Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 14

‫جيڏو تنهنجو نانء (حمد)‬ ‫سبق پهريون‬

‫سوال ‪ -:‬هي جهان ڪنهن جي تاري تڳي ٿو ؟‬


‫جواب ‪ -:‬هي جهان هللا تعالي جي تاري تڳي ٿو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬شاعر ٻئي بيت ۾ رب سائين کان ڪهڙي دعا گهري آهي ؟‬
‫جواب ‪ -:‬ش عر هن بيت ۾ دعا گهرندي چوي ٿو ته جهان ۾ جيڪو به آهي سو تنهنجي ئي‬
‫آسري آهي‪ .‬تو وٽ ٻاجه جي کوٽ ناهي‪ .‬انصاف تي ته منهنجو سزا کان ڇٽڻ ڏکيو آهي تون‬
‫پنهنجي مهر سان ڪو وڙ ڪر‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬شاعر رب پاڪ کان ڪيڏي ٻاجه گهري آهي ؟‬
‫جواب ‪ -:‬شاعر رب پاڪ کان ٻاجه گهرندي فرمائي ٿو ته جيڏو تنهنجو نالو وڏو آهي يا خدا!‬
‫مون تي‬
‫اوترو ئي رحم ڪج‪.‬‬
‫پورهئي جي اهميت‬ ‫سبق ٻيو‬
‫سوال ‪ -:‬مسجد نبوي جي اڏاوت ال ِء زمين ڪنهن کان خريد ڪئي وئي ؟‬
‫جواب ‪ -:‬مسجد نبوي جي اڏاوت ال ِء زمين بنو نجار قبيلي جي ٻن يتيم ڀائرن کان خريد ڪئي‬
‫وئي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬مسجد نبوي جي اڏاوت ۾ پاڻ سڳورن ڪهڙو حصو ورتو؟‬
‫جواب ‪ -:‬مسجد نبوي جي اڏاوت ۾ پاڻ سڳوراٻين اصحابن سان گڏجي مٽي ۽ پٿر ڍوئيندا‬
‫رهيا‪.‬‬
‫سوال ‪'-:‬پاڻ سڳورن جي ڪم ڪرڻ مان اسان کي ڪهڙو سبق ملي ٿو؟‬
‫جواب ‪ -:‬پاڻ سڳورن جي ڪم ڪرڻ مان اسان کي سبق ملي ٿو ته اسان پورهئي جي‬
‫عظمت سمجهي ڪڏهن به پورهئي کان عار نه ڪريون‪.‬‬
‫نعت‬ ‫سبق ٽيون‬
‫سوال ‪ -:‬شاعر هن نظم ۾ ڪنهن جي تعريف ڪئي آهي ؟‬
‫جواب ‪ -:‬شاعر هن نظم ۾ حضرت محمّد صلّي هللا عليه وآله وسلّم جي تعريف ڪئي آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬نبي سڳوري جي واکاڻ شاعر ڪهڙن لفظن ۾ ڪئي آهي ؟‬
‫جواب ‪ -:‬نبي سڳوري جي واکاڻ ڪندي شاعر فرمائي ٿو ته پاڻ سڳورا محبت ڪندڙ ‪،‬‬
‫سچار ۽ عبادت گذارهئا ‪ .‬ڪنهن سان دشمني يا نفرت ڪونه ڪندا هئا وٽن سڀني ال ِء عزت‬
‫هوندي هئي‪ .‬سڄي زندگي هر لحاظ کان مثالي رهي‪ .‬نفرتن کي مٽائي محبت ۽ اخوت جو‬
‫ماحول پيدا ڪيو‪.‬‬
‫ّ‬
‫مد صلي هللا عليه وآله وسلم جن جي پيدا ٿيڻ کان اڳ دنيا جي ڪهڙي‬ ‫ّ‬ ‫سوال ‪ -:‬حضرت مح ّ‬
‫حالت هئي ؟‬
‫ّ‬ ‫ّ‬
‫مد صلي هللا عليه وآله وسلم جن جي پيدا ٿيڻ کان اڳ دنيا جا ماڻهو‬ ‫جواب ‪ -:‬حضرت مح ّ‬
‫برائين ۾ زندگي گذاري رهيا هئا۽ نفرت جو ماحول هيو‪.‬‬
‫مد صلّي هللا عليه وآله وسلّم جن جي ڏنل سبق مان اسان کي‬ ‫سوال ‪ -:‬هللا جي رسول مح ّ‬
‫ڪهڙي نصيحت ملي ٿي؟‬
‫مد صلّي هللا عليه وآله وسلّم جن جي ڏنل سبق مان اسان کي‬ ‫جواب ‪ -:‬هللا جي رسول مح ّ‬
‫محبت ‪ ،‬صداقت‪ ،‬عبادت ۽ اخوت جي نصيحت ملي ٿي‪.‬‬
‫حضرت عثمان غني رضي للا عنه‬ ‫سبق چوٿون‬
‫هللا عن ُه کي هللا تعالي ڪهڙين خوبين سان نوازيو هو؟‬
‫سوال ‪ -:‬حضرت عثمان غني رضي ُ‬
‫هللا عن ُه کي هللا تعالي سنجيده طبيعت ۽ انصاف پسندي‬
‫جواب ‪ -:‬حضرت عثمان غني رضي ُ‬
‫جهڙين خوبين سان نوازيو هو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬مٺي پاڻي جي کوه جو نالو ڇا هو؟‬
‫جواب ‪ -:‬مٺي پاڻي جي کوه جو نالو رومه هو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬حضرت عثمان غني رضه اهو کوه ڪنهن کان خريد ڪيو؟‬
‫جواب ‪ -:‬حضرت عثمان غني رضه اهو کوه هڪ يهودي کان خريد ڪيو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬حضرت عثمان غني رضه يهودي کان کوه ڪيترن درهمن ۾ خريد ڪيو؟‬
‫جواب ‪ -:‬حضرت عثمان غني رضه يهودي کان کوه ويه هزار درهمن ۾ خريد ڪيو‪.‬‬
‫آڪاش منڊل‬ ‫سبق پنجون‬
‫سوال ‪ -:‬آڪاش منڊل يا شمسي نظام ڇا کي چوندا آهن ؟‬
‫جواب ‪ -:‬سج ۽ ان جي چوڌاري گردش ڪندڙ شين کي شمسي نظام چوندا آهن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬تارا ڇا آهن ؟‬
‫جواب ‪ -:‬تارا اهڙيون ڪائناتي ۽ قدرتي شيون آهن‪ ،‬جيڪي گرمي ‪ ،‬روشني ۽ ڪرڻا پيدا‬
‫ڪن ٿيون‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬سج ڇا آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬سج هڪ تارو آهي جنهن کي پنهنجي روشني آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬گره ۽ اُپ گره ۾ فرق ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬گره سج جي چوڌاري گردش ڪندو آهي جڏهن ته اپ گره وري ڪنهن گره جي‬
‫چوڌاري چڪر لڳائيندا آهن‪ .‬ڌرتي هڪ گره آهي ۽ چند اُپ گره آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ڪهڪشان ڇاکي چئجي ٿو؟‬
