Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 140

‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪1‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫موٽي ايندس مان‬


‫(ڪهاڻيون)‬

‫ابراهيم کرل‬

‫تخليقڪار فورم خيرپور‬


‫‪2017‬ع‬

‫ڊجيٽل ايڊيشن‪:‬‬
‫‪2018‬ع‬

‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪2‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫موٽي ايندس مان‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪3‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫‪‬‬

‫موٽي ايندس مان‬


‫شايد ! سکر مان‬
‫ڪنهن ٿي ڳالهايو‬

‫ڪيڏو تڙپائين ٿو‬


‫حويليَء دَ َر مان‬
‫ڪنهن ٿي ڳالهايو‬

‫دليون ڇو ٿا ڊاهيو‬
‫مسجد مندر مان‬
‫ڪنهن ٿي ڳالهايو‬

‫چنڊ اڀرين ڇو نه ٿو‬


‫گهر مان‬
‫اونداهين َ‬
‫ڪنهن ٿي ڳالهايو‬

‫ڪيڏو وکري ويو آهين‬


‫اندر مان‬
‫منهنجي َ‬
‫ڪنهن ٿي ڳالهايو‬

‫‪‬‬

‫‪BOOK NO. 04‬‬


‫موٽي ايندس مان‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪4‬‬
‫ ابراهيم کرل‬: ‫موٽي ايندس مان‬

)‫(ڪهاڻيون‬
‫ ابراهيم کرل‬:‫ڪهاڻيڪار‬
‫ع‬2017 :‫ڇاپو پهريون‬
‫ هڪ هزار‬:‫تعداد‬
‫ آصف نظاماڻي‬:‫ٽائيٽل ڊزائين ۽ ڪمپوزنگ‬
‫ سنڌ‬،‫ ذڪر پرنٽرس ــ پاڪستان چؤڪ ڪراچي‬:‫ڇپيندڙ‬
‫ سنڌ‬،‫ تخليقڪار فورم خيرپور‬:‫ڇپائيندڙ‬
‫ روپيه‬200/- :‫ملهه‬

“MOTI EINDUS MAAN”


(Stories)
By: Ibrahim Kharal
First Edition: 2017
Quantity: 1000 Copies
Title Design & Composing: Asif Nizamani
Printed by: Zaki Printers – Pakistan Chowk Karachi, Sindh.
Published by: Takhleeqar Forum Khairpur, Sindh.
Price: Rs. 200/-

www.sindhsalamat.com 5
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ارپنا‬

‫”جديد سنڌي ڪهاڻيَء جي امام“‪،‬‬


‫”سنڌي ڪهاڻي جي مجيري“‪،‬‬
‫”سنڌي ڪهاڻيَء جي دادلي بودلي ڪهاڻيڪار“‪،‬‬
‫”نسيم کرل“‬
‫جي نانِء جنهن سنڌي ٻوليَء کي‬
‫کوڙ عظيم ڪهاڻيون ڏنيون آهن‪.‬‬

‫ـــ ابراهيم کرل‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪6‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫سنڌ سالمت پاران ‪:‬‬

‫سنڌ سالمت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب‬


‫”موٽي ايندس مان“ اوهان اڳيان پيش آهي‪ .‬هي ڪتاب ليکڪ ۽‬
‫ڪهاڻيڪار ابراهيم کرل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي‪.‬‬

‫ابراهيم کرل جون ڪهاڻيون ڌرتيَء جون ڪهاڻيون آهن ۽‬


‫ڪردار پڻ مٽيَء جي خوشبوَء کي سمائي ديس جون وارتائون بيان‬
‫ڪندي چرپر ڪن ٿا‪ .‬سماج جا عڪس ۽ اولڙا پسائين ٿا‪ .‬ڏک ۽‬
‫سک پڙهندڙ سان شيئر ڪن ٿا‪ .‬جنهن مان ابراهيم کرل جي‬
‫مشاهدي جي پروڙ پوي ٿي‪ .‬ابراهيم کرل جي ٻولي ڏاڍي وڻندڙ ۽‬
‫خوبصورت آهي ائين ٿو لڳي ته ڪردار اسان جي سامهون بيان‬
‫ڪري رهيو آهي‪.‬‬

‫هي ڪتاب تخليقڪار فورم‪ ،‬خيرپور پاران ‪2017‬ع ۾ ڇپايو‬


‫ويو آهي‪ .‬ٿورائتا آهيون سائين إبراهيم کرل ۽ پياري آصف رضا‬
‫نظاماڻي جا جن ڪتاب سنڌ سالمت ۾ پيش ڪرڻ الِء موڪليو‪.‬‬

‫محمد سليمان وساڻ‬


‫مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )‬
‫سنڌ سالمت ڊاٽ ڪام‬
‫‪sulemanwassan@gmail.com‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪7‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫سٽاُء‬

‫پبلشر نوٽ‪ :‬شاهن سمنگ‬ ‫‪‬‬

‫ُمهاڳ‪ :‬ممتاز بخاري‬ ‫‪‬‬

‫ا ـ ُمهاڳ‪ :‬شوڪت حسين شورو‬ ‫‪‬‬

‫منهنجو بابا‪ :‬ڊاڪٽر ڪائنات کرل‬ ‫‪‬‬

‫پنهنجي پاران‪ :‬ابراهيم کرل‬ ‫‪‬‬

‫ڪهاڻيون‬ ‫ـــــ‬

‫ُملياڻي حليمان‬ ‫‪‬‬


‫رحيمان‬ ‫‪‬‬
‫سفوران‬ ‫‪‬‬
‫”عمر“ ــــ ‪1‬‬ ‫‪‬‬
‫”عمر“ــــ ‪2‬‬ ‫‪‬‬
‫”عمر“ــــ ‪3‬‬ ‫‪‬‬
‫گلناز‬ ‫‪‬‬
‫آخري رات‬ ‫‪‬‬
‫مرغو نمبر ــــ ‪5‬‬ ‫‪‬‬
‫جنڊو پاڙو‬ ‫‪‬‬
‫پهرين ملهه‬ ‫‪‬‬
‫موٽي ايندس مان‬ ‫‪‬‬
‫واليون‬ ‫‪‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪8‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫پبلشر نوٽ‬

‫ابراهيم کرل‪ ،‬سنڌي ٻوليَء جو سيبتو ڪهاڻيڪار آهي‪.‬‬


‫تخليقڪار فورم پاران سندس هي ٻيون ڪتاب اوهان تائين پهچائيندي‬
‫انتهائي فخر محسوس ڪيون ٿا‪ .‬ابراهيم کرل جون ڪهاڻيون ڌرتيَء‬
‫جون ڪهاڻيون آهن ۽ ڪردار پڻ مٽيَء جي خوشبوَء کي سمائي ديس‬
‫جون وارتائون بيان ڪندي چرپر ڪن ٿا‪ .‬سماج جا عڪس ۽ اولڙا پسائين‬
‫ٿا‪ .‬ڏک ۽ سک پڙهندڙ سان شيئر ڪن ٿا‪ .‬جنهن مان ابراهيم کرل جي‬
‫مشاهدي جي پروڙ پوي ٿي‪ .‬ابراهيم کرل جي ٻولي ڏاڍي وڻندڙ ۽‬
‫خوبصورت آهي ائين ٿو لڳي ته ڪردار اسان جي سامهون بيان ڪري‬
‫رهيو آهي‪ .‬ٻهراڙي ۽ شهري ماحول تي ڪهاڻيون لکندڙ ابراهيم کرل‪،‬‬
‫سنڌي ٻوليَء جو برجستو ڪهاڻيڪار آهي‪ .‬اميد ته سندس هي ڪيل ادبي‬
‫پورهيو ضرور مڃتا ماڻيندو‪.‬‬
‫تخليقڪار فورم اوهان الِء هي ڪهاڻيون پيش ڪري رهيو آهي‬
‫ان اميد سان ته پنهنجي راِء کان ضرور آگاهه ڪندا‪.‬‬

‫شاهن سمنگ‬
‫چيئرمين‬
‫تخليقڪار فورم‪ ،‬خيرپور‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪9‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫مهاڳ‬
‫ُ‬
‫ادب درياهه جيان وهندڙ شئي آهي‪ ،‬ان ڪري اهو زندگيَء جي اهم‬
‫ضرورت بڻجي ويو آهي‪ .‬اهو وهندڙ ان ڪري آهي جو ان ۾ هر وقت‬
‫نواڻ جا وهڪرا شامل ٿيندا رهن ٿا‪ ،‬نه ته هوند ان مان ڌپ اچڻ شروع‬
‫ٿئي ها‪ .‬جيڪي ماڻهو ان ۾ نواڻ جا وهڪرا شامل ڪندا آهن اهي يقينن‬
‫تخليقي صالحيتون رکندڙ هوندا آهن‪ .‬ابراهيم کرل هن ڪتاب جي‬
‫مسودي ميل ڪرڻ کان ڪجهه مهينا اڳ پنن جو هڪ ٿهو ڏنو ۽ ڳنڀيرتا‬
‫سان چيائين‪” ،‬مون ڪهاڻيَء ۾ نئون تجربو ڪيو آهي‪ “.‬مون سندس‬
‫چهري جي سنجيدگيَء جو جائزو ورتو‪ .‬اکين ۾ سوال ڏسي ورتم ته مون‬
‫تهڙي مهل ڪو تبصرو نه ڪيو‪ .‬ابراهيم کرل جيڪڏهن سنجيدا هجي ۽‬
‫ڳالهائڻ جي موڊ ۾ نه هجي ته لڳندو آهي ڄڻ هي موجود هوندي غير‬
‫موجود آهي‪ .‬پر اوچتو ئي اوچتو هن جي چهري تي رونق جو باغ ظاهر‬
‫ٿي پوندو آهي ۽ چرچي سان گڏ پاڻ به کلي پوندو آهي ۽ اڳيان به ٽهڪن‬
‫۾ ٻڏي ويندا آهن‪ ،‬سندس چهري جي ڳنڀيرتا به ان ٻوڙان ٻوڙ ۾ لڙهي‬
‫ويندي آهي‪ .‬سو ان ڏينهن به ايئن ٿيو‪ ،‬مليل ڪهاڻين جي ڳالهه به لڙهي‬
‫وئي‪ .‬جڏهن ابراهيم هليو ويو ته مون اهي پنا ڏسڻ شروع ڪيا‪ .‬انهن پنن‬
‫مٿان هڪ اڌ پنو پيل هيو جنهن تي لکيل هيو‪:‬‬
‫”سنڌي ڪهاڻي‪ ،‬ڳالهه‪ ،‬آکاڻي ۽ ڪهاڻيَء کان ٿيندي افساني‪،‬‬
‫مختصر ڪهاڻي رپوتاز ۽ ڪالم ڪهاڻيَء تائين سئو سال مڪمل ڪيا‬
‫آهن ۽ خاص ڪري سنڌي ڪهاڻي پنهنجي ڀرپور تاثر ڇڏيو آهي‪.‬‬
‫آُء ڪهاڻي ڪافلي جو ننڍڙو سپاهي آهيان‪ ،‬ان حوالي سان‬
‫ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪهاڻي ۾ پنهنجي ذهن آهر هڪڙو تجربو ڪيو‬
‫اٿم! خاص ڪري شاعريَء ۾ ته ٽه سٽا‪ ،‬ٽيڙو‪ ،‬چئوسٽا ۽ پنج ڪهڙا‬
‫صنفون رائج ٿي ويون آهن پر ڪهاڻيَء ۾ طويل ڪهاڻي‪ ،‬مختصر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪10‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڪهاڻي ۽ مٿي بيان ڪيل قسم رائج آهن‪ .‬انهن شين کان هٽي ڪري‬
‫مون جيڪو تجربو ڪيو آهي ان جو نالو ”ٽه لڙهي“ جنهن کي ”ٽه ڪڙي“‬
‫به سڏيو اٿم‪ ،‬هن تجربي ۾ ٽن مختصر ڪهاڻين کي شامل ڪيو اٿم‪ .‬هر‬
‫هڪ ڪهاڻي پنهنجا ڪردار‪ ،‬پالٽ‪ ،‬مقصد ۽ فني لوازمات رکي ٿي ۽‬
‫هر هڪ ڪهاڻي کي پنهنجو ڪالئمس آهي‪ ،‬فرق اهو آهي ته ٽنهي‬
‫ڪهاڻين جا واقعا الڳ آهن ۽ متفقه ڳالهه اها آهي ته ٽنهي ڪهاڻين جي‬
‫ڪردارن جو پاڻ ۾ ربط آهي‪ .‬ائين سمجهو ته ڪٽنب‪ ،‬پاڙو يا تر ساڳيو‬
‫آهي‪ ،‬وقت جي وٿي آهي‪ .‬وڏي ڳالهه ته پهرين ڪهاڻيَء ۾ ظاهر ٿيندڙ ٽي‬
‫مثبت ڪردار ۽ ٽي منفي ڪردار‪ ،‬هر هڪ ڪهاڻيَء کي ڪالئمڪس تي‬
‫پهچائيندا‪ ،‬روانا ٿي وڃن ٿا‪ .‬مثبت ڪردار جي جاِء ٻيو مثبت ڪردار‬
‫وٺي ٿو ۽ ائين ٽيئي ڪهاڻيون تسلسل ۾ هلن ٿيون ۽ هر ڪهاڻيَء جو‬
‫پنهنجو ڪالئمڪس آهي‪“.‬‬
‫اڳيان پنان اٿاليم ته انهن ۾ سندس اهي تجرباتي ڪهاڻيون‪،‬‬
‫”ملياڻي حليمان‪ ،‬رحيمان ۽ سفوران” هيون‪ .‬مون اهي ڪهاڻيون پڙهيون‪.‬‬
‫سوچڻ لڳس ته ڪهڙي شئي نئين آهي؛ اها ئي ته انهن ٽنهي ڪهاڻين‬
‫کي “ٽه لڙهي” چيو ويو آهي‪ .‬ڇا اها ڳالهه ڪو وڏو تجربو آهي‪ .‬يا ڪنهن‬
‫فلم جو جيئن سيڪيوئل هوندي ان جيان انهن ڪهاڻين کي ڏٺو ۽‬
‫سمجهيو وڃي‪ .‬مٿان وري خيال آيو ته ڇا واقعي اڳ ۾ ڪهاڻين جي‬
‫اهڙي سٽاُء کي ڪنهن اهڙو نانُء ڏنو آهي‪ .‬ناول ۾ ته مون ٽرايوالجيز‬
‫پڙهيون آهن‪ ،‬جنهن ۾ خاص ڪري نجيب محفوظ جا ٽي ناول جن کي‬
‫‪ The Cairo Trilogy‬چيو ويندو آهي‪ ،‬اهي ڏاڍا شاندار آهن‪ .‬انهن ناولز جا‬
‫ناال )‪ Palace Walk (1956), Palace Desire (1957‬۽ ‪Sugar Street‬‬
‫)‪ (1957‬آهن‪ .‬نجيب محفوظ انهن ٽنهي ناولن ۾ انهن ڪٽنبن جي‬
‫زندگين جي ڪٿا بيان ڪئي آهي جن جي ٽن پيڙهين قاهره ۾ گذاريو‪ .‬ان‬
‫کي ‪ The Cairo Trilogy,‬نالو به ان ڪري ڏنو ويو آهي جو اهو ڪٽنب‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪11‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫قاهره ۾ رهندو هئو‪ .‬جن ڪٽنبن بابت اهي ناول آهن اهي اتي ٻن‬
‫مهاڀارين جنگين دوران رهيا‪ .‬مصر ۾ ڇا وهيو واپريو ۽ ڪهڙيون‬
‫ڏکائيون ڏٺائون اهي ته بيان ٿيل آهن پر جن خاندانن بابت ناول آهن‬
‫انهن ۾ عورت ڪردارئي اهم بڻجي وڃن ٿا جو هڪ سخت گير مڙس‬
‫جي زال ۽ ڌيئرن جي زندگيَء جا ڏوجهرا بيان ڪيل آهن‪ .‬ريتن جي‬
‫ٽوڙن الَء ڪوششون ظاهر ٿيل آهن‪ .‬بنيادي طور ٽرايوالجي ٽن پيڙهين‬
‫جي سورن جي سامان کي لفظن سان دنيا سامهون رکيو ويو آهي‪ .‬فلم يا‬
‫ٻي ڪنهن به اظهار جي طريقي ۾ ٽرايالوجي ۾ جو مطلب ئي زندگي‪،‬‬
‫تاريخ يا واقعن جي ٽن حصن کي ٽن لڙين واري ماال جي هڪ هار وانگر‬
‫هڪ ڪرڻ آهي‪ .‬سائنس فڪشن جي مشهور لکاري وليم گبسن جون پڻ‬
‫ناولز جون چار ٽرايوالجيز مشهور آهن‪ .‬اهڙو ٻيو نالو ازاڪ ايسوموف به‬
‫جنهن فائونڊيشن سيريز تحت ٽرايوالجيز لکيون‪ .‬ڪهاڻيَء جي عظيم‬
‫نالي چيخوف جي ڪهاڻين جي هڪ ٽرايلوجي "‪ "The Little Trilogy‬جي‬
‫نالي سان مشهور آهي‪ ،‬جنهن ۾ سندس ٽي ڪهاڻيون ‪The Man in a‬‬
‫‪Case, Gooseberries,‬۽ ‪ About Love‬شامل آهن‪ .‬اولهه ۾ ٽرايوالجي‬
‫ناول ۽ ڪهاڻي توڙي ڊگها ٽرايولوجي نظم اڄ به لکيا وڃن ٿا‪ .‬ابراهيم‬
‫کرل به “ٽن لڙين” وارو ڪهاڻين جو تجربو ڪيو آهي ان ۾ سنڌي سماج‬
‫جي ٽن وهنواري روايتن کي اپٽاريو آهي‪ ،‬جيڪي الڳ الڳ هوندي هڪ‬
‫ٻئي سان جڙيل آهن‪ .‬سنڌيَء ۾‪ ،‬تاريخ جي دورن بابت‪ ،‬ٽرايوالجيز وارو‬
‫ناول جو ڪم سراج پاران ڪيو ويو‪ .‬ابراهيم کرل اڄ جي سنڌ ۾‬
‫سماجي روين جي ڪٿا پنهنجي ڪهاڻين جي ٽرايالوجي ۾ بيان ڪئي‬
‫آهي‪ ،‬جنهن ۾ “ملياڻي حليمان” ڪهاڻي ۾ اسان وٽ مذهب توڙي‬
‫سماجي روين جي زور تي مرداڻي ڏاڍ کي انتهائي فنائتي انداز ۾ بيان‬
‫ڪيو اٿائين‪ .‬نج سنڌي انداز ۾ سنڌ جو پيڙهيل ۽ ڏاڍ ڪندڙ طبقو پاڻيَء‬
‫مٿان تيل جيان ترندي نظر ايندو‪ .‬ان سلسلي جي ٻي لڙي واري ڪهاڻي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪12‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫“رحيمان” آهي‪ .‬جنهن جي پهرين ڪهاڻي پڙهيل هوندي ان الِء ته هي ٻي‬


‫قسط لڳي سگهي ٿي‪ ،‬پر جنهن جي پهرين ڪهاڻي نه پڙهيل هوندي ان‬
‫الِء اها بلڪل نئين ڪهاڻي ئي هوندي جو پهرين ڪهاڻي توڙي هن‬
‫ڪهاڻي جي اڻت وڏي ڪاريگريَء سان ڪيل آهي‪ .‬الزامن ۾ عورت جو‬
‫قتل‪ ،‬ان تي فيصال‪ ،‬سياست ۽ وري پالند جي باهه‪ ...‬سڀ ڪجهه هن‬
‫ڪهاڻيَء ۾ حليمان جيان رحيمان جي قرباني ۽ وري اهو سلسلو سفوران‬
‫تائين‪ .‬ڪهاڻين جي اهم ۽ خاص ڳالهه اها آهي ته ابراهيم کرل ماحول‪،‬‬
‫ڪردار‪ ،‬وقت ۽ ٻولي جو خاص خيال رکي جهڙوڪر سنڌ جي سماجي‬
‫تاريخ به لکي آهي‪ .‬ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته واقعن سان جڙيل واقعا‬
‫آهن‪ ،‬ڪردارن سان جڙيل ڪردار آهن پر ڪهاڻيون ڌار ڌار آهن‪ .‬انهن‬
‫ڪهاڻين جي ٻولي انهن جي ماحول ۽ ڪردارن سان اهڙي ته ٺهڪندڙ‬
‫آهي جو پڙهندڙ به جهڙوڪر اهو ڪردار بڻجي وڃي ٿو‪.‬‬
‫انهن “ٽه لڙي” ڪهاڻين کان پوِء “گلناز” ڪهاڻي هڪ ٻي‬
‫ماحول ڏانهن وٺي وڃي ٿي جنهن ۾ اسڪول جي هڪ استادياڻي جي‬
‫زندگيَء ۾ جهاتي آهي‪ .‬استادياڻين‪ ،‬خاص ڪري سينئرس کي‪ ،‬مئڊم به‬
‫ڪوٺيو وڃي ٿو سو اها ڪهاڻي هڪ اهڙي ئي مئڊم جي آهي‪ .‬نئين‬
‫مزاج ۽ نئين ماحول ۾ پهچائڻ الِء ابراهيم کرل به وڏي استادي کان ڪم‬
‫ورتو آهي‪ .‬ڇو ته هي ڪهاڻي الئيٽ موڊ واري ڪٿا آهي‪ .‬پر ان جي اندر‬
‫زندگيَء جي ڇرڪائيندر حقيقت به شامل آهي‪ .‬هن ڪهاڻي جي اڻت‬
‫ڪردارنگاريَء جي فن سان اڳتي وڌائي وئي آهي‪ .‬گلناز جي مزاج کي‬
‫اپٽارڻ الِء بيان بجاِء ايڪشن کي استعمال ڪيو اٿائين‪ ،‬جيئن‪” :‬موبائيل‬
‫فون تي مٿو هڻندي هن کي دير ٿي وئي ۽ پويان رزلٽ آئوٽ ٿي ويو‬
‫انائونسمينٽ جو شرف مئڊم زرينه کي مليو ۽ جڏهن هيَء اسڪول‬
‫پهتي ته پروگرام پوين پساهن ۾ هيو‪ ،‬هن ڳڻي ڳڻي زرينه کي ته‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪13‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫گاريون ڏنيون پر ماُء‪ ،‬ڀيڻ کي به نه بخشيو‪ .‬جن جي ڪري ساڻس هي‬


