Download as doc, pdf, or txt
Download as doc, pdf, or txt
You are on page 1of 6

‫ب طب‬

‫آفتا ِ‬
‫ت مدافعه‬‫قو ِ‬

‫ت ُمدافعه ( ُمدافعت ڪرڻ واري سگهه)‬


‫قو ِ‬
‫قدرت طرفان انسان توڙي حيوان ۾ هڪ اهڙي قوت يا سگهه رکيل آهي‪،‬‬
‫جيڪا جسم ۾ داخل ٿيڻ واري هر انهي َء مادي خالف اٿي کڙي ٿيندي آهي‪،‬‬
‫جنهن کي هو َء بدن جي نظام ال ِء نقصان ڪار سمجھي ٿي‪ .‬انهي َء سگهه کي‬
‫ت مدافعه”‪ ،‬يعني “مدافعت (دفاع‪ ،‬بچا ُء) ڪرڻ واري سگهه” ڪري چئبو‬ ‫“قو ِ‬
‫ت مدافعه جو بنيادي ڪم بدن جي نظام جي اصالح ۽ حفاظت ڪرڻ‬ ‫آهي‪ .‬قو ِ‬
‫ت بيضا”‪ ،‬يعني رت‬ ‫ت مدافعه وٽ “ڪريا ِ‬ ‫آهي‪ .‬ان ڪم کي سرانجام ڏيڻ ال ِء قو ِ‬
‫جي اڇن جزن تي مشتمل باقائده هڪ فوج موجود آهي‪ .‬جڏهن به جسم ۾ ڪو‬
‫ت بيضا جي فوج ان خالف پاڻمرادو‬ ‫هاڃيڪار مادو داخل ٿيندو آهي ته ڪريا ِ\‬
‫فعال ٿي‪ُ ،‬مدافعتي جنگ شروع ڪري ڏيندي آهي‪ .‬ان جنگ ۾ جيڪڏهن فتح‬
‫ت مدافعه کي حاصل ٿئي ته انسان جي صحت بحال ٿي ويندي آهي‪ ،‬جنهن کي‬ ‫قو ِ‬
‫جيد” يا “بحرانِ محمود” ڪري چوندا آهن‪ .‬ان جي ابتڙ ‪،‬‬ ‫حڪماء “بحرانِ ّ‬
‫ت مدافعه تي غالب اچي وڃن ته انسان بيمار ٿي‬ ‫جيڪڏهن هاڃيڪار\ مادا قو ِ‬
‫۾“بحران ردي” ڪري سڏيندا آهن‪ .‬ياد‬
‫ِ‬ ‫پوندو آهي ۽ ان عمل کي طبي اصطالح‬
‫رکڻ گهرجي ته جڏهن به ڪو انسان يا جانور ڪنهن\ بيماري َء مان بنا ڪنهن‬
‫ت مدافعه جي حفاظتي\ جدوجهد‬ ‫عالج معالجي جي ٺيڪ ٿي ويندو آهي ته اهو قو ِ‬
‫جو ئي ثمر هوندو آهي‪.‬‬
‫ت مدافعه جي ال ِء “طبيعت” جو لفظ پڻ استعمال\ ٿيندو آهي‪ ،‬جنهن جي‬‫طب ۾ قو ِ‬
‫وصف حڪماء ڪجهه هن ريت بيان ڪئي آهي‪“:‬طبيعت\ قدرت طرفان هر‬
‫انسان کي عطا ڪيل هڪ سگهه آهي‪ ،‬جيڪا بدن مان بيمارين جي مادن کي‬
‫دفع ڪري ٿي‪ ،‬مگر هن جو مدافعتي عمل انسان جي ذاتي ارادي تي مدار نه ٿو‬
‫ت‬
‫ڪري ۽ نه وري هن کي ڪو شعور يا سمجهه آهي‪ ”.‬ڏٺو ويو آهي ته قو ِ‬
‫مدافعه ڪڏهن ڪنهن\ مرض خالف اهڙي نموني عمل ڪندي آهي‪ ،‬جو ان مان‬
