيڻ لڳا‪ .‬ان ڪري پاڻ سڳورن ﷺ‬
‫مديني ڏانھن ھجرت ڪئي‪.‬‬
‫الڪبري جي سھڻي ڪردار سبب ماڻھو کيس ڪھڙي لقب سان سڏيندا ھئا؟‬ ‫ؓ‬ ‫سوال‪ :8‬بيبي خديجتـه‬
‫جواب‪ :‬بيبي صاحبـه کي سھڻي ڪردار سبب ماڻھو کيس طاھره جي لقب سان سڏيندا ھئا‪.‬‬
‫سوال‪ :9‬عورتن ۾ سڀ کان اول نبي پاڪ تي ڪنھن ايمان آندو؟‬
‫الڪبري عورتن ۾ سڀ کان اول ايمان آندو‪.‬‬ ‫ؓ‬ ‫جواب‪ :‬حضرت بيبي خديجتـه‬
‫سوال‪ :10‬مردن ۾ سڀ کان اول نبي پاڪ تي ڪنھن ايمان آندو؟‬
‫جواب‪ :‬حضرت ابوبڪر صديق مردن ۾ سڀ کان اول ايمان آندو‪.‬‬
‫سوال‪ :11‬ٻارن ۾ سڀ کان اول نبي پاڪ تي ڪنھن ايمان آندو؟‬
‫جواب‪ :‬حضرت علي ڪرم هللاوجھه ٻارن ۾ سڀ کان اول ايمان آندو‪.‬‬
‫الڪبري اسالم جي ڪھڙي خدمت ڪئي؟‬ ‫ؓ‬ ‫سوال‪ :12‬حضرت بيبي خديجتـه‬
‫جواب‪ :‬بيبي صاحبـه پنھنجي سموري ملڪيت دين جي ڪمن ۾ خرچ ڪري ڇڏي‪.‬‬
‫سوال‪ :13‬پاڻ سڳورن بيبي صاحبـه بابت ڇا فرمايو؟‬
‫جواب‪ :‬پاڻ سڳورن جن فرمايو تـه منھنجي بيبي صاحبـه بيبين ۾ سڀ کان بھتر ھئي‪.‬‬
‫سوال‪ :14‬قرآن پاڪ کي هللا تعالي ڪھڙي رات ۾ نازل ڪيو؟‬
‫جواب‪ :‬قرآن پاڪ کي هللا تعالي شب قدر ۾ نازل ڪيو‪.‬‬
‫سوال‪ :15‬قرآن پاڪ ۾ شب قدر الءِ ڪھڙو ارشاد آھي؟‬
‫ج واب‪ :‬قرآن پاڪ ۾ آھي تـه بيشڪ اسان قرآن پاڪ قدر جي رات ۾ نازل ڪيو ويو ۽ اھا رات ھزارن مھينن کان بھتر آھي ان رات‬
‫۾فرشتا پنھنجي رب جي حڪم سان لھن ٿا اھا رات صبح ٿيڻ تائين سالمتي واري ھوندي آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :16‬عام طور مسلمان شب قدر رمضان مھيني جي ڪھڙي تاريخ تي ملھائيندا آھن؟‬
‫جواب‪ :‬عام طور مسلمان شب قدر رمضان مھيني جي ‪ 27‬تاريخ تي ملھائيندا آھن‪.‬‬
‫سوال‪ :17‬مخدوم نوح ؒ کي صديقي ڇو ٿو سڏيو وڃي؟‬
‫جواب‪ :‬مخدوم نوح ؒ حضرت ابوبڪر صديق رضـ جي خاندان مان آھن ان ڪري کين صديقي سڏيو وڃي ٿو‪.‬‬
‫سوال‪ :18‬مخدوم نوح ؒ جي گادي کي ڇا سڏيو ويندو آھي؟‬
‫جواب‪ :‬نو لکي گودڙي‪.‬‬
‫سوال‪ :19‬مخدوم نوح ؒ جي مزار ڪٿي آھي؟‬
‫جواب‪ :‬نوان ھاال ۾‪.‬‬
‫سوال‪ :20‬زندگي جو مقصد ڪھڙي ريت حاصل ڪري سگھجي ٿو؟‬
‫جواب‪ :‬علم حاصل ڪري ھنر سکي ۽ محنت ڪرڻ سان ئي زندگي جو مقصد حاصل ڪري سگھجي ٿو‪.‬‬
‫سوال‪ :21‬اسان جي ملڪ جي قومي جھنڊي ۾ ڪھڙا ڪھڙا رنگ آھن؟‬
‫جواب‪ :‬اسان جي قومي جھنڊي ۾ سائو ۽ اڇو رنگ آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :22‬قومي جھنڊي ۾ سائو رنگ ڇا جي عالمت آھي؟‬
‫جواب‪ :‬قومي جھنڊي ۾ سائو رنگ مسلمانن جي نمائندگي ڪري ٿو جيڪو خوشحالي جي نشاني آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :23‬قومي جھنڊي ۾ اڇي رنگ جو مقصد ڇا آھي؟‬
