سنڌ ۾ راءِ دور (495ع کان 632ع)

You might also like

Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 2

‫صاحب خان سوره ميراڻي‬

‫راِء دور (‪ )495-632‬۾ تاريخي ‪ ،‬سماجي ۽ ادبي پسمنظر‬


‫۔‬
‫‪ ‬سنڌ جي تاريخ جا مستند حواال راِء گهراڻي جي دور حڪومت ۾ ملن ٿا ۔ هن دور ۾‬
‫ٻڌمت مذھب کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي ۔‬
‫‪ ‬ڪتاب چچ نامون واحد ماخذ آھي جيڪو عرب دور ۾ لکيو ويو ‪ ،‬جنهن ۾ سنڌ‬
‫جي حالت بابت آگاهي ملي ٿي ۔‬
‫‪ ‬چچ نامي مطابق سنڌ جي سرحد اتر ۾ ڪيڪانان ۽ ڪردن جي جبل تائين ‪ ،‬اوڀر ۾‬
‫ڪشمير تائين ‪ ،‬ڏکڻ ۾ ديبل سمنڊ تائين ۽ اولھ ۾ مڪران تائين ھيون ۔‬
‫‪ ‬سنڌ ملڪ چئن صوبن برهمڻ آباد ‪ ،‬سيوستان ‪ ،‬ڀاٽيہ ۽ ملتان تي مشتمل هيو ‪،‬‬
‫گاديَء جو هنڌ الور هيو ۽ ديبل کي ملڪ جي ٻين حصن کان وڌيڪ اھميت‬
‫حاصل هئي ۔‬
‫‪ ‬سنڌ ۾ نديون ‪ :‬مھراڻ ‪ ،‬بياس ‪ ،‬راوي ‪ ،‬پورالي ‪ ،‬ٻڌنو ‪ ،‬وهار ‪ ،‬ڪنوهار جو ذڪر ملي‬
‫ٿو ۔‬
‫‪ ‬ذاتين ۾ ‪ :‬سما ‪ ،‬سيوس ‪ ،‬الکا ‪ ،‬سهتا ‪ ،‬جت ۽ برهمڻ جو ذڪر ملي ٿو ۔‬
‫‪ ‬هن دور ۾ اڪثريت سنڌوندي جي ڪنارن تي رهندي هئي ‪ ،‬مڇي مارڻ ‪ ،‬جانور پالڻ ‪،‬‬
‫شڪار ڪرڻ ۽ زراعت مکيہ ڌنڌا هيا ۔‬
‫‪ ‬هن دور ۾ ملڪ اندر سڪا بہ ھيا ۽ دنيا سان واپار هلندڙ هيو ‪ ،‬ايڇ ‪ -‬ٽي لئمبرڪ‬
‫جي ڪتاب ” سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ “ سڪن کي انڊو‪ -‬ساساني سڏيو‬
‫ويندو هيو ۔ جيڪي ستين صدي ۾ رائج هيا ۔‬
‫‪ ‬هن دور جا ادبي ۽ تاريخي ڪتاب ‪ ،‬برهمڻ حڪمرانن جي باالدستي ۽ درياَء جي‬
‫جوالٽين سبب گم ٿي ويا ۔‬
‫‪ ‬چچ نامي ۾ راِء سهاسي ٻي بابت اچي ٿو تہ ھن وٽ رام نالي هڪ صاحب هيو ‪،‬‬
‫جيڪو سڀني دفتري ڪمن جي خط و ڪتابت ڪندو هيو ۔ راجا چچ تعليم جو‬
‫وزير هيو ‪ ،‬جيڪو مذھبي علوم سان گڏ دنوي علمن جو بہ ماهر هيو ۔‬
‫‪ ‬هن دور ۾ سنڌي ماڻھو جيڪا ٻولي ڳالهائيندا هيا اها ڪهڙي ٻولي رائج هئي ۽‬
‫ڪهڙي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي ‪ ،‬معلوم نٿو ٿي ‪ ،‬مورخن جو خيال آھي تہ ”‬
‫ان دور ۾ سنسڪرت ‪ ،‬هندي ۽ فارسي جي مالوٽ سان سنڌي ٻولي هلندڙ هئي “ ۔‬
‫‪ ‬هن دور ۾ سنڌي ادب موجود هيو مگر لکت ۾ ڪو ثبوت ملي نہ سگھيو آھي ۔‬

You might also like