Sohni Significant

You might also like

Download as docx, pdf, or txt
Download as docx, pdf, or txt
You are on page 1of 12

‫شاھ سائين َء جي ڪردارسهڻي َء جو نفسياتي جائزو‬

‫ڊاڪٽر شير مهراڻي‬


:Abstract
Sohni is one of the great characters utilized by Shah Abdul Lateef
Bhittai. She falls in love with Mehaar. In `Sur Sohni`of Shah jo Risalo
Shah Lateef elucidates this love story at large scale. Although Sohni was
a married lady but she made extramarital relations with Mehaar. Shah
Lateef has justified that the force marriage is not legitimate. He in his
poetry condemns this marriage and extols of Sohni over love relation
with Mehaar. Sohni takes bold step and in this research article I have
presented the psychoanalysis of her character. She faces different
psychological complexes, but at the end she accepts the will of Her Id.
She never cares the society and social even ethical values.
In this research article I have explored her different psychological
conditions and have presented the psycho analysis of her character from
the poetry of Shah Lateef. Because Shah Lateef Say’s “Hundreds were
drowned by the river, but the river was drowned by this maid.” I also
have focused on those values of the society which she adopts and leaves.

‫ هو‬.‫ا آهن‬DD‫ردرا کني‬DD‫ ڀٽائي َء پنهنجي شاعري َء ۾ تاريخ جا ڪيترائي ڪ‬D‫شاھ عبداللطيف‬
‫ردارن‬DD‫ه هو انهن ڪ‬DD‫و بلڪ‬DD‫ري ٿ‬DD‫ان پيش ڪ‬DD‫انهن ڪردارن کي نه صرف جمالياتي انداز س‬
‫امهون آڻي‬DD‫يات کي س‬DD‫ ادراڪ ۽ احساسن کي بيان ڪندي سندن نفس‬،‫ فڪر‬،‫ سوچ‬،‫جي شعور‬
‫ اسان سندس ڪردارن جو نفسياتي جائزو وٺندي حيراني َء جي سمنڊ سان همڪنار ٿيون ٿا‬.‫ٿو‬
‫ني َء‬DD‫۽ سوچيون ٿا ته هڪڙو فرد ايترن ڪردارن جي نفسيات ۽ احساس کي ايتري باريڪ بي‬
‫ان‬D‫ري م‬D‫ادي دائ‬D‫ردارن جي بني‬D‫ردار؛ ڪ‬D‫ندس ڪ‬D‫گهيو آهي؟ س‬D‫ري س‬D‫ان ڪ‬D‫يئن بي‬D‫ان ڪ‬D‫س‬
‫ه‬DD‫ت مکي‬DD‫ون س‬DD‫ائين ج‬DD‫اھ س‬DD‫ ش‬.‫ا آهن‬DD‫اڻ بڻجي پي‬DD‫ان اهڃ‬DD‫نڪري تمثيلي طور مختلف حوالن س‬
،‫ونهن‬DD‫ل س‬DD‫ موم‬.‫سورميون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪو نه ڪو اهڃاڻ بڻجي ويون آهن‬
‫ ڇڪ‬،‫ڪ‬DD‫ س‬،‫ونهن‬DD‫ مارئي مٽي َء جي س‬.‫ ارادي جي مضبوطي ۽ وفا جو اهڃاڻ آهي‬،‫بيوفائي‬
،‫ق‬DD‫ عش‬،‫د‬DD‫ جدوجه‬،‫ سسئي سونهن‬.‫۽ مارن سان نينهن جي نڀا َء سان گڏ انڪار جو اهڃاڻ آهي‬
‫ورٺ‬DD‫ س‬.‫اڻ آهي‬DD‫و اهڃ‬DD‫ق ۽ ايالزن ج‬DD‫ عش‬،‫ لوڀ‬،‫ ليال اللچ‬.‫قرباني ۽ پاڻ ارپڻ جو اهڃاڻ آهي‬
‫اڻ آهي ۽‬DD‫و اهڃ‬DD‫داري ج‬DD‫ نوري نياز نوڙت ۽ قدرن جي پاس‬.‫ وفا ۽ فن جو اهڃاڻ آهي‬،‫سونهن‬
‫ورمين‬DD‫ني س‬DD‫ يع‬.‫ عشق ۽ قرباني َء جو اهڃاڻ بڻجي وئي آهي‬،‫ مزاحمت‬،‫ بغاوت‬،‫سهڻي سونهن‬
‫و‬DD‫ه ڏاهپ ج‬DD‫ر آهن ت‬DD‫ه پيڪ‬DD‫ا ب‬D‫ات ج‬DD‫ هو جمالي‬.‫دار آهن‬DD‫اعلي قدرن جا پاس‬
ٰ ‫وارا سڀ ڪردار‬
.‫دامن به سندن هٿن مان نٿو ڇڏائجي‬
‫“سسئي َء کان وٺي سهڻي تائين سڀ ڪردار باوق‪D‬ار ۽ الزوال س‪D‬ونهن ج‪D‬ا ط‪D‬البو نظ‪D‬ر‬
‫اچن ٿا‪...‬اسين س‪DD‬ڀ انهي ازلي س‪D‬ونهن جي اس‪D‬اٽ ۾ اچي اهڙا آديس‪DD‬ي بڻجي پئ‪DD‬ون ٿ‪DD‬ا جن ج‪DD‬و‬
‫مارڳ فقط ئي فقط “سونهن ديس” بڻجي پوي ٿو‪ ...‬سهڻي ال ِء ڪاري رات ڪشش ج‪DD‬و ب‪DD‬اعث‬
‫بڻجي ٿي‪ ،‬مارئي ال ِء ملير جنت جو درج‪DD‬و حاص‪DD‬ل ڪ‪DD‬ري وٺي ٿ‪DD‬و‪ ،‬سس‪DD‬ئي َء ال ِء جب‪DD‬ل ۽ لڪ‬
‫منزلن جي طرف راهون بڻجي وڃن ٿا‪ ...‬س‪DD‬ونهن ۽ س‪DD‬وڀيا ڏانهن لطي‪DD‬ف جي انهي َء رويي جي‬
‫‪1‬‬
‫وڌيڪ ڪهڙي تعريف ڪجي جو شيون پنهنجا تاثر مٽائي ٿيون ڇڏين‪”.‬‬
‫انهن مکيه سورمين کانسوا ِء به ڀٽ‪DD‬ائي جي ش‪DD‬اعري َء ۾ موج‪DD‬ود ٻي‪DD‬ون عورت‪DD‬ون پڻ ڪنهن ن‪DD‬ه‬
‫ڪنهن حوالي سان اهم آهن‪ .‬ناتر چاالڪي َء جو اهڃاڻ آهي‪ ،‬موکي ن‪DD‬از‪ ،‬ان‪DD‬داز ۽ ادا س‪DD‬ان گ‪DD‬ڏ‬
‫ظلم ج‪DD‬و اهڃ‪DD‬اڻ آهي‪ُ .‬س ‪D‬ر س‪DD‬امونڊي َء ۾ موج‪DD‬ود وڻج‪DD‬اري جي وني‪ ،‬عش‪DD‬ق‪ ،‬وف‪DD‬ا ۽ هيج‪DD‬اني‬
‫ڪيفيتن جو اهڃاڻ آهي‪ .‬سر ڪاپائتي جي ‘ڪتيندڙ’ عورت محنت ۽ پ‪DD‬اڻ ارپڻ واري ج‪DD‬ذبي‬
‫جو اهڃاڻ آهي‪ .‬ڀٽائي َء جا مذهبي ڪردار ت‪DD‬ه عظيم آهن ئي جن ۾ حض‪DD‬ور جن جي ذات آهي‪،‬‬
