سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد cc

You might also like

Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 15

‫سنڌي ٻوليء جو بڻ بڻياد‬

‫ڪيترائي عالم ۽ محقق سنڌي زبان جي اصل نسل ڳولهڻ الء جدوجهد ڪندا رهيا آهن ۽ ڪري رهيا‬
‫آهن ‪.‬هيسيتائين جيڪي به نظريا مليا آهن سي هڪٻئي ڪان بنهه مختلف آهن ‪.‬هن وقت تائين ٽي مشهور‬
‫نطريا سنڌي ٻوليء جي بڻ بڻياد بابت آيا آهن سي هي آهن‬

‫سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتي آهي ‪.:‬ڊاڪٽر ٽرمپ‬


‫سنڌي ٻولي بنيادي طور تي سڌو سنئون سنسڪرت ڪان اڳ واري دور جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي‬
‫آهي ‪:‬ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ‬
‫سنڌي ٻولي سنسڪرت ڄائي نه پر سنسڪرت ٻولي سنڌي ڄائي آهي ‪:‬سراج احمد‬

‫پهرين نظريي جي مطابق سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڌيء آهي‬


‫ٻئي نظريي جي مطابق سنڌي ٻولي سنسڪرت ٻوليء جي ڀيڻ آهي‬
‫ٽئين نظريي جي مطابق سنڌي ٻولي سنسڪرت ٻوليء جي ماء آهي‬

‫‪.‬ڪيتريئي ڇنڊ ڇاڻ ڪانپوء هيء ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته سنڌي ٻولي سننسڪرت جي ڌيء ناهي‬
‫اِن جا دليل هيٺ ڏنا ٿا وڃن‬

‫سنڌيء مان جيڪڌهن ڌاريا لفظ خارج ڪجن ته به ايترا لفظ بچن ٿا جو پورو مڪالمو ترتيب ڏئي‬
‫‪.‬سگهجي‬

‫جڏهن آريه هندوستان ۾ داخل ٿيا ۽ ملتان ۽ ڪشمير ۾ ديرو ڄمايائون تنهن کانپوء مقامي ٻوليون آرين‬
‫جي اثر هيٺ رهيون ‪.‬سنسڪرت تنهن وقت گنگا جمنا دوآبي ۾ پنهنجون ارتقائي منزلون طئي ڪري‬
‫رهي هئي‪ ،‬سنڌ ۾ ان وقت به قديم سنڌي رائج هئي ۽ ‪ 600‬قبل مسيح تائين جيڪو سنڌي ٻوليء تي اثر‬
‫!پوندو رهيو سو پڻ ملتان ۽ ڪشمير وارن عالئقن جي ٻوليء جو هو‪ ،‬نه ڪي سنسڪرت جو‬

‫هڪ عام خيال آهي ته هندوستان جون جملي ٻوليون سنسڪرت ڄايون آهن تنهنجيڪري سنڌيء الء به‬
‫‪.‬اهو خيال آهي‬

‫‪.‬سنڌي گرامر سنڌي ٻوليء کي سنسڪرت ۽ ان مان نڪتل ٻين ٻولين کي الڳ ڪري ٿو‬

‫هندن مذهب جي بنياد تي سنڌي ٻوليء کي سنسڪرت يا عربي ڄائي سمجهيو ‪.‬پر جيئن ته عربي ٻاهرين‬
‫‪.‬ٻولي آهي تنهنجيڪري پهرين خيال کي وڌيڪ ترجيح ڏنائون‬

‫‪.‬يعني ثابت ٿيو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت ڄائي ناهي‬


‫ڊاڪٽر غالم علي االنا چوي ٿو ته ڪن به ٻن يا وڌيڪ زبانن جي تقابلي مطالعي الء جن اهم جزن جي‬
‫‪:‬اڀياس ۽ ڀيٽ جي ضرورت آهي اهي هي آهن‬

‫صوتي هڪجهڙايون‬
‫لفظن جي ڌاتن جون هڪجهڙايون‬
‫اسمن ۽ فعلن جي گردانن جون هڪجهڙايون‬
‫گردانن جي بناوٽ جا هڪجهڙا اصول‬
‫ضمير ۽ حرفن ۾ هڪجهڙايون‬

‫جيڪڏهن اهي سڀ هڪجهڙايون ڪن به ٻن يا وڌيڪ ٻولين ۾ شامل هجن ته سمجهبو ته هڪ ٻولي ٻي‬
‫‪.‬ٻوليء مان ڦٽي نڪتي آهي يا ٻئي ٻوليون ڪنهن هڪ ئي ٻوليء جون ڦٽل شاخون آهن‬

‫سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليء ۾ اهڙيون بيشمار هڪجهرايون آهن تنهنجيڪري ٻئي ٻوليون ڪنهن به هڪ‬
‫‪.‬ئي بنياد مان ڦٽل پيون لڳن‬

‫هاڻي جيڪڏهن ٻنهي ٻولين جو بنياد هڪ ئي ٻولي هئي ته اها ڪهڙي بنيادي ٻولي هئي؟ انهيء جو‬
‫‪.‬جواب ديوان ڀيرومل جي ڪتاب ۾ ملي ٿو‬

‫ديوان صاحب سنسڪرت جي معني صاف ٿيل يا سڌاريل ڪئي آهي ‪.‬پوءِ اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي‬
‫ٿو ته هڪ اصلوڪي ٻولي ڪنهن سڌاريل يا صاف ڪيل ٻوليء مان ڦٽي نڪتي هجي جڏهن ته هوء‬
‫‪.‬پاڻ ڪنهن ٻي ٻوليء جي سڌاريل شڪل آهي‬

‫‪.‬بنيادي ٻولي جنهن مان ٻئي ٻوليون ڦٽي نڪتيون آهن اها پراڪرت آهي جنهن جا لهجا ڌار ڌار هئا‬