‫ال‪ ،‬سرسام ٿيڻ يا ڌڪ لڳڻ جي‬ ‫بجا ِء فائدي ٿيڻ جي اٽلندو نقصان رسندو آهي‪ .‬مث ً‬
‫ت مدافعه سور جو احساس ٿيڻ تي هڪدم رت کي متاثر ٿيل‬ ‫صورت ۾ قو ِ‬
‫عضوي طرف ڌڪيندي آهي‪ ،‬جنهن سان مرض گھٽجڻ بجا ِء ويتر وڌي ويندو‬
‫مدبر بدن (بدن ال ِء تدبير ڪرڻ‬
‫ِ‬ ‫ت مدافعه کي‬
‫آهي‪ .‬انهي َء ڪري حڪماء قو ِ‬
‫واري طاقت) هئڻ سان گڏوگڏ خود ُمختيار ۽ بي شعور قرار ڏنو آهي‪.‬‬
‫ت مدافعه جا ٻيا ناال‬
‫قو ِ‬
‫ت‬
‫قديم و جديد اطباء (طبيبن) پنهنج\ن تجربن ۽ مشاهدن جي روشني َء ۾ قو ِ‬
‫ت مدافعه کي “مناعت”\ چوندا‬
‫مدافعه جا مختلف ناال رکيا آهن‪ .‬جديد حڪماء قو ِ‬
‫آهن‪ ،‬جنهن جي لغوي معنى آهي “مضبوط ٿيڻ”‪ .‬جڏهن ته قديم حڪماء هن‬
‫‪36‬‬
‫ت مدافعه‬
‫قو ِ‬
‫ب طب‬‫آفتا ِ‬
‫“قوت ُمدبره بدن” (بدن ال ِء تدبير ڪرڻ واري سگهه) جي نالي سان موسوم‬
‫ِ‬ ‫کي‬
‫ڪيو آهي‪ .‬ڊاڪٽر صاحبان هن کي اصطالحي طور تي “اميونٽي”‪ ،‬يعني‬
‫“آزادي يا ڇوٽڪارو ڏيندڙ طاقت” ڪري سڏيندا آهن‪ .‬ان کان عالوه‪ ،‬ميڊيڪل\‬
‫ت حيات” پڻ سڏيو ويندو آهي‪.‬‬‫سائنس ۾ هن کي “وائٽل فورس”‪ ،‬يعني “قو ِ‬
‫ت مدافعه ۽ حڪيم‬
‫قو ِ‬
‫اسين ان ڳالهه کي مٿي بيان\ ڪري چڪا آهيون ته جڏهن به جسم ۾ ڪو‬
‫ت مدافعه ان خالف ازخود فعال ٿي‪،‬‬ ‫هاڃيڪار مادو داخل ٿيندو آهي ته قو ِ‬
‫مدافعت جي جنگ شروع ڪري ڏيندي آهي‪ .‬ان مقام تي حڪيم جا ٻه بنيادي‬
‫ت مدافعه درست ڪم ڪري رهي آهي يا‬ ‫ڪم آهن‪ .‬هڪ ته هو اهو ڏسي ته قو ِ‬
‫ت مدافعه جي موافق هجي‬ ‫نه‪ .‬ٻيو اهو ته هو اهڙي دوا تجويز ڪري‪ ،‬جيڪا قو ِ‬
‫ت مدافعه سان گڏ مرض جي مادي جو‬ ‫ته جيئن اها رت ۾ شامل ٿي ڪري‪ ،‬قو ِ‬
‫مقابلو ڪري سگهي‪ .‬جيڪڏهن حڪيم جي تجويز ڪيل دوا طبيعت جي موافق‬
‫ت مدافعه کي مضبوط ڪندي ۽ مريض تندرست ٿي ويندو ‪.‬‬ ‫هوندي ته اها قو ِ‬
‫پر ‪ ،‬جيڪڏهن دوا قوتِ مدافعه جي موافق نه هوندي ته اها مريض کي ويتر‬