‫حضرت علي جو ڪردار آهي‪ ،‬امام حسين جو ڪردار آهي‪ ،‬حر ۽ ٻيا ڪردار شامل آهن پ‪DD‬ر‬
‫سندس ٻيا مرد ڪردار به مختلف آفاقي اشارن جي پاس‪DD‬داري ڪن‪DD‬دڙ آهن ۽ اهڃ‪DD‬اڻي ط‪DD‬ور تي‬
‫هو مختلف منصبن ج‪D‬ا م‪D‬الڪ آهن‪ .‬راڻ‪D‬و دان‪D‬ائي‪ ،‬عش‪D‬ق ۽ ارادي جي مض‪D‬بوطي ج‪DD‬و اهڃ‪D‬اڻ‬
‫آهي‪ ،‬پنهون عشق جو اهڃاڻ آهي‪ ،‬را ِء ڏياچ وچن ۽ واعدي نڀ‪DD‬ائڻ کانس‪DD‬وا ِء فن جي مڃت‪DD‬ا ج‪DD‬و‬
‫اهڃاڻ آهي‪ .‬ميهار عشق‪ ،‬سونهن ۽ وفا جو اهڃاڻ آهي‪ .‬ڄام تماچي عشق‪ ،‬وف‪DD‬ا ۽ س‪DD‬ونهن ج‪DD‬و‬
‫اهڃاڻ آهي‪ .‬چنيسر وفا‪ ،‬عشق ۽ عدل جو اهڃاڻ آهي‪ .‬عمر بادش‪DD‬اھ هڪ ئي وقت ظلم‪ ،‬ع‪DD‬دل‬
‫۽ انصاف جي عالمت آهي‪.‬‬
‫شاھ سائين َء جي ڪردارن بابت ڊاڪٽر غفورميمڻ لکيو آهي ته‪،‬‬
‫“شاهه لطيف وٽ مڪمل ڪردار ج‪DD‬و آئي‪DD‬ڊيل موج‪DD‬ود آهي ‪ .‬ش‪DD‬اهه ج‪DD‬ا س‪DD‬ڀ ڪ‪DD‬ردار ۽ قص‪DD‬ا‬
‫دراصل ڪنهن نه ڪنهن نظ‪DD‬رئي ۽ خي‪DD‬ال جي عالمت آهن جن عالمتن ذريعي ش‪DD‬اهه پنهنجي‬
‫‪2‬‬
‫فڪر کي بيان ڪيو آهي‪”.‬‬
‫شاھ سائين َء جي ڪردارن جي هڪ خاص خوبي اها به آهي ته هو هڪ ئي وقت مختل‪DD‬ف ۽‬
‫متزاد خوبين يا خامين جا مالڪ آهن‪ .‬جيئن مومل هڪ ئي وقت دوکي‪ ،‬دوالب‪ ،‬سونهن ۽ وفا‬
‫جو اهڃاڻ آهي يا عمر سومرو ظلم ۽ انصاف جو اهڃاڻ آهي وغيره وغيره‪.‬‬
‫شاھ جي رسالي مان ‘روحاني راز’ تالش ڪندڙ جهونن ڏاهن جو چوڻ آهي ته سُر س‪DD‬هڻي َء ۾‬
‫‪D‬ني نفس ۽ دري‪DD‬اھ عالم‪DD‬تي ط‪DD‬ور دني‪DD‬ا آهي‪.‬‬‫معني خدا‪ ،‬ڏم مع‪ٰ D‬‬
‫ٰ‬ ‫معني بندو‪ ،‬ساهڙ يا ميهار‬
‫ٰ‬ ‫سهڻي‬
‫معني ۽ مفهوم سان متفق ٿئي ٿو ته ڀلي ٿئي پر جيڪڏهن ڪ‪DD‬و‬ ‫ٰ‬ ‫ڪوئي پڙهندڙ اکيون ٻوٽي ان‬
‫معني ڪڍي ٿو ته اهو پڻ سندس ادراڪ ۽ علم جو حق آهي‪.‬‬ ‫ٰ‬ ‫پڙهندڙ يا لکندڙ ڪائي ٻي‬
‫هتي اسان سهڻي َء جي ڪردار جو نفسياتي جائزو وٺ‪DD‬ون ٿ‪DD‬ا‪ .‬فرائي‪DD‬ڊ جي شخص‪DD‬يت ب‪DD‬ابت ڏن‪DD‬ل‬
‫نظريي جي نظر ۾سهڻي َء جي شخصيت ڏسنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته هو َء “اڊ” يع‪DD‬ني‬
‫الذات جي پ‪DD‬يروي ڪ‪DD‬ري ٿي‪ .‬فرائي‪DD‬ڊ م‪DD‬وجب‪“ ،‬اڊ ي‪DD‬ا الذات اهڙين خواهش‪DD‬ن ج‪DD‬و ن‪DD‬الو آهي‪،‬‬
‫جيڪي ترت تسڪين گهرن ٿيون‪ .‬نتيجي طور لبي‪DD‬ڊو وت‪DD‬ان ملي‪DD‬ل س‪DD‬موري نفس‪DD‬ي س‪DD‬گهه انهن‬
‫خواهش‪DD‬ن جي پ‪DD‬ورا َء تي خ‪DD‬رچ ٿي وڃي ٿي‪ .‬اڊ پنهنجي خواهش‪DD‬ن جي تس‪DD‬ڪين ۽ تڪمي‪DD‬ل ال ِء‬
‫لذت جي اصول ‪ pleasure principle‬تي عمل ڪري ٿي‪ .‬بنان تڪليف جي ت‪DD‬رت تس‪DD‬ڪين‬
‫اد جو بني‪DD‬ادي اص‪DD‬ول آهي‪ .‬ڇاڪ‪DD‬اڻ ت‪DD‬ه اها الش‪DD‬عوري هون‪DD‬دي آهي ان ڪ‪DD‬ري ان جي اڳي‪DD‬ان‬
‫ٻاهريون حالتون ۽ سماجي قدر ڪا به حيثيت نٿا رکن‪ ،‬هو َء پنهنج‪DD‬و مقص‪DD‬د م‪DD‬اڻڻ گه‪DD‬ري ٿي‪.‬‬
‫فرائيڊ موجب ب‪DD‬ک‪ ،‬اڃ‪ ،‬تڪلي‪DD‬ف ک‪DD‬ان بچڻ‪ ،‬جنس ۽ ج‪DD‬ارحيت جه‪DD‬ڙن مح‪DD‬رڪن تي مش‪DD‬متمل‬
‫هوندي آهي‪ ،‬ان ڪري تس‪DD‬ڪين جي ال ِء ڪنهن ب‪DD‬ه قس‪DD‬م جي معاش‪DD‬رتي ۽ اخالقي بندش‪DD‬ن جي‬
‫‪3‬‬
‫پراهه نٿي ڪري‪”.‬‬
‫گهڻي ڀاڱي سهڻي جو ڪردار اسان کي اڊ جي پيروي ڪندي نظر اچي ٿو‪ .‬ڇاڪاڻ ته فرائي‪DD‬ڊ‬
‫نفسياتي طرح سان شخصيت جا ٽي جزا ٻڌايا آهن‪ ،‬جن ۾ اڊ‪ ،‬ايگو ۽ س‪DD‬پر ايگ‪DD‬و ش‪DD‬امل آهن‪ .‬اڊ‬
‫بابت اسان اڳ به ٻڌائي آي‪DD‬ا آهي‪DD‬ون ت‪DD‬ه اها بني‪DD‬ادي ط‪DD‬رح س‪DD‬ان الش‪DD‬عوري هون‪DD‬دي آهي‪ ،‬۽ اها‬
‫اخالقي بندشن کي نٿي مڃي‪ .‬پر ان جي ڀيٽ ۾ ايگو جيئن ته ڪجهه ڪجه‪DD‬ه ش‪DD‬عوري هون‪DD‬دي‬
‫آهي ان ڪري اها سماجي حوالي سان اخالقي بندشن کي قبول ڪري ٿي ۽ ڪو به اهڙو ڪم‬
‫ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿي جنهن جي معاشرو اجازت نٿو ڏئي‪ .‬ٻ‪DD‬ئي پاس‪DD‬ي س‪DD‬پر ايگ‪DD‬و ت‪DD‬ه س‪DD‬نئون‬
‫سڌو ڄڻ ته فرد جي خواهشن اڳيان “سينو س‪DD‬پر” ٿي بيهي رهي ٿي ۽ اڊ ت‪DD‬وڙي ان‪DD‬ا‪/‬ايگ‪DD‬و ج‪DD‬و‬
‫حساب ڪتاب رکي ٿي ۽ انهن کي ڪنهن به اهڙي عم‪DD‬ل جي اج‪DD‬ازت هرگ‪DD‬ز ن‪DD‬ٿي ڏئي جنهن‬
‫کي معاشرو قبول نٿو ڪري‪.‬‬
‫“هن(سپر ايگو) جو الڳاپو انا س‪DD‬ان وڌيڪ گه‪DD‬رو رهي ٿ‪DD‬و‪ ،‬بلڪ‪DD‬ه ايئن ک‪DD‬ڻي چئجي ت‪DD‬ه س‪DD‬پر‬
‫ايگو اصل ۾ ايگو مان ئي جنم وٺي ٿي ته تڏهن به غلط نه ٿين‪DD‬دو‪ .‬ڇاڪ‪DD‬اڻ ت‪DD‬ه هي ان جي هر‬
