سائنس درجو پنجون

You might also like

Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 13

‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬

‫جاندارن جي درجي بندي‬ ‫باب پهريون‬


‫سوال ‪ :‬درجي بندي ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬جاندار شين کي سندن ھڪجهڙين خاصيتن يا عالمتن جي بنياد تي مختلف گروھن‬
‫۾ ورھائڻ جي عمل کي درجي بندي چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬سائنسدان جاندار شين جي گروه بندي ڇو ڪندا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬جاندارن جي مطالعي کي آسان ۽ ترتيبوار بنائڻ ال ِء سائنسدان انهن جي گروه بندي‬
‫ڪندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬جاندارن کي ڪيترن گروھن يا حلقن ۾ ورھايو ويو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬جاندارن کي پنج گروھن ۾ ورھايو ويو آھي جيڪي ھي آھن‪:‬‬
‫بيڪٽيريا – الجي – فنجي – ٻوٽا يا نباتات – جانور يا حيوان‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بيڪٽيريا ڇا آھي؟‬
‫خلئي جي ٻاھران ھڪ‬ ‫خلئي (جيوگهرڙي) وارا جاندار آھن‪ .‬جن جي ُ‬ ‫جواب ‪ :‬بيڪٽيريا ھڪ ُ‬
‫ته سيل وال چڙيل ھوندو آھي پر خلئي جو ڪوبه مناسب مرڪز نه ھوندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بيڪٽيريا ڪٿي موجود ھوندا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬بيڪٽيريا ھوا‪ ،‬پاڻي ‪ ،‬مٽي يا ڪنهن ٻئي جاندار جي جسم ۾ رھن ٿا‪.‬انهن مان ڪي‬
‫بيماريون پيدا ڪن ٿا ته ڪي وري دوائن ‪ ،‬ڏھي ‪ ،‬پنير وغيره تيار ڪرڻ جي ڪم اچن ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬الجي ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬الجي گهڻي قدر ته ھڪ خلئي وارا جاندار ھوندا آھن‪.‬جن ڪي خلئي کي مڪمل‬
‫ٻاھريون ته ۽ مرڪز ھوندو آھي‪ .‬ھنن ۾ ڪلوروفل به ھوندو آھي جنهنجي مدد سان ضيائي‬
‫عمل وسيلي پنهنجو کاڌو تيار ڪن ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬الجي ڪٿي ٿيندا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬الجي گهڻو ڪري پاڻي ۾ ئي ٿيندا آھن‪.‬اسين ڪيترائي الجي غذا طور استعمال‬
‫ڪندا آھيون پرڪي الجي ته بيماريون به پيدا ڪندا آھن‪ .‬مثالطور ڪٽليريا‪ ،‬الوا ۽ وولوڪس‪.‬‬
‫سوال‪ :‬فنجي ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬فنجي گهڻو ڪري ڪثير خلوي جاندار ھوندا آھن‪.‬جن جي خلئي جو ٻاھريون پردو ۽‬
‫مرڪز پڻ اعلي قسم جا ھوندا آھن‪.‬انهن ۾ سائو مادو ڪلوروفل ڪونه ٿئي تنهنڪري اھي‬
‫ٻين ڳريل سڙيل مادن مان پنهنجو کاڌو تيار ڪندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ٻوٽا يا نباتات ڇا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬ٻوٽا ڪ ثير خلوي جاندار آھن‪ .‬انهن جي خلئي جي باقائده مرڪز ۽ ٻاھريون ته ھوندو‬
‫آھي ۽ سائو مادو ڪلوروفل ھئڻ ڪري پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ڪن ٿا‪ .‬انهن کي پاڙون‪ ،‬ٿڙ‪ ،‬پن‪،‬‬
‫گل ۽ ميوا ٿيندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪:‬جانور ڇا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬جانور ڪثيرخلوي جاندارآھن‪.‬انهن جي خلئي کي مرڪز ته ھوندو آھي پرخلئي جي‬
‫ڀت ۽ ڪلوروفل ڪونه ھوندو آھي‪ .‬اھي کاڌي جي لحاظ کان ٻين جاندارن تي ڀاڙين ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬جانورن کي ڪيترن گروپن يا درجن ۾ ورھايو ويو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬جانورن کي ٻن گروپن يا درجن ۾ ورھايو ويو آھي‪.‬‬
‫‪ .2‬بنا ڪرنگهي وارا‬ ‫‪ . 1‬ڪرنگهي وارا جانور‬
‫سوال‪ :‬ڪهڙن جانورن کي ڪرنگهي وارا جانور چوندا آھن؟‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫جواب ‪ :‬جانور جن کي پٺي جو ڪرنگهو ھوندو آھي تن کي ڪرنگهي وارا جانور چوندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ڪرنگهي وارن جانورن کي ڪيترن ڪالسن يا درجن ۾ ورھايو ويو آھي؟‬
‫جواب‪ :‬ڪرنگهي وارن جانورن کي پنجن ڪالسن يا درجن ۾ ورھايو ويو آھي‪.‬‬
‫‪ .3‬ريڙھيون پائيندڙ جانور‬ ‫‪.2‬پاڻي ۽ خشڪي تي رھندڙجانور‬ ‫‪ .1‬مڇيون‬
‫‪.5‬مئمل ( کيرڌارائيندڙ يا پياريندڙ)‬ ‫‪.4‬پکي‬
‫سوال ‪ :‬سرد خون وارن جانورن جون خاصيتون ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬سرد خون جانور پنهنجي ماحول مطابق جسم جو گرمي پد بدالئيندا رھندا آھن‪.‬‬
‫مڇيون‪ ،‬خشڪي ۽ پاڻي ۾ رھندڙ جانور۽ ريڙھيون پائيندڙ جانور سرد خون وارا جانور آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬گرم رت وارن جانورن جون خاصيتون ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬گرم رت وارن جانورن جي جسم جو گرمي پد مستقل ھوندو آھي‪ .‬پکي ۽ مئمل گرم‬