‫جواب ‪ -:‬آڪاش منڊل ۾ ڪهڪشائون هونديون آهن‪ .‬ڪهڪشائون ستارن جا جهرمٽ آهن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬پڇڙ تاري بابت اوهان کي ڪهڙي خبر آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬تارا جيئن سج جي ويجهو ايندا آهن ته سج جي گرمي تي انهن جا برفاني ته رجڻ‬
‫شروع ٿيندا آهن ۽ انهن مان خارج ٿيندڙ دونهين جهڙي وڏي اڇي شي ِء پڇ وانگر نظر ايندي‬
‫آهي تنهنڪري اهڙن تارن کي پڇڙتارا چوندا آهن‪.‬‬
‫هلو سبز پرچم اڏاري هلو‬ ‫سبق ڇهون‬
‫سوال ‪ -:‬هن نظم مان توهان کي ڪهڙو بند وڌيڪ پسند آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬هن نظم مان سان کي هيٺيون بند وڌيڪ پسند آهي‪:‬‬
‫ڪچائي‪ ،‬ڪپت‪ ،‬ڪوڙ ڪوري ڪڍو‪،‬‬
‫صداقت ۽ سچ جي سهاري هلو‪،‬‬
‫سوال ‪ -:‬اهو بند اوهان کي وڌيڪ ڇو پسند آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬اهو بند اسان کي وڌيڪ انڪري پسند آهي جو ان ۾ ڪوڙ ۽ ڪپت کي ڇڏي سچ‬
‫تي هلڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬وطن جي حب جا ڪي ٻيا شعر ياد هجن ته ٻڌايو‪.‬‬
‫وطن جي حب جي دل ۾ نٿي ايمان ڪهڙو ٿيو‪،‬‬ ‫جواب ‪-:‬‬
‫عمل ناهي جي انسان ۾ ته پو ِء انسان ڪهڙو ٿيو‪،‬‬
‫صوفي شاه عنايت شهيد رح جو ميلو‬ ‫سبق ستون‬
‫سوال ‪ -:‬صوفي بزرگن ڪهڙو پيغام ڏنو آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬صوفي بزرگن هميشه پيار‪ ،‬محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ميلن ۾ ڪهڙي قسم جي تفريح هوندي آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬ميلن ۾ تفريح ال ِء زرعي نمائشون‪ ،‬ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿيندا آهن‪ ،‬مختلف‬
‫هنرن جا اسٽال‪ ،‬سرڪس‪ ،‬جهولن‪ ،‬رانديڪن‪ ،‬مٺاين ۽ کاڌي پيتي جا دڪان به لڳايا ويندا‬
‫آهن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬صوفي شاه عنايت هارين جي حقن ال ِء ڪهڙو پيغام ڏنو؟‬
‫جواب ‪ -:‬صوفي شاه عنايت هارين جي حقن ال ِء پيغام ڏنو ته ‪ `` :‬جو کيڙي سو کائي ´´‬
‫سوال ‪ -:‬صوفي شاه عنايت جي شهادت وقت ٺٽي جو گورنر ڪير هو؟‬
‫جواب ‪ -:‬صوفي شاه عنايت جي شهادت وقت ٺٽي جو گورنر نواب اعظم خان هو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬صوفي شاه عنايت شهيد جو ميلوڪڏهن ۽ ڪٿي لڳندو آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬صوفي شاه عنايت شهيد جو ميلو هر سال ‪ 17‬صفر کان ٽي ڏينهن جهوڪ شريف ۾‬
‫لڳندو آهي‪.‬‬
‫هولي‬ ‫سبق اٺون‬
‫سوال ‪ -:‬راجا هرناڪش ڪهڙي دعا گهري هئي؟‬
‫جواب ‪ -:‬راجا هرناڪش دعا گهري هئي ته کيس اهڙي طاقت ملي جو نه تير سان مري نه‬
‫تلوار سان‪ ،‬نه گهر کان ٻاهر نه اندر‪ ،‬نه زمين تي نه ئي آسمان تي مري‪ ،‬نه انسان ماري‬
‫سگهي نه جانور‪ ،‬نه ڏينهن جو مري نه ئي رات جو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬راجا هرناڪش جي پٽ جو نالو ڇا هو؟‬
‫جواب ‪ -:‬راجا هرناڪش جي پٽ جو نالو پهالج هو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬پهالج ڀڳت‪ ،‬پي جي خالف ڇو ٿيو؟‬
‫جواب ‪ -:‬پهالج ڀڳت ڏٺو ته سندس پي ُء ماڻهن کان پنهنجي پوڄا ڪرائي رهيو آهي ته هو‬
‫پنهنجي پي ُء جي خالف ٿي پيو ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هئي ته هن سنسار جو خلقڻهار‬
‫سندس پي ُء نه پر هڪ خدا آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬هولڪا ڪير هئي ۽ سندس موت ڪيئن ٿي؟‬
‫جواب ‪ -:‬هولڪا هرناڪش جي ڀيڻ هئي جنهن وٽ اهڙي چادر هئي جيڪا جسم تي‬
‫ويڙهڻ سان باه ڪونه ساڙي سگهندي هئي‪ .‬جڏهن هو َء پهالج کي مارڻ ال ِء کيس وٺي‬
‫باه ۾ ويٺي ته ته چادر اڏامي پهالج جي مٿان اچي پئي ۽ هولڪا پاڻ سڙي رک ٿي پئي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬هولي ڪهڙي مهيني ۾ ملهائي ويندي آهي؟‬
‫جالب ‪ -:‬هولي هر سال ڦڳڻ مهيني جي ٻارهين تاريخ تي ملهائي ويندي آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬هولي جي ٻئي ڏينهن کي ڇا سڏبو آهي ؟‬
‫جواب ‪ -:‬هولي جي ٻئي ڏينهن کي ڌوڙيو سڏبو آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬راجا هرناڪش جو موت ڪيئن ٿيو؟‬
‫جواب ‪ -:‬راجا هرناڪش جي محل جو ٿنڀو ڦاڙي نرسنگه (اڌ شينهن ۽ اڌ ماڻهو) نڪتو جنهن‬
‫هرناڪش کي جهلي پنهنجي گوڏن تي رکيو ۽ درٻار جي چانئٽ تي ويهي‪ ،‬پنهنجا ننهن‬
‫سندس ڇاتي ۾ ُکپائي کيس ماري ڇڏيائين‪.‬‬
‫سبق نائون پيارا وطن‬