‫ڪم جي خبر چار لهي ٿي‪ .‬ڄڻ ت‪DD‬ه هي َء ڪ‪DD‬ا آڊٽ آفيس هجي‪ .‬هونئن ت‪DD‬ه هن ج‪DD‬و اڊ س‪DD‬ان ب‪DD‬ه‬
‫گهرو واسطو آهي‪ ،‬۽ انا جي ڀيٽ ۾ هن ج‪DD‬و گهٽ حص‪DD‬و ش‪DD‬عور ۾ اچي ٿ‪DD‬و ان ڪ‪DD‬ري هي ان‪DD‬ا‬
‫کان ٿورو پرڀرو آهي‪ .‬هن جو اصل ڪم هڪ اخالقي نقاد طور آهي‪ .‬پنهنجي هر گه‪DD‬ڙي جي‬
‫سخت تنقيد سبب هي َء ايگو ۾ ڏوهه جو احساس اڀاري ٿي‪ .‬شروع ۾ فرائيڊ ان کي انائي معي‪DD‬ار‬
‫‪4‬‬
‫جي نالي سان سڏيو هو‪ ،‬پر پو ِء پاڻ ئي ان جو نالو سپر ايگو رکيائين‪”.‬‬
‫اسان جي سامهون فرائيڊ پاران شخصيت جا نفسياتي حوالي سان ڏسيل ٽئي جزا واضح ٿي ويا‬
‫آهن‪ .‬يعني اڊ يا الذات سماجي توڙي اخالقي بندشن کي نٿي مڃي ۽ هو َء پنهنجي خ‪DD‬واهش جي‬
‫تڪميل گهري ٿي جڏهن ته ايگو‪/‬انا ۽ سپر ايگو‪/‬ف‪DD‬وق الن‪DD‬ا اڊ کي اهڙي ڪنهن ب‪DD‬ه عم‪DD‬ل ک‪DD‬ان‬
‫روڪين ٿ‪DD‬ا جنهن جي معاش‪DD‬رو اج‪DD‬ازت نٿ‪DD‬و ڏئي‪ .‬ش‪DD‬اھ لطي‪DD‬ف جي هڪ اڏول ۽ مزاحم‪DD‬تي‬
‫ڪردار سهڻي َء ۾ اسان کي ارادي جي مضبوطي‪ ،‬مقصد جي تڪميل ۽ ان تڪميل جي راهه‬
‫۾ آي‪DD‬ل رن‪DD‬ڊڪ کي پ‪DD‬ري ڪ‪DD‬رڻ ۽ ان رس‪DD‬تي تي هلن‪DD‬دي ايث‪DD‬ار ۽ قرب‪DD‬اني جه‪DD‬ڙي ج‪DD‬ذبي س‪DD‬ان‬
‫سرشاري جي اهڙي صورت ملي ٿي جيڪا شايد فرائيڊ ب‪D‬ه ن‪D‬اهي ٻ‪D‬ڌائي س‪D‬گهيو‪ .‬ڇاڪ‪D‬اڻ ت‪D‬ه‬
‫فرائيڊ جو چ‪DD‬وڻ آهي ت‪DD‬ه‪ ،‬م‪DD‬اڻهو َء جي اڊ ان کي پنهنجي خ‪DD‬واهش جي تڪمي‪DD‬ل ال ِء مجب‪DD‬ور ت‪DD‬ه‬
‫ڪري ٿي‪ ،‬پر هو ڪنهن ب‪DD‬ه تڪلي‪DD‬ف کي برداش‪DD‬ت ن‪DD‬ٿي ڪ‪DD‬ري‪ .‬هتي س‪DD‬هڻي َء ج‪DD‬و ڪ‪DD‬ردار‬
‫ڪنهن به تڪليف کان لهرائيندي يا ڪيٻائيندي نظر نٿو اچي‪ .‬سهڻي َء جي ڪ‪DD‬ردار ۾ ويٺ‪DD‬ل ان‬
‫جي ايگو ۽ سپر ايگو کيس سمجهائين ٿيون ته ‘اڄ درياھ ۾ نه گهڙج‪DD‬ان ڇاڪ‪D‬اڻ ت‪DD‬ه اڄ دري‪DD‬اھ‬
‫جو وهڪرو تمام گهڻو تيز آهي‪ ،‬۽ تنهنجو هنن ڪارين راتين ۾ آخر دري‪DD‬اھ ۾ گه‪DD‬ڙين ب‪DD‬ه ڇ‪DD‬و‬
‫ٿي؟ تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ مٿان وري جي تنهنجو مڙس‪/‬ڏم جاڳي پوي ۽ پاڙي وارين ک‪DD‬ان‬
‫تنهنجي پڇا ڪري ته تو وٽ ڪهڙو جواب هوندو؟’‬
‫َمتان گ ِهڙين‪ُ ،‬سهَڻِي‪ ،‬اَ ُڄ د ِ‬
‫َرياههَ ۾ َد ُم‪،‬‬
‫ڪن َِن ۾‪ ،‬ڪهڙو اَٿِئي ڪَ ُم‪،‬‬ ‫ڪاري َء رات ُ‬
‫واريين‪.‬‬‫َمتان جاڳي َڏ ُم‪ ،‬پُڇي پاڙي ِ‬
‫ايگو ۽ س‪DD‬پر ايگ‪DD‬و پ‪DD‬اران س‪DD‬هڻي َء کي ٽي خط‪DD‬را ۽ خ‪DD‬وف ٻ‪DD‬ڌايا وي‪DD‬ا آهن‪ .‬هڪ ت‪DD‬ه دري‪DD‬اھ ج‪DD‬و‬
‫وهڪرو خوفناڪ آهي‪ ،‬ٻيو ڪاري رات آهي ۽ ٽيون اخالقي طرح سان سماجي ۽ معاش‪DD‬رتي‬
‫حوالي سان خطرو آهي‪ .‬پر سهڻي جي اڊ يا الذات انهن ٽنهي خطرن کي ن‪DD‬ٿي مڃي ۽ انهن کي‬
‫جواب ٿي ڏئي ته جيڪڏهن ڏم جاڳي به پيو ۽ پاڙيوارين کان پڇا به ڪري وڌائين ته ڪه‪DD‬ڙو‬
‫ف‪D‬رق ٿ‪DD‬و پ‪DD‬وي‪ ،‬ڪ‪D‬اري رات ج‪D‬و دري‪DD‬اھ جي ڪنن ۽ خوفن‪D‬اڪ وهڪ‪D‬رن ۾ ظ‪D‬اهر آهي انهن‬
‫جو(منهنجو) ڪو نه ڪو ڪم هوندو تڏهن ته درياھ جا دڙڪا نٿا ڊيڄ‪DD‬ارين‪ .‬م‪DD‬ون ت‪DD‬ه پنهنجي‬
‫ذات(هڏو ۽ چم) پنهنجي دوست(ميهار) تان قربان ڪري ڇڏي آهي‪.‬‬
‫َريندو َڏ ُم‪،‬‬ ‫واريُون‪ ،‬ڪوههُ ڪ ِ‬ ‫پُڇي پاڙي ِ‬
‫ڪ ُم‬‫يار ِن َ‬ ‫ڪن َِن ۾‪ ،‬آهي ڪاڻِ ِ‬ ‫ت ُ‬ ‫ڪاري َء را ِ‬
‫هار تان‪.‬‬ ‫ب ِم َ‬‫گهوريو ُم ِح َ‬
‫ِ‬ ‫ِهي ُء هَڏو ۽ َچ ُم‪،‬‬
‫يعني سهڻي جي اڊ هن جي ايگو ۽ سپر ايگ‪DD‬و ک‪DD‬ان وڌيڪ س‪DD‬گهاري آهي‪ ،‬ت‪DD‬ڏهن ت‪DD‬ه پنهنجي‬
‫مقصد جي حصول ۾ ڪامياب ٿئي ٿي‪.‬‬
‫ٻئي پاسي سهڻي جي شخصيت هر وقت عجيب نفسياتي ڪيفيت مان گ‪DD‬ذري ٿي‪ ،‬کيس ايگ‪DD‬و ۽‬
‫سپر ايگو روڪين ٿيون ته هي انهن کي ڪو نه ڪو جواز ۽ جواب فراهم ڪري ٿي‪.‬‬
‫َسدا پُڇ َم‪ُ ،‬سهَڻِي! ا ُوندا ِهي َء آ َڌ را ِ‬
‫ت‪،‬‬
‫ت ‪ ،‬وان َء ڏيٺاري ڏيهَه کي‪.‬‬ ‫پِ ِريان ڏي پَرڀا ِ‬

‫محبتَ ُمون‪،‬‬ ‫ڪري‪َ ،‬مٿي َ‬ ‫ڏيهاڻي َڏ َم ُر َ‬


‫چي تُون‪ ،‬پِ ِريَ ِم! ڪوههُ نَه پَلِيين‪.‬‬ ‫تِنهن کي اَ ِ‬
‫س‪D‬هڻي پنهنجي هيج‪D‬اني ڪيفيت ج‪D‬و اظه‪D‬ار ڪن‪D‬دي چ‪D‬وي ٿي ت‪D‬ه اي منهنج‪D‬ا محب‪D‬وب تنهنجي‬
‫سڪ ۽ تانگهه منهنجي وجود ڪي ڪپي ۽ ڪوري رهي آهي‪ ،‬آئون نينهن جي ن‪DD‬ير ۽ عش‪DD‬ق‬
‫جي سنگهر ۾ ايترو جڪڙجي ۽ پڪڙجي وئي آهي‪DD‬ان ج‪DD‬و پنهنجي وج‪DD‬ود کي ئي چ‪DD‬وري ن‪DD‬ٿي‬
‫سگهان‪.‬‬
‫ڪپي ۽ ڪوري‪،‬‬ ‫ِسڪَ تُن ِهنجي سُپِ ِرين! َ‬
‫َسگهان نَه چوري‪ ،‬ڏاڍو نِي ُر نِينهَن جو‪.‬‬
‫نفسياتي طرح سان هتي سهڻي َء جون ٻه ڪيفيت‪DD‬ون ملن ٿي‪DD‬ون‪ ،‬هڪ س‪DD‬ڪ ۽ تانگه‪DD‬ه جي اث‪DD‬ر‬
