Wheat 1

You might also like

Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 5

‫‪1‬‬ ‫ڪتابچو‪-‬‬

‫ڪڻڪ ‪Wheat -‬‬


‫زمين جي چونڊ ۽ تياري‪:‬‬
‫ڪڻڪ الِء اهڙي زمين چونڊ ڪجي جيڪا زرخيز ۽ نامياتي مادي سان ڀرپور هجي‪ .‬پر جيڪڏهن‬
‫زمين ڪمزور هجي ته ا ن زمين کي ڪڻڪ پوکڻ کان هڪ مهينو پهرين ڳريل سڙيل وٿاڻ جي‬
‫ڀاڻ جون ‪ 3‬ٽرڪون ڏئي هرن سان مالئي ريج ڪجي‪ .‬ٿي سگهي ته ٻٽو ريج ڪجي ته جيئن ڀاڻ‬
‫زمين ۾ چڱي ريت ڳري ملي وڃي‪ .‬جنهن بعد زمين کي ٺوس ڪلٽيويٽر جا ٻه هر ڏئي پوکيَء‬
‫الِء تيار ڪجي‪ .‬ناڙي پوک الِء ڪلٽيويٽر پويان ڳاڌي ٻڌجي ته جيئن زمين ۾ سيڪ موجود رهي‪.‬‬
‫جيڪڏهن زمين هموار نه هجي ته پوِء زمين کي ليزر مشين ذريعي سنوت ۾ آڻجي ته جيئن فصل‬
‫کي هڪجيترو پاڻي ۽ ڀاڻ ملي سگهي‪.‬‬

‫جنسون ۽ پوکيَء جي مند‪:‬‬


‫پوکيَء جو وقت‬ ‫عالئقو‬ ‫سفارش ڪيل جنسو‬
‫پهرين نومبر کان ‪ 20‬نومبر‬
‫ڏکڻ سنڌ‬
‫بنيظير‪ ،13-‬حمل‪13 -‬‬
‫مومل‪ ،89 -‬آبادگار‪ ،93-‬سرسبز‪،‬‬
‫‪ 7‬نومبر کان ‪ 30‬نومبر‬ ‫خرمن‪ ،‬سسئي ۽ ڪرن‪95-‬‬
‫اتر سنڌ‬

‫‪ 21‬نومبر کان ‪ 15‬ڊسمبر‬


‫ڏکڻ سنڌ‬ ‫ٽي جي‪ ،83 -‬انمول‪،91 -‬‬
‫پهرين ڊسمبر کان ‪ 21‬ڊسمبر‬ ‫سرسبز ۽ ڪرن‪93-‬‬
‫اتر سنڌ‬
‫ٽي ڊي‪ ،1-‬سڪرنڊ‪،1-‬‬
‫پهرين نومبر کان ‪ 25‬ڊسمبر‬ ‫سڄي سنڌ‬
‫ڀٽائي ۽ مارئي‪2000 -‬‬

‫پوکڻ جا طريقا‪:‬‬
‫ڪڻڪ جي پوکي جا ٽي طريقا آهن‬
‫‪ .1‬ڇٽ کيڙ ‪ .2‬ڪر يا گهڙبي ‪ .3‬ناڙي پوک‪.‬‬
‫ڇٽ کيڙ سارين کان پوِء واندي ٿيل زمين الِء مناسب طريقو آهي‪ .‬جڏهن ته سارين جي واندي ٿيل‬
‫زمين ۾ زيرو ٽليج ناڙيَء ذريعي پڻ پوکي ڪري سگهجي ٿي‪ .‬پڪين‪ ،‬سم ۽ ڪلر وارين زمينن‬
‫۾ ڪ َر يا گهڙٻي پوک ڪجي‪ .‬پر ڪ َر يا گهڙٻيَء واري پوک الِء هڪ ته جڏهن زمين پاڻي کڻي‬
‫وڃي ته پوِء ٻج گپ ۾ ڇٽجي ۽ ٻج کي ڇٽڻ کان پهرين پاڻيَء ۾ ‪ 8‬کان ‪ 10‬ڪالڪ پسائڻ گهرجي‪.‬‬
‫ٻج کي پاڻيَء ۾ پسائڻ سان ٻج جو ڦوٽهڙو وڌيڪ ڀلو ٿيندو‪ .‬اهڙي طرح ڀلين زمينن ۾ ڪڻڪ‬