‫جواب‪ :‬اڇو رنگ ملڪ ۾ رھندڙ ٻين مذھبن جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ اُھو رنگ امن جي بـه نشاني آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :24‬اسان جي قومي جھنڊي ۾ ڪھڙا نشان آھن؟‬
‫جواب‪ :‬اسان جي قومي جھنڊي ۾ چنڊ ۽ تارو آھن‪.‬‬
‫سوال‪ :25‬شاھجھان مسجد ۾ گھڻا گنبذ آھن؟‬
‫‪1‬‬
‫‪Class Four‬‬ ‫‪[Sindhi]By: Khuda Bux Tunio (H.M). Composed By: Abdullah Khokhar (PST) GBPS Ali Ashabo.‬‬

‫جواب‪ :‬شاھجھان مسجد ۾ ‪ 101‬گنبذ آھن‪.‬‬


‫سوال‪ :26‬شاھجھان مسجد ڪھڙي ضلع ۾ آھي ۽ ڪنھن تعمير ڪرائي؟‬
‫جواب‪ :‬شاھجھان مسجد ٺٽي ضلع ۾ آھي ۽ مغل بادشاھ شاھجھان ٺھرائي‬
‫سوال‪ :27‬اھا ڪھڙي نعمت آھي جنھن تان زندگي بـه قربان ڪري ڇڏبي آھي؟‬
‫جواب‪ :‬اھا وطن جي نعمت آھي جنھن تان زندگي بـه قربان ڪري ڇڏبي آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :28‬راشد منھاس وطن جي ڪھڙي غدار کي ناڪام بڻايو؟‬
‫جواب‪ :‬راشد منھاس وطن جي غدار مطيع الرحمن کي ناڪام بڻايو‪.‬‬
‫سوال‪ :29‬پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو فوجي اعزاز ڪھڙو آھي‬
‫جواب‪ :‬پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو فوجي اعزاز نشان حيدر آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :30‬سال ۾ گھڻيون مندون آھن؟‬
‫جواب‪ :‬سال ۾ چار مندون آھن‪.‬‬
‫‪ .1‬سيارو ‪ .2‬اونھارو ‪ .3‬بھار ‪ .4‬سر ُء‬
‫سوال‪ :31‬بھار کي ٻيو ڇا چئبو آھي؟‬
‫جواب‪ :‬بھار کي ٻيو بسنت چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :32‬ڪمپيوٽر جي ايجاد ڪڏھن ۽ ڪنھن ڪئي؟‬
‫جواب‪ :‬ڪمپيوٽر ‪1642‬ع ۾ فرانس جي ھڪ سائنسدان بليز پاسڪل ڪئي‪.‬‬
‫سوال‪ :33‬ڪمپيوٽرن ڪھڙن مکيـه اصولن وسيلي ڪم ڪري ٿو؟‬
‫جواب‪ :‬ڪمپوٽر ٻن مکيـه اصولن وسيلي ڪم ڪري ٿو ‪.‬‬
‫‪ 1‬ان پٽ‬ ‫)‪(Out Put‬آئوٽ پٽ ‪(In Put) .2‬‬
‫سوال‪ :34‬ڪمپيوٽر جا مکيـه ڪيترا قسم ٿين ٿا؟‬
‫جواب‪ :‬ڪمپيوٽر جا مکيـه ٽي قسم آھن‪.‬‬
‫‪ .3‬مائڪرو ڪمپيوٽرس )‪(Micro Computers‬‬ ‫‪ .1‬مين فريم )‪ .2 (Main Frame‬مني فريم )‪(Mini Frame‬‬
‫سوال‪ :35‬ٻارن کي ڪھڙي بيماري کان بچڻ جا ڦڙا پياريا ويندا آھن؟‬
‫جواب‪ :‬ٻارن کي پوليو کان بچڻ جا ڦڙا پياريا ويندا آھن‪.‬‬
‫سوال‪ :36‬ٻارن کي ڪھڙين ڪھڙين بيمارين جا ٽڪا لڳايا وڃن ٿا؟‬
‫جواب‪ :‬ٻارن کي ٽي بي ‪ ،‬وڏي کنگھ ‪ ،‬ڳلي جي بيماري ‪ ،‬ارڙي ‪ ،‬نمونيا ‪ ،‬مدي جو بخار ۽ سائي کان بچا ُء جا ٽڪا لڳايا ويندا آھن‪.‬‬
‫سوال‪1965 :37‬ع واري جنگ ۾ اسان جي ملڪ تي ڪنھن حملو ڪيو؟‬
‫جواب‪1965 :‬ع واري جنگ ۾ اسان جي ملڪ تي ھندستان حملو ڪيو‪.‬‬