‫ويڌن ٿي هئي‪“.‬‬
‫يا وري هيئن‪” :‬گلناز بيگم آلن وارن کي سڪايو ئي ڪونه؟‬
‫اقبال جي هنيانَء تي مڳ ڏرڻ الِء اِهو به سانگ رچايو ته ڀلي ڏسي ۽‬
‫سندس اندر سڙي ۽ کيس اهو احساس به شدت سان ٿئي ته هوَء اڃان‬
‫پنهنجي الِء ور به ڳولهي نه سگهي آهي‪.‬‬
‫کيس اها به ترڪيب سجھي ته هوَء هاف ٽائيم ۾ ام رباب سان ويهي‬
‫جڏهن ناشتو ڪندي ته ”رات واري ماجرا وڌائي چڙهائي پيش ڪندي ته‬
‫ڪيئن اڪبر خان ٽن مهينن کانپوِء آيو‪ .‬هن الِء ڪهڙيون ڪهڙيون‬
‫سوکڙيون وٺي آيو‪“.‬‬
‫جڏهن ته ڪهاڻيَء جو اينٽي ڪالئمڪس ڇرڪائيندڙ آهي‪ .‬جملن‬
‫جي چونڊ ٺهڪندڙ آهي‪ .‬ڪردارن جي گهڻائي جي ڪري ڪجهه ڪردار‬
‫اڃان ٽريٽمنٽ لهڻا خاص ڪري سندس ڌيَء گڏي جيڪا هن جي زندگيَء‬
‫سان جڙيل آهي ۽ اقبال جيڪا سندس زندگيَء سان جڙڻي آهي‪ .‬ڪهاڻي‬
‫پنهنجي جاِء تي ختم ٿيل آهي‪ ،‬جيئن ڪنهن معياري ڪهاڻي جو هجڻ‬
‫گهرجي‪.‬‬
‫اڳئين ڪهاڻي ”آخري رات“ آهي جيڪا ماحول نگاري سان اڻيل آهي‪.‬‬
‫ڪچي جي ماحول جي مهڪ ڪهاڻي پڙهڻ سان ئي ڪيفيت ۾ شامل ٿي‬
‫وڃي ٿي‪” :‬سندس گهر ڪچي جي ايراضيَء ۾ ٻيلي جي اوڀارين مهڙ وٽ‬
‫آهي‪ ،‬سندس گهر کان صرف ٻه گس نڪرن ٿا‪ .‬هڪ جھلي بند ڏانهن ۽‬
‫ٻيو درياهه جي ڪپ ڏانهن‪ ،‬باقي ٻه پاسا گھاٽو جھنگ ئي جھنگ‪ ،‬جنهن‬
‫۾ گھڙڻ کانپوِء ڪو‪ ،‬سونهون ئي نڪري سگهي ٿو‪ .......‬ٻوڏ جي ڏينهن‬
‫۾‪ ،‬پهريان هيَء ڇني جڏهن ڀربي آهي‪ ،‬ته سڄي ڳوٺ جو مال متاع ڌنار‪،‬‬
‫هن ڇنيَء ۾ الهي‪ ،‬ڌائي راند کيڏندا آهن ۽ مشڪرين ۾ هڪٻئي کي‬
‫ڏاڍا گوپاٽا ڏيندا آهن‪ .........‬جڏهن ڀٽاريون چين ڪري موٽنديون آهن ته‬
‫کين ولو ڏئي اچي وٿاڻين ڀيڙو ڪندا آهن‪ ،‬بجلي نه هجڻ ڪري هر گهر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪14‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫۾ رات جو دير تائين باهڙي پئي ٽمڪندي‪ ،‬جنهن جو ڏس‪ ،‬سڏ پنڌ تي‬
‫پيو ملندو ڇو ته عام زمين کان سندن گهر پنجن کان ڏهن فٽن تائين‬
‫مٽيَء جي هٿرادو پيل ڀراَء‪ ،‬تي اڏيل آهن‪ ،‬جن کي پناهه ڪا ورلي هوندي‬
‫نه ته مڙئي خير‪“.‬‬
‫اهڙي منظرنگاريَء کانپوِء ڪچي جي زندگيَء جي ڄاڻن الِء ڳالهه پاڻهي‬
‫کلي بيهي ٿي ته اها ڪهاڻي ان زندگيَء جو اپٽار هوندي ۽ ٽه لڙين‬
‫وارين ڪهاڻين جيان ماڊرنزم ۽ ڪالسيڪيت جو رچاُء هوندي‪ .‬جڏهن ته‬
‫ان زندگيَء بابت ڄاڻ نه رکندڙن الِء هي ڪهاڻي بلڪل ايئن هوندي‬
‫جيئن کين ڪو ڪچو گهمائي رهيو آهي ۽ اتان جي سماجي سائنس‬
‫ٻڌائي رهيو آهي‪ .‬ڪهاڻي ‪ Descriptive‬آهي ان ڪري ليکڪ آزاديَء سان‬
‫پنهنجي مک ڪردار جي واقعن ۽ ان جي ماضيَء ۾ داخل ٿي وڃي ٿو‪.‬‬
‫مان هتي ڪهاڻي جو تت ان ڪري نه پيو ڏيان جيئن پڙهندڙ الِء ڪهاڻي‬
‫نئين رهي‪ .‬ڪهاڻي فلسفو اهو آهي ته واقعا ۽ ماڻهو پاڻ ۾ اهرو جڙيل‬
‫هوندا آهن جو ان ڇيد وقت ڪندو آهي‪ ،‬روزاني وهنوار ۾ ماڻهوَء کي‬
‫خبر ئي نه ٿي رهي ته هن جو پنڌ ڪيئن انهن قبرن ڏانهن وڌي ٿو جن‬
‫بابت ڪو گمان ئي نه هوندو آهي‪ ،‬پر زندگيَء جو ڏيئو ٻرندو رهندو آهي‪.‬‬
‫ابراهيم کرل ڪهاڻي ”مرغو نمبر‪ “ 5-‬۾ ڪچي مان ڪڍي پڪي ۾ وٺي‬
‫اچي ٿو‪ .‬هي ڪهاڻي جديد انداز جي ڪهاڻي آهي‪ ،‬جنهن ۾ ڳوٺن ۾‬
‫داخل ٿيندڙ ڪميونيڪيشن ٽيڪناالجي جي استعمال کان وٺي ڳوٺ‬
‫سان تعلق رکندڙ يونيورسٽيَء ۾ پڙهندڙ نوجوان جي رويئي ۽ الڙي کي‬
‫بيان ڪيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ اڌ شهري ۽ اڌ ڳوٺاڻي مزاج جو ڪاڪ ٽيل‬
‫هن ڪهاڻي جي مک خوبي آهي‪ .‬ڪهاڻي جتي ختم ٿئي ٿي اتي ان جو‬
‫اهو حصو مشهور لطيفي مان متاثر نظر اچي ٿو‪ .‬جيڪو بنيادي طور‬
‫وڏي حقيقت به آهي‪ .‬هن ڪهاڻي جيان ”جنڊو پاڙو“ ڪهاڻي به شهري ۽‬
‫ڳوٺاڻي زندگيَء جو ڪاڪ ٽيل آهي‪ .‬بنيادي طور سنڌي سماج جي‬
‫ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگي تيزيَء سان گڏبي وڃي ٿي ان ڪري اهڙو‬
‫ادراڪ رکندڙ ليکڪ ئي اهڙي موضوعن وارين ڪهاڻين سان انصاف‬
‫ڪري سگهي ٿو‪ .‬ٻنهيَء جا ڇيڙا پڪڙڻ سولو ڪم ناهي‪ ،‬پر ابراهيم‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪15‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫جون ڪهاڻيون نه رڳو انهن ڇيڙن کي پڪڙي بيٺيون آهن پر انهن کي‬
‫خوب جڪڙي به ڇڏيو اٿائون‪ .‬ان جو سبب اهو آهي ته هن ڪردارن کي‬
‫آزاد ڇڏيو آهي‪ ،‬جهڙا آهن تهڙا ئي رهڻ ڏنا آهن‪.‬‬
‫جڏهن مون ڪهاڻي ”پهرين ملهه“ عنوان پڙهيو ته ڇرڪ نڪري‬
‫ويو ته ڪٿي اها ”پهرين مراد“ ڪهاڻي مان متاثر ته نه هوندي‪ ،‬پر ايئن‬
‫ناهي اها حقيقي ڪردارن جي ڪهاڻي لڳي رهي جيڪا واقعي ملهه‬
‫پهلوان جي ئي آهي‪ .‬اصل ناال ۽ اصل جايون‪ .‬حاڪم شاهه پٽ واري جو‬
‫ميلو ‪ ،‬ارباب ڀٽي‪ ،‬شمن شاهه ۽ ٻين ملهه پهلوانن جي نالن سان گڏ اسان‬
‫جي ڳوٺ جهانپور جي ملهه پهلوان الهڏتي اعواڻ جو ذڪر‪ ،‬جيڪو مون‬
‫سان ساڳئي اسڪول ۾ گڏ پڙهيو هيو‪ .‬نج سنڌي ڳالهائيندو هيو‪ .‬ايئن ته‬
‫آِء آر ۾ مون کي ۽ ٻين ڪيترن کي پڙهائيندڙ استاد امان ڀٽيَء جو به‬
‫ڪهاڻي ”مرغو نمبر‪ “5-‬۾ ذڪر ڪيو اٿائين‪ .‬اهي ڪهاڻيون سوشل‬
‫ريئلزم جي پيرائي ۾ اچن ٿيون‪ .‬ملهن بابت ڪهاڻيَء ۾ ابراهيم کرل‬
‫ٻولي به خوب ڪتب آندي آهي‪ .‬ان راند بابت مڪمل ڪهاڻي هن کان اڳ‬
‫ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ئي هوندي‪ ،‬پر هي ڀرپور ڪهاڻي آهي ڄڻ ملهه سامهون‬
‫ٿي رهي هجي‪” :‬پوِء جڏهن ٻنهي سندرا سنڀاريا ته مڙسن ڏهه منٽ ته رڳو‬
‫هڪ ٻئي جا پاڻي ڪڇيا ۽ پوِء اندريون‪ ،‬جانٺا‪ ،‬مٺين جا مروٽا‪ ،‬گوڏا‬
‫کوڙ‪ ،‬لڳي پئي هئي‪ .‬پر ڪير ڪنهن کي جاِء ئي نه پيو ڏي‪.‬‬
‫پوِء اعواڻ ڄنگهه ويجھي ڪئي ته ڀٽي‪ ،‬پٽي جانٺو وهائيس‪ ،‬ڄڻ هٿوڙو‬
‫وهائي ڪڍيائينس‪ .‬اعواڻ جي ڄنگهه لڏي وئي ۽ اهل ڪري بيٺي‪ .‬ڀٽي‬
‫پير پختو ڪري ٺڪاُء جو ٻي ڄنگهه ۾ جانٺو هنيس ته اعواڻ جا هوش‬
‫خطا ٿي ويا‪ .‬مٿو مٿي سان مالئي‪ ،‬اتي وڃي‪ .‬ٽوڙيائينس‪ ،‬جتي سڪي‬
‫پٽڻ هئي‪“.‬‬
‫مالکڙي ۽ ملهه پهلواني بابت مون اڳ اهڙي ڪهاڻي اڳ ڪڏهن‬
‫به ناهي پڙهي ۽ جيئن ابراهيم کرل لکي آهي تهڙي شايد ٻيو ڪو لکي‬
‫به ته اهڙي بيهاري نه سگهندو‪ ،‬جنهن ۾ ڪهاڻي به هجي ۽ ملهه راند جي‬
‫سموري رمز به هجي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪16‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫هن ڪهاڻين جي ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي ”موٽي ايندس مان“ آهي‪.‬‬


‫هي ڪهاڻي ‪ Generation complex‬۽ ‪ Time psychology‬جو بهترين‬
‫اظهار آهي‪ .‬تيزي سان بدلجندڙ انساني رشتن جا جيڪي نوان الميا جن‬
‫وٺي رهيا آهن انهن مان هڪ وڏي الميئي کي ‪ Descriptive‬انداز ۾‬
‫لکيو ويو آهي ۽ ابراهيم ان لکڻ جي انداز جي آزاديَء مان ڀرپور فاعدو‬
‫وٺندي نظر آيو آهي جتي هو پاڻ به اندر وڃي ٻاهر نظر اچي ٿو‪ .‬پنهنجي‬
‫لکڻ جي فن سان پورو پورو انصاف ڪيو اٿائين‪.‬‬

‫ممتاز بخاري‬
‫‪ ‬سکر ــ سنڌ‬
‫‪ 16‬ڊسمبر ‪2016‬ع‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪17‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫اَ ـ ُ‬
‫مهاڳ‬

‫ابراهيم کرل جي نالي سان نسيم کرل ياد اچي وڃي ٿو‪ .‬نسيم‬
‫کرل جيڪو سنڌيَء جو وڏو ڪهاڻيڪار هو ۽ ڪيتريون ئي الزوال ۽‬
‫شاهڪار ڪهاڻيون ڏئي ويو‪ .‬ان ڳالهه جو مقصد اهو هرگز ڪونهي ته‬
‫ٻيو ڪو کرل ڪهاڻيون لکي ته هن کي نسيم کرل سان ڀيٽيو وڃي‪.‬‬
‫ابراهيم جي لکڻ جو پنهنجو انداز آهي ۽ هن پنهنجي الڳ واٽ ٺاهي‬
‫ڪهاڻيون لکيون آهن‪” .‬موٽي ايندس مان“ ابراهيم کرل جي ڪهاڻين‬
‫جو ٽيون مجموعو آهي‪ .‬جيتوڻيڪ هن مجموعي ۾ ڪهاڻين جو تعداد‬
‫ٿورو آهي‪ ،‬پر معيار جي لحاظ کان اهي ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ اهم جاِء‬
‫واالرڻ جوڳيون آهن‪.‬‬
‫سنڌي ڪهاڻيڪارن جي گهڻائي ڳوٺن سان تعلق رکي ٿي‪ ،‬ان‬
‫ڪري سندن ڳوٺاڻي ماحول جو مشاهدو تيز آهي‪ .‬سندن ڪهاڻين ۾‬
‫روزمرهه جي ڳوٺاڻي زندگي‪ ،‬اتي جي ماڻهن جا ڏک سک‪ ،‬اٿڻي ويهڻي‪،‬‬
‫ڇيڙيون نبيريون‪ ،‬حقيقت نگاري سان پيش ڪيل آهن‪ .‬ڳوٺاڻي زندگي‪،‬‬
‫اتي جي ماحول جي منظر نگاري‪ ،‬نج سنڌي ٻوليَء جي حسناڪي‪ ،‬انهن‬
‫ڪهاڻين جون خاص خوبيون آهن‪ ،‬پر اهي ساڳيا ڪهاڻيڪار جڏهن‬
‫شهري زندگي جي تناظر ۾ ڪهاڻيون لکن ٿا‪ ،‬ته سندن انداز غير فطري‬
‫۽ گهڙيل لڳي ٿو‪ .‬وري به منهنجي ذهن ۾ نسيم کرل جو نالو اچي ٿو‬
‫جنهن کي ڳوٺاڻي‪ ،‬توڙي شهري ماحول جي تناظر ۾ ڪهاڻين لکڻ تي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪18‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫دسترس حاصل هئي‪ .‬ان ڏس ۾ ابراهيم کرل به پوئتي پيل ڪونه ٿوي‬
‫لڳي‪ .‬بلڪه هن ڳوٺاڻي ۽ شهري ماحول جي آميزش سان سٺيون‬
‫ڪهاڻيون لکيون آهن‪” .‬جنڊو پاڙو“‪” ،‬موٽي ايندس مان“ ۽ ”مرغو نمبر‬
‫‪ “5‬اهڙي قسم جون ڪهاڻيون آهن‪.‬‬
‫”جنڊو پاڙو“ ڪهاڻي ۾ مجبورين جي احساسن ۽ ڪيفيتن جو‬
‫خوبصورت اسلوب ۾ بيانيه‪ ،‬اثرائتو آهي‪ .‬ڪهاڻيَء جي پڄاڻيَء وارو‬
‫جملو ”۽ هن جا سڏڪا لٽن جي سٽڪي ۾ دٻجي ويا هئا“ هنيانَء ۾ چڀي‬
‫وڃي ٿو‪.‬‬
‫”موٽي ايندس مان“ ڪهاڻي پڙهي ائين لڳي ٿو ڄڻ ”جنڊو پاڙو“‬
‫ڪهاڻي جي ٻي صورت يا ‪ Version‬هجي‪ ،‬ٿوڙي ڦير گھير سان ٻنهي‬
‫ڪهاڻين جو موضوع ساڳيو آهي‪ .‬ٻنهي ڪهاڻين ۾ ڳوٺ مان شهر ۾‬
‫منتقل ٿيڻ بعد ذهني ۽ معاشرتي بي پاڙي تبديلين کي وائکو ڪيو ويو‬
‫آهي‪ .‬اهو هڪ اهڙي صورتحال جو بيانيه آهي‪ ،‬جنهن ۾ فرد خواهشن جي‬
‫پورائي جي الِء مصلحتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي‪ ،‬پنهنجين پاڙن کان ته‬
‫ڪٽجي وڃي ٿو‪ ،‬پر جنهن نئين ماحول کي پنهنجو ڪرڻ چاهي ٿو‪ ،‬سو‬
‫کيس قبول نٿو ڪري‪ .‬نتيجي ۾ هو هڪ لحاظ کان اوپرو بنجي رهجي‬
‫وڃي ٿو‪ .‬معاشرتي فرق هجڻ سان گڏ‪ ،‬هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته وڏن‬
‫شهرن جو ماحول سنڌ جي تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن کان ڪٽيل ۽ ڌاريو‬
‫آهي‪ .‬سنڌ جي ڳوٺن سان واسطو رکندڙ نوجوانن جي الِء اهو هڪ وڏو‬
‫الميو آهي‪ ،‬جيڪي من اندر اڻ کٽ خواهشون کڻي حيدرآباد ۽ ڪراچي‬
‫جهـڙن وڏن شهرن ۾ اچن ٿا ۽ اتي جا ئي بنجڻ جي چڪر ۾ مصلحتن‬
‫جي بار هيٺان دٻجي پنهنجو پاڻ کي وڃائي ويهن ٿا‪” .‬موٽي ايندس مان“‬
‫ٻي لڙي آهي ”جنڊو پاڙو“ ڪهاڻيَء جي ــــ پر پنهنجي جاِء تي اها هڪ‬
‫ڀرپور ۽ اثرائتي ڪهاڻي آهي‪ .‬هن ڪهاڻيَء جي وڏي سگهه ان جي‬
‫ڪردار نگاري آهي‪ ،‬جنهن تي ابراهيم کرل کي دسترس حاصل ٿي‬
‫چڪي آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪19‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫موبائيل فون عام ٿيڻ کي ٽيڪناالجي جي ترقي سڏيو وڃي ٿو‪،‬‬


‫پر ان سان ڳوٺن‪ ،‬توڙي شهرن ۾ زندگيَء جي معيار تي ڪو فرق نه پيو‬
‫آهي‪ .‬معاشرتي ۽ معاشي بدحالي‪ ،‬اها ساڳي آهي‪ ،‬البته معاشرتي بگاڙ‬
‫ضرور پيدا ٿيو آهي‪ .‬اخالقي قدر به بدلجي رهيا آهن‪ .‬اڻ ڏٺل غير واقف‬
‫مردن ۽ عورتن جا موبائيل فون تي ڪوڙن سچن عشقن جا داستان ۽‬
‫انهن جا اگرا نتيجا ڪڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين پهچي‬
‫ويندا آهن‪ .‬ابراهيم کرل جي ڪهاڻي ”مرغو نمبر ‪ “5‬۾ ان نئين حقيقت‬
‫کي وائکو ڪيو ويو آهي‪ .‬ڪهاڻي دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي جنهن ۾‬
‫طنز پڻ سمايل آهي‪ .‬البت ڪهاڻي جي پڇاڙي ۾ پنهل کي اها ضرورت‬
‫ڇو ٿي محسوس ٿئي‪ ،‬جو هو پنهنجو موبائيل فون ڪڍي‪ ،‬نسرين جو‬
‫نمبر مالئي ڏسي ٿو‪ ،‬ان ڳالهه جو ڪو جواز نظر ڪونه ٿو اچي‪.‬‬
‫عالمي ادب ۾ ناولن جي ٽرائالجي جو رواج عام آهي‪ .‬ناولن‬
‫جي ڀيٽ ۾ اهڙيون ڪهاڻيون جن ۾ ساڳئي صورتحال‪ ،‬ساڳين ڪردارن‬
‫کي کڻي سلسليوار بيانيه هجي سو تمام گهٽ آهن‪ .‬مختصر ڪهاڻيَء‬
‫جي استاد ڪهاڻيڪار چيخوف جون‪ ،‬ٽرائالجي ڪهاڻيون لکيل آهن‪:‬‬
‫‪1. The Man in a case‬‬
‫‪2. Gooseberries‬‬
‫‪3. About Love‬‬
‫ڪن ٻين ڪهاڻيڪارن جون به ڪجهه ٽرائالجي ڪهاڻيون آهن‪.‬‬
‫سنڌيَء ۾ ڪهاڻيون ته نه‪ ،‬البت ڪجهه ناول ٽرائالجي طور لکيا ويا آهن‪.‬‬
‫آئون سمجھان ٿو ته ابراهيم کرل سنڌ توڙي هند ۾ پهريون ڪهاڻيڪار‬
‫آهي‪ .‬جنهن ٽرائالجي طور ڪهاڻيون لکيون آهن‪” .‬ملياڻي حليمان“‪،‬‬
‫”رحيمان“ ۽ ”صفوران“ ٽي ڪهاڻيون ٽن لڙين ۾ پويل‪ ،‬هڪ ئي موضوع‬
‫تي ساڳين ڪردارن کي کڻي لکيون ويون آهن‪ .‬هونَء ابراهيم کرل‬
‫چاهي ها ته انهن ٽن ڪهاڻين کي هڪ طويل ڪهاڻي جي روپ ۾ لکي‬
‫سگهي ها‪ ،‬پر هن هي هڪ تجربو ڪيو آهي‪ ،‬ٽن مختلف ڇوڪرين‬
‫ملياڻي حليمان‪ ،‬رحيمان ۽ صفوران جا ڪردار هڪ ٻئي سان الڳاپيل ۽‬
‫ساڳئي صورتحال مان گذرندڙ آهن‪” .‬ملياڻي حليمان“ ۽ ”رحيمان“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪20‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڪهاڻين جا انت‪ ،‬الميه آهن‪” .‬صفوران“ ڪهاڻيَء جو انت بنهه مختلف ۽‬


‫پڙهندڙن جي الِء ڇرڪائيندڙ آهي‪ .‬لفظن جي ڪفايت شعاري تي لکيل‬
‫ٽنهي ڪهاڻين جو بيانيه دلچسپ آهي‪ .‬سنڌ جي سڀ کان وڏي روڳ‬
‫وڏيرڪي نـظام ۾ ماڻهو زندگي ڪيئن گذارين ٿا‪ ،‬ان جو چٽ چٽيل آهي‬
‫ان ڪهاڻي ٽرائالجي ۾‪.‬‬
‫”گلناز“ ۽ ”آخري رات“ وچٿريون ڪهاڻيون آهن‪.‬‬
‫ملهه سنڌ جي قديم ۽ روايتي راند آهي جنهن کي بدقسمتيَء‬
‫سان سرڪاري سرپرستي حاصل نه ٿي سگهي آهي‪ .‬اهو ئي سبب آهي‬
‫جو وڏا وڏا ناميارا ملهه‪ ،‬ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي‬
‫ويندا آهن ۽ سندن سار لهڻ وارو ڪير به نه هوندو آهي‪ .‬ابراهيم کرل جي‬
‫ڪهاڻي ”پهرين ملهه“ ۾ هڪ نامور ملهه جي ذاتي زندگيَء جي مسئلن‪،‬‬
‫مجبورين ۽ گڏوگڏ ملهه سان سلهاڙيل مالکڙن ڪرائڻ وارن جي مفادن ۽‬
‫مصلحتن کي فنڪاريَء سان بيان ڪيو ويو آهي‪ .‬زوردار اسلوب‪ ،‬ملهه‬
‫سان واسطو رکندڙ اصطالح ۽ ٻوليَء جي خوبصورتيَء سان گڏ ڪردار‬
‫نگاري‪ ،‬هن ڪهاڻيَء جون اهم خوبيون آهن‪” .‬پهرين ملهه“ بالشڪ سنڌي‬
‫ادب جي هڪ شاندار ڪهاڻي آهي‪.‬‬
‫ابراهيم کرل ۽ سندس همعصر ڪهاڻيڪارن کي پڙهي لڳي ٿو‬
‫ته سنڌي ڪهاڻي‪ ،‬جي وهڪري ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي‪.‬‬

‫شوڪت حسين شورو‬


‫‪ ‬ڄامشورو ــ سنڌ‬
‫‪ 23‬ڊسمبر ‪2016‬ع‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪21‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫منهنجو بابا‬

‫اڄ مونکي جنهن هستيَء تي لکڻ جو موقعو ملي رهيو آهي ان‬
‫تي ڳالهائڻ الِء مون وٽ اهي لفظ ناهن جو مان بيان ڪري سگهان‪ ،‬اها‬
‫عظيم هستي ۽ انمول هستي آهي منهنجو بابا ـــ اهو منهنجي الِء تمام‬
‫مشڪل ڪم آهي ته مان انهن جي شخصيت ۽ پيار کي هتي چند لفظن۾‬
‫ٻڌائي سگهان‪ .‬پر پاڻ کي خوشنصيب سمجھان ٿي ته مان اهڙي اوال ِد مان‬
‫آهيان جنهن کي اهو موقعو مليو ته مان پنهنجي بابا الِء‪ ،‬ان جي دوستن‬
‫کي ٻڌائي سگهان ته هي آهي منهنجو بابا‪ .‬خوشقسمت هوندا آهن اهي ٻار‬
‫جن جي مٿن تي پيُء ۽ ماُء جو هٿ هوندو آهي پر ان کان به وڌيڪ مان‬
‫پاڻ کي خوشقسمت سمجھان ٿي جو مونکي بابا جهڙو انسان ‪As a‬‬
‫‪ father‬خدا تعالي عطا ڪيو‪ .‬چوندا آهن ته پيُء پنهنجون فيلنگس‬
‫”‪ “Feelings‬اوالد الِء ظاهر نه ڪري سگهندو آهي پر مان ان چوڻيَء کي‬
‫غلط ثابت ڪنديس ڇو ته مان پنهنجي بابا جو پيار ۽ محبت انهن جي‬
‫دڙڪن ۾ محسوس ڪيون آهن جيڪي منهنجين غلطين تي مونکي‬
‫ڏيندو آهي‪ .‬هونئن ته سڀني جا والدين پنهنجي اوالد کي سٺي تربيت‬
‫ڏيندا آهن ڇو ته اهو سندن فرض آهي‪ .‬هڪ ڊووٽيڊ پيُء‪ ،‬پنهنجي اوالد ۽‬
‫گهر الِء گهڻين تڪليفن کي منهن ڏيندو آهي ۽ انهن تڪليفن کي صبر‬
‫سان سهندو آهي ڇو ته سون کي باهه سان آزمايو ويندو آهي ۽ مؤمن کي‬
‫تڪليف سان ـــ مان پنهنجي بابا کي نه صرف ڊووٽيڊ فادر نه پر پرفيڪٽ‬
‫فادر وانگر ۽ ريسپانسبل فادر ڏٺو آهي‪ .‬صبح جو سوير اٿڻ‪ ،‬اسان کي‬
‫اٿارڻ ۽ ٽائيم سان اسڪول ڇڏڻ‪ ،‬پاڻ ڪاليج وڃڻ ۽ ٽائيم تي واپس‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪22‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫وٺي اچڻ مونکي ياد ناهي ته ڪڏهن هنن اسانکي انتظار ڪرايو هجي‪.‬‬
‫اسان کي ٽيوشن تي ڇڏي اچڻ يونيورسٽي وڃڻ ۽ واپسيَء ۾ ڊيري‬
‫ملڪ ۽ آئيس ڪريم سان گڏ واپس وٺي اچڻ مون پنهنجي بابا کي‬
‫راتيون جاڳندي ڪم ڪندي ڏٺو آهي ڪڏهن يونيورسٽي جا ليجر تيار‬
‫ڪندي ته ڪڏهن اسڪرپٽ لکندي ڪڏهن ڪهڙو ته ڪڏهن ڪهڙو ڪم‪،‬‬
‫رات جي ڪچهري مهل اسان جو ڪم چيڪ ڪرڻ ڳالهيون ڪرڻ ۽ پوِء‬
‫ٽائيم تي گڊ نائيٽ چوڻ ۽ ٽيبل لئمپ ٻاري پنهنجو ڪم ڪرڻ ۽ چانهه‬
‫جي فرمائش ڪرڻ ـــ مون بابا جي واتان ڪڏهن به اهو نه ٻڌو ته اڄ جو‬
‫ڪم سڀاڻي ـــ هن اسان الِء ڇا ڇا نه ڪيو؟ نه ڏينهن ڏٺو نه رات نه سيُء‬
‫ڏٺو نه گرمي بابا اسان کي تسبيح جي داڻن وانگر هڪ ڌاڳي ۾ پوئي‬
‫رکيو‪ .‬مون وٽ ايترا لفظ ناهن جو مان بيان ڪريان ‪But who is the‬‬
‫‪person which love and fully devoted to his work.‬‬
‫حد کان وڌيڪ هيلپ فل نه صرف پنهنجي اوالد الِء بلڪه سڀني‬
‫دوستن الِء به‪ ،‬بابا کي ڪتاب گهڻا پسند آهن بابا جي هڪ لئبريري آهي‬
‫جنهن ۾هر ڪتاب هڪ سيريز ۾ سيٽ ٿيل آهي‪ .‬بابا کي هر هڪ ڪتاب‬
‫جو رنگ ۽ ڪتاب جو نالو ياد آهي‪ .‬جنهن ڪتاب جي ضرورت پوندي‬
‫صرف رنگ ۽ شيلف جي الئين ٻڌائيندو ـــ هٿ وجھو ته ڪتاب حاضر‪.‬‬
‫هڪ دفعي اسان الڙڪاڻي وياسين ـــ جلوس سبب رستو بند هيو‬
‫بابا گاڏي مان لٿو ۽ سامهون ڪتابن جي اسٽال ڏانهن هليو ويو‪ .‬واپسيَء‬
‫تي سندس چهري تي مرڪ هئي ۽ سندس هٿ ۾ هڪ ڪتاب سيرت‬
‫النبي جيڪو سليمان ندوي جو لکيل هو‪ .‬بابا کي ڄڻ قيمتي ڪتاب ملي‬
‫ويو هو ـــ ”علم خزانو آهي“ گهٽ ماڻهو سمجھن ٿا پر مونکي فخر آهي‬
‫ته منهنجو بابا هن خزاني جو مالڪ آهي“‪.‬‬
‫بابا جي باري ۾ ڳالهايان ته شايد سڄو ڏينهن گذري وڃي‪ .‬بس‬
‫آخر ۾ اها دعا رب عزت کان جيڪو مشرق وارن کي ڏسي ٿو ۽ مغرب‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪23‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫وارن کان واقف آهي جيڪو ائين معاف ڪرڻ وارو آهي جو سالن جا‬
‫گناهه هڪ پل ۾ معاف ڪري ڇڏي‪ .‬اهو رب منهنجي بابا کي علم‬
‫برڪت جان مال ۽ تمام خوشيون ۽ هر پل پنهنجي ياد عطا فرمائي‬
‫(آمين)‪.‬‬