‫سوال ‪ -:‬هن نظم مان توهان کي ڪهڙو بند وڌيڪ پسند آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬هن نظم مان اسان کي هيٺيون بند وڌيڪ پسند آهي‪:‬‬
‫مٺڙا وطن تنهنجي مٿان ‪ ،‬سر ساه سڀ گهوري ڇڏيان‪،‬‬
‫تنهنجو مٽ نه ڪو ديس ٻيو محبوب موچارا وطن‪،‬‬
‫سوال ‪ -:‬اهو بند اوهان کي وڌيڪ ڇو پسند آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬اهو بند اسان کي وڌيڪ انڪري پسند آهي جو ان ۾ وطن ال ِء جان به قربان ڪرڻ‬
‫جي ڳاله ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته پنهنجي وطن جي برابر ڪو ٻيو ملڪ ناهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬هن نظم جي ڪنهن به هڪ بند جي سمجهاڻي ڏيو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬بند نمبر ‪ 6‬جي سمجهاڻي ‪ -:‬هن شعر ۾ شاعر وطن ال ِء دعا گهري ٿو ته شال وطن‬
‫جا شهر ۽ ڳوٺ آباد رهن‪ .‬خدا سدائين سدائين وطن مٿان مينهن جي رحمت جا وسڪارا‬
‫ڪندو رهي‪.‬‬
‫محمد عثمان ڏيپالئي‬ ‫سبق ڏهون‬
‫مد عثمان ڏيپالئي ڇا جي ڪري مشهور هو ؟‬ ‫سوال ‪ -:‬مح ّ‬
‫مد عثمان ڏيپالئي سندس علم‪ ،‬ادب ۽ صحافت جي ڪري مشهور هو‪.‬‬ ‫جواب ‪ -:‬مح ّ‬
‫مد عثمان ڏيپالئي کي ڪهڙو ايوارڊ مليو؟‬‫سوال ‪ -:‬مح ّ‬
‫مد عثمان ڏيپالئي کي صدر پاڪستان طرفان ` پرائيڊ آف پرفارمنس ´ جو ايوارڊ‬ ‫جواب ‪ -:‬مح ّ‬
‫مليو‪.‬‬
‫مد عثمان ڏيپالئي جي مشهور ڪتابن جا ناال ٻڌايو‪.‬‬ ‫سوال ‪ -:‬مح ّ‬
‫مد عثمان ڏيپالئي جي مشهور ڪتابن جا ناال هي آهن ‪ :‬نورتوحيد‪ ،‬سنگهڙ ‪،‬‬ ‫جواب ‪ -:‬مح ّ‬
‫آسان سنڌي ۾ ترجمو ٿيل قرآن شريف ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪالم جو پاڪيٽ‬
‫سائيز ڇاپو‪.‬‬
‫مد عثمان ڏيپالئي جي آخري آرامگاه ڪٿي آهي؟‬ ‫سوال ‪ -:‬مح ّ‬
‫مد عثمان ڏيپالئي جي آخري آرامگاه ڪينٽومينٽ قبرستان حيدرآباد ۾ آهي‪.‬‬ ‫جواب ‪ -:‬مح ّ‬
‫موهن جو دڙو‬ ‫سبق يارهون‬
‫سوال ‪ -:‬موهن جو دڙو ڪٿي آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬موهن جو دڙو الڙڪاڻي ضلعي ۾ ‪ ،‬موهن جي دڙي ريلوي اسٽيشن کان ‪13‬‬
‫ڪلوميٽر پري آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪهڙي سال کان شروع ٿي؟‬
‫جواب ‪ -:‬موهن جي دڙي جي کوٽائي سال ‪ 1922‬کان شروع ٿي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ڪهڙي ماهرموهن جي دڙي جي کوٽائي شروع ڪئي؟‬
‫جواب ‪ -:‬سرجان مارشل نالي هڪ انگريزقديم آثارن جي ماهرموهن جي دڙي جي کوٽائي‬
‫شروع ڪئي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬موهن جي دڙي جي کوٽائي مان ڪهڙي ڄاڻ ملي؟‬
‫جواب ‪ -:‬موهن جي دڙي جي کوٽائي مان ڄاڻ ملي ته سنڌو ماٿري جو هي عالئقو آڳاٽي‬
‫زماني ۾ ڏاڍو سڌريل هو‪ .‬ان وقت جا ماڻهوهوشيار۽ هنرواراهوندا هئا‪ .‬سندن رهڻي ڪهڻي‬
‫شاندار نموني جي هوندي هئي۽ هو ڏاڍا سکيا ستابا هئا‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬موهن جي دڙي جي کوٽائي مان ڪهڙيون شيون مليون آهن؟‬
‫جواب ‪ -:‬موهن جي دڙي جي کوٽائي مان هيٺيون شيون مليون آهن‬
‫ُ‬
‫سڪا‪ ،‬سون ۽ چاندي جا زيور‪ ،‬ٽامي ۽ ٺڪر جا ٿانو‪ ،‬رانديڪا‪ ،‬پٿرجا ٺهيل وڍٽڪ جا اوزار‪،‬‬
‫عمدا عمدا ائٽ‪ ،‬جانورن جون شڪليون ‪ ،‬مهرون وغيره‪.‬‬
‫نظارا وطن جا‬ ‫سبق ٻارهون‬
‫سوال ‪ -:‬هن نظم مان توهان کي ڪهڙو بند وڌيڪ پسند آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬هن نظم مان اسان کي هيٺيون بند وڌيڪ پسند آهي‪:‬‬
‫ملي پاڻ ۾ سڀ ننڍا توڙي وڏڙا‪،‬‬
‫ڪنداسين اي `` آصف´´ سڌارا وطن جا‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬اهو بند اوهان کي وڌيڪ ڇو پسند آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬اهو بند اسان کي وڌيڪ انڪري پسند آهي جو ان ۾ شاعر چوي ٿو ته سڀ ننڍا‬
‫وڏا ملي وطن جي سڌاري ال ِء محنت ڪنداسين‪.‬‬
‫سوال‪ -:‬هن نظم ۾ ڪهڙن هنرمندن جو ذڪر ٿيل آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬هن نظم ۾ مزدور‪،‬هاري‪،‬ڪمي‪،‬ڪاسبي‪ ،‬واڍا‪ ،‬رازا‪،‬ڪوري‪ ،‬موچي ۽ لوهار هنرمندن‬
‫جو ذڪرٿيل آهي‪.‬‬
‫عمر مارئي‬ ‫سبق تيرهون‬
‫سوال ‪ -:‬عمر بادشاه ڪٿي جو حاڪم هو؟‬
‫جواب ‪ -:‬عمر بادشاه سنڌ جو حاڪم هو‬
‫سوال ‪ -:‬مارئي جي پي ُء ۽ ما ُء جا ناال ڇا هئا؟‬
‫جواب ‪ -:‬مارئي جي پي ُء جو نالو پالڻي ۽ ما ُء جو نالو ماڏوئي هو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬مارئي کي عمر سومري ڪٿي آڻي قيد ڪيو هو؟‬