‫ڊاڪٽر االنا لکي ٿو ته ”ماهرن جي بيان ڪيل نظرين جي مطابق چئي سگهجي ٿو ته سنڌي سنسڪرت‬
‫جي شاخ نه آهي ‪.‬سنڌي‪ ،‬سنسڪرت ۽ لهند ٽنهي جو اصل بنياد قديم پراڪرت جي هڪ ئي لهجي يعني‬
‫“‪.‬اڌيچيه لهجي جو هڪ محاورو ”وارچڊ اپڀرنش“ آهي‬

‫سنڌي ڊرامو‬

‫نقل ڪرڻ انساني فطرت ۾ شامل آهي ‪.‬ڊراموهڪ معاشري جو عڪس آهي ‪.‬معاشري ۾ تبديليون اينديون‬
‫رهنديون آهن تنهنجيڪري ڊرامو به تبديل ٿيندو رهي ٿو ‪.‬ڊرامي جو اصل مقصد قوم کي درپيش مسئلن‬
‫کي اجاگر ڪري انهن جو حل ٻڌائڻ ۽ قومي مفاد وٽان تبليغ ۽ تلقين جا فرائض بجا آڻڻ آهي ‪.‬تفريح مهيا‬
‫ڪرڻ پڻ ڊرامي جو هڪ مقصد آهي‬
‫ڊرامي جون فني خوبيون‬

‫ڊرامي جا مکيه ٻه قسم آهن‬

‫ٽريجڊي‬
‫ڪاميڊي‬

‫ٽريجڊي ڊرامن جي پڄاڻي ڏک سان ٿئي ٿي ۽ ناظرين تي انهن جو گهرو اثر ٿئي ٿو ‪.‬انهن ڊرامن جي‬
‫هڪ خاصيت اها به آهي ته ناظرين ڪردارن جو ڏک پنهنجو ڏک سمجهن ٿا ‪.‬اهڙي طريقي سان‬
‫ڏسندڙن جي اصالح به ٿئي ٿي ۽ ذهني نشونما به‬

‫ڪاميڊي ڊرامن ۾ رڳو کل ۽ خوشي هوندي آهي ‪.‬انهن ڊرامن جو مقصد ڏکويل دلين کي ڪجهه گهڙيون‬
‫سڪون جون مهيا ڪرڻ هوندو آهي‬

‫ان کان عالوه ڊرامي ۾ هيٺيون خوبيون هجڻ گهرجن‬

‫پالٽ جاندار ۽ حالتن پٽاندر هجي‬


‫ڊائالگ زندگيء سان ڀرپور هجن‬
‫ڪهاڻيء جو تسلسل ٽٽڻ نه گهرجي‬
‫آغاز ۽ انجام پر تاثر هجي‬
‫ڊرامو سبق آموز ۽ تفريحي هجي‬
‫فحاشي ۽ هلڪڙائي نه هجي‬
‫ڊرامو سياسي‪ ،‬سماجي ۽ معاشرتي مسئلن جي عڪاسي ڪندڙ هجي‬

‫سنڌي ڊرامي جي ارتقا‬

‫اوڻيهين صدي جي آخر ۾ هندوستان کان ناٽڪ منڊليون آيون ۽ ڊرامه ڪيائون ‪.‬تنهن کانپوء سنڌ ۾ ڊرامي‬
‫لکڻ جي شروعات ٿي‬

‫اوائلي سنڌي ڊرامو (‪1894‬ع کان ‪1880‬ع )‬

‫ع ۾ ”ليلي مجنون“ ڊرامو لکي مرزا قليچ بيگ سنڌي ڊرامن جو بنياد وڌو ‪.‬تنهن کانپوء ٻين‪1880‬‬
‫اديبن ان ۾ چاهه ورتو ۽ ديوان ڪوڙي مل ڪيترائي ڊرامه لکيا جن مان ”رتنا ولي“ شاهڪار هو‬

‫هي ڊراما ‪1894‬ع تائين صرف ڪتابن ۾ رهيا ‪1894.‬ع کانپوء ڪيترن ئي ناٽڪ منڊلين جو بنياد‬
‫‪.‬وڌو ويو‬

‫هن دو ۾ ڪيترائي هندي‪ ،‬اردو‪ ،‬بنگالي ۽ گجراتي ڊراما ترجمو ڪيا ويا ‪.‬ان وقت جا ڪجهه اهم ڊراما‬
‫نگار هي آهن‬
‫ماستر ڄيٺانند‪ ،‬لوڪ سنگه ۽ ليالرام سنگه‬

‫ڊرامي جو ٻيو دور ‪1894‬ع کان ‪1923‬ع‬

‫حقيقت نگاري جو دور _هن دور ۾ ڊراما انگريزيء تان ترجمو ڪيا ‪.‬جيڪڏهن هن کي انگريزي ڊرامن‬
‫جي ترجمي جو دور چئجي ته به وڌاء نه ٿيندو ‪.‬هن دور ۾ انساني جدوجهد ۽ تدبير کي اهميت ڏني وئي‬
‫۽ انهيء نظريي جي پرچار ڪئي وئي ته انساني تقدير‪ ،‬انساني جدوجهد سان ئي ٺهندي آهي‬

‫هن دور ۾ مرزا صاحب ڪيترائي انگريزي ڊارما ترجمو ڪيا جن جو تفصيل هيٺين ريت آهي‬

‫ڪنگ ليئر_شاه ايليا‬


‫مرچنٽ آف وينس_حسنا دلدار‬
‫روميو جوليٽ_فيروز دل افروز‬
‫نيڪي بدي ۽ ڪاليداس جهڙا ڊراما پڻ ترجمو ڪيائين‬

‫هن دور جي ٻين ڊراما نويسن ۾ ڀيرومل مهر چند آڏواڻي‪ ،‬ڄيٺمل پرسرام‪ ،‬الل چند امرڏنو مل ۽ ليکراج‬
‫عزيز نمايان آهن‬

‫ناٽڪ منڊلين جو قيام‬

‫پهرين ناٽڪ منڊلي ‪1894‬ع ۾ ڊي_جي ڪاليج ۾ ”اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائيٽي“ جو بنياد پيو جنهن‬
‫۾ ‪1913‬ع تائين ڊراما ڏيکاريا ويا‬

‫ع ۾ حيدرآباد اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽي برپا ٿي‪1896‬‬