‫ڪمزور ڪندي ۽ مرض وڌي ويندو ‪ .‬اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن حڪيم‬
‫ت مدافعه جي مڪمل شڪست‪ ،‬يعني‬ ‫وقت تي اک نه کولي ته ان جو انجام قو ِ‬
‫مريض جي موت تي به ٿي سگهي ٿو ‪ .‬انهي َء ڪري دانائن نيم حڪيم کي‬
‫خطرهء جان قرار ڏنو آهي‪.‬‬
‫ت مدافعه تي اثرانداز ٿيندڙ عنصر‬
‫قو ِ‬
‫بنيادي طور تي قوتِ مدافعه جي طاقت ۽ ڪمزوري َء جو دارومدار انسان جي‬
‫صحت تي هوندو آهي ۽ صحت جن عنصرن تي انحصار ڪري ٿي‪ ،‬انهن ۾‬
‫طرز زندگي ۽ عمر شامل آهن‪ .‬اوهان ڏٺو هوندو ته جيڪي ماڻهو چڱي‬ ‫ِ‬ ‫غذا‪،‬‬
‫غذا استعمال\ ڪندا آهن‪ ،‬انهن جي صحت عام طور تي سٺي هوندي آهي‪ .‬غذا‬
‫هميشه ٿوري ۽ سٺي واپرائڻ گھرجي‪ ،‬گھڻو کائڻ بيمارين جو ڪارڻ بڻجندو‬
‫طرز زندگي تمام اهم‬
‫ِ‬ ‫آهي‪ .‬غذا کانپو ِء صحت ۽ تندرستي َء جي ال ِء انسان جو‬
‫آهي‪ .‬جيڪي ماڻهو نشي آور شيون واپرائيندا آهن‪ ،‬بڇڙا فعل ڪندا آهن يا وري‬
‫قوت مدافعه ڪمزور ٿي ويندي‬‫ِ‬ ‫تنگ ۽ اونداهي جاين ۾ رهندا آهن ته انهن جي‬
‫آهي ۽ اهي اڪثر بيمار رهندا آهن‪ .‬سٺي صحت هئڻ ۾ عمر جو پڻ عمل دخل‬
‫آهي‪ .‬ننڍن ٻارن جي قوتِ مدافعه ڪمزور هئڻ سبب کين وچڙندڙ بيماريون جلد‬
‫لڳنديون آهن‪ .‬ان طرح سان ضعيف ماڻهن\ کي وري دم ۽ سنڌن جو سور ٿي‬
‫پوندو آهي‪ .‬جنس جي لحاظ کان به قوتِ مدافعه مختلف ٿيندي آهي‪ ،‬جيئن‬
‫عورتون فطري طور مردن جي ڀيٽ\ ۾ ڪمزور هونديون آهن ۽ انهن تي‬
‫بيمارين\ جو حملو به جلدي ٿيندو آهي‪.‬‬
‫‪37‬‬
‫ب طب‬
‫آفتا ِ‬
‫ت مدافعه‬‫قو ِ‬
‫ت مدافعه‬
‫حيوانن جي قو ِ‬
‫حڪيم ُمطلق پنهنجي ڪامل قدرت سان هر جاندار ۾ قوتِ مدافعه رکي ڇڏي‬ ‫ِ‬
‫آهي‪ ،‬جيڪا انهن جي جسمن ۾ پيدا ٿيندڙ هر مرض جي جيوڙن سان وڙهڻ ۽‬
‫قوت مدافعه انسانن\‬
‫ِ‬ ‫انهن کي ناس ڪرڻ جي طاقت رکي ٿي‪ .‬البته‪ ،‬حيوانن جي‬
‫جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور ٿيندي آهي‪ .‬اهو ئي سبب آهي جو انسانن\‬
‫جي به نسبت\ جانورن ۾ بيماريون گهٽ پيدا ٿينديون\ آهن‪.‬‬
‫ت مدافعه جا قسم‬