‫ڊاڪٽر ڪائنات کرل‬


‫‪ ‬بقائي يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز‬
‫ڪراچي ـــ سنڌ‬
‫‪ 06‬مارچ ‪2017‬ع‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪24‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫پنهنجي پاران‬
‫موٽي ايندس مان ـــ ڪهاڻين جو ڪتاب آهي جنهن ۾ منهنجون‬
‫يارنهن ڪهاڻيون شامل آهن‪ .‬هن کان پهريان منهنجي ڪهاڻين جو ٻيو‬
‫پار“ ‪2003‬ع ۾ ڇپيو هو لڳ ڀڳ ‪ 13‬سالن جي‬ ‫ڪتاب ”درياَء جي هن ِ‬
‫وٿيَء کانپوِء هن ڪهاڻي ڪتاب سان اوهان آڏو حاضر آهيان‪ .‬ڪائي مٽ‬
‫سٽ ڪانهي‪ .‬اوئين اوچيان ٿو اوئين لکان ٿو‪ .‬اوئين اٿان ٿو اوئين‬
‫گهمان ٿو‪ .‬اوئين موٽر سائيڪل تي هڪ هنڌان ٻي هنڌ پهچان ٿو‪.‬‬
‫ليڪچرر مان ٿوري ترقي ڪري اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو آهيان‪ .‬دل جي‬
‫ڌڙڪن ساڳي رفتار ۾ آهي‪ .‬آس پاس ۾ ڪجهه ڀڳو‪ ،‬ڀريو‪ ،‬سڙيو آهي پر‬
‫لکايو ڪونهي‪ .‬هونئن ڀي ماڻهو مري ٿا وڃن ته انهن جي پٺيان ڪير ٿو‬
‫مري‪ ،‬هرڪو پنهنجي زندگي جيئي ٿو‪ .‬ائين ڪهاڻي به اڳتي وڌندي ٿي‬
‫رهي‪ .‬نون ڪردارن سان‪ ،‬نون الڙن ۽ مروج ٿيندڙ ورتائن سان ـــ ڪالهه‬
‫ڪهاڻين جا موضوع سماج سان سلهاڙيل هئا اڄ ڀي آهن‪ .‬دنيا ترقي‬
‫ڪئي آهي ته ڪهاڻي ۾ ”جديديت پڄاڻان“ جهڙو موضوع ظاهر ٿيو آهي‪.‬‬
‫جديد سنڌي ڪهاڻي هڪ سؤ سال پورا ڪيا آهن ۽ پنهنجا فارم به مٽايا‬
‫آهن‪ .‬ڪهاڻي اڌ ڪالڪ يا ڪالڪ کان ٽيهن سيڪنڊن تائين پهتي آهي‪.‬‬
‫آزاد نظم کان به ننڍي رڳو تاثر يا ائين کڻي چئون ته ”چمڪو“ جيئن‬
‫کنوڻ جو چمڪاٽ‪ ،‬يا ڪيميرا جي فليش اوندهه کي روشنيَء جو احساس‬
‫ڏياري‪ .‬اهڙي ادب کي چيو ئي فليش ادب وڃي ٿو‪ .‬باقي ڳالهه وڃي‬
‫ڀرپور تاثر جي رهي ٿي‪ .‬لطف جي رهي ٿي وليَء جي خوبصورتيَء‪،‬‬
‫لفظن جي جڙاَء‪ ،‬عالمتن جي ڳنڍ جي‪ ،‬جذبن جي جواالجي‪ ،‬تشبيهن جي‬
‫تاَء جي ته اهي اڃاريون رهجي وڃن ٿيون‪ .‬انهن جي پر ڪيف جڪڙ‪ ،‬مان‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪25‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫اسين آجا ٿيندا ٿا وڃون اسان جي ادب ۾ ڇسائپ ايندي ٿي وڃي‪ .‬اوهان‬
‫ان شيِء کي ڪيئن ٿا مهسوس ڪيو؟‬
‫مون هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين جي حوالي سان‪ ،‬صرف‬
‫هڪڙي ڳالهه شيئر ڪرڻ پي چاهي‪ .‬اها آهي هڪ ننڍڙي تجربي جي‬
‫حوالي سان سچ پڇو ته مون پنهنجي آڌار تي هڪ ڳالهه محسوس ڪئي‬
‫جڏهن هڪ واقعو مون کي ڪيترن سالن کان جنجھوڙي رهيو هو‪ .‬لڳ‬
‫ڀڳ زندگي جا ويهه سال مون انهي واقعي تي نه لکي سگهيو‪ .‬سوچيم ته‬
‫لکندس ته ڳالهه پڌري ٿي پوندي‪ .‬پر انهن عورتن جي روحن مون کي‬
‫هميشه لکڻ تي مجبور ڪيو‪ .‬مون جڏهن اهي ڪهاڻيون لکيون ته عجيب‬
‫تسلسل ٺهي پيو‪ .‬جنهن کي مون ”ٽه لڙهي“ يا ”ٽه ڪڙي “ جو نالو ڏنو‬
‫آهي جيئن سان ٻڪرين رڍن ڳئن ۽ مينهن کي ڳچيَء ۾ پارائڻ الِء ڳاني‬
‫ٺاهي پارائيندا آهيون‪ ،‬اها ڳاني ٻن لڙهين واري به ٿئي ته ٽنل ڙهين‬
‫واري به ٿئي‪ .‬پر ان جو پاڻ ۾ جڙاُء اهڙو هوندو آهي جو لڳندو آهي ته اها‬
‫هڪ ئي ڳاني آهي‪ .‬سو مون به اهو خيال ذهن ۾ رکي ٽن ڪهاڻين جي‬
‫تربيت کي ٽه لڙهي ڪهاڻي سڏيو آهي‪ .‬جنهن ۾ ڪردار تقريبن ساڳيا‬
‫آهن‪ .‬مکيه ڪردار جيڪي مثبت آهن انهن جو پاڻ ۾ الڳاپو آهي‪ .‬۽ اهي‬
‫تسلسل ۾ هلن ٿا‪ .‬وقت ۽ حالتون انهن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا‬
‫ڪرڻ الِء اتساهين ٿيون‪ .‬منهنجي ڪردارن جي پڻ اڻت ساڳي آهي‪ .‬اوهان‬
‫جيڪڏهن هنن ٽن ڪهاڻين کي جدا جدا ڪري پڙهندؤ ته توهان کي انهن‬
‫جو تاڃي پيٽو ـــ وچ ۽ ڪالئيميڪس الڳ الڳ لڳندو ۽ هر ڪهاڻي هڪ‬
‫مڪمل ڪهاڻيَء جو تاثر پيش ڪندي‪ .‬پر جيڪڏهن اوهان گڏي پڙهندؤ ته‬
‫اوهان کي هي ٽي ڪهاڻيون هڪ ئي تسلسل جو عڪس پسائينديون‪ .‬ٽه‬
‫لڙهي ڪهاڻين ۾ پهرين ڪهاڻي ”ملياڻي حليمان“ ٻي ڪهاڻي ”رحيمان“‬
‫۽ ٽئين ڪهاڻي ”سفوران“ شامل آهي جڏهن ته فليش ادب جي طرز تي‬
‫لکيل مختصر ٽه لڙهي ڪهاڻي عمر‪ ،1‬عمر ‪ 2‬۽ عمر ‪ 3‬شآمل ڪهاڻين‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪26‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫تي مبني ٽه لڙهي ڪهاڻي آهي‪ .‬باقي ڪتاب ۾ ٻه ڪهاڻيون منهنجي‬


‫شروعاتي دؤر جون لکيل ڪهاڻيون آهن‪ .‬جيڪي رسالن ۾ ڇپيل آهن‪.‬‬
‫جن مان ”آخري رات“ ڪچي جي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي آهي‪ .‬جنهن‬
‫کي مون اوئين رهڻ ڏنو آهي ۽ ٻي ڪهاني جيڪا ”جنڊو پاڙو“ جي نالي‬
‫سان آهي هي ڪهاڻي مون ان ڪري هت ڏني آهي ته هن ڪهاڻيَء جو‬
‫تسلسل ”موٽي ايندس مان“ ڪهاڻي سان ملي ٿو اڳتي هلي ان تسلسل‬
‫جي ٽئين ڪهاڻي لکيم ته ان کي به ٽه لڙهي جي فارم ۾ آڻيندس!‬
‫مان انتهائي ٿورائتو آهيان پنهنجي دوست ممتاز بخاريَء جو‬
‫جنهن نه صرف اتساهيو پر ڪهاڻين تي مهاڳ به لکي ڏنو‪ .‬سچ پڇو ته‬
‫مون هن کان اڳ سواِء سراج جي ناولن جي ٽياالجي وغيره ناول يا‬
‫ڪهاڻيون ڪونه پڙهيون هيون‪ ،‬ممتاز بخاري جي مهاڳ ۾ اهڙو ذڪر‬
‫پڙهيو اٿم! بخاري منهنجو ‪ 28‬سالن جو دوست آهي کيس تمام سٺي‬
‫ڄاڻ آهي‪ .‬هاڻي به کيٽو ڪيون ويٺو آهي ته ناول لکي ڏي‪ .‬دعا ڪيو ته‬
‫جلد يار جي خواهش پوري ٿئي!‬
‫مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان سائين شوڪت حسين شوڪري‬
‫صاحب جو جنهن ڪهاڻي جي حوالي سان مختلف مضمونن ۾ مونکي‬
‫ڪوٽ ڪيو آهي‪ .‬هن ڪتاب جي سلسلي ۾ جڏهن ساڻس ڳالهه ـٻولهه ٿي‬
‫ته سائين ڪجهه ڪهاڻين تي يا منهنجي باري ۾ ٻه اکر لکي ڏيو ته پاڻ‬
‫چيائون ڪهاڻيون موڪلي ڏي‪ .‬مون پنج ڪهاڻيون موڪلي ڏنيون‪ .‬پاڻ ٽه‬
‫لڙهي ڪهاڻي پڙهي ميسيج ڪيائون ته ”يار هي ته ناول جو مسودو ٿو‬
‫لڳي‪ .‬مون وضاحت ڪئي ته سائين هي ڪهاڻيون آهن‪ .‬وڏا وڙ سائين جن‬
‫جا جو ٻه اکر به ايترا شاندار لکي موڪليائون جو آٌء شرمندو پيو ٿيا ته‬
‫جيڪر ممتاز بخاريَء سان مهاڳ جي ڪمٽمينٽ نه هجي ها ته شآيد آٌء‬
‫شوڪت شورو جي هن راِء کي مهاڳ طور شامل ڪيان هان‪ .‬شوڪت‬
‫صاحب اوهان جو پيار اکين تي ـــ احسانمند رهندس‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪27‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڪجهه مهينا اڳ مون هڪ ڪهاڻي ”گلناز“ ويڪلي ڪاوش‬


‫مئگزين کي موڪلي هئي‪ .‬جيڪا شايع ٿي هئي ته منهنجي ڪاليج‬
‫ڪليگ سائين منظور بيدار صاحب ان ڪهاڻيَء تي ميسيج ڪري راِء‬
‫ڏني هئي کيس ڪهاڻي وڻي هئي‪ .‬مون سندس راِء کي ڪتاب جي فليپر‬
‫تي رکي ڇڏيو آهي‪ .‬منظور بيدار صاحب بهترين انسان آهي مان سندس‬
‫ٿورائتو آهيان‪.‬‬
‫مان انتهائي مشڪور آهيان ڀاُء امر اقبال جو جنهن منهنجي هن‬
‫ڪتاب تي پڻ راِء ڏني آهي‪ .‬مونکي ياد آهي ‪1991‬ع ۾ جڏهن اسان جو‬
‫شاعريَء جو گڏيل ڪتاب ”تنهنجي وئي کانپوِء“ جنهن۾ حبيب ساجد‪،‬‬
‫علي عابد ۽ مان‪ ،‬شامل هئاسون ته ان وقت به امر اقبال اها راِء ڏني هئي‬
‫ته مان شاعري ڪرڻ بجاِء بهتر ڪهاڻيون لکي سگهان ٿو‪ .‬۽ مان ان راِء‬
‫تي عمل ڪيو هو‪ .‬امر سائين مان اوهان جو ٿورائتو آهيان‪.‬‬
‫مان پنهنجي ڌيَء ڊاڪٽر ڪائنات جو به ٿورائتو آهيان جنهن‬
‫منهنجي ڪتاب اچڻ ۾ انٽريسٽ ورتو‪ .‬وقت بوقت پڇندي رهندي آهي ۽‬
‫پنهنجا ٻه چار لفظ‪ ،‬مون لئه لکيا اٿائين‪ .‬جيڪي منهنجي الِء الئه ڇا آهن‪.‬‬
‫جو مان سمجھان ٿو ته منهنجي سموري اوالد مان کيس ئي منهنجو‬
‫وڌيڪ اونو هوندو آهي‪.‬‬
‫مان پنهنجي پٽ شاهزيب جو شڪر گذار آهيان جنهن پروف‬
‫جون ٻه پرنٽون ڪڍي ڏنيون ۽ ذاتي لڳاُء ڏيکاريو‪.‬‬
‫مان پنهنجي ڀاُء آصف رضا نظاماڻيَء جو پڻ ٿورائتو آهيان‬
‫جنهن ڪتاب جي ٽائيٽل سميت ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ جو سڄو ڪم‬
‫پاڻ ڪيو آهي‪ .‬واقعي ڀاُء آصف تمام بهترين انسان آهي جنهن سان‬
‫گهاريل گهڙيون خوشگوار هونديون آهن‪ .‬هو هڪ سٺو پڙهندڙ ۽ سٺو‬
‫مشاهديڪار به آهي‪ .‬سندس راِء هن ڪتاب ۾ شامل نه ڪري سگهيو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪28‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫آهيان‪ .‬جيڪا هو هر ڪهاڻي ڪمپوز ڪرڻ کانپوِء مون کي مهل سر‬


‫ڏيندو رهيو آهي‪.‬‬
‫مان تخليقڪار فورم خيرپور جي سربراهه استاد شاهن سمنگ‬
‫جو به ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب کي شايع ڪرائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه‬
‫ڪئي آهي‪.‬‬

‫ابراهيم کرل‬
‫‪ ‬ڪائنات ڊيسينٽ گرامر اسڪول‬
‫سول اسپتال روڊ ـــ خيرپور ــ سنڌ‬
‫‪ 02‬مارچ ‪2017‬ع‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪29‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڪهاڻيون‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪30‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫(پهرين لڙي)‬

‫ملياڻي حليمان‬
‫ُ‬

‫دريائي ڪنارا جڏهن وڻن‪ ،‬ٻوڙن‪ ،‬جھنگ ۽ گاهه کان خالي نه‬
‫ٿيل هئا تڏهن دليون به محبتن سان سرسبز ۽ سايون هيون‪ ،‬ٻيلن جو‬
‫موت نه ٿيو هو ـــ تترن جي تنوار‪ ،‬مال جي چڙن ۽ بِيڪو مشينن جي‬
‫پائيپ مان نڪرندڙ پاڻيَء جو آواز‪ .‬خانوَء واري اٽي جي‪ ،‬چڪيَء واري‬
‫لوٽيَء جو آواز‪ ،‬ماحول کي مترنم ڪري ڇڏيندو هو‪ .‬هي تن ڏينهن جي‬
‫ڳالهه آهي‪.‬‬
‫درياَء جي کاٻي ڪپ تي وڏيري ربن جو ڳوٺ چاليهارو گهر‪،‬‬
‫النڍيون‪ ،‬ڇ ِپرا‪ ،‬سي به لئي جي لڪڙن مان ٺهيل‪ِ .‬سر‪ ،‬سيمينٽ جو نالو‬
‫نشان ئي ڪونه‪ .‬سواِء هڪ حويليَء جي جيڪا به ٻاهران پڪ ِسري ۽‬
‫اندران ڪچين ِسرن جي ٺهيل‪ ،‬چوڌاري اوڏڪي ڀت‪ ،‬۽ هڪڙي وڏي‬
‫اوطاق‪ ،‬ربن خان جي‪ ،‬جيڪو ڳوٺ جو وڏو‪ ،‬چڱو ۽ ڪرتا ڌرتا به هو‪.‬‬
‫ڪچي جي ٻني درياَء جو لٽ چڙهي ته‪ ،‬ماڻهو پوک ته ڦٽي پوي‪ ،‬سرنهن‬
‫ا ِڇ ِل ته‪ ،‬ونئڻن جيان ڳنر ڪري‪ ،‬ڦالرجي ته مکيَء جي کيتن کي به ماري‬
‫وڃي‪ .‬انهيَء ڳوٺ ۾ پهريون واقعو ٿيو هو ته ماڻهن جي بت ۾‬
‫سراٽيون پئجي ويون‪ ،‬سال سوا ته‪ ،‬ماڻهو ڪنن کي وٺي‪ ،‬نڪ تي آڱر‬
‫ِس ِ‬
‫رکي ڪي گهڙيون‪ ،‬سانت ٿي ويندا هئا‪.‬‬
‫مولوي بدر الدين جو گهر‪ ،‬ڳوٺ جي نياڻين الِء مسيت به‪ ،‬ته‪،‬‬
‫محراب به‪ ،‬جتي ڳوٺ جا ٽٻر ڇوڪرا‪ ،‬ڇوڪريون قرآن پڄائڻ تائين‪ ،‬مسع‬
‫خن تي اچي ويهندا هئا ته سڄي‬
‫ڪري رومال ۽ پوتيون ويڙهي‪ ،‬جڏهن ن ِ‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪31‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڳوٺ ۾ ”د ِريون يوقد“ ”تننزل المالئڪة“ جهڙن لفظن جي گونجار ۾ ٻري‬


‫اٿندو هو ۽ مولوي بدر الدين جو ڳرو ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهگهو ٿي ويل‬
‫آواز سڄو پاڙو ٻڌندو هو‪ ،‬دونهين جون الٽون سياريَء ۾ ڳوٺ جي مٿان‬
‫وڪڙ کائي‪ ،‬مال جي اٿيل مٽيَء سان ملي هِڪ ٿي وينديون هيون‪ .‬انهي‬
‫ناس تائين پهتي‬
‫گهر ۾ جنم وٺندڙ حليمان سيپاري (قاعدي) کان جڏهن و ِ‬
‫ته بدر الدين نختي ۽ سنڱر جي ٿيلهي ڀري اچي سائيڪل جي هِينڊل مان‬
‫الٿي‪ ،‬خطابين سان گڏ ڳوٺ جي هر گهر ۾ چپٽي چپٽي‪ ،‬خطابين هٿان‬
‫موڪلي ڏنائين ته‪ ،‬ڪريمت پنهنجي ڌيَء مٿان گھور گھور ٿيڻ لڳي‪.‬‬
‫پنجن سالن کانپوِء ڳوٺ جي ڪنهن ڇوڪريَء قرآن پڙهي پورو ڪيو هو‬
‫۽ هيَء نياڻي چوڏهن قرآن ٿي پئي هئي‪” .‬نياڻي ست قرآن ۽ وري جي‬
‫پڙهي پورو ڪيائين ته چوڏهن قرآن“‪.‬‬
‫مولوي بدر الدين تان ڄڻ اڌ بار لهي پيو هو‪ ،‬ڳوٺ جون‬
‫ڇوڪريون هاڻي حليمان پڙهائڻ لڳي هئي‪ .‬هوَء صوم صلواة جي پابند‬
‫بڻجي وئي هئي‪ .‬مولوي بدر الدين‪ ،‬هاڻي جي‪ ،‬شادي مرادي ۽ مرڻي تي‬
‫هليو ويندو هو ته‪ ،‬کيس ڳڻتي ڪانه ٿيندي هئي‪ .‬حليمان پنهنجي علم ۽‬
‫ِحلم سان ميلو مچايون ويٺي هئي‪ .‬هن نمازن ۾ هاڻي اشراڪ کي به‬
‫شامل ڪري ڇڏيو هو‪ .‬وڏي ڳالهه ته هاڻي زناني موتگيَء جا بار به هن‬
‫پنهنجي مٿي تي‪ ،‬کنيا هئا‪ .‬فوتگي ٿي ته‪ ،‬هوَء مهل سان ڪفن جي‬
‫سالئي‪ ،‬عطر‪ ،‬خاڪِ ِشفا ۽ ڪلمن واري چادر سميت وڃي‪ ،‬ميت تي‬
‫پهچندي هئي‪ ،‬تڙ ڏيارڻ کانپوِء‪ ،‬ميت کي ٺاهي سينگاري‪ ،‬جڏهن ڪفن ۾‬
‫ويڙهي کٽ تي سمهاريندي هئي ته سندس چهرو ٻهڪي پوندو هو ۽ پوِء‬
‫هوَء‪ ،‬سورتون پڙهي قرآن بخشي جڏهن عورتن کي نه روئڻ جو درس‬
‫ڏيندي هئي ته سفيد لباس ۾ آسمان جي پري لڳندي هئي‪ .‬ڳوٺ جون‬
‫سڀ مايون کيس ڏسي‪ ،‬اهو ضرور چونديون هيون ته ”ادي بدر الدين‬
‫زندگيَء ۾ ته بهشت ڪمايو پر مئي به پنهنجي قبر ڇڏائي“‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪32‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڪريمت ڪر کنيو گهمندي هئي ۽ ڌيَء جي اهڙن ڪمن کيس‬


‫سرخرو ڪري ڇڏيو هو‪ .‬ڳوٺ جي چڱي ربن کي اهو ارمان هو ته‪:‬‬
‫”سندس نياڻي رحيمان اهڙو مرتبو نه ماڻي سگهي‪ .‬اهڙو اظهار هن‬
‫پنهنجي ڌيَء رحيمان سان ان وقت ڪيو‪ ،‬جڏهن هو موتيَء تان موٽي‬
‫ٿڪجي‪ ،‬اچي کٽ تي ليٽيو هو ۽ رحيمان کيس زور ڏئي رهي هئي‪ .‬هن‬
‫پنهنجي ڌيَء جي منهن ۾ نهاريندي چيو هو ”امان اڄ مان دنگ رهجي‬
‫ويس“‪.‬‬
‫ڇا ٿيو بابا؟‬
‫رحيمان جي ان سوال تي ربن ٿڌو ساهه کنيو ۽ چيو‬
‫امان بدر الدين جي ڌيَء‪ ،‬اڄ مائي مرادان جو ڪفن ٺاهيو‪ .‬کيس‬
‫تڙ ڏئي تيار ڪيو“‪.‬‬
‫”ها بابا‪ ،‬هوَء ِسکي آهي‪ ،‬قرآن پڙهي آهي! سندس پيُء مالن‬
‫آهي“‬
‫ها ڌيَء بيشڪ! ”بدر الدين ته سندس تربيت ڪري‪ ،‬هي جهان به‬
‫سنواري ڇڏيو ته هو جهان به سنواريو“‪.‬‬
‫ها بابا! اها ته سٺي ڳالهه آهي!‬
‫ڌيَء ڪاش مان به تنهنجي اهڙي تربيت ڪيان ها‪.‬‬
‫بابا‪ ......‬توهان به!‬
‫ڇو بابا‪ .....‬ان ۾ ته چڱائي آهي‪ ،‬ڪهڙي برائي آهي؟‬
‫مان ڪڏهن ٿي چوان ته برائي آهي‪ ،‬پر حليمان کي اهڙو ماحول‬
‫مليو تنهن ڪري هن سکي ورتو!‬
‫ته مونکي به اهڙو ماحول ڏيڻو هو نه ! ربن وراڻيو‪.‬‬
‫بابا‪ ،‬ريس نه ڪبي آهي‪ .‬ڀال رحيمان کي مون جيان گهر هالئڻ‬
‫ايندو‪ ،‬اوطاق جي الِء اهڙي سانجڻ ڪرڻ ايندي‪ .‬آئي وئي جو خيال رکڻ‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪33‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ايندو‪ ،‬ڳوٺ جي مائين سان اٿي ويٺي‪ ،‬ڪرڻ ايندي‪ .‬رحيمان پيُء کي‬
‫الجواب ڪندي چيو‪.‬‬
‫چوين ته تون به سچ ٿي‪ ....‬پر ڌيَء‪ ،‬جنهن آخرت سنواري اهو‬
‫ڪمائي ويو‪.....‬‬
‫هيَء نيڪي گهٽ آهي‪ ،‬ٻين جي خدمت ڪرڻ‪ ،‬بکين کي کاڌو‬
‫کارائڻ تڪليف ۾ مدد ڪرڻ‪ ،‬ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ“ رحيمان آٿت‬
‫ڏيندي چيو‪.‬‬
‫”ڌيَء تون ته منهنجو بار هلڪو ڪري ڇڏيو‪ ،‬تون ايڏي سياڻي‬
‫ٿي وئي آهين“‬
‫”مان ڌيَء ڪنهن جي آهيان“ رحيمان مرڪي چيو‪.‬‬
‫ربن جي منهن تي‪ ،‬مرڪ تري آئي‪ .‬هن اٿي ڌيَء‪ .‬جي مٿي تي‬
‫هٿ رکيو ۽ سينڌ تي چمي ڏني‪“.‬‬
‫روشن توڻي جو بدر الدين جو پٽ هو پر‪ ،‬پنهنجي طبيعت ۽‬
‫ارڏائي جي ڪري بدر الدين کي ڀانِء نه پوندو هو‪” ،‬نه مسيت ڏانهن‬
‫منهن‪ ،‬نه چڱن سان چاهه“‪” ،‬نه ربيع ۾ راضي نه خريف جي خبر“‪ ،‬محنت‬
‫ڏانهن ته منهن ئي نه هئس‪ ،‬دوستن جي سنگت کاري خراب ڪيو هئس‪،‬‬
‫سدائين ِسيٽ تي زور‪ ،‬سچ چئه ته سامهون پوندو هو‪ .‬ان ڪري بدر الدين‬
‫چاهيندو هو ته گهر کان دربدر هجي‪ ،‬منهن نه چڙهي‪ ،‬کيس ڪوٺيندو ئي‬
‫اوندهه هو‪.‬‬
‫جڏهن کان حليمان پڙهي قابل ٿي هئي ته‪ ،‬وٽس خوشين جي آمد‬
‫ٿي هئي‪ ،‬هِڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو روشن اچي ڀنڊڻ ڪيو ته مونکي‬
‫ماڻهو مهڻا ۽ طعنا ٿا ڏين ته‪ ،‬ڪنواري ڀيڻ کان مالئپ ٿا ڪرايو‪ ،‬دين‬
‫اسالم‪ ،‬ان جي اجازت نٿو ڏئي ٻيو ته اسان سڀ مائين جي ڪمائي ٿا‬
‫کائون‪.....‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪34‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫بدر الدين کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي هئي پر‪ ،‬پهريان شرعي فتوي‬
‫وٺڻ جو سوچي چپ ٿي ويو‪ .‬حليمان ته حالن کان هلي وئي‪” .‬ڇا ڪنوارپ‬
‫اسالم ۾ ايڏو وڏو ڏوهه آهي“‪ .‬جو ماڻهو ميت کي تڙ ڏئي سنواري قبر‬
‫ڏانهن موڪلي نٿو سگهي‪ .‬ٻيو ته ملندو وري ڇا هيو اهي ٻه روا‪ ،‬يا‬
‫اجرڪ‪ ،‬يا وري ميت جي بت تان لٿل ڪپڙا‪ ،‬يا وري قرآن بخشراڻي ٻه‬
‫چار سو جنهن الِء هن جي ڀاُء اچي ڪاڪڙو ڪيو هو ۽ اڀ مٿي تي کنيو‬
‫هيائين‪.‬‬
‫ٻي ڏينهن تي ٽاڳڙي جي مدرسي ۾ بدر الدين وڃي مولوي‬
‫عبدالحق سان مليو هو ۽ حال سندس آڏو رکيو هيائين‪ ،‬مولوي عبدالحق‬
‫مسئلو ٻڌي فلحال ته ڦانِء ٿي منجيَء تي ليـٽي پيو‪ ،‬پاسا ورائي پيٽ جا‬
‫وڪڙ ڪڍي سڌو ٿي ويٺو‪.‬‬
‫”بابا بدر الدين‪ ،‬اسان سڏايون ته مولوي ٿا پر‪ ،‬احڪامن تي پورا‬
‫نٿا لهي سگهون‪ ،‬بابا دين جي مسئلن ۾ منجھي ٿا پئون‪ ،‬حڪم آهي ته‬
‫نينگر جوان ٿئي ته اٿاري ڇڏجي‪ .‬ايتري تائين جو ٻه ماهواريون آيون ته‬
‫ٽئين پوڻ نه ڏجي‪ ،‬تڏهن ته اسان کي ماڻهو پير تي نه هجڻ جا مهڻا ٿا‬
‫ڏين‪ .‬ابا اهي مليائپ واريون مسندون تڏهن ئي وٺجن جڏهن ماڻهو پير‬
‫تي پورو هجي‪ “.‬هاڻي تون ته اسان الِء به مسئلو پيدا ڪندين‪ ،‬وڃي ڳوٺ‬
‫ٻڌائيندين ته مولوي عبدالحق هيئن چيو آهي‪ .‬جنهن کي ڳالهه نه وڻندي‬
‫اهو مونکي به چڱو ڪونه سمجھندو تنهن ڪري پنهنجي پٽ سان منهن‬
‫پاڻ ڏي‪ ،‬باقي نياڻي اٿارڻ جو ته سڌو سنئون حڪم آهي‪ ،‬باقي مرضي آ‬
‫تنهنجي حرام‪ ،‬حالل آ تنهنجي هٿ ۾ مرضي پوئي ته کاُء‪ ،‬مرضي پئي ته‬
‫پري ڪر! مونکي آ‪ ،‬درس ڏيڻو سو ٻيلي مان هالنِء ٿو‪ .‬باقي دوزخ جي‬
‫باهه کان بچڻ ٿو چاهين ته نياڻي اٿاري ڇڏ“‪.‬‬
‫بدر سڄي واٽ سوچيندو ويو ته آخر ڇا ڪجي؟ مسين وڃي‬
‫سور گهٽيا هئا‪ ،‬وري اچي ڏونگرن منهن ڪڍيو آهي‪ .‬رات جو ڪريمت‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪35‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫کي ويهاري ويچار ڪيائين ته آخر ڪهڙو پاسو وٺجي‪ .‬حليمان جيڪا‬
‫مصلي تي هٿ مٿي ڪري پنهنجي پالڻهار کان پيُء ماُء الِء دعا گهري‬
‫رهي هئي‪ ،‬شاديَء جو سڙ ٻاٽ ٻڌي ساهه مٺ ۾ اچي ويس‪.‬‬
‫منهنجا موال‪ ،‬مس ته وڃي پيرن ڀر بيٺي آهيان‪ ،‬پير ئي ٿا پٽجن‪،‬‬
‫هي ڇا ڪائنات جا رب! منهنجي قسمت ۾ اِهو لکيو هيئي‪ .‬هيَء مهل‬
‫منهنجي لکيي جي لکئي هيئي“!‬
‫ڪريمت! ”ڀال جي ڇوڪري جي شادي ئي ڪرڻي آهي ته‬
‫منهنجي ڀاُء جو پٽ ڀالرو ويٺو آهي“‪.‬‬
‫ڀالري جو نالو ٻڌي حليمان جو هنيانُء هٿ ۾ اچي ويو‪ .‬ڀالرو‬
‫پورا ڏهه سال مونکان وڏو‪ ،‬نه سنوارت ڪرائي نه نماز‪ ،‬نه روزو‪ ،‬نه‬
‫مسلماني‪ .....‬يا خدا هي ڇا؟‬
‫حليمان جا پيُء اهڙو قهر ته نه ڪر! ڪريمت جا لفظ ٻڌي‬
‫حليمان کي ڪجهه ساهه پيو‪.‬‬
‫منهنجو ڀاُء ڇا چوندو! بدر الدين منهن خراب ڪندي وراڻيو‪.‬‬
‫اسان جي ڇوڪري سهڻي سيبتي‪ ،‬روزي نماز جي پابند‪ ،‬سڄي‬
‫ڳوٺ ۾ سندس عزت‪ ،‬مان مرتبو‪ ،‬ماڻهو ٿڪون نه هڻندا ته هٿ وٺي‬
‫ڇوڪر باهه ۾ اڇاليو!‬
‫دوزخ جي باهه کان ته بچنداسين! بدرالدين جي ذهن ۾ عبدالحق‬
‫جا لفظ ڦرڻ لڳا‪.‬‬
‫ته جيئري نياڻيَء کي باهه ۾ اڇالئيون! ائين نه! ڪريمت‬
‫وراڻيو‪.‬‬
‫ٻيا رشتا کٽا آهن آهن جو ائين ڦاهو کائون! ڪريمت وراڻيو‪.‬‬
‫بدر الدين سوچ ۾ پئجي ويو‪.‬‬
‫ڀال ڏي وٺ ڪيئون؟ ڪريمت داُء کيڏيو‪.‬‬
‫ڪنهن سان ؟ بدر الدين وراڻيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪36‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ادي مير محمد سان؟ ڪريمت چيو‪.‬‬