‫ع ۾ ڌرم آپڪا اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائيٽي شڪارپور قائم ٿي‪1917‬‬

‫ڊرامي جو ٽيون دور ‪1923‬ع کان ‪1947‬ع‬

‫سماجي مسئلن جو دور _خانچند درياڻي هن دور جو سڀ کان وڏو ڊراما نگار هو ‪.‬سنس موضوع‬
‫سماجي مسئال“ هو ‪.‬سندس ڪجهه ڊراما هي اهن”‬

‫جيئري ئي جيئري‪ ،‬ديش صدقي‪ ،‬بک جو شڪار‪ ،‬مايا جو انڌ وغيره ‪.‬هن دور ۾ لوڪ ڪهاڻيون پڻ‬
‫لکيون ويون ‪.‬ڪجهه اهم ڊراما نگار هي آهن ‪:‬منگهارام ملڪاڻي‪ ،‬محمد عثمان ڏيپالئي‪ ،‬محمد اسماعيل‬
‫عرساڻي‬

‫ڊرامي جو چوٿون دور‬


‫ورهاڱي کانپوء ڊرامي لکڻ جو ڪم گهٽجي ويو پر وري آهستي آهستي ڊراما لکجڻ لڳا ‪.‬پر هاڻي دنيا‬
‫بدلجي چڪي هئي ‪.‬سائنسي دور جو اثر ڊرامي تي به پيو ‪.‬تنهن جيڪري ڊرامو ٽن حصن ۾ ورهائجي‬
‫ويو سي هي آهن‬

‫‪.‬فلمي ناٽڪ جو دور _سنڌي ڊرامي اسڪرين جي شڪل ورتي ۽ فلم ”ايڪتا“ بمبئي مان نروار ٿي‬
‫‪.‬هيء فلم مرحوم رئيس ڪريم بخش نظاماڻيء ٺاهي ‪.‬ٻي فلم ”عمرمارئي“ حسين شاه فاضالڻيء ٺاهي‬
‫تنهن کانپوء سنڌي فلمون ٺهنديون رهيون ۽ اڃ به ٺهن پيون‬

‫ريڊيائي ناٽڪ جو دور_ ريڊيو تان پهريون سنڌي ناٽڪ ”موسم ۽ مجبوري“ مصطفي قريشي پيش‬
‫ڪيو ‪.‬ان کانپوء ممتاز مرزا‪ ،‬آغا سليم‪ ،‬علي مرزا‪ ،‬سراج ميمڻ ڪيترائي ڊراما پيش ڪيا‬

‫ٽي وي ناٽڪ جو دور _پاڪستان ٽيليويزن تان جڏهن سنڌي پروگرام پيش ٿيا ته ڊرامو به پيش ڪيو‬
‫ويو ‪.‬ممتاز مرزا‪ ،‬امرجليل‪ ،‬علي بابا‪ ،‬آغا سليم‪ ،‬عبدالقادر جيڻيجو ۽ نورالهدي شاه ڪيترائي ڊراما پيش‬
‫ڪيا ‪.‬علي بابا جي ڊرامي ”دنگي منجهه درياء“ بين االقامي ايوارڊ به حاصل ڪيو‬

‫ان کان عالوه اسٽيج به ڪافي ترقي ڪئي ‪.‬مختلف شهرن جهڙوڪ ڪراچي‪ ،‬حيدرآباد‪ ،‬الڙڪاڻو ۽‬
‫سکر ۾ ڪيترائي اسٽيج ڊراما پيش ڪيا وڃن ٿا ‪.‬ڊرامي جو فن مسلسل ترقي پيو ڪري ۽ اڄڪلهه‬
‫‪،‬ڊرامو پنهنجي چئني روپن ۾ مقبول ٿي رهيو آهي ‪.‬منجهس ڪيئي الڙا جهڙوڪ _حقيقت پسندي‬
‫جمهوريت‪ ،‬قوميت ۽ سماجي انقالب وغيره ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪا هڪ سٺي عالمت آهي ‪.‬اميد ٿي ڪجي‬
‫ته سنڌي ڊرامو اڃا به وڌيڪ منزلون ماڻيندو‬
‫__________________‬

‫سنڌي ناول‬

‫ناول انگريزي لفظ آهي جنهن جي معني ”نمونو“ يا ”نواڻ“ آهي ‪.‬ناول انساني جذبات سان گڏوگڏ قومي‬
‫زندگيء جو عڪس پڻ هوندو آهي ‪.‬انگريزي ادب ۾ ناول کي اهميت ان جي نتيجي ۾ برپا ٿيل انقالبن‬
‫‪.‬جي سبب کان آهي‬

‫ناول جون فني خوبيون‬

‫پالٽ‪ ،‬سيرت سنگاري‪ ،‬خاص مقصد‪ ،‬حقيقت پسندي‪ ،‬فصاحت ۽ بالغت ۽ اخالقيات ناول جي اهم خوبين‬
‫‪.‬منجهان آهن‬

‫ناول جا قسم‬
‫ناول جا هيٺيان مکيه قسم آهن‬

‫واقعاتي ناول‬
‫ڊرامائي ناول‬
‫جاسوسي ناول‬
‫سماجي ناول‬
‫نفسياتي ناول‬
‫تاريخي ناول‬

‫سنڌي ناول جي تاريخ‬

‫سنڌي ناول جي ابتدا ترجمن کي سمجهڻ گهرجي يا اصلوڪن سنڌي قصن ۽ ڪهاڻين کي اهو هڪ ادبي‬
‫بحث آهي ‪.‬محمد اسماعيل عرساڻي سنڌي قصن کي سنڌي ناول جي ابتدا ڪوٺيو آهي جن ۾ ڀنڀي جي‬
‫ڳالهه‪ ،‬سڌاتورو‪ ،‬۽ ڪڌاتورو شامل آهن‬

‫سنڌي ناول جو اوائلي دور ‪1870‬ع کان ‪1923‬ع‬

‫هن دور کي ترجمن جو دور به چئي سگهجي ٿو ‪.‬ديوان اڌارام ۽ ساتو نولراء گڏجي ڊاڪٽر جانسن جي‬
‫‪.‬ناول ”راسيالس“ کي سنڌيء ۾ ترجمو ڪيو ‪.‬تنهن کانپوء ڪيترائي ناول ترجمو ٿيا‬