‫رت وارا جانور آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬مڇين بابت بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪:‬مڇيون پاڻي ۾ رھنديون آھن انهن کي کنڀڙيون ۽ جسم تي ڇلر ٿيندا آھن اھي آنا‬
‫الھينديون آھن‪ .‬مڇيون ڪلين ذريعي ساھ کڻنديون آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬پاڻي ۽ خشڪي ۾ رھندڙ جانورن بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬ايمفيبين خشڪي ۽ پاڻي ٻنهي تي رھندا آھن‪ .‬اھي پاڻي ۾ آنا الھيندا آھن‪.‬انهن‬
‫جي چمڙي گهميل رھندي آھي‪.‬وڏا ڏيڏر ‪ ،‬عام ڏيڏر ۽ سيليمينڊر ايمفيبين آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ريڙھيون پائيندڙ جانورن بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬انهن جي چمڙي خشڪ ۽ ڇلرن واري ھوندي آھي اھي خشڪي تي آنا الھيندا‬
‫آھن‪.‬ھنن کي ريپٽائيل به چون‪ .‬ڪي ريپٽائيل پاڻي ۾ ته ڪي خشڪي تي رھندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬پکين بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬پکين کي جسم تي کنڀ‪ ،‬ھڪ چهنب‪ ،‬ٻه ڄنگهون‪،‬ٻه پر۽ ھڪ پڇ ھوندو آھي ڪي‬
‫پکي ننڍا پر ھئڻ سبب اڏامي نٿا سگهن ته ڪي وري پاڻي ۾ به تري سگهن ٿا‪ .‬پکي آنا‬
‫الھيندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬مئمل ( کير پياريندڙ ) جانورن بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫ُ‬
‫جواب ‪ :‬مئمل جانور ٻچا ڄڻندا آھن جن کي ما ُء کير پياريندي آھي‪ .‬مئمل جي جسم تي ان‪،‬‬
‫وار‪ ،‬کل يا چمڙي ھوندي آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بنا ڪرنگهي وارن جانورن کي ڪهڙين ڪالسن يا درجن ۾ ورھايو ويو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬بنا ڪرنگهي وارن جانورن کي ٻن ڪالسن يا درجن ۾ ورھايو ويو آھي‪.‬‬
‫‪ .2‬جيت‬ ‫‪ .1‬ڪيڙا‬
‫سوال ‪ :‬ڪيڙن ورمس بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬ڪن ڪيڙن جو جسم ڀاڱيدار تي ڪن جو جسم لسو ھوندو آھي‪ .‬انهن کي ڄنگهون‬
‫ڪونه ٿينديون آھن‪ .‬ڄئور ۽ گول ڪيڙا وغيره ٻين جانورن جو رت چوسيندا آھن جڏھن ته مٽي‬
‫وارا ڪيڙا يا سانپا ماحول دوست آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬جيتن بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬سڀني جيتن کي جوڙدار ڄنگهن جا جوڙا ھوندا آھن‪ .‬ڪن جيتن کي ھڪ يا ٻه جوڙا‬
‫پر ٿين ته ڪن کي مٿي تي ڇهڻا به ھوندا آھن‪ .‬جيتن جو جسم ٽن مکيه حصن ۾ ورھايل‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫ھوندو آھي ڪي جيت رت ته ڪي وري گلن جو رس چوسيندا آھن‪ .‬جيت به آنا الھيندا‬
‫آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ٻوٽن کي ڪيترن گروھن ۾ ورھايو ويو آھي؟‬
‫‪ .2‬بي گل ٻوٽا‬ ‫جواب ‪ :‬ٻوٽن کي ٻن گروھن ۾ ورھايو ويو آھي ‪ .1 .‬گلدار ٻوٽا‬
‫سوال ‪ :‬گلدار ٻوٽن بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬ھي ٻوٽا گل جهليندا آھن ۽ پنهنجي ٻجن مان نسلي واڌ ڪندا آھن‪ .‬ٻج سندن ميون‬
‫جي اندر موجود ھوندا آھن‪ .‬ھنن ٻوٽن کي حقيقي پاڙون‪ ،‬ٿڙ يا ڏانڊيون ۽ پن ھوندا آھن‪ .‬ھي‬
‫ٻوٽا ڌرتي تي ھر ھنڌ موجود ھوندا آھن‪ .‬مثلن سورج مکي‪ ،‬گالب جو ٻوٽو ۽ سرنهن جو ٻوٽو‬
‫وغيره‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬گلدار ٻوٽن کي ڪيترن گروھن ۾ ورھايو ويوآھي؟‬
‫جواب ‪ :‬گلدار ٻوٽن کي ٻن گروھن ۾ ورھايو ويو آھي‪.‬‬
‫‪ .2‬ٻه ٻج پن وارا ٻوٽا‪.‬‬ ‫‪.1‬ھڪ ٻج پن وارا ٻوٽا‬
‫سوال ‪ :‬ھڪ ٻج پن وارن ٻوٽن جون خاصيتون ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬انهن ٻوٽن جي ٻج ڦٽڻ مهل فقط ھڪ پن نڪرندو آھي‪ .‬پن ۾ پوروڇوٽ نسون واضع‬
‫ھونديون آھن‪ .‬ٽن ٽن جي گروپن يا ٽي سان ضرب ٿيندڙ حصن ۾ ورھايل ھوندا آھن‪ .‬مثال‪:‬‬
‫ڪڻڪ‪ ،‬مڪائي‪ ،‬چانور ۽ گاھ وغيره‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ٻه ٻج پن وارن ٻوٽن جون خاصيتون ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪:‬ٻج ڦٽڻ مهل ٻه پن نڪرندا آھن‪ .‬پنن ۾ ڄاري وانگر نسون واضع ھونديون آھن‪ .‬ھنن جا‬
‫گل چئن يا پنجن جي گروپ ۾ گڏ ھوندا آھن‪ .‬مثال ‪ :‬انب‪ ،‬ليمون‪ ،‬چڻا‪ ،‬چونا‪ ،‬مٽر وغيره‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بي گل ٻوٽن جون خاصيتون بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬ھي ٻوٽا گل ڪونه جهليندا آھن‪ .‬ھنن مان ڪي ٻوٽا سنهڙن داڻن ته ڪي ٻجن‬
‫وسيلي پنهنجي نسل جي واڌ ڪندا آھن‪ .‬موسز کان سوا ِء ٻين سڀني ٻوٽن کي حقيقي‬
‫پاڙون‪ ،‬ٿڙ‪ ،‬ڏانڊيون ۽ پن به ھوندا آھن‪ .‬اھي گهميل مٽي ۾ واڌ ويجه ڪندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بي گل ٻوٽن مان بنا ٻج وارا ۽ ڪهڙن کي ٻجدار ٻوٽا چوندا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬فرنس ۽ موسز کي بنا ٻج وارا ٻوٽا چوندا آھن ۽ ڪونيفرس کي ٻجدار ٻوٽا چوندا آھن‪.‬‬