‫بدر الدين ڪاراٽجي ويو‪” .....‬ادي مير محمد سان هونهه! “‬
‫سدائين پنهنجن ڏانهن پير سور ڪجانِء! تو وارو ڇورو بيهندو‬
‫ان ڳالهه تي‪ .‬سدائين وتي ٿو مامن جون سڙيون ٻوٽيون کائيندو!‬
‫اچنس ۽ معافي تالفي ٿئي ته‪ !....‬ڪريمت اهو دڳ‬
‫ِ‬ ‫”ڀال جي هلي‬
‫ٻڌايس! ڪونه معاف ڪندن! ڇوري کان پوليس جا پادر وسري ويا هِن!‬
‫بدر الدين ياد ڏياريس‪.‬‬
‫”پادر به ته پاڻ کاڌا هيائين يا منهنجي ڀائرن چيو هئس ته چوري‬
‫ٽ ورتي‪.‬‬
‫ڪري“!ڪريمت ڀائرن جي و ِ‬
‫”ڪاهيو به ته ڇيلو هيائين ڪو وڏو ڏوهه ته ڪونه ڪيو هيائين‬
‫جو ست ڏينهن ٿاڻي ۾ پي ڪٽرائيو هئائونس“ ـــ بدر الدين پٽ جي وٽ‬
‫کنئي‪.‬‬
‫مان ته سٺي صالح ڏني اٿمانِء! ڇوڪري سکي ٿيندي جي‬
‫چوندين ته ڇوڪري به گهر ۾ هوندي ۽ شادي به ٿي ويندس!ڪريمت‬
‫ڳالهه سؤلي ڪري ڏنس‪.‬‬
‫”شاباس! ته گهر ڄاٽو ڪرائي رکندو مانس ۽ پٽ جي منهن تي‬
‫دانگي مليندس“! بدر الدين ارهو ٿيو‪.‬‬
‫وڌيڪ آ تنهنجي مرضي جيئن وڻئي تيئن ڪر! باقي ڇوڪريَء‬
‫کان پڇجانِء ضرور! نه ته قيامت ۾ جواب پاڻ ڏجانِء! ڪريمت ڊگهي ٿي‬
‫سمهي پئي‪ .‬بدر الدين ڌيُء ڏانهن ڏٺو‪ ،‬جنهن جا هٿ اڃا مٿي بارگاهه‬
‫االهي ڏانهن کنيل هئا‪.‬‬
‫صبح سان ئي بدر الدين نماز پڙهائي موٽيو ته‪ ،‬روشن نلڪي‬
‫تان منهن پي ڌوتو‪ ....‬بدر الدين جي مٿان بار هو‪ ،‬هن اهو الهڻ پي چاهيو‪.‬‬
‫هو گهڙي پلڪ رڪجي ويو دل‪ ،‬من‪ ،‬سوچي هن روشن کي چيو ”پٽ ٻه‬
‫منٽ اندر اچ توسان ڳالهائڻو اٿم!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪37‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫بدر الدين اندر ويو ته روشن به ڪڍ لڳو ويس‪.‬‬


‫ويهه پٽ!‬
‫جي بابا!‬
‫پٽ‪ ،‬مونکي آهي بار الهڻو‪ ،‬تنهنجو ڪروڌ به چوٽ چڙهيل‬
‫آهي‪....‬سو ڌيَء حليمان جي شادي ڪرڻي آهي‪ .‬مون ته سڄي رات جاڳي‬
‫گذاري آهي‪....‬‬
‫تون ڇا ٿو چوين!بدر الدين پٽ جي منهن ۾ ڏٺو‪.‬‬
‫”مان ته راضي آهيان‪ ،‬توهان ڀلي اهو بار الهيو‪ ،‬گهٽ ۾ گهٽ‬
‫مونکي ته طعنا ۽ مهڻا ٻڌڻا نه پوندا‪ .‬روشن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو‬
‫پٽ هڪڙي جاِء آهي‪ .‬ادي وٽ‪ ،‬ڀالري الِء‪ .........‬۽ ‪ ........‬۽ ‪.....‬‬
‫بابا‪.....‬‬
‫۽ ٻي جاِء آهي‪ .‬تنهنجي مامن وٽ‪ ،‬مير محمد جي‪ ......‬بدر الدين‬
‫اڃا جملو ئي پورو نه ڪيو ته روشن ڳالهايو ”انهن جو نالو ئي نه کڻ بابا‪،‬‬
‫ڪهاڙيَء سان ڪپي ڇڏيندس حليمان کي‪ .....‬پر انهن کي ڏيڻ ڪونه‬
‫ڏيندس“!‬
‫ڀال جي ڇوڪر ڀالري الِء راضي نه هجي‪ .....‬بدر الدين جملو‬
‫روڪي ڇڏيو‪.‬‬
‫روشن کٽ تان اٿيو ۽ نماز پڙهندڙ ڀيڻ کي ٻانهن کان گهليندو‬
‫اندر وٺي آيو‪ .‬پڇيس بابا‪ ......‬هاڻي جو هاڻي پڇيس‪.....‬‬
‫حليمان ڏڪي رهي هئي‪ ،‬هن جي جسم مان ساهه ڇڏائجي ويو‬
‫هو!‬
‫بدر الدين اکيون مٿي ڪري پڇيو‪ ....‬ڌيَء توکي ڀالري جو‬
‫رشتو منظور آهي‪....‬؟‬
‫حليمان جي جسم مان ساهه ڇڏائبو ويو‪ .‬هن ڊگهي ڳيت ڏئي‬
‫توانائي گڏ ڪري چيو‪” :‬نه بابا‪ ،‬منهنجو نڪاح مسلمان سان ڪرايو“‪.....‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪38‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫روشن ڀيڻ جو هٿ ڇڏي ڏنو‪.....‬‬


‫ڀال مامهين مير محمد جو پٽ! بدر الدين ٻيو آپشن ڏنو‪.‬‬
‫ڀلي ڪنهن سان به ڪرايوپر ‪ ......‬حليمان رڪجي وئي‪.‬‬
‫اڳيان لفظ نه بدر الدين ٻڌا نه روشن‪.....‬‬
‫ڪهاڙي سينڌ ۾ اچي لڳس‪.....‬‬
‫بابا ڪري‪ ،‬ڪري پئي‪ .....‬ٻي ڪهاڙيَء پيُء جو پٽڪو ڪيري‬
‫حليمان جي ڪياڙيَء ۾ لڳي‪ .‬بابو رتورت‪ ،‬بابي جي ڏاڙهي رت‪....‬‬
‫ڪريمت قرآن کڻي آئي‪ ،‬پر ملياڻي حليمان آخري هڏڪي‬
‫ڏني‪!....‬‬
‫خبردار جو هن کي ڪنهن تڙ به ڏنو آهي ۽ تڏو وڇايو آهي‪......‬‬
‫روشن جا آخري جمال گونجيا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪39‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫(ٻي لڙي)‬

‫رحيمان‬

‫ڳوٺ ۾ حليمان جو قتل ٿيو ته سڄو ڳوٺ غم جي ڪوهيڙي ۾‬


‫وٺجي ويو ماڻهن مال جي ڳچيَء مان چڙا الهي ڇڏيا‪ ،‬بدر الدين جي گهر‬
‫۾خطابي گڏ ٿي ويا‪ ،‬پاڙي جون عورتون جنهن جتان ٻڌو اتان حليمان جي‬
‫گهر جو رخ ڪيو‪ .‬سڀئي هائسي ۾ هئا ته هي اچانڪ ڇا ٿي ويو‪.‬‬
‫ڪن چيو ته‪” ،‬حليمان منهن ۾ مسلماني‬
‫ڳالهيون ٿيون ۽ وڌي وڻ ٿيون‪ِ ،‬‬
‫رکي اندر ۾ ابليس کي ويهاريو ۽ سڳ سوڌو پڪڙجي پئي“‪ .‬ڪن ڪنن‬
‫تي هٿ هڻي نڪ رڳڙيو ”امڙ اهلل حقئون به رکي ته ناحقئون به بندي جي‬
‫من ۾ هڪڙي ته مالڪ جا پنهنجا فيصال‪ ،‬ضرور ڪجهه ته هيو جو‬
‫ڪهاڙي سينڌ تي هلي‪.‬‬
‫روشن جي پرڪارن جي راڄ کي خبر هئي ته‪ ،‬هو مولوي بدر‬
‫الدين جو پٽ ضرور هو پر اٿڻ ويهڻ‪ ،‬لچن لوفرن سان هئس‪ ،‬مامن سان‬
‫ڪونه رهائي هئائين باقي راڄ سان ڪهڙو روح رالئي هان! سڄو ڏينهن‬
‫اوتاري تي ڀالري ۽ دادن سان پيو لپڙي جي لونجهه تي ٽهڪا هڻندو هو‬
‫۽ سلفيَء مان سوٽا ڀري اکيون ڳاڙهيون ڪري رت سان راند کيڏندو هو‪.‬‬
‫انهيَء راند ۾ هن ملياڻي حليمان جو به سر کنيو‪ .‬چڱن ٿو ٿو ڪئي ۽‬
‫ِمڙي ربن جي اوطاق تي وڏيري کي ڪجهه ڪرڻ الِء زور ڀريو‪.‬‬
‫ربن مٿي کي هٿ ڏيئي‪ ،‬گهڻي سوچ کان پوِء چيو ته ”ادا ڪهڙو‬
‫ڪارو منهن ڪجي‪ ،‬ڪنهن سان ڇا بيان ڪجي‪ ،‬هٿ جي وڍي آهي‬
‫ڪهڙيون ملمون الئجن ڪهڙا ٽاڪا هڻجن“ وڏو آهي بدر الدين‪ ،‬ان جي‬
‫صالح کانسواِء ڇا ٿو ڪري سگهجي؟‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪40‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫مير محمد جيڪو توائي ۾ تتو پيو هو تنهن ڀڙڪو کائي باهه‬
‫ڪڍي‪” ،‬اهڙي سوئر کي سڌيون گوليون هڻجن‪ ،‬اهو ڏوهه بخشڻ جهڙو‬
‫ناهي“‪.‬‬
‫ادا مير محمد برابر صحيح ٿو چوين‪ .‬ڇوڪ ِر اسان جي نياڻين‬
‫کي خدا جو ڪتاب پڙهايو‪ ،‬دين ڏانهن راغب ڪيو‪ ،‬اڄ اسان جي گهرن ۾‬
‫خداِء جو ذڪر ٿئي ٿو ته اهو نينگر حليمان جي ڪري‪ “.‬وسائي اکين ۾‬
‫پاڻي آڻيندي چيو‪.‬‬
‫ايتري ۾ بدر الدين به اچي پهتو‪ ،‬جنهن جو چولو رت ۾ ڀريو‬
‫پيو هو! اکين مان نير جاري هئس‪” .‬ادا ربن مونسان ناحق ٿي ويو‪.‬‬
‫منهنجي قيامت ڪاري ڪري ڇڏي روشوَء‪ ،‬منهنجي هيَء دنيا به وئي ته‬
‫هوَء دنيا به“‪.‬‬
‫مير محمد ماڻهن کي پري ڪندي اڳتي آيو ۽ چيائين ته‪” :‬بدر‬
‫الدين مون توکي اڳ ۾ ئي چيو هو ته ان بي بڻيادي مان سرهي ڪانه‬
‫ٿيندِء ڀاڻيجو اسان جو به آهي پر نانگن کاڌو آ‪ ،‬ادا! نانگ کي ڪيترو به‬
‫کير پيار پر هڪ ڏينهن ڏنگ ضرور هڻي“‬
‫پر اهو سڀ ڪجهه ٿيو ڪيئن ڪا خبر ته پوي ربن ماڻهن کي‬
‫ماٺ ڪرائيندي پڇيو!‬
‫بس ادا‪ ،‬ٻه ڏينهن اڳ گهر ۾ ڀنڊڻ ڪيائين ته ماڻهو طعنا مهڻا ٿا‬
‫ڏين ته ڪنواري ڇوڪريَء کان مالئپ ٿا ڪرايو‪ .‬حرام ٿا کائو‪ .‬سو مون‬
‫وڃي مولوي عبدالحق سان بيان ڪيو‪ ،‬جنهن به اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته‬
‫ادا تون ڄاڻ تنهنجو ڪم‪ ،‬باقي ڇوڪري اٿاري ڇڏ ته ڀلو آهي“‪ ،‬سو مون‬
‫اچي نِڀاڳي سان صالح ڪئي‪ .‬ان تي اهو مسئلو ويو وڌندو“ بدر الدين‬
‫سسڪين ۾ پئجي ويو‪.‬‬
‫”اڇو ٿس منهن“‪ ،‬ڪو اهڙين ڳالهين تي گهر جو ڀاتي ماربو‬
‫آهي عبدالرزاق جملو ڇڏيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪41‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ادا بدرالدين پيرائتي ڳالهه ڪر! جي ڪا ٻي اهڙي ڳالهه آهي ته‬


‫ٻڌاِء سڀاڻي‪ ،‬پوليس آهي‪ ،‬قانون کي منهن ڏيڻو پوندو‪ ،‬ائين نه ٿئي جو‬
‫هڪڙو ظلم ٿيو آهي ۽ وري اچي ٻي مصيبت ۾ پئون‪ .‬ربن وضاحت‬
‫گهرندي چيو‪:‬‬
‫ادا‪ ،‬مون پهريان گهر واريَء سان صالح ڪئي ۽ پنهنجي ڀائيٽي‬
‫ڀالري جو نالو کنيو ته جيڪر ڀائر ڳنڍجي وڃئون‪ ،‬گهر جو مسئلو‪ ،‬گهر‬
‫۾ رهي‪ ،‬تنهن تي گهر واري راضي نه ٿي ته اسان جي ڇوڪري پڙهي‬
‫لکي‪ ،‬روزي نماز جي پابند‪ ،‬۽ ڀالري جي توهان سڀني کي خبر آهي“‪.‬‬
‫بدر الدين سڏڪندي احوال ڪيو‪.‬‬
‫مير محمد هڪل ڪري چيو ته‪” :‬ان ۾ ڪو شڪ آهي‪ ،‬اديَء‬
‫صحيح چيو‪....‬‬
‫ربن پڇيو‪ ،‬پوِء ادا بدر الدين ڇا فيصلو بيٺو“‪.‬‬
‫ادا پوِء ڳالهه آئي مير محمد جي ڇوڪري عطا محمد تي‪،‬‬
‫منهنجيَء گهر واريَء چيو ته جي تون چاهين ته مان ادي سان ڳالهائيان‬
‫ڏي وٺ ڪيئون!‬
‫جنهن تي مون مڙئي پٽ‪ .‬جي ڪري ٿورو‪ .....‬رئه رکيو‪ .‬ڳالهه‬
‫رڪجي وئي‪ ....‬مون کي ڪهڙي خبر ته روشو مونسان ائين ڪندو“‪ .‬بدر‬
‫لدين وڌيڪ تفصيل پيش ڪيو‪.‬‬
‫وسائي چيو ته وڏيرا ”بدر الدين اتي به صحيح هو‪ ،‬ڇو ته روشن‬
‫۽ مير محمد وارا پاڻ ۾ پاسيرا آهن“‪.‬‬
‫ادا ڇڏ انهيَء ڳالهه کي‪ ،‬اصل ممڙ ڇاتي متو! ربن ڳالهه ختم‬
‫ڪرڻ چاهي! بدر الدين گوڏن ڀر وڏيري جي اڳيان ويهي رهيو‪” .‬ادا‬
‫مونکي ڪهڙي خبر ته روشن ڀيڻ کي گهلي مون آڏو وٺي ايندو‪،‬‬
‫منهنجي نياڻي نماز پڙهي رهي هئي‪ .‬بدر الدين ڍنڍڪرن ۾ شروع ٿي‬
‫ويو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪42‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”ادا مون اهڙي ڳالهه نه اڳ ڪئي آهي ۽ نه هاڻي ئي راضي‬


‫آهيان جو منهنجو نالو ورتو ٿو وڃي“! مير محمد وضاحت ڪندي چيو!‬
‫بدر الدين ته آخر ڇوڪر ڪهڙي ڏوهه ۾ ماري وئي! ربن مٿان‬
‫جملو چيو! ”ادا مون چيو نه ته ڇوڪر ڀالري الِء صاف انڪار ڪيو ته‬
‫مون نالو مير محمد جي ڇوڪري عطا محمد جو کڻڻ چاهيو‪ ،‬جنهن تي‬
‫ڇوڪر صرف ايترو چيو ته ڀلي ڪنهن سان به ڪرايو‪” ....‬پر‪“.....‬‬
‫ِت منجھي ۽ دير ئي نه ڪيائين! بدر‬
‫جنهن تي روشوَء جي م ِ‬
‫الدين ٻئي چنبا پنهنجي منهن ۾ هنيا!‬
‫چئبو ته روشن اهو غلط سمجھيو يا شڪ ڪيو! بدر الدين پڪ‬
‫ڪرڻ چاهي‪.‬‬
‫مير محمد ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو‪” .‬نالو به پاڻ کڻن ۽ خون به پاڻ‬
‫ڪن‪ ،‬ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه!؟“‬
‫عبدالرزاق وراڻيو‪ .‬ادا مير ممد به چوي ته سچ ٿو‪ ،‬باقي جي‬
‫اهڙي ڪا ثابتي آهي ته کڻي نروار ڪن! ڇو ته ننهن جي ڇنيَء کي‪،‬‬
‫ڪاتيَء سان ڇو ڇنجي‪“.‬‬
‫بدر الدين‪ ،‬مٿي منهن ڪري چيو ته‪” ،‬ادا مٿان وري اهو چئي‬
‫ويو ته ڪير ڇوڪ ِر کي تڙ به نه ڏي ۽ تڏو به نه وڇائي!“‬
‫وسائي‪ ،‬وارو سمجھندي ٻه لفظ اڇليا ته ”چئبو ته من ۾ مير‬
‫هيس ني جو اهڙا لفظ اڇلي ويو“‪.‬‬
‫”سڀني جا منهن لهي ويا‪ ،‬ڪير ڪڇي جي ڪڇي ته ڪافر“‪.‬‬
‫مير محمد جي ڌيَء سفوران پيرين اگھاڙي ڀڄندي اچي رحيمان‬
‫ٽ حليمان قتل ٿي وئي!‪.‬‬
‫جي گهر پهتي وڏيري ظلم ٿي ويو پڦا ِ‬
‫سفوران جي واتان اهي لفظ ٻڌي رحيمان جي هٿن مان چانهه‬
‫جو ڪوپ ڪري پيو‪ ،‬وات مان هان! جو لفظ نڪتو‪ ،‬۽ هوَء سن ٿي‬
‫وئي!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪43‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”خداِء خانو خراب ڪيو روشن جو جنهن ڪهاڙيون هڻي قرآن‬


‫کي ڪٺو!“ سفوران پاراتو ڏنو‪.‬‬
‫رحيمان سامت ۾ آئي هن جي نڙي مان اٽڪيل لفظ نڪتا‪ ....‬پر‬
‫ڇو‪ ....‬ڇا تي؟‬
‫ٽ ڀالري سان شادي ڪرڻ کان‬
‫سفوران سڏڪندي ٻڌايس ته ”پڦا ِ‬
‫انڪار ڪيو ان تي“‪.....‬؟‬
‫انڪار تي قتل!حليمان چڙ ۽ ڏک جي انداز کي گڏائي پڇيو‪.‬‬
‫ها‪ ،‬وڏيري ماڻهو پنهنجي زندگي پاڻ به جيئي نٿو سگهي‪.....‬‬
‫مٿان وري مهانڊو چئي ويو آهي ته ڪير به کيس تڙ نه ڏي ۽ نه‬
‫ئي تڏو وڇائي! سفوران وراڻيو‪.‬‬
‫ڇا مطلب سفوران تون هي ڇا ٿي چوين؟! رحيمان جھيڻي آواز‬
‫۾ پڇيو!‬
‫”وڏيري ائين سمجھ ته هن ڪاري ڪري ماري“! سفوران‬
‫سمجھائيندي چيو!‬
‫”شاديَء جي انڪار تي ڪاري“؟ اهو ڪٿان جو قانون آهي‪،‬‬
‫ڪهڙي قوم جي رسم آهي! دنيا ۾ ڪو راڻو راڻي آهي به يا سڀ مري‬
‫کپي ويا! رحيمان جي لهجي ۾ غصو هو‪.‬‬
‫وڏيري سڀ مرد اچي اوطاق ۾ مڙيا آهن خبر ناهي ڇا ٿئي!‬
‫سفوران ڪنڌ هيٺ ڪيو‪.‬‬
‫جيڪي ٿيو اهو ڏٺو ويندو‪ ،‬تون مونسان اچ مان ڏيندس حليمان‬
‫کي ڪفن‪ ،‬مان ميت کي سينگاريندس‪ ،‬جي ڪنهن ۾ همت آهي ته اچي!‬
‫مونکي روڪي ڏيکاري‪ ،‬مان به ڏسان ته ڪنهن ۾ ايترو دم آهي؟ تون‬
‫مونسان گڏ هل! رحيمان سينو تاڻي چيو‪.‬‬
‫”وڏيري مونکي بابا منع ڪئي آهي‪ .‬اسان انهن جي گهر ۾ نه‬
‫ويندا آهيون“ سفوران وراڻيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪44‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫توکي مونسان هلڻو پوندو چاچي سان مان پاڻ ڳالهائيندس!‬


‫رحيمان آٿت ڏيندي چيس‪.‬‬
‫رحيمان‪ ،‬سفوران سان ملي‪ ،‬طالب ڇوڪرين جي مدد سان‬
‫حليمان جو الش پٽ تان کڻي‪ ،‬کٽ تي رکيو‪ ،‬تڙ ڏياريو‪ ،‬ڪفن جو‬
‫بندوبست ڪيو ۽ سينگاري ٺاهي‪ ،‬طالبن کي همت ٻڌرائي ته‪” ،‬ڀلي ڳوٺ‬
‫جا ماڻهو پوتيون پائي گهرن ۾ ويهي رهن پر توهان کي سڀ ڪجهه‬
‫ڪرڻو آهي‪ ،‬سامي ٺهرائڻي آهي‪ ،‬جنازي کي ڪلهو ڏيڻو آهي ۽ حليمان‬
‫کي لحد ۾ الهڻو آهي“‪.‬‬
‫پوِء سڀني ڳوٺ وارن ڏٺو ته ڪلمه شهادت سان ڳوٺ جون‬
‫گهٽيون گونجي اٿيون ۽ ماڻهو نڪري پيا‪ ،‬تدفين ٿي‪ ،‬تڏهن وڃي ماڻهن‬
‫۾ ساهه پيو ته‪ ،‬بدر الدين به قل پڙهي حليمان جي روح کي بخشيا‪.....‬‬
‫مئخاني ۾ ڀالري نعرو هنيو‪ .‬دم مست قلندر حق حق ”جيڪو‬
‫ڀالري جو برو چاهيندو اهو ائين ڪسندو!‪ ،‬ڀال ڙي روشن‪ ،‬مڙس جو پٽ‬
‫آهين! رن کي ڪهڙي بحال جو انڪار ڪري“! اسان دنيا کي ڌوڙ‬
‫وجھيون مئخاني ۾ هرو ڀرو ويٺا آهيون!‬
‫دادن ڀالري جو دبرڻ ٻڌو ته سلفيَء مان سوٽو ڀري دونهين کي‬
‫مٿي ائين اڇليو ڄڻ حقارت کي اندر مان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪندو هجي‪.‬‬
‫نه چئه ائين نه چئه! ڪا مهل ڪهڙي ڪا مهل ڪهڙي“‪.‬‬
‫هن کان وڌيڪ ڪهڙي مهل هوندي! ماڻهو رڳو مسلماني بچائڻ‬
‫۾ پورو آهي‪ .‬آهي ڪو مٽ مائٽ جو لحاظ‪.‬‬
‫دادن مان سڳو سئوٽ هئو مانس‪ ،‬اها ملياڻي مون کي ڏسي‬
‫منهن بڇڙو ڪندي هئي‪.‬‬
‫”بابا اهو انهيَء جو وڙ‪ ،‬مئي پٺيان اهڙي پچار نه ڪجي“ دادن‬
‫وراڻيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪45‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڇو دادن مان ڪو مالئپ ڪرڻ کان روڪيانس ها ڇا؟ رهندو‬


