Professional Documents
Culture Documents
Faqeer Khush Khair Muhammad Hesbani
Faqeer Khush Khair Muhammad Hesbani
1
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ جي سنڌي شعبي ۾ سال 2018ع ۾ پيش ڪيل تحقيقي مونوگراف
راشد شر
تحقيقي نگران
سنڌي شعبو
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ،خيرپور سنڌ
ڊجيٽل ايڊيشن:
2019ع
سنڌ سالمت ڪتاب گهر
2
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
فهرست
باب پهريون
12 خوش خير محمد هيسباڻيَء جي سوانح حيات
جنم
تعليم
فقيريَء ڏانهن الڙو
شادي ۽ اوالد
وفات
سماجي ڪردار
همعصر ۽ شاگرد
شعر و شاعري
حواال
باب ٻيو
18 خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعري
3
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
باب ٽيون
39 خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء ۾تاريخي ۽ رومانوي ڪردار
تاريخي ڪردار
منصور حالج
شهيد صوفي شاهه عنايت
شهيد مخدوم بالول
موکي ۽ متارا
مارئي
رومانوي ڪردار
نوري ڄام تماچي
سهڻي
حواال
باب چوٿون
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء تي اڳ وارن شاعرن جو اثر 47
4
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
باب پنجون
54 خوش خير محمد هيسباڻيَء جا همعصر ۽ سندس خاندان جا شاعر
همعصر شاعر
عثمان فقير سانگي
نانڪ يوسف
فقير قادر بخش بيدل
فقير غالم حيدر شر گودڙيو
خاندان جا شاعر
فقير در محمد (ٻيو)
خير محمد (ٽيون)
حواال
5
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
راشد شر صاحب هي تحقيقي ڪم پيار ،پاٻوھ ،سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سالمت ڏانھن
موڪليو آھي تہ جيئن آن الئين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون.
اوهان سڀني دوستن ،ڀائرن ،سڄڻن ،بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن ،راين،
صالحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
6
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
ارپنا
7
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
پنهنجي پاران
اها ڳالهه هر اهل علم ڄاڻي ٿو ته ادب جي دنيا ۾ تحقيقي ڪم ڪو آسان ناهي
هوندو بلڪه ٻين سمورن علمي ڪمن کا ن نهايت ڏکيو ڪم آهي ته اهو تحقيقي ڪم
آهي ،ڇو ته تحقيق جسم مان رت جا ڍڪ پي تندرست تخليق پيدا ڪندي آهي ،تحقيق
اکين جي اوجاڳن جو کاڌو کائي پنهنجي صحتمند تصوير چٽيندي آهي ،تحقيق دماغ کي
دڙڪا ڏئي ننڍين ننڍين غلطين تي ايستائين تنقيد ڪندي رهندي آهي جيستائين اهي
غلطيون درستگين ۾ تبديل ناهن ٿينديون .ها تحقيق جيڪڏهن محقق الِء ڏکيو ڪم آهي
ته اتي سندس مستقبل الِء هڪ اهڙي آسان واٽ به ُجڙي راس ٿي ويندي آهي جنهن ۾
محقق جو دماغ ايندڙ وقت جي علمي عقلي سطح جا تجربا ۽ تجزيا ڪرڻ وقت اڳ جيئن
ڪن وڏن ڏکين مسئلن جي منهن ناهي لڳندو بلڪه اڳ جي ڀيٽ ۾ سندس ذهن وڌيڪ
سنجيده ۽ پختو ٿي ويندو آهي .حقيقت ۾ تحقيق ڪندڙ محقق جڏهن سون جي تعداد ۾
ُاٺ ڪتابن جا پڙهندو آهي تڏهن وڃي ڪو هڪ معياري تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ وارو ليک لکي
سگهندو آهي يا ايئن کڻي چئجي ته جڏهن هڪ محقق سوين لفظ پڙهندو تڏهن تحقيق ۾
ڪو هڪ جامع ۽ جاندار لفظ لکي سگهندو آهي .ادب اندر مقرر ٿيل هر صنف جي پنهنجي
اهميت آهي اهڙي طرح تحقيق جي قسم کي ادب جي ٻين مڙني ڪيٽيگريز کان معراج
حاصل آهي ڇو ته معياري ادب تڏهن تخليق ٿي واڌ ويجهه ڪري سگهي ٿو جڏهن ان ۾
تحقيق جو مرحلو سگهارو هوندو .اڄ اسان جي اها هڪ بدنصيبي به چئبي جو اسان جي
سنڌي ادب ۾ گهڻ پاڙهو گهڻ ليکڪن اديبن عالمن جي ته هڪ نه کٽندڙ ڊگهي قطار نظر
ايندي جنهن ۾ اسانکي تحقيقي ڪم ڪرڻ وارا محقق ۽ ٿوري گهڻي تحقيقي ڪم کي
پڙهڻ وارا شاگرد اٽي ۾ لوڻ برابر نظر ايندا .اسان جو هڪ ٻيو وڏو اهو به الميو چئبو جو
اسانجو گهڻو اهل علم ادبي طبقو تحقيقي مقالن مونوگرافن ۽ ٿيسسزز کي پڙهڻ واري
عمل ۾ تمام گهٽ دلچسپي ٿو رکي جيڪي نه صرف ادب الِء نقصانڪار عمل آهي بلڪه
اڄ جي هر ادب جي شاگرد الِء به سائنسي علم جي کوٽ هجڻ جو به ثبوت آهي ،انڪري
ادب سان دلچسپي رکندڙ سمورن ساٿين کي تحقيق واري شعبي ڏانهن وڌ کان وڌ ڌيان
ڏيڻ جي ضرورت آهي جيئن اسين پنهنجي ادب تي سائنسي انداز ۾ تحقيقي ڪم ڪري
ادب کي سمجهي معياري ادب جي ڇنڊ چونڊ ڪري دنيا اڳيان پنهنجي ادب جو علمي
معيار متعارف ڪرائي سگهون.
اڄ آٌء پنهنجي الِء اهو اعزاز ٿو سمجهان ته مان هڪ شاگرد جي حيثيت سان هي
تحقيقي مقالو لکي پورو ڪيو آهي اها منهنجي الِء انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي .مان
جڏهن ادب جي دنيا ۾ پير پاتو هو تڏهن کان منهنجي اها خواهش هوندي هئي ته آٌء سنڌي
8
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
9
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
محقق جو تعارف
محمد راشد جنهن جو ادبي نالو راشد شر آهي ،پاڻ تعلقي فيضگنج جي ڳوٺ کنڊو
خان شر ۾ 2مارچ 1997ع تي پيدا ٿيا ،ادب سان سندس لڳاُء سن 2012ع کان آهي ادبي دنيا
۾ سندس سڃاڻپ هن وقت مقاال نگار ،مضمون نويس ،ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور
آهي ،سندس ادبي تحريرون ،ڪالم ۽ ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني
عوامي آواز ،روزاني ڪاوش ،روزاني ڪوشش ،روزاني سنڌ ايڪسپريس ،روزاني هالل
پاڪستان ۾ پبلش ٿينديون رهند يون آهن ،ان کان عالوه سندس ڪهاڻيون ،نظم ۽ نثري
ٽڪرا سنڌ جي مشهور ادبي رسالن جهڙوڪ ماهوار همسري ميگزين حيدرآباد ،ماهوار
ساڻيهه ميگزين ڪراچي ،ڪاوش مڊ ويڪ وغيره ۾ پڻ شايع ٿيندا رهندا آهن.
ڪائنات جي هن سڄي ڪارونهوار کي سمجهڻ الِء ڳوڙهي علم جي ضرورت
پوندي آهي ،ان علم سان ئي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي ،علم جي وسيلي ئي مختلف
شين ۾ فرق ڪري سگهجي ٿو ۽ کين سمجهي سگهجي ٿو .اسان جو هي سدا ملوڪ
ڄاڻ دوست راشد شر ڳچ عرصي کان علم ادب سان سلهاڙيل هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو ُس ُ
آهي جنهن جي چمڪ سندس فڪري تحريرن وسيلي نمايا ٿيندي رهي ٿي .راشد جي لکڻين
۽ تحريرن ۾ جملن جي روانگي ،توڙي ٻولي جو اسلوب پڙهندڙن کي حيران ڪريو ڇڏي
پاڻ ادب جو شاگرد هجڻ جي حيثيت سان وقت بوقت پنهنجي لکڻين ۾ سماج جي مختلف
پهلوئن کي اجاگر ڪندو رهي ٿو ،سندس ڪالمن ،مضمونن ،مقالن ۽ ڪهاڻين ۾ سماجي
ڪردار ائينَء هوبهو ڏيکاريل هوندا آهن جيئن اهي پنهنجي اصلي رنگ ۽ روپ ۾ هوندا
آهن .انساني جذبا ،اميدون جڏهن ڪنهن جي نيڻن ۾ گهر ڪري ويهنديون آهن ته انهي
محل راشد جون سڀئي سوچون ،فڪر جون سڀئي ڦرهيون انهن نيڻن جي آسري تي
پنهنجو سڀ ڪجهه تياڳڻ تي تيار ٿي وينديون آهن .راشد جي مزاج توڙي طبيعت ۾
جيتري قدر مٺاس ،پنهنجو پڻ ۽ سادگي آهي سندس تحريرن ۾ به ساڳيو ڍنگ ۽ سمجهاڻي
سمايل آهي،کيس هر هڪ معاشرتي ناانصافي،اڻ برابري ۽ ناپيد توڙي ناڪاره ٿيل فرصوده
ريتن ۽ رسمن تي ڪروڌ ايندو آهي .سندس قلم هميشه سچ لکڻ ۽ سچ کي ترجيح ڏيڻ
پسند ڪيو آهي ،راشد جو قلم هميشه انهن معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪيو آهي جن
پهلوئن تي اسان جي معاشري جا اڪثر ماڻهو يا ته سوچيندا ناهن يا ته وري انهن پهلوئن
تي سوچڻ ضروري ناهن سمجهندا اسان جي هن دوست انهن ڌڪاريل معاشرتي اصولن
10
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
جي پاسداري ڪندي پنهنجي قلم جي ذريعي هڪ پاڪيزه معاشري اڏڻ جي واٽ جو گس
ڏيکاريو آهي .راشد کي هڪ ئي وقت ادب جي مختلف صنفن تي عبور حاصل آهي ،هو
نثر توڙي نظم جي صنفن سان سٺو نڀاُء ڪرڻ جو ڄاڻو آهي .ڳالهه عالمي ادب جي نڪري
يا پنهنجي الکيڻي لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جي اسان جو هي دوست سڀني موضوعن ۽
مضمونن سان هڪ جيترو انصاف ڪندڙ ليکڪ آهي ،دنيا جا انقالبي اڳواڻ هجن يا
سماجي شخصيتون ،سڀني سان معتبراني طريقي سان پاڻ ملهائي ٿو،کيس ڪهاڻيون،
مضمون ،ڪالم ۽ مقاال لکڻ جو جيڪو بنيادي وسيلو آهي اهو سندس مطالعي ۽ مشاهدي
جو وسيع هجڻ ،ڇو ته مطالعي ۽ مشاهدي سان فڪر جا نوان گس متعارف ٿيندا آهن جنهن
سان ليکڪ کي نوان عنوان ۽ پهلو لکڻ الِء ملندا آهن .راشد جو به گهڻو وقت ڪتابن سان
گذريو آهي اڃا به کڻي ائين چئجي ته ڪتابن جو گهڻو وقت راشد سان گڏ گذريو آهي،
ڪتاب سان سندس ان الڳاپي ۽ ويجهڙائپ کيس ادبي دنيا ۾ نمايا ٿيڻ تي مجبور ڪيو
آهي ۽ سندس خيالن جي پرواز کي ايترو مٿي ڪيو آهي جو سندس سوچون ڪائنات
منجهه موجود هر هڪ چرپر کي نوٽ ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ کيس لکڻ تي اتساهينديون رهن
ٿيون ،راشد جي انهي گفتار ۽ اسلوب گهڻن ئي بند توڙي اونداهه ذهنن ۾ شعور جي الٽ
ٻاري ڪيترائي روشن خيال ذهن تيار ڪيا آهن .راشد جي سمورين تحريرن مان سندس
هي مونوگراف انڪري به پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو جو سندس هي هڪ تحقيقي
۽ اهم ادبي محنت آهي سندس هن اهم ساراهه جوڳي ڪامياب تحقيقي مونوگراف جي نه
صرف راشد کي مبارڪ هجي بلڪه ادب جي سمورن شاگردن کي به سنڌي ادب جي هڪ
ڪالسيڪل شاعر تي هن جامع انداز ۾ ٿيل تحقيق جون اڻ ڳڻيون واڌايون هجن ڇو ته
سنڌ جي هن اهم ڪالسيڪل صوفي شاعر خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم تي
ڪيل تحقيق سنڌي ادب الِء هڪ جامع تحفن ۾ به ڳڻي سگهجي ٿي جنهن کي پڙهڻ سان
ڪيترن ئي ادب جي شاگردن استادن ۽ محققن جي علم ۾ اضافو ٿيندو.