‫خوردبيني جاندار‬ ‫باب ٻيون‬
‫سوال ‪ :‬باريڪ يا خوردبيني جاندار ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬جاندار جيڪي صرف خوردبين جي مدد سان ڏسي سگهجن اھڙن تمام ننڍڙن‬
‫جاندارن کي باريڪ يا خوردبيني جاندار چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬باريڪ يا خوردبيني جاندارن کي ڪهڙن مکيه گروھن ۾ ورھايو ويو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬اھڙن جاندارن کي ھيٺين مکيه گروھن ۾ ورھايو ويو آھي‪.‬‬
‫‪.3‬فنجائي‬ ‫‪.2‬وائرس‬ ‫‪.1‬بيڪٽيريا‬
‫سوال ‪ :‬بيڪٽيريا ڇا آھي ؟‬
‫جواب ‪ :‬بيڪٽيريا يڪ خلوي يا ھڪ جيوگهرڙي وارا باريڪ جاندارآھن اھي خوراڪ کائين‪،‬‬
‫چرپر ڪن‪ ،‬ساھ کڻن ۽ تقسيم ٿي پنهنجو نسل وڌائين ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬وائرس ڇا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬وائرس سڀني يڪ خلوي جاندارن ۾ سادي ۾ سادا باريڪ جاندار آھن انهن جي‬
‫بناوت ايتري ته مختصر آھي جو انهن کي خليو به نٿو چئي سگهجي‪ .‬وائرس ٻين تي ڀاڙيندڙ‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫جاندار آھن‪ .‬اھي ٻين جاندارن جي جسم ۾ ئي رھي خوراڪ وٺن‪ ،‬زنده رھن ۽ نسل وڌائين‬
‫ٿا‪.‬‬
‫سوال‪ :‬فنجي ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬فنجي ھڪ سيل وارا جاندار آھن‪ .‬ھن جو سيل بيڪٽيريا جي سيل کان ڪجه وڏو ۽‬
‫پيچيده ھوندوآ ھي‪ .‬اھي خوراڪ کائين‪ ،‬وڏا ٿين‪ ،‬ساھ کڻن‪ ،‬چرپر ڪن ۽ پاڻ مرادو تقسيم‬
‫ٿي وڌيڪ فنجي بڻجي وڃن ٿا‪ .‬اھي وڏي ۾ وڏا مئيڪروب آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬خوردبيني جاندارن مان ڪهڙا فائدا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬انهن مان ڪيترائي فائدا آھن جن مان ڪجه ھن طرح آھن‪.‬‬
‫* باريڪ جاندار تحليل ڪندڙ آھن جيڪي گند ڪچري‪،‬ٻوٽن ۽ جانورن جي ڳريل سڙيل مادن‬
‫کي خوراڪ ٺاھڻ ال ِء استعمال ڪن ٿا ۽ ماحول کي صاف ڪن ٿا‬
‫* باريڪ جاندار ٻوٽن ۽ جانورن جي جسم ۾ ٿيندڙ عمل جهڙوڪ ھاضمي وغيره ۾ مددڪن ٿا‪.‬‬
‫* باريڪ جاندار کاڌي جي شين ٺاھڻ ۾ مدد ڏين ٿا جيئن ڊبل روٽي‪،‬ڏھي ۽ پنير وغيره‪.‬‬
‫* باريڪ جاندار دوائون جهڙوڪ اينٽي بائ يوٽڪ ۽ ويڪسين جي تيار ڪرڻ ۾ ڪم اچن ٿا‪.‬‬
‫* باريڪ جاندار چمڙي تيار ڪرڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ وارا پائوڊر يعني ڊٽرجينٽس تيار ڪرڻ ال ِء‬
‫استعمال ٿين ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬باريڪ جاندارن جا ڪهڙا نقصانڪار اثر آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬ڪي نقصانڪار باريڪ جاندار کاڌي جي شين ۾ داخل ٿي نقصانڪار ڪيميڪل تيار‬
‫ڪري انهن کي ڳاري ساڙي خراب ڪري ڇڏيندا آھن‪.‬‬
‫ڪي باريڪ جاندار پاڻي ۾ رھن ٿا ۽ پاڻي کي خراب ڪري بيمارين جو سبب بڻجن ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬انفيڪشن ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬ڪا به اھڙي بيماري جيڪا بدن ۾ موجود جيوڙن يا انهن جي واڌ جي ڪري پيدا ٿي‬
‫پوي ته ان کي انفيڪشن يا جيوڙن واري بيماري چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬وائرل انفيڪشن ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬بيماريون جهڙوڪ بخار ۽ مٿي جو سور جيڪي وائرس جي ڪري پيدا ٿين ٿيون تن‬
‫کي وائرل انفيڪشن چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بيڪٽيريل انفيڪشن ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬بيماريون جيڪي بيڪٽيريا جي ڪري پيدا ٿين تن کي بيڪٽيريل انفيڪشن چئبو‬
‫آھي جيئن اُلٽي ۽ دست‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬فنگل انفيڪشن ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬بيماريون جيڪي فنجي جي ڪري پيدا ٿين تن کي فنگل انفيڪشن چئبو آھي‬
‫جهڙوڪ اٿليٽس ُفٽ ۽ چمڙي تي ڪارا داغ‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بيمارين جا جيوڙا جسم ۾ ڪيئن داخل ٿين ٿا؟‬
‫جواب ‪ :‬کاڌي کائڻ وقت وات جي ذريعي‪ ،‬ساھ کڻڻ وقت نڪ جي ذريعي ۽ چمڙي ۾ ڪٽجڻ‬
‫واري ھنڌ تان داخل ٿين ٿا‪.‬‬
‫ٻج ؛ انهن جي بناوت ۽ ڦٽڻ‬ ‫باب ٽيون‬
‫سوال ‪ :‬ھائپوجيئل ۽ ايپيجيئل ڦوٽهڙن يعني ڦٽڻ وارن عملن جي وچ ۾ فرق يا ڀيٽ ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬هائپوجيئل ڦوٽهڙو ‪ -:‬ٻج ڦٽڻ جو اھڙو عمل جنهن ۾ شروعاتي ڪچڙا پن زمين جي‬
‫اندر ئي رھن‪ ،‬تنهن کي ھائپوجيئل جرمينيشن چئبو آھي‪.‬‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫ايپيجيئل ڦٽهڙو ‪ -:‬ٻج ڦٽڻ جو اھڙو عمل جنهن ۾ ڪچڙا پن يعني ڪاٽيليڊانس زمين‬