‫مئخانو ۽ مسيت ملي پون ها‪ ،‬ڀالري اندر جي باهه ڪڍندي چيو!‬
‫ڀال‪ ،‬زور جي ميندي لڳندي آهي ڇا؟ دادن سلفيَء جو ڪپڙو‬
‫ٺاهيو ۽ ڀالري ڏانهن وڌائي‪.‬‬
‫ڀالري وڏو دوگاڙو هڻي‪ ،‬دونهون ٻاهر ڪڍيو‪ ،‬ناسن مان وات‬
‫مان دونهون زور سان الٽون ٿي نڪتو ڄڻ سندس اندر ٺري پيو‪.‬‬
‫روشن منهنجو اندر ٺاري وڌو‪ ،‬نه چاچو چڱو نه چاچي چڱي‪،‬‬
‫ٻنهي مان روشن ڪيئن غيرتي پيدا ٿيو‪ .‬نه ناناڻا نانگ نه ڏاڏاڻا ڏنگا!‬
‫اصل اصيل ٿي اڀريو‪ .‬وڃ ڙي روشن! تون ته اوندهه ۾ سوسڙي ٻاري‬
‫ڇڏي‪ .....‬ڀالرو دبري دبري وڃي‪ ،‬گوڏن کي انگوشو ٻڌي جھوال ۽ جھوٽا‬
‫کائڻ لڳو‪.‬‬
‫روشن ڪهاڙي تان رت الئي نرڙ کي هنئي ۽ ڪي پهر وڏيري‬
‫ربن جي جھٽي واري مشين بي موڪ ۾ پير الهي ويهي رهيو ۽ دليل‬
‫ڊوڙائڻ لڳو ته هاڻي ڪاڏي وڃجي‪،‬‬
‫”جي بابو ڀاڙي ٿي پيو ته اجھو ٿي پوليس اچي ۽ نوڙي مان‬
‫نانگ ٺاهي‪ .‬وڏيرو ربن به راڄ کي ڇڏي منهنجي هروڀرو ڀرڪو نه وٺندو‪.‬‬
‫ٻن چورين جو حساب رهيل اٿس‪ ،‬وارو مليس ته اهڙو ڪٽرائيندو جو‬
‫ويهي به ڪونه سگهندس!‬
‫پاڻيَء تي پوندڙ سج جي ڪرڻن ۽ ترورن ۾ ذهن تي هڪ ڳالهه‬
‫چٽي ٿي آيس ته ڇو نه ايم اين اي‪ ،‬اڌل شاهه جو پاسو ڏجي‪ .‬اڄڪلهه‬
‫سندن حڪومت به آهي‪ ،‬ٻڌي ڇوڙي به سندن چوڻ تي ٿئي ٿي‪ .‬ٽڪيٽون‬
‫۽ عهدا به هو ئي ورهائن ٿا‪ ،‬پوليس به پوئواري ڪرين ٿي‪ .‬ٻيو ته ربن به‬
‫انهن ڏانهن راغب آهي ۽ ٽڪيٽ جو آسرو اٿس! ٽپ ڏئي اٿيو‪ ،‬ڄڻ جسم‬
‫۾ ساهه پئجي ويس!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪46‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫اڌل شاهه کي به اهڙا ماڻهو گهربل هئا‪ ،‬جن جي دهشٽ ۽ وهشت‬


‫ماڻهن ۾ هجي لنڊي لوفر سان اٿڻ ويهڻ هجي‪ ،‬اليڪشن ۾ باٺو ۽ داسو‬
‫وهائي سگهن‪ ،‬ووٽ وٺي سگهن يا ڇني ڇيهه ڪري ڏيکارين اڌل شاهه‬
‫جي ڊبل ڪئبن تي مٿان سلفي رائيفل کڻي بيهڻ ۾ دهشت به هئي ته‬
‫دهشت ۽ وحشت به!‬
‫اها ئي رات‪ ،‬روشن ڪارا ڪپڙا پاتا! رائيفل ڪلهي ۾ وڌي ۽‬
‫صوبيدار جي سامهون ٿيو‪ ،‬جيڪو اڌل شاهه جي آستاني تي‪ ،‬فارمي‬
‫ڪڪڙ جي ڄنگهه ۾ ائين وات وجھيو ويٺو هو‪ ،‬ڄڻ جھنگ ۾ شينهن‬
‫شڪار ڪيو هجي‪ .‬هن ٽيڏي اک سان روشن کي ڏٺو ۽ ڄنگهه ۾ اهڙو‬
‫چڪ وڌائين جو هڏي ٽڙڪاٽ ڪيو!‬
‫هڏيَء مان فارغ ٿي‪ ،‬ڪنڌ مٿي ڪري روشن کي چيائين روشن‬
‫ِپير زورا اٿئي نه ته ڪم اهڙو ڪيو ٿي جو ٽي ڏينهن ته ٻٻر جي ڏار ۾‬
‫ٽنگيو پيو هجين ها!“‬
‫اڌل شاهه وڏو ٽهڪ ڏنو! ”صوبيدار روشن ٻاٻرو ٽانڊو اٿئي‬
‫ٽانڊو! هن جي ڄر کان بچجانِء دکي دکي وري ٻرندو اٿئي!“‬
‫صوبيدار ڦڪي کل کلي روشن ڏانهن ڏٺو ته روشن هلڪو‬
‫شهپر کي هٿ هنيو!‬
‫”ڏسنداسين ته ايندڙ اليڪشن ۾ اهي شهپر مٿي ٿا ور کائن يا‬
‫مورڳو هيٺ لهي وات ۾ ٿا پون!“ صوبيدار ڄڻ ڪاٺي سوري ٽانڊي کي‬
‫ڀڀڙ ڪرڻ چاهيو!‬
‫اڌل شاهه جون اکيون ڳارهيون ٿي ويون! صوبيدار منهنجو‬
‫ڪم به ماڻهن سان آهي‪ .‬گدڙن سان ناهي جن جون کلون ڳچيَء ۾ ماڻهو‬
‫ڊيڄهڙي کان پائيندا آهن“‪ .‬جيڪو به فريادي ٿئي‪” ،‬اهو گدڙ ڪري‬
‫مارجانِء‪ ....‬ڇو ته شينهن‪ ،‬شينهن وٽ پهچي ويو آهي‪ .‬ڪيس لوڙهڻ‬
‫تنهنجو ڪم‪ ،‬پوسٽنگ جتي چوندين وٺرائي ڏيڻ منهنجو ڪم!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪47‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫صوبيدار سڌو ٿي ويهي رهيو ۽ پيٽ تي هٿ ڦيرائڻ لڳو‪.....‬‬


‫”تنهنجو پيٽ هميشه مون ڀريو آهي“ اڌل شاهه پٽاٽي جي ٺهيل‬
‫چپس مان هڪ فنگر کڻي وات ۾ وڌي!‬
‫صوبيدار مرڪيو ۽ اتي بيٺو پاتل پئنٽ کي مٿي ڪري سلوٽ‬
‫ڪري نڪري ويو‪.‬‬
‫اڌل شاهه صرف هلڪي نظر روشن تي وڌي‪ ،‬جيڪو جھڪي‬
‫بيٺو ته ادل شاهه ڪلهي تي ٺاپي ڏئي چيس! شير يا لوگان‪.....‬‬
‫”شير سائين شير“! اهي لفظ چئي روشن جي اکين ۾ چمڪ‬
‫اچي وئي!‬
‫ڌيَء تون سٺو نه ڪيو! هيڏي ڀري راڄ ۾! مونکي ڪنڌ کڻڻ‬
‫جهڙو نه ڇڏيئي“‪ ،‬وڏيري ربن ميار واري لهجي ۾ رحيمان کي چيو!‬
‫ڇو بابا! منهنجو ته ڪنڌ مٿي آهي ۽ هي ڪلهو به شان کان‬
‫اوچو ٿي پيو آهي‪ ،‬هڪ باحياَء عورت جي جنازي کي ڪجهه ڏيڻ تي‪......‬‬
‫رحيمان ڪلهو مٿي ڪندي وراڻيو‪.‬‬
‫”تون نٿي سمجھين“! ربن وراڻيو‪.‬‬
‫مان سڀ سمجھان ٿي بابا‪ ،‬مان توهان جي ڌيَء آهيان‪ ،‬ڳوٺ جي‬
‫راڄ سان اٿي ويٺي آهيان‪ ،‬عورتن جي درد کي سمجھان ٿي‪ ،‬انهن سان‬
‫ڀاڱي ڀائيوار آهيان! ”اهو ڪٿان جو اصول آهي ته هڪ باعزت‪ ،‬باوقار ۽‬
‫با سيرت عورت کي صرف شادي جي انڪار ڪرڻ تي ڪاري ڪري‬
‫ماريو وڃي“‪ .‬رحيمان اکيون اکين ۾ وجھي پيُء کي چيو‪.‬‬
‫”اهو انهن جو ذاتي مسئلو آهي“‪ .‬ربن غصي ۾ وراڻيو‪.‬‬
‫نه بابا نه‪ ،‬اهو اسان جو اجتماعي مسئلو آهي‪ .‬اهو ساڳيو عمل‬
‫منهنجي خالف ٿئي ها ته پوِء ڀي بابا اوهان ائين سمجھو ها!‬
‫ربن رڳو رحيمان جي اکين ۾ ڏسي ٻاهر نڪري ويو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪48‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫اوطاق ۾ اڌل شاهه جو ماڻهو ويٺو هو‪ ،‬جنهن نويڪالئيَء ۾‬


‫ربن سان ڳالهايو ۽ هليو ويو‪ .‬ربن مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو‪.‬‬
‫سومهياڻيَء جو جڏهن رحيمان ويلو مانيَء جو ملياڻي حليمان‬
‫جي گهر ڏئي موٽي ته ربن پڌر ۾ پي چڪر ڏنا!‬
‫پيُء جي اها حالت ڏسي رحيمان ٿانَء رکيا ۽ ڀر ۾ اچي بيٺي‪.‬‬
‫بابا ڇا ٿيو آهي؟‬
‫اهو پڇ ته ڇا نه ٿيو آهي؟ ربن جواب ڏنو‪.‬‬
‫رحيمان ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو!‬
‫ربن رڙ ڪري چيو ته ”اهو روشو اڌل شاهه وٽ پهتو آهي‪ ،‬۽‬
‫منهنجي خالف باهه ٻاري ڏني اٿائين ته ربن جي ڌيَء‪ ،‬ڪاريَء کي غسل‬
‫ڏئي راڄ جي منهن تي دانگي ملي آهي‪ ،‬جنهن جو فيصلو گهرجي“!‬
‫ڇا جو فيصلو بابا! بي ڏوهيَء کي مارڻ جو يا ان کي انسان‬
‫سمجھي دفن ڪرڻ جو؟ انهن ٻنهي فيصلن مان ڪو به هڪ فيصلو‬
‫توهان کي ڪرڻو پوندو‪.‬‬
‫مون توکي اڳ ئي چيو هو ته مردن جي فيصلن ۾ توهان مائين‬
‫جو ڇا؟ ربن دڙڪي واري انداز ۾ چيو‪.‬‬
‫واهه بابا واهه! هونئن ته توهان جي گهرن ۾ اسان جي وڏي‬
‫اهميت آهي‪ .‬اسان نه هجئون ته هي گهر قبرستان بڻجي وڃن! ۽ فيصلن‬
‫۾ وري مائين جو ڇا؟ رحيمان ايترو ئي بس چيو‪.‬‬
‫بڪواس بند ڪر! ربن انتهائي غصي ۾ ايندي چيو‪.‬‬
‫”واهه بابا سائين واهه اڄ اهي لفظ به توهان جي زبان تي آيا“‬
‫رحيمان وراڻيو‪.‬‬
‫هي ته رڳا لفظ آهن‪ .‬ڊڄ انهيَء ڏينهن کان جو هي هٿ تنهنجي‬
‫ڳچيَء تائين پهچن ۽ گهٽو ڏئي توکي پورو ڪن“‪ .‬ربن صفا باهه ٿي ويو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪49‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫مون کي ٻيو ڇا گهرجي! هِڪ مرد ڀيڻ ماري‪ ،‬ٻيو مرد پنهنجي‬
‫ڌيُء ماريندو“ اڄ هو دربدر آهي‪ ....‬۽ سڀاڻي‪ ....‬رحيمان جا لفظ رڪجي‬
‫ويا‪.‬‬
‫زوردار چماٽ رحيمان جي ڳل تي لڳي‪ ،‬سناٽو ڇائنجي ويو ٻه‬
‫ڳوڙها اکين جو بند ڀڄي ڳلن تان ٿڙندا ٿاٻڙجندا هيٺ ڪريا‪ .‬رحيمان جي‬
‫وات کي تالو لڳي ويو‪ .‬شايد ڳالهائڻ ئي ڏوهه هو‪ ،‬زبان ۾ تلخي ڀرجي‬
‫ويس‪ .‬جنبش ۽ حرڪت ئي مسئلي جي جڙ هئي‪ .‬اها زبان چپ ٿي ۽‬
‫اهڙي چپ ٿي‪ ،‬جو ڇهن مهينن تائين چپ ئي رهي‪.‬‬
‫انهيَء چپ چپات ۾ ئي ربن خان فيصلو ڪيو ته رحيمان جي‬
‫شادي پنهنجي ڀائيٽي دادن سان صفر جي ‪ 14‬تاريخ ٿيندي‪.‬‬
‫سنڌ جي وڏي شاعر شاهه لطيف جو عرس جنهن عورت کي‪،‬‬
‫سورمي ڪري پيش ڪيو‪ .‬عورت جي عظمت تي شاعري ڪئي‪ .‬ان کي‬
‫اتساهيو‪ .‬سهڻي جو رات جي اونداهيَء ۾ ميهار سان ملڻ کي‪ ،‬عيب نه‬
‫سمجھيو‪ ،‬ان جو محبوب سان ملڻ اهڙو ته بيان ڪيو جو ڏندين آڱريون‬
‫اچيو وڃن ان جي عرس جي تاريخ ‪ 14‬صفر‪ ،‬رحيمان ڪو ڪروڌ ڪونه‬
‫ڪيو‪ ،‬ڪائي بد اخالقي نه ڪئي‪ ،‬انڪار جي همت ئي ڪونه ساريائين‪.‬‬
‫دادن موالي ڀالري جو ڀائي ـــ ڀنگ سندس ڀيڻ‪ ،‬چرس سندس‬
‫چاچو‪ ،‬رحيمان تي رحم ڪهڙو؟ جي بسم اهلل! گھوٽ جو خواب‪ ،‬اکين‬
‫۾ چمڪ‪ ،‬پنهنجو پاڻ کي ڀانئڻ لڳو‪.‬‬
‫سفوران جو ساهه سوڙهو ٿيڻ لڳو‪ .‬هي ڇا‪ ،‬هي ٻيو قهر!؟‬
‫ڳوٺ جي مردن ماٺ کڻي ڪئي‪ .‬وڏيري جو فيصلو پٿر تي‬
‫ليڪ!‬
‫ڀالرو ڀيريون وڄائڻ لڳو! اڄ مئخاني ۾ مراد فقير‪ ،‬شاهه‬
‫سائين جي ڪافي پي ڳائي ”سرتيون اوهين ته وڃو ڙي وڃو ال منهنجو‬
‫هي ليک پنهل سان“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪50‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڀالري بيخوديَء ۾ حق حق جا نعرا پي هنيا‪ .‬دادن جي گوڏ جي‬


‫ور مان ٻه ڳاڙها نوٽ نڪتا مراد فقير تان گھور ڪيائين‪ .‬ڄڻ شاديَء جو‬
‫الڏو پيو ڳائجي‪ .‬يا ڪنوار پئي پرڻائجي‪.‬‬
‫سفوران گهڻو رحيمان جي اڳيان ليالئيو‪ .‬وڏيري هي ڇا؟‬
‫تون ڪڇين ڇو نه ٿي؟ تون لڇين ڇو نه ٿي؟ تون ڊڄڻي آهين‬
‫تون مرڻ کان ٿي ڊڄين! تون جيئري موت ٿي قبولين! ان کان ته موت‬
‫ڀلو؟‬
‫رحيمان وٽ ڪنهن به سوال جو جواب ڪونه هو‪ ،‬هن کي چپ‬
‫لڳي وئي ڄڻ سهراب فقير کان آواز رسي ويو هجي‪ .‬اکين مان پاڻي‬
‫کٽي ويو هجي ڄڻ مائي جندو قبرن مٿان ويٺي نير هاري رهي هجي‪.‬‬
‫ٻڪي جي رسم‪ ،‬دادن جي گهر دهل جو آواز‪ ،‬سهرن ۽ تاڙين‬
‫جو ٻٽڪو ـــ ربن بوسڪيَء جو پٽڪو ٻڌي اوطاق ۾ ڪانڀ ڪڍيون‬
‫ويٺو هو‪ .‬آئي وئي کي کلي پيو کيڪاري‪ .‬مئل ۽ ساهه ڇڏائي ويل هٿن‬
‫تي ميندي جا ليڪا نڪتا‪ .‬آٽڻ ٻانهن تي مليو ويو‪ .‬هيڊيون ٻانهون سڪل‬
‫چپ‪ .‬رحيمان هڪ نظر گهر تي وڌي‪ ....‬واش روم ۾ وئي ته‪ .....‬الٽيون‪،‬‬
‫اوجھڪارا‪ .‬جسم مان ساهه ڇڏائجي ويس‪ .‬ڪاري چادر ڪاڏهون آئي‪.‬‬
‫ڪيئن ويڙهيائين‪ .‬ڪاڏهون نڪتي‪ ....‬ڪيئن هلي وئي‪....‬‬
‫ماڻهن ۾ ڦڙ ڦوٽ ”رحيمان ڀڄي وئي“‪.....‬‬
‫ربن اجھڪو کائي اٿيو ٿڙيو ـــ ٿاٻڙيو حويليَء ۾ ڪاريَء وارا‬
‫ڪک‪.‬‬
‫وارو وارو ٿي‪ ،‬ماڻهو نڪتا! هٿ بتيون روشن ٿيون‪ ،‬ڪنهن‬
‫جهڙو پاسو ورتو‪ ،‬ڪنهن ڪهڙو؟‬
‫وڏيرو ربن چپ کي چڪ هنيو ڪنوار جي ڪمري ۾ تيستائين‬
‫بيٺو رهيو جيستائين منشيَء اچي ڪن ۾ ڀڻڪيس ته‪” ،‬پير حويليَء جي‬
‫وٽ‪ ،‬مان اتر طرف لڳا آهن“‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪51‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫اڪيال آهن يا‪.......‬‬


‫صرف امڙ رحميمان جا‪!.....‬‬
‫وڏيرو ربن سٽ ڏئي رپيٽر الٿو! لوڊ ڪيو ۽ شال جو ور ورائي‬
‫ڪلهي تي اڇليو‪ .‬شال ڌوڙ ٿيڻ کان بچي وئي هئي‪.‬‬
‫پير کڻندا‪ ،‬جھاڙون ڏيندا‪ ،‬بتيون هڻندا‪ ،‬ڪڏهن ڀاڄ ته ڪڏهن‬
‫ڪري آهي‪.‬‬
‫ڊگ! هي ٿا وڃن! هتي ڊڪ جا پير آهن‪ ،‬هتي ِ‬
‫هن ڪوشي مان‪ ،‬هن لنگهه کان‪ ،‬تان اچي درياُء تي پهتا ـــ اڀ‬
‫ڪپرو درياُء‪ ،‬ڪپر تان گيهو‪ ،‬هيٺ جتيَء جو پادر!‬
‫ربن جتيَء جو پادر کنيو‪ ،‬ڦري هيٺ لهي آيو‪ .‬واريَء تي هڪ‬
‫اگھاڙو ۽ هڪ جتيَء وارو پير‪ .....‬درياَء جون ڇوليون‪ ....‬رحيمان جو نه اتو‬
‫نه پتو‪......‬‬
‫ربن هٿ ۾ جھليل پادر گوڏي تي وهائي ڪڍيو‪.‬‬
‫”رحيمان سهڻي جيان درياَء حوالي“‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪52‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ٽئين لڙهي (ڪڙي)‬

‫سفوران‬

‫وڏيرو ربن کٽ جو وچ ورتيون‪ ،‬پاسن کان وهاڻا ڏيون مهمانن‬


‫جي محفل مچايون ويٺو هو ته ڪمدار‪ ،‬حسوَء اچي ڪن ۾ سس پس‬
‫ڪيس‪ .‬وهاڻي جي ٽيڪ ڇڏي پهريان سڌو ٿي ويٺو کٽن جي وچ ۾ ٻه‬
‫ٻٻرن جا ٻرندڙ ڏانڊا سندس اکين ۾ لهي آيا‪ .‬ڄنگهون هيٺ الٿائين‬
‫ڄنگهن کي هيڏي هوڏي لوڏي پيرن سان بوٽ ڳولهيائين‪ ،‬حسوَء ويهي‬
‫پيرن ۾ ٻئي پادر پارايس‪ .‬اٿيو ته ڄنگهن مان ساهه ڇڏائجي چڪو هئس‪.‬‬
‫مهمان جيڪي ڏند ڪڍي کلي رهيا هئا تن جا ڄڻ چپ خشڪ ٿي‪ ،‬پاڻ ۾‬
‫ملي ويا‪.‬‬
‫ربن ٿاٻو کاڌو‪ ،‬حسوَء بسم اهلل چئي هٿ وڌس ته سٽ ڏئي‬
‫ٻانهن ڇڏائي سڌو حويلي طرف پاچا ڪنجيندو نڪري ويو‪ .‬حويليَء ۾‬
‫دهل وڄڻ بند ٿي ويو هو‪ .‬زائفون وات ۾ آڱريون وجھيون بيٺيون هيون‪.‬‬
‫سهرن وارين ماين دهل کي ڪپڙي ۾ پئي ٻڌو‪.‬‬
‫امان اهلل خير ڪري!‬
‫وڏيريَء‪ ،‬االئي ڪاڏي منهن ڪيو‪.‬‬
‫ربن ڪمري ۾ ويو جتي ڳاڙهو رئو پلنگ تي پيو هو‪ .‬سونهري‬
‫سئنڊل اونڌو لڳو پيو هو‪ .‬جيڪو هن سکر مان ساڍي ٽي هزارين آندو‬
‫هو ـــ هو اڃا ٻاهر نڪتو ته سامهون سفوران نظر تي چڙهيس‪ .‬هڪڙي دل‬
‫چيس ته ٻئي هٿ ڳچيَء ۾ وجھي کيس پورو ڪري‪ ،‬پر پڪ ڪرڻ تائين‬
‫ارادي کي ٽي وي چئنل جيان مٽائي ڇڏيائين! هو وڌي وڃي واش روم‬
‫تائين پهتو ته حسو اليٽري کڻي اچي واش روم ۾ هنئي‪ .‬واش روم جو‬
‫وڏو روشندان کليل هو‪ .‬ربن روشندان ڏسي‪ ،‬پوئتي موٽ کاڌي ۽ ڪوٽ‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪53‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫جي وٽ وٺي‪ ،‬گٽر جي دڪيَء تائين پهتو‪ ،‬جنهن ۾ پالسٽڪ جا پائيپ‬


‫لٿل هئا‪ .‬۽ مٿان ٽانڪيَء مان لوهه جون ٻه نڙيون هيٺ اچي رهيون هيون‪.‬‬
‫ڪمدار حسوَء اليٽري هنئي ربن پائيپن ۽ لوهي نڙين کي ڏسي‬
‫وري پوئتي موٽ ڪئي‪.‬‬
‫”اعتماد وارا ماڻهو ڪڍ‪!“....‬‬
‫”پيرا کڻو!“‬
‫ربن جي آواز ۾ لرزش به هئي ۽ ڏهڪاُء به‬
‫حسو ڀڄي وڃي اوطاق ۾ پهتو‪ ،‬جتي ٻاٻرا ٽانڊا آخري پساهن‬
‫۾ هئا‪.‬‬
‫دير ئي ڪونه ٿي‪ ،‬بندوقون نڪري آيون‪ ،‬پنج ست ڄڻا اليٽريون‬
‫هڻندا اڳتي نڪري ويا‪.‬‬
‫ربن جي هٿ ۾ دونالي بندوق اچي وئي‪ ،‬جنهن جا ڪارتوس‬
‫چيڪ ڪري ربن بندوق بند ڪئي‪.‬‬
‫حسوَء سان وسايو ۽ مير محمد گڏ گڏ هلڻ لڳا‪ ،‬ربن اڳيان هلڻ‬
‫لڳو‪.‬‬
‫هڪ جاِء تي ربن بيهي رهيو ۽ مير محمد ڏانهن منهن ڪري‪،‬‬
‫ٻرندڙ اکين سان ڏٺو‪.‬‬
‫مير محمد جو ساهه سڪي ويو‪.‬‬
‫حسوَء اک جو اشارو ڏنو ته مير محمد موٽ کاڌي‪.‬‬
‫حسو‪ ،‬وسايو ۽ ربن اڳيان ڀاڄ ويندڙ‪ ،‬همراهن جي ڪڍ لڳي پيا‪.‬‬
‫ٻوڙن‪ ،‬ڪانڊيرن سان سٿيل رستو‪ .‬جھنگ ۾ ٻرندڙ الئيٽون‪،‬‬
‫سناٽو‪ ،‬ربن جي اندر ۾ ٻرندڙ باهه کي ڄڻ ٻل ڏئي رهيو هو!‬
‫اڳيان ويندڙ همراهن‪ِ ،‬هيڏي ِهيڏي چئي ڪري رستو مٽايو‪.‬‬
‫رستو درياَء جي اڀ ڪپر تي اچي کٽو ـــ همراهن جمپ ڏئي پاڻ کي هيٺ‬
‫الٿو‪ .‬روشنيون بند ٿي ويون اوندهه ڇائنجي وئي‪ .‬ربن جون اکيون ٻرڻ‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪54‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫لڳيون‪ .‬هن حسوَء کي رهڙ ڏني‪” .‬بيٽري سامهون هڻ“ ــ ”ايڏانهن پنهنجي‬
‫ماُء کي ٿو ڳولهين ڇا“؟‬
‫بيٽري سڌي ٿي ربن ڄڻ ڊڪ ڀري ۽ ٻي لمحي هو ٽئي درياَء‬
‫جي اڀ ڪپر تي هئا‪.‬‬
‫هيٺان رحيمان جي گهر واري چمپل جو هڪ پادر کڻي ڀالرو‬
‫مٿي چڙهيو‪.‬‬
‫”هي پادر ۽ رئو مليو آهي“‪ .‬ڀالري ربن کي ٻڌايو‪.‬‬
‫ربن پادر ورتو ۽ گوڏن ڀر ويهي ٻنهي سٿرن تي هنيو‪.‬‬
‫هيٺان ماڻهو مٿي چڙهي آيا‪.‬‬
‫”وڏيري درياَء حوالي ٿي وئي“ حسوَء ڪنڌ جھڪائي‬
‫روئڻهارڪي انداز ۾ چيو‪.‬‬
‫ربن اٿيو‪ ،‬بندوق جي سيف چاڙهي هن صرف هڪڙو فائر فزا‬
‫۾ ڇڏيو‪.‬‬
‫شڪر ٿيو‪ .‬پير هڪڙو ئي هيستائين آيو نه ته هي ٻئي ڪارتوس‬
‫پنهنجي سيني ۾ هڻان ها“‪.‬‬
‫ماڻهن جا ڪنڌ هيٺ جھڪي ويا‪ .‬سڀئي هارايل جوارين جيان‬
‫پوئتي موٽيا‪.‬‬
‫رستي ۾ ڪنهن به ڪجهه نه ڳالهايو‪.‬‬
‫اوطاق ۾ کٽون اونڌيون ٿي چڪيون هيون‪.‬‬
‫ربن جيئن ئي اوطاق ۾ ٽپيو ته کٽون اونڌيون ڏسي ڪاوڙ ۾‬
‫الل ٿي ويو‪.‬‬
‫ماُء مري وئي اٿو ڇا جو کٽون اونڌيون ڪيون اٿو“‬
‫منٽ ۾ کٽون سڌيون ٿي ويون‪ ،‬ربن ٻئي منڊا مالئي پٺيان‬
‫ويهاڻو رکي کٽ تي ويهندي سوچ ۾ ٻڏي ويو‪.‬‬
‫ماڻهو ماحول ڏسي هوريان هوريان اوطاق مان نڪرندا ويا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪55‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫اڌ ڪالڪ تائين ربن پاسو نه ورايو‪.‬‬