‫قو ِ‬
‫حڪماء قوتِ مدافعه جا ٻه قسم بيان ڪيا\ آهن‪ :‬مناعت طبعي ۽ مناعت ڪسبي‪.‬‬
‫مناعتِ طبعي‪ :‬انسانن خواهه حيوانن کي قدرت طرفان مليل مدافعتي طاقت‬
‫ت طبعي” چئبو آهي‪ .‬ڊاڪٽر صاحبان ان کي“نيچرل\‬ ‫کي طبي اصطالح ۾ “مناع ِ\‬
‫اميونٽي”\ ڪري سڏيندا آهن‪ .‬گوشت خور جانور عام طور تي جراثيمي بيمارين‬
‫کان‪ ،‬چوپايو مال ڪالرا (هيضي) ۽ مُدي جي تپ کان ۽ انسان مختلف وچڙندڙ‬
‫ت طبعي جي‬ ‫بيمارين\ کان‪ ،‬جيڪي گھڻو ڪري حيوانن کي ٿينديون\ آهن‪ ،‬مناع ِ\‬
‫ڪري ئي محفوظ رهندا آهن‪ .‬مناعت طبعي هر شخص‪ ،‬نسب ۽ قوم ۾ مختلف‬
‫ت طبعي\ َء جا ٽي قسم بيان ڪيا\ آهن‪:‬‬ ‫ٿيندي آهي‪ .‬حڪماء انهن بنيادن تي مناع ِ\‬
‫ت قومي‪.‬‬
‫ت نسبي ۽ مناع ِ‬ ‫ت شخصي‪ ،‬مناع ِ‬‫مناع ِ‬
‫مناعت ڪسبي‪ :‬مناعت ڪسبي‪ ،‬جنهن کي ڊاڪٽر صاحبان “ايڪوائرڊ‬
‫اميونِٽي” ڪري چوندا آهن‪ ،‬تنهن جا پڻ ٻه قسم ٿين ٿا‪ :‬مناعت ڪسبي ذاتي‪،‬‬
‫مناعت ڪسبي مصنوعي‪.‬‬
‫ت مدافعه کي‬ ‫مناعت ڪسبي ذاتي‪ :‬مناعت ڪسبي ذاتي‪ ،‬اهڙي قسم جي قو ِ‬
‫چئبو آهي‪ ،‬جيڪا ڪنهن وچڙندڙ جراثيمي بيماري َء مان ِشفاياب ٿيڻ کانپو ِء‬
‫قدرتي طور حاصل ٿئي‪ .‬جيئن مرض ماتا کان هڪ دفعو ِشفاياب\ ٿيڻ کانپو ِء‬
‫مريض جي رت ۾ ان ال ِء اهڙي دائمي مدافعت پيدا ٿي ويندي آهي‪ ،‬جو هن کي‬
‫زندگي َء ۾ وري ڪڏهن ماتا نه نڪرندي آهي‪.‬‬
‫مناعت ڪسبي مصنوعي‪ :‬مناعت\ ڪسبي مصنوعي اهڙي قسم جي قو ِ‬
‫ت‬
‫مدافعه کي چئبو آهي‪ ،‬جيڪا ڪنهن\ انسان يا حيوان جي جسم اندر هٿرادو‬
‫نموني پيدا ڪئي وڃي‪ .‬دراصل جڏهن ڊاڪٽر صاحبان جي مشاهدي ۾ اها ڳالهه‬
‫ت مدافعه جڏهن ڪنهن\ بيماري َء دوران جيوڙن سان مقابلو ڪندي‬ ‫آئي ته قو ِ‬
‫انهن تي غالب اچي ويندي آهي ته ان ۾ هڪ اهڙو فاد زهر (ڪيميائي مرڪب)‬
‫پيدا ٿي ويندو آهي‪ ،‬جيڪو قوتِ مدافعه جي ُمدافعتي سگهه کي وڌائي ڇڏيندو‬
‫آهي ۽ اهڙي نموني مضبوط ٿيڻ بعد قوتِ مدافعه ان مرض کي هميشه يا ڪجهه‬