11
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
باب پهريون
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي سوانح حيات
سنڌ ڌرتي اھا مقدس ڌرتي آھي جنهن جي سيني تي هميشه تاريخ جي عظيم
ڪردارن جو جنم ٿيو آھي جن ڪردارن پنهنجي فن فڪر ذريعي تاريخ ۾ پنهنجو نالو
روشن ڪيو آھي .مطلب ته اسانجي هن مقدس ڌرتيَء کي اھو اعزاز حاصل آھي ته اسان
جي ڌرتي تاريخ ۾ ڪنڌ اوچو ڪري ھلندڙ عظيم ھستين تاريخ جي ڪردارن شاعرن اديبن
جي ماُء رهي آھي .شاھ لطيف کان ويندي سچل ،سامي ،بيدل ،نانڪ ،گودڙيي جھڙن
ڪردارن کي جتي ھن ڌرتي پنهنجي سيني مان جنم ڏنو اتي سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء
جي چمڪندڙ ستاري تصوف جي پرچارڪ شاھ سچل جي سلسي جي صوفي شاعر فقير
خوش خير محمد ھيسباڻيَء جو جنم به اسان جي ھن سنڌ ڌرتيَء جي ڪک مان ٿيو.
جنم
فقير خوش خير محمد ھيسباڻي رئيس غالم حيدر ھيسباڻيَء جي گھر ۾ سن
1809ع ۾ ڳوٺ گل محمد ھيسباڻي اڳوڻي ضلعي نواب شاھ ھاڻوڪي ضلعي نوشھرو
فيروز ۾ جنم ورتو .فقير صاحب جن کي ٻيا به ٽي ڀائر هئا جن ۾ شير محمد ،مير محمد
۽ عرض محمد هئا .فقير خوش خير محمد سڀني ڀائرن کان وڏو هو.
“فقير خوش خير محمد ھيسباڻي جا وڏا اصل عربستان جا رهاڪو هئا جيڪي پوِء
اتان لڏي بلوچستان ۽ پوِء سنڌ ۾ اچي ھميشه الِء رھائش پذير ٿيا ،جنهن وقت هيُء خاندان
سنڌ ۾ آيو ،تڏهن سنڌ تي ڪلهوڙن جو راڄ هو ۽ هي خاندان به آدم شاھ ڪلهوڙي سان
گڏجي سنڌ آيو هو .سنڌ ۾ اچڻ سان ،هي خاندان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ڪي ڪاڇي
جي طرف ،شاھ گودڙئي جي ڀرسان ميهڙ تعلقي ڏانهن هليا ويا ،ته ڪي ڪنڊياري تعلقي
۾ ڀونئري لڳ اچي آباد ٿيا ،جتان وري ڪي ڪرونڊيَء طرف (خيرپور ضلعي ۾) رھائش
پذير ٿيا” ()1
12
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
تعليم
فقير خوش خير محمد ھيسباڻي پنهنجي زندگيَء جا شروعاتي تقريبن ويهه ورهيه
پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ گذاريا ۽ پاڻ اتي ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون سندن استاد ان
وقت جو مشهور عالم آخوند بخش علي گاڏهي هو .فقير خوش خير محمد جو جنھن گھر
۾ جنم ٿيو اھو گھر ۽ سندس خاندان اڳ ۾ ئي علم ادب سان چاھ رکندڙ ھو فقير سائينَء
جا وڏا عربي ،فارسي ۽ قرآن شريف جو علم پڻ ڄاڻندا هئا .فقير سائين جي گھر مائٽن
جي علمي ماحول ۽ سندس وڏن جي اثر سبب ،فقير صاحب جو به الڙو علم ڏانهن گهڻو
رهيو.
“ خوش خير محمد ھيسباڻي نوشھرو فيروز جي نقشبندي بزرگ پير شھاب الدين
جي فرزند پير عبدالحئي جو طالب ھو .ڪن سوانح نگارن موجب خير محمد جي وڏن جي
ان درگاھ سان عقيدت ھئي ڪي سوانح نگار لکن ٿا ته خير محمد ھيسباڻيَء جو ان درگاھ
سان تعلق عثمان فقير سانگي جي اثر ھيٺ ٿيو .بهرحال ان ڳالھ تي ڪو به اختالف ناھي
ته فقير خوش خير محمد نوشھري جي نقشبندين جو طالب ھو .ھن ڪيترين ئي ڪافين
۾ به مرشد عبدالحئي سان عقيدت جو اظھار ڪيو آھي ” ()2
جيئن مٿي بيان ڪري آياسين ته خوش خير محمد جا وڏا نوشهرو فيروز جي مشهور
۽ معروف اولياَء پيرعبدالحئي صاحب جا طالب هئا ،تنهن ڪري پاڻ فقير صاحب جن به
اتي وڃي رهيا ۽ پاڻ وڌيڪ تعليم به اتي پرايائون اتي سندن استاد ۽ مرشد شهاب الدين
صاحب هو .نوشھرو فيروز کان پوِء تعليم وري به پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان تڳرن ۾ استاد
مولوي عبدالقدوس وٽ ختم ڪيائون.
فقير خوش خير محمد ٿورو علم پرائي ،مير علي مراد خان ٽالپر ،رياست خيرپور
جي واليَء وٽ ،وڃي نوڪري ڪئي .مير صاحب شروعات ۾ کيس ڪارائو ڪري رکيو،
پر آخر سندن ايمانداري ،هوشياري ۽ سچائي ڏسي کين مختيارڪار ڪيو .خوش خير
محمد فقير بابت هي ڳالهه مشهور آهي ته هڪ ڏينهن فقير صاحب پنهنجي وڏي اٽالي سان
شاهي شان و شوڪت ۽ ٺٺ ٺانگر سان ٺٽ جي پتڻ تان درياَء پار ڪرڻ الِء اچي رهيا هئا
13
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
ته واٽ تي هڪ سولنگي قوم جي پوڙهي مائي گاھ جي ڀري ٺاهيو ويٺي هئي ،جڏهن
فقير صاحب جن جي اٽالي تي نظر پيس ،تڏهن چوڻ لڳي ته ابا آهي ڪو ماڻهو ،جيڪو
مون کي هيَء ڀري کڻائي؟ فقير صاحب جن يڪدم ٽپ ڏيئي ،گهوڙي تان لٿا ۽ مائيَء کي
ڀري وڃي کڻايائون .فقير صاحب جي اميراڻي پوشاڪ ڏسي ،مائي سمجهي وئي ته هي
ڪو امير ماڻهو آهي ،سو هٻڪندي ۽ ڊڄندي چوڻ لڳي ته مون ته ڪنهن ٻئي ماڻهوَء کي
ٿي چيو ،توهان کي ته ڪونه چيم ،فقير صاحب کي ڄڻ دل تي ڪنهن هٿوڙو وهائي ڪڍيو.
وائڙو ٿي چوڻ لڳو ته مائي آئون ماڻهو نه آهيان ڇا؟ مائيَء وراڻيو :ابا اوهين ته ڪامورا
آهيو .مائيَء جا اهي لفظ ٻڌي فقير صاحب حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته شايد هنن ڪپڙن
۽ ٺاٺ باٺ جي ڪري ،آئون انسانن جي قطار کان ٻاهر نڪري ويو آهيان! بس ان وقت
ئي فقير صاحب جي خيال ۾ انقالب اچي ويو .هڪدم نوڪري ڇڏي ،پنهنجي مرشد پير
عبدالحي صاحب وٽ نوشهرو فيروز ويو ۽ اتان طلب ورتائين ۽ باقي زندگي فقيري ۾
گذاريائون .فقير خوش خير محمد جي تصوف ۽ فقيريَء ڏانهن الڙي بابت خير محمد جي
عقيدتمندن جوچوڻ آهي ته فقير سائين جن کي رندي طريقو ،حضرت شاھ عنايت جهوڪ
واري جي سلسلي جي هڪ عارف باهلل “جوڳ ڌڻيَء ” نالي درويش کان مليو .سندن جوڳ
ڌڻيَء سان به مالقات اتفاقي ٿي جو ھڪ دفعي جوڳ ڌڻي نوشهرو فيروز کان اچي النگهائو
ٿيو ۽ پير صاحب جن جي اوطاق ۾ اچي ٽڪيو .فقير خير محمد صاحب جن به اڪثر
ڪري ا تي رهندا هئا ۽ اوطاق ۾ آيل مهمانن جي خدمت چاڪري ڪندا هئا .فقير صاحب
جن دستور موجب “جوڳ ڌڻيَء” جي خدمت ڪئي .فقير خير محمد صاحب ننڍي کان ئي
حق ۽ ھيڪڙائي جو پارکو هو ،سو پاڻ جوڳ ڌڻيَء کي چيائين ته قبال ،ڪا االهي عشق
جي عنايت ٿئي ! مست فقير سندس صورت سيرت ۽ اخالق سبب اڳ ئي مٿس راضي
هو ،تنهن ڪري ان جي اها گهر موٽائي نه سگهيو ۽ فقير خير محمد کي هڪل ڪري
چيائين ته منهنجي پٺيان ٿي ويهه فقير خير محمد صاحب ،ارشاد موجب ائين ڪيو .جوڳ
ڌڻيَء کيس اسم اعظم سمجهايو ۽ آخر ۾ ٻڌايائينس ته جيڪڏهن اڳيان ويهاري سبق ڏيانِء
ها ته مون وانگر مست فقير ٿي پوين ها هاڻي تون سالڪ رهندين.
شادي ۽ اوالد
14
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
مرشد ۽ استاد پير عبدالحئي صاحب جن سان گڏ حج تي به ويا مدينه شريف پهچڻ بعد
فقير صاحب جن جڏهن حضرت رسول مقبول جي مبارڪ روضي جي زيارت ڪئي،
تڏهن هي ڪالم چيائون:
وفات
“ خوش خير محمد ھيسباڻيَء 1294ھ 2محرم تي ٽڳڙن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي
عيسوي سن 1877ع آھي کيس ان ڳوٺ ۾ ئي دفن ڪيو ويو1905 .ع ۾ ٽڳڙن جي ڳوٺ
کي درياھ پائڻ لڳو ان ڪري سندس الش کي ڪڍرائي خيرپور ضلعي جي تعلقي فيضگنج
جي ڪرونڊي شھر کان ٽي ڪلو ميٽر اوڀر دفن ڪيو ويو اھو ڳوٺ اڄ تائين صوفي خوش
خير محمد ھيسباڻي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو اتي سال به سال ،17،18۽ 19ذوالحج تي
ميلو لڳي ٿو)4( ”.
سماجي ڪردار
فقير خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي سوانح حيات جي مطالعي مان جتي اسان کي
ھن درويش جي علم ادب ۽ عقل جو پتو پوي ٿو اتي سندس زندگيَء ۾ انسان دوستي
انساني ڀالئي سماج جي ماڻھن سان محبت ڪرڻ بابت ڄاڻ ملي ٿي ته پاڻ نه صرف هڪ
شاعر ھئا بلڪه سماج ۽ سماج جي ماڻھن جو خيال ۽ احساسن جو قدر رکندڙ انسان دوست
مثالي سماجي ڪردار پڻ ھئا.
“ پاڻ ميرن سان تعلق واري وقت ۾ سفارش ڪري ڪيترائي قيدي آزاد ڪرائيندا
ھئا مير علي مراد سندس ڏاڍي عزت ڪندو ھو ۽ سندس سفارش تي قيدين کي آزاد ڪري
ڇڏيندو ھو .ماڻھن کي جو اھا خبر پئي جو ھر چور چڪار جو مائٽ صوفي خير محمد کي
ايالز منٿون ڪري پنهنجي قيدين الِء سفارش ڪرائيندا ھئا .آخر مير علي مراد به تنگ ٿي
پيو .ھڪڙي ڏينهن ھن صوفي خير محمد کي سمجهايو ۽ کانئس ڏاڙھيَء تي ھٿ رکرائي
واعدو ورتائين ته ھو ٻيهر ڪنهن ڏوھيَء جي سفارش نه آڻيندو .ھي فقير اڃا ڏاڙھيَء تي
15
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
انجام ڏيئي درٻار مان مس ٻاھر نڪتو ته اتي ئي ھڪ پوڙھيَء اچي اهلل جو نانُء وڌس ته
مونکي منهنجو پٽ ڇڏائي ڏي .پاڻ ان دم ئي
موٽي آيو درٻار ۾ ۽ مير کي ان پوڙھيَء جي پٽ کي ڇڏڻ جي سفارش ڪيائين .مير علي
مراد کلي چيس ته فقير اڃا ھاڻي ڏاڙھي ڏئي وئين ۽ ھاڻي ئي سفارش کڻي آيو آھين!