‫کان مٿي نڪري ايندا آھن تنهن کي ايپيجيئل ڦوٽهڙو چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ٻجن جي ڦٽڻ واري عمل ال ِء گهربل حالتون بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬سائنسي تجربن مان معلوم ٿيو آھي ته ٻج جي ڦٽڻ ال ِء ھيٺين حالتن جو ھجڻ‬
‫ضروري آھي‪.‬‬
‫آڪسيجن‪ -:‬آڪسيجن ٻج ساھ کڻڻ ۽ ٻج ۾ موجود کاڌي جي ڀڃ ڊاھ ال ِء ضروري‬
‫آھي‪ .‬آڪسيجن جي مدد سان کاڌو ڀڄي پوي ٿو ۽ ٻوٽي کي توانائي ملي ٿي‪.‬‬
‫پاڻي ‪ -:‬ٻجن کي ڦٽڻ ال ِء پاڻي ضروري آھي پاڻي جي مدد سان ٻج جو ٻاھريون‬
‫سخت ته ڦنڊي ڀڄي پوي ٿو ۽ ٻج ڦٽڻ شروع ڪري ٿو‪.‬‬
‫مناسب گرمي جو درجو يا ٽيمپريچر ‪ -:‬ڪيترائي ٻج ‪ 24 – 16‬درجا سينٽي گريڊ‬
‫گرمي پد جي وچ ۾ ڦٽندا آھن‪ .‬ٻج جا ڪي قسم وري گهٽ يعني ٿڌ وارو ٽيمپريچر يعني‬
‫‪ 4 – 2‬درجا سينٽي گريڊ تي ڦٽن ٿا‪.‬‬
‫نوٽ ‪ -:‬ڪن ٻجن کي ڦٽڻ ال ِء روشني ته ڪن کي اوندھ گهربل ھوندي آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ڪاٽيليڊانس جا اھم ڪم ڪهڙا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬ڪاٽيليڊانس ٻج جي ڦٽڻ ۾ اھم حصو وٺن ٿا‪ .‬اھي ڦوٽهڙي ال ِء خوراڪ ۽ توانائي‬
‫فراھم ڪن ٿا‪ .‬ٻج جي ھڪڙي ڦٽڻ واري طريقي ۾ ڪاٽيليڊانس زمين کان مٿي ڦٽي پاڻي ۽‬
‫سج جي روشني يعني ضيائي عمل ذريعي ٻوٽي ال ِء کاڌو تيار ڪندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬مائيڪروپائيل ڇا کي چئبو آھي ؟‬
‫جواب ‪ :‬ٻج ۾ ھڪ سنهڙو ۽ باريڪ سوراخ ھوندو آھي جنهن کي مائيڪروپائيل چوندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ٽيسٽا ڇا آھي ؟‬
‫جواب ‪ :‬ٻج جي ٻاھرين ته کي ٽيسٽا چوندا آھن‪ .‬ھي ته ٻج جي اندرين حصي جو بچا ُء‬
‫ڪندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ڪوليوپٽائيل ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬ٻج ڦٽڻ مهل ھڪ ڏانڊي نما بناوت زمين کان ٻاھر ڦٽڻ شروع ڪندي آھي تنهن کي‬
‫ڪوليوپٽائيل چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬اينڊوسپرم ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬ٻج جو اندريون حصو جنهن ۾ خوراڪ جمع ٿيل ھوندي آھي تنهن کي اينڊوسپرم‬
‫چوندا آھن‪.‬‬
‫ماحول جي آلودگي‬ ‫باب چوٿون‬
‫سوال ‪ :‬آلودگي ڇا آھي ۽ ان جا قسم ڪيترا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬ماحول ۾ تبديلي جيڪا جاندارن جي زندگي ال ِء نقصانڪار ھجي تنهن کي آلودگي‬
‫چئبو آھي‪ .‬آلودگي جا مکيه ٽي قسم آھن ‪:‬‬
‫‪ 1‬پاڻي جي آلودگي ‪ 2‬ھوا جي آلودگي ‪ 3‬زمين جي آودگي‬
‫سوال ‪ :‬آلودگي پيدا ڪندڙ ڇا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬ھي اھي شيون آھن جيڪي ماڻهن جي سرگرمين جي ڪري پيدا ٿين ٿيون ۽ ھوا ‪،‬‬
‫پاڻي ۽ زمين واري ماحول ۾ اڻوڻندڙ يا نقصانڪار تبديليون پيدا ڪن ٿيون‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ھوا جي آلودگي جا ڪارڻ ڪهڙا آھن؟‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫جواب ‪ :‬گهرن‪،‬ڪارخانن ۽ گاڏين وغيره مان نڪرندڙ دونهون ھوا سان ملي ان کي آلودو ڪن‬
‫ٿا مطلب ته ھوا جي آلودگي جو ڪارڻ بڻجن ٿا ان کانسوا ِء بيڪار شين جي ٻارڻ مان‬
‫نڪرندڙ دونهون به ھوا جي آلودگي جو ڪارڻ آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬پاڻي جي آلودگي جو ڪارڻ ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬گهريلو ڪمن جهڙوڪ ڪپڙن ۽ ٿانوڌوئڻ‪ ،‬وھنجڻ ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي ۽ غسل‬
‫خانن‪ ،‬پائخانن مان نيڪال ٿيندڙ پاڻي‪ ،‬ڪارخانن مان ڪيميائي مالوت وارو نيڪال ٿيندڙ پاڻي‬
‫۽ زرعي زمين مان زھريلن جيت مار دوائون مليل پاڻي جو وھي قدرتي پاڻي جي ذخيرن ۾‬
‫ملڻ سان پاڻي جي آلودگي پيدا ٿيندي آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬زمين جي آلودگي جو سبب ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬زمين جي آلودگي جو سبب ان تي ھر قسم جي گند ڪچري جا ڍير آھن جن ۾‬
‫ڪاغذ‪ ،‬بوتلون‪ ،‬شيشين جا ٽڪرا‪ ،‬ٽين جا وڏا ننڍا دٻا‪ ،‬ڀاڄين ۽ ميون پالسٽڪ جون ٿيلهيون‪،‬‬
‫جا ڪپيل ٽڪرا‪ ،‬بيڪار ۽ بچيل يا ڳريل سڙيل ميون ۽ ڀاڄين سان گڏ جانورن ۽ انسانن جو‬
‫پائخانو اچي وڃن ٿا‪.‬‬
‫نوٽ‪ -:‬آلودگي جي مختلف قسمن جا اثر ۽ آلودگي گهٽائڻ جا اُپا َء ڪتاب مان پڙھو ۽ ياد (‬
‫)ڪريو‪.‬‬
‫مادو ۽ ان جي حالتن ۾ تبديلي‬ ‫باب پنجون‬
‫سوال ‪ :‬مادو ڇا آھي ۽ ان جون ڪيتريون حالتون آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬ھر اھا شي ِء جيڪا وزن رکي ۽ جڳه واالري تنهن کي مادو چئبو آھي‪.‬مادي جون ٽي‬
‫حالتون آھن‪.‬‬
‫‪ .3‬گئس‬ ‫‪ .2‬پاڻياٺ‬ ‫‪ .1‬نهرو‬
‫سوال ‪ :‬مادي جي ٽنهي حاتن جون خاصيتون ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ .1 :‬نهرو ‪ -:‬اھو سخت ۽ نهرو آھي‪ .‬ان کي مخصوص شڪل ۽ مخصوص مقدار ھوندو‬
‫آھي‪.‬‬
‫‪.2‬پاڻياٺ‪ -:‬اھو وھي سگهي ٿو‪.‬ان کي مخصوص مقدار ته ٿئي پر مخصوص شڪل‬