‫‪1‬‬
‫جي پوکي ناڙيَء رستي ڪجي‪ .‬ناڙي پوک ۾ گندگاهه جي ضابطي ۾ آساني ٿئي ٿي‪ .‬ڀاڻ صحيح‬
‫ط ريقي ڏجي ٿو‪ .‬ٻج گهٽ استعمال ٿئي ٿو ۽ ڦوٽهڙو ڀلو ٿيڻ سان گڏ ناڙي پوک ٻين جي مقابلي‬
‫۾ وڌيڪ پيداوار ڏئي ٿي‪.‬‬

‫ٻج (ڪلوگرام في ايڪڙ)‪:‬‬


‫کرين تي پوک‬ ‫ڪريا گهڙٻيَء ذريعي‬ ‫ڇٽ کيڙ‬ ‫ناڙيَء‬ ‫جنسون‬
‫ذريعي‬ ‫ذريعي‬
‫‪60‬‬ ‫‪60‬‬ ‫‪55‬‬ ‫‪50‬‬ ‫آڳاٽي پوک‬
‫‪70‬‬ ‫‪70‬‬ ‫‪65‬‬ ‫‪60‬‬ ‫پاڇاٽي پوک‬

‫ڀاڻن جي گهرج‪:‬‬
‫عام طور تي سنڌ جون زمينون نائٽروجن‪ ،‬فاسفورس ۽ پوٽاش ۾ ڪمزور آهن‪ .‬جڏهن ته عام‬
‫آبادگار نائٽروجن ۽ فاسفورس وارا ڀاڻ ڪڻڪ کي ڏئي ٿو پر پوٽاش نٿو ڏئي‪ .‬نائٽروجن ۽‬
‫فاسفورس ۾ به فاسفورس گهٽ ۽ نائٽروجن وڌيڪ ڏني وڃي ٿي جنهن جي ڪري گهربل پيداوار‬
‫نٿي ملي‪ .‬ان ڪري آبادگارن کي صالح ٿي ڏجي ته زمين جي مٽي ڪنهن ويجهي مٽيَء ۽ پاڻيَء‬
‫جي چڪاس واري ليبارٽريَء مان ضرور چڪاس ڪرائن ۽ ليبارٽريَء جي ماهرن جي سفارشن‬
‫مطابق ڀاڻ جو استعمال ڪن‪ .‬پر جيڪڏهن ڪنهن اڻٽڙ سبب جي ڪري مٽي چڪاس نه ٿي سگهي‬
‫ته پوِء سٺي زمين ۾ هيٺين ريت ڪڻڪ جي فصل کي ڀاڻ ڏيڻ گهرجي‪:‬‬
‫‪1 ½ .1‬ٻوري ڊي اي پي‪ ،‬اڌ ٻوري يوريا ۽ هڪ ٻوري ايس او پي في ايڪڙ ڏيڻ گهرجي‪.‬‬
‫‪ .2‬ڪڻڪ جي ٽي ڊي‪ 1-‬جنس کي ‪ 2‬ٻوريون ڊي اي پي ۽ ‪ 3‬کان ‪ 4‬ٻوريون يوريا في ايڪڙ ڏجن‪.‬‬
‫ڪڻڪ الِء مرحليوار پاڻيَء جي ورهاست‬
‫ٻيون‬
‫پنجون‬ ‫چوٿون‬
‫ڇهون پاڻي‬ ‫پاڻي‬
‫پاڻي‬ ‫پاڻي‬ ‫ٽيون پاڻي‬ ‫پهريون پاڻي‬
‫ارڙهن‬ ‫ڇهن‬
‫پندرهن‬ ‫ٻارهن‬ ‫نون هفتن‬ ‫ٽن هفتن يا‬ ‫ڪل‬
‫هفتن يا‬ ‫هفتن يا‬
‫هفتن يا‬ ‫هفتن يا‬ ‫يا ‪ 63‬ڏينهن‬ ‫‪ 21‬ڏينهن کان‬ ‫پاڻي‬
‫‪ 126‬ڏينهن‬ ‫‪42‬‬
‫‪ 105‬ڏينهن‬ ‫‪ 84‬ڏينهن‬ ‫کانپوِء‬ ‫پوِء‬
‫کان پوِء‬ ‫ڏينهن‬
‫کانپوِء‬ ‫کانپوِء‬
‫کان پوِء‬
‫داڻي ۾‬ ‫ٻوڙي‬
‫داڻي بچڻ‬ ‫ٻور اچڻ‬ ‫سنگ‬ ‫پن پاڙ نڪرڻ‬
‫کير ٿيڻ‬ ‫ٻڌڻ‬ ‫‪6‬‬
‫وقت‬ ‫وقت‬ ‫نڪرڻ وقت‬ ‫وقت‬
‫وقت‬ ‫وقت‬
‫داڻي ۾‬ ‫ٻوڙي‬
‫داڻي بچڻ‬ ‫سنگ‬ ‫پن پاڙ نڪرڻ‬
‫کير ٿيڻ‬ ‫‪-‬‬ ‫ٻڌڻ‬ ‫‪5‬‬
‫وقت‬ ‫نڪرڻ وقت‬ ‫وقت‬
‫وقت‬ ‫وقت‬