خير محمد ھيسباڻيَء مير کي چيو ته پوڙھيَء اهلل جو نانُء وڌو ،تارازيَء جي ھڪ ُپڙ ۾
پنهنجي ڏاڙھي وڌم ۽ ٻئي ۾ اهلل جو ناٌء اهلل جو نانٌء منهنجي ڏاڙھيَء کان ڳرو ٿي پيو
مير کلي نيٺ فقير جي اھا سفارش به مڃي” ()5
همعصر ۽ شاگرد
فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء جن جا طالب ڪافي انداز ۾ هئا ،جن ۾ سيد
محمد علي شاھ منگرجي وارو ،قاضي محمد پريل ٽالپر وڏن وارو ،شاھ محمد ديدڙ ،درياَء
خان ڪلهوڙو پڻ آھن .فقير صاحب جن جو پنهنجي مصروف زندگيَء ۾ درس تدريس جو
ڪم گهٽ ٿو نظر اچي جنهن جو سبب اھو به ٿي سگھي ٿو ته سندن گهڻو ڌيان االهي ياد
ڏانهن هوندو هو جنهن ۾ ھو محو هوندا هئا شايد ان ئي سبب جي ڪري پاڻ ڪي گهڻا
شاگرد تيار ڪري نه سگھيا پر پوِء به پاڻ سنڌ جي وڏن شاعرن عالمن ۽ صوفي بزرگن سان
ڪشاديون ڪچهريون ضرور ڪندا ھئا جنهن ڪري سندن همعصر فقير ۽ اهم صوفي
شاعر به گهڻا ئي ٿي گذريا آهن ،جن مان عثمان فقير سانگي ،فقير نانڪ يوسف اڳڙن
وارو ،فقير بيدل روهڙيَء وارو ۽ فقير غالم حيدر شر گودڙيو وغيره اچي وڃن ٿا.
شعر و شاعري
فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ھٿ اکر شاعري ذايع ٿيڻ بابت ڊاڪٽر تنوير
عباسي لکن ٿا ته:
“ سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن متعلق عام روايتن وانگر فقير خوش خير محمد
ھيسباڻيَء جي ڪالم جو سندس ئي ھٿن سان لکيل نسخو درياھ ۾ لوڙھيو ويو! خوش
خير محمد جي خاندان جي بزرگ سائين فقير فتح علي ھيسباڻيَء ٻڌايو ته صوفي خير
محمد جي پٽ در محمد مست (جيڪو سچ پچ مست ھو) ائين چئي نسخو درياھ ۾ ڦٽي
ڪيو ته بابي ڀي اهلل نال گھڻيان ٺڳيان ڪيتان ھن”)6(.
16
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي ته هن درويش جو ڪالم ائين ضايع ٿيڻ کانپوِء به ختم
نه ٿي سگهيو ۽ هن صوفي شاعر جو ڪالم فقير سائينَء جي مريدن عقيدتمندن ۽ سنڌ
جي اهل علم ماڻهن جي ڪوششن سان سنڌي شاعريَء ۾ پنهنجي جاِء واالري .خوش خير
محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء جي مطالعي ڪرڻ کانپوِء اھا ڳالھ بنا ڌڙڪ جي چئي
سگھجي ٿي ته ھن صوفي درويش جو ڪالم نج انسان دوست وحدت الوجودي فڪر
رکندڙ صوفياڻو ڪالم آھي.
جوڙ ملئي هنج ۾ جاِء اهڙي هوت
ٿانُء رک ٿانهر جو ٻيا ٽپڙا سڀئي ٽوڙ
وٺ راهه رب جي منهن نه ڪاڏي موڙ
توڪل رساوئي توڙ ،خوشي سان خير محمد چوي .
(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي .ص )6
حواال:
17
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
باب ٻيو
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعري
فقير خوش خير محمد ھيسباڻي جيڪا شاعري ڪئي آھي اھا بيت ۽ ڪافي جي
صنف تي مشتمل آھي ان ڪري پاڻ سڀ کان پھريان ڪافي جي وصف ۽ خوش خير محمد
ھيسباڻيَء جي ڪافي ۽ بعد ۾ بيت جي وصف ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي بيت تي
ڳالهائينداسين.
ڪافي
خوش خير محمد هيسباڻيَء جون ڪافيون ۽ سندس ڪافين ۾ وصفون خوبيون ۽
فني سٽاُء تي لکڻ کان اڳ ۾ ڪافيَء جي باري ۾ ڪجھ لکڻ ضروري ٿو سمجهان .ڪافي
جي باري ۾ مختلف اديبن عالمن جا مختلف رايا آھن.
“ڪافي لوڪ ادب جي اھم صنف آھي .هن جو اوائلي شاعر ،حاجي جانڻ مشھور
آھي .ڪافيَء ۾ ڪوبه وڌاُء يا مبالغو نه ھوندو آھي .ڇو جو مبالغو ۽ وڌاُء غزل ۾ روا آهي.
عربيَء ۾ ڪف جي معني آهي ،دف جي ڪاٺي ،جنهن ۾ گنگهرو پيل هجن .ڪافيَء جي
باري ۾ شيخ اياز چئي ٿو ته ،ڪافي پهريان شاھ حسين پنجابيَء ۾ چئي بعد ۾ نانڪ
يوسف ۽ خوش خير محمد سنڌي ۾ چئي)1( ”.
اھو ھڪ ڊگھو بحث آھي بحر حال ڪافي تي اھل دل جا صاحب سوز ۽ ساز شوق سان
ڳائي وڄائي ويا آھن.
18
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
ظفر عباسي پنهنجي ڪتاب “سنڌيَء ۾ شاعريَء جون صنفون ۽ صنعتون” ۾ لکي ٿو ته:
“ لطف علي شاھ ۽ منظور نقوي جي چوڻ مطابق ،ڪافي سنڌ جي پيداوار نه آهي.
ڪافي موسيقيَء جي هڪ ٺاٺ مان نڪتل راڳ جو نالو آهي .ان ٺاٺ جو ست سئو ورهيه
اڳ پنڊت سارنگ ديو ،پنهنجي گرنٿ “رتنا ڪر” ۾ نالو “هرپيا ميل” ڄاڻايو آهي .امير
خسروَء به ھرپيا ميل ٺاٺ مان ،ھڪ سمپورن راڳ ڪڍيو جنهن جو نالو رکيائين ڪافي،
ڪافي نالو انڪري رکيائين جو هن ۾ سڀ سر سنوان سڌا ٿي لڳا .آروهي ۽ امروهيَء ۾
ست ئي سر اچي ٿي ويا تنهن ڪري نالو رکيائين ڪافي ،يعني مڪمل ،پوري ،بلڪل
مڪمل ڪافي معني مڪمل سندس ڳائڻ جو وقت اڌ رات ۽ ڏينهن جو منجهند آھي)3( ”.
ڪافيَء جا ڪيترائي قسم آھن جن مان ڪجھ اھم ھي آھن ،جھڙوڪ ھيڪوڻي
ڪافي يا يڪي ڪافي ،ڏيڍي ڪافي يا ڏيڍوڻي ڪافي ،ٽيڻي ڪافي ،چؤڻي ڪافي وغيره.
خوش خير محمد ھيسباڻيَء جو ڪالم فني حوالن سان ماال مال آھي سندس ھيٺئين
ڪافي مثال طور ڏجي ٿي.
19
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي مٿئين ڪافي چؤڻين ڪافين مان آهي ،ھيَء ڪافي
ڇند وديا تي لکيل آھي ھن ڪافي جي ٿلھ ۾
سارگ ُن = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.ُ
جگ ُن = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
يگ ُن = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي. ُ
مگ ُن شٽڪل = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
وچور :ٿلھ ۾ شٽڪل ٻه ڀيرا ۽ ٽي گن استعمال ٿيل آھن.
ڪافيَء جو پھريون بند چئن سٽن تي مشتمل آھي.
ھگ ُن = ست ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
سارگ ُن = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
يگ ُن = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
جگ ُن = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
مگ ُن شٽڪل = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي. ُ
اھڙيَء ريت ھن بند ۾ ھڪ شٽڪل چار ُگن ۽ ٽيھٺ ماترائون استعمال ٿيل آھن.
ڪافيَء جي ٻي بند ۾ به چار سٽون آھن.
ُ
سارگ ُن = چار ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
ڀگ ُن = چار ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
يگ ُن = چار ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
تگ ُن = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي. ُ
جگ ُن = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي ُ
مگ ُن شٽڪل = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي، ُ
ڪافيَء جي ھن بند ۾ پنج ُگن ۽ ٻه ڀيرا شٽڪل آيل آھي ،ھن بند ۾ ستر ماترائون
استعمال ٿيل آھن.
ڪافيَء جو ٽيون ۽ آخري بند به چئن سٽن تي مشتمل آھي.
سارگ ُن = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
جگ ُن ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
يگ ُن = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
سگ ُن = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
تگ ُن = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي. ُ
20
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
مگ ُن شٽڪل = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي ،ھن بند ۾ پنج ُگن ٻه شٽڪل ۽ ڇاھٺ ماترائو ُ
استعمال ٿيل آھن.
خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي مٿئين ڪافي ۾ اٺ ڀيرا شٽڪل پنج گن ۽ ٻه سئو ٻاويھ
ماترائون آھن .ھيَء ڪافي شاھ جي راڳڻي ڀانو آچاريا تي ڳائي سگھجي ٿي ۽ ھن ڪافيَء
کي سارڪا ڇند ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو .خوش خير محمد جو سمورو ڪالم فني
فڪري طور تي آڌاريل آھي .فلسفي ۽ ٻوليَء جا ماهر ڇند وديا جا استاد ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا
ته خوش خير محمد ھيسباڻيَء جو ڪالم خوبين جي ُحسناڪين سان سينگاريل ۽ فني
فڪري حوالي سان ماال مال آھي.
بيت
فقير خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء ۾ ڪافي کانسواِء ٻي صنف بيت
جي آھي ،دوھي ۽ سورٺي وانگر بيت به هندي ڪالسيڪل شاعريَء جيئن مقبول صنف
آھي ،بيت سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء جي نج ۽ اھم صنف آھي .خوش خير محمد
ھيسباڻيَء جا بيت به فني حوالي سان شاھڪار آھن سندس ھيُء بيت ته:
خوش خير محمد ھيسباڻي ھن ٻه سٽي بيت کي ھندي ڇند وديا تي سرجيو آھي،
مٿئين بيت جي ھر سٽ ۾ پنجويھ ماترائون آھن .مٿيون بيت ٻارنهن تيرنهن جي حساب
سان پنجاھ ماترائن تي مشتمل آھي .سندس ھڪ ٻيو بيت ته
21
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
مٿئين بيت جي ھر سٽ ٽيويھن ماترائن تي آڌاريل آھي .اھڙيَء طرح يارنهن ٻارنهن
جي حساب سان ھن بيت ۾ ستر ماترائون اچي وڃن ٿيون .مجموعي طور تي خوش خير
محمد جيڪي شاعري جون صنفون ڪافي ۽ بيت لکيون آھن اھي فني فڪري ۽
موسيقيت جي رڌم جي حوالي سان سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء جو سرمايو آھن.
خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي دؤر يا کانئن اڳ واري دؤر جي شاعرن جي شاعريَء
جا موضوع سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي ُچڪا ھئا ،جھڙوڪ
تصوف ،تاريخ ،فلسفي ۽ رومانويت جا موضوع سنڌي شاعريَء ۾ عام ٿي ُچڪا ھئا
جنهنڪري خوش خير محمد جي ڪالم جي موضوعن ۾ به سندس دؤر ۽ اڳ وارن
ڪالسيڪل صوفي شاعرن جي فهم فڪر ۽ فلسفي وارو تسلسل برقرار رھيو .خوش
خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم جا موضوع ھڪ صوفي تصوف جي پرچارڪ ۽ فطرت
جي شاعر وارا آهن ،فقير خوش خير محمد جتي پنھنجي ڪالم ۾ خدا جي واکاڻ ۽
وحدانيت جي فلسفي جي تبليغ ڪري ٿو اتي ھن جي ڪالم ۾ تاريخ حب الوطني انقالب
رومانس مزاحمت ۽ فطرتي رنگن جو به ڀريو مشاھدو نظر اچي ٿو جنهن ڪري چئي
سگھجي ٿو ته خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم جا موضوع خود بيداري ،پاڻ سڃاڻڻ
سميت حسن پيار محبت ،عشق ،تاريخ ،حب الوطني ،۽ فطرت جي رنگن سان ٽمٽار آھن.
