Professional Documents
Culture Documents
سائنس درجو پنجون
سائنس درجو پنجون
سائنس درجو پنجون
سوال -:اسان جي نظام شمسي ۾ موجود گرھن کي ڪيترن گروپن يا قسمن ۾ ورھائي سگهجي ٿو؟
جواب -:اسان جي نظام شمسي ۾ موجود گرھن کي ٻن گروپن يا قسمن ۾ ورھائي سگهجي ٿو.
.1پٿريال گرھ -:عطارد ،زھره ،زمين ،۽ مريخ .ھي سڀئي گرھ ننڍا ۽ پٿريلي مادي جا ٺهيل ھوندا آھن.
.2گئس وارا وڏا گرھ -:جوپيٽر يا مشتري ،زحل ،يورينس ۽ نيپچون کي گئس وارا گرھ
چئبو آھي ڇاڪاڻ ته اھي تمام وڏا ۽ گئسن جا ٺهيل ھوندا آھن.
سوال -:پڇڙ تارا ڇا ھوندا آھن ؟
جواب -:پڇڙ تارا يا ڪوميٽس به تمام ننڍڙا جسم ھوندا آھن جيڪي برف ،دز ۽ پٿريلي شين جا ٺهيل ھوندا
آھن انهن کي ھڪ مرڪز يا نيوڪليئس ھوندو آھي جنهن جي چوڌاري گهاٽي ڌنڌ جو ڪڪر
موجود ھوندو آھي جنهن کي ڪوما چئبو آھي.
سوال -:کڙندڙ تارا يا شهاب ثاقب ڇاکي چوندا آھن؟
جواب -:کڙندڙ تارا يا شهاب ثاقب دراصل پٿريال ۽ ڌاتن جا بچيل سچيل ذرڙا ھوندا آھن جيڪي خال ۾ مختلف
دائرن ۽ مختلف رفتار سان سج جي چوڌاري ڦرندا آھن.