‫وقت جي ال ِء پيدا ٿيڻ کان روڪڻ جي صالحيت حاصل ڪري وٺندي آهي‪ .‬ان‬
‫‪38‬‬
‫ت مدافعه‬
‫قو ِ‬
‫ب طب‬‫آفتا ِ‬
‫ڪري ڊاڪٽر صاحبان سوچيو ته ڇو نه ڪنهن وبائي مرض کي هٿرادو طور‬
‫تي اهڙي خفيف (هلڪي)\ ۽ ننڍي پيماني تي پيدا ڪيو وڃي‪ ،‬جو جسم تي‬
‫اصل مرض جهڙو حملو به نه ٿئي\ ۽ قوتِ مدافعه آساني َء سان ان تي فتحيابي‬
‫(سوڀ) حاصل ڪري‪ ،‬جسم کي ان مرض کان مستقبل ال ِء محفوظ بڻائي ڇڏي‪.‬‬
‫ت مدافعه کي اهڙي نموني پيدا ڪرڻ کي “مناعت\ِ ڪسبي مصنوعي” چيو‬ ‫قو ِ‬
‫ويندو آهي‪ ،‬جنهن جا هيٺيان ٽي طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن‪.‬‬
‫پيوند لڳائڻ‪ :‬هن کي عربي َء ۾ “تطعيم” ۽ ميڊيڪل\ اصطالح ۾ “‬
‫اناڪيوليشن”\ چوندا آهن‪ .‬مناعت ڪسبي مصنوعي جي هن طريقي ڪار ۾‬
‫قدرتي طرح پيدا ٿيل\ مرض جي الڳ (وچڙندڙ مواد) جو ذرو ‪ ،‬يعني زنده‬
‫جيوڙن کي هڪ تندرست انسان جي جسم ۾ داخل ڪيو ويندو آهي‪ ،‬جنهن سان‬
‫ان ماڻهو َء جي جسم ۾ اهو مرض پيدا ٿي ويندو آهي‪ .‬قديم حڪيم صاحبان به‬
‫انهي َء طريقي ڪار کي استعمال ڪندا هئا‪ ،‬پر هاڻي سڌريل ملڪن ۾ انهي َء‬
‫طريقي کي ترڪ ڪيو ويو آهي‪ .‬جديد تحقيق سان معلوم ٿيو آهي ته هن طريقي‬
‫سان پيدا ٿيل مرض جو ايترو ئي سخت حملو ٿئي ٿو ‪ ،‬جيترو ڪنهن\ اصل‬
‫مرض پيدا ٿيڻ سان ٿيندو آهي‪ .‬ان ڪري ان جي بدران ٻيو طريقو ‪ ،‬جيڪو‬
‫هيٺ ڄاڻائجي\ ٿو ‪ ،‬اختيار ڪيو ويندو آهي ۽ اهو طريقو تمام ڪارائتو ثابت\ ٿيو‬
‫آهي‪.‬‬
‫عالج بالتلقيح‪ :‬طبي اصطالح ۾ هن قسم جي عالج کي“حِ ِ‬
‫فظ ماتق ّدم”\ چوندا‬
‫آهن‪ ،‬جنهن جو‬
‫مطلب آهي مرض جي پيدائش کان اڳ ان ال ِء حفاظتي اپا ُء وٺڻ‪ .‬مناعت ڪسبي‬
‫مصنوعي جي هن طريقي ڪار ۾ مرده يا نيم مرده جيوڙن کي هڪ تندرست‬
‫سئي َء وسيلي داخل ڪيو ويندو آهي‪ ،‬جيئن قوتِ مدافعه ان‬ ‫انسان جي جسم ۾ ُ‬
‫مرض خالف وڌي مضبوط ٿئي ۽ ان مرض کي جسم ۾ ڪڏهن پيدا ٿيڻ نه ڏئي‪.‬‬
‫هن کي ڊاڪٽر صاحبان “ويڪسي نيشن” ڪري چوندا آهن‪ ،‬جنهن جا ٻه نمونا‬