هاڻ سڀ کان پھريان خوش خير محمد جي صوفياڻي ڪالم تي نظر وجھنداسين ڇو ته
خوش خير محمد پنهنجي ڪالم ۾ تصوف کانسواِء ٻين به کوڙ سارن موضوعن کي
پنهنجي ڪالم ۾ ڳايو آھي پر جڏهن سندس ڪالم جي سمورن موضوعن جو نچوڙ
ڪڍبو ته اھو سندس ڪالم جو نچوڙ ھوندو تصوف جنھن ۾ وحدانيت وارو فڪر
ھيڪڙائيَء وارو نظريو خوديَء کي ختم ڪرڻ وارو درس سمايل آهي .جيئن ته خوش خير
محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم ۾ شاھ لطيف ۽ سچل سرمست وانگر تصوف جي پيغام جي
پرچار ۽ پنھنجي صوفياڻي اعتقاد جو پنهنجي ڪالم ۾ چٽو اظھار ڪيو آھي .خوش خير
محمد جي ان صوفياڻي اظھار ۾ ٻيائيَء کي ٻن ڏئي ھيڪڙائيَء ۾ ھڪ ٿي وحدت الوجودي
نظريي جي پرچار ڪري ماڻھن کي خودي ۽ ڀٽڪيل واٽ مان ڪڍي حقيقت واري واٽ
22
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
تي ھلڻ جو درس ملي ٿو ،ڇو ته خود وحدت الوجودي نظريي بار بار اھا تلقين ٿو ڪري
ته:
“ڪائنات جي مخلوق عين صفات باري ۽ صفات نالو آھي ذات باريَء جي تجليات
جوتنھن ڪري خالق ۽ مخلوق بنيادي اعتبار سان ھڪ شيِء آھن ۽ اول ،آخر ھڪ ٿي
وينديون ”()4
ساڳئي طرح حقيقي منزل ڏانھن پھچڻ الِء خوش خير محمد پنهنجي ڪالم ۾
ظاھري عبادتن کي رد ڪندي چوي ٿو ته
23
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
صوفين جي نظر ۾ عشق عبادت آھي جنهن جي جذبي جي جنونيت سان سادگيَء کان
پيچيدگيَء جي منزل تائين رسائي ٿئي ٿي .سموري ڪائنات خدا جي وجود جو حصو آھي.
ان خدا جي وجود کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ الِء عشق جو ھجڻ ضروري آھي ۽ ان حق جي
منزل کي ماڻڻ الِء ظاھري ڏيکاَء وارو علم ناقص ۽ مدي خارج آھي.
“ خوش خير محمد سنڌي توڙي سرائڪي ڪافين ۾ ھڪ نئين اسلوب ،توڙي نئين
تاثر جو اظھار ڪيو ،خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪافين ۾ ھر موضوع تي رومانويت جو
وڻندڙ رنگ چڙھيل ملندو .اھو اثر سندس همعصرن توڙي کانئس اڳ وارن شاعرن وٽ
پڻ ملي ٿو ،پر ڪٿي ڪٿي اھو ايترو رچيل نه آھي ،جو انھن شاعرن کي رومانوي شاعر
24
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
ڪري ليکجي .شاھ لطيف توڙي سچل سرمست تصوف تي رومانويت جو پوش چاڙھيو،
ان اصلوب جي چوٽ خير محمد ھيسباڻيَء وٽ ٿي .خير محمد جي ھر ڪافي مجاز جي
رنگ ۾ رنگيل آھي .ھن وٽ سونھن جو بيان سراپا تائين وڃيو پھچي .ھن کي صوفياڻي
فلسفي ،ھمه اوست جي ڳوڙھن ۽ منجهيل مسئلن جي بيان ڪرڻ وقت به پرينَء جا پار
نظر ٿا اچن .اتر توڙي الڙ ۾ ،ان اسلوب جي انتھا ھن شاعر وٽ ئي نظر اچي ٿي” ()5
پنهنجي محب جي مجازي رنگ ۽ ُحسن جي ڪڙيَء ۾ قابو ٿيڻ جي ڪيفيت کي خوش
خير محمد ڪيتري ته ڪمال سان بيان ڪيو آھي.
جانب جي جدائيَء جي عذاب ،اکين مان ھاريل آب ۽ الچاري بيتابي کي بيان ڪندي
لکن ٿا ته:
جيئن صوفين جي نظر ۾ مجازي عشق حقيقت ڏانھن ويندڙ رستي جي ڏاڪڻ آھي
ائينَء خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي زندگيَء جي شروعاتي ڏينهن دوران سندس ڳايل
ڪالم ۽ سندس سموري ڪالم جي مجموعي جي ڳچ حصي ۾ به مجازي محبوب جي
پيار محبت ۽ عشق جي خوب واکاڻ ٿيل نظر اچي ٿي.
25
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
مٿئين ڪافيَء ۾ شاعر پنهنجي محبوب سان مالقات جي سڪ الِء دل ۾ پيدا ٿيندڙ
بيتابي ۽ ڪانگل کي پرينَء طرف نياپا پھچائڻ واري ڪيفيت کي ظاهر ڪيو آھي.
شاعر حساس دل جا مالڪ ھوندا آھن ان حساسيت جو اندازو اسان خوش خير محمد
جي مٿئين شعر مان لڳائي سگهون ٿا ته جڏھن ھڪ شاعر کان ُمحب وڇڙي ٿو تڏھن ھڪ
عاشق شاعر جي ڪھڙي ڪيفيت ھجي ٿي ۽ سندس اکين ۾ ندين وهڻ جو عڪس ڪيئن
26
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
ته لفظن ۾ چٽجي وڃي ٿو .ھاڻ جڏھن ساڳئي سڪ جي ستايل عاشق شاعر جي پنهنجي
محبوب سان مالقات ٿئي ٿي تڏھن سندس سمورا ٿڪ کن پل ۾ ڪيئن ته لهي وڃن ٿا.
مجموعي طور تي فقير خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم جو اڀياس ڪرڻ
کان پوِء سندس ڪالم جي موضوعن کي ڪنهن ھڪ اڌ محدود نظريي سان ڀيٽي نٿو
سگھجي ڇو ته ھن شاعر جي ڪالم جا موضوع گھڻ ُرخا گھڻ پاسائا آھن .ھن شاعر جتي
خدا جي وحدانيت ۽ پرينَء کي پاڻ ۾ ڳولي اندر اجاري ھوت سان ملڻ جي رستي جي
واٽ جي تبليغ ڪئي آھي اتي سندس ڪالم ۾ مارئي جي حب الوطن جهڙن ڪردارن جو
به ذڪر ملي ٿو سندس ڪالم ۾ ٻين تاريخي ڪردارن سان گڏ فطرتي رنگن ،عشق جي
آتش بازي ۽ مجازي حسن يار جي جلون جي جماليات جا به کوڙ سارا رنگ ملن ٿا .خوش
خير محمد جي ڪالم جي مختلف موضوعن سان ملندڙ شاعريَء جا ڪجهه مثال هيٺ
ڏجن ٿا.
27
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
28
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
جيئن ھر عام ماڻھو شاعر ناھي ٿي سگھندو ائينَء ھر اھو خاص ماڻھو شاعر ٿيندو
آھي جنهن جي فھم فڪر سوچ ويچارکي خاص ماڻھن جي صف ۾ شمار ڪيو وڃي ،ڇو
ته شاعرن کي پيغمبري جو سرٽيفڪيٽ مليل آھي جيڪي ھڪ پيغمبر جي حيثيت سان
ماڻھن تائين پنهنجو پيغام پھچائيندا آھن اھو پيغام عام ماڻھن جي ٻولي لهجي بيان
انداز کان گھڻو خوبصورت ۽ پنھنجن نرالين خوبين سان ماال مال ھوندو آھي.
“تمام ُاتم ۽ اعلي درجي جي شاعريَء کي پيغمبريَء جو جزو چيو ويو آھي .ان
پيغمبريَء واري نقطي کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ الِء ان جي ڏاھپ کي سمجھڻ ضروري
آھي ۽ انھيَء حوالي سان ڪنھن اھڙي شاعري ڪندڙ شاعر ۾ پيغمبري جا اھي اوصاف
به ڳولڻا پوندا” ()6
فقير خوش خير محمد جي شاعري فن فڪر موسيقيَء جي خوبين سميت ٻين
ڪيترين ئي شاعراڻين خوبين سان ماال مال آھي .پاڻ جڏھن خوش خير محمد جي ڪالم
جو اڀياس ڪنداسين ته اسان کي سندس ڪالم ۾ اھي سڀ خوبيون نظر اينديون جيڪي
ھڪ بيباڪ صوفي شاعر کي الهام مان ملنديون آھن.
“ اھو شاعر جيڪو فن جي بلند ترين منزل تي ھجي ۽ سندس شاعري پيغمبريَء
جي جزي جھڙي حيثيت رکندي ھجي ته ان جي فن ۾ ھنر پنھنجي پوري سچائيَء ۽
ڪاريگريَء سان موجود ھوندو .شاعر اھو چئجي ٿو جنھن جي ُاجري ُاجري من ۾ جڏھن
ڪو احساس پيدا ٿئي ۽ جنھن کي ھو پيغام جي شڪل ڏيڻ چاھي ته ھن جي بنيادي
ھنرمندي ھن کي شعر ٺاھڻ يا گھڙڻ ۾ مددگار ۽ معاون ٿيندي آھي” )7( .
جڏهن خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم جو اڀياس ڪري سندس شاعريَء کي
غور سان ڏٺو ويندو ته اسان کي سندس ڪالم ۾ اھڙي اعلي درجي جي شاعري نظر ايندي
جو سندس ڪالم جي شيرين بيان انداز دل کي پيو ڇھندو .خوش خير محمد ھيسباڻيَء
جي گھاڙيٽن جي خوبين کي ڊاڪٽر تنوير عباسي بيان ڪندي لکن ٿا ته:
“خوش خير محمد جي ڪالم ۾ ڪيترن ئي قافين جو گھاڙيٽو نرالو آھي .ھن قافين
جي ترتيب ۽ ھڪ بند ۾ مصراعن جي تعداد ۾ ڦير گھير ڪرڻ سان ڪيترائي نوان نمونا
29
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
ايجاد ڪيا آھن .قافيي جي نشست مان نرالي موسيقيت پيدا ڪرڻ خوش خير محمد جو
خاص فن آھي” ()8
مٿئين ڪافيَء ۾ خوش خير محمد ھيسباڻيَء ھڪ رواجي قافيو استعمال ڪيو آھي
۽ ٻيو اندروني قافيو استعمال ڪيو آھي ،پر ٻئي قافيا آھن ساڳيا ،مٿئينَء ڪافيَء جي
ھڪ اھا به وڏي خوبي چئبي جو ان ۾ نوان تجربا ٿيل آھن جيڪي خوش خير محمد جي
پنهنجي ايجاد ٽيڪنڪ آھن جنھن تي بعد ۾ ٻين شاعرن به عمل ڪيو آھي .هڪ شاعر
جي شاعري جي صرف اھا خوبي ناھي ته سندس ڪالم جو فني سٽاُء اصول پيرا ۽ ڪارب
۾ قابو ھجي بلڪه ھڪ سٺي شاعر جي ڪالم جي اھا به ھڪ وڏي خوبي ليکي سگھجي
ٿي جو سندس ڪالم ۾ فڪر ھجي .خيال جي گھرائي ھجي لفظن جي چونڊ ھجي لفظن
۾ وزن ھجي ،اھڙي طرح اسان کي خوش خير محمد فقير هيسباڻيَء جي ڪالم ۾ مٿي
بيان ڪيل اھي سڀ خوبيون نظر اينديون ،جيئن ته:
شاعر پنهنجي شاعريَء ۾ تڏھن پڙھندڙ جو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويندو
آھي جڏھن ان جي شعر ۾ لفظن جي چاش ھجي فطرت جي رنگن جي منظر ڪشي ھجي
ھوائن پکين سمنڊن جون محبوب جي ُحسن سان تشبيهون ڏنل ھجن جيڪي سڀ خوبيون
اسان کي خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء ۾ ملن ٿيون.