‫ع ۾ سيرو مل ساگراڻيء جو طويل ناول ”هردلعزيز“ عرف ”چندرڪانتاسنتي“ قسطوار ڇپيو‪1910‬‬

‫اوائلي خودساخته ناول‬

‫مرزا قليچ بيگ اصلوڪا سنڌي ناول لکيا ‪.‬هن ‪1888‬ع ۾ پهريون اصلوڪو سنڌي ناول ”دالرام“ ۽‬
‫ٻيو ”زينت“ ‪1895‬ع ۾ لکيو ‪.‬بيگ صاحب کانپوء لعل چند امرڏنو مل به ڪافي اصلوڪا ناول لکيا‬
‫جن ۾ ”چوٿ جو چنڊ“ ۽ ”ڀرم جي ڀالئي“ شامل آهن‬

‫ڊاڪٽر گربخشاڻي ‪1915‬ع ۾ ”نورجهان“ ناول لکيو ‪.‬هن دور ۾ سماجي‪ ،‬اخالقي‪ ،‬رومانوي ناول لکيا‬
‫ويا ‪.‬ڪجهه جاسوسي ناول پڻ هن دور ۾ لکيا ويا‬

‫سنڌي ناول جو ٻيو دور‪1923‬ع کان ‪1947‬ع‬

‫هي دور سياسي ڪشمڪش جو دور هو ‪.‬سياسي ۽ تاريخي ناول لکيا ويا ‪.‬صاحب سنگهه شاهاڻي جو‬
‫بلو کوکر“ (‪1930‬ع )۽ عبد الرزاق جو ناول ”جهان آرا“ (‪1931‬ع )ڪافي مشهور ٿيا”‬

‫محمد عثمان ڏيپالئي هن دور جو اهم نالو آهي ‪.‬پاڻ ‪1939‬ع کان لکڻ شروع ڪيائين ۽ گهڻو ڪري‬
‫تاريخي ناول لکيائين جن جو تعداد لڳ ڀڳ هڪ سئو آهي ‪.‬ان کان عالوه پروفيسر رام پنجواڻي‪ ،‬نارائڻ‬
‫داس ڀمڀاڻي به هن دور ۾ اصلوڪا ناول لکيا‬

‫هن دور ۾ مجموعي طور تي سياسي ۽ تاريخي ناول لکيا ويا جيڪي حقيقت تان پردوکڻن ٿا ‪.‬پر ورهاڱي‬
‫‪.‬سبب سنڌي ناول ٻين صنفن وانگر وري پوئتي پئجي ويو‬

‫ورهاڱي کانپوء وارو دور‬

‫هن دور ۾ ناول ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ترقي ڪئي جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا ‪.‬تنهن‬
‫هوندي به ڪجهه ناول نگارن ڪامياب تجربا ڪيا ‪.‬تنهن جو ڪجهه تفصيل هيٺ ڏجي ٿو‬

‫‪،‬سراج الحق ميمڻ _سراج الحق ميمڻ پڙاڏو سوئي سڏ‪ ،‬مرڻ مون سين اء‪ ،‬منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‬
‫تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول ۽ منهنجي دنيا مرگه ترشنا اهم ناول لکيا ‪.‬پهريان ٻه ناول ارغونن ۽‬
‫ترخانن جي ظلم ۽ ڏاڍ جي داستان آهن‬

‫ڊاڪٽر نجم عباسي _ڊاڪٽر نجم عباسي پنهنجي ناولن نه فقط ڌرتي جا ڏک ۽ مسئال ٻڌائي ٿو پر سندن‬
‫قابل قبول حل پڻ ڏئي ٿو ‪.‬سندس ناول بلنديون‪ ،‬تالش ۽ پيار ڪهاڻي تمام گهڻا مشهور ٿيا‬

‫آغا سليم _آغا سليم هن دور جو منفرد اديب آهي ‪.‬هو سونهن‪ ،‬سچائي‪ ،‬تهذيب ۽ اعلي انساني قدرن جو‬
‫علمبردار آهي جيڪو هن جي ناولن اونداهي ڌرتي روشن هٿ‪ ،‬اڻپورو انسان‪ ،‬روشنيء جي تالش ۽ هم‬
‫اوست مان ظاهر ٿئي ٿو‬

‫ناول جي صنف تي ڪيترائي الها چاڙها آيا پر ناول جيئن اڳ هميشه هر مشڪل ۽ آسان دور ۾ لکبو‬
‫رهيو اڄ به نه فقط لکجي ۽ پڙهجي رهيو آهي پر ان ۾ ڪجهه نوان تجربا پڻ ٿي رهيا آهن‬
‫__________________‬

‫سنڌي مضمون نويسي‬

‫مضمون نويسي به سنڌ ۾ انگريزن جي معرفت آئي ‪.‬مضمون عام طرح سان هڪ درمياني طوالت واري‬
‫نثري تحرير آهي ‪.‬مضمون نثر جي هڪ اهڙي صنف آهي جنهن ۾ ڪنهن ادبي‪ ،‬فلسفيانه يا سماجي‬
‫موضوع تي شخصي يا تاريخي نظر کان روشني وڌي وئي هجي ‪.‬مضمون نگاريء ۾ انفرادي سوچ ۽‬
‫فڪر‪ ،‬ڪالم ۽ گفتگو جي انداز‪ ،‬ذاتي مشاهدي ۽ تجربن ۽ پنهنجي افتاد طبع جو گهڻو دخل هوندو آهي‬

‫مضمون ۾ باقاعده ربط نه هوندو آهي ‪.‬مضمون نگار ڪٿي ڪو واقعو بيان ڪندو آهي ته وري ڪٿي‬
‫طنزو مزاج‪ ،‬ڪٿي ذاتي مشاهدو ته وري ڪٿي تخيالت ۽ منظرنگاريء ۾ گم ٿي ويندو اهي ‪.‬مطلب ته‬
‫سڀ هيال استعمال ڪري مضمون کي وڌ کان وڌ دلچسپ بڻائيندو ويندو آهي ‪.‬مضمون لکڻ دوران‬
‫هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ گهرجن‬