‫جواب ‪ -:‬مارئي کي عمر سومري کڻي آڻي پنهنجي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو هو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬مارئي جو سڱ ڪنهن سان ٿيل هو؟‬
‫سوٽ کيت سان ٿيل هو‪.‬‬ ‫جواب ‪ -:‬مارئي جو سڱ سندس َ‬
‫سوال ‪ -:‬هن ڪهاڻي مان اسان کي ڪهڙي نصيحت ملي ٿي؟‬
‫جواب ‪ -:‬هن ڪهاڻي مان اسان کي وطن ۽ ان جي هر شي ِء سان محبت ڪرڻ ۽ وطن سان‬
‫وفادار رهڻ جي نصيحت ملي ٿي‪.‬‬
‫سائي‬ ‫سبق چوڏهون‬
‫سوال ‪ -:‬سائي جي بيماري جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟‬
‫جواب ‪ -:‬سائي جي بيماري جا ڪارڻ آهن خراب پاڻي پيئڻ‪ ،‬سڻڀا کاڌا کائڻ ۽ صفائي جو نه‬
‫هجڻ‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬سائي جي بيماري جون نشانيون ڪهڙيون آهن؟‬
‫جواب ‪ -:‬سائي جي بيماري جون نشانيون آهن مزور ٿيڻ‪ ،‬بک نه لڳڻ‪ ،‬بت ۾ سستي‪ ،‬هلڪو‬
‫بخار‪ ،‬پيٽ جي ساڄي پاسي سور پوڻ‪ ،‬دل ڪچي ٿيڻ ۽ پيشاب جو رنگ پيلڳ ٿي پوڻ‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬سائي جي پکڙجڻ جا سبب بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬اسپتالن ۾ ساڳئي سئي ۽ ساڳيا آپريشن جا اوزار ڪم آڻڻ‪ ،‬ڏندن جي ڊاڪٽر ۽‬
‫حجام جا ساڳيا اوزار ڪم آڻڻ سان سائي جي بيماري رت وسيلي پکڙجي ٿي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬سائي جي جيوڙن جا ناال ُٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬سائي جي جيوڙن جا ناال آهن‬
‫سوال ‪ -:‬سائي کان بچا ُء ڪيئن ڪجي؟‬
‫جواب ‪ -:‬سائي کان بچا ُء ال ِء گهر کليل‪ ،‬هوادار‪ ،‬اُس دار ۽ صاف هجن‪،‬تازا کاڌا کائجن‪ ،‬پاڻي‬
‫اوٻاري ۽ ڇاڻي پيئڻ گهرجي‪ ،‬ڊاڪٽرن ۽ حجامن کي ساڳيا اوزار استعمال ڪرڻ کان پاسو‬
‫ڪرڻ گهرجي‪ ،‬هڪٻئي جون استعمال ٿيل شيون جيئن بليڊ ‪ ،‬ڪپڙا‪ ،‬صابڻ ۽ ڏندڻ استعمال‬
‫نه ڪرڻ گهرجي‪.‬‬
‫اچو ته ڳوٺ سڌاريون‬ ‫سبق پندرهون‬
‫سوال ‪ -:‬ڳوٺ سڌارڻ ال ِء شاعر ڪهڙيون صالحون ٿو ڏئي؟‬
‫جواب ‪ -:‬ڳوٺ سڌارڻ ال ِء شاعر باغ ٻنيون سنوارڻ‪ ،‬گهر توڙي رستا صاف رکڻ‪ ،‬وڻڪاري ڪرڻ‬
‫۽ تعليم عام ڪرڻ جون صالحون ٿو ڏئي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬علم ۽ هنر جي اهميت شاعر ڪيئن بيان ڪئي آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬علم ۽ هنر جي اهميت بيان ڪندي شاعر فرمايو آهي علم ۽ هنر اهڙي دولت آهي‬
‫جنهن کي ڪوبه توهان کان چورائي نٿو سگهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬گند ڪچري مان ڪهڙو نقصان آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬گند ڪچري مان بدبو َء ۽ بيماريون پکڙجن ٿيون‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬صفائي ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬صفائي سان بيماريون نٿيون پکڙجن ۽ هي ايمان جو ُ‬
‫جز به آهي‪.‬‬
‫بابا فريد گنج شڪر رح‬ ‫سبق سورهون‬
‫سوال ‪ -:‬بابا فريد جو جنم ڪٿي ٿيو؟‬
‫جواب ‪ -:‬بابا فريد جو جنم ملتان ويجهو ڪوٺيوال ۾ ٿيو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬بابا فريد جو اصل نالو ڇا هو؟‬
‫جواب ‪ -:‬بابا فريد جو اصل نالو فريدالدين مسعود هو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬بابا فريد کي شڪرگنج ڇو ٿو سڏيو وڃي؟‬
‫جواب ‪ -:‬ننڍپڻ ۾ بابا فريد جي ما ُء عبادت جو اتساه پيدا ڪرڻ ال ِء هن جي مصلي هيٺان کنڊ‬
‫جي ُپڙي رکي ڇڏيندي هئي‪ ،‬جيڪا هو نماز کان پو ِء نماز پڙهڻ جو انعام سمجهي کڻندو هو‪.‬‬
‫هڪ ڀيري سندس امڙ کان کنڊ رکڻ وسري وئي‪ ،‬پر مسعود کي ساڳئي جا ِء تي کنڊ جي‬
‫پڙي رکيل ملي ۽ ائين هو `گنج شڪر´سڏجڻ لڳو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬بابا فريد پنهنجي شاعري ۾ ڪهڙوپيغام ڏنو آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬بابا فريد پنهنجي شاعري ۾ پيار‪ ،‬ڏاهپ‪ ،‬پاڪائي ۽ حق جوپيغام ڏنو آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬بابا فريد ڪهڙيون ڳالهيون ڪندو هو؟‬
‫جواب ‪ -:‬بابا فريد فرمائيندوهوته اي فريد! دنيا خوبصورت آهي‪ ،‬پر ان ۾ ڪنڊن جوباغ به آهي‪.‬‬
‫جتي اللچ هوندي‪ ،‬اتي محبت ڪيئن هوندي‪ .‬آ ُء ڏوهن سان ڀريو پيو آهيان‪ ،‬منهنجو ويس‬
‫ڪارو آهي‪ ،‬پو ِء به ماڻهو مون کي درويش ٿا چون‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬بابا فريد جي آخري آرامگاه ڪٿي آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬بابا فريد جي آخري آرامگاه پنجاب صوبي جي شهر پاڪ پتن ۾ آهي‪.‬‬
‫عقلمند شهزادو‬ ‫سبق سترهون‬