‫ڪمدار‪ ،‬حسوَء جو ڪنڌ جھڪيل رهيو‪.‬‬
‫ربن رهڙ ڏيندي چيس ته‪” :‬متان صبح سان ماڻهو وٺي درياَء تي‬
‫ويو آهين“‪.‬‬
‫”رحيمان ڄڻ ڄائي ئي ڪونه هئي“‪.‬‬
‫جملي تي حسوَء صرف نظرون کڻي ربن کي ڏٺو‪ ،‬جيڪو اڃان‬
‫آسمان ۾ نظرون وجھيون ساڳي حالت ۾ تارا تڪي رهيو هو!‬
‫صبح تي ربن مير محمد کي گهرايو‪.‬‬
‫مير اڄ کانپوِء منهنجي نظر تي نه چڙهجانِء‪ .....‬سٺو اٿئي ته ٽپڙ‬
‫کڻي ڪو ٻيو ڳوٺ وساِء‪.‬‬
‫”مير محمد جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي“‪.‬‬
‫اڃا مير محمد خشڪ نڙي کي آلو ڪري ڪجهه چوڻ چاهيو ته‬
‫سامهون اوطاق جي در تي اچي ڊبل ڪئبن بيٺي‪ ،‬جنهن مان اڌل شاهه‬
‫لٿو‪ .‬روشن جمپ ڏئي پٺيان گاڏيَء مان لٿو ۽ اڌل شاهه جي ڪڍ‪ .‬ربن‬
‫تائين پهتو‪ .‬روشن اتي بيٺل مامي کي نفرت ڀري نگاهه سان ڏٺو ۽ ربن‬
‫سان نوڙي هٿ ماليو‪ .‬ربن سندس ڪلهي تي هٿ رکي مير محمد ڏانهن‬
‫ڏٺو‪.‬‬
‫اڌل شاهه ساڳي کٽ تي ويهي ربن جو هٿ پنهنجي هٿن ۾‬
‫ورتو‪.‬‬
‫”مهلون مڙسن تي اينديون آهن“ ڪني مڇي ڪتي جو ڪوت‬
‫هوندي آ‪ ،‬ان کي جھير ڏئي لوڻ نه وجھڻو پوندو آ“‪ .‬ان ڪري چوندا‬
‫ـآهن ته مڇيَء جي ذات ۾ ڏنڀرو ڀلو پوِء به نر ته آهي نه“‪.‬‬
‫اهي لفظ چئي اڌل شاهه روشن ڏانهن ڏٺو‪ ،‬جنهن شهپرن کي‬
‫هلڪو هٿ هنيو‪” .‬وڏا مون اڳ ۾ ئي هٿ ڌوئي ڇڏيا هئا ته جنهن‬
‫ڪاريَء کي تڙ ڏنو اها درياَء ۾ لڙهندي“‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪56‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫روشن جي جملي تي ربن کي جڪ ته گهڻا آيا پر ڪڇي نه‬


‫سگهيو‪.‬‬
‫مير محمد‪ ،‬روشن کي ڏٺو‪ ،‬جنهن جي واتان ڳوٺ جي ابي امان‬
‫جي الِء اهڙا لفظ نڪتا هئا!‬
‫اڌل شاهه وچ ۾ جملو اڇليو ڪو سمجھي ته ربن تون هن راڄ‬
‫جو ابو امان ۽ لجپال آهين‪.‬‬
‫ربن شوڪارو ڀريو ”جنهن جي لڄ ته نه رهي هئي رڳو پال وڃي‬
‫رهيو هو“‬
‫قبال! اسان جو لڄپال تون آهين ربن ڌڪ بچائيندي جملو اڇليو‪.‬‬
‫اڌل شاهه ربن جي هٿ تي ٻيو هٿ رکي چيو ”ربن تڏهن ته وير‬
‫ئي نه وڌم“ روشوَء کي چيم ته سڄڻن تي ڪڪر جو پاڇو آيو آهي متان‬
‫کنوڻ جو خوف ڪري“‪ .‬گجڻ ۽ وسڻ ڇڏي ڏئي هل ته هلئون‪.‬‬
‫”کنوڻين جا خوف انهن کي ٿين جن جا ڪوٽ ڪچا هجن“‪.‬‬
‫منهنجي پڪي ٻانهين تون ويٺو آهين‪ ،‬هاڻي کنوڻيون نه هجن يا‬
‫گجگوڙيون ٿين‪ .‬ربن ڪر کڻي جملو اڇليو‪.‬‬
‫”باقي منهنجون ٻه ڳالهيون“ روشن مهل تي جملو اڇليو‪.‬‬
‫ربن ڪنڌ مٿي ڪري مير محمد ڏي ڏٺو ــ ”ميروَء کي ته مان‬
‫هاڻي هاڻي چيو آهي ته پنهنجا ٽپڙ کڻ“‬
‫اڌل شاهه موقعو ڏسي وار ڪيو ”ربن مير محمد سڄي عمر تو‬
‫وٽ رهيو آ‪ ،‬ابا ڏاڏا هڪ مقام ۾ دفن ٿيل اٿس‪ .‬تون هن جو ڪعبو قبلو‪.‬‬
‫ڪعبي کي پٺي ڪير ڏيندو“‪.‬‬
‫مير محمد سوچ ۾ پئجي ويو ۽ جملي تي غور ڪرڻ لڳو‪.‬‬
‫ربن ”قبال سٺو اٿس ته هتان هليو وڃي‪ .‬مون هن جي ڪري‬
‫روشن کي پوئتي ڪيو‪ .‬ان جو ِسلو اهو ڏنائين ته ”منهنجي ڌيُء کي‬
‫گهران نڪرڻ ۾ به هٿ هن جي گهر جو ٻڏل مليو“‪ .‬ربن ڄڻ ميار ڏنس‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪57‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫مير محمد وائڙو ٿي ويو‪.‬‬


‫ربن ڳالهه ته وڏي ڪري ڇڏيئه‪” .‬مون اجايو توکي پارت ڪئي“‬
‫اڌل شاهه ٻيو وار ڪيو‪.‬‬
‫مير محمد جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون“‪ .‬گوڏا کوڙي اڌل‬
‫شاهه جي اڳيان ويهي رهيو‪.‬‬
‫بابا سائين مون وڏيرڪي در جو ٽڪر کاڌو آهي‪ .‬مون کي‬
‫اڪيلو نه ڪيو مان ابن ڏاڏن جا گهر ڪيئن خالي ڪيان؟“‪.‬‬
‫مان ڪاڏي دربدر ٿيندس؟‬
‫اڌل شاهه مير محمد کي ڄار ۾ ڦاسندو ڏسي‪ .‬يڪدم کيس‬
‫ٻانهن کان وٺي مٿي اٿاريو‪.‬‬
‫مير محمد توکي اسان اڪيلو ڪونه ڪنداسين‪ ،‬تون اسان جو‬
‫حصو آهين!‬
‫اڌل شاهه ربن ڏانهن منهن ڪندي چيو‪ .‬ته مير محمد سان‬
‫ڳالهيون ڪر مان پاڻ انهن ڳالهين ۾ هوندس اسان مير محمد جي پاران‬
‫ذمو ٿا کڻون ته جيڪي مٿس ڳالهيون بيٺيون انهن جو حساب هي ڏيندو‬
‫ضامن مان آهيان‪.‬‬
‫هڪ ئي ڌڪ ۾ اڌل شاهه ٻه شڪار ڪيون گاڏيَء ۾ چڙهيو‬
‫هليو ويو‪.‬‬
‫دادن ويڻيَء ۾ ٻڌل ست رنگي ڳاني کي سٽ ڏئي ٻرندڙ باهه ۾‬
‫وڌو‪ ،‬جيڪو سڙي خاڪ ٿي ويو‪ .‬۽ اها خاڪ ميڙي تماڪ سان مليل‬
‫چرس سميت سلفيَء جي ڦل ۾ وڌي ۽ هنيانَء جي باهه کان ڀري وزم‬
‫هنيو ته ڳاني جي خاڪ جو هڳاُء سندس اندر ۾ لهي ويو‪ .‬هن پٽي گار‬
‫ڀالري کي ڏني‪ .‬جوِء جا‪ .....‬تو واري نڀاڳ منهنجو به گهر خاڪ ڪري‬
‫ڇڏيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪58‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڀالري وڏو ٽهڪ ڏنو‪ ....‬تو وٽ گهر هيو ڪاٿي؟ پڻهين جي‬
‫ملڪيت ربن هٿ ڪئي‪ .‬ڳوٺ جو وڏيرو ٿي ويهي رهيو‪ .‬تون سدائين‬
‫اسان جي ڳچيَء ۾ هيڏي ملڪيت هوندي به سدائين پوتڙو ڪلهي تي ۽‬
‫وزن اسان تي‪.‬‬
‫دادن کي جواب ذهن تي چڙهيو‪ .‬پر اکين اڳيان صرف دونهون‬
‫نظر آيس!‬
‫چاچو به ڇا ڪري؟ هو ته مونسان سچو آهي‪ .‬خداِء سان گڏ قلندر‬
‫ڪو پڄي رحيمان کي‪ ،‬جيڪا جڳهو ئي مسيت ڪري وئي‪.‬‬
‫اڙي مئخانو چئه مئخانو ٻڌئي نه ڪو ڪٽڙو‪.‬ڀالري سلفيَء جو‬
‫ڪپڙو ٺاهيندي چيس‪.‬‬
‫”مئخانو ته پنهنجو ڏاج آ ان کي ڇو ٿو خراب ڪرين؟‬
‫چڱو ٿيو جو ٻ ِڏي مئي‪ .‬هيڏي ڪهڙو تري هان“ دادن سٽ ڏئي‬
‫ڀالري کان سلفي کسي‪.‬‬
‫تون ڪڏهن کان ڪٽڙو ٿيو آهين“ هنيانَء تي ڇنڊو وجھڻ بدران‬
‫ٽانڊا ٿو رکين!‬
‫ڀالري جو وزم ويندي ڏٺو ته يڪدم پاسو مٽايائين ”دادن توکي‬
‫ٽ گهٽ ڪئي‪.‬‬
‫ڌڪ تازو آ مون وارو ته ناسور ٿي ويو آ‪ .‬مون سان سؤ ِ‬
‫مري وئي وڍجي وئي پر ڀالري جي ڀر نه ورتائين‪ ،‬نڀاڳ چوٽ چڙهيل‬
‫هئس‪.‬‬
‫دادن ٽهڪ ڏنو‪” .‬اڙي ڪڏهن ملياڻيَء ۽ مواليَء جو نڪاح‬
‫ٻڌئي“‪.‬‬
‫ڀالرو ڪنڌ الڙي ويهي رهيو ته دادن سلفيَء جو ڪپڙو ٺاهي‪.‬‬
‫صفا س ِر ڪري ڦوڪ الِء وڌايس‪ .‬ڀالري اهڙا ٻه ٽي دوگاڙا هنيا جو هنياُء‬
‫ٺري پيس‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪59‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫۽ پنڪين ۾ ڪالم شروع ڪيو‪” .‬ڇا وڃي اسان جو زماني سان‬


‫ـــ ِسر لڳي پنهنجو مئخاني سان“‪ .‬زماني جا غم مئخاني ۾ لڳل گوار‬
‫ٻوٽيَء جي خاڪ ۾ دفن ٿي ويا‪ .‬حق حق جا نعرا گونجي اٿيا‪.‬‬
‫مير محمد سومهياڻيَء جو گهر آيو ته مِيس ئي مئل هئس‪.‬‬
‫جوڻس سري اچي پيراندي ورتي‪ .‬سفوران جا پيُء خير ته آهي“‬
‫”ڇڏي سگهندينَء اباڻا ڪک؟“ مير محمد جي اکين ۾ پاڻي‬
‫ڀرجي آيو‪.‬‬
‫”هي تون ڇا ٿو چوين“‪ ....‬ڇا ٿيو آهي؟‬
‫وڏيري چيو آهي ته ٽپڙ کڻ‪....‬‬
‫صابل جي هنيانَء ۾ هٿ پئجي ويو‪” .‬سفوران جا پيُء پر ڇو ٽپڙ‬
‫کڻوڻ؟!“‪.‬‬
‫اهو سڄو الزام ِهن تو واري ڇوريَء تي لڳو آهي ته رحيمان‬
‫کي ان ڀڄايو آهي‪.‬‬
‫آهي ڪا عقل جي ڳالهه ـــ هيَء ڇو ڀڄائيندس! صابل صفائي‬
‫ڏيندي وراڻيو‪.‬‬
‫هڪڙي پاسي عطا محمد وارو الزام لٿو ئي ڪونه ته وري هي‬
‫ٻيو الزام مان وڃان ته ڪاڏي وڃان‪“.‬‬
‫توکي خبر ناهي ته عطا محمد تي هنن پنهنجو سر بچائڻ الِء‬
‫الزام هنيو هو نه اسان گهر ڪئي‪ ،‬نه اسان جي من ۾ ڪا ڳالهه هئي ـــ اها‬
‫سڄي تنهنجي ڀيڻ جنهن ناحق نالو کڻي اسان کي آزار ۾ وڌو‪.‬‬
‫هن کي ڪهڙي خبر ته هي ”النگھڙ الهه ٿي بيهندا“ مير محمد‬
‫ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو!‬
‫مون کي جي لڏڻو پيو ۽ هي گهر ڇڏڻو پيو ته ڇڏيندس‪ ،‬پر‬
‫انهن جا منصوبا مٽيَء ۾ مالئيندس! صابل پنهنجو فيصلو ٻڌايو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪60‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڪاڏي اباڻا ڪک ڇڏي دربدر ٿينداسين‪ .‬ابو هتي امان هتي‪.‬‬


‫ڀائر هتي دفن ٿيا‪ .‬هجئون هندو ته رک کڻي هلي درياَء ۾ وجھون! مير‬
‫محمد الچاري ڏيکاري‪.‬‬
‫هي ڪهڙي مسلماني‪ .‬هي ڪهڙو دين ايمان‪ ،‬جو ناحق ويٺا‬
‫چٽيون ڀريون‪ ،‬صابل نڪ ۾ لهي ايندڙ پاڻيَء کي رئي جي ڪنڊ سان‬
‫صاف ڪيو‪.‬‬
‫ٿوڻين تي ٺهيل ورانڊي ۾ سفوران ڪن ڏئي ماُء پيُء جي‬
‫گفتگو ٻڌي رهي هئي!‬
‫ڀال جي چٽي پئي ته ڀرينداسين‪ .‬پر پنهنجن کان ڪونه‬
‫ڇڄنداسين‪ .‬پنهنجا ماري ڇانو ۾ ته ڦٽو ڪندا‪ .‬مير محمد فيصلو ٻڌايو‪.‬‬
‫اها ڪهڙي ڇانو جيڪا مئي کان پوِء ملي‪ .‬صابل جي اکين جا‬
‫ڇپر ڳورا ٿي ويا‪.‬‬
‫مان ته هي گهر ڪونه ڇڏي سگهندس!‬
‫خبر ٿئي مان ڏهن سالن ۾ هي گهر ٺاهيو هو‪ .‬صرف ان ڪري‬
‫ته هتي امان مرحيات مون کي ڄڻڻ مهل سور کاڌا هئا‪ .‬۽ منهنجي اور‬
‫هتي پوري هئي“‪ .‬مير محمد سبب ٻڌايو‪.‬‬
‫ٻه سال ته مان ڀي گڏ هن جيان مٽي ڍوئي هي ڍورو ڀريو هو‪،‬‬
‫جتي اڄ کٽ رکيون ويٺو آهين‪ .‬االئي ڪيترا ڀيرا ته مونکي ڇڪي‬
‫پئجي وئي هئي‪ .‬صابل ڄڻ مٽو مٽ ٿيڻ چاهيو‪.‬‬
‫بهرحال ڳالهيون رکبيون ـــ فيصلو اڌل شاهه ڪندو‪ .‬جي برادري‬
‫ڏنڊ ڏوهه رکيو ته مونکي ڀرڻو پوندو‪ .‬ائين ڀاڙيو ٿي ڪونه ڀڄندس‪/‬لوڪ‬
‫جا طعنا مهڻا ڪونه کڻندس‪ .....‬۽ ها پنهنجي ڇوريَء کي سمجھائي ڇڏ‪.‬‬
‫ڪير جوئر پوکي يا ڪڻڪ هروڀرو هيَء کانڀاڻي کڻي واهپ نه ڪري!‬
‫ائين چئي مير محمد اجرڪ اوڍي ڊگهو ٿي سمهي پيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪61‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫صابل کٽ تان اٿي ته کيس ٿيڙ آيو‪ .‬ڄڻ گهر جو ٿلهو پرائو ٿي‬
‫کيس ڌڪي رهيو هو‪.‬‬
‫هن وٽي ۾ پاڻي اوتي پيتو ۽ کٽ تي ويهي پوتيَء سان ڇڪي‬
‫مٿو ٻڌو‪.‬‬
‫سفوران جي اکين مان ننڊ ڪارڙي تتر جيان ڀڙڪو ڏئي اڏامي‬
‫وئي‪.‬‬
‫هڪڙي هفتي ۾ راڄ مڙيو‪ .‬ربن جي اوطاق ماڻهن سان سٿجي‬
‫وئي‪.‬‬
‫پهريان مولوي بدر الدين جو بيان ٿيو ته ”منهنجي ڇوڪر‬
‫حليمان الزام تي مئي‪ .‬منهنجي پٽ روشن کي شڪ هو ته مير محمد جو‬
‫پٽ عطا محمد منهنجي ڀيڻ کي پسند ڪندو آهي ۽ ڇوڪريَء به ان‬
‫ڪري منهنجي ڀائٽي ڀالري سان شآدي ڪرڻ کان انڪار ڪيو‪ .‬جنهن تي‬
‫قتل ٿي وئي“‪.‬‬
‫ٻيو بيان ربن جو ٿيو جنهن چيو ته ”حليمان جي قتل وقت مير‬
‫محمد جي ڇوڪري منهنجي ڌيُء وٽ پهتي‪ ،‬جنهن کي ورغالئي وٺي‬
‫وڃي ڪاريَء کي تڙ ڏياريائين ۽ بغاوت جو ٻج ڇٽيائين‪ .‬وري مون‬
‫پنهنجي ڀائٽي دادن کي سڱ ڏيڻو ڪيو ۽ شاديَء جون تياريون ڪيون‪.‬‬
‫رسمن واري رات مير محمد جي ڌيَء سفوران الِء لوئي کڻي آئي ۽‬
‫منهنجي ڌيُء کي ورغالئي ڀڄڻ تي مجبور ڪيائين‪ .‬۽ ڀڄي وڃي درياَء‬
‫۾ ٽپو ڏئي مري وئي“‪.‬‬
‫مير محمد گهڻو ئي لڇيو ڪڇيو‪ ،‬ڦتڪيو ته مٿس گهر ويٺي‬
‫الزام لڳايا ٿا وڃن‪ ،‬جن سان سندس ڪو تعلق ناهي پر اڌل شاهه اکيون‬
‫ڦوٽاري اعالن ڪيو ته سڀئي الزام آخر مير محمد جي ڇوڪريَء مٿان‬
‫ڇو لڳا آهن‪ .‬هوَء ڏوهارڻ آهي‪ .‬تنهن ڪري مير محمد پنهنجي نياڻيَء جو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪62‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫سڱ ڇوڪ ِر حليمان جي قتل ٿيڻ واري چٽيَء ۾ مولوي بدر الدين جي‬
‫پٽ روشن کي ڏيندو‪.‬‬
‫جڏهن ته مير محمد جي ڇوڪري سفوران‪ ،‬شادي کانپوِء وڏيري‬
‫ربن جي گهر ۾ رهندي ڇو ته ربن جي گهر کي هالئڻ واري ڇوڪر‬
‫رحيمان سفوران جي ڪري وسندڙ گهر ڇڏيو ۽ آپگھات ڪيو ۽ ان ڳالهه‬
‫تي روشن به ارهو نه ٿيندو ـــ هو جڏهن ڳوٺ ايندو ته سفوران کي‬
‫پنهنجي گهر وٺي ويندو‪.‬‬
‫اهڙي فيصلي تي ربن جا هيٺ لٿل شهپرڦڙڪڻ لڳا ۽ ڪمدار‬
‫حسوَء ڏاڍيان واهه واهه ڪئي ۽ اڌل شاهه جي فيصلي جو داد ڏنو‪ .‬مٺائي‬
‫ورهائجي وئي‪ .‬ٻه لڏون مير محمد انگوشي جي ڪنڊ ۾ ٻڌي گهر پهتو‪.‬‬
‫هڪڙو لڏون صابل کي ڏنائين ۽ ٻيو لڏون سفوران جي وات ۾‬
‫وجھي چيائين ته‪” :‬جي توکي پيُء جي عزت پياري آهي ته پنهنجو وات‬
‫بند رکجانِء“‪.‬‬
‫سفوران اوڪارا ڏئي لڏون ڪڍي ڇڏيو اکيون پاڻيَء سان ڀرجي‬
‫آيس“‪.‬‬
‫هڪڙي مهيني ۾ ئي‪ .‬سڀئي سانگ رچايا ويا‪ .‬ڪاڄ ٿيو‪ .‬ربن‬
‫جي اوطاق تي شرناِء وڳي ـــ دهل تي ڌمال لڳي‪.‬‬
‫مئخاني ۾ ڀالرو ۽ دادن ٻکين پيا‪ .‬خوشيَء ۾ کليا جھمريون‬
‫هنيائون‪.‬‬
‫مسين ڪا هرڻي ڄار ۾ ڦاٿي هئي‪.‬‬
‫روشن موڙ ٻڌا‪ .‬صابل مٿو ڇڪي رئي سان ٻڌو‪ .‬ڳاڙهي قرآن‬
‫هيٺان ٽپا ئي سفوران کي روشن جي حوالي ڪيو‪.‬‬
‫روشن سفوران جي بي ستي جسم سان سڄي رات‪ ،‬ستو رهيو‪.‬‬
‫جنهن تي خار به ڏاڍا آيس هڪ دل چيس ته ڪهاڙي کڻي جسم کي ٽڪرا‬
‫ٽڪرا ڪري‪ ،‬ڇڏيانس پر ان ۾ به سندس فتح هئي‪ ،‬ته هن هڪ عورت‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪63‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫جي هٺ ۽ غرور کي ٽشو پيپر جيان استعمال ڪري مروڙي ڦٽو ڪيو‬
‫آهي‪.‬‬
‫روشن هليو ويو ته سفوران وڏيري ربن جي حويليَء ۾ آندي‬
‫وئي‪ ،‬جتي اوطاق جي نوڪرن ڪاراون‪ ،‬ڪمدارن جي ماني پچائڻ لڳي‪،‬‬
‫رات جو ربن کي زور ڏئي‪ .‬سمهاري پوِء وڃي چيلهه سڌي ڪندي هئي‪.‬‬
‫هڪ ڏينهن وڏيري ربن ڪارو پٿر گھوٽي مينديَء ۾ ماليو ۽‬
‫وارن کي ڪلر ڪرڻ الِء سفوران کي سڏيو‪ .‬سفوران وارن کي رنگ‬
‫ڪيو‪ .‬ان دوران ربن جون نظرون سندس سڄي جسم جو جائزو وٺنديون‬
‫رهيون‪.‬‬
‫سج لڙي‪ ،‬لهي ويو‪ .‬ربن تڙ ڪري ڪلر الٿو ۽ چلهه تي ويهي‬
‫جسم کي سيڪا ڏنا ۽ پاڻ کي گرم ڪندو رهيو‪ ،‬ته اوچتو روشن اچي‬
‫ٺڪاُء ڪيو‪ .‬ٻرندڙ بنڊيَء تي پاڻي هاري ربن اٿيو ۽ ٿيڙ کائيندو ڪمري‬
‫۾ وڃي پلنگ تي ڪريو‪.‬‬
‫سفوران ڪاري پٿر واري ٿيلهي چادر ۾ لڪائي روشن جي ڪڍ‬
‫لڳي گهر پهتي‪ ،‬جتي هن پليَء جو ساڳ ٺاهيو‪ .‬هن مڙس کي ماني‬
‫کارائي‪ .‬کير جو وٽو ڀري پياريو‪ .‬روشن گهڻو خوش هو ته سفوران هاڻي‬
‫ڌڪ پچائي وئي آهي ۽ سندس رويو درست ٿي ويو آهي‪ .‬جھٽ کانپوِء‬
‫روشن هڪ وڏي الٽي ڪئي ـــ سائي پلي سندس وات سان گڏ ناسن مان‬
‫به پاڻي ٿي نڪتي‪.‬‬
‫مولوي بدر الدين پٽ جي اها حالت ڏٺي ته مٿس آية الڪرسي ۽‬
‫ياسين جو ورد ڪيو‪ .‬اڃا صراط مستقيم لفظ تي پهتو ته روشن وڏو‬
‫اوجھڪارو ڏنو ۽ ٿڌو ٿيندو ويو‪ .‬سفوران زور سان پير کي زمين تي‬
‫هنيو ۽ چپ ڀيڪوڙي وڏي گار چپن کان پوئتان موٽائي ڳهي ڇڏي‪!....‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪64‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫(پهرين لڙي)‬

‫”عمر“ـ ‪1‬‬

‫غوث بخش ننڊ مان اٿيو ته کٽ تان لهندي‪ ،‬جتيَء جي هڪ پادر‬


‫۾ پير پيس ۽ هڪ جتيَء جي ڪهيَء ۾ ڦاسي پيس! ٿاٻو کاڌائين! ذري‬
‫گھٽ مٿو ڀت ۾ لڳو هئس‪ .‬جوڻس سامهون پئي ماني پچائي‪ ،‬تئي تي‬
‫ماني اڇليندي ٿورو مسڪرايائين‪.‬‬
‫هن کي اها مرڪ ميار لڳي‪ .‬هي باٿ روم ۾ ويو ڏندڻ ڪري‬
‫موٽيو ته جوڻس پٽ کي مانيَء جي مٿان مکڻ جو چاڻو رکي ڏنو‪.‬‬
‫پٽهنس حيران ٿي پڇيو ”امان هيَء ماني منهنجي آهي؟“‬
‫ها پٽ ڇو؟ ماڻهنس وراڻيو‪....‬‬
‫مون سمجھيو ته بابا جي آهي؟‬
‫ڇو پٽ تون اهو ڪيئن سوچيو!؟‬
‫امان بابو نوڪري ٿو ڪري‪ ،‬سڄو ڏينهن ڪم ٿو ڪري ان‬
‫ڪري خيال آيو‪.‬‬
‫اڙي ابا‪ ....‬تون به ڪو صفا موڳو آهين‪.‬‬
‫پڻهين جي هيَء عمر آهي مکڻ کائڻ جي؟‬
‫غوث بخش جي وات مان گرڙيَء وارو پاڻي قميص جي آڳر تي‬
‫هارجي پيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪65‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫(ٻي لڙي)‬