‫‪2‬‬
‫داڻي ۾‬ ‫ٻوڙي‬
‫سنگ‬ ‫پن پاڙ نڪرڻ‬
‫‪-‬‬ ‫کير ٿيڻ‬ ‫‪-‬‬ ‫ٻڌڻ‬ ‫‪4‬‬
‫نڪرڻ وقت‬ ‫وقت‬
‫وقت‬ ‫وقت‬
‫داڻي ۾‬
‫سنگ‬ ‫پن پاڙ نڪرڻ‬
‫‪-‬‬ ‫کير ٿيڻ‬ ‫‪-‬‬ ‫‪-‬‬ ‫‪3‬‬
‫نڪرڻ وقت‬ ‫وقت‬
‫وقت‬
‫ٻوڙي‬
‫پن پاڙ نڪرڻ‬
‫‪-‬‬ ‫‪-‬‬ ‫‪-‬‬ ‫‪-‬‬ ‫ٻڌڻ‬ ‫‪2‬‬
‫وقت‬
‫وقت‬
‫ٻوڙي‬
‫پن پاڙ نڪرڻ‬
‫‪-‬‬ ‫‪-‬‬ ‫‪-‬‬ ‫‪-‬‬ ‫ٻڌڻ‬ ‫‪1‬‬
‫وقت‬
‫وقت‬

‫گندگاهه‪:‬‬
‫سوڙهن پنن وارن گاهن الِء ٽاپڪ ‪ 120‬گرام في ايڪڙ ۽ ويڪرن پنن وارن گندگاهه الِء بڪٽرل‬
‫سپر ‪ 300‬کان ‪ 400‬ملي لٽر في ايڪڙ ۽ سوڙهن ۽ ويڪرن گڏيل گندگاهن الِء ايٽالنٽس ‪ 120‬کان‬
‫‪ 160‬ايفينٽي ‪ 600‬کان ‪ 800‬گرام في ايڪڙ ڦوهارو ڪجي‪ .‬سمورن زهرن کي ‪ 120‬لٽر پاڻي ۾‬
‫مالئي ڦوهارو ڪرڻ گهرجي‪ .‬ڦوهاري الِء مشين ۾ گندگاهه وارو نوزل استعمال ڪجي‪.‬‬

‫جيت ۽ بيماريون‪:‬‬
‫جيتن ۽ بيمارين جو گهڻو ڪري سنڌ جي ايجاد ٿيل ڪڻڪ ۽ سفارش ڪيل جنسن تي حملو نٿو‬
‫ٿئي پر جيڪڏهن موسمي حالتن جي ڪري ڪٿي حملو نظر اچي ته جلد حد جي زرعي ماهر سان‬
‫رابطو ڪجي‪.‬‬