30
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
بظاھر ته مٿيون شعر مارئيَء جي ڪردار تي چيل آھي پر ڏٺو وڃي ته ان شعر ۾
شاعر جي حب الوطنيَء جو فڪر به جهلڪا ڏئي ٿو ،ڇو ته مارئيَء جي ڪردار کي اھو
شاعر ڳائي سگھي ٿو جيڪي تاريخي طور تي مارئيَء جي ڪردار کان واقف هوندو ۽
پنهنجي ڌرتيَء جي لوئي ۽ لڄ جو محافظ ھوندو .خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي اھڙي
قسم جي شعر کي پڙھڻ کان پوِء سندس شاعريَء جي ٻين خوبين سان گڏ سندس حب
الوطنيَء واري خوبيَء کي اهم خوبين ۾ ڳڻجي ته غلط نه ٿيندو .هڪ سڄاڻ شاعر جي
اھا به اھم خوبي هوندي آھي ته هو پنهنجن سمورن عشقيه احساسن کي اکين جي روپ
۾ بيان ڪندو آهي ،جڏھن شاعر انسان جي حساس عضوي اک کي پنهنجي ڪالم ۾
ڳائي ٿو تڏھن سندس شعر جو منظر ڏاڍو دلچسپ ٿي ويندو آهي ،خوش خير محمد جي
شاعريَء جي ٻين خوبين جي ڳالهه پنهنجي جاِء تي پر سندس ڪالم ۾ ڏنل اشتهارن ۽
تشبيهن جون خوبيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن .صوفي شاعرن پنهنجي شاعريَء ۾ استعمال
ڪندڙ اک جي لفظ سان حقيقت جي دنيا کي ڳولڻ واري اک جي فرضي نالي سان پڻ
تشبيھون ڏنيون آھن ،خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء ۾ به اسان کي اکين جو
ذڪر سندس بيتن ۽ ڪافين جي گھڻي تعداد ۾ محبوب جي ڪارين نشيلين ۽ نخريلين
اکين سميت وحدت جي دنيا ۾ رھي محبوب کي ڳولڻ وارين اکين جو ذڪر پڻ ملي ٿو.
31
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
ھاڻ جڏھن اسين فقير خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم اندر ٻين خوبين کي
بيان ڪرڻ کانپوِء سندس ڪالم اندر موسيقي جو ذڪر ڪنداسين ته اسان کي خوش خير
محمد جي سڄي ڪالم ۾ موسيقي جا رنگ ڏسڻ ۾ ايندا .خوش خير محمد ھيسباڻيَء
جون ڪافيون خاص ڪري اتر سنڌ سميت سنڌ جي ڏاکڻي ۽ وچولي حصي ۾ ڏاڍيون
مشھور آھن ،خوش خير محمد جو ڪالم سنڌ جي مشھور صوفي فنڪارن پڻ ڳايو آھي
جن ۾ عابده پروين ،سهراب فقير ،استاد منظور علي خان ،قلندر بخش فقير ،ھدايت فقير
نوناري ۽ ممتاز الشاري پڻ اچي وڃن ٿا .حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته شاعري آھي ئي اھا
جيڪي آساني سان ڳائي وڄائي سگھجي ،جيڪا ُسريلي شاعري آھي اھا بذاتخود پاڻ
موسيقي آھي ان ۾ سھڻن لفظن جي چونڊ اچارڻ وقت ئي موسيقيَء جي ترنم کي اڀاري
ايندي آھي .جيئن خوش خير محمد ھيسباڻي جي ھيٺئين ڪافي نموني طور ڏجي ٿي:
مٿئين ڪافي ۾ ساڳين لفظن جي وراڻ يعني ھم آواز لفظ جھڙوڪ ڪيئي سميت
مستان ،حيران ۽ نيشان کي ُاچارڻ سان پاڻ ئي ڄاڻي لفظ ترنم جي تارن جو ُسرندو ٿي
موسيقي جي آالپ ظاھر ڪن ٿا .خوش خير محمد جون ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون ڪافيون
ريڊيو پاڪستان سميت هند سنڌ جي صوفياڻين محفلن ۾ ڳايون وڄايون وڃن ٿيون.
سندس ڳايون ويندڙ مشھور ڪافين مان ڪجھ مثال طور ھيٺ ڏجن ٿيون.
32
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
سنڌ جي اڪثر ڪالسيڪل صوفي شاعرن سنڌي ٻوليَء کان سواِء جن ٻين ٻولين
۾ شاعري ڪئي آھي انھن ۾ سرائڪي ٻولي کي خاص اهميت حاصل آھي .سنڌ جي اھم
ڪالسيڪل شاعر سچل سرمست جھڙن عالم شاعرن به ٻين ٻولين جيئن سرائڪي ٻولي
کي اهميت ڏئي سرائڪي ۾ شاعري ڪئي آھي ،خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم
۾ سنڌي شاعري کان سواِء ٻين ٻن ٻولين يعني سرائڪي ۽ ھندي ۾ چيل ڪالم پڻ ملي
ٿو .پاڻ ھتي خوش خير محمد جي سرائڪي ڪالم تي مختصر نظر وجهنداسين .خير
محمد ھيسباڻي فقير سنڌي شاعري جيئن پنهنجي سرائڪي ڪالم ۾ به بيت ۽ ڪافيون
لکيون آھن ،خوش خير محمد جتي پنهنجي سنڌي ۽ ھندي ڪالم ۾ وحدت الوجودي
نظريي کي اڳڀرو ڪيو آھي ائينَء ھن سرائڪي ڪالم ۾ به ساڳيو دلين کي صاف رکي
من ُاجرو ڪرڻ وارو موضوع رکيو آھي .سندس سرائڪي ڪالم مان ڪجھ مثال طور
ڪالم پيش ڪجي ٿو.
دليون طواف دلين دا ڪر تون شبھا شڪ نه ڪيجي
وکيجي. صاف آئينه صورت دي وچ پاڇا پريم
(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي .ص)127
33
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
فقير خوش خير محمد جي سرائڪي ڪالم جا موضوع سنڌي ڪالم جھڙا آھن.
ھن سنڌي ڪالم جيئن سرائڪي ڪالم ۾ به عشق کي ڳائي عشق جي گھڻي تعريف
ڪئي آھي.
ڪٿان دي بٺي تي ٻالڻ والي بيدردان
عاشق آڙاھ وچ جان جليندي نھين ڪريندي ڪٿان
خوش خير محمد خيال خدائي ٻيا سڀ ڇوڙ وٿان.
(ڪالم خوش خير محمد
هيسباڻي .ص )131
خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي سرائڪي ڪالم ۾ فطرت جي رنگن ُجھڙ ڦڙ
حسن پيار محبت ۽ محبوب جي ڳل تر زلف جي بياني به ڪمال جي آھي.
34
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
پاڻ جڏھن فقير خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي سنڌي ۽ ھندي ڪالم جو اڀياس
ڪري سندس سرائڪي ڪالم کي غور سان پڙھي ڏسون ٿا ته سندس سرائڪي شاعريَء
جو بيان انداز سندس ٻين ٻولين ۾ لکيل شاعري يعني سنڌي ۽ هندي ڪالم جي ڀيٽ ۾
سرائڪي ڪالم ڏاڍو دلڪش ٿو لڳي جنهن ڪري سندس سرائڪي ڪالم پڙھڻ سان نه
صرف چپن تي واھ واھ جي صدا بلند ٿئي ٿي بلڪه سندس سرائڪي ڪالم جي بيتن ۽
ڪافين جي اچارڻ جو به ترنم اھڙو ته موسيقي سان ٽمٽار ۽ رسيلو نظر اچي ٿو جو سندس
سرائڪي ڪالم جون سٽون اچارڻ سان دل جهومڻ تي پڻ مجبور ٿئي ٿي .مجموعي طور
تي خوش خير محمد جو سرائڪي ڪالم سرائڪي شاعري جي ٻين سنڌي شاعرن جيئن
سرائڪي ٻولي جو پڻ سرمايو آھي.
سنڌي بيت
35
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
سنڌي ڪافي
سرائڪي بيت
36
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
سرائڪي ڪافي
دا انصاف آکان تيڏي آوڻ ڪيا
دا الئق ڪيتئي ليئي پاوڻ ڏاڍا
هندي ڪالم
37
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
حواال
.1عباسي،ظفر“ ،سنڌيَء ۾ شاعريَء جون صنفون ۽ صنعتون” ،سنڌي لئنگويج
اٿارٽي حيدر آباد2007 ،ع ص 353
.2ايضا_ ،ص 354
ايضا _ص 354 .3
انصاري ،عثمان“ .رسالو سچل سرمست” ،روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو .4
1997ع .ص 38
عباسي تنوير“،ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي” ،سنڌي ادبي بورڊ .5
ڄامشورو 2008ع .ص 37
“ڀٽائي” ،تحقيقي جرنل ،ٽيون نمبر ،سنڌي شعبو شاهه عبداللطيف .6
يونيورسٽي خيرپور1994ع ص 26
سراج “شاهه جي شعر جا گهاڙيٽا” ،لطيف ڊائجيسٽ ،آگسٽ 1995ع ص 65 .7
عباسي ،تنوير“،ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي” سنڌي ادبي بورڊ .8
ڄامشورو 2008ع ص 47
38
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
باب ٽيون
خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء ۾ تاريخي ۽ رومانوي ڪردار
فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء پنهنجي شاعريَء ۾ جيڪي ڪردار چونڊ ڪيا
آهن انهن کي ڪنهن مخصوص نظريي سان ڀيٽي نٿو سگهجي ڇو ته خوش خير محمد
پنهنجي ڪالم ۾ دنيا جي عظيم امر تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن کي ڳايو آهي .جيئن
ته رومانوي ڪردارن ۽ تاريخي ڪردارن ۾ ڪو خاص وڏو فرق ناهي پر رومانوي ۽
تاريخي ڪردارن جا ادب اندر پنهنجا الڳ ماپا ضرور رکيل آهن .هاڻ سڀ کان پھريان ان
ڳالھ کي سمجھڻ ضروري آهي ته تاريخي ڪردار ڇا کي چئبو آھي؟ جيئن ته انساني
سماج ۾ انسان ٻن قسمن جي زندگي گذاري ٿو ھڪ اجتماعي طور ٻيو انفرادي طور!
ھاڻ اچو ته اھا ڳالھ سمجهون ته اسان جي يعني انسان جي انفرادي زندگي ڪھڙي آھي ۽
اجتماعي زندگي ڪھڙي آھي انفراديت مان مراد اڪيالئي محدود يعني انساني سماج ۾
انفرادي زندگيَء جو به اھو مطب ٿيو ته پنهنجي ذاتي زندگي ذاتي ڪٽنب الِء جيئڻ مرڻ
کلڻ روئڻ سوچڻ وغيره واري زندگي گذارڻ کي انفرادي زندگي چئبو آھي ،ھاڻ اچون
ٿا اجتماعيت طرف اجتماعيت مان مراد گڏيل سماج سان گهرو تعلق رکڻ يا ائينَء کڻي
چئجي ته انسان جي اجتماعي زندگي اھا آھي جنھن ۾ ھو ذاتي طور جيئڻ واري انفرادي
سوچ مان نڪري پنھنجي انساني زندگي کي سمجهي جانورن واري انفرادي زندگي
گذارڻ بجاِء ڪو اجتماعي تاريخي ۽ مثالي ڪردار ادا ڪري جڳ الِء جيئي ۽ تاريخ ۾
ڪو اھڙو ڪردار ادا ڪري جيڪي صدين تائين جيئرو رھندو اچي .توھان پنهنجي آسپاس
ھر روز اھڙا کوڙ سارا ماڻھو مرندي ڄمندي ضرور ڏٺا ھوندا جن جو ھن سماج ۾ ڪو
خاص ڪردار نه ھوندو جنهن ڪري انهن کي تاريخ ۾ ڪير سڃاڻي به ناھي سگھندو ھو
جسماني طور تي فوت ٿيڻ کانپوِء ماڻھن جي نظرن ۽ خيالن مان به هميشه الِء مري ويندا
آھن ،پر ساڳئ ي انساني سماج ۾ ڪن ماڻھن جو ھن ڌرتيَء تي جنم ٿيندو ئي انسانيت
جي پرچار ڪرڻ الِء آهي ھو جيئندا مرندا انسانيت جي خدمت ڀالئي الِء آھن .حقيقت ۾
ڏٺو وڃي ته تاريخ به انهن اجتماعي زندگي گذاريندڙ انسانن سان ايترو ئي انصاف ڪندي
آھي جيڪي تاريخ جي ڀاڪرن ۾ هميشه الِء امر ٿي ويندا آھن ،پوِء ڀلي ڇو نه ھو جسماني
طور تي ھن دنيا مان الڏاڻو ڪري وڃن پر ھنن جي ڪردار کي ڪڏھن به ڪٽ ناھي لڳندي
۽ ھو تاريخ ۾ ھميشه ُسرخرو رهندا آھن جن الِء شاھ لطيف به لکيو آھي ته :
39
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
هاڻ پاڻ هتي اھڙن ئي تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن جو ذڪر ڪنداسين جن کي
فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء پنهنجي ڪالم ۾ ڳايو آھي .خوش خير محمد جي
ڪالم جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ،ھو نه فقط سنڌي زبان جو ڄاڻو عالم ھو ،پر
ھن کي تاريخ جو به ڳوڙھو مطالعو ٿيل ھو ،سندس ڪالم ۾ ڪيترائي اھڙا انوکا
تاريخي ۽ رومانوي ڪردار ملن ٿا جن جو تاريخ سان گھرو تعلق آھي .ھتي نموني خاطر
سندس ڪالم ۾ ڳايل ڪردارن مان ستن تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن بابت ويچار پيش
ڪجن ٿا.