‫هيٺ سندس شخصيت جو دٻجي وڃڻ ٻيو بيوسي ۽ الچ‪D‬اري‪ .‬ت‪D‬وڙي ج‪D‬و ٻ‪D‬ئي ڪيفيت‪D‬ون هڪ‬
‫ٻي جي گهڻو ويجهو آهن پر پو ِء به انهن کي سمجهڻ ال ِء ٿ‪DD‬ورو ڌار ڌار ڪرڻ‪DD‬و پون‪DD‬دو‪ .‬س‪DD‬وال‬
‫‪D‬ني گهٽ‬ ‫اهو ٿو پئدا ٿئي ته آخر سڪ ڇا آهي‪ .‬سڪ هڪ عجيب لفظ آهي‪ ،‬جنهن جي ت‪DD‬ز مع‪ٰ D‬‬
‫۾ گهٽ م‪DD‬ون کي ت‪DD‬ه انگري‪DD‬زي ت‪DD‬وڙي اردو ۾ ن‪DD‬اهي ملي‪ .‬انگري‪DD‬زي جي لف‪DD‬ظ “مس ڪ‪DD‬رڻ” ۾‬
‫جذبي جي اها شدت ن‪DD‬اهي‪ ،‬جيڪ‪DD‬ا س‪DD‬نڌي َء جي اس‪DD‬تعاري “س‪DD‬ڪ لڳڻ” ۾ آهي‪ .‬اردو وارا ت‪DD‬ه‬
‫ماڳهين “ياد ڪرنا‪/‬آنا” چئي سڪ جي ڪيفيت جي دز کي به نٿ‪DD‬ا ڇهن‪“ .‬محب‪DD‬وب جي س‪DD‬ڪ‬
‫وجود کي ڪوري ۽ ڪپي رهي آهي‪ ،‬ان ڪورجڻ ۽ ڪپجڻ واري ڪيفيت کي ص‪DD‬رف اهو‬
‫ئي ٻڌائي ۽ سمجهي سگهي ٿو جيڪو ان مان گذريو هوندو‪ .‬ٻولي َء جي ماهرن ج‪D‬و چ‪D‬وڻ آهي‬
‫‪D‬ني ج‪DD‬و ڀن‪DD‬ڊار ب‪DD‬ه ت‪DD‬ه ص‪DD‬رف اها ش‪DD‬ئي‬ ‫معني جو ڀنڊار کڻي هلن ٿا‪ .‬پر مع‪ٰ D‬‬ ‫ٰ‬ ‫ته‪ ،‬لفظ پاڻ سان گڏ‬
‫سمجهائي سگهي ٿو جنهن جو ڪو نه ڪ‪D‬و تص‪D‬ور اڳ ذهن ۾ موج‪D‬ود هون‪D‬دو‪ .‬پ‪D‬ر جيڪ‪D‬ڏهن‬
‫ڪنهن وٽ ان شئي جو ڪو تصور ئي ن‪DD‬ه هون‪DD‬دو ت‪DD‬ه ٻ‪DD‬ولي پنهنجي س‪DD‬گهه جي آڌار تي هڪ‬
‫تصور جوڙڻ جي ڪوشش ته ڪندي پر ممڪن آهي اهو تص‪DD‬ور ان اص‪D‬ل ک‪D‬ان ال‪D‬ڳ هجي‪.‬‬
‫هتي شاھ سائين سهڻي جي ڪيفيت لفظن ۾ ٻڌائي آهي‪ .‬محبوب جي س‪DD‬ڪ وج‪DD‬ود کي ڪ‪DD‬ٽي ۽‬
‫ڪپي رهي آهي‪ .‬يعني سڪ هڪ اهڙي ڪيفيت جو نالو آهي‪ ،‬جيڪ‪DD‬ا وج‪DD‬ود جي وڍجڻ جي‬
‫مترادف آهي‪ .‬مٿان وري نينهن‪/‬عشق جو نير ايترو ته ڳ‪DD‬رو ۽ مض‪DD‬بوط آهي َء ج‪DD‬و ان جي اث‪DD‬ر‬
‫هيٺ وري اهڙي ڪيفيت ٿي آهي ج‪DD‬و وج‪DD‬ود کي چ‪DD‬وري پ‪DD‬وري نٿ‪DD‬و س‪DD‬گهجي‪“ .‬س‪DD‬گهان ن‪DD‬ه‬
‫چوري” مان مراد آهي ته سهڻي هڪ اهڙي ڪيفيت جي اث‪DD‬ر هيٺ آهي ج‪DD‬و هو َء ان ڪيفيت‬
‫مان نڪرڻ جي سگهه ئي نٿي رکي يعني هو َء الچار ۽ بيوس آهي‪.‬‬
‫ُور جو‪ ،‬نَڪو َسنڌو ِسڪَ‪،‬‬ ‫نَڪو َسنڌو س َ‬
‫ع َد َد ناهي ِعشق‪ ،‬پُڄاڻِي َ‬
‫پاڻ لَهي‪.‬‬
‫يعني سور‪ ،‬درد‪ ،‬ڏک‪ ،‬قرب‪ ،‬تڪليف ۽ سڪ جي وچ ۾ ڪا ب‪DD‬ه وٿي ن‪DD‬اهي‪ .‬هتي ايئن‬
‫پيو محسوس ٿئي ڄڻ ته ٻئي ساڳي ڪيفيت جا ناال آهن‪ .‬حم‪DD‬ل فق‪DD‬ير چ‪DD‬واڻي‪“ ،‬س‪DD‬ڪ مڙي‪DD‬وئي‬
‫سور‪ ،‬سور به سرجيا سڪ مان” يعني سڪ ي‪D‬ا ت‪DD‬ه س‪D‬ور ۽ تڪلي‪D‬ف آهي ي‪D‬ا وري تڪلي‪D‬ف ۽‬
‫ڏک سڪ مان ڦٽا آهن‪ .‬شاھ سائين َء جي بيت جي ٻي سٽ آهي‪“ ،‬ع َد َد ناهي ِعشق‪ ،‬پُڄ‪D‬اڻِي َ‬
‫پ‪D‬اڻ‬
‫لَهي‪ ”.‬عشق عدد يا انگ ناهي جنهن جي پڄاڻي معلو ڪري سگهجي‪ .‬ڏٺ‪DD‬و وڃي ت‪DD‬ه ع‪DD‬دد جي‬
‫پڄاڻي لهڻ به ناممڪن آهي‪ .‬بنيادي طور تي ٻڙي کان وٺي نون تائين ڪل ڏهه عدد آهن‪ ،‬پ‪DD‬ر‬
‫انهن عددن جي ڦير ڦار سان ڪروڙين‪ ،‬اربين يا کربين تائين يا اڃا به چئون ته المحدود ڳڻپ‬
‫جا عدد ٺاهي سگهجن ٿا‪ .‬پر ڀٽائي َء جو اهو چ‪DD‬وڻ ت‪D‬ه عش‪DD‬ق ع‪DD‬دد ن‪D‬اهي جنهن جي پڄ‪D‬اڻي لهي‬
‫سگهجي‪ .‬عشق پنهنجي پڄاڻي پاڻ لهي سگهي ٿو‪ .‬سهڻي عشق جي تڪليف م‪DD‬ان سرش‪DD‬ار ٿ‪DD‬ئي‬
‫ٿي‪ .‬هو درد کي جمالياتي حيثيت عطا ڪ‪DD‬ري ٿي‪ .‬بلڪ‪DD‬ه “ڀٽ‪DD‬ائي َء جي (س‪DD‬ڀني) ڪ‪DD‬ردارن کي‬
‫پنهنج‪DD‬و م‪DD‬رض‪ ،‬بيم‪DD‬اري‪ ،‬درد‪ ،‬ڏک ۽ اهنج ڪ‪DD‬رب ن‪DD‬ه ٿ‪DD‬و ڏئي بلڪ‪DD‬ه هو ان بيم‪DD‬اري ي‪DD‬ا‬
‫“مصيبت کي مٺو” سمجهن ٿا‪ ،‬ڇاڪاڻ ته اهو هڪ مرحلو آهي‪ .‬جنهن کانپو ِء هو وص‪DD‬ل ج‪DD‬ا‬
‫تمنائي آهن‪ ،‬وصل به اهڙو!‬
‫جي قِي‪DDDDD‬ا َم ِم َ‬
‫‪DDDDD‬ڙ ِن‪ ،‬ت‪DDDDD‬ه ڪَ‪َ DDDDD‬ر اوڏا ُس‪DDDDD‬پِ ِرين؛‬
‫تِه‪DDD‬ان پَ‪DDD‬ري ُس‪َ DDD‬ڄ ِن‪ ،‬واڌايُ‪DDD‬ون ِوص‪DDD‬ا َل جُ‪DDD‬ون‪.‬‬
‫(سهڻي) ‪9:5‬‬
‫قيامت جي ڏينهن به محبوب مليا ته سمجهبو ويجها آهن‪ .‬ملڻ جو مبارڪون ۽ واڌايون ته‬
‫اڃان اڳتي آهن‪.‬‬
‫ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکيو آهي ته‪....“ ،‬سُهڻي جو قدم سندس ذهانت جي نـ پر رومانٽڪ اپروچ‬
‫جي نشاندهي ڪري (ٿو) ٿي‪ ،‬سهڻي جو ڪردار پيار ۾ محدود ۽ س‪DD‬ماج ک‪DD‬ان ڪٽجي بغ‪DD‬اوت‬
‫‪5‬‬
‫ڪري(ٿو) ٿي ‪”.‬‬
‫شاھ سائين َء وٽ سهڻي جو ڪردار جذباتي آهي‪ .‬پر ان جي ج‪DD‬ذباتيت کي س‪DD‬مجهڻ ڏکي‪DD‬و آهي‪.‬‬
‫هونئن به جذباتيت ال ِء چيل آهي ته ان کي محسوس ڪرڻ ته سولو آهي‪ ،‬پر بيان ڪرڻ ڏکي‪DD‬و‬