‫”عمر“ـ ‪2‬‬

‫غوث بخش کي اڄ موڪل آهي‪ ،‬هو گهر ۾ گهڻي دير سمهي‬


‫ناهي سگهندو‪ ،‬هنڌ ۾ پاسا ورائيندي خيال آيس ته اڄ ڇو نه ڏاڙهي جا‬
‫خط وٺرائجن ۽ وارن کي ننڍو ڪرائجي؟‬
‫اهو خيال ايندي ئي هو تڪڙ ۾ اٿيو‪.‬‬
‫چپل کي چتائي ڏٺائين‪ .‬کيس ڪالهوڪو خيال ذهن تي تري آيو‪.‬‬
‫متان ڪٿي اڄ به وچڙي نه پوان ۽ زال جي مرڪ جو نشانو بڻجان‪ .‬هو‬
‫سنڀالي لٿو ۽ چپل ۾ صحيح پير پوڻ تي گد گد ٿيو‪ .‬هن برش تي پيسٽ‬
‫الٿي ۽ نوجوانن جيان برش ڪري‪ ،‬گرڙيَء کي پري اڇاليائين‪ .‬قميص جا‬
‫ڪف ٺيڪ ڪري‪ ،‬ڪالر درست ڪري ٻاهر نڪري پيو‪.‬‬
‫سيلون تي موڪل هئڻ سبب رش ڪجهه وڌيڪ هئي‪.‬‬
‫حجم جي قينچي ۽ زبان هڪ رفتار سان هلي رهي هئي‪.‬‬
‫غوث بخش رات ننڊ نه آيئي ڇا؟‬
‫حجم جي سوال تي هي وائڙو ٿي ويو!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪66‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫نه ڀائو اهڙي ڳالهه ته ڪونهي‪ .‬غوث بخش رکو جواب ڏنو‪.‬‬
‫ايتري ۾ هڪ پيرسن فقير سيلون جي در تي اچي بيٺو!‬
‫ابا نالو اهلل جو‪.....‬‬
‫حجم ڦڻيَء کي قينچي تي ٺاٺوڪو ڏئي چنبڙيل وار هيٺ‬
‫ڪيرايا ۽ ڪنو منهن ڪري فقير کي ڏٺو‪.‬‬
‫فقير تنهنجي هيَء عمر آ پنڻ جي؟ جو وتين ٿو ٿاٻا کائيندو؟‬
‫گهر ۾ ويهي اهلل اهلل ڪر‬
‫فقير اهي لفظ ٻڌي اڃا واپس ئي ڪونه ٿيو ته هڪ حسين‬
‫جميل ڇوڪري سيلون ۾ اندر گھڙي آئي‪.‬‬
‫اهلل جو نالو‪.‬‬
‫حجم جون واڇون ٽڙي ويون‪.‬‬
‫هو خاني ڏانهن مڙيو ۽ ڏهين جو نوٽ ڪڍي فقيرياڻيَء جي هٿ‬
‫تي ائين رکيائين جو فقيرياڻي شڪي ٿي ماڻهن ڏانهن ڏٺو‪.‬‬
‫غوث بخش ڪنڌ هيٺ ڪيو‪ .‬ته حجم جملو چيو غوث بخش‬
‫ماڻهو خير به ڏئي ته ڪنهن چڱيَء جاِء تي‪.‬‬
‫غوث بخش جي واتان لفظ نڪري ويا‪.‬‬
‫هائو ڀائو عمر جي تقاضا به آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪67‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫(ٽئين لڙي)‬

‫”عمر“ ـ ‪3‬‬

‫غوث بخش آفيس الِء تيار ٿيو‪ .‬ڪالهوڪو ڏينهن موڪل جي‬
‫ڪري ڏاڍو بور گذريو هئس‪ .‬ان ڪري آفيس ايندي‪ .‬سڄي واٽ سوچن ۾‬
‫گم رهيو‪.‬‬
‫موٽر تان لهي آفيس جي در مان گذريو ئي مس‪ ،‬ته صاحب جون‬
‫نظرون شيشي جي هن پار کان اندر ۾ لهندي محسوس ڪيائين‪.‬‬
‫هِن جھڪي وڃي سالم ڪيو ته سالم جو جواب نه مليس‪ ،‬هن‬
‫هٿ وڌائي رجسٽر کڻڻ جي ڪئي ته آفيسر رجسٽر تي هٿ رکيو‪.‬‬
‫مسٽر غوث بخش اوهان کي خبر آهي ته ٽائيم ڇا ٿيو آهي؟‬
‫غوث بخش گهڙيال کي ڏٺو‪.‬‬
‫سائين! نو لڳي ويهه منٽ ٿيا آهن‪.‬‬
‫پوِء! صاحب ٿورو ڪڙڪائي مان وراڻيو‪.‬‬
‫غوث بخش وڏي ويچار کانپوِء چيو‪” .‬سائين سيارو آهي“‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪68‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ٿڌي پاڻيَء سان وهنجڻ ۾ تڪليف ٿي ٿئي‪ ،‬جيستائين پاڻي‬


‫گرم ڪرايان وهنجان‪ .......‬ماني کاوان‪ .......‬غوث بخش اڃان جملو ئي‬
‫پورو نه ڪيو‪ .‬ته مٿان صاحب وراڻيس‪:‬‬
‫”هن عمر ۾ وهنجڻ ضروري آهي؟“‬
‫ايتري ۾ آفيس سيڪريٽري پنهنجي آلن وارن کي سنواريندي‬
‫اندر داخل ٿي‪ .‬آفيسر جون نظرون وارن تان ٿينديون هيٺ لٿيون‪.‬‬
‫سيڪريٽري رجسٽر هٿ ۾ کنيو‪ ،‬هلڪي مرڪ اڇلي‪ ،‬رجسٽر‬
‫تي صحيح ڪئي ۽ آلن وارن کي جھٽڪو ڏئي نڪري وئي‪.‬‬
‫صاحب! ڪرسيَء کي ٽيڪ ڏني ۽ هلڪي مرڪ مرڪي‪ ،‬غوث‬
‫بخش کي چيو‪ .‬غوث بخش ”ان کي چئبو آ عمر!“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪69‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫گلناز‬

‫هوَء اڄ صبح صبح سان ٻڏتر ۾ آهي ته‪” :‬آخر ڪهڙو سوٽ پائي‬
‫وڃي“ الماڙيَء جي رينڪ مان هن‪ ،‬چئن سوٽن کي ڪڍي بيڊ تي پٿاري‬
‫ڇڏيو آهي‪ .‬کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته هوَء انهن چئن سوٽن مان‪ ،‬آخر‬
‫ڪهڙي سوٽ جي سليڪشن ڪري! پيلو وڳو هن آپا ڪلثوم جي ميالد‬
‫۾ پاتو هو“‪ .‬نيرو وڳو آپا صغري جي ڌيَء واري سالگرهه ۾ پائي چڪي‬
‫هئي‪ .‬فيروزي برٿ ڀريل ڊريس‪ ،‬هن اڃا اڳئين هفتي ۾ اسڪول پڪنڪ‬
‫تي پاتي هئي‪ .‬سفيد وڳو زري جي ڪم سبب ميالد ۾ ڪيئن پائي‬
‫وڃي؟ الئيٽنگ تي ڪو خاص مزو نه ڪندو“ سي گرين وري ٿورو ڀاري‬
‫(ڳرو) هو کيس هٿن ۾ کڻي هلڻو پوي ها“‬
‫هن پنهنجي ڌيَء کي سڏ ڪيو جنهن کي پڻ يونيورسٽي وڃڻ‬
‫۾ دير پي ٿي“‪.‬‬
‫هنن مان ڏس ڪهڙو سوٽ پايان‪ .....‬هن منهن خراب ڪندي‬
‫گڏيَء کان پڇيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪70‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”سڀئي سٺا ته آهن‪ ....‬ڪهڙو به پائي وٺو“‪ .‬گڏيَء مٿاڇري نظر‬


‫وجھي کيس ورندي ڏني‪.‬‬
‫”ان ڪري ته توکان راِء نه وٺندي آهيان‪ ،‬سٺي صالح ڏيڻ جي‬
‫بجاِء اندر ساڙي ڇڏيندي آهين“‪ .‬جي ڪهڙو به پائي وڃڻو هو ته توکان ڇو‬
‫ٿي پڇان“؟‬
‫”مما مونکي يونيورسٽي دير پئي ٿئي‪ ،‬مان وڃان ٿي“‪ .‬گڏي‬
‫بڪس کڻي نڪري وئي‪ .‬ته پٺيان ماڻهنس جملو ڇڏيو ”وڃي ڌوڙ پاِء“‬
‫اهڙي جملي تي گڏيَء جو موڊ خراب ٿي ويو‪ ،‬جنهن ڪمري جو‬
‫دروازو زور سان بند ڪيو ۽ ٽپڪ ڏپڪ ڪندي ڏاڪڻين تان لهي هلي‬
‫وئي‪.‬‬
‫جنهن تي گلناز بيگم جو اڃا به پارو چڙهي ويو ۽ ”ٻه ٽي‬
‫ڪچيون گاريون طوفان جيان گڏيَء جي پويان لڳي پيون“‬
‫اِهو ڪو نئون مسئلو ڪونه هو‪ ،‬بلڪه روز جو معمول هو!‬
‫اسڪول جي ماحول‪ ،‬ميڊمن جي طعنن‪ ،‬مهڻن‪ ،‬طنز ميڊم گلناز‬
‫کي بخيل ڪري وڌو هو! جڏهن کان سندس دوستي ا ِم رباب سان ٿي‬
‫هئي‪ ،‬تڏهن کان سندس ڦرڪو ڦريو هو‪ ،‬ننڍي وڏي مئڊم سان سندس‬
‫ٻوٽي ڪونه ريجھندي هئي‪ .‬هوَء پاڻ کي ميڊونا کان به مٿانهون سمجھڻ‬
‫لڳي هئي‪.‬‬
‫سندس اٿڻ ويهڻ جو طريقو نرالو ٿي ويو هو‪ ،‬مٽن مائٽن ۽‬
‫اوڙي پاڙي وارن تي اک نه ٻڏندي هئس‪ .‬گهر ۾ آمدني چار پئسا هئس‪،‬‬
‫مهيني جي پگهار ستر‪ ،‬اسي هزار‪ ،‬مڙس پاران گهر جو خرچ‪ ،‬ٻارن جي‬
‫پڙهائي‪ ،‬لٽو ڪپڙو‪ ،‬غمي شادي ماني ڍو تي‪ ،‬مطلب ته ٻئي پاسي جو‬
‫الڪو ڪونه هئس‪ ،‬تنهن ڪري مئڊم جون شاهه خرچيون وڌي ويون‬
‫هيون‪،‬ناشتي ۾ مڇي‪ ،‬ٻاڪرو گوشت‪ ،‬ٽفن ۾ بند ڪري جڏهن هاف‬
‫ٽائيم ۾ اسٽاف روم ۾ وڃي کوليندي هئي‪ ،‬ته مئڊمن جا وات ڀرجي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪71‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ويندا هئا ۽ پاڻي پاڻي ٿي ويندا هئا‪ ،‬هوَء ا ِم رباب سان تاڙو مالئي‪ ،‬ناز‬
‫نخري سان گرهه ڏيکاري ڏيکاري کائيندي هئي‪.‬‬
‫سندس اهڙي روش‪ ،‬مئڊمن کي بلڪل به نه وڻندي هئي‪ ،‬ٻه ٽي‬
‫دفعا ته جھيڙا ٿيندي ٿيندي ٽريا هئا‪ .‬هيڊ مسٽريس کي‪ ،‬هن پنهنجي ڄار‬
‫۾ ڦاسائي رکيو هو‪ ،‬هفتي ۾ بيڪريَء تان ڪيڪ‪ ،‬مهيني ٻئي بنارسي‬
‫سوٽ‪ ،‬هاال جي ڀرت ڀريل چادر ته ڪڏهن اڌ ڏنڀري جو ڀڳل‪ ،‬وڃي ٽيبل‬
‫تي رکندي هئي ته هيڊ مسٽريس جون واڇون وڃي ڪنن سان لڳنديون‬
‫هيون ۽ هوَء ساڻس جھٽ ٿي وئي هئي!‬
‫وري جي امتحان ٿيندا هئا‪ ،‬ته پيپرن کان پوِء عاليشان پارٽي‬
‫ڪري ڪالرڪن‪ ،‬پٽيوالن ۽ ايڪسٽرنل کي ڍو تي ماني کارائي ڇڏيندي‬
‫هئي‪ ،‬تنهنڪري سڄي امتحان ۾ هوَء واڻڪي ڳئون‪ ،‬وانگر پئي بالڪن‬
‫۾ گهمندي هئي‪.‬‬
‫اڄ اسڪول ۾ ميالد هئي ۽ کيس سڄو انتطام سنڀالڻو هو‪،‬‬
‫ڪنهن کي نعت پڙهائڻي آهي‪ ،‬ڪنهن کي گلن جا هار پارائڻا آهن ۽‬
‫ڪنهن کي مٿي ويهارڻو آهي‪ ،‬اهو سڄو ڪم سندس بِلي هو‪ ،‬تنهن‬
‫ڪري هن کي پاڻ کي ڪيئن ٺاهي رکڻو هو‪ ،‬ڪهڙي ڊريس پائي وڃي ۽‬
‫ام رباب جهڙي لڳي‪” .‬هن ام رباب کي به مات ڏيڻ ٿي چاهي“‬
‫تنهن ڪري فيصلو نه پي ڪري سگهي‪ ،‬ته آخر ڪهڙي ڊريس‬
‫پائي وڃي‪.‬‬
‫هوَء ٻن منٽن الِء بيڊ تي سڌي ٿي سمهي پئي‪.‬‬
‫اهو خيال ايندي ٽپ ڏئي اٿي ته کيس سڄو انتظام سنڀالڻو آهي‬
‫۽ متان ڪا ٻي مئڊم کانئس گوِء کڻي وڃي“‪ .‬جيئن اڳئين ڀيري ٿيو هو‬
‫”امتحان جو رزلٽ آئوٽ ٿيڻو هو“ ته صبح صبح جو ماڻس اچي‬
‫ويهي رهي هئي‪ ،‬ته تنهنجي ننڍي ڀيڻ ليڪا لتاڙي چڪي آهي‪ ،‬مڙس‬
‫کي ڇڏي انهيَء ڳالهه تي بضد آهي ته هاڻي هوَء ان سان نه رهندي‪،‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪72‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڪورٽ ۾ طالق الِء درخواست ڏيندي“‪ .‬ماڻهنس اهي سور کڻي اکين ۾‬
‫پاڻي آڻي‪ ،‬اچي صبح جو ٺڪاُء ڪيو هو ته هوَء ئي کيس سمجھائي“‪.‬‬
‫موبائيل فون تي مٿو هڻندي‪ ،‬هن کي دير ٿي وئي ۽ پويان‬
‫رزلٽ آئوٽ ٿي ويو‪ .‬انائونسمينٽ جو شرف مئڊم زرينه کي مليو ۽‬
‫جڏهن هيَء اسڪول پهتي ته پروگرام‪ ،‬پوئين پساهن ۾ هيو‪ ،‬هن ڳڻي‬
‫ڳڻي زرينه کي ته گاريون ڏنيون پر ماُء‪ ،‬ڀيڻ کي به نه بخشيو‪ .‬جن جي‬
‫ڪري ساڻس هي ويڌن ٿي هئي‪.‬‬
‫سو هاڻي هن اهڙي رسڪ نٿي کڻڻ چاهي‪.‬‬
‫هوَء تڙ تڪڙ ۾ واش روم مان ٿي آئي ۽ سفيد ڪپڙا پائي‬
‫ڊريسنگ ٽيبل جي سامهون ٿي بيهي رهي‪.‬‬
‫هن فيس تي اسٽڪ هنئي‪ ،‬هڪ هٿ سان منهن مهٽڻ شروع‬
‫ڪيو ۽ ٻيو هٿ پرفيوم جي باٽل ۾ وڌو ۽ ڪپڙن کي پرفيوم هڻڻ جي‬
‫ڪئي ته پرفيوم جي باٽل مان صرف هواِء نڪتي‪ .‬پرفيوم ختم ٿي‬
‫چڪو هو‪ .‬هن جو پارو ويتر چڙهي ويو ”هن کي به هاڻي ختم ٿيڻو هو“‪.‬‬
‫هن وڌي وڃي ستل پٽ کي ٿڏو هنيو جيڪورات جو ٻي وڳي‬
‫تائين موبائيل سان کيڏي کيڏي ستو هو!‬
‫اٿ چنڊا! هن مهل تائين ستو پيو آهين‪” ،‬گاڏي ڪڍي پرفيوم‬
‫آڻي ڏي“!‬
‫منور جو اٿيو‪ ،‬ته سندس ذهن ڪم ئي نه پيو ڪري‪ ،‬اکيون‬
‫مهٽي پڇڻ لڳو ته ڇا ٿيو آهي“‪.‬‬
‫”پڻهين مري ويو آهي“ غصي ۾ جواب ٻڌي هو‪ ،‬ويتر وائڙو ٿي‬
‫ويو‪.‬‬
‫هزار جو نوٽ ٺڪاُء ٻوٿ ۾ ٿي ويس‪ ،‬هي وٺ ۽ پرفيوم وٺي‬
‫آُء‪.....‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪73‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫منور هزار جو نوٽ کنيو هيٺ لهي باٿ روم ۾ هليو ويو‪،‬‬
‫ڪچڙي ننڊ مان اٿيل منور جو باٿ روم ۾ ويٺو ته ويٺو ئي رهيو‪.‬‬
‫مٿان ڏاڪڻ تان سينڊل جو آواز ٻڌي تڙ تڪڙ ۾ باٿ روم مان‬
‫نڪتو ته گلناز بيگم آڱريون کنڊيري ڀرپور بجو سندس ٻوٿ تي‬
‫گهروڙي هلي وئي‪....‬‬
‫”هي اوالد آهي‪ ،‬چنڊي‪ ،‬نڀاڳي‪ ،‬ڪم چئه ته باٿ روم ۾ وڃي‬
‫ويهي رهيو آهي“‪.‬‬
‫ميالد جا مهمان پهچي ويا هئا‪ ،‬مئڊم پريشانيَء جي حالت ۾‬
‫جيئن ئي هال ۾ پهتي‪ ،‬ته زرينه کيس ڏسي مئڊم شاهده کي سرٻاٽ‬
‫ڪيو‪” .‬لڳي ٿو ته گهران رهڙون کائي پهتي آهي“‪.‬‬
‫هن کي باهه وٺي وئي‪ ،‬وري جو اڳتي ٿي ته سامهون ام رباب‬
‫مرڪي چيس‪:‬‬
‫”نيٺ اڇو وڳو پاتئي نه‪ ،‬مان ان ڪري نه پاتو ته تون ضرور‬
‫پائي ايندينَء“‬
‫دل چيس ته ميڪ اپ سان ڀريل ٿيلهو وهائي ڪڍيس پر‪.....‬‬
‫سڄو پروگرام خراب ڪرڻ نه چاهيائين ”اڳتي وڃي ڇوڪرين کي‬
‫هدايتون ڏنائين ۽ پروگرام ۾ لڳي وئي‪ .‬هيڊ مسٽريس کي مٿي ويهاري‬
‫ميالد شروع ڪرايائين‪ ،‬پر زبان سندس ساٿ نه پي ڏنو‪ ....‬پروگرام جي‬
‫ترتيب خراب ڪري ويٺي‪ .‬ام رباب اچي سهارو ڏنس ۽ پروگرام جيئن‬
‫تيئن ڪري پورو ٿيو‪ .‬مٺائي ورهائي‪ ،‬هوَء تڪڙ ۾ اسڪول مان نڪري‬
‫وئي‪ .‬پويان هن جمال به ٻڌا ۽ ٽهڪڙو به سندس ڪنن ۾ گونجيو‪.‬‬
‫گهر اچي هن بيڊ تي ٿيلهو اڇليو ۽ سينڊل کي ائين ئي پيرن‬
‫سان اڇليو‪ ،‬هڪڙو پادر مٿي وڃي هلندڙ پکي ۾ لڳو‪ .‬ستل پٽهنس ڪر‬
‫کڻي اٿيو ته هن ٻيو پادر الهي کيس وهائي ڪڍيو‪” .‬هن چنڊي جي ڪري‬
‫منهنجو پروگرام خراب ٿيو‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪74‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫مان ڇا ڪيو؟ منور اڃا ايترو وراڻيو ته‪.....‬‬


‫هن وري پادر کڻي وهائي ڪڍيس‪......‬‬
‫منور اٿيو ۽ زور سان در بند ڪري ٻاهر نڪري ويو‪.....‬‬
‫نڪرو منهنجي گهر مان‪ ،‬خداِء جي ڪا مار پئيو‪ ....‬جيئڻ عذاب‬
‫ڪري ڇڏيو اٿو‪ .....‬مرو ته منهنجي جند ڇٽي“‪.‬‬
‫”سندس اکين مان پاڻي وهي آيو‪ ،‬منهن تي ٻانهن ڏئي سڏڪندي‬
‫رهي“‪.‬‬
‫هن کي مڙس تي خار اچڻ لڳا ”ٻار منهنجي مٿي ۾ ٺوڪي‪ ،‬پاڻ‬
‫وڃي ڪراچيَء ۾ سمنڊ جون هوائون ٿو کائي“ اڙي ڇا ڪندس‪ ،‬مان‬
‫تنهنجا اهي رشوت جا نوٽ! ايترا پئسا ته مون وٽ به آهن‪ ....‬نالي ۾‬
‫مڙس ٿيو آهي‪ ....‬پاڻ وتي ٿو عياشون ڪندو ۽ هتي مان گهر سان به‬
‫منهن ڏيان‪ ،‬ٻارن سان منهن ڏيان ۽نوڪري به ڪيان ۽ اتي ويٺل ڏائڻين‬
‫سان به ڏند چڪ ڏيان‪“.‬‬
‫دل چيس ته هينئر جو هينئر فون ڪري مڙس کي ست سريون‬
‫ٻڌائي‪ ،‬پر اهو سوچي نه ڪيائينس ته ڀال جي‪ ،‬منهنجو ڏينهن خراب ٿيو‬
‫آهي ته هروڀرو ٻئي جو ڇو خراب ڪيان؟‬
‫باقي سڀاڻي انهن شودين کي ته مان پاڻ ئي ڏسي وٺندس‪ ،‬ته‬
‫ڪيئن جمال هڻبا آهن ۽ ڪيئن سرٻاٽ ڪبا آهن‪” ،‬اهي پاڻ کي سمجھن‬
‫ڇا ٿيون“؟‬
‫مونکي ڄڻ خبر ئي ڪونهي ته اها زرينه مڙس هٿان روز موچڙا‬
‫کائيندي آهي‪ ،‬ڪڏهن به سنئين ٻوٿ اسڪول نه آئي آهي‪.‬‬
‫اقبال‪ ،‬جنهن جي منهن تي سدائين‬
‫ِ‬ ‫هوَء ڊگهي ٻوٿ واري‬
‫ڦٽڪار پئي وسندي آهي ويٺي ويٺي اڌ مٿو‪ ،‬اڇو ٿي ويو اٿس پر ڪير‬
‫قبول ئي نٿو ڪريس‪ ،‬هجنس پرڪار‪ ،‬سٺا ته ڇو نه شادي ٿئيس‪ ،‬وتندي آ‬
‫رڳو مائين جا مٿا ڏسندي ته اڄ ڪير وهنجي آئي آهي ۽ پوِء اندر جي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪75‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫باهه کان اچي پاسو وٺندي آهي‪ ،‬ته ڏي خبر اڄ وهنجي آئي آهين ”رات‬
‫خير ته هيو“؟‬
‫ممڙي ائين چئي چئي ويٺي اندر جي اوٻر کي ڇنڊا هڻندي آهي‪.‬‬
‫هوَء زرينه به ساڻس ٻٽ آهي‪ ،‬جيڪا مڙس جي مڇرجڻ جا قصا ٻڌائي‬
‫همدرديون حاصل ڪندي آهي“‪ .‬ادي توسان ته ظلم آهي‪ ،‬مڙس ڇڪي‬
‫مزاج جو مليو اٿئي“‪ .‬ائين ڪڏهن نه چيو اٿائينس ته ڪجهه پير سنڀالي‬
‫کڻ‪ ،‬مئي روز ٿي پادر کائين“ مٿان وري چونديس ته چڱو ٿيو ادي جو‬
‫منهنجي شادي نه ٿي نه ته مونسان به اهڙي ويڌن هجي ها“‪.‬‬
‫هاڻي پڇيس ته ”کنڊي توسان شادي ڪندو ڪير“؟‬
‫ذهن ۾ دليل وڙهائي وڙهائي پاسا ورائيندي کيس ننڊ اچي‬
‫وئي‪....‬‬
‫صبح جو اسڪول الِء سنبرندي سندس ذهن ۾ سوين ترڪيبون‪،‬‬
‫خيال اچڻ لڳا ته اڄ انهن شودين جي ڇنڇري الهڻي آهي‪ ،‬جن ڪالهه‬
‫مونسان ڪين گهٽايو آهي‪.‬‬
‫اقبال جا نڪ ۽ چپ وڍيندس‪ ،‬ته ”کوڳ عمر اچي سٺ کي‬ ‫ِ‬ ‫ان‬
‫پهتي اٿئي‪ ،‬اڃا مٿي ڇانو ئي نه ڪئي اٿئي“ پوِء ڇا پينشن سان النئون‬
‫لهندينَء؟‬
‫ان زري کي به بخش ناهي ڪرڻو‪ ،‬جيڪا روز ٿي موچڙا کائي‬
‫اچي پر‪ ،‬مڙي ڪونه ٿي‪.‬‬
‫گلناز بيگم آلن وارن کي سڪايو ئي ڪونه؟ اقبال جي هنيانَء‬
‫تي مڳ ڏرڻ الِء اِهو به سانگ رچايائين ته ڀلي ڏسي ۽ سندس اندر سڙي‬
‫۽ کيس اهو احساس به شدت سان ٿئي ته هوَء اڃان پنهنجي الِء ور به‬
‫ڳولهي نه سگهي آهي‪.‬‬
‫کيس اها به ترڪيب سجھي ته هوَء هاف ٽائيم ۾ ام رباب سان‬
‫ويهي جڏهن ناشتو ڪندي ته ”رات واري ماجرا وڌائي چڙهائي پيش‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪76‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڪندي ته ڪيئن اڪبر خان ٽن مهينن کانپوِء آيو‪ .‬هن الِء ڪهڙيون‬
‫ڪهڙيون سوکڙيون وٺي آيو‪.‬‬
‫هالن جي سوسي‪ ،‬ڀرت ڀريل چادر‪ ،‬زري لڳل کسا‪ ،‬حيدرآباد جي‬
‫مشهور بيڪريَء جا ڪيڪ‪ ،‬ٺونٺ جيڏا ٻه موبائيل فون‪ ،‬ٻارن الِء ڪپڙا‬
‫مطلب ته گاڏي سامان جي ڀري آيل‪ ،‬اڪبر الِء هوَء اهڙو ته تاثر پيش‬
‫قبال جا ڪارڙا ئي مري ويندا‪.‬‬
‫ِ‬ ‫ڪندي جوا‬
‫هوَء جڏهن هيٺ لٿي ته بورچيَء ناشتو تيار ڪري ڇڏيو هو‪ ،‬هن‬
‫ٽفن چيڪ ڪيو ته ٻاڪري ٻوڙ جو هڳاُء هن جي اندر ۾ لهي ويو‪ .‬هن‬
‫مرڪندي پنجن سون جو نوٽ پرس مان ڪڍي بورچيَء جي تريَء تي‬
‫رکيو ته ”بورچيَء جون واڇون ٽڙي ويون‪ ،‬هو ٿئنڪ يو چوڻ کان پوِء‬
‫مئڊم سان در تائين گڏيو آيو ۽ گاڏيَء ۾ ويهڻ تي کيس سالم ڪري‪،‬‬
‫خوشيَء مان موٽيو‪.‬‬
‫گاڏي اسڪول جي گيٽ تي پهتي‪ ،‬ته ٻن پٽيوالن دروازو‬
‫کوليو‪ .‬گاڏي مڙي اسيمبلي گرائونڊ تي پهتي ته هڪ پٽيوالي مئڊم‬
‫گلناز جو اچي دروازو کوليو ته ٻئي اچي ڊرائيور کان مئڊم جو پرس ۽‬
‫ٽفن باڪس ورتو‪.‬‬
‫گلناز گاڏيَء مان لٿي ته هٻڪار ٿي وئي‪ .‬هن هڪ نظر اسٽاف‬
‫روم تي وڌي‪ ،‬جنهن ۾ اڄ چهچٽو گهٽ هو‪ .‬هوَء مڙي هيڊ مسٽريس جي‬
‫آفيس ۾ آئي ته مئڊم سورة ”ڪميل“ جو وررد پي ڪيو‪ .‬هن مسٽررول‬
‫تي صحيح ڪئي ته مئڊم کيس‪ ،‬عينڪ جي مٿان عجيب نظرن سان ڏٺو‪.‬‬
‫هن مرڪي کيس سالم ڪيو‪.‬‬
‫”مئڊم ڪنڌ هيٺ ڪري جواب ڏنو“‪.‬‬
‫هوَء آفيس مان نڪتي‪ ،‬سامهون پٽيوالو هٿ ۾ سامان جھليون‬
‫بيٺو هو سندس منهن لٿل هو‪ .‬کيس ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي‪ .‬هوَء تڪڙي‬
‫ٿي اچي اسٽاف روم ۾ پهتي جتي ٽيچرس سس پس واري انداز ۾‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪77‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڳالهائي رهيون هيون هن کي ڏسي چپ ٿي ويون‪ ،‬هن پنهنجو سامان‬