تاريخي ڪردار
منصور حالج
40
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
مٿئين شعر ۾ شاعر صوفين جي سرتاج تاريخ جي نه وسرندڙ امر ڪردار منصور
حالج جو ذڪر ڪيو آھي .دنيا اندر تصوف جي ٻريل الٽ منصور حالج جي فڪر فلسفي
جي محنت کي سمجهيو ويندو آھي .ھن ڪردار کي سنڌ جي ڪالسيڪل شاعرن کان
ويندي اڄ تائين جي جديد شاعري ۾ به ڳايو وڃي ٿو ،سندس شھادت ۽ زندگيَء جو مختصر
تعارف هتي لکڻ الزمي ٿو سمجهان.
“ حسين بن منصور حالج جو اباڻو وطن ايران جي مشھور شھر شيراز جي ڪجھ
مفاصلي تي طور جو ڳوٺ آھي .ھو 857ع ۾ ڄائو ،ھن جو والد ڪپھ ٽاڻڻ جو ڪم ڪندو
ھو تنھن ڪري حالج جي نالي سان مشھور ھو .اڳتي ھلي اھو نالو منصور سان به منسوب
ٿي ويو .عربيَء ۾حالج لفظ جي معني آھي حق کي حاصل ڪندڙ .سمجهجي ائينَء ٿو ته
ھن کي حق طلبي ۽ حق گوئي سبب حالج ڪوٺيو ويو .حالج جي زندگي جو ابتدائي
عرصو عراق ۾ گذريو .بغداد ۾ ھو مشھور عالم ۽ صوفين جي اڳواڻ جنيد بغدادي جو
شاگرد ٿي رھيو .سندس طبيعت بي باڪ ۽ غيور ھوندي ھئي ،جيڪي سندس دل ۾ ايندو
ھو سو چئي ڏيندو ھو .ھو پنھنجي عقيدي مسلڪ تي سختي سان پابند ھو رواداري ۽
مصلحت جو قائل نه ھو .ھو وڏي آواز سان انا الحق جو نعرو ھڻندو رھيو ھن تي ڪفر
جو مقدمو مڙھيو ويو ظاهر بين مالڻن ۽ عالمن 309ھ ۾ ھن کي قتل ڪرڻ جي فتوا ڏني
فيصلي ۾ چيو ويو ته پھريان ھن کي درا ھنيا وڃن ،سندس ھٿ پير وڍيا وڃن ،سندس سر
ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي ،جنھن کانپوِء ھن جي عضون کي باھ ۾ ساڙيو وڃي ۽ سندس
خاڪ کي دجلي نديَء جي پاڻيَء ۾ اڇاليو وڃي” ()1
شهيد صوفي شاهه عنايت جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ نه صرف هڪ عاشق شاعر
طور مڃيو وڃي ٿو بلڪه هن تاريخ جي امر ڪردار اسان کي حق جي راهه تي پنهنجي
جان جو نظرانو ڏئي جو کيڙي سو کائي جهڙو انمول نعرو ڏئي ڏاڍ خالف اعالن بغاوت
ڪري سچ جي جدوجهد تي جهڪڻ بجاِء ڪنڌ ڪپائڻ جو بهادراڻو سبق سيکاريو .شاهه
عنايت شهيد پنهنجي فڪر ۾ اها ڳالهه واضع ڪئي ته ،حق جي راهه ۾ سر قربان ڪرڻ
سان زندگيَء جو بنيادي مقصد پورو ڪرڻ جو ذمو لهي وڃي ٿو .فقير خوش خير محمد
ھيسباڻيَء پنھنجي ڪالم ۾سنڌ جي ھن عظيم ڪردار شھيد صوفي شاھ عنايت جو نالو
کڻي ذڪر ڪيو آھي ۽ ان کي پنهنجي ڪالم ۾ خراج تحسين پيش ڪئي آھي .سچل
41
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
سرمست بعد خوش خير محمد پھريون ئي شاعر آھي ،جنھن سڌو سنئون نالو کڻي شاھ
عنايت شھيد کي پنھنجي ڪالم ۾ ڳايو آھي ،نه ته ھن کان اڳ سنڌي ٻوليَء جي
ڪالسيڪل شاعرن فقط اشارن ۾ ھن ڪردار جو ذڪر ڪيو آھي.
تاريخ جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هر دؤر ۾ حقيقت پسند انسانن ڏکيا ڏينهن
ڏٺا آهن ،هر دؤر ۾ حق پرستن تي امتحان ۽ آزمائشون اينديون رهيون آهن ،هر دؤر ۾
مذهب جو غلط استعمال ڪري ڪيترن ئي عظيم انسانن کي گهاڻن ۾ پيڙي سندن ڳچين
کي سولين جو سينگار بڻايو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي نيڪ دل صوفين تي واجب القتل
جون فتوائون جاري ڪيون ويون آهن .تاريخ جي اهڙن عظيم صوفي ڪردارن مان شهيد
مخدوم بالول جو نالو به اهم آهي جنهن کي مذهب جي آڙ ۾ ڪوڙين فتوائن جي سهاري
گهاڻي ۾ پيڙي شهيد ڪيو ويو.
“ مخدوم بالول ذات جو سمو هيو ،۽ ٺٽي جي شاهي خاندان سان واسطو رکندڙ
هو .انڪري کيس سمون سردار ڪري سڏيندا هئا .سندن ڄم جي تاريخ ملي ڪا نه سگهي
آهي ،پاڻ ابتدائي تعليم ٺٽي مان پرائي پوِء وڌيڪ علم ٽلٽيَء جي ڳوٺ ۾ مخدوم عمر
کان حاصل ڪيائين .شادي به اتي ڪيائين .هو علم حديث ۽ تفسير ۾ ماهر ٿيو ،سندس
هاڪ چؤڌاري پکڙجڻ لڳي ،جنهن ڪري پري پنڌ کان ماڻهو وٽس علم پرائڻ جي الِء اچڻ
لڳا .هن کي سلسلي طريقت ۾ به ڪمال هيو .سندس طريقو سهروردي طريقي جي شاخ
ڪبروي جو هو .سندس شجرو طريقت مان نه ملي سگهيو آهي ،پر هو ان وقت جي مکيه
بزرگن مان هڪ هو”)2(.
سنڌ جي ھن تاريخي ڪردار کي به خوش خير محمد پنهنجي ڪالم ۾ نالو وٺي ڳايو آھي.
42
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
ھن انمول تاريخي ڪردارن کي شاھ لطيف سميت ٻين ڪيترن ئي ڪالسيڪل
شاعرن کان ويندي جديد شاعرن پنهنجي ڪالم ۾ خوب ڳايو آھي .موکيَء جو مئخانو مڌ
جي پياسن الِء مشھور ھوندو هو پري پري جا مڌ جا پياڪ هن جي مئخاني تي ايندا ھئا.
ڪجھ وقت موکي جي مئخاني ۾ ويھندا ھئا. ڪي پانڌيئڙا ٿڪ ڀڃڻ ۽ ُاڃ ُاجهائڻ الِء ُ
موکي پاڻ جھڙي طبيعت جي معشوق هئي اھڙو مست ڪندڙ سندس مڌ ھو عشق جي
ُاڃارن ۽ محبت جي مارين کي جڏھن موکي جي مئخاني جو مڌ ملندو هو ته هو مست ۽
مگن ٿي ويندا ھئا .ڪجھ گھڙين ۽ ڪجھ لمحن الِء پنھنجا غم ۽ ڏک وساري ويھندا ھئا.
موکي جو مقصد ُاڃايلن جي ُاڃ اجهائڻ ۽ غمگينن کي آٿت ڏيڻ ھو .خوش خير محمد
پنهنجي ڪالم ۾ ھنن ڪردارن کي به ڳايو آھي ،هنن ڪردارن تي ڳايل سندس شاعريَء
مان نموني طور ڪالم پيش ڪجي ٿو.
مارئي
مارئي جو ڪردار پنھنجي وطن ڌرتي سان پيار حب الوطني ۽ قومي غالمي جبر
ڏاڍ کان بغاوت ڪرڻ جي عالمت آھي .مارئيَء جو ڪردار وطن جي حب ۽ محبت جو
ڪردار آهي ،جهوپڙن ۾ رهندڙ مارن ۽ جهانگين جي ڏکي پر ۽ محبت ڀري رهڻي ڪهڻي
جي شهرن ۽ ماڙين ۾ رهندڙن جي سک ۽ عيش واري پر پابند زندگيَء تي فوقيت جو
ڪردار آهي ،مارئي جو ڪردار سنڌ جي غريبن جي اشرافت ۽ خود داري سميت سنڌ جي
اعلي سماجي قدرن جو آئينو پڻ آهي جنهن ڪري هي ڪردار صدين کان وٺي سنڌ ۾
43
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
ماڳين مشهور ۽ مقبول رهيو آهي .ھن ڪردار بابت خوش خير محمد جي ڪالم مان
سندس شعر نموني طور پيش ڪجي ٿو.
سنڌ ۾ ڄام تماچي نالي هڪ مشهور حڪمران ٿي گذريو آهي جنهن جي دؤر ۾
ڪينجهر ڍنڍ تي رهندڙ هڪ مهاڻي جي ڌيَء پنهنجي ُحسن ۽ خوبصورتيَء جي ڪري
مشهور هوندي هئي جنهن جو نالو نوري هو جنهن کي ڏسڻ سان ئي هر ماڻهو موهجي
پوندو هو .هڪڙي ڏينهن ڄام تماچي ڪينجهر جو سير پئي ڪيو ته سندس نظر وڃي
نوريَء تي پئي جنهن نوريَء جو جمال ڏسي ساڻس شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ پوِء
نوريَء جي والدين سان ڳالهائي نوريَء سان نڪاح ڪيائين .نوري جيڪي ذات جي مھاڻي
هئي ۽ سندس مائٽ ڪينجھر ڍنڍ تي مڇي ماري پنهنجو گذران ڪندا ھئا نوري جي حسن
نماڻپ ۽ نوڙت پنھنجي دؤر جي حاڪم ڄام تماچي کي موهي ڇڏيو ھو ،نوري جي حسن
جي ڪري ڄام تماچي سمورن مهاڻن مٿان سڄو منڇر انعام ۾ گھور ڪري ڇڏيو
جنھنڪر ي ھن ڪردار کي ڏاڍي پذيرائي ملي ۽ نوري جي سونھن ماڳھين مشھور ٿي
وئي ۽ نوري جي ڪردار ۽ حسن جڳ مشھوري ماڻي .فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء
جي ڪالم ۾ نوري جو ذڪر ھن ريت ملي ٿو.
44
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
سھڻي
گھمر گھير جتي ديونسن ٿا رات اونداھي مينھن وسن ٿا
سھڻيَء ريَء تک ڪير تري ڌري قدم دريا ۾ ڪير
45
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
حواال
”سرمست“ ،10خيرپورسچل سرمست يادگار ڪميٽي1990 ،ع ص 9،10 :1
www.google.com//htp.sindhsalamat :2
46
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
باب چوٿون
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء تي اڳ وارن شاعرن جو اثر
شاھ عبدالطيف ڀٽائيَء کي سنڌي شاعريَء جي سرتاج شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو،
توڙي جو اسان جي سنڌي شاعريَء ۾ شاھ لطيف جي دؤر کان اڳ ۽ پوِء شاعريَء جو
سلسلو تيزيَء سان ھلندو پيو اچي پر ماضي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين شاعريَء جي دنيا
۾ شاھ لطيف جي ُجتيَء ۾ ڪو به شاعر پير پائي ناھي سگھيو ،شاھ لطيف جي دؤر کان
وٺي اڄ ڏينهن تائين اسانجي سنڌي شاعري شاھ لطيف جي شاعريَء جي پاڇي ۾ پلجندي
پئي اچي .شاھ لطيف کانپوِء جي ڪالسيڪل شاعريَء کان جديد شاعريَء ۾ اسانکي اھڙو
ڪو به سنڌي شاعر نظر نه ايندو جنهن تي سڌي يا اڻ سڌي طرح شاھ لطيف جي شاعريَء
جو اثر نه ھجي .خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم جو اڀياس ڪرڻ کانپوِء اسان کي
فقير خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم جو ڳچ حصو شاھ لطيف جي شاعريَء جو اثر
قبوليندي نظر ايندو .خوش خير محمد ھيسباڻي فقير پنهنجي ڪالم ۾ اھڙن خيالن
ڪردارن کي لطيف جيان پنهنجي شاعريَء ۾ ڳايو آھي جنهن کي پڙھڻ کانپوِء اھو بنا
ڌڙڪ جي چئي سگھجي ٿو ته خوش خير محمد تي شاھ لطيف جي شاعريَء جو چٽو پٽو
اثر واضع آھي .خوش خير محمد جي ڪالم ۾ خوش خير محمد جي دؤر کان اڳ جي
شاعرن ۽ ٻين تاريخ جي اھم ڪردارن جو ذڪر ملي ٿو جنهن مان اھو واضع ٿئي ٿو ته
خوش خير محمد ھيسباڻي تاريخ جي مطالعي جو به شاگرد ھيو جنهن کانپوِء اھو به واضع
ٿئي ٿو ته خوش خير محمد شاھ لطيف جي ڪالم جو به مطالعو ضرور ڪيو ھوندو
جنهنڪري سندس ڪالم مٿان لطيف جو فڪر غالب ٿيو .ھاڻ پاڻ شاھ لطيف جو خوش
خير محمد جي ڪالم تي اثر ثابت ڪرڻ الِء ٻنهي شاعرن جو ڪالم سامهون آڻي پيش
ڪنداسين.