‫آهي‪.‬‬
‫‪6‬‬
‫‪.Emotion is easily recognized and difficult to define‬‬
‫توڙي جي جذباتيت کي بيان ڪ‪DD‬رڻ ڏکي‪DD‬و آهي‪ ،‬پ‪DD‬ر ش‪D‬اھ س‪DD‬ائين َء پنهنجي ش‪D‬اعري َء ۾ انته‪D‬ائي‬
‫مدلل ۽ خوبصورت انداز سان سهڻي جي جذبي کي بيان ڪيو آهي‪ .‬بلڪه اس‪DD‬ان ش‪DD‬اھ س‪DD‬ائين َء‬
‫جي شاعري َء م‪DD‬ان س‪DD‬هڻي جي ڪ‪DD‬ردار جي ج‪DD‬ذباتيت بلڪ‪DD‬ه مختل‪DD‬ف ڪيفيت‪DD‬ون آس‪DD‬اني َء س‪DD‬ان‬
‫سمجهي سگهون ٿا‪ .‬هو َء ڪڏهن پيار جي اٿاهه گهري سمنڊ ۾ ٻڏندي محسوس ٿئي ٿي‪.‬‬
‫ک نِرالِي‪،‬‬ ‫ت نِيهُن‪ ،‬تِ َ‬ ‫ک‪ِ ،‬ج ِ‬ ‫ک‪ ،‬واهُ َڙ تِ َ‬ ‫َوهَه تِ َ‬
‫يق جو‪ ،‬سي ِخل َوتَ خيالِي‪،‬‬ ‫ق َع ِم ِ‬ ‫َج ِن کي عَش ُ‬
‫ڪيو‪.‬‬ ‫ٿ ِ‬ ‫واريين سي‪ ،‬والي ِهينئَڙو جنهيِن هَ ِ‬ ‫ِ‬
‫ته ڪڏهن وري درد جي درياھ ۾ لڙهندي نظر اچي ٿي‪.‬‬
‫ٿ ڪَ ري‪ ،‬اِال ِهي تُها َر!‬ ‫ِگهڙي گهَڙو هَ ِ‬
‫ڪي واتَ ۾‪ِ ،‬س ِسي کي سيسار‪،‬‬ ‫َڄنگههَ َڄ ُر ِ‬
‫چڪُ ۾‪ ،‬لُ َڙ ۾ لُ ِڙيَ ِ‬
‫س وا َر‪،‬‬ ‫چُوڙا ٻِيڙا ِ‬
‫س لوهَڻِيُون‪ ،‬ٿيلِيُون ٿَ َرنِئُون َ‬
‫ڌار‪،‬‬ ‫لَکين َچهُٽيَ ِ‬
‫َزار‪ ،‬ڀاڱا ٿِيندي سُوهَڻِي!‬ ‫ِم ِڙيا َمڇ ه َ‬
‫ڪڏهن بهادري ۽ بيباڪي جو اهڃاڻ ٿي سامهون اچي ٿي‪.‬‬
‫ڪاري رات ڪَ چو َگهڙو‪َ ،‬مٿان َوسي ِمينهَن‪،‬‬
‫ِهڪو ڀَئو بيراههَ جو‪ ،‬ٻِيو سانڀاران ِسينهَن‪،‬‬
‫گهوريو ِجندَڙو‪.‬‬‫ِ‬ ‫شال َم ِڇڄي نِينهَن‪ِ ،‬گهڙان‪،‬‬ ‫َ‬
‫ته ڪڏهن خوف ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿي‪.‬‬
‫ت تِ ِکيون تَنوار ُون‪،‬‬ ‫َرياههَ ۾ ‪ِ ،‬ج ِ‬ ‫دَهشَتَ َد ّم د ِ‬
‫هار کي‪ ،‬پَه َُچ ِن‪  ‬پُڪار ُون‪،‬‬ ‫ُمن ِهنجُون مانَ ِم َ‬
‫هر ِن لوڏي نَه َمران‪.‬‬ ‫لَههَ‪ ،‬ساه ََڙ! َسنڀار ُون ته لَ ِ‬
‫هو ڪڏهن اذيت پسند ‘سيڊسٽ’ به ٿيندي نظر اچي ٿي ۽ پاڻ کي عش‪DD‬ق جي اذيت ۾ محس‪DD‬وس‬
‫ڪندي ان مان محظوظ ٿئي ٿي‪.‬‬
‫ت‪،‬‬
‫کامان‪ ،‬پَچان‪ ،‬نَه َمران‪ ،‬سڙان ساري را ِ‬
‫ڪَر پِ ِريان ِجي تات‪،‬‬ ‫ِ‬ ‫ٻَ ِن ٻِيائِي کي ِوجهي‪،‬‬
‫ت‬‫ِسي ُخون َسن ِديُون َس َڄڻين‪ ،‬اُڀِرن آڌي َء را ِ‬
‫ٿ‪ ،‬ڏيهاڻِيو َچنگِ َچرهان‪.‬‬ ‫ٿ نَه سا ِ‬ ‫ڪي ه َ ِ‬ ‫نَه ِ‬
‫يعني ڀلي کامان‪ ،‬ڀلي سڙان ۽ پچان پر مران نه‪ ،‬ڇاڪاڻ ته موت کان پو ِء ته عشق ج‪DD‬و قص‪DD‬و‬
‫ختم ٿي وڃي ٿو‪ .‬هو َء مسلس‪DD‬ل اذيت ۾ ت‪D‬ه رهڻ چ‪D‬اهي ٿي‪ ،‬پ‪D‬ر م‪D‬رڻ ن‪D‬ٿي چ‪D‬اهي‪ .‬خ‪D‬ود فرائي‪D‬ڊ‬
‫جڏهن پنهنجي زندگي َء جي آخري وقت ۾ مسلسل تڪليف ۾ هي‪DD‬و ت‪DD‬ه هن ‪ 21‬س‪DD‬يپٽمبر ‪1939‬ع‬
‫تي پنهنجي ڊاڪٽر کي چيو هو‪،‬‬
‫“ پيارا (ڊاڪٽر) شور توکي پنهنجي پهرين گفتگو ياد آهي؟ تو مونس‪DD‬ان واع‪DD‬دو ڪي‪DD‬و هو ت‪DD‬ه‬
‫جيڪڏهن منهنجي تڪليف حد کان وڌي وئي ته تون منهنجي م‪DD‬دد ڪن‪DD‬دين‪ .‬هاڻي ت‪DD‬ون ڏس‪DD‬ين‬
‫‪7‬‬
‫پيو ته زندگي اذيت ئي اذيت آهي‪ ،‬۽ بس”‬
‫ان گفتگو جي اڳين ڏينهن تي ڊاڪٽر شور مارفيا نالي دوا جي داڻي جو ٽيون حصو آڻي ڏنو ۽‬
‫فرائيڊ هميشه جي ال ِء سمهي پيو‪.‬‬
‫فرائيڊ جو درد ‘پيٿاالجيڪل’ هو‪ ،‬هن وٽ جيئڻ ال ِء شايد ڪو به جواز ن‪DD‬ه هو ان ڪ‪DD‬ري هن‬
‫اذيت ڀوڳڻ کان انڪار ڪندي موت کي قبول ڪي‪DD‬و‪ .‬ش‪DD‬ايد س‪DD‬ندس نظ‪DD‬ر ۾ “جي ت‪DD‬ون ڪاله‪DD‬ه‬
‫مئين َء ته ڪالهه ئي گڏين َء پرين َء کي‪ ”.‬واري صورتحال هئي‪ .‬پر سهڻي َء ج‪DD‬و ڪ‪DD‬ردار اذيت‬
‫۾ رهڻ چاهي ٿو هو موت قبول نٿو ڪري‪ .‬سهڻي ج‪D‬و درد ‘اموش‪DD‬نل’ آهي‪ ،‬هو َء مسلس‪D‬ل درد‬
‫جي جماليات ۾ رهڻ ٿي چاهي‪ .‬هن ال ِء سور ڪرب نه بلڪه محبوب س‪DD‬ان الڳ‪DD‬اپي ج‪DD‬و س‪DD‬بب‬
‫آهي‪ .‬هن ميهار سان ڪا اهڙي مالقات ڪئي آهي ج‪D‬و پنهنجي س‪D‬اهيڙين کي ب‪D‬ه چ‪DD‬وي ٿي ت‪D‬ه‬
‫“جيئن مون ميهار کي ڏٺو آهي‪ ،‬جيڪڏهن توهان به اهڙي َء طرح ڏس‪DD‬و ت‪DD‬ه پنهنجن ورن س‪DD‬ان‬
‫نه سمهو بلڪه مونکان به اڳي توهان گهڙا کڻي درياھ ۾ لهي پئو‪”.‬‬
‫ساهَ ّڙ مون ِجئن‪َ ،‬س َرتِيون‪ ،‬جي ِڏسو َسڀيئِي‪،‬‬
‫ُک ٿِي‪ ،‬پاسو َو َر ڏيئِي‪،.‬‬ ‫ڪينَ س ِ‬ ‫تَه ُس َمهو ِ‬
‫ُمونهان اَڳيئِي‪ِ ،‬گهڙو َسڀ َگهڙا کڻِي‪.‬‬
‫“سهڻي َء جو اهو چوڻ ته جيڪڏهن منهنج‪D‬ون س‪D‬رتيون‪ ،‬منهنج‪D‬ون س‪D‬اهيڙيون‪ ،‬هڪ جي‪D‬ڏيون‬
‫ميهار جي صورت ڏسن ته هوند پنهنجن ورن سان گڏ نه سمهن بلڪ‪DD‬ه مونک‪DD‬ان ب‪DD‬ه اڳي گه‪DD‬ڙا‬
‫کڻي درياھ ۾ ڪاهي پون ڪشوڀا جي منزل ڏانهن اش‪D‬ارو آهي‪ 8”.‬۽ ڪش‪D‬وڀا پ‪D‬ريم م‪D‬ارڳ جي‬