‫سوال‪ :38‬پاڪستان جي فوج ‪1965‬ع واري جنگ ۾ ڪھڙي بھادري ڏيکاري؟‬
‫جواب‪1965 :‬ع واري جنگ ۾ پاڪستان جي بھادر فوجين ڪجھ ٽئنڪون تيزي سان پکيڙي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ ڀرپور حملو ڪري‬
‫ڀارت جي فوج کي پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪيو‪.‬‬
‫سوال‪ :39‬پاڪستان جي بحري فوج ڀارت جي ڪھڙي بندر تي حملو ڪيو؟‬
‫جواب‪ :‬پاڪستان جي بحري فوج ڀارت جي دوارڪا بندر تي حملو ڪيو‪.‬‬
‫سوال‪ :40‬بچت ڪرڻ ڇو ضروري آھي؟‬
‫جواب‪ :‬بچت ڪرڻ ان الءِ ضروري آھي تـه جيئن ملڪ ۽ قوم جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪري سگھون‪.‬‬
‫سوال‪ :41‬سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ ڪڏھن آئي؟‬
‫جواب‪ :‬سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ ‪2010‬ع ۾ آئي‪.‬‬
‫سوال‪ :42‬اُھا ٻوڏ ڪھڙو بند ٽٽڻ سبب آئي؟‬
‫جواب‪ :‬اھا ٻوڏ ٽوڙي واري بند ٽٽڻ جي سبب آئي‪.‬‬
‫سوال‪ :43‬ٽوڙي وارو بند ڪٿي آھي؟‬
‫جواب‪ :‬ٽوڙي وارو بند گڊو بئراج وٽ آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :44‬ٻوڏ دوران ڪھڙن ڪھڙن ادارن فالحي ڪمن ۾ حصو ورتو؟‬
‫جواب‪ :‬ٻوڏ دوران نئشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي‪ ،‬بَ ِري‪ ،‬بَحري ۽ ھوائي فوج سنڌ گرئجوئيش ائسوسيئيشن‪ ،‬ھالل احمر فالحي‬
‫ڪمن ۾ حصو ورتو‪.‬‬
‫سوال‪ :45‬ماحول کي صاف سٿرو رکڻ الءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟‬
‫جواب‪ :‬ماحول کي صاف سٿرو رکڻ ۽ دونھون ڇڏيندڙ گاڏين جو استعمال نـه ڪرڻ گھرجي ڪارخانن ۽ فيڪٽرين کي شھرن جي آبادي‬
‫کان پري قائم ڪجي وڻن ۽ ٻوٽن کي وڍڻ نـه گھرجي ۽ وڌ کان وڌ وڻ ۽ ٻوٽا پوکڻ گھرجي‪.‬‬
‫سوال‪ :46‬شيخ سعدي جو اصل نالو ڇا ھو؟‬
‫جواب ‪ :‬شرف الدين ( ابو محمد مصلح الدين )‪ ،‬ايران جي شھر شيراز جو رھاڪو ھو‪.‬‬
‫سوال‪ :47‬شيخ سعدي جا ڪھڙا ڪتاب مشھور آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬گلستان ۽ بوستان‪ .‬جن ۾ اخالقي نصيحتن جون ڪھاڻيون‪.‬‬
‫سوال‪ :48‬ٽيپو سلطان جو قول ٻڌايو؟‬
‫جواب ‪ “:‬شينھن جي ھڪ ڏينھن جي زندگي گدڙ جي سو سالن جي زندگي َء کان بھتر آھي‬
‫‪2‬‬
‫‪Class Four‬‬ ‫‪[Sindhi]By: Khuda Bux Tunio (H.M). Composed By: Abdullah Khokhar (PST) GBPS Ali Ashabo.‬‬

‫سوال‪ :49‬ذوالفقار علي ڀٽو ڪڏھن ڄائو؟‬


‫جواب ‪ 5 :‬جنوري ‪1928‬ع تي ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ پيدا ٿيو‪ .‬سندس پي َء جو نالو سر شاھنواز ڀٽو ھو‪.‬‬
‫سوال‪ :50‬ڀٽو صاحب اعلى تعليم ڪٿان حاصل ڪئي؟‬
‫جواب ‪ :‬آڪسفورڊ يونيورسٽي انگلينڊ مان‪.‬‬