47
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
مٿئين شاھ لطيف جي انسان خدا جو ڳجھ آھي واري خيال جھڙي ھڪجھڙائي
خوش خير محمد وٽ به ملي ٿي
تسبيون ،،،تال پڙھين ھر ھر ھو
اال نسان سري و انا سرھ ، ، ،
ٿي. فرق نه ھڪ تر تنهنجو
(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي .ص )67
ھاڻ جڏھن لطيف جي مٿئين شعر کي خوش خير محمد جي شعر سان ڀيٽينداسين
ته اسان کي ٻنهي شاعرن جي شعرن ۾ نه صرف ساڳيو فڪر سمايل نظر ايندو بلڪه لطيف
جي بيت ۽ خوش خير محمد ھيسباڻي فقير جي ڪافي جي پيش ڪيل ساڳئي معني
ڪڍندڙ مصرعه به ملندي ،جنهن مان اھو به واضع ٿئي ٿو ته هن ٻنهي شاعرن جي مٿين
شعرن جي معني ۽ مفهوم ۾ ڪو فرق ناھي.
مٿئين شاھ لطيف ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم جي تقابلي جائزي
کانپوِء اھو ظاھر ٿيو ته فقير خوش خير محمد ھيسباڻي شاھ لطيف جو نه صرف پارکو هو
بلڪه خوش خير محمد پنهنجي ڪالم ۾ شاھ لطيف جي وحدة الوجودي فڪر ۽ فلسفي
جو به تسلسل برقرار رکيو.
48
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
شاھ لطيف جيئن سچل سرمست جي شاعريَء جو به فقير خوش خير محمد
ھيسباڻيَء جي ڪالم تي گھرو اثر ڇانيل آھي .خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء
تي سچل سرمست جي شاعريَء جي اثر جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته:
“خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي زماني تائين ،سچل سرمست سنڌي ڪافيَء کي
ڪيتريون ئي نيون ھيئتون ڏئي چڪو ھو ،۽ سندس فني توڙي فڪري صالحيتن جي
ڪري ڪافيَء جي صنف عوام ۾ مقبول ٿي وئي ھئي .شاھ لطيف جي شاعريَء کان پوِء
سنڌي شاعري ارتقا جو ھڪ ٻيو اھم ڏاڪو چڙھي ُچڪي ھئيُ ،اونھن خيالن ۽ عالمتي
تصوف جي جاِء رنداڻي ۽ بيباڪ اظھار ،وڄندڙ ۽ گجگوڙ ڪندڙ ُاچارن وارن لفظن ۽
والھانه بيخوديَء واريَء موسيقيَء ۽ سڌي سنئين اعالنيَء شاعري ورتي غنائي شاعري
وائيَء کان اڳتي وڌي ،ڪافيَء جا ڪيترائي رنگا رنگ گھاڙيٽا پاڻ ۾ سمائي چڪي ھئي،
سچل سرمست جي ڇڏيل ورثي کان سواِء خوش خير محمد ۽ سندس ساٿاري سنڌي ڪافيَء
جي صنف سان دلچسپي رکي ،۽ ان ۾ واڌارا ڪندا رھيا ،ان دور جي سڀني ڪافي چوندڙ
شاعرن جي شاعريَء تي سچل سرمست جو باغياڻو ۽ رندي انداز ،سندس ڪافين جي
گھاڙيٽن جي نواڻ ،۽ سندس اترادي لهجي واري مٺي ٻولي ،انهن سڀني صفتن جي گھري
ڇاپ خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء ۾ موجود آھي” ()1
سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء ۾ سچل کان پوِء جيڪي به سنڌي ٻولي جا ڪالسيڪل
شاعر ُا ڀريا آھن انهن جي ڪالم تي ٻين ڪالسيڪل شاعرن جي اثر سان گڏوگڏ سچل
سرمست جي ڪالم جو اثر واضع نظر اچي ٿو .پاڻ هتي خوش خير محمد هيسباڻيَء جي
شاعريَء تي سچل سرمست جي شاعريَء جي اثر جا ڪجهه مثال پيش ڪنداسين.
مٿيون ساڳيو خيال خوش خير محمد ھيسباڻيَء وٽ ھن ريت ملي ٿو
49
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
جيئن سڀني صوفي درويشن جو نظريو ساڳيو آھي ائينَء سڀني صوفي شاعرن
جي شاعريَء ۾ به بلڪل ھڪ جھڙائي نظر ايندي.
مٿئين سچل سرمست جي خيال جھڙي ھڪجھڙائي خوش خير محمد وٽ ھن ريت
ملي ٿي.
جيئن پوري انساني تاريخ ۾ روز ازل کان ھر شيِء جو تضاد رھندو پيو اچي ۽
جيڪو الزم فطرت جو فطري قانون به آھي ته ھر شيِء جو ضد ھجي ،جيئن صحيح جو
غلط سچ جو ڪوڙ رات جو ڏينهن اوندھ ۽ روشني جو پاڻ ۾ تضاد آهي ساڳئي طرح
صوفي ازم جي حقيقت اڳيان به ڪن نام نھاد ڌرين جو فتنو فساد ضد جي شڪل جيئن
اڳيان کڙو ٿيندو پيو اچي ،ڇو ته تصوف جي ٻولي ھڪ حقيقت آھي ھڪ سچ آھي جنهن
جو ضد ڪوڙ آھي ۽ ان ڪوڙ ھميشه سچ سان ٽڪر کاڌو آھي ان ٽڪراَء ۾ ڪيترن ئي
سچ جي سرمست شاعرن کي ڏکيا ڏينهن به ڏسڻا پيا آھن ڪيترن ئي منصورن جا ڪنڌ
سولين جو سينگار بڻيا آھن .ساڳئي سچ جي پرچار ھن ٻنهي صوفي شاعرن جي ڪالم
50
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
۾ ملي ٿي جنهن جي پهريان سچل سرمست اپٽار ڪئي آھي ۽ پوِء خوش خير محمد
ساڳئي ڳالھ کي پنهنجي ڪالم ۾ سامهون آڻي نروار ڪيو آھي.
مجموعي طور تي سچل سرمست ۽ خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم جي
اڀياس ڪرڻ کان پوِء اسان کي سچل جي شاعريَء جي فهم فڪر جون ھڪجھڙايون
خوش خير محمد جي ڪالم ۾ پڻ ملن ٿيون ،جنهنڪري اھو چئي سگھجي ٿو ته خوش
خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم تي سچل سرمست جي ڪالم جو گھرو اثر پڻ سمايل
آھي.
51
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
عنايت شهيد جي فرزند ۽ سجاده نشين ) عزت اهلل شاه جي خدمت ۾ وڃي رهيو .ڪجهه
وقت بعد جهوڪ شريف ڇڏي سنڌ ۾ گهمندو رهيو ۽ آخر ڪار موجوده ڪنڊڙي واري
مقان ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهيو .جتي 1619هه مطابق 1804ع ۾ وفات ڪيائين)2( ”.
پاڻ جڏهن صوفي روحل فقير جي شاعريَء جو اڀياس ڪيون ٿا ته اسان کي شاه
لطيف ۽ سچل سائين جيئن روحل فقير جي ڪالم جو به خوش خير محمد هيسباڻيَء جي
شاعريَء تي گهرو اثر ڇانيل نظر اچي ٿو .جيئن روحل فقير پنهنجي شاعريَء ۾ پاڻ
ڳولي پاڻ سڃاڻڻ جي بار بار تلقين ڪئي آهي ساڳئي طرح خوش خير محمد هيسباڻيَء
به ساڳئي فڪر کي پنهنجي شاعريَء ۾ ڳايو آهي .پاڻ هتي مثال طور روحل فقير ۽ خوش
خير محمد جو ڪالم پيش ڪيون ٿا.
آهه، ڪعبو عرش عظيم اول
جت فرشتا فرمان ۾ راتو ڏينهن رهن.
آهه، بيت المقدس ڪعبو ٻيو
نمن. سڀئي نبي ٿا جنهن کي
آهه، ٽيون ڪعبو بيت المعمور
ڪن. جت ملڪ مڙئي ٿا سجدا
آهه، چوٿون ڪعبو بيت اهلل
پڙهن جت حاجي وڃي ٿا حج
المؤمنين، پنجون ڪعبو قلوب
ڌڻين. عرش اهلل تعالي چيو پاڻ
مسلمان جيڪي پنهنجو قلب هٿ ڪن،
نه آهن ڪعبا به ڪو ڏياتن جا.
(آُء ڪانگا ڪر ڳالهه .ص )165
مٿئين شعر ۾ روحل فقير اها ڳالهه واضع ڪئي آهي ته ماڻهو خدا کي پاڻ ۾ ڇو
نه ٿا ڳولين؟ پاڻ سمورن ڪعبن جي تشريح ڪري جڏهن قلب ڏانهن اچن ٿا ته ڏاڍا حساس
ٿي وڃن ٿا ،پاڻ فرمائن ٿا ته سڀني مقدس مقامن عبادتگاهن جي پنهنجي اهميت ،پر اصل
جيڪي عبادت يا نيڪي بدي آهي اها انسان بذاتخود پاڻ آهي انسان جي عبادت جو دارو
مدار سندس قلب آهي انڪري پاڻ پنهنجي ڪالم ۾ اها ڳالهه واضع ڪن ٿا ته سچو نيڪ
دل مسلمان اهو آهي جنهن جو من اجرو هجي .بلڪل ساڳيو خيال ساڳيو فڪر خوش خير
محمد هيسباڻيَء وٽ به هن ريت ملي ٿو:
52
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
حواال
عباسي تنوير“،ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي” ،سنڌي ادبي بورڊ ڄام .1
شورو2008 .ع ص 26
مخدوم طالب الموليُ “ ،در ناياب عرف ياد رفتگان” ،سنڌي ادبي بورڊ ڄام .2
شورو 2012ع ص 5
53
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
باب پنجون
خوش خير محمد ھيسباڻيَء جا همعصر شاعر ۽ سندس خاندان جا شاعر
همعصر شاعر
فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء جي دؤر جي اھا مشھور ڳالھ آھي ته ان وقت جي
صوفي شاعرن جا آستانا ۽ اوطاقون راڳ رھاڻن سان آباد هوندا ھئا جتي هي صوفي شاعر
هڪٻئي سان ڪچهرين جا ميڙا مچايون ويٺا ھوندا ھئا ،ھنن صوفي فقيرن جي ڪچهرين
جو سلسلو ايئن ھلندو ھو جو ھو هڪٻئي جي اوطاقن ۾ گڏ ٿي پنهنجي شاعراڻن خيالن
کي ھڪٻئي سان ونڊ ڪندا رھندا ھئا .ھنن جون ڪچهريون ايتريون ڪشاديون ھونديون
ھيون جو هو ڊگهيون راتيون جاڳي ڪچهرين ۾ هڪٻئي کي پنهنجي شاعري ٻڌائيندا ھئا
۽ ھڪٻئي جا شعر ٻڌي ھڪٻئي کان متاثر به ٿيندا ھئا .سنڌ جي همعصر ڪالسيڪل
شاعرن جي شاعريَء جي اڀياس ڪرڻ سان اسان کي اھڙي قسم جي شاعريَء جو جهجهو
مواد ملي ٿو جنهن ۾ ھنن جي شاعريَء جو ھڪٻئي تي گھرو اثر نمايان نظراچي ٿو .خوش
خير محمد هيسباڻيَء جا جيڪي همعصر شاعر آھن انهن ۾ عثمان فقير سانگي ،نانڪ
يوسف ،بيدل فقير ،غالم حيدر شر گودڙيو پڻ اھم آھن جن جي شاعري ۽ خوش خير
محمد جي ڪالم ۾ اسان کي گھڻي ھڪجھڙائي پڻ ملي ٿي .خوش خير محمد ھيسباڻي
جا جيڪي اهم همعصر شاعر آهن پاڻ هتي انهن جي شخصيت شاعري ۽ خوش خير محمد
هيسباڻي فقير جي ڪالم سان سندن ڪالم جي هڪجهڙائي جو مختصر جائزو پيش
ڪنداسين.