‫ڪانه ٿئي‪.‬‬
‫‪ .3‬گئس ‪ -:‬اھو به وھي سگهي ٿو پر ان کي نه ئي مخصوص شڪل ٿئي نه ئي‬
‫مخصوص مقدار‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬مادو ڇا جو ٺهيل ھوندوآھي؟‬
‫جواب ‪ :‬مادو ننڍڙن باريڪ ذرڙن جو ٺهيل ھوندو آھي جن کي ماليڪيول ۽ ائٽم چئبو آھي‪.‬‬
‫مادي جي مختلف حالتن جو دارومدار به انهن ذرڙن جي ترتيب ۽ چرپر جي انداز تي ھوندو‬
‫آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬نهرو‪ ،‬پاڻياٺ ۽ گئس جي ذرڙن جي ترتيب ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬نهرو ‪ -:‬نهرن شين جا ذرڙا يا ماليڪيول باقاعده خاص انداز ۾ ويجهڙا ۽ ڳتيل ھوندا‬
‫آھن‪ .‬انهن جي وچ ۾ وٿي تمام گهٽ ھوندي آھي‪.‬‬
‫پاڻياٺ ‪ -:‬پاڻياٺ وارين شين جا ماليڪيول يا ذرڙا ڪجه وٿي تي ۽ گهٽ ڳتيل ھوندا‬
‫آھن‪ .‬اھي باقاعده ترتيب ۾ به ڪونه ٿين‪.‬‬
‫گئس ‪ -:‬گئس جا ذرڙا پري پري پکڙيل ھوندا آھن‪ .‬انهن جي باقاعده ترتيب ڪونه‬
‫ھوندي آھي‪ .‬انهن جي وچ ۾ تمام گهڻي وٿي ھوندي آھي‪.‬‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫سوال ‪ :‬مادي جون حالتون تبديل ڪندڙ عمل ڪهڙا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬مادي جون حالتون تبديل ڪندڙ عمل ھي آھن‪.‬‬
‫‪ .5‬چِڪائڻ‬ ‫‪ .4‬بخارجڻ‬ ‫‪ .3‬ٽهڪڻ‬ ‫‪.2‬ڄمڻ‬ ‫‪.1‬رجڻ‬
‫سوال ‪ :‬رجڻ جو عمل ڇاآھي؟‬
‫جواب ‪ :‬ڪن نهرن جسمن کي گرم ڪرڻ سان انهن جي ذرڙن ۾ توانائي اچي ويندي آھي ۽‬
‫اھي چرپر ڪرڻ شروع ڪن ٿا ۽ آخرڪار پاڻياٺ ۾ بدلجي وڃن ٿا‪ .‬ھن عمل کي رجڻ چئبو‬
‫آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ڄمڻ جو عمل ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬پاڻياٺ کي لڳاتار ٿڌو ڪرڻ سان ان جي ذرڙن مان توانائي خارج ٿي ٻاھر نڪري ٿي ۽‬
‫اھي چرپر به تمام آھسته ڪندا آھن آخرڪار اھي ڄمي ويندا آھن اھڙي عمل کي ڄمڻ‬
‫جو عمل چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بخارجڻ وارو عمل ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬اھڙو عمل جنهن ۾ پاڻياٺ جو ڪافي مقدار بخار جي صورت ۾ گئس واري حالت‬
‫اختيار ڪري تنهن کي بخارجڻ وارو عمل چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬چِڪائڻ وارو عمل ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬اھو عمل جنهن ۾ پاڻياٺ جي بخارن کي ٿڌو ڪري وري پاڻياٺ واري حالت ۾ بداليو‬
‫وڃي ان کي چِڪائڻ وارو عمل چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ٽهڪڻ جو عمل ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬پاڻياٺ کي گرم ڪرڻ جو عمل جنهن ۾ پاڻي توانائي حاصل ڪري ۽ ان جو گرمي جو‬
‫درجو يا ٽيمپريچر ايترو وڌي جو اھو اُٻرڻ لڳي تنهن کي ٽهڪڻ وارو عمل چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬پاڻي جي ڦيري ۾ پاڻي جا مختلف مرحال ۽ گرمي جو ڪردار بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬اھي مرحال ھن ريت آھن‪.‬‬
‫‪ .1‬سج جي گرمي سمنڊ جي پاڻي کي گرم ڪري ٿي‪.‬‬
‫‪.2‬سمنڊ جو پاڻي بخار ٿي ھوا ۾ مٿي ھليو وڃي ٿو‪.‬‬
‫‪ .3‬پاڻي جا بخار ٺري پاڻي جون بوندون بڻجي پون ٿا ۽ ڪڪر ٺهي پون ٿا‪.‬‬
‫‪ .4‬جڏھن پاڻي ٺري ٿڌو ٿي پوي ٿو ته پاڻي جون بوندون ڳوريون ٿي پون ٿيون ۽ واپس‬
‫زمين تي مينهن يا برف جي صورت ۾ ھيٺ ڪِ رن ٿيون‪.‬‬
‫‪ .5‬زمين تي ڪرندڙ پاڻي يا مينهن وارو ڪجه پاڻي زمين تي کڏن ۽ تالئن ۾ جمع‬
‫ٿئي ٿو ۽ باقي بچيل پاڻي دريائن رستي وھي واپس سمنڊ ۾ ھليو وڃي ٿو‪.‬‬
‫زور ۽ مشينون‬ ‫باب ڇهون‬
‫سوال ‪ :‬گاٺ جي وصف بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬گاٺ ھڪ قسم جو زور آھي جيڪو شين کي آساني سان چرپر ڪرڻ کان روڪيندو‬
‫آھي‪ .‬جڏھن ڪي به ٻه مٿاڇرا ھڪٻئي مٿان چرپر ڪندا آھن يا ترڪندا آھن ته انهن جي‬
‫وچ ۾ گاٺ وارو زور پيدا ٿيندو آھي‪ .‬گاٺ وارو زور ھميشه مخالف طرف ۾ عمل ڪندو آھي ۽‬
‫چرپر ڪندڙ شين کي روڪيندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬گاٺ جا فائدا ۽ نقصان بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬گاٺ جا فائدا ‪:‬‬
‫‪.1‬اسان کي فرش تي آساني سان ھلڻ ال ِء گاٺ جي ضرورت ھوندي آھي‪.‬‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫‪.2‬موٽر ڪارن جون بريڪون به گاٺ جي زور تي ڪم ڪنديون آھن‪.‬‬
‫‪.3‬گاٺ ڳنڍين جي کلڻ کي به روڪي ٿي‪.‬‬
‫‪.4‬نٽ‪ ،‬بولٽ ۽ ڪوڪا وغيره به گاٺ جي زور جي ڪري قابو بيٺا ھوندا آھن‪.‬‬
‫گاٺ جا نقصان ‪:‬‬
‫‪.1‬گاٺ جي ڪري تما گهڻي گرمي پيدا ٿئي ٿي‪.‬‬
‫‪ . 2‬گاٺ کي ختم ڪرڻ ال ِء ڪافي توانائي اڻ استعمال ٿيندڙ صورت ۾ پسگردائي واري‬
‫ماحول ۾ ضايع ٿي ويندي آھي‪.‬‬
‫‪.3‬گاٺ جي ڪري شين جي چرپر ڪندڙ پرزن ۾ ڀڃڀور پيدا ٿيندي آھي‪.‬‬