‫آخري منزل آهي‪ ،‬جتي پهچي فرد اخالقي‪ ،‬سماجي ۽ معاشرتي بندش‪DD‬ن ۽ پابن‪DD‬دين جي ڪ‪DD‬ا ب‪DD‬ه‬
‫پرواھ نٿو ڪري‪ .‬سهڻي پڻ ان پريم مارڳ جو سفر ڪيو آهي‪ ،‬هو َء چوي ٿي‪،‬‬
‫ڪ ُم‪،‬‬
‫ڪانيارن َ‬ ‫ِ‬ ‫تار ِگه َڙ َڻ‪ ،‬ا ُ‬
‫ي‬ ‫ت ََڙ تَڪ ََڻ ِ‬
‫َڏههَ ڀيرا ِڏينهن ۾‪ ،‬ڏي ڏوراپا َڏ ُم‪،‬‬
‫َعقُ ُل َمت َش َر ُم‪ ،‬ٽيئِي نِينهَن نِ ِ‬
‫هوڙيا‪.‬‬
‫سهڻي پنهنجي پاڻ کي ڄڻ ته ميهار ال ِء وقف ڪري ڇڏيو آهي‪ .‬خ‪D‬ود س‪D‬پردگي ي‪D‬ا ‘پ‪D‬اڻ ارپڻ’‬
‫پڻ اهڙو عمل آهي‪ ،‬جيڪو فرد جي مخصوص نفسيات جي نشاندهي ڪري ٿي‪.‬‬
‫ڪ ِني ڪوههُ؟‬ ‫دا ِئم جا د َِريا َه ۾‪ ،‬سا َم ِڇي ِ‬
‫ڪٿي تَه ِپيان‪.‬‬ ‫آ ِهس ِاي َء َاندوههُ‪ ،‬پا ِڻي ِ‬
‫هر وقت س‪DD‬هڻي پنهنجي وج‪DD‬ود کي ميه‪DD‬ار جي وج‪DD‬ود ۾ گم س‪DD‬مجهي ٿي‪ .‬پ‪DD‬و ِء هو َء ڪ‪DD‬يئن‬
‫ڪوجهي ٿي سگهي ٿي‪ .‬پر کيس اهو به اونو آهي ته هو َء ڪه‪DD‬ڙي ط‪DD‬رح س‪DD‬ان محب‪DD‬وب س‪DD‬ان‬
‫ميالپ ڪري‪.‬‬
‫ڪڏهن خودداري َء‪/‬انانيت جو اهڙو مثال بڻجي وڃي ٿي جو هو ٻُڏڻ ته گوارا ڪري ٿي‪ ،‬پ‪DD‬ر‬
‫پرين َء کان مدد نٿي گهري‪ .‬ڇاڪاڻ ت‪DD‬ه کيس گم‪DD‬ان آهي ت‪DD‬ه مت‪DD‬ان س‪DD‬ڀاڻي اهي س‪DD‬پرين ايئن ن‪DD‬ه‬
‫چئي وجهن ته اسان توکي ٻُڏڻ کان بچايو هو‪.‬‬
‫َٿ َم ال ِء‪،‬‬ ‫ُپريان جي تُ َرهي‪ ،‬ٻُڏين‪ ،‬ه َ‬ ‫س ِ‬
‫ڪاريو‪”.‬‬‫ِ‬ ‫صُبا َح تان چُوندا ِء‪“ :‬اَسان تو اُ‬
‫سُر سهڻي ۾ ظاهري طور ٻن عورتن جا ڪردار آهن‪ .‬هڪ سهڻي ٻيو سندس م‪DD‬ا ُء‪ .‬انهن ک‪DD‬ان‬
‫عالوه لڪيل يا ڳجها ٻيا به ڪيترائي ڪردار آهن‪ ،‬جن ۾ سهڻي ج‪DD‬ون س‪DD‬اهيڙيون ش‪DD‬امل آهن‪،‬‬
‫پر مکيا ڪردارن ۾ سهڻي ۽ سندس ما ُء جو ڪردار س‪D‬امهون اچي ٿ‪D‬و‪ .‬ش‪DD‬اهه س‪D‬ائين جي ُس‪D‬ر‬
‫سهڻي ۾‪ ،‬سهڻي هڪ ئي وقت مختلف نفس‪DD‬ياتي ڪيفيتن م‪DD‬ان گ‪DD‬ذري ٿي پ‪DD‬ر س‪DD‬ڀ ک‪DD‬ان وڌيڪ‬
‫جيڪا ڪيفيت مٿس اثرانداز ٿئي ٿي اُها آهي‪ :‬جبلتي گهرج ( ‪ .)instinct need‬هو َء پيار جي‬
‫جبلت ۾ بيوس نظر اچي ٿي ۽ پيار جو جذبو مٿس ايترو طاري آهي جو هو َء درياهه جا دڙڪا‬
‫به نٿي ساري‪ ،‬سرتين جا طعنا به هن جي ال ِء ڪا معني نٿا رکن‪ ،‬ما ُء ۽ م‪DD‬ڙس ج‪DD‬و خ‪DD‬وف ب‪DD‬ه‬
‫کيس محسوس نٿو ٿئي ۽ نه ئي وري هو َء سماجي سوالن کان گهٻرائي ٿي‪ .‬هو َء ‘گهڙي گهڙو‬
‫هٿ ڪري االهي توهار’ جي مڃيندڙ آهي ۽ نفسياتي طور ش‪DD‬رم کي پوئ‪DD‬تي ڇڏين‪DD‬دڙ ڪ‪DD‬ردار‬
‫آهي‪ ،‬سندس اهو چوڻ ته‪:‬‬
‫ڪ ُم‪،‬‬
‫ڪانيارن َ‬‫ِ‬ ‫تار ِگه َڙ َڻ‪ ،‬ا ُ‬
‫ي‬ ‫ت ََڙ تَڪ ََڻ ِ‬
‫َڏههَ ڀيرا ِڏينهن ۾‪ ،‬ڏي ڏوراپا َڏ ُم‪،‬‬
‫َعقُ ُل َمت َش َر ُم‪ ،‬ٽيئِي نِينهَن نِ ِ‬
‫هوڙيا‪.‬‬
‫سهڻي غلط يا درست جي معاملي کي ن‪DD‬ٿي ک‪DD‬ڻي هو َء هڪ فط‪DD‬ري ڪيفيت ج‪DD‬و ش‪DD‬ڪار آهي‪،‬‬
‫جنهن تحت هو َء ميهار سان بيپناهه پيار ڪري ٿي ۽ هو َء هڪ اهڙو جمالياتي تجربو ڪ‪DD‬ري‬
‫ٿي جيڪو کيس ٻي عالم ک‪DD‬ان ڪ‪DD‬ٽي ڇ‪DD‬ڏي ٿ‪DD‬و‪ .‬هو َء مسلس‪DD‬ل ان ڪيفيت ۾ رهي ٿي ۽ ان ج‪DD‬و‬
‫لطف ماڻي ٿي‪ .‬سندس اها جبلتي گهرج ي‪DD‬ا رجح‪DD‬ان ئي آهي جيڪ‪DD‬و کيس اُڻ‪DD‬ٽيهين جي اُم‪DD‬اوس‬
‫رات جو درياهه ۾ الهي ٿو‪:‬‬
‫ت ۾‪ ،‬جا ِگهڙي َو َسندي ِمينهن‪،‬‬ ‫ِسياري س َہ را ِ‬
‫جاڪَر ڄاڻي ِنينهن‪،‬‬ ‫َ‬ ‫هَلو تَه پ ُِڇون سُه ِڻي‪،‬‬
‫هار ئي‪َ  ‬منَ ۾‪.‬‬ ‫ِجنهن کي راتو ِڏينهن‪ِ ،‬م َ‬
‫سانوڻ جي مند ۾ ته درياهه ۾ هرڪو گهڙي ٿو پر سهڻي سياري جي سرد راتين ۾ درياھ ۾‬
‫لهندي سرهائي محسوس ڪري ٿي‪.‬‬
‫َوڻ ِگهڙي َس َڀڪا‪ِ ،‬هي َء َس َر ِهي ِسياري‪،‬‬ ‫سان ِ‬
‫ت َُن ِوڌا ِئين ِتار ۾‪َ ،‬ارواح جي آري‪،‬‬
‫َمحبتي ماري‪ ،‬ڪونهي داد د َِرياه َه ۾‪.‬‬
‫“‪ ...‬سهڻي َء جي سڪ توڙي اُڪير ڪٿي به ماٺ نٿي ٿئي‪ ،‬پ‪D‬ر ڏينه‪DD‬ون ڏينهن تم‪D‬ام گھڻي‬
‫ڀانئجي ٿي‪،‬۽ سندس حوصلو ۽ همت‪ ،‬دريا َء جي ڌڌڪن ۽ تيز لهرن جي پرواه ن‪DD‬ه ڪن‪DD‬دي‪،‬‬
‫۽ ڪڙڪا (دانهون) ڪندڙ ڪنن کي للڪارين‪DD‬دي‪ ،‬کيس س‪DD‬چ ۽ س‪DD‬اڃاهه جي واٽ واٽ تي‬
‫وڌائيندو رهي ٿو‪ .‬ايتريقدر ج‪D‬و س‪DD‬هڻي س‪DD‬چ جي س‪D‬ير ترن‪DD‬دي ج‪D‬ڏهن ڪ‪D‬پر تي پهچڻ واري‬
‫ڪنن جا ڪڙڪا هُن جي حوص‪DD‬لي کي للڪ‪D‬ارين ٿ‪D‬ا ۽ کيس ٻ‪D‬وڙڻ ال ِء ڄڻ‬ ‫هوندي آهي ته ُ‬
‫واجھ پيا وجھن‪ .‬انهن ڪڙڪن هوندي به بادشاه دري‪DD‬ا کي چ‪DD‬وي ٿي ت‪DD‬ه م‪DD‬ان جيڪ‪DD‬ا اڳي‪DD‬ئي‬