‫سوال ‪ -:‬بادشاه پنهنجي پٽن کان ڪهڙو امتحان ورتو؟‬
‫سوال ‪ -:‬بادشاه پنهنجي پٽن کان امتحان وٺڻ ال ِء هڪ سوال ڏنو ته اهي ثابت ڪن ته عقل‬
‫وڏو آهي يا پيسو‪.‬‬
‫سوال‪ -:‬وڏي شهزادي ڪهڙي شي ِء کي اهميت ڏني؟‬
‫جواب ‪ -:‬وڏي شهزادي پيسي کي اهميت ڏني‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ننڍي شهزادي عقل جي اهميت ڪيئن ثابت ڪئي؟‬
‫جواب ‪ -:‬ننڍي شهزادي هڪ سڪو زمين تي اڇالئي امير شخص کي اهو سڪو بنا هٿ‬
‫لڳائي کڻڻ ال ِء چيو پر هو بنا هٿ لڳائي سڪو ڪونه کڻي سگهيو ۽ هار مڃيائين‪ .‬تنهن تي‬
‫ننڍي شهزادي هڪ درٻاري کي سڏ ڪري ان کي چيائين ته سڪو کڻي ڏي‪ .‬درٻاري سڪو‬
‫کڻي شهزادي کي ڏنو تنهن تي شهزادي چيو امير پاڻ کي ته بناهٿ لڳائي سڪو کڻڻو هو‬
‫جيڪڏهن هوعقلمند هجي ها ته ٻئي ڪنهن کان کڻائي وٺي ها مطلب ته عقل کان بغير‬
‫زمين تي پيل سڪو ئي نٿو کڻي سگهجي‪ .‬اهڙي طرح ننڍي شهزادي عقل جي اهميت‬
‫ثابت ڪري ڏيکاري‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬امير ماڻهو پنهنجي دولتمند هئڻ جو ثبوت ڪيئن ڏنو؟‬
‫جواب ‪ -:‬هن درٻار ۾ هيرن‪ ،‬جواهرن ۽ سونن سڪن جا ڍير لڳائي ڇڏيا‪ .‬اها دولت ايتري هئي‬
‫جو دنيا جي ڪابه قيمتي شي ِء خريد ڪري سگهجي ها‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬بادشاهي جو فيصلو ڪنهن جي حق ۾ ٿيو؟‬
‫سوال ‪ -:‬بادشاهي جو فيصلو ننڍي شهزادي جي حق ۾ ٿيو‪.‬‬
‫سبق ارڙهون قدم وڌائي اڳتي هل‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬هن نظم مان توهان کي ڪهڙو شعر وڻي ٿو؟ ُٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬هن نظم مان اسان کي هيٺيون شعر وڻي ٿو‪:‬‬
‫واٽ انهي َء تي هلندو هل‪.‬‬ ‫علم ته آهي سچ جي واٽ‪،‬‬
‫سوال ‪ -:‬اهو شعر اوهان کي ڇو ٿو وڻي؟‬
‫جواب ‪ -:‬اهو شعر اسان کي انڪري وڻي ٿو جو ان ۾ شاعر چوي ٿو ته علم سچائي جو‬
‫رستو ڏيکاري ٿو جنهن تي هلندا رهو‪.‬‬
‫سائنسي ايجادون (اِي ميل)‬ ‫سبق اوڻيهون‬
‫سوال‪ -:‬ا ِي ميل جو مطلب ڇا آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬اِي ميل يعني اليڪٽرانڪ ميل جو مطلب آهي برقي ٽپال‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬اڳي حال احوال ڪهڙي وسيلي سان موڪلبو هو؟‬
‫جواب ‪ -:‬اڳي حال احوال خط لکي عام ٽپال جي وسيلي سان موڪلبو هو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬اِي ميل مان ڪهڙا فائدا آهن؟‬
‫جواب ‪ -:‬اِي ميل وسيلي هر شعبي ۾ ڪيترين ئي ٻولين ۾ خط ‪ ،‬درخواستون ۽ علمي ڄاڻ‬
‫موڪلي يا حاصل ڪري سگهجي ٿي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬اِي ميل ال ِء ڪهڙيون شيون ضروري آهن؟‬
‫جواب ‪ -:‬اِي ميل ال ِء اِي ميل ايڊريس ۽ هڪڙوڳجهو لفظ ٺاهبوآهي جنهن کي ڪمپيوٽرجي‬
‫ٻولي ۾ پاسورڊ چئبوآهي‪.‬‬
‫سبق ويهون اسڪائوٽنگ ۽ گرل گائيڊ‬
‫سوال ‪ -:‬اسڪائوٽنگ تحريڪ جو باني ڪيرهو؟‬
‫جواب ‪ -:‬اسڪائوٽنگ تحريڪ جو باني هڪ انگريز الرڊ بيڊن پاول هو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬اسڪائوٽنگ جي نموني تي ڇوڪرين ال ِء ڪهڙي تحريڪ آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬اسڪائوٽنگ جي نموني تي ڇوڪرين ال ِء گرل گائيڊ نالي سان تحريڪ آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬پاڪستان جو پهريون چيف اسڪائوٽ ڪير هو؟‬
‫مد علي جناح رح هو‪.‬‬ ‫جواب ‪ -:‬پاڪستان جو پهريون چيف اسڪائوٽ قائداعظم مح ّ‬
‫سوال ‪ -:‬شاه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس تي ڪهڙو اسڪائوٽ گروپ خدمتون سرانجام‬
‫ڏيندو آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬شاه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس تي شاه لطيف اسڪائوٽ گروپ خدمتون‬
‫سرانجام ڏيندو آهي‪.‬‬
‫سبق ايڪيهون هرڻي ۽ سندس ٻچو‬
‫سوال ‪ -:‬هرڻي ۽ سندس ٻچوڪٿي چري رهيا هئا؟‬
‫جواب ‪ -:‬هرڻي ۽ سندس ٻچو چراگاه ۾ چري رهيا هئا‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬هرڻي جي ٻچي ما ُء کان ڪهڙو سوال پڇيو؟‬
‫جواب ‪ -:‬هرڻي جي ٻچي ما ُء کان سوال پڇيو ته هي جبل ايترا وڏا ڇو ٿيندا آهن؟‬
‫سوال ‪ -:‬هرڻي ٻچي کي ڪهڙو جواب ڏنو؟‬
‫جواب ‪ -:‬هرڻي ٻچي کي جواب ڏنو ته هي وڏا جبل اسان جي حفاظت ڪندا آهن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬هرڻي جو ٻچو ڌڪ لڳڻ کان پو ِء ڇا سوچڻ لڳو؟‬
‫جواب ‪ -:‬هرڻي جو ٻچو ڌڪ لڳڻ کان پو ِء سوچڻ لڳو ته هن جو ڪهڙو ڏوه هيو جو جبل ۾‬