‫نثر ۾ هجڻ گهرجي‬ ‫مضمون‬


‫جي طوالت درمياني هجڻ گهرجي‬ ‫مضمون‬
‫جو تعلق موضوع جي ّخارجي پهلو سان هجي‬ ‫مضمون‬
‫۾ مضمون نگار جي شخصيت جو عڪس ظاهر هجڻ گهرجي‬ ‫مضمون‬
‫عام‪ ،‬سادي‪ ،‬سوادي ۽ دلچسپ ٻوليء ۾ هجي‬ ‫مضمون‬

‫سنڌي مضمون نگاريء جي تاريخ‬

‫سنڌي شاعريء جون سموريون صنفون گهڻو ڪري برصغير جي ٻولين کان متاثر آهن پر نثر جون لڳ‬
‫ڀڳ سڀ صنفون مغربي ملڪن جي ادب کان متاثر آهن ‪.‬سنڌي مضمون جي تاريخ کي ٽن حصن ۾‬
‫ورهائي سگهجي ٿو‬

‫پهريون دور (‪1861‬ع کان‪1900‬ع)‬

‫سنڌي مضمون نويسيء جي ابتدا ‪1861‬ع ۾ سنڌي صحافت جي وجود ۾ اچڻ کانپوء ٿي ‪.‬پهرين سنڌي‬
‫اخبار مرزا محمد صادق ‪1861‬ع ۾ جاري ڪئي ‪.‬تنهن کانپوء ڪجهه ئي وقت ۾ ٻيون اخبارون‬
‫نڪتيون جن ۾ سنڌي مضمون ڇپجڻ لڳا ‪”.‬سرسوتي مخزن“ ۽ ”جوت“ جا مضمون ”هيري جون‬
‫ڪهاڻيون“ ۽ ”گل ڦل“ جي نالي سان شايع ڪيا ويا ‪.‬مرزا قليچ بيگ هن دور جو نمايان مضمون‬
‫نگار ۽ ترجمه نگار هو ‪.‬هن دور جا مضمون گهڻو ڪري سماجي‪ ،‬اخالقي‪ ،‬تعليمي ۽ سير سياحت تي‬
‫مشتمل هئا‬

‫ٻيو دور (‪1900‬ع کان ‪1947‬ع)‬

‫سال ‪1900‬ع تائين ڪيترائي رساال ۽ اخبارون وجود ۾ اچي چڪيون هيون جنهن جي نتيجي ۾ مضمون‬
‫نويسي ڪافي ترقي ڪئي ۽ هر قسم جا سنجيده‪ ،‬فلسفيانه ۽ طنزومزاح تي مشتمل مضمون لکيا ويا ‪.‬هن‬
‫دور جي مضمون نگارن ۾ شمس الدين بلبل‪ ،‬ڄيٺمل پرسرام‪ ،‬محمد هاشم مخلص‪ ،‬موالنا دين محمد‬
‫وفائي‪ ،‬منگهارام ملڪاڻي‪ ،‬حڪيم فتح محمد سيوهاڻي‪ ،‬ڊاڪٽر داود پوٽو ۽ محمد اسماعيل عرساڻي شامل‬
‫آهن ‪.‬هن دور ۾ هيٺيان مشهور مضمونن جا مجموعا شايع ٿيا‬

‫چڻنگون_تيرٿ سنت‬
‫ادبي گنچو_نارائڻ داس ڀمڀاڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻي‬
‫ادبي آئينو_ليکراج عزيز‬
‫ڳوٺاڻي چهر ۽ انار دانا_نارائڻ داس ملڪاڻي‬
‫سدا گالب_الل چند امر ڏنو مل‬
‫درس عمل_عثمان علي انصاري‬
‫ٽيون دور (ورهاڱي کان اڄ تائين)‬

‫برصغير جو ورهاڱو سنڌي ادب تي تمام گهڻو اثرانداز ٿيو ‪.‬ورهاڱي سبب جيڪي سنڌي هندوستان لڏي‬
‫ويا سي نه فقط ناميارا اديب هئا پر سنڌي پريس پڻ انهن وٽ هئي‪ .‬انهن جي وڃڻ جي ڪري سنڌ جي‬
‫ادبي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو ‪.‬جيڪا بي سروساماني پيدا ٿي ان کي سياسي ڪشمڪش ۽‬
‫معاشي بدحالي ويتر وڌائي ڇڏيو‬

‫‪.‬ورهاڱي کانپوء سنڌي ادب جي ٻين صنفن سان گڏوگڏ مضمون نويسيء جي صنف کي به نقصان رسيو‬
‫“مضمون نگاريء جي بقا جا آثار تڏهن پيدا ٿيا جڏهن ڪجهه رساال جهڙوڪ ”نئين زندگي“ ۽ ”مهراڻ‬
‫شايع ٿيڻ لڳا ‪.‬تنهن کانپوء ٻيا رساال ۽ اخبارون پڻ سنڌي مضمون شايع ڪرڻ لڳا‬

‫هن دور جي شروعات ۾ محمد اسماعيل عرساڻي‪ ،‬ڪريم ڏنو راڄپر ۽ عطا حسين موسوي بهترين‬
‫مضمون نگار هئا ‪.‬تاريخي مضمونن ۾ چيتن ماڙيواال نمايان هو ‪.‬ان کانپوء علي محمد راشدي ۽ ڊاڪٽر‬
‫نبي بخش خان بلوچ پڻ ڪيترائي تاريخي مضمون لکيا‬

‫سنڌي مضمون ايڪيهين صدي عيسويء ۾‬

‫سنڌي مضمون نگاري ايڪيهين صدي عيسويء ۾ اڳ کان وڌيڪ ٿي رهي آهي پر بد قسمتيء سان انهن‬
‫جو معيار ماضيء جهڙو ناهي رهيو ‪.‬اڄڪلهه ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رساال سنڌي مضمون شايع‬
‫ڪن پيا جن ۾ مان مکيه هي آهن‬