‫ڪڻڪ جون بيماريون‪:‬‬


‫ڪڻڪ جي فصل کي ڪيتريون ئي بيماريون لڳن ٿيون‪ .‬جيڪي پيداوار تي اثر انداز ٿين ٿيون‪.‬‬
‫انهن کي روڪڻ الِء ضروري آهي ته‪:‬‬
‫• مدي خارج جنسون نه پوکيون وڃن‪.‬‬
‫• بيمارين کان پاڪ ۽ سفارش ڪيل جنسون پوکجن‪.‬‬
‫• پوکي کان پهريان ذڪر ڪيل دوائون جهڙوڪ؛ وائٽاويڪس‪ ،‬ٽاپس ايم يا بينليٽ وغيره ٻج‬
‫سان مالئي پوِء پوکڻ گھرجن‪.‬‬
‫• فصلن جي وار ڦير سان پوکي ڪرڻ گھرجي‪.‬‬
‫• ڪاڻي)‪ (Smut‬لڳل ٻوٽو يا سنگ پٽي ساڙي ڇڏڻ گھرجي‪.‬‬
‫سنڌ ۾ لڳندڙ بيمارين جون عالمتون ۽ بچاُء جا اپاَء هيٺ ڏجن ٿا‪.‬‬

‫‪3‬‬
‫پيلي يا پٽا پٽي رتي )‪( Strip or Yellow Rust‬‬
‫هي بيماري گھٽ سيَء پوڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ڪٿي لڳي‬
‫ٿي‪ .‬گرمي جي درجي وڌڻ سان خود بخود ختم ٿي وڃي ٿي‪ .‬هن‬
‫بيماري ۾ پنن تي پيلي رنگ جي ليڪا ٿيندا آهن‪ .‬آخر ۾ داڻا‬
‫سڪي ختم ٿي ويندا آهن‪ .‬هن بيماري کان بچاَء الِء بيماري کان‬
‫پاڪ جنسو پوکيون وڃن‪ .‬جيڪڏهن فصل ۾ بيماري لڳي وڃي ته ان جي ضابطي الِء ٽلٽ ‪200‬‬
‫ملي لٽر يا اين اسٽار ‪ 250‬ملي ليٽر يا اسڪور ‪ 150‬ملي ليٽر في ايڪڙ ڦوهارو ڪريو‪.‬‬
‫پن واري رتي )‪( Leaf Rust‬‬
‫هن بيماري جو سنڌ ۾ شديد حملو ٿئي ٿو‪ .‬تدارڪ نه ڪرڻ سان ڪافي‬
‫نقصان ٿئي ٿو‪ .‬هن بيماري ۾ پنن تي نارنگي يا بادامي رنگ جا ڦلوڪڻا‬
‫ٿين ٿا ۽ انهن مان ناسي رنگ جا گول ذرڙا هر وقت خارج ٿين ٿا جيڪي‬
‫هوا جي ذريعي اڏامي ميلن ۾ پکڙجي وڃن ٿا‪.‬‬
‫هن بيماري کان بچڻ الِء به ضروري آهي ته بيماري کان پاڪ ۽ سفارش ڪيل جنسون پوکڻ گھرجن‪.‬‬
‫جيڪڏهن فصل ۾ بيماري لڳي وڃي ته ان جي ضابطي الِء ٽلٽ ‪ 200‬ملي لٽر يا اين اسٽار ‪250‬‬
‫ملي ليٽر يا اسڪور ‪ 150‬ملي ليٽر في ايڪڙ ڦوهارو ڪريو‪.‬‬