‫لڪيل شڪاري کيس بندوق هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو‪.‬‬
‫سوال‪ -:‬ٺڪا َء تي هرڻي پري وڃي وري ڇو موٽي آئي؟‬
‫جواب‪ -:‬ٺڪا َء تي هرڻي پري وڃي وري موٽي آئي جو هو پنهنجي ٻچي کي مرندو ڏسي‬
‫ڪيئن ڇڏي وڃي نيٺ شڪاري هرڻي کي به بندوق هڻي ماري ڇڏي‪.‬‬
‫سبق ٻاويهون شهري رضاڪار‬
‫سوال ‪ -:‬شهري رضاڪار ڪنهن کي چئبو آهي؟‬
‫جواب ‪-:‬اهڙا ماڻهو جيڪي بنا ڪنهن اجوري جي پنهنجو فرض سمجهي ٻين جي خدمت ال َء‬
‫تيار رهن ٿا تن کي شهري رضاڪار چئبو آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬شهري رضاڪار حڪومت جي ڪهڙي طرح مدد ڪندا آهن؟‬
‫جواب ‪ -:‬شهري رضاڪار ملڪ جي بچاءَ‪ ،‬عام ڀلي جي ڪمن ۽ اتفاقي حادثن جي وقت‬
‫پنهنجون خدمتون ڏيئي حڪومت جي مدد ڪندا آهن‪.‬‬
‫سوال‪ -:‬شهري رضاڪارن کي ڪهڙي سکيا ڏني ويندي آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬شهري رضاڪارن کي باه وسائڻ‪ ،‬ترت عالج ڪرڻ ۽ ٽرئفڪ سنڀالڻ وغيره جي‬
‫سکيا ڏني ويندي آهي‬
‫سوال ‪ -:‬جنگ جي زماني ۾ شهري رضاڪار ڪهڙي خدمت ڪندا آهن؟‬
‫جواب ‪ -:‬جنگ جي زماني ۾ جڏهن فوج مورچا سنڀالي دشمن سان مقابلي ڪرڻ ۾ رڌل‬
‫هوندي آهي تڏهن شهري رضاڪار وري شهري انتظام رکڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ ۾‬
‫مشغول هوندا آهن‪.‬‬
‫سوال‪ -:‬ٻوڏ جي وقت شهري رضاڪار ڪهڙو بندوبست ڪندا آهن؟‬
‫جواب ‪ -:‬ٻوڏ جي وقت شهري رضاڪارمتاثر ماڻهن ال ِء شهرن توڙي ڳوٺن ۾ مرڪز قائم ڪري‬
‫کين ڪپڙو ‪ ،‬کاڌو ۽ دوادرمل مهيا ڪندا آهن‪.‬‬
‫ڌنڌن جي اهميت‬ ‫سبق ٽيويهون‬
‫سوال ‪ -:‬لوهار ڇا ٺاهيندو آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬لوهار لوه مان ڏاٽا‪ ،‬ڪهاڙيون‪ ،‬ٽِڦڻيون‪ ،‬ترارون‪ ،‬ڪوڏرون‪ ،‬رنبا‪ ،‬رنبيون‪ ،‬واهوال‪ ،‬ڇيڻيون‬
‫۽ ٻيون بي شمار شيون ٺاهيندو آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬واڍي جا ڪهڙا اوزار آهن؟‬
‫جواب ‪ -:‬واڍي جا اهم اوزار واهولو‪ ،‬ڪارائي‪ ،‬رندو‪ ،‬رنبي‪ ،‬گرمٽ ۽ سيرائي وغيره آهن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬آوي ڇا آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬آوي هڪ قسم جي بٺي آهي جنهن ۾ ڪنڀار مٽي مان ٺاهيل ڪچيون شيون‬
‫پچائي تيار ڪندو آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬سوناري ۽ لوهار جي ڌنڌي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬سونارو سون جا زيور ٺاهيندو آهي جڏهن ته لوهار لوه مان اوزار ۽ ٻيون شيون‬
‫ٺاهيندو آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬آڏاڻو ڇا کي چئبو آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬آڏاڻو هڪ قسم جي ڪاٺ مان ٺهيل مشين آهي جنهن تي ڪوري ڪپڙو اُڻيندا‬
‫آهن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ڪتاب ۾ ڄاڻايل ڌنڌن کانسوا ِء ڪن ٻين ڌنڌن جا ناال ُٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬ڌوٻي‪ ،‬ڊاڪٽر‪ ،‬موچي‪ ،‬استاد‪ ،‬ڊرائيور‪ ،‬انجنيئر وغيره‪.‬‬
‫سبق چوويهون سر سارنگ‬
‫سوال ‪ -:‬سارنگ مان ڇا مراد آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬سارنگ مان مراد مينهن وسائيندڙ ڪڪر آهن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬سهسين سارنگ ڪڏهن ٿيندا آهن ؟‬
‫جواب ‪ -:‬جڏهن مينهونگي مند ۾ مينهن وسڻ وارو هوندو آهي ته سهسين سارنگ ٿيندا‬
‫آهن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬هنن بيتن ۾ شاعر ڪهڙي طلب ڪري ٿو؟‬
‫جواب ‪ -:‬هننن بيتن ۾ شاعر مينهن وسڻ جي طلب ڪري ٿو‪.‬‬
‫سبق پنجويهون دودو سومرو‬
‫سوال ‪ -:‬سنڌ تي سومرن گهڻو عرصو حڪومت ڪئي؟‬
‫جواب ‪ -:‬سنڌ تي سومرن ٽي صدين کان به وڌيڪ عرصو حڪومت ڪئي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬سومرن جي گهراڻي ۾ ڪهڙا مشهور حاڪم ٿي گذريا آهن؟‬
‫جواب ‪ -:‬سومرن جي گهراڻي ۾ ڀونگر‪ ،‬همون ٻائي‪ ،‬دودو سومرو‪ ،‬تارا ٻائي‪ ،‬عمر سومرو ۽‬
‫همير سومرو نالي مشهور حاڪم ٿي گذريا آهن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬دودي سومري بابت سنڌ ۾ ڪهڙي چوڻي مشهور آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬دودي سومري بابت سنڌ ۾ چوڻي مشهور آهي ته `` مڙس ته ڪو دودو آهين‪´´ .‬‬
‫سوال ‪ -:‬سومرن کان اڳ سنڌ ۾ ڪنهن جي حڪومت هئي؟‬
‫جواب ‪ -:‬سومرن کان اڳ سنڌ ۾ عربن جي حڪومت هئي‪.‬‬
‫تمر جا ٻيال‬ ‫سبق ڇويهون‬
‫سوال ‪ -:‬ٻيلو ڇا کي چئبو آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬وڻن جا جهڳٽا جيڪي زمين جي وڏي ايراضي تي پکڙيل هجن‪ ،‬تن کي ٻيال چئبو‬