‫ماهوار سهڻي‬
‫ماهوار سوجهرو‬
‫ٽه_ماهي مهراڻ‬
‫عبرت ميگزين‬
‫روزاني ڪاوش‪ ،‬عبرت‪ ،‬هالل پاڪستان وغيره‬
‫__________________‬

‫سنڌي شاعريء جون ڪجهه اهم صنفون‬


‫ڪافي‬

‫‪.‬ڪافي سنڌي شاعريء جي اهم صنف آهي جنهن جو مکيه موضوع مجازي عشق جو درد ۽ فراق آهي‬
‫ڪافي گهڻو ڪري عورت جي بزباني گفتگو ڪئي ويندي آهي ‪.‬وقت سان گڏوگڏ ڪافي جي موضوعن‬
‫۾ حسن ۽ عشق کان عالوه ٻيا به ڪيترائي موضوع شامل ٿي ويا جهڙوڪ تصوف ۽ قوميت وغيره‬
‫ڪي ماهر ان کي ”ڪافي“ ٿا چون ته ڪي وري ”قافي“ ‪.‬ڪي ماهر ان جي نسبت راڳ سان ڏيکارين‬
‫ٿا ته ڪي وري شاعريء سان ‪.‬ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مطابق ڪافي جو تعلق شاعريء سان آهي‬
‫پر اڪثر ماهر ان کي راڳ سان منصوب ڪن ٿا ‪.‬هو چون ٿا ته ڪافي امير خسرو جي ايجاد ڪيل‬
‫صنف آهي ‪.‬هن جي ڳائڻ جو وقت اڌ رات ۽ ٽاڪ منجهند مقرر ڪيو ويو ‪.‬راڳواريء موجب اروهي ۽‬
‫‪.‬امروهي جي سڀني سرن لڳڻ سبب ڪافي امير خسرو ان کي ڪافي ڪوٺيو‬

‫ڪافيء جي هئيت‬

‫‪.‬هئيت جي لحاظ کان هن جا ڪيترائي قسم آهن جيئن يڪيون‪ ،‬ڏيڍيون‪ ،‬ٻه تڪيون ۽ چوء تاريون‬
‫ڪافيء جو وزن ڪڏهن عرض ۽ ڪٿي موسيقي تي ٻڌل هوندو آهي‬

‫ڪن ماهرن مطابق سومرن ۽ سمن جي دور ۾ اسماعيلين جي چيل گانن کي ڪافي جو اوائلي نمونو‬
‫سمجهيو وڃي ٿو ‪.‬پر فني توڙي موضوعي لحاظ کان سچل کي ان جو موجد سڏيو وڃي ته وڌاء ناهي‬

‫بيت‬

‫ڳاهه سنڌي بيت جي قديم صورت آهي ‪.‬اوائلي دور ۾ قصي ۽ رومانوي داستانن کي پر اثر بڻائڻ الء‬
‫ڳاهه چيو ويندو هو ‪.‬ڳاهه جڏهن ترقي ڪئي ته ان بيت ۽ ڏوهيڙي جي شڪل ورتي‬

‫سنڌي بيت هندي ڇندوديا سان مطابقت رکن ٿا ‪.‬اسان وٽ ڇندوديا جا گهڻو ڪري ٻه قسم استعمال ڪيا‬
‫ويندا آهن‬

‫دوها ڇند_هن بيت ۾ ٻه سٽون ٿينديون آهن ۽ قافيو سٽن جي آخر ۾ ايندو آهي‬

‫مثال‬

‫تون چئو هللا هيڪڙو‪ ،‬وائي ٻي نه سک‬


‫سچو اکر من ۾‪ ،‬سوئي لکيو لک (شاه)‬

‫سورٺا ڇند_ٻه سٽا بيت پر قافيو وچ ۾‬

‫مثال‬

‫جوڳيء جاڳايو‪ ،‬ستو هوس ننڊ ۾‬


‫تنهان پوء ٿيوس‪ ،‬سندي پريان پيچري (قاضي قاضن)‬

‫دوها ڇند ۽ سورٺا ڇند جي ميالپ جا پڻ ڪجهه تجربا ڪيا ويا ۽ اهڙيء ريت سنڌي ادب ۾ ڪجهه‬
‫نيون صنفون وجود ۾ آيون‬

‫مثال‬

‫‪،‬سي ئي سيل ٿيام‪ ،‬پڙهئام جي پاڻان‬


‫اکر اڳيان اڀري‪ ،‬واڳون ٿي ورئام (قاضي قاضن)‬

‫بيت جا موضوع‬

‫بيت هر موضوع تي چيا ويا آهن ‪.‬ان ۾ حسن‪ ،‬عشق‪ ،‬فلسفو‪ ،‬فطرت نگاري‪ ،‬اعلي انساني قدر‪ ،‬مذهبي‬
‫رجحان (ڪبت )۽ نڙ بيت شامل آهن ‪.‬جديد بيت جي صنف کي شاه لطيف چوٽ تي پڄايو ‪.‬ٻيا اديب‬
‫جن بيت تي ڪم ڪيو تن ۾ شيخ اياز‪ ،‬طالب المولي‪ ،‬استاد بخاري شامل آهن‬

‫وائي‬

‫وائي سنڌي شاعريء جي مقبول ۽ عام صنف آهي ‪.‬شاه عبداللطيف پنهنجي سرن جي هر داستان کانپوء‬
‫وائي چئي آهي ‪.‬ڪن عالمن مطابق وائي ۽ ڪافي هڪ ئي شيء آهي پر حقيقت ۾ ٻئي الڳ الڳ‬
‫صنفون آهن‬

‫عام اصطالح ۾ ڪنهن به ڳالهه ۽ ٻوليء کي وائي چئبو آهي ‪.‬هن جو ڌاتو پرڪرت لفظ وايا ۽‬
‫سنسڪرت لفظ ورت آهي جنهن جي معني ”هجر“ آهي ‪.‬وائيء جو موضوع ته هجر ۽ فراق آهي پر‬
‫ڪجهه موقعن تي وائيء ۾ هجر ۽ فراق نه هوندو آهي ‪.‬فني لحاظ کان وائي کي بيت جي بدليل صورت‬
‫سڏي سگهجي ٿو ‪.‬وائي هڪ ڊگهو بيت آهي پر هن جي هر مصرع کانپوء پهرين سٽ جي پوئين اد جو‬
‫ورجاء ٿيندو آهي ‪.‬مثال طور‬