‫‪.4‬گاٺ جي ڪري موٽر گاڏين جي رفتار ڪنهن حد کان وڌيڪ وڌائي نه سگهبي آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬گاٺ کي گهٽائڻ جا طريقا ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬گاٺ کي گهٽائڻ جا طريقا ھي آھن‪:‬‬
‫‪.1‬مٿاڇرن کي لسو ۽ ھموار بنائڻ گهرجي‪.‬‬
‫‪.2‬مٿاڇرن جي پاڻ ۾ ملڻ وارن ھنڌن جي ايراضي گهٽائڻ گهرجي‪.‬‬
‫‪.3‬مشينن جي چرپر ڪندڙ پرزن ۾ تيل ۽ سڻڀدار شيون استعمال ڪرڻ گهرجي‪.‬‬
‫‪ . 4‬بال بيئرنگ ( يا گوليون) استعمال ڪجن ڇاڪاڻ ته گول ڦرندڙ شيون گسندڙ شين‬
‫کان گهٽ گاٺ پيداڪنديون آھن‪.‬‬
‫‪.5‬مٿاڇرن کي پالش ڪجي ڇاڪاڻ جو اھي آساني سان ھڪٻئي تان گسي نه سگهندا‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ھوا جي رڪاوٽ ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬ھوا جي روڪ به ھڪ قسم جو زور يعني گاٺ وارو زور ھوندو آھي جيڪو چرپر‬
‫ڪندڙ شين جي چرپر کي روڪيندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬زمين جي ڪشش يا ڪشش ثقل ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬ڪشش ثقل دراصل ھڪ قسم جو ڇڪڻ وارو زور آھي جيڪو ڪن به ٻن شين‬
‫کي ھڪ ٻئي ڏانهن ڇڪڻ وارو زور آھي‪ .‬ھي ھر قسم جي مادي وارين شين جي ھڪ‬
‫اھم خاصيت آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬مايي ۽ وزن ۾ فرق سمجهايو‪.‬‬
‫جواب ‪-:‬‬
‫وزن‬ ‫مايو‬
‫ڇڪڻ وارو زور جيڪو ڪنهن شي‬
‫ڪنهن شي ِء ۾ موجود مادي جي‬
‫جي مايي کي پاڻ ڏانهن ڇڪي تنهن‬
‫مقدار کي مايو چئبو آھي‪.‬‬
‫کي وزن چئبو آھي‪.‬‬
‫وزن کي نيوٽن ۾ ماپيو ويندو آھي‪.‬‬ ‫مايو ڪلوگرام ۾ ماپيو ويندو آھي‪.‬‬
‫وزن زمين جي مختلف ھنڌن تي‬ ‫مايي جو ڪشش ثقل واري زور سان‬
‫مختلف ڪشش واري زور جي ڪري‬ ‫ڪوبه واسطو ڪو نه ھوندو آھي ۽‬
‫تبديل ٿيندو رھندو آھي‪.‬‬ ‫اھو ھر ھنڌ ساڳيو ھوندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬متوازن ۽ غير متوازن زور جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬متوازن زور ‪ -:‬ڪنهن شي ِء تي مخالف طرفن ۾ لڳايل ھڪجيترا زور جن جي ڪري‬
‫اھا شي چرپر نه ڪري سگهي تن کي متوازن زور سڏبو آھي‪.‬‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫غيرمتوازن زور ‪ -:‬مختلف نوعيت جا زور جن جي ڪري شي ِء ۾ چرپر پيدا ٿئي تن‬
‫کي غير متوازن زور چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬انرشا ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬انرشا ڪنهن به جسم جي اھا خاصيت ھوندي آھي جنهن ڪري جيڪڏھن ڪو‬
‫جسم آرام واري حالت ۾ ھوندو ته اھو آرام واري حالت ۾ رھندو ۽ جيڪڏھن چرپر ۾ ھوندو ته‬
‫اھو ساڳئي رفت ار سان سڌي ليڪ يا ھڪ ئي طرف ۾ ھلندو رھندو جيستائين ڪو ٻاھريون‬
‫زور ان تي اثر انداز نه ٿئي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ليور ڇا آھي؟‬
‫جواب‪ -:‬ليور ھڪ سادي مشين آھي جيڪا ھڪ لوھ جي ڊگهي پٽي يا لٺ ھوندي آھي‪.‬‬
‫ليور ڪنهن نقطي تي گوالئي ۾ چرپر ڪري سگهندو آھي‪ .‬ھن کي ٽي بيهڪ واريون جايون‬
‫ھونديون آھن‪.‬‬
‫‪. 1‬وزن ‪ -:‬انهي جڳه تي ھٽائڻ ال ِء وزن رکبو آھي‪.‬‬
‫‪ .2‬ٽيڪ يا فلڪرم ‪ -:‬اھو نقطو جنهن تي ليور چوڌاري ڦري سگهي تنهن کي ٽيڪ يا‬
‫فلڪرم چئبو آھي‪.‬‬
‫‪.3‬زور‪ -:‬ھي اھو نقطو آھي جنهن تي وزن کي ھٽائڻ ال ِء زور يا افرٽ لڳايو ويندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ليورجا قسم بيان ڪريو؟‬
‫جواب ‪ -:‬ليور جا ٽي قسم آھن‪.‬‬
‫پهرين قسم جا ليور ‪ -:‬ھن قسم جي ليور ۾ ٽيڪ يا فلڪرم ‪ ،‬زور ۽ وزن جي وچ ۾‬
‫ھوندو آھي‪ .‬مثال چيڪلي‪.‬‬
‫ٻئين قسم جا ليور ‪ -:‬وزن ‪ ،‬زور ۽ ٽيڪ يا فلڪرم جي وچ ۾ ھوندو آھي‪ .‬مثال ريڙھي‪.‬‬
‫ٽئين قسم جا ليور ‪ -:‬زور ‪ ،‬وزن ۽ فلڪرم جي وچ ۾ ھوندو آھي‪ .‬مثال ٻانهن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬لهواري سطح ڇا آھي ؟‬
‫جواب ‪ -:‬لهواري سطح به سادي مشين جو ھڪ قسم آھي‪ .‬اھو بلڪل سڌو ۽ لهوارو ھوندو‬
‫آھي‪ .‬جنهن جي مدد سان ڳورين شين کي مٿي يا ھيٺ اڀين جاين تي پهچائي يا الھي‬
‫سگهبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬چپر ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬چپر به ھڪ سادي مشين آھي‪ .‬جنهن کي ٻه لهوارا پاسا ھوندا آھن ۽ اھي ھڪ‬
‫تيز ڪناري وٽ اچي ملندا آھن‪.‬چپر شين کي ڪپي ڌار ڪري سگهندو آھي‪.‬مثال ڪهاڙي ‪،‬‬
‫ڪوڪا ‪ ،‬ڇري ‪ ،‬ڪات وغيره‪.‬‬
‫روشني ۽ ان جون خاصيتون‬ ‫باب ستون‬
‫سوال ‪ -:‬روشن ۽ غير روشن شيون يا جسم ڇا کي چوندا آھن ۽ انهن جا پنج پنج مثال ڏيو؟‬
‫جواب ‪ -:‬اھي جسم جيڪي پنهنجي روشني پاڻ پيدا ڪري خارج ڪندا آھن تن کي روشن‬
‫جسم چوندا آھن‪.‬‬
‫مثال ‪ :‬سج ‪ ،‬تارا ‪ ،‬جگنو‪ ،‬بتي دار مڇي‪ ،‬ميڻ بتي بلب ۽ بتيون وغيره‪.‬‬
‫اھي جسم جيڪي پنهنجي روشني پاڻ پيدا نٿا ڪري سگهن ۽ ٻين روشن جسمن‬
‫کان ايندڙ روشني کي واپس موٽائي سگهن تن کي غير روشن جسم چوندا آھن‪.‬‬