‫هيڻي آهيان‪ ،‬ڊيڄار نه ۽ نه ئي م‪DD‬ون کي اونهي پ‪DD‬اڻي ۾ ٻ‪DD‬وڙ‪ .‬م‪DD‬ون تي منهنجي منٺ‪DD‬ار ميه‪DD‬ر‬
‫جي‪ ،‬مينهن جي هلڻ سان جيڪا سنهي مٽي لڳي آهي‪ ،‬سا ميهر جي نشاني ۽ س‪DD‬وکڙي آهي‬
‫‪9‬‬
‫آ ُء تو ۾ گھڙي اها پياري َدزَ (سوکڙي) ڪيئن وڃايان‪”.‬‬
‫سهڻي بنيادي طور تي ڀٽائي َء جو هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو نفسياتي طرح سان جماليات‬
‫۽ عشق جي معراج تي نئون عزم کڻي نڪري ٿو ۽ پو ِء س‪DD‬هڻي جمالي‪DD‬اتي تج‪DD‬ربي م‪DD‬ان گ‪DD‬ذري‬
‫ميهار جو قرب حاصل ڪريٿي‪.‬‬
‫چوريو‪،‬‬
‫ِ‬ ‫ٻيلي پا َر ٻُري‪ّ ،‬مون کي َچ َڙ ِن‬
‫َم َحبَتِي ِمهار جي‪ ،‬سُتي شاخ چُري‪.‬‬
‫س پاري َچن جي‪.‬‬ ‫مڙي جهوڪ جُهري‪ ،‬پُون ِديَ ِ‬
‫هر حساس فرد ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ناسٽلجيائي ڪيفيتن ۾ رهندو آهي ڇاڪاڻ ته ف‪DD‬رد‬
‫کان جيڪڏهن ناسٽلجا يعني پنهنجي عظيم ماضي َء جي خوبصورت ورثي کي کسي ڇڏجي ته‬
‫زندگي جمود جو شڪار ٿي ويندي‪ ،‬مستقبل االهي اونداهو ٿي ويندو ۽ حال بيح‪DD‬ال ٿي وين‪DD‬دو‪.‬‬
‫ناسٽلجيائي ڪيفيت ۾ فرد اڪثر ماضي َء جي ڪنهن خوبصورت ياد سان حاضر لمح‪D‬و‪ /‬ح‪D‬ال‬
‫گذاريندو آهي‪ .‬ساڳي ڪيفيت جي شڪار سهڻي به آهي هو َء جنهن وقت ميهار س‪DD‬ان ن‪DD‬ٿي ملي‬
‫سگهي ته هو َء ميهار جي مينهن جي ڳچي َء ۾ ٻانهون وجهي روئي ٿي يا چوي ته‪:‬‬
‫ڇن سين‪،‬‬‫ورء َو ِ‬‫ِڳ ِچي پايو ٻانَهن‪ ،‬وي ِٺي ِ‬
‫اليان الل ِلڱن کي‪ ،‬آ ِئين جي َچرو ڪان َهن‪،‬‬
‫آئون اوهان جي دان َهن‪َ ،‬سدا ڀُڻان َسنَري‪.‬‬
‫ان عورت جي نفسياتي ڪيفيت ڇا هون‪DD‬دي جيڪ‪DD‬ا محب‪DD‬وب جي نس‪DD‬بت ۾ ٻين ش‪DD‬ين س‪DD‬ان ح‪DD‬ال‬
‫اوري ٿي‪ .‬ميهار ته ڇا پر ان جون مينهون‪ ،‬وڇون يا وڇيريون پڻ سهڻي َء ال ِء اتساھ آهن‪ .‬هو‬
‫انهن سان پنهنجي نفسياتي ڪيفيت اوري ٿي‪ .‬سهڻي َء ال ِء مينهون ميهار جو اهڃاڻ بڻجي ويون‬
‫آهن‪ .‬سندن چڙن يا گهنڊن جا آواز سهڻي َء کي بيچين ڪري ڇڏين ٿا‪ .‬جهن‪DD‬گ ۾ چرن‪DD‬دڙ مينهن‬
‫يا ٻين پالتو جانورن جي ڳچي َء ۾ ٽلي‪ ،‬چڙو يا گهنڊ ان ڪري ٻڌو ويندو آهي يا هو جو ج‪DD‬ڏهن‬
‫مال گهاٽي جهنگ ۾ چرڻ ال ِء هليو وڃي ٿ‪DD‬و ت‪DD‬ه ان کي ڳ‪DD‬ولهڻ ڏکي‪DD‬و ٿي پون‪DD‬دو آهي‪ .‬انڪ‪DD‬ري‬
‫ڏاها ميهار‪ ،‬ڌراڙ هميشه پنهنجن مينهن ۽ ٻين جانورن جي ڳچي َء ۾ چڙا يا گهن‪DD‬ڊ ٻڌن‪DD‬دا آهن ت‪DD‬ه‬
‫جيئن انهن جي آواز تي کين ڳولهڻ سولو ٿي پوي‪ .‬ان ح‪D‬والي س‪DD‬ان هڪ ٻي‪D‬و مش‪DD‬اهدو ب‪D‬ه ٿي‪DD‬و‬
‫آهي ته ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ اڪثر گهرن ۾ چورن چڪارن کان بچا َء ال ِء ڪتا پالي‪DD‬ا وين‪DD‬دا آهن‪.‬‬
‫ڪتن جون ڪي عادتون سٺيون ته ڪي خراب هونديون آهن‪ .‬ڪجهه ڪت‪DD‬ا ت‪DD‬ه اوپ‪DD‬رو م‪DD‬اڻهو‬
‫ڏسي گهڻي باهوڙ‪ /‬ڪندا آهن جو چي‪DD‬و وين‪DD‬دو آهي‪“ .،‬فالن هن‪DD‬ڌ ڪت‪DD‬و گ‪DD‬ڏيو اص‪DD‬ل پ‪DD‬ڙ ڪ‪DD‬ڍي‬
‫بيهي رهيو‪ ،‬تر نه چرڻ ڏنائين‪ ”.‬پر ڪي چورن س‪DD‬ان ب‪DD‬ه چ‪DD‬وراڻي ڪي‪DD‬و وڃن ۽ لڪي لڪي‬
‫وڃي اوپري ماڻهو َء کي وات وجهندا آهن‪ .‬ضروري به ناهي ته هر اوپرو م‪DD‬اڻهو چ‪DD‬ور هجي‪،‬‬
‫سو ڪتي جا مالڪ ڪنهن امڪاني پريشاني َء کان بچڻ ال ِء چوري َء چڪ هڻن‪DD‬دڙ ڪ‪DD‬تي جي‬
‫ڳچي َء ۾ به ڪا ٽلي يا چڙو ٻڌي ڇڏيندا آهن ته جيئن اڳيون ماڻهو ان جو آواز ٻڌي خبردار ٿي‬
‫وڃي‪ .‬اڪثر پيرن ۽ بزرگن جي مزارن جي ٻاهران ب‪DD‬ه گهن‪DD‬ڊ ٻ‪DD‬ڌل هون‪DD‬دا آهن ۽ زي‪DD‬ارتي انهن‬
‫کي وڄائي بزرگ جي مزار جي زيارت ڪندا آهن‪ .‬مندرن جي ٻاهران لڳل گهن‪DD‬ڊ پنهنجي پ‪DD‬ر‬
‫۾ هڪ وسيع ۽ ڳوڙهو تاريخي تناظر رکن ٿا‪ .‬اڳوڻي وقتن ۾ ع‪DD‬ادل بادش‪DD‬اھ پنهنجي مح‪DD‬ل جي‬
‫ٻاهران زنجير يا گهنڊ رکائي ڇڏيندا هئا ته جيئن ڪو گهرجائو اچي وڄائي ۽ بادشاھ انهن جي‬
‫حاجت پوري ڪندا آهي‪ .‬اهي ڳالهيون لکڻ جو مقصد چڙي ي‪DD‬ا گهن‪DD‬ڊ ج‪DD‬و مقص‪DD‬د بي‪DD‬ان ڪ‪DD‬رڻ‬
‫آهي‪ .‬جيڪو مختلف هنڌن تي مختلف آهي‪ .‬پ‪DD‬ر س‪DD‬هڻي َء کي ميه‪DD‬ارن جي مينهن جي چ‪DD‬ڙن ج‪DD‬ا‬
‫آواز تڙپائي ٿا وجهن هو َء جڏهن ميه‪D‬ار جي مينهن جي چ‪D‬ڙن ج‪D‬ا آواز ٻ‪D‬ڌي ٿي ت‪D‬ه محبت جي‬
‫شديد گهرج محسوس ڪري ٿي ۽ بي اختيار ٿي چوي ٿي‪:‬‬
‫چوريا‪،‬‬
‫ِ‬ ‫ڀ اَندا َم‪ ،‬چ َڙ ِن ُمن ِهنجا‬
‫اَ ِديُون َس ِ‬
‫آڇيان عا َم؟‬ ‫ڪئَن ِ‬‫ال ُر ِن جا لَنئُون الئِي‪ ،‬سا ِ‬
‫دوست ُمنجي‪.‬‬ ‫ُ‬ ‫س جنهن جي ال َم‪ ،‬سو ِدالسا‬ ‫لَڳيَ ِ‬