‫ٿين ٿا‪ .‬پهرئين نموني ۾ مرض جي جيوڙن کي ڪمزور يا اڌمئل حالت ۾ سئي َء‬
‫وسيلي جسم ۾ داخل ڪيو ويندو آهي‪ .‬جيئن ڳئون َء کي جڏهن ماتا ٿيندي آهي ته‬
‫ت مدافعه سبب مرض جا جيوڙا ڪمزور ٿي ويندا آهن‪.‬‬ ‫هن جي مضبوط قو ِ‬
‫ڊاڪٽر صاحبان ڳئون َء جي ماتا واري زخم مان نڪرڻ واري الڳ کي ڪڍي‬
‫ان مان ويڪسين تيار ڪندا آهن‪ ،‬جنهن کي ٽُڪن جي صورت ۾ ماڻهن کي‬
‫لڳايو ويندو آهي‪ .‬ٽُڪو هڻڻ بعد ماڻهو کي ان جا ِء تي ماتا جا صرف ٻه‪ ،‬ٽي‬
‫ننڍڙا داڻا نڪرندا آهن‪ ،‬جنهن تي قوتِ مدافعه آساني َء سان غالب اچي ويندي‬
‫ت مدافعه پيدا ٿي‬ ‫آهي‪ .‬ويڪسين لڳڻ بعد جسم ۾ مرض ماتا خالف ايتري قو ِ‬
‫ويندي آهي‪ ،‬جو ان ماڻهو کي وري ڪڏهن ماتا نه ٿيندي آهي‪ .‬هن طريقي ڪار‬
‫‪39‬‬
‫ب طب‬
‫آفتا ِ‬
‫ت مدافعه‬‫قو ِ‬
‫جي ٻئي نموني ۾ مرض جي جيوڙن کي پهرين تيز حرارت (گرمي) پهچائي‬
‫ماريو ويندو آهي ۽ پو ِء انهن مئل جيوڙن مان ويڪسين تيار ڪئي ويندي آهي‪.‬‬
‫هيضي جي مرض ال ِء “اينٽي ڪالرا ويڪسين” ۽ ڇتي کاڌل جي ال ِء “اينٽي\‬
‫ريبيز”‪ ،‬هن ئي طريقي موجب تيار ڪيون وينديون آهن‪.‬‬
‫سيرمي عالج‪ :‬هن کي ڊاڪٽر صاحبان “سيرم ٿراپي” ڪري سڏيندا آهن‪.‬‬
‫سيرم تيار ڪرڻ جا پڻ ٻه نمونا آهن‪ .‬پهرئين طريقي ۾ ڪنهن\ جيوڙي‪ ،‬جيت يا‬
‫جانور جي ٽاڪس\ِز (زهر ) کي سُئي َء جي صورت ۾ ڪنهن جانور کي هڻندا‬
‫آهن‪ .‬مثال\ طور نانگ\ جي زهر جو سيرم تيارڪرڻو\ هجي‪ ،‬ته نانگ جي زهر‬
‫کي ٿوري مقدار ۾ سئي َء وسيلي گهوڙي جي جسم ۾ داخل ڪندا آهن‪ .‬ان سان‬
‫سئي َء لڳڻ واري جا ِء سُڄي پوندي آهي ۽ گھوڙي جي بدن ۾ ڳهر پيدا ٿيندي‬
‫آهي‪ .‬ٿوري وقت کانپو ِء جڏهن عارضي ۾ گهٽتائي\ ايندي آهي ته پهرين کان‬
‫وڌيڪ وزن ۾ زهر کي گھوڙي جي بدن ۾ داخل ڪيو ويندو آهي‪ .‬اهڙي طرح‬
‫آهستي آهستي گهوڙي جي رت ۾ نانگ\ جي زهر جو ِترياق (ڪيميائي\ مرڪب)‬
‫قوت مدافعه ايتري قدر وڌي ويندي آهي‬ ‫ِ‬ ‫پيدا ٿي ويندو آهي‪ .‬هاڻي گھوڙي جي‬
‫جو ان گهوڙي جي جسم ۾ جيڪڏهن ايترو زهر داخل ڪيو وڃي‪ ،‬جيڪو ٻه ٽي‬