‫آهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬تمر ڇا آهي؟‬
‫جواب ‪ -:‬وڻ جيڪي سمنڊ جي پاڻي ۽ ڪناري واري زمين تي قدرتي طور پيدا ٿيندا آهن‬
‫انهن کي تمر چئبوآهي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬تمر سنڌ ۾ ڪهڙي هنڌ ٿئي ٿو؟‬
‫جواب ‪ -:‬تمر جا ٻيال سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ ٿين ٿا‪ .‬سنڌو جي ڇوڙ وٽ‪ ،‬کاري ڇاڻ ۽‬
‫سامونڊي ڪناري تي زمين ۽ ننڍي پاڻي ۾ به ٿين‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬تمر جي ٻيلن جا ڪهڙا فائدا آهن؟‬
‫جواب ‪ -:‬تمر جي ڪاٺي ٻارڻ ال ِء ‪،‬ڪناري تي رهندڙ ماڻهن ۽ ٻيڙين تي مڇي مارڻ ال ِء ڏاڍي‬
‫ڪارائتي آهي‪.‬سمنڊ ڪناري رهندڙ تمر جي ڪاٺين مان پنهنجا گهر پڻ اڏيندا آهن‪ .‬اُٺ تمر‬
‫جا پن وڏي شوق سان کائين ٿا‪ .‬انهن وڻن مان ماکي به حاصل ٿيندي آهي ‪.‬تمر جي وڻن جا‬
‫ڇوڏا چمڙي رڱڻ ۽ دوائن ٺاهڻ ال ِء به ڪم ايندا آهن‪.‬‬
‫لوڻ جي آتم ڪهاڻي‬ ‫سبق ستاويهون‬
‫سوال ‪ -:‬لوڻ جا گهڻا قسم آهن؟‬
‫جواب ‪ -:‬لوڻ جا پنج قسم آهن ‪ :‬سامونڊي‪ ،‬ڪلراٺو‪ ،‬کارو(کاري پاڻي جي ڍنڍن مان ملندڙ)‪،‬‬
‫سينڌو ۽ ڪارو لوڻ‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬لوڻ ڪهڙي ڪم اچي ٿو؟‬
‫جواب ‪ -:‬لوڻ کاڌي ۽ دوائن ۾ استعمال ٿيندو آهي‪ .‬سينڌو ۽ ڪارو لوڻ پيٽ جي سور ۽‬
‫سڪائڻ ۽ شين کي خراب ٿيڻ‬ ‫جانورن کي ٿَڪ جي حالت ۾ کارايو ويندو آهي‪ .‬گوشت کي ُ‬
‫کان بچائڻ ال ِء به ڪم اچي ٿو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬زمين ۾ لوڻ جي وڌڻ ڪري ڪهڙو نقصان ٿوٿئي؟‬
‫جواب ‪ -:‬زمين ۾ لوڻ جي وڌڻ ڪري ڪلڙ ٿي پوندو آهي جنهن ڪري اهڙي زمين تي پوک‬
‫ڪونه ٿيندي آهي ۽ جاين کي به نقصان پهچي ٿو‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ضلعن جي ڪهڙين ڍنڍن مان لوڻ لڀي ٿو؟‬
‫جواب ‪ -:‬ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ضلعن جي سارڻ ۽ ڍليارڍنڍن مان لوڻ لڀي ٿو‪.‬‬

‫جمع‬ ‫واحد‬ ‫جمع‬ ‫واحد‬


‫پيارا‬ ‫پيارو‬ ‫ميوا‬ ‫ميوو‬
‫کو َ‬
‫ه‬ ‫کو ُ‬
‫ه‬ ‫موچارا‬ ‫موچارو‬
‫پيسا‬ ‫پيسو‬ ‫سڌارا‬ ‫سڌارو‬
‫فائدا‬ ‫فائدو‬ ‫ڄمارون‬ ‫ڄمار‬
‫تڪليفون‬ ‫تڪليف‬ ‫نمازون‬ ‫نماز‬
‫مسلمانن‬ ‫مسلمان‬ ‫درگاهون‬ ‫درگاه‬
‫ٻنيون‬ ‫ٻني‬ ‫محبتون‬ ‫محبت‬
‫رازا‬ ‫رازو‬ ‫اللچون‬ ‫اللچ‬
‫ڀال‬ ‫ڀلو‬ ‫ڪنڊا‬ ‫ڪنڊو‬
‫واڍا‬ ‫واڍو‬ ‫عادتون‬ ‫عادت‬
‫سهارا‬ ‫سهارو‬ ‫جايون‬ ‫جا ِء‬
‫ضد‬ ‫لفظ‬ ‫ضد‬ ‫لفظ‬
‫ختم‬ ‫شروع‬ ‫خراب‬ ‫سٺو‬ ‫ُ‬
‫دشمن‬ ‫دوست‬ ‫ڏک‬ ‫سک‬
‫عرش‬ ‫فرش‬ ‫ويجهو‬ ‫پري‬
‫آسمان‬ ‫زمين‬ ‫هيٺ‬ ‫مٿي‬
‫پڪي‬ ‫ڪچي‬ ‫چست‬ ‫سست‬
‫حرام‬ ‫حالل‬ ‫ننڍو‬ ‫وڏو‬
‫سوير‬ ‫دير‬ ‫ڪوڙ‬ ‫سچ‬
‫خاص‬ ‫عام‬ ‫ڪنجوس‬ ‫سخي‬
‫رحيم‬ ‫ظالم‬ ‫بد‬ ‫نيڪ‬
‫امير‬ ‫غريب‬ ‫جنگ‬ ‫امن‬

‫جملو‬ ‫لفظ‬ ‫جملو‬ ‫لفظ‬


‫سنڌودريا َء کي مهراڻ به‬ ‫سدائين خدا جا گڻ ڳايو‪.‬‬ ‫گڻ‬
‫مهراڻ‬
‫چوندا آهن‪.‬‬
‫محنت سان ئي ترقي جا آثار‬ ‫عمارت جلد ٺهي راس‬ ‫راس‬
‫آثار‬
‫نظر ايندا‪.‬‬ ‫ٿيندي‪.‬‬
‫گهڻن سياحن موئن جودڙو‬ ‫ڳوٺن ۾ نوان اسڪول‬ ‫تعمير‬
‫سياح‬
‫پئي گهميو‪.‬‬ ‫تعميرٿين ٿاپيا‪.‬‬
‫موبائيل جو استعمال اوج تي‬ ‫اوج‬
‫سنڌهڪ قديم ماٿري آهي‪.‬‬ ‫ماٿري‬
‫آهي‪.‬‬
‫اسان جي ڳوٺ کي ڪشادا‬ ‫بابا سچ ڳالهائڻ جي تاڪيد‬ ‫تاڪيد‬
‫ڪشادا‬
‫رستا آهن‪.‬‬ ‫ڪئي‪.‬‬
‫نابين اڪريل اکر پڙهڻ سکندا‬ ‫احمد هڪ غني انسان‬ ‫غني‬
‫اُڪريل‬
‫آهن‪.‬‬ ‫آهي‪.‬‬
‫هوپنهنجي هڙان ٻين جي‬ ‫پنهنجي‬
‫سنڌ جا ڳوٺ سرسبز آهن‪.‬‬ ‫سرسبز‬
‫مدد ڪندو‪.‬‬ ‫هڙان‬
‫تعليم سان ڪنهن جا به ڀاڳ‬ ‫خدا سڀني تي ڪهل‬ ‫ڪهل‬
‫ڀاڳ‬
‫ڀال ٿين ٿا‪.‬‬ ‫ڪندوآهي‪.‬‬
‫اوالد ما ُء پي ُء جا سهارا هوندا‬ ‫سرندي پڄندي وارن کي غريب جي مدد‬ ‫سرندي‬
‫سهارا‬
‫آهن‪.‬‬ ‫ڪرڻ گهرجي‪.‬‬
‫پڄندي‬
‫خدا جي خزاني ۾ ڪابه‬ ‫وير جو نتيجو برو هوندو آهي‪.‬‬ ‫وي ُر‬
‫ڪَمي‬
‫ڪمي ناهي‪.‬‬ ‫َ‬
‫سنڌي ماڻهو ڏاڍا موچارا‬ ‫علم وارو به دولتمند ئي‬ ‫دولتمند‬
‫موچارا‬
‫آهن‪.‬‬ ‫هوندوآهي‪.‬‬
‫پرور ڏاڍو سخي آهي‪.‬‬ ‫پرور‬ ‫آڪاش ۾ تارا ڏسجن ٿا پيا‪.‬‬ ‫آڪاش‬
‫هرحال ۾ پنهنجي پت نه‬ ‫اُڏامندڙ پکين جو نظارو خوبصورت‬ ‫نظارو‬
‫پت‬ ‫آهي‪.‬‬
‫وڃائجي‪.‬‬
‫ٿرجا مارو مال تي گذارو ڪندا‬ ‫ڌرتي سدائين گردش‬ ‫گردش‬
‫مارو‬
‫آهن‪.‬‬ ‫ڪندي رهي ٿي‪.‬‬
‫احمد جي اخالق جي هرهنڌ‬ ‫آڪاش منڊل ۾ تارا ۽ گره‬ ‫منڊل‬
‫هاڪ‬
‫هاڪآهي‪.‬‬ ‫آهن‪.‬‬