‫مثال ‪ -:‬چنڊ ‪ ،‬فرنيچر ‪،‬ڪتاب ‪ ،‬ڪپڙا ‪ ،‬وڻ ‪ ،‬ٻوٽا ۽ سيا ره ۽ گرھ وغيره‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬روشني جي موٽ ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫جواب ‪ -:‬جڏھن روشني جا ڪرڻا ڪنهن به جسم تي پوندا آھن ته اھي موٽ کائيندا آھن‬
‫روشني جي اھڙي عمل کي روشني جي موٽ چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬شفاف ‪ ،‬غيرشفاف ۽ نيم شفاف جسمن جي وچ ۾ تفاوت ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬شفاف جسم ‪ :‬اھڙا جسم جيڪي پاڻ مان روشني کي آساني سان گذرڻ ڏين‬
‫تن کي شفاف جسم چوندا آھن‪.‬جيئن پاڻي ‪ ،‬صاف شيشو وغيره‪.‬‬
‫غير شفاف جسم ‪ -:‬غيرشفاف شيون روشني کي پاڻ مان ھرگز لنگهڻ ڪونه ڏينديون‬
‫آھن ۽ انکي روڪي ڪجه حصو موٽائي ڇڏينديون آھن‪.‬جيئن سرن واري ڀت ‪ ،‬ڪاٺ جون‬
‫ٺهيل شيون ‪ ،‬وڻ ‪ ،‬ٿلها ڪپڙا وغيره‪.‬‬
‫نيم شفاف جسم ‪ -:‬اھي پاڻ مان روشني جي ڪجه حصي کي گذرڻ ڏيندا آھن‪ .‬جيئن‬
‫دنڌلو شيشو‪ ،‬سنهو ڪاغذ ۽ ڪي پالسٽڪ جون شيون‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬اسان کي چنڊ ڇو ڏسڻ ۾ ايندو آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬جيتوڻيڪ چنڊ مان ڪابه روشني نه نڪرندي آھي‪ .‬اسان کي چنڊ ان ال ِء ڏسڻ ۾‬
‫ايندو آھي جو جڏھن سج جي روشني چنڊ تي پوي ٿي ته اھو روشني کي واپس موٽائيندو‬
‫آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬چنڊ گرھڻ ۽ سج گرھڻ جي وچ ۾ تفاوت ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬جڏھن چنڊ‪ ،‬ڌرتي ۽ سج جي وچ ۾ ۽ سج جي سامهون ايندو آھي ته اھو سج جي‬
‫روشني کي ڌرتي تائين پهچڻ کان روڪيندو آھي ته ان کي سج گرھڻ چئبو آھي‪.‬‬
‫چنڊ گرھڻ تڏھن نظر ايندو آھي جڏھن زمين‪ ،‬سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي بيهندي آھي‪.‬‬
‫بجلي ۽ مقناطيسيت‬ ‫باب اٺون‬
‫سوال ‪ -:‬بجلي جو ڪرنٽ ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬بجلي جي ڪاٽو چارج جو بجلي جي رستي (سرڪٽ) تان گذرڻ کي بجلي جو‬
‫ڪرنٽ چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬بجلي جو سرڪٽ ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬بجلي جو سرڪٽ اھو رستو ھوندو آھي جنهن تان بجلي جو ڪرنٽ يا بجلي جي‬
‫چارج گذري وڃي ٿي ۽ ڪو ڪم ڪري سگهي ٿي‪ .‬جيئن بلب کي روشن ڪرڻ وغيره‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬فيوز ڇا آھي ؟‬
‫جواب ‪ -:‬فيوز اھڙي شي ِء آھي جيڪا بجلي جي وڌيڪ ڪرنٽ جي وھڪ کان بجلي تي‬
‫ھلندڙ شين يا تارن کي نقصان رسڻ نٿو ڏي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬وڄ يا کنوڻ ڪيئن پيدا ٿيندي آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬ڪڪر به بجلي جي چارجز تي مشتمل ھوندا آھن‪ .‬جڏھن ٻه مختلف قسم جي‬
‫چارج وارا ڪڪر پاڻ ۾ اچي ملندا آھن ته بجلي جا چمڪاٽ ٿيندا آھن يعني کنوڻ پيدا ٿيندي‬
‫آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬مقناطيس يا چقمق ڇا آھي ؟‬
‫جواب‪ -:‬اھڙي شي ِء جو ٽڪر جيڪو ڪن شين جهڙوڪ لوھ ڪوبالٽ يا نڪل کي پاڻ ڏانهن‬
‫ڪشش ڪري تنهن کي مقناطيس يا چقمق چئبو آھي‪ .‬ھن کي اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب نالي‬
‫سان ٻه قطب ھوندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬مقناطيسي ميدان ڇا کي چئبو آھي ؟‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫جواب ‪ -:‬مقناطيس جي چوڌاري جڳه جتي ان جو اثر ھجي يعني شين کي پاڻ ڏانهن‬
‫ڇڪي سگهي تنهن کي مقناطيسي ميدان چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬برقي مقناطيس ڇا آھي ؟ ڪجه شين جا ناال ٻڌايو جيڪي برقي مقناطيس تي‬
‫ڪم ڪن ٿيون‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬اھڙي مقناطيس جيڪا فقط بجلي جي ڪرنٽ گذارڻ سان ڪم ڪري تنهن کي‬
‫برقي مقناطيس چئبو آھي‪.‬‬
‫برقي گهنٽي ‪ ،‬برقي موٽر ۽ مينگلو ٽرين وغيره برقي مقناطيس تي ڪم ڪنديون آھن‪.‬‬
‫مٽي‬ ‫باب نائون‬
‫سوال ‪ -:‬مٽي جا ٽي اھم قسم ڪهڙا آھن ؟ ھرھڪ جون خاصيتون بيان ڪري ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬مٽي جا ٽي اھم قسم ھيٺ بيان ڪجن ٿا‪.‬‬
‫وارياسي مٽي ‪ -:‬اھڙي مٽي جنهن ۾ واري جو مقدار وڌيڪ ھجي تنهن کي‬
‫وارياسي مٽي چئبو آھي‪ .‬ھي کهري ھوندي آھي‪،‬ان جا ذرڙا پاڻي کي جذب نٿا ڪري‬
‫سگهن ۽ اھي پاڻي سان گڏ وھي وڃن ٿا‪ .‬وارياسي مٽي ۾ ڪيترائي ھوا جا خال موجود‬
‫ھوندا آھن‪.‬‬
‫لٽ واري مٽي ‪ -:‬ھن قسم جي مٽي ۾ لٽ يعني اٽي وانگر تمام ننڍڙا ذرڙا موجود‬
‫ھوندا آھن‪ .‬اھا تمام لسي ۽ نرم ھوندي آھي‪.‬لٽ واري زمين ۾ پاڻي جو ڪافي مقدار موجود‬
‫ھوندو آھي ڇاڪاڻ ته ان جا ذرڙا پاڻي کي پاڻ مان گهڻو ڪري گذرڻ ڪونه ڏيندا آھن ۽‬
‫روڪي رکندا آھن‪.‬‬