‫سئـو گهوڙن کي مارڻ ال ِء ڪافي هجي‪ ،‬ته به هن تي ان جو اثر نه ٿيندو آهي‪.‬‬
‫ان کانپو ِء گهوڙي جي ڪنڌ جي وريد (رڳ) مان ست‪ ،‬اٺ سير رت ڪڍي‪ ،‬ان‬
‫۾ اينٽي\ سيپٽڪ (مانع تعفن)\ دوا مالئي رت کي ڄمائڻ ال ِء رکندا آهن‪ .‬جڏهن‬
‫رت ڄمي ويندو آهي ته ان مان جيڪو سيرم (گھاٽي\ پاڻياٺ)\ نڪرندو آهي‪ ،‬ان‬
‫سئي تيار ڪندا آهن‪ .‬اها سُئي نانگ\ جي زهر جو ترياق آهي‪ .‬جيڪڏهن‬ ‫مان ُ‬
‫قوت مدافعه زهر‬ ‫ِ‬ ‫ٿوري مقدار ۾ اهو سيرم نانگ\ کاڌل ماڻهو کي هڻبو ته هن جي‬
‫خالف مضبوط ٿي ويندي ۽ هو زهر جي اثر کان متاثر نه ٿيندو ‪ .‬سيرمي عالج‬
‫جو ٻيو نمونو اهو آهي ته جيوڙن کي انهن جي زهر جي درجن مطابق ڪمزور‬
‫سيون تيار ڪندا آهن ۽ پو ِء مٿئين طريقي وانگر اول‬ ‫ڪري يا ماري انهن مان ُ‬
‫گهوڙي کي سيون هڻندا آهن ۽ پو ِء ان جي ڪنڌ جي رڳ مان رت ڪڍي سيرم‬
‫تيار ڪندا آهن‪ .‬جنهن کي اينٽي\ بيڪٽريل سيرم (ترياق\ ِجراثيم) ڪري چوندا‬
‫آهن‪ .‬معلوم هئڻ گھرجي ته ويڪسين يا ُٽڪن جو عالج سيرم ٿراپي جي ڀيٽ ۾‬
‫ت فاعلي پيدا ٿيندي آهي ۽‬ ‫جٽادار هوندو آهي‪ ،‬ڇاڪاڻ ته انهن سان جسم ۾ مناع ِ‬
‫فظ ماتق ّدم جي طور تي ڪيو ويندو آهي‪ ،‬جهڙوڪ‪ ،‬اينٽي‬ ‫اهو عالج حِ ِ‬
‫ت مدافعه پيدا‬ ‫ڪالرا‪ ،‬اينٽي\ ٽائفائيڊ وغيره‪ .‬پر سيرم ٿراپي جي وسيلي جيڪا قو ِ‬
‫ت انفعالي هوندي آهي‪ ،‬تنهنڪري هن جو عالج مانع مرض‬ ‫ٿئي ٿي سا مناع ِ‬
‫(روڪيندڙ ) نه‪ ،‬بلڪه دافع مرض (ٽاريندڙ ) هوندو آهي‪ ،‬جيئن اينٽي ڊفٽيز‬

‫‪40‬‬
‫ت مدافعه‬
‫قو ِ‬
‫ب طب‬‫آفتا ِ‬
‫سيون بيمارين کي ٽارڻ جي ال ِء هنيون وينديون آهن ۽ انهن‬‫وغيره ‪ .‬سيرم جون ُ‬
‫جو اثر به گهڻو وقت نه رهندو آهي‪.‬‬
‫اصول عالج جي ڪجهه اهم ۽ ضروري نقطن کي بيان ڪرڻ‬ ‫ِ‬ ‫طب ۽ يوناني‬
‫کانپو ِء هاڻي اسان پنهنجي اصل موضوع‪ ،‬يعني انساني\ بدن ۾ پيدا ٿيندڙ بيمارين‬
‫۽ انهن جي عالج معالجي بابت بحث ڪنداسين‪\.‬‬

‫‪41‬‬

You might also like