‫ڪاري يا تيلي جي رتي )‪( Stem Rust‬‬
‫هن بيماري جو حملو پنن‪ ،‬تيلن ۽ سنگن تي ٿئي ٿو‪ .‬شروعات ۾ الڳ‬
‫الڳ ڳاڙها يا ناسي داغ ٿيندا آهن‪ .‬جيڪي سخت حملي جي صورت ۾‬
‫ڪارو رنگ اختيارڪري ملي ويندا آهن‪ .‬هن بيماري جا جراثيم هوا‬
‫وسيلي پري پري تائين پکڙجي ويندا آهن‪ 12 .‬کان ‪ 18‬ڏينهن تائين ڦيرو‬
‫پورو ڪري ٻئي فصل ۾ جراٿيم پکڙيندا آهن‪ .‬هي بيماري خاص ڪري‬
‫فيبروري ۾ لڳندي آهي‪ .‬بچڻ الِء ضروري آهي ته بيماري کان پاڪ ۽ سفارش ڪيل جنسون پوکڻ‬
‫گھرجن‪ .‬جيڪڏهن فصل ۾ بيماري لڳي وڃي ته ان جي ضابطي الِء ٽلٽ ‪ 200‬ملي لٽر يا اين‬
‫اسٽار ‪ 250‬ملي ليٽر يا اسڪور ‪ 150‬ملي ليٽر في ايڪڙ ڦوهارو ڪريو‪.‬‬
‫ڪاڻي )‪( Smut‬‬
‫سنڌ ۾ هن بيماري جو صرف هڪ قسم کليل ڪاڻي ‪(Loose‬‬
‫)‪ Smut‬لڳندي آهي‪ .‬هن بيماري جو حملو صرف سنگ تي ٿيندو‬
‫آهي‪ .‬جيڪو ڪاري ٻوري ۾ تبديل ٿي ويندو آهي‪ .‬هوا ۾ اڏامي‬
‫ٻئي فصل تي جراثيم پکيڙيندو آهي‪ .‬متاثر ٿيل ٻوٽا ٻين ٻوٽن‬
‫کان اڳ سڙڻ ۽ سڪڻ شروع ڪن ٿا‪ .‬هن بيماري کان بچڻ الِء‬
‫اهڙو ٻج استعمال ڪجي جيڪو صحتمند ۽ گندگاه کان پاڪ‬
‫هجي‪ .‬پوکي الِء پاڪ ۽ سفارش ڪيل جنسون پوکڻ گھرجن‪.‬‬
‫پوکي کان اڳ وائٽاويڪس ‪ 220‬يا بينليٽ ‪ 50‬ڊبليو جي دوا جا ‪ 2‬گرام في ڪلو گرام ٻج سان‬
‫چڱي طرح مالئي پوِء ٻج پوکڻ گھرجي‪ .‬جون جوالِء مهينن ۾ گرمي جو درجو ‪ 38‬ڊگري سينٽي‬
‫گريڊ کان مٿي هجي ته متاثر ٻج عام پاڻي ۾ ‪ 4‬ڪالڪ پسائي‪ ،‬سنهي تهه سان پکيڙي چڱي طرح‬
‫سڪائي‪ ،‬ٻج ۾ موجود جراثيم ختم ڪري سگجهن ٿا‪ .‬جيڪڏهن فصل ۾ بيماري لڳي وڃي ته‬
‫‪4‬‬
‫ان جي ضابطي الِء ٽلٽ ‪ 200‬ملي لٽر يا اين اسٽار ‪ 250‬ملي ليٽر يا اسڪور ‪ 150‬ملي ليٽر في‬
‫ايڪڙ ڦوهارو ڪريو‪.‬‬