‫سوال‪ :51‬ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو ڪائون صدر ٿيو ؟‬
‫جواب ‪ :‬چوٿون صدر‪.‬‬
‫سوال‪ :52‬ڀٽو صاحب ملڪ کي ڪھڙو آئين ڏنو؟‬
‫جواب ‪1973 :‬ع جو آئين‪.‬‬
‫سوال‪ :53‬ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪڏھن ڦاسي ڏني وئي‪.‬؟‬
‫جواب ‪ 4 :‬اپريل ‪1979‬ع ۾ جنرل ضيا ُءالحق ڏياري‪.‬‬
‫سوال‪ :54‬ذوالفقار علي ڀٽو کي قائد عوام ڇو ٿو سڏيو وڃي؟‬
‫جواب‪ :‬ذوالفقار علي ڀٽو عوام ۾ سماجي شعور پيدا ڪيو انھي ڪري کيس قائد عوام سڏيو وڃي ٿو‪.‬‬
‫سوال‪ :55‬شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آخري آرمگاھ ڪٿي آھي؟‬
‫جواب‪ :‬شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آّخري آرمگاھ سندس اباڻي ڳوٺ ڳڙھي خدابخش ۾ آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :56‬قلندر شھبازرح جو اصل نالو ڇا ھو ۽ ڪٿي ڄائو ھو؟‬
‫جواب‪ :‬قلندر لعل شھبازرح جو اصل نالو عثمان ھو ۽ آذربائيجان جي مروند نالي ڳوٺ ۾ ڄائو ھو‪.‬‬
‫سوال‪ :57‬لعل شھبازرح جي درگاھ ڪٿي آھي؟‬
‫جواب‪ :‬لعل شھبازرح جي درگاھ سيوھڻ شريف ۾ آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :58‬قلندر لعل شھبازرح جو ساليانو ميلو ڪڏھن لڳندو آھي؟‬
‫جواب‪ :‬قلندر لعل شھبازرح جو ساليانو ميلو شعبان مھيني ۾ ‪ 18‬تاريخ تي لڳندو آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :59‬سنڌي ٻولي ڪيتري قديم آھي؟‬
‫جواب‪ :‬سنڌي ٻولي پنج ھزار (‪ )5000‬سالن کان بـه وڌيڪ پراڻي آھي‪.‬‬
‫سوال‪ :60‬قرآن پاڪ جو پھريون ترجمو سنڌي ۾ ڪڏھن ٿيو؟‬
‫جواب‪ :‬قرآن پاڪ جو پھريون سنڌي ۾ ترجمو عربن جي دور ۾ ٿيو‪.‬‬
‫سوال‪ :61‬انگريزن ڪھڙي سال ۾ سنڌي جي صورتخطي کي نئين سر تيار ڪرايو؟‬
‫جواب‪ :‬انگريزن ‪1853‬ع ۾ سنڌي جي صورتخطي کي نئين سر تيار ڪرايو‪.‬‬
‫سوال‪ :62‬سنڌي ٻولي ۾ قديم ڪتاب ڪنھن لکيا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬سترھين صدي َء ۾ ٺٽي جي عالمن مخدوم ابوالحسن ۽ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي‪.‬‬
‫سوال‪ :63‬انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي کي ڪھڙي حيثيت حاصل ھئي؟‬
‫جواب ‪ :‬دفتري ۽ سرڪاري ٻولي جي حيثيت حاصل ھئي‪ .‬؟‬
‫سوال‪ :64‬شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي ڪتاب کي ڇا چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬شاھ جو رسالو‪.‬‬
‫سوال‪ :65‬سنڌي بيتن ۾ قرآن شريف جو ترجمو ڪنھن ڪيو؟‬
‫جواب ‪ :‬حاجي احمد مالح‪.‬‬
‫سوال‪ :66‬صدي َء ۾ ڪيترا سال آھن؟‬
‫جواب ‪ 100 :‬سال‪.‬‬

‫‪3‬‬

You might also like