‫‪،‬عشق اسان وٽ آرائين‪ ،‬جيئن آيو جهول ڀري‬


‫‪،‬ڪوئي ڪيئن ڪري‬
‫‪،‬موتئي جهڙي مرڪ پريئن جي‪ ،‬مڳرو ماٺ ڪري‬
‫‪.‬ڪوئي ڪيئن ڪري‬
‫شيخ اياز‬

‫مولود‬

‫هي نج سنڌي ٻوليء جي صنف آهي ۽ نعتيه شاعريء جي دائري ۾ اچي ٿي ‪.‬مولود لفظ جي لغوي معني‬
‫آهي نئون ڄاول ٻار ‪.‬اسالم برصغير ۾ سڀ کان پهريان سنڌ ۾ داخل ٿيو ‪.‬مقامي ماڻهو نبي صلي هللا عليه‬
‫وسلم جن جي زندگيء مان متاثرٿي سندس والدت جي نسبت سان شاعري ڪرڻ لڳا جنهن کي مولود‬
‫چيو وڃي ٿو‬
‫مولود جي فني جوڙجڪ‬

‫مولود جي صنف فني اعتبار کان وائي ۽ ڪافي جي دائري ۾ اچي ٿي پر جيئن ته وائي ۽ ڪافي سازن‬
‫ساڻ چئي ويندي آهي تنهن جيڪري مولود وائي ۽ ڪافي کان بنهه مختلف آهي ‪.‬سنڌ ۾ مولود جي صنف‬
‫ڪافي مقبول آهي ۽ مولود هڪ منفرد انداز سان ٽولن جي صورت ۾ چيا ويندا آهن‬

‫غزل‬

‫غزل سنڌي شاعريء جي هڪ اهم صنف آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ سنڌي ادب جي ڪنهن ٻي صنف‬
‫‪.‬کان گهٽ مقبول ناهي‬

‫غزل جي وصف‬

‫عالمه آء آء قاضي چوي ٿو ته لفظ غزل عربي زبان مان نڪتو آهي جنهن جو مفهوم آهي ”سهڻن سان‬
‫محبت جو ڳالهيون ڪرڻ“ ‪.‬پر هڪ ٻيو لفظ غزاال آهي جنهن جي معني آهي ڪتڻ يا وٽڻ ‪.‬مونکي‬
‫پڪ آهي ته غزل غزاال مان ئي ورتو ويو هوندو ‪.‬هڪ ٻيو لفظ آهي غزال (هرڻي )۽ ڪن جو رايو‬
‫آهي ته غزل ان مان ئي نڪتل آهي ‪.‬جيڪڏهن ان مان نڪتو هوندو ته به هرڻيء جي اڇانگ ۽ غزل‬
‫‪.‬گو شاعرن جي پرواز ۾ ڪافي مناسبت آهي‬

‫غزل جون فني خوبيون‬

‫ڪيترن ئي شعرن جو مجموعو هوندو آهي‬ ‫غزل‬


‫جو هر شعر پنهنجي جڳهه تي هڪ مڪمل مضمون رکي ٿو‬ ‫غزل‬
‫جي پهرين شعر (مطلع )۾ ٻنهي مصرن جو قافيو ساڳيو هوندو آهي‬ ‫غزل‬
‫جي باقي شعرن ۾ قافيو ٻئي مصرع ۾ ايندو آهي‬ ‫غزل‬
‫جي آخري شعر (مقطع )۾ شاعر جو تخلص هوندو آهي‬ ‫غزل‬

‫غزل جون خاصيتون‬

‫حسن عشق سان سينگاريل هجي‬ ‫غزل‬


‫جي ٻولي نرم ۽ شيرين هجڻ گهرجي‬ ‫غزل‬
‫۾ هلڪڙائپ نه هجڻ گهرجي‬ ‫غزل‬
‫۾ نهٺائي ۽ انڪساري هجي نه ڪي غرور ۽ وڏائي‬ ‫غزل‬
‫۾ عام ٻولي استعمال ڪئي وڃي‬ ‫غزل‬

‫غزل جا موضوع‬

‫غزل بنيادي طور تي حسن ۽ عشق الء استعمال ڪيو ويندو آهي پر ڪجهه وقت کان ان ۾ زندگيء جي‬
‫مختلف پهلوئن مثال جي طور تي تصوف‪ ،‬فلسفو‪ ،‬سماجي ۽ معاشرتي عنوان شامل ٿي چڪا آهن‬

‫غزل جي تاريخ‬

‫غزل سنڌ ۾ فارسي ٻوليء وسيلي آيو ‪.‬ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ فارسيء جو اثر ايتري قدر وڌي‬
‫ويو جو ماڻهو فارسيء ۾ شاعري ڪرڻ لڳا ‪.‬ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي ۽ فارسي گڏي ڪري شاعري‬
‫ٿيڻ لڳي ‪.‬سنڌي غزل جي تاريخ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو‬

‫غزل جو اوائلي دور‬

‫غزل جو اوائلي دور ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور تي مشتمل آهي ‪.‬نورمحمد خسته ۽ مرزا تقي ڪلهوڙن‬
‫جي دور ۾ سنڌي غزل چيا ‪.‬سچل سرمست پڻ ٽالپرن جي دور ۾ غزل گوئي ڪئي‬

‫غزل جو ٻيو دور‬

‫انگريزن جو دور سنڌي غزل جي تاريخ جو ٻيو دور آهي ‪.‬غزل هن دور ۾ گهڻي ترقي ڪئي ‪.‬هن دور‬
‫کي وڌيڪ ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي‬