54
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
“ھيَء حقيقت آھي ته عثمان فقير سانگي ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيَء کي سنڌي
توڙي سرائڪي ڪافيَء ۾ اعلي مقام حاصل آھي .عثمان فقير عارف عبدالحي نقشبندي
جو طالب ھو .خوش خير محمد ھيسباڻي سندس دوست ھو .ھيسباڻي فقير کي عثمان
سانگي سائين عبدالحي وٽ وٺي آيو .خوش خير محمد اتي اچي عارف عبدالحي جو طالب
ٿيو .عارف عبدالحي ٻنهي طالبن کي تمام گھڻو پيار ڪندو ھو .سندن نظر فيض اثر سبب
ٻئي طالب جاڙا چنڊ ٿي چمڪڻ لڳا .سندن سھڻي شاعري سنڌ جي ھر وستي ۽ واھڻ کي
واسي ڇڏيو آھي” ()1
خوش خير محمد ۽ عثمان فقير جي ڪالم ۾ ھڪجھڙائيَء جا ڪجھ مثال ھيٺ
ڏجن ٿا.
ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا
ڏاڍا الئق ڪيتئي ليئي پاوڻ دا.
(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي .ص )63
ڏاڍا لڪ ڪيتئي ليئي پاوڻ دا
ڪيھا غرض پيئي اٿي آوڻ دا.
(ڪالم عثمان فقير سانگي ص )156
55
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
خوش خير محمد ھيسباڻي فقير جي عثمان فقير سانگي سان ايتري گھري ياري
ھئي جو عثمان فقير جي وڇوڙي تي خوش خير محمد ھڪ ڪافي چئي آھي جنھن ۾
عثمان فقير جو نالو به ملي ٿو.
عثمان ،،،عاشق آفرين پنھنجو جسم پروان ڪيئي
طالبن جي طور ۾ نالو صحيح نيشان ڪيئي.
(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي .ص)121
نانڪ يوسف
نانڪ يوسف سچل سرمست جھڙي عظيم صوفي شاعر جي تربيت جي ڇانوري
ھيٺ شاعريَء جي دنيا ۾ پير پاتو ھن سچل سائين جي صحبت ۾ سنڌي ڪالسيڪل
شاعريَء ۾ تصوف جي پيغام جي پرچار ذريعي پنهنجو نالو روشن ڪيو.
“نانڪ يوسف حضرت سچل سرمست جو ٻالڪو ھو ۽ سندس فڪر ۽ خيال مان
بيحد متاثر ھو .فقير محمد يوسف ولد محمد ھاشم کوکر جو جنم جھل جي ڀر سان ڳوٺ
ڪنڊي کوکر ۾ ٿيو .درس ۽ تدريس جي تالش ۾ سچل سرمست وٽ فيض پرائڻ پھتو ُ
ھو سچل سر مست کان عمر ۾ 53سال ننڍو ھو ۽ سندس تخلص نانڪ سچل سائين پاڻ
رکيو ھو)2( ”.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ھيٺئين ڳالھ مان اھو واضح ٿئي ٿو ته نانڪ يوسف ۽
خوش خير محمد جون پاڻ ۾ مالقاتون به ٿيون آھن.
“مير علي مراد جي موسيقيَء جي محفلن ۾ خوش خير محمد ھيسباڻي پاڻ حاضر
رھندو ھو ۽ سندس ڪالم پڻ انھن محفلن ۾ ڳايو ويندو ھو .انھن ڪچھرين ۾ فقير
نانڪ يوسف پڻ ايندو ھو)3( ”.
خوش خير محمد ۽ نانڪ يوسف جي ڪالم جي ھڪجھڙائي تي ڊاڪٽر تنوير
عباسي هي مثال پيش ڪيا آهن جيڪي هتي بيان ڪجن ٿا.
“ نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد هيسباڻي جي ڪيترين ئي ڪافين ۾
هڪجهڙائي نظر اچي ٿي.
56
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
57
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
بيدل سائين ۽ خوش خير محمد ھيسباڻي جي ڪالم ۾ ھڪجھڙائي جا ڪجهه مثال
ھيٺ ڏجن ٿا :
58
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
59
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
خاندان جا شاعر
خوش خير محمد هيسباڻيَء کانپوِء سندس خاندان ۾ اڄ ڏينهن تائين شاعرو شاعري
جو سلسلو هلندو ٿو اچي ،ڏٺو وڃي ته خوش خير محمد جي خاندان جي شاعرن جي شاعري
ڇپيل صورت ۾مڪمل طور ناهي ملي سگهي ان ڪري سندس خاندان جي سڀني شاعرن
جو هتي ذڪر ڪرڻ مشڪل آهي .پاڻ هتي خوش خير محمد هيسباڻي فقير جي خاندان
جي ٻن اهم شاعرن جو مختصر ذڪر ڪنداسين.
60
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
61
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
حواال
شوق ،ڊاڪٽر نواز علي “ڪالم عثمان فقير سانگي” ،شاهه نصير الدين ادبي ۽ .1
ثقافتي ڪاميٽي نوشهرو فيروز 2004ع ص 5
مالح مختيار احمد “سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو” ،ڪاٺياواڙ ڪراچي .2
2018ع ص 206
عباسي ،تنوير “ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي” ،ڄامشورو سنڌي ادبي بورڊ .3
ڄام شورو 2008ع ص 23
ايضا ص 32 ،31 .4
“بيدل” 4نمبر ،بيدل يادگار ڪاميٽي2004 ،ع ص 56 .5
اثيم الطاف “ فقير غالم حيدر گودڙيي جو رسالو” سچل چيئر ،شاهه لطيف .6
يونيورسٽي خيرپور ،ڊسمبر 2006ع ص 18
هيسباڻي،فقير احسان علي “ ،مڪنوز ُدرلعل” ،حصه اول،صوفي خوش خير .7
محمد هيسباڻي اڪيڊمي ڪرونڊي 2000ع ص .16
62
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
تحقيق جا نتيجا
صوفي خوش خير محمد هيسباڻي فقير ڪنهن به تعريف جو محتاج ناهي ،هي سنڌ
جو اهو صوفي ڪالسيڪل شاعر آهي جنهن سنڌي ڪافي جي مضمون ۽ سنڌي ڪافي
جي صنف ۾ نوان تجربا ڪري سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء ۾ پاڻ مڃرايو.
فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء جو نالو سنڌ جي ان اهم ڪالسيڪل شاعرن ۾ ڳڻي
سگهجي ٿو جنهن جي نالي کان سواِء سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء جي صف ۽ سنڌي
ڪافيَء جي صنف نامڪمل نظر ايندي.
سڀ کان پهريان خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم تي ڊاڪٽر تنوير عباسي خوش
خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم کي سهيڙي تحقيق ڪئي ،جيڪا 1982ع ۾ “ڪالم خوش
خير محمد هيسباڻي” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ پڌري ٿي.
2008ع ۾ ساڳئي ڪتاب “ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي” کي بنا ڪنهن مٽا سٽا ۽
ڪتاب ۾ بنا سڌارن ڪرڻ جي سنڌي ادبي بورڊ طرفان هن ڪتاب کي ٻيهر ڇپايو ويو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم تي ڪيل تحقيق کانپوِء
تقريبن اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي هن ڪالسيڪل شاعر جي شاعريَء تي تقريبن گذريل
چاليهن سالن کان وٺي ڪنهن تحقيقي مقالي يا ڪتاب جي صورت ۾ ڪو خاص نئون
تحقيقي ڪم ناهي ٿي سگهيو.
جڏهن اسين پوري سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء جي ماضي ،حال ۽ مستقبل کي واجهائي
ڏسنداسين ته هن صوفي شاعر جي شاعريَء تي جنهن ڪم جي گهرج ڳچ عرصي کان
محسوس ٿيندي پئي اچي اها گهڻي وقت کان ناهي ٿي سگهي.
بقول سائنسي تحقيقي تجربن جي ته ڪا به شيِء پوري مڪمل نه آهي ،ڪا به شيِء يڪسان
هڪ جڳهه تي نٿي بيهي سگهي بلڪه هر تحقيقي ڪم پنهنجي شڪل وقت حالتن سان
گڏ تبديل ڪري اڃا وڌيڪ اڳرو ٿيڻ الِء آتو هوندو آهي.
هر تحقيقي ڪم وقت سان گڏ تبديليَء جا آثار ڏيکاريندو آهي ،بلڪل ساڳئي طرح
ڪالسيڪل شاعري به وقت جي تبديليَء سان گڏ پنهنجي فڪر ۾ وڏو انقالب آڻيندي
آهي.
اڄ مان هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم تي هي
جيڪي مقالو لکيو آهي ان ۾ ڪجهه نوان موضوع آندا آهن جيڪي هن ريت آهن.
63
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء تي اڳ وارن شاعرن جو اثر ،جن ۾ شاهه لطيف،
سچل ۽ روحل فقير شامل آهن.
خوش خير محمد هيسباڻيَء جا همعصر شاعر ۽ سندن شاعريَء ۾ هڪجهڙائيَء جا مثال
بيان ڪيا آهن.
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي خاندان جا شاعر ۽ سندن شاعريَء جو جائزو.
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم ۾ تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن جو ذڪر جهڙن
اهم ۽ نون موضوعن کانسواِء مان پنهنجي هن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته خوش خير
محمد هيسباڻيَء جي ڪالم جي موضوع خوبين ۽ سندس ڪالم جي صنفن تي بحث
ڪري پڙهندڙن محققن ۽ شاگردن کي هن ڪالسيڪل شاعر بابت نئون مواد ڏئي سگهان.
64
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
ببلو گرافي
.1عباسي ،تنوير“ ،ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي” ،سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو2008 .ع
.2شوق ،ڊاڪٽر نواز علي“ ،ڪالم عثمان فقير سانگي” ،شاهه نصير الدين ۽
ثقافتي ڪاميٽي نوشهروفيروز2004 .ع
“ .3مهراڻ” ٽه ماهي،سوانح نمبر حصو پهريون ،سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو/حيدرآباد1990 .ع
.4مخدوم طالب المولي ُ “،درناياب عرف يادرفتگان” ،سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
2012ع
.5جوڻيجو،عبدالجبار“،سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” ،روشني پبليڪيشن
ڪنڊيارو2013 .ع
.6مخدوم محمد زمان “طالب المولي”“ ،ڪافي”،طالب المولي اڪيڊمي هاال.
2014ع
.7هيسباڻي ،فقير احسان علي“،مڪنوز ُدرلعل”(حصه اول)،صوفي خوش خير
محمد هيسباڻي اڪيڊمي ڪرونڊي 2000ع
.8عباسي،ظفر“ ،سنڌيَء ۾ شاعريَء جون صنفون ۽ صنعتون” ،سنڌي لئنگويج
اٿارٽي حيدرآباد2007 .ع
.9موسوي،عبدالحسين شاهه“ ،ديوان بيدل”،سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
سنڌ2012.ع
“ .10بيدل” چوٿون نمبر ،بيدل يادگار ڪاميٽي2004 ،ع
.11اثيم الطاف“،فقير غالم حيدر گودڙيي جو رسالو”،سچل چيئر شاهه عبدالطيف
يونيورسٽي خيرپور2006 .ع
.12زرداري ،ڊاڪٽر محمد الئق“.تاريخ ضلع نوابشاهه” ،هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل
سوسائٽي نواب شاهه2001 .ع
.13آڏواڻي ،ڪلياڻ“.شاهه جو رسالو”،سنڌي ساهت گهر حيدرآباد 2010 .ع
.14انصاري،عثمان علي“.رسالو سچل سرمست” (سنڌي ڪالم) سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو2012 .ع
“ .15ڀٽائي” تحقيقي جرنل پهريون نمبر ،سنڌي شعبو شاهه عبدالطيف يونيورسٽي
خيرپور سنڌ2015 ،ع
65
www.sindhsalamat.com
خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو
“ .16ڀٽائي”تحقيقي ،جرنل ٽيون نمبر ،سنڌي شعبو شاهه عبدالطيف يونيورسٽي
خيرپور1994 .ع
“ .17سرمست” ڏهون نمبر سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور 1990ع
.18گرامي،غالم محمد“،مشرقي شاعريَء جا فني قدر ۽ رجحانات”.سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو/حيدرآباد1992 .ع
.19چانڊيو،سرمد “حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ڇند وديا” ڪنول پبليڪيشن
قمبر2016 .ع
.20انصاري ،عثمان علي “رسالو سچل سرمست” روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
1997ع
.21پٺاڻ ،ڊاڪٽر غالم حسين“تحقيق جو فن” سنڌي ساهت گهر حيدرآباد 2007ع
.22همايوني ،نياز “آُء ڪانگا ڪر ڳالهه” سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2007ع
66
www.sindhsalamat.com