‫اندام‪ ،‬لڱن ۽ عضون کي چئبو آهي پر جديد تحقيق موجب اندام جنسي عضوا آهن سهڻي َء ج‪DD‬و‬
‫برمال اهو چ‪D‬وڻ ت‪D‬ه ميه‪D‬ار جي مينهن جي چ‪D‬ڙن جي آواز تي جس‪D‬م ۾ جنس‪D‬ي ط‪D‬ور سيس‪D‬ڙاٽ‬
‫نڪري ٿا وڃن‪ ،‬سهڻي جي جنسي جبلت جو تمام سهڻو ۽ جمالي‪DD‬اتي اظه‪DD‬ار آهي‪ .‬وري س‪DD‬ندس‬
‫اهو چوڻ ته‪:‬‬
‫ڪرين َديِس گ ِڏجي‪.‬‬ ‫ِ‬ ‫يس َسنڀار‪ُ ،‬‬
‫ڪہ ُ‬ ‫يار ِ‬
‫ِج ِ‬
‫ويرو تار َوجود ۾‪ ،‬پِ ِريِ ِن ِجي پَچار‪،‬‬
‫سي َس َڄ َڻ هو ِن نه ڌار‪ ،‬جي ِهينئين ۾ َح ُل ٿِيا‪.‬‬
‫هتي سندس اهو چوڻ ته ‘منهنجي وجود ۾ هر وقت پرين َء جي پچار آهي ۽ اهي پرين منهنجي‬
‫وجود ۾ تحليل ٿيل آهن‪ ’،‬ظاهري طور انهن س‪D‬ان گ‪D‬ڏجي ڇ‪D‬ا ڪن‪D‬ديس‪ ،‬ڇاڪ‪D‬اڻ ت‪D‬ه هر وقت‬
‫محب‪DDD‬وبن جي پچ‪DDD‬ار‪/‬ڳاله‪DDD‬ه منهنجي وج‪DDD‬ود ج‪DDD‬و حص‪DDD‬و بڻجي وئي آهي‪ ’.‬هي ُء پڻ هڪ وڏو‬
‫جمالياتي اظهار آهي‪ .‬اڃا ب‪DD‬ه وڌيڪ نفيس اظه‪DD‬ار هنن بيتن ۾ آهي‪ ،‬جن ۾ س‪DD‬هڻي چ‪DD‬وي ٿي ت‪DD‬ه‬
‫‘جيڪڏهن هڪ‪DD‬ڙو ڀ‪D‬يرو ميه‪D‬ار چ‪D‬وي ت‪DD‬ه “س‪D‬هڻي! م‪D‬وٽي ن‪D‬ه وڃ” ت‪DD‬ه جيڪ‪D‬ر آئ‪D‬ون پنهنجي‬
‫سموري ڄمار وٽس ويهي گذاريان ۽ موٽي درياھ جون ڇوليون پنهنجن لڱن سان نه الئيان‪’.‬‬
‫چ ُونِ ِم جي هيڪار‪َ “ :‬م َون ُء موٽي سُهڻي!”‬
‫ڀ َڄما َر‪،‬‬‫گهاريان َس َ‬
‫ِ‬ ‫دوس جي‪،‬‬ ‫َ‬ ‫د ُونهين َء پاسي‬
‫ٻان ِڌيڻان ٻيها َر‪ ،‬هَون َد نَه لِڱين الئِيان‪.‬‬
‫يا وري سهڻي چوي ٿي ته ‘جيڪر واپس نه وڃان ۽ ڀلي هو نه به چوي تڏهن به وٽن رهي‬
‫پوان‪ ،‬بلڪه وٽن ئي رهندي دم ڏيان‪ .‬هن جي صورت ۽ نه سونهن بلڪه هن جي محبت‬
‫منهنجي دل ۾ سڪ جو سمنڊ جاڳايو آهي‪ .‬پر وصل ۽ وڇوڙن جي ڳالهه تمام وڏي آهي‬
‫انڪري ئي ته واپس موٽي ٿي وڃان‪’.‬‬
‫ڪينَ َوري‪ ،‬هُوند ري َچئي َر ِهي َرهان‪،‬‬ ‫َوڃان ِ‬
‫دوس جي‪ ،‬ما َڳهن پُئان َمري‪،‬‬ ‫َ‬ ‫د ُون ِهين َء پاسي‬
‫چتَ َچري‪،‬‬ ‫يس ِ‬
‫ڪ ِ‬ ‫صُو َرتَ نَه سُونهن ڪا‪ِ ،‬‬
‫ق ِجي‪ ،‬سُڄي ڳالهه َڳري‪،‬‬ ‫ِوصالن فِرا َ‬
‫تيال ِهين تَري‪ُ ،‬منهُن کڻيو موٽيو َوڃان‪.‬‬
‫جمموعي طور تي سهڻي َء جي ڪردار جو نفسياتي‪ D‬ڇيد ڪندي اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته هو َء نفسياتي طرح‬
‫سان تمام گهڻي جذباتي هئي ۽ پنهنجي اڊ جي اثر هيٺ هن سماجي توڙي‪ D‬اخالقي بندشن جا ڪ‪DD‬ا ب‪DD‬ه پ‪DD‬رواھ‬
‫نه ڪئي ۽ ميهار سان لنو الئي وڃي ملي‪ .‬شاھ سائين َء جي شاعري َء ۾ هو َء هڪ ئي وقت بهادر‪ ،‬بيب‪DD‬اڪ‪،‬‬
‫خوددار ۽ انا پرست به نظر اچي ٿي ته ڪنهن ب‪DD‬ه قرب‪DD‬اني‪ D‬ڏيڻ ک‪DD‬ان ب‪D‬ه ن‪DD‬ٿي ڪيٻ‪DD‬ائي‪ .‬نفس‪DD‬ياتي ط‪DD‬رح هو َء‬
‫مضبوط‪ D‬اعصابن جي مالڪ نظر اچي ٿي ۽ ڪنهن به نفسياتي مونجهاري‪ D‬ج‪DD‬و ش‪DD‬ڪار ٿيڻ ب‪DD‬دران ان م‪DD‬ان‬
‫نڪرڻ جو رستو ڪڍي وٺي ٿي‪ .‬بيشڪ سهڻي شاھ لطيف جي شاعري َء ۾ محبت ۽ مزاحمت جو مجموعو‬
‫آهي‪.‬‬
‫حواال‪:‬‬
‫‪ 1‬سر رپ هڪ مطالعو‪ ،‬ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاه‪ ،‬حيدرآباد‪2002 ،‬ع صفحو ‪249_248‬‬
‫‪ 2‬شاھ جا فڪري رخ‪ ،‬ڊاڪٽر غفور ميمڻ‪ ،‬سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي‪2015 ،‬ع‪ ،‬ص‪77 ،‬‬
‫‪ 3‬نفسيات‪ ،‬حمير هاشمي‪ ،‬اردو سائنس بورڊ‪ ،‬اٺون ايڊيشن ‪2013‬ع‪ ،‬ص‪ 454 ،‬۽ ‪455‬‬
‫‪ 4‬تين بڙي نفسياتدان‪ ،‬ڊاڪٽر سليم اختر‪ ،‬سنگ ميل پبليڪيشنز‪ ،‬الهور‪2006 ،‬ع‪ ،‬ص‪66 ،65 ،‬‬
‫‪ 5‬شاھ جا فڪري رخ‪ ،‬ڊاڪٽر غفور ميمڻ‪ ،‬سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي‪2015 ،‬ع‪ ،‬ص‪76 ،‬‬
‫‪The Encyclopedia of applied psychology, three volume set, Editor–in–Chief 6‬‬
‫‪CHARLES D. SPIELBERGER University of South Florida Tampa, Florida, USA, 1998,‬‬
‫‪page 714‬‬
‫‪ 7‬تين بڙي نفسياتدان‪ ،‬ڊاڪٽر سليم اختر‪ ،‬سنگ ميل پبليڪيشنز‪ ،‬الهور‪2006 ،‬ع‪ ،‬ص‪30،‬‬
‫‪ 8‬جماليات‪ :‬تنقيدي جائزو‪ ،‬ڊاڪٽر شير مهراڻي‪ ،‬سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي‪2016 ،‬ع‪ ،‬ص ‪17‬‬
‫‪ 9‬رسالو‪ ،‬سرتيون‪ ،‬مضمون‪ ،‬شاھ لطيف جي شاعري َء ۾ عورت جي حيثيت‪ ،‬اياز چنا‪ ،‬ايڊيٽر‪ :‬گلبدن جاويد مرزا‪،‬‬
‫سنڌي ادبي بورڊ‪ ،‬فيبروري ‪1994‬ع‪ ،‬ص ‪4‬‬

‫نوٽ‪ :‬مقالي ۾ ڪتب آندل بيت عالمه آ ِء آء قاضي‪ D‬جي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي‪ D‬تان ورتا‪ D‬ويا آهن‪.‬‬

You might also like