‫قدما جو دور _هن دور جي غزل جو باني خليفو گل محمد آهي ‪.‬هي پهريون سنڌي صاحب ديوان شاعر‬
‫‪.‬آهي ‪.‬هن دور جو ٻيو ناميارو شاعر آخوند قاسم هاالئي آهي‬

‫درمياني دور _عبدالحسين سانگي هن دور جو ناميارو شاعر آهي ‪.‬مرزا قليچ بيگ‪ ،‬موالنا عبدالغفور‬
‫‪.‬همايوني ۽ شمس الدين بلبل هن دور جا ناميارا غزل جا شاعر هئا‬

‫آخري دور_هن دور ۾ به ڪافي شاعر پيدا ٿيا جن ۾ مشهور هي هئا‬

‫آغا غالم نبي‬


‫محمد هاشم مخلص‬
‫حڪيم فتح محمد سيوهاڻي‬
‫علي اصغر شاهه‬

‫غزل جو جديد دور (ٽيون دور‬

‫ورهاڱي کانپوء غزل جو جديد دور شروع ٿئي ٿو ‪.‬هن دور ۾ ڪجهه شاعرن غزل کي روايتي انداز ۾‬
‫پيش ڪيو ‪.‬پر ڪجهه شاعرن نوان نوان تجربا ڪري غزل کي پيش ڪيو جنهن سان غزل جي صنف‬
‫کي اڳي کان وڌيڪ ڪاميابي ملي ‪.‬هن دور جو مشهور شاعر شيخ اياز هو‬
‫__________________‬
‫سنڌي ادب ۾ جديد الڙا‬

‫‪.‬سياسي ۽ معاشرتي حالتن جو اثر ڪنهن به خاص ملڪ يا ان جي ڪنهن حصي جي ادب تي پوي ٿو‬
‫يورپ ۾ جيڪي به انقالبي قسم جون تبديليون آيون انهن اتان جي ادب تي خاص اثر وڌو ‪.‬سنڌي ادب ۾‬
‫جديد الڙا برصغير پاڪ_هند جي ورهاڱي کانپوء داخل ٿيا ‪.‬سنڌي ادب ۾ ڪيترائي جديد قسم جا الڙا‬
‫متعارف ڪيا ويا آهن انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا‬

‫سماجي حقيقت نگاري‬

‫حقيقت نگاريء ۾ دنيا کي حقيقي رنگ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ‪.‬فنڪار جن سماجي حقيقتن کي جيئن‬
‫ڏسي ٿو تيئن کين فطري انداز ۾ پيش ٿو ڪري ‪.‬ورهاڱي کانپوء جمال ابڙو سنڌ جو پهريون ليکڪ هو‬
‫‪.‬جنهن حقيقت نگاريء کي سنڌي ادب م روشناس ڪرايو‬

‫مقاميت نگاري‬

‫هن قسم جي ادب ۾ اديب ڪنهن خاص عالئقي جي ٻولي‪ ،‬ثقافت‪ ،‬ريتن رسمن‪ ،‬رهڻي ڪهڻي ۽ مجموعي‬
‫سوچ کي پنهنجي قلم ذريعي اجاگر ڪندو آهي ‪.‬نسيم کرل جي ڪهاڻي ”پهرين مراد“ رسول پليجي جي‬
‫ڪهاڻي ”جتي باهه ٻري“ ۽ جمال ابڙو جي ڪهاڻي ”پيراڻي“ سنڌي ادب ۾ مقاميت نگاريء جو بهترين‬
‫‪.‬مثال آهن‬

‫قومپرستي‬

‫‪،‬ون_يونٽ ٺهڻ کانپوء سنڌي اديبن ۾ قومپرستيء جو الڙو تيزيء سان زور وٺڻ لڳو ‪.‬امر جليل‪ ،‬سراج‬
‫علي بابا‪ ،‬عبدالقادر جوڻيجو۽ ڊاڪٽر نجم عباسيء جي ادبي فن پارن ۾ قومپرستي نمايان طور تي‬
‫‪.‬محسوس ڪري سگهجي ٿي‬

‫شعور جي رو‬

‫آغا سليم هن رجحان جو باني آهي ‪.‬هن شعوري سفر کي پنهنجي ناول جو موضوع بڻائي سنڌي تهذيبي‬
‫قدرن جي احساس کي منفرد انداز ۾ پيش ڪيو ‪.‬سندس ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ هن قسم جو‬
‫‪.‬سنڌي ادب ۾ پهريون ۽ بهترين تجربو آهي‬

‫نفسياتي رجحان‬

‫شروعاتي افسانن ۾ گهڻو ڪري سڄو زور حالتن ۽ واقعن تي هو ‪.‬ڪردار حالتن جا غالم هئا ‪.‬پر پوء‬
‫آهستي آهستي ڪردارن جي دل ۽ دماغ جي به ڳالهه ٿيڻ لڳي ‪.‬ڪردارن جي اندار جي امنگن‪ ،‬حسرتن‬
‫۽ نفسياني ڪشمش کي به افساني جو موضوع بڻايو ويو ‪.‬جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پشو پاشا“‪ ،‬غالم‬
‫رباني آگري جي ڪهاڻي ”بدلو“‪ ،‬بشير مورياڻي جي ڪهاڻي ”پريم“‪ ،‬۽ حفيظ شيخ جي ڪهاڻي ”امان‬
‫‪.‬مان اسڪول نه ويندس“ نفسياتي رجحانن تي مشتمل بهترين ڪهاڻيون آهن‬

‫مٿي بيان ڪيل ڪجهه اهم جديد الڙا اڄڪلهه سنڌي ادب ۾ نمايان طور تي موجود آهن ‪.‬ڪيترائي اديب‬
‫انهن جديد الڙن کي پنهنجي قلم ذريعي ويتر هٿي وٺرائي رهيا آهن ‪.‬انهن کان عالوه ڪي ٻيا به جديد‬
‫الڙا آهن جن ٿورو ڪي گهڻو سنڌي ادب تي اثر ڪيو جيڪي هيٺ ڏجن ٿا‬

‫رومانيت‪ ،‬انسان پرستي‪ ،‬عقل پرستي‪ ،‬خودي ۽ وجوديت وغيره‬


‫__________________‬

You might also like