‫چيڪي مٽي ‪ -:‬ھن قسم جي زمين جو وڏي ۾ وڏو مقدار يا حصو چيڪي مٽي جو‬
‫ھوندو آھي ان ۾ تمام گهڻو پاڻي ھوندو آھي جيڪو نيڪال نه ٿيڻ ڪري زمين ۾ سم جو‬
‫ڪارڻ به بڻجيو پوي‪ .‬ھن مٽي ۾ ھوا به گهٽ ٿئي‪ .‬چيڪي مٽي ۾ معدنيات يا خوراڪي ذرڙا‬
‫موجود رھن ٿا جيڪي ٻوٽن جي اوسر ال ِء ضروري ھوندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ڇهڻ واري چڪاس ڇا آھي ؟ سائنسدان ان کي ڇا ال ِء استعمال ڪندا آھن؟‬
‫جواب ‪ -:‬ٻن گهميل آڱرين سان مٽي کي مهٽي آزمائش ڪري ان جو قسم يا نمونو معلوم‬
‫ڪرڻ کي ڇهڻ واري آزمائش چئبو آھي‪ .‬سائنسدان مٽي جي بناوت معلوم ڪرڻ ال ِء اھو‬
‫طريقو استعمال ڪندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬جاندار شيون مٽي ال ِء ڪيئن ڪارآمد ٿين ٿيون؟ مٽي انهن ال ِء ڪيئن ڪارآمد ٿيندي‬
‫آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬ڪي جاندار جهڙوڪ بيڪٽيريا ۽ فنجي بي جان ٻوٽن ۽ مئل جانورن کي کائي تحليل‬
‫ڪري خوراڪي جزا واپس مٽي ڏانهن موڪليندا آھن‪ .‬ڪي جانور مٽي ۾ ٻرون ٺاھي رھن ٿا‬
‫اھڙي طرح اھي مٽي کي ھيٺ مٿي ڪري مالئيندا آھن ۽ ان کي ھوادار بنائين ٿا‪.‬‬
‫مٽي به جاندارن ال ِء ڪارآمد آھي‪ .‬سڀ ٻوٽا مٽي ۾ ئي پيدا ٿيندا آھن ۽ اھي مٽي‬
‫مان سندن اوسر ال ِء خوراڪي جزا به حاصل ڪن ٿا‪ .‬ڪوڏ‪ ،‬سوپا ‪ ،‬ماڪوڙيون ‪ ،‬ڪوريئڙا ‪،‬‬
‫سها ۽ ڪي ٻيا جانور ته زمين ۾ اندر ئي رھن ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬مٽي جي کاڌ ڇاآھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬وھندڙ پاڻي مٽي کي چيري وھڪرو ٺاھي ٿو جنهن ڪري زمين جي سطح واري‬
‫مٽي به پاڻ سان گڏ کڻي ويندو آھي ۽ مٽي جا ٻيا ذرڙا به ان سان گڏ وھي ويندا آھن‪ .‬ھن‬
‫عمل کي مٽي جي کاڌ چئبو آھي‪.‬‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫سوال ‪ -:‬سوپا مٽي کي ڪيئن ھوادار بنائين ٿا؟‬
‫جواب ‪ -:‬سوپا مٽي کي کوٽي ڊگها سوراخ ۽ سرنگهون ٺاھيندا آھن جن مان ھوا مٽي اندر‬
‫داخل ٿي وڃي ٿي ۽ اھڙي طرح سوپا مٽي کي ھوادار بنائين ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬تحليلي عمل ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬تحليلي عمل اھو عمل آھي جنهن ۾ ڪو بي جان شي ِء يا ان جو ڪو حصو‬
‫ورڇجي ڌار ڌار خوراڪي جزن ۾ بدلجي ويندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬تحليل ڪندڙ ڇا آھن؟‬
‫جواب ‪ -:‬تحليل ڪندڙ دراصل باريڪ جاندار ھوندا آھن جيڪي مٽي ۾ رھي بي جان شين‬
‫کي کائي چٽ ڪري ڇڏيندا آھن‪ .‬انهي عمل دوران تحليل ڪندڙ بي جان شين ۾ موجود‬
‫خوراڪي جزن کي ڌار ڌار ڪندا آھن‪.‬‬
‫بيڪٽيريا ‪ ،‬فنجي ۽ ڪي ڪيئان تحليل ڪندڙ جاندار آھن‪.‬‬
‫اسان جو شمسي نظام‬ ‫باب ڏهون‬
‫سوال ‪ -:‬شمسي نظام ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬شمسي نظام مختلف گرھن ‪ ،‬ڪيترن ئي چنڊن ‪ ،‬ننڍڙن گرھن ‪ ،‬پڇڙ تارن ۽ تباه ٿيل‬
‫ننڍڙن گرھن جي ذرڙن جهڙوڪ کڙندڙ تارن وغيره جو ھڪ ميڙ آھي جيڪي سڀئي سج جي‬
‫چوڌاري گردش ڪندا رھن ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ گرھن جا ترتيب سان ناال لکو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ گرھن جا ترتيب سان ناال ھيٺ ڏجن ٿا‪.‬‬
‫‪. 4‬مريخ يا مارس‬ ‫‪. 3‬زمين‬ ‫‪. 2‬زھره‬ ‫‪. 1‬عطارد‬
‫‪. 8‬نيپچون‬ ‫‪. 7‬يورينس‬ ‫‪. 6‬زحل يا سيٽرن‬ ‫‪.5‬مشتري يا جوپيٽر‬
‫سوال ‪ -:‬مختلف گرھن کي ياد رکڻ ال ِء ڪو جملو لکو جيڪو ياد داشت ۾ مدد ڏي‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬مختلف گرھن کي ياد رکڻ ال ِء جملو ھيٺ ڏجي ٿو جيڪو ياد داشت ۾ مدد ڏي ٿو‪.‬‬

‫سوال ‪ -:‬اسان جي نظام شمسي ۾ موجود گرھن کي ڪيترن گروپن يا قسمن ۾ ورھائي‬
‫سگهجي ٿو؟‬
‫جواب ‪ -:‬اسان جي نظام شمسي ۾ موجود گرھن کي ٻن گروپن يا قسمن ۾ ورھائي‬
‫سگهجي ٿو‪.‬‬
‫‪ .1‬پٿريال گرھ ‪ -:‬عطارد ‪ ،‬زھره ‪ ،‬زمين ‪ ،‬۽ مريخ‪ .‬ھي سڀئي گرھ ننڍا ۽ پٿريلي مادي جا‬
‫ٺهيل ھوندا آھن‪.‬‬
‫‪ .2‬گئس وارا وڏا گرھ ‪ -:‬جوپيٽر يا مشتري‪ ،‬زحل ‪ ،‬يورينس ۽ نيپچون کي گئس وارا گرھ‬
‫چئبو آھي ڇاڪاڻ ته اھي تمام وڏا ۽ گئسن جا ٺهيل ھوندا آھن‪.‬‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫سوال ‪ -:‬پڇڙ تارا ڇا ھوندا آھن ؟‬
‫جواب ‪ -:‬پڇڙ تارا يا ڪوميٽس به تمام ننڍڙا جسم ھوندا آھن جيڪي برف ‪ ،‬دز ۽ پٿريلي شين‬
‫جا ٺهيل ھوندا آھن انهن کي ھڪ مرڪز يا نيوڪليئس ھوندو آھي جنهن جي چوڌاري‬
‫گهاٽي ڌنڌ جو ڪڪر موجود ھوندو آھي جنهن کي ڪوما چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬کڙندڙ تارا يا شهاب ثاقب ڇاکي چوندا آھن؟‬
‫جواب ‪ -:‬کڙندڙ تارا يا شهاب ثاقب دراصل پٿريال ۽ ڌاتن جا بچيل سچيل ذرڙا ھوندا آھن جيڪي‬
‫خال ۾ مختلف دائرن ۽ مختلف رفتار سان سج جي چوڌاري ڦرندا آھن‪.‬‬

You might also like