‫محبت بنا پنهنجا به اوپرا لڳندا‬ ‫آڪاش ۾ تارن جا جهرمٽ‬ ‫جهرمٽ‬
‫اوپرا‬
‫آهن‪.‬‬ ‫آهن‪.‬‬
‫حب الوطني هڪ اعلي گڻ‬ ‫حب‬ ‫سيروتفريح صحت ال ِء ضروري‬ ‫تفريح‬
‫آهي‪.‬‬ ‫الوطني‬ ‫آهن‪.‬‬
‫محنت ڪاميابي جو ڪارڻ‬ ‫واهڻ وسندين ۾ تعليم عام‬ ‫واهڻ‬
‫ڪارڻ‬
‫بڻجي ٿي‪.‬‬ ‫هجڻ کپي‪.‬‬
‫بيماري انسان کي نٻل ڪريو‬ ‫بزرگن جو ڏنل درس مفيد‬ ‫درس‬
‫نٻل‬
‫ڇڏي‪.‬‬ ‫هوندوآهي‪.‬‬
‫نشو صحت ال ِء هاڃيڪار‬ ‫شاه صاحب پنهنجي بيتن ۾ حق جي‬ ‫تفسير‬
‫هاڃيڪار‬ ‫تفسيرڪئي‪.‬‬
‫آهي‪.‬‬
‫شهر ڳتيل آبادي وارا هوندا‬ ‫نيڪي بنا منافعو سوچي‬ ‫منافعو‬
‫ڳتيل‬
‫آهن‪.‬‬ ‫ڪجي‪.‬‬
‫بيمارٿيڻ تي ڊاڪٽري چڪاس‬ ‫خدا سنسار جو خلقڻهار‬ ‫خلقڻهار‬
‫چڪاس‬
‫ڪرائجي‪.‬‬ ‫آهي‪.‬‬
‫ٻار مستقبل جا معمار هوندا‬ ‫ڦڳڻ هڪ هندي مهينو‬ ‫ڦڳڻ‬
‫مستقبل‬
‫آهن‪.‬‬ ‫آهي‪.‬‬
‫سائوگاه ڀٽارين ال ِء ساه‬ ‫سنسار ۾ سڀ سان سٺو‬ ‫سنسار‬
‫ڀٽاريون‬
‫هوندو آهي‪.‬‬ ‫هلجي‪.‬‬
‫اسان جي اسڪول ۾ سٺي‬ ‫پهالج سدائين سچ جي جئه‬ ‫جئه‬
‫وڻڪار‬
‫وڻڪارآهي‪.‬‬ ‫چئي‪.‬‬
‫خدا هر شي ِء ۾ حڪمت‬ ‫حق جو پرچار اسان جو فرض‬ ‫پرچار‬
‫حڪمت‬
‫رکي آهي‪.‬‬ ‫آهي‪.‬‬
‫نيڪ سيرت ماڻهو کي مان‬ ‫عمران خان هاڪارو‬ ‫هاڪارا‬
‫نيڪ سيرت‬
‫ملي ٿو‪.‬‬ ‫سياستدان آهي‪.‬‬
‫ٻارن ۾ تعليم ال ِء اتساه‬ ‫تعليم ئي سرس ترقي‬ ‫سرس‬
‫اتساه‬
‫وڌائجي‪.‬‬ ‫جوذريعوآهي‪.‬‬
‫سنڌ جا درويش حق جا‬ ‫هي گل ڏاڍا سونهارا آهن‪.‬‬ ‫سونهارا‬
‫پوئلڳ‬
‫پوئلڳ هئا‪.‬‬
‫گل ڏاڍا خوبصورت هوندا‬ ‫باغ ۾ گلن جو هڳاء آهي‪.‬‬ ‫هڳا ُء‬
‫خوبصورت‬
‫آهن‪.‬‬
‫ڪاميابي ڪشالن سان‬ ‫هومشهور معروف جادوگر‬
‫ڪشاال‬ ‫معروف‬
‫ملندي آهي‪.‬‬ ‫آهي‪.‬‬
‫بي ايماني دربدر پنائي ٿي‪.‬‬ ‫دربدر‬ ‫صبرجو ڦل مٺو هوندو آهي‪.‬‬ ‫ڦل‬
‫گهڻو ماڻو ڪرڻ سان ڪم نه‬ ‫حوصال ڏونگر ڏاريندڙهجڻ‬
‫ماڻو‬ ‫ڏونگر‬
‫ٺهندوآهي‪.‬‬ ‫گهرجن‪.‬‬
‫هن کي مهلت ملندي ته ڪم‬ ‫ارادو اٽل آهي ته رستو آسان‬
‫پوروڪندو‪.‬‬
‫مهلت‬ ‫اٽل‬
‫لڳي ٿو‪.‬‬
‫وقت جي زندگي ۾ وڏي‬ ‫ڪمپيوٽر ۾ نازڪ پرزا هوندا‬
‫اهميت‬ ‫ُپرزا‬
‫اهميت آهي‪.‬‬ ‫آهن‪.‬‬
‫دنيا اچرج جو گهر آهي‪.‬‬ ‫نيڪ نيت به انسان جو وڏو‬
‫اچرج‬ ‫ٻل‬
‫ٻل آهي‪.‬‬
‫نيڪي سان ئي وڏو مرتبو‬ ‫همت سان جبل به ڏري پون‬
‫مرتبو‬ ‫ڏري‬
‫ملندوآهي‪.‬‬ ‫ٿا‪.‬‬
‫ورزش صحت ال ِء مفيد هوندي‬
‫مفيد‬
‫آهي‪.‬‬
‫مونث‬ ‫مذڪر‬ ‫تو باڪردار انسان آهين‪.‬‬ ‫باڪردار‬
‫ماڻهو جٿو ٺاهي ميلي تي‬
‫ڏاچي‬ ‫اُٺ‬ ‫جٿو‬
‫پئي ويا‪.‬‬
‫سنڌ دستڪاري جو مرڪز‬
‫نينگري‬ ‫نينگر‬ ‫دستڪاري‬
‫رهيو آهي‪.‬‬
‫خوداعتمادي به ڪامياب‬
‫دِلي‬ ‫دِلو‬ ‫خوداعتمادي‬
‫بڻائي ٿي‪.‬‬
‫ڪي ‪ -‬ٽو تمام اوچو پهاڙ‬
‫شاگردياڻي‬ ‫شاگرد‬ ‫پهاڙ‬
‫آهي‪.‬‬
‫خوشيون سدا ال ِء نه‬
‫عورت‬ ‫مرد‬ ‫خوشيون‬
‫هونديون آهن‪.‬‬
‫سڪل ۽ سنهڙيون ڪاٺيون سٺو‬
‫زال‬ ‫مڙس‬ ‫ٻرن ٿيون‪.‬‬
‫سنهڙيون‬
‫بندوق جي ٺڪاء سان پکي‬
‫ڇوڪري‬ ‫ڇوڪرو‬ ‫ٺڪا ُء‬
‫اُڏامي ويا‪.‬‬
‫مزدور جو اجورو بروقت‬
‫ڍڳي‪ ،‬ڳئون‬ ‫ڍڳو‬ ‫اجورو‬
‫ڏجي‪.‬‬
‫غريبن جي واهر ڪرڻ سٺوعمل‬
‫ڪبوتري‬ ‫ڪبوتر‬ ‫واهر‬
‫آهي‪.‬‬
‫ڳوٺن ۾ ترت عالج ملڻ به‬
‫ڳيري‬ ‫ڳيرو‬ ‫ترت‬
‫ڏکيوهوندوآهي‪.‬‬
‫سنڀالي‬ ‫فوج ملڪ جي حفاظت ال ِء مورچا‬
‫هرڻي‬ ‫هرڻ‬ ‫ويٺي آهي‪.‬‬
‫مورچا‬
‫پوليس کي هميشه چوڪس‬
‫ڏاڏي‬ ‫ڏاڏو‬ ‫چوڪس‬
‫رهڻ گهرجي‪.‬‬
‫سنڌ جا هاري ڏتڙيل حالت ۾‬
‫ناني‬ ‫نانو‬ ‫ڏتڙيل‬
‫آهن‪.‬‬
‫معزز ماڻهو هرهنڌ عزت پائي‬
‫گهوڙي‬ ‫گهوڙو‬ ‫معزز‬
‫ٿو‪.‬‬
‫اڄڪله آڏاڻا اڻلڀ ٿيندا ٿا‬
‫ٻڪري‬ ‫ٻڪر‬ ‫آڏاڻو‬
‫وڃن‪.‬‬
‫ڪارخانا صنعتڪاري جا‬
‫ڌي‬ ‫ُپٽ‬ ‫صنعتڪاري‬
‫مرڪزآهن‪.‬‬
‫انگريزي هرهنڌ رائج ٿيندي ٿي‬
‫شينهڻي‬ ‫شينهن‬ ‫رائج‬
‫وڃي‪.‬‬
‫ڪچا ٿانو آوي ۾ پچايا ويندا‬
‫ُ‬
‫ڪتي‬ ‫ُ‬
‫ڪتو‬ ‫آوي‬
‫آهن‪.‬‬
‫موروثي خاصيتون اوالد کي والدين مان‬
‫چاچي‬ ‫چاچو‬ ‫ملن ٿيون‪.‬‬
‫موروثي‬
‫تجربي سان ئي مهارت‬
‫ڀيڻ‬ ‫ڀا ُء‬ ‫مهارت‬
‫ملندي آهي‪.‬‬
‫سورهيه جان جي پرواه ڪونه‬
‫سورهيه‬
‫ڪندا آهن‪.‬‬
‫سعودي هڪ عرب سلطنت‬
‫سلطنت‬
‫آهي‪.‬‬
‫سنڌ جا سورما سنڌ جي‬
‫سورمن‬
‫شان آهن‪.‬‬
‫علم ۽ محنت غريب‬
‫سٿ‬
‫جووڏوسٿ آهي‪.‬‬
‫انسان کي صرف خدا جي تابع هئڻ‬
‫تابع‬
‫گهرجي‪.‬‬
‫گوڙ گهمسان صحت ال ِء‬
‫گهمسان‬
‫نقصانڪارآهي‪.‬‬
‫ٻوٽن جي جهڳٽن ۾ نانگ‬
‫جهڳٽا‬
‫لڪل هو‪.‬‬
‫سمنڊ ۾ لهرون خوبصورت‬
‫نظراينديون آهن‪.‬‬
‫لهرون‬
‫موبائيل جو ڳاڻيٽو وڌيڪ استعمال ٿيندڙشين‬
‫۾ ٿيندوآهي‪.‬‬ ‫ڳاڻيٽو‬
‫ريگستان ۾ اٺن جا وڳ پئي‬
‫وڳ‬
‫گهميا‪.‬‬
‫ڪلرسان زمينون اجڙي وينديون‬
‫اُجڙي‬
‫آهن‪.‬‬

You might also like