‫ڪڻڪ جو البارو ۽ ڳاهه‬


‫ڪڻڪ مان في ايڪڙ بهتر پيداوار حاصل ڪرڻ الِء البارو ۽ ڳاهه صحيح وقت تي ڪرڻ گهرجي‪.‬‬
‫يعني ته اڃا ڪڻڪ ٿوري ڪچي هجي ته البارو نه ڪجي ۽ پچي وڃڻ کان پوِء الباري ۾ دير نه‬
‫ڪجي جيڪڏهن ڪچي ڪڻڪ جو البارو ڪيو ويو ته داڻا مارجي ويندا‪ .‬۽ وري پچي وڃڻ کان‬
‫پوِء الباري ۾ گهڻي دير ڪئي وئي ته ڪڻڪ جا سنگ ٽٽي پوندا ۽ سنگ ۾ موجود داڻا ڇڻي ويندا‪.‬‬
‫جنهن ڪري پيداوار گهٽجي ويندي‪.‬‬
‫جڏهن مارچ ۽ اپريل مهينن ۾ جيئن ئي گرمي وڌندي آهي ته ڪڻڪ جو فصل به پچي راس ٿيندو‬
‫آهي‪ .‬جڏهن ڪڻڪ جو رنگ سائي مان ڦري پيلو يا سونهري ٿي وڃي تيال ۽ سنگ سڪي وڃن‬
‫۽ مڙڻ لڳن ۽ جڏهن ‪ 95‬کان ‪ 98‬سيڪڙو سنگ پچي وڃن ته الباري ۾ دير نه ڪجي‪ .‬الباري ۾ ‪10‬‬
‫کان ‪ 15‬ڏينهن دير ڪرڻ سان ڪڻڪ ‪ 5‬کان ‪ 10‬سيڪڙو ڇاڻو ڪري زيان ٿي وڃي ٿي‪ .‬ان ڪري‬
‫ايڏي وڏي نقصان کان بچڻ الِء وقت تي البارو ڪرڻ تمام ضروري آهي‪.‬‬
‫البارو هميشه صبح جو سوير يعني فجر جو شروع ڪجي ۽ منجهند کان اڳ ختم ڪجي‪ .‬ڇو ته‬
‫گرميَء جو درجو وڌڻ ڪري سنگ ٽٽڻ ۽ داڻن ڇڻڻ جو انديشو هوندو آهي‪ .‬البارو زمين سان الئي‬
‫ڪرڻ گهرجي ته جيئن بهه وڌيڪ حاصل ٿئي الباري ڪرڻ وقت تڪڙ بلڪل نه ڪجي ۽ سٿريون‬
‫هڪ مهاڙيون ٺاهجن ۽ ڪوشش ڪري گڏ ڪري ڊڀن ۽ سرن مان ٺهيل نوڙين يا نئين پراڻي واڻ‬
‫سان ننڍا ننڍا گڏا ٻڌي ڇڏجن‪ .‬ڇو ته هن وقت تيز هوا‪ ،‬برسات ۽ ڳڙي وغيره جو خطرو هوندو آهي‪.‬‬
‫پوِء جيڪڏهن گڏا ٻڌل نه هوندا ته ول ٽڙي پکڙي زيان ٿي ويندي‪ .‬گڏن کي ٻن ٽن ڏينهن الِء ٻني ۾‬
‫رهڻ ڏجي ته جيئن ول چڱيَء طرح سڪي وڃي ۽ ان ڳاهه جي مشين مان آساني سان صاف ٿي‬
‫نڪري سگهي ۽ داڻا ڀڄي ٽٽي زيان نه ٿين‪.‬‬

‫ذخيرو‪:‬‬
‫ڪڻڪ کي ذخيري وارن جيتن کان بچاَء الِء َان ديري مان صاف ٻورين ۾ ڀرجي ۽ گندين کي صاف‬
‫ڪجي‪ .‬گهرن ۾ ننڍي سطح تي ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ الِء ڪڻڪ کي چڱيَء طرح اس ۾ سڪائي‬
‫صاف گنديَء ۾ وجهي نم جا پن وجهي فاسٽاڪسن جون گوريون وجهي هوا بند ڪري ڪنهن‬
‫کليل هوادار ۽ ڇانوري واري جاِء تي رکڻ گهرجي‪ .‬پر جي ڪڻڪ وڏي پئماني تي ذخيرو ڪرڻي‬
‫هجي ته ‪ 2‬ڪلو چن ‪ 2‬ڪلو توتيو الڳ الڳ پالسٽڪ جي ٿانو ۾ ‪ 24‬ڪالڪ ڳاري ڪپڙي ۾ ڇاڻي‬
‫ڪري ‪ 50‬لٽر پاڻيَء ۾ مالئي گدام جي ڀتين‪ ،‬ڇت ۽ فرش تي پوچي ڪرڻ گهرجي‪ .‬اهو عمل‬
‫ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ کان هڪ مهينو اڳ ڪرڻ گهرجي ۽ بعد ۾ فاسٽاڪسن جون گوريون وجهي‬
‫گدام کي هوا بند ڪجي‪.‬‬

‫آِء سي ٽي زرعي توسيعي مرڪز‬


‫حڪومت سنڌ‬
‫ِ‬ ‫ڊائريڪٽوريٽ جنرل زرعي توسيع‪ ،‬زراعت کاتو‬
‫‪ICT Agricultural Extension Services Center, Directorate General Agriculture Extension, Agriculture,‬‬
‫‪Supply & Prices Department Government of Sindh, Block-F, Shahbaz Building Hyderabad.‬‬
‫‪Helpline: +92 3111646111 Email:5ictagriextensionsindh@gmail.com‬‬
‫‪www.ictagrisindh.gov.pk‬‬

You might also like