‫ڪنڊ واري ٽيبل تي رکيو ۽ مٿي تان رئو هٽائي وارن کي ڇنڊڪو ڏنو‬
‫ته آلن وارن مان پاڻيَء جون ڦينگون ويٺل ٽيچرس کي لڳيون‪ ،‬ڪو به‬
‫ريمارڪس نه آيو‪ ،‬ته هن ڀر ۾ ويٺل ام رباب سان وڃي پاسو هنيو‪.‬‬
‫صوفي جي ٻانهيَء تي هٿ رکيو‪ ،‬ته ام رباب سندس هٿ تي هٿ رکيو‪،‬‬
‫اڄوڪو رکيل هٿ تاڙي ۽ خوشيَء وارو ڪونه هو‪.‬‬
‫گلناز بيگم‪ ،‬ام رباب جي اکين ۾ ڏٺو جتي چمڪ بدران نمي‬
‫هئي‪.‬‬
‫هن کان رهيو نه ٿيو ”ڇا ٿيو آهي“‬
‫اقبال شادي ڪري ڇڏي“‬
‫ِ‬ ‫ام رباب جي ڏڪندڙ چپن مان نڪتو‬
‫اڙي واهه! اها ته خوشيَء جي ڳالهه آهي“‬
‫زرينه اٿي اچي سندس ڀر ۾ ويٺي ۽گلناز جو ٻيو هٿ‬
‫پڪڙيو‪” ......‬هن ادا اڪبر سان شادي ڪئي آهي‪“.....‬‬
‫گلناز بيگم جي جسم مان ست نڪري ويو‪.‬‬
‫سندس ٻنهي هٿن تي هٿ ڦرندا رهيا ٻه ڦڙا وارن بدران اکين‬
‫مان ڪريا جيڪي هٿن تائين پهتا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪78‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫آخري رات‬

‫۾ ماهه لقا‬ ‫تنهنجي هجر فراق‬


‫نڪي غم ٿو وڃي نڪي دم ٿو وڃي‬

‫ريڊيو تان‪ ،‬رات جي وڳڙي ۾ ڪالم گونجيو ته سندس جان ۾‬


‫هڪ لهر ڊوڙي وئي‪.‬‬
‫رات جي ان ويل هو جاڳي رهيو هو‪ ،‬توڙي جو سياري جي‬
‫رات‪ ،‬هي ڪو گهڻو ٽائيم نه ٿيو هو‪ .‬نائين کان ڏهين واري پروگرام جو‬
‫هي آخري ڪالم هلي رهيو هو‪ ،‬سندس گهر جا سڀ ڀاتي ورانڊي ۾‬
‫اگھور ننڊ جي ور چڙهي چڪا هئا‪ .‬سندس گهر ڪچي جي ايراضيَء ۾‬
‫ٻيلي جي اوڀارين مهڙ وٽ آهي‪ ،‬سندس گهر کان صرف ٻه گس نڪرن ٿا‪.‬‬
‫هڪ جھلي بند ڏانهن ۽ ٻيو درياهه جي ڪپ ڏانهن‪ ،‬باقي ٻه پاسا گھاٽو‬
‫جھنگ ئي جھنگ‪ ،‬جنهن ۾ گھڙڻ کانپوِء ڪو‪ ،‬سونهون ئي نڪري‬
‫سگهي ٿو‪ ،‬باقي اهلل اهلل خير سال‪ ،‬ٻيلي جي اولهائين ڇيڙي تي سندس‬
‫مائٽن جا گهر آهن‪ ،‬جيڪي درياهه جي ڇڏي وڃڻ واري ڍوري کان‬
‫چڙهنديَء ۾ آهن‪ ،‬جنهن کي اتان وارا ڇني ڪري سڏيندا آهن‪ ،‬ٻوڏ جي‬
‫ڏينهن ۾‪ ،‬پهريان هيَء ڇني جڏهن ڀربي آهي‪ ،‬ته سڄي ڳوٺ جو مال متاع‬
‫ڌنار‪ ،‬هن ڇنيَء ۾ الهي‪ ،‬ڌائي راند کيڏندا آهن ۽ مشڪرين ۾ هڪٻئي‬
‫کي ڏاڍا گوپاٽا ڏيندا آهن‪ .‬هتان جو هر رهاڪو ننڍو‪ ،‬جوان ۽ ٻڍو پاڻيَء‬
‫جو تارو آهي‪ .‬باقي عام ڏينهن۾ ڌنار ٻيلي ۾ مال الهي گس جھلي‬
‫ويهندا آهن‪ .‬جڏهن ڀٽاريون چين ڪري موٽنديون آهن ته کين ولو ڏئي‬
‫اچي وٿاڻين ڀيڙو ڪندا آهن‪ ،‬بجلي نه هجڻ ڪري هر گهر ۾ رات جو دير‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪79‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫تائين باهڙي پئي ٽمڪندي آهي‪ ،‬جنهن جو ڏس‪ ،‬سڏ پنڌ تي پيو ملندو‬
‫آهي ڇو ته عام زمين کان سندن گهر پنجن کان ڏهن فٽن تائين مٽيَء‬
‫جي هٿرادو پيل ڀراَء‪ ،‬تي اڏيل آهن‪ ،‬جن کي پناهه ڪا ورلي هوندي‪ ،‬نه ته‬
‫مڙئي خير‪ .‬اهڙيون ئي حالتون ۽ پس منظر هن سان ڀي الڳو آهي‪ ،‬سندس‬
‫گهر اڪيلو ٻيلي جي وٽ تي اڏيل آهي‪ .‬بند کان لهندي سندس ڪانن‬
‫سان اڏيل جھوپڙي نما سندس گهر‪ ،‬ڪنهن ٿر جي چؤنري جيان لڳندو‬
‫آهي‪ ،‬گهر جي اوڀارين حصي ۾ ٿوڻين تي ٺهيل ڇپرو‪ ،‬سندس اوطاق‬
‫آهي‪ ،‬۽ اولهائين پاسي کان ڪانن سان ٺهيل هڪ ڪمرو جنهن ۾ ڏڪن‬
‫سان ٺهيل هڪ در جنهن کي ٻن مضبوط ٿلهين ٿوڻين سان ٻڌي ڇڏيو‬
‫اٿائين ۽ ان کان اڳيان اڌ کليل ورانڊو ٺهيل اٿس‪ ،‬ان جي ڏاکڻي پاسي‬
‫ٿوري وٿيَء سان ننڍڙو ڇپرو ٺهيل اٿس‪ ،‬جنهن ۾ هي رات جو جيون جا‬
‫لمحا گذاريندو آهي‪ ،‬ان جي پويان سندس مال جو منهه ٺهيل آهي‪ .‬جنهن‬
‫جو ِڳلو هن جي ننڍڙي ڇپري مان آهي‪ .‬مال جي سانگي ۽ جوانيَء جي‬
‫سرحدن کي لتاڙي اچڻ ڪري‪ ،‬هاڻي صرف مال جي نگهباني ڪرڻ ٻيلي‬
‫۾ گهمائڻ ۽ ڪاٺيون ڪرڻ جو شوق وڃي باقي رهيو اٿس‪.‬‬
‫ڪو وقت هو جو هو آزاديَء سان اسر ويل اٿي وڃي‪ ،‬ڇنيَء کان‬
‫مال کي الهيندو هو ۽ نڙ جهڙي مڌر ساز سان ستا جاڳائيندو هو‪ ،‬هاڻي ته‬
‫نـڙ وڄائڻ سان دم گهٽجڻ لڳندو اٿس‪ ،‬کنگهه جي هڪ ڊگهي مالها ڳچيَء‬
‫۾ پئجي ويندس اٿس‪ ،‬جنهن مان ڪالڪن کانپوِء وڃي جان ڇڏائيندو‬
‫آهي‪ ،‬ان آزار کان ڪڏهن ڪڏهن دل جي حسرت مارڻ الِء نڙ کڻي‬
‫انگوشي سان ڇنڊي ڦوڪي وري رکي ڇڏيندو آهي‪.‬‬
‫اهي سندس جوانيَء جا ڏينهن هوندا هئا‪ ،‬جيڪي اڄ سندس‬
‫هينئين تي اهو ڪالم ٻڌي هري آيا هئا‪ ،‬هن کان ٿورو اڳ ڇنيَء جي‬
‫مٿان ڪالشن جا برسٽ ٻڌي ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيو هو‪ .‬ٿاٻڙندي وڃي‬
‫ورانڊي ۾ پهتو هو جتي سندس پٽ پنهنجي ونيَء سان ستل هو‪ ،‬چمنيَء‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪80‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫جي مڌم روشنيَء ۾ هن پنهنجي پٽ جو حسين چهرو ڏٺو ۽ دل تي هٿ‬


‫رکي ٿڌو ساهه کنيو ۽ موٽي اچي چلهه ۾ پيل ڪنڊيَء جي بنڊن کي‬
‫ٺاٺوڪا ڏئي باهه کي مچائڻ لڳو‪ ،‬هاڻي هو پنهنجي جسم۾ ڏڪڻي‬
‫محسوس ڪري رهيو هو‪ ،‬باهه تي هٿ سيڪيندي پالل مان ٺهيل پيڙي‬
‫تي ويهندي ڀڻڪيو‪” ،‬ڌاڙيلن ته اچي ننڊ حرام ڪري ڏني آ‪ ،‬نٿا مرن نٿي‬
‫ماڻهن جي ته زندگي ويل ڪري ڇڏي اٿئون‪،‬‬ ‫جان ڇٽي‪ ،‬مسڪين‬
‫وڃئون ته ڪاڏي وڃئون‪ ،‬ڏينهن ڏٺي‪ ،‬مال جا ڌڻ ڪاهيو وڃن‪ ،‬پڇندن‪،‬‬
‫کي گوليون هنيو وڃن‪ ،‬ڄڻ پکي ماريو ڇڏين‪ ،‬وري اچي آڌيَء رات‬
‫دهمان رکن ته ماني کارايو‪ ،‬ڪنهن وٽ هجي ڪنهن وٽ نه هجي‪ ،‬هنن‬
‫جي پيو پورت ڪري‪ ،‬هڪ غريبي گهٽ آزار هو جو ٻيو هڪ آزار به‬
‫اچي اسان الِء پيدا ٿيو“‪.‬‬
‫هي اٿيو ۽ ميريَء سوڙ ۾ سيَء کان بچڻ الِء گهري ويو‪ ،‬پاسو‬
‫ورائيندي ريڊي جي مٿان وڃي پاسيري چڙهيس‪ .‬هٿ سان ڪڍي ٻجيَء‬
‫کي ڦيريائين ته اهو ڪالم هلڻ لڳو‪” ،‬تنهنجي هجر فراق ۾ ماهه لقا‬
‫نڪي غم ٿو وڃي نه ڪو دم ٿو وڃي“‪ ،‬سوڙ ۾ سندس گوڏا اڀا ئي‬
‫رهجي ويا‪ .‬هي ڪجهه گهڙين الِء بلڪل سن ٿي ويو‪ .‬جان ۾ پيدا ٿيندڙ‬
‫ڏڪڻي ڪوهين ڏور هلي وئي هئس‪ .‬هي جوانيَء جي انهن لمحن کان‬
‫ٿيندو پنهنجي جيون ساٿياڻيَء جي جدا ٿيڻ تائين وقت جي وير ۾ لڙهي‬
‫ويو‪ .‬ڇا ته اهي ڏينهن هئا‪ ،‬هن کي اڃا مڇن جي ساوڪ ۽ ريهه ڪري‬
‫لهندڙ ڏاڙهيَء جي ڪٽي پشم نما بج‪ ،‬ويڪري پيشاني تي اڀري آئي‬
‫هئي‪ .‬وڏا ڪارا گھاٽا وار جنهن ۾ چڱو خاصو تيل هڻي‪ ،‬جڏهن پاسي تي‬
‫سينڌ ڪڍي‪ ،‬ننڍي چمڪيدار ڪهاڙي کڻي‪ ،‬هو پنهنجي اصل گهر‬
‫(جيڪو هينئر سندس مائٽن جو ڳوٺ آهي‪ ،‬ان ۾ هوندو هئس) مان‬
‫نڪرندو هو ته‪ ،‬جوان ڇوڪرين جي دلين ۾ هورا کورا مچي ويندي‬
‫هئي‪ .‬سندس پيُء دشمني سبب‪ ،‬جڏهن هي اڃا پنجن سالن جو هو ته قتل‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪81‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ٿي ويو هو‪ .‬هي گهر جو اڪيلو سنڀاليندڙ وڃي بچيو هو‪ .‬هڪ ننڍڙي‬
‫ڀيڻ ۽ هڪ ماُء‪ ،‬مائٽن ۾ هجڻ ڪري هن کي ڪڏهن اهو محسوس ڀي نه‬
‫ڪرايو ويو ته هي ڪو اڪيلو آهي‪ .‬قتل واري حادثي ۾ مڙس ٿي منهن‬
‫ڏيڻ واري اکر‪ ،‬سندس پيُء‪ ،‬کانپوِء سڄي ڳوٺ وارن جون همدرديون‪،‬‬
‫ساڻس وڌيڪ هيون‪ .‬هر ڪو پيو جيَء ۾ جايون ڏيندو هئس ۽ گھور پيو‬
‫ويندو هئس‪ .‬اسماعيل جي ته اهڙي ٿي وئي هئس جو پل ڀي پاڻ کان پري‬
‫نه رکندو هئس‪ .‬اسماعيل هڪ سپرونج سگھڙ هيو ۽ ان سان گڏ نڙ تي‬
‫بيت اهڙا چوندو هو جو ڳوٺ وارن جون دليون مست ڪري ڇڏيندو هو‪.‬‬
‫جڏهن ڪڙمي ڪم ڪار تان ٿڪجي ايندا هئا ته اهڙين دوڪان واري‬
‫ميدان تي اچي ميڙو ڪندا هئا‪ .‬حال احوال کانپوِء ڪچهري جو آخري‬
‫ائٽم نڙ بيت هوندا هئا‪ .‬اسماعيل نڙ ڀي ڏاڍو سريلو وڄائيندو هو‪ ،‬پر هو‬
‫ڪچهريَء ۾ بيت ڏيندو هو ۽ ساڻس نڙ تي سنگت هڪ درويش نما‪ ،‬جانو‬
‫ڪندو هو‪ ،‬جنهن جي الِء اهو مشهور هو ته هو اهلل لوڪ درويش آهي‪،‬‬
‫جنهن جي بڻ بڻياد کان ته ڪو ڪو واقف هوندو هو‪ ،‬باقي عام ماڻهن‬
‫کي اها خبر هئي ته اهو ڪرم شاهه بخاريَء جي درگاهه جو فقير آهي‪.‬‬
‫جيڪا سڏ پنڌ تي ڳوٺ جي اولهه ۾ واقع هئي‪ .‬جانو درويش نڙ وڄائيندي‬
‫اکين مان رت روئيندو هو‪ ،‬۽ اسماعيل سانوڻ فقير جا بيت اکيون بند‬
‫ڪري پيو وڏي واڪي چوندو هو ۽ سڀ ڳوٺ وارا خاموشيَء سان ٻڌندا‬
‫هئا‪.‬‬
‫هي ڀي اسماعيل جي ڀر ۾ ويٺو بيت ٻڌندو هو ۽ جانو درويش‬
‫کي چتائي ڏسندو هو‪ ،‬هڪ ڏينهن هن اسماعيل کان پڇيو ته هي درويش‬
‫نڙ وڄائيندي روئندو و آهي‪ .‬اسماعيل چيو هئس ته تون اڃا اهي مامون‬
‫پروڙي نه سگهندين‪ ،‬اهي عشق جون چوٽيون آهن‪ ،‬تون اڃا ٻار آهين‪.‬‬
‫ائين هن ۾ وڌيڪ تجسس پيدا ٿيو هو هڪ ڏينهن هن اسماعيل کي چيو‬
‫مان نڙ وڄائڻ سکندس ۽ تو سان سنگت‪ ،‬بيتن تي مان ڪندس‪ .‬پوِء پورو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪82‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫هفتو هن ساهه کڻڻ جي مشق‪ ،‬ڪڻڪ جي تيل پاڻيَء ۾ وجھي پڪي‬


‫ڪئي هئي ان کانپوِء اسماعيل کيس انگ ڳڻڻ سيکاريا هئا‪ ،‬جنهن‬
‫کانپوِء هوريان هوريان هي سڀ ڪجهه سکي ويو هو‪ .‬اسماعيل نڙ‬
‫وڄائيندو هو‪ .‬هڪ ڏينهن هي موقعو تاڙي ڪرم شاهه پير تي جانوَء سان‬
‫وڃي مليو‪ ،‬۽ کانئس زندگيَء جي بابت پڇڻ لڳو‪ ،‬پهريان ته جانو هن کي‬
‫ڪلهي تي ٺاپي ڏني ۽ چيو هو ته گالب‪ ،‬تون اڃا گالب آهين‪ ،‬تون ته‬
‫ٽڙيو ئي مس آهين‪ ،‬تون ڪا‪ ،‬ڪوسي واُء‪( ،‬جھولو) به نه ڏٺو آهي‪ .‬تون‬
‫جڏهن اهڙي منزل تي پهتين ته تو وٽ اها ڳاڙهاڻ نه رهندي‪ ،‬تون گالب‬
‫جي گل جيان پن پن ٿي وکري ويندي‪ ،‬تڏهن توکي انهن رمزن جي ڪل‬
‫پوندي ۽ تنهنجي نڙ ۾ برهه جون باهيون‪ ،‬اندر جي آواز ۾ سمائجي‬
‫وينديون ـــ مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ نڙ وڄائيندي منهنجي جسم مان‬
‫اهو درد ڦوڪ وسيلي ٻاهر نڪرندو هجي‪ .‬تون ڇا ڄاڻي ڪندين‪ ،‬هڪ‬
‫مسافر جي ڪهاڻي جنهن کي اها ڀي خبر ناهي ته هو ڪٿان جو هو ڪٿي‬
‫آهي‪ ،‬ڪٿي ويندو‪.‬‬
‫هي ڪجهه دير سن ٿي ويو هو‪ .‬پر جانوَء بابت معلومات هٿ‬
‫ڪرڻ جو هن پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو‪.‬‬
‫هن وري جانوَء کي التجائن واري نظر سان ڏٺو‪ ....‬۽ چيائين‪.....‬‬
‫جانو‪ ،‬مان ڄاڻن چاهيان ٿو اهي رمزون‪ ،‬جيڪي انسان جي اندر کي‬
‫جھوري وجھنديون آهن‪ “.‬جانوَء‪ ....‬ڳالهايو ته پوِء ڪٿي لؤن الئي ڏس‪ ....‬۽‬
‫ان انتظار جي ڪڙهائيَء ۾ ڪڙهي ڏس“‪.‬‬
‫”ڪهـڙي ڪڙهائي“‪ ....‬گالب کانئس پڇيو!‬
‫محبت جي ڪڙهائي‪ ....‬عورت جي پهرئين جھلڪ واري‬
‫ڪڙهائي‪ ...‬ان جي لفظن جي چاشنيَء واري ڪڙهائي‪ ....‬مرد مٿان فدا‬
‫ٿيندڙ ان جذبي جي ڪڙهائي‪ ....‬گرم گرم ساهن جي ڪڙهائي‪ ....‬ڊپ ۽‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪83‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫خوف وچان ڌڙڪندڙ دل جي آواز واري ڪڙهائي‪ ....‬سرد راتين جي‬


‫انتظآر واري ڪڙهائي ۾ ڪڙهي ڏس گالب‪ “....‬۽ هو روئي پيو‪.‬‬
‫گالب سندس منهن ڏانهن ڏسندو رهيو‪ ،‬جيڪو مڪئي جي‬
‫سنگ جيان پيلو ۽ ڳاڙهو ٿي ويو هو‪ ،‬۽ هن موٽ ڪئي هئي اسماعيل‬
‫ڏانهن‪ ....‬اندر جي اڻ تڻ سبب هن اسماعيل کان جانوَء جي باري ۾ پڇيو‬
‫هو‪.‬‬
‫اسماعيل هن کي بيقرار ڏسي چيو هو‪” ،‬پنهنجي ڀر واري‬
‫زميندار سچل کي ته سڃاڻين؟“ هن هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو‪.‬‬
‫اسماعيل ڳالهه جاري رکندي چيو‪” ،‬هي جانو ان جو سؤٽ‬
‫اٿئي“‪.‬‬
‫هن جون اکيون حيرت مان اسماعيل ڏانهن کڄي ويون‪.‬‬
‫سچل جي پيُء‪ ....‬جانوَء جي ڀاُء کي زهر ڏئي مارائي ڇڏيو هو‪.‬‬
‫هو هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو هو‪ ،‬جنهن نوڪري ختم ٿيڻ کانپوِء زمين‬
‫جي سار سنڀال لهڻ الِء سچل جي پيُء کان پنهنجو حصو گهريو هو‪ ،‬ان‬
‫جي موٽ ۾ کيس حياتيَء تان هٿ کڻڻو پيو هو‪ .‬جانو اڃا تن ڏينهن ۾‬
‫ننڍو هيو ۽ سندس ماُء به شهر جي هئي‪ ،‬ان ڪري سچل جي پيُء جي‬
‫ساڻن لڳي ئي ڪونه ـــ بي سهارا هجڻ ڪري‪ ،‬هي به چپ چاپ ماني ٽڪر‬
‫تي پلندا رهيا‪ .‬سچل جي ڀيڻ سان‪ ،‬جانوَء جونينهن وارو ناتو ٿي ويو‪.‬‬
‫هڪ گهر ۾ رهڻ ڪري اها ٻاپور سچل کي پئجي وئي‪ .‬جنهن جانوَء جي‬
‫ماُء کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ جانوَء کي نيمڪ حرام ڪوٺي گهر مان‬
‫بي دخل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڀيڻ جو قرآن سان حق بخشرائي ڇڏيو‪.‬‬
‫هاڻي ته جانوَء جي ماُء به مري چڪي آهي‪ .‬ڪڏهن ڪڏهن سچل جي ڀيڻ‬
‫پير ڪرم شاهه تي زيارت الِء ايندي آهي نه ته سالن جا سال جانو ان آس‬
‫۾ اتي ويٺو هوندو آهي ته من ڪنهن ڏينهن اچي‪ .‬ان انتظار جي درد ۾‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪84‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫پچندي ڪڏهن نڙ وسيلي اندر جو بار هلڪو ڪندو آهي ته ڪڏهن‬


‫ميخاني ۾ لڙڪن جو مينهن وسائي هينئون هلڪو ڪندو آهي‪.‬‬
‫گالب ان ڏينهن ئي ڳنڀير حالت ۾ موٽيو هو‪ ،‬سج لهي چڪو‬
‫هو‪ ،‬ڳوٺ دونهين جي ڪڪرن ۾ گم هو‪ .‬هرڪو مال جي وٿاڻن تي‬
‫دونهون ڪري مڇرن جي فوج کي تڙي رهيو هو‪ .‬لين ۽ ڪنڊين جي‬
‫وچواري سنهڙي گهٽي ڏيو هر گهر وڃي رهيو هو ته ملوڪان ڇيڻو‬
‫دکايو گهر وڃي رهي هئي‪ ،‬اوچتو ريشمي ڪپڙن جي سر سر تي هن‬
‫کان ڇرڪ نڪري ويو هو‪ .‬ملوڪان ٻرندڙ ڇيڻو مٿي ڪري سندس منهن‬
‫۾ تڪيو‪” .‬هيڏو سارو ٻيڙو جوان ڊڄين ٿو“‪ .‬هن جي دل زور زور سان‬
‫ڌڙڪڻ لڳي هئي‪.‬‬
‫ملوڪان وري ڳالهايو‪” ....‬يڪي ڪاٿي هئين‪ ،‬مان ويهي ويهي‬
‫هاڻي ڇيڻو دکائي موٽي آيس!“‪.‬‬
‫هن کان لفظ ئي نه اڪليا هئا‪.‬‬
‫ملوڪان مڪ اوالري‪ ،‬نڪ تي هوريان هڻي چيو هيس‪ ،‬دير‬
‫تائين ٻاهر نه رهندو ڪر‪ ،‬ڏسين نٿو ته زمانو ڇا لڳو پيو آ“ ۽ پوِء‬
‫ريشمي ڪپڙن جو گسڪو سندس پاسي کان ٿيو ۽ هوَء هلي وئي‪.‬‬
‫هي بيٺو رهيو هن پاسي جي لڳڻ کي شدت سان محسوس‬
‫ڪيو‪ .‬ملوڪان پنهنجي ڳلي تي ڀريل ڇيڻي وارو هٿ لوڏي هلي وئي‪.‬‬
‫هي شرم واري مرڪ مرڪي گهر ڏانهن راهي ٿيو هو‪ .‬ان ڏينهن کان هن‬
‫پاڻ کي بدليل بدليل پئي محسوس ڪيو‪ .‬پوِء جڏهن به ملوڪان سندس‬
‫گهران ڇيڻو دکائڻ ايندي هئي ته ڦوڪ ڏئي دونهون هن ڏانهن ڪري‬
‫مرڪندي‪ ،‬هلي ويندي هئي‪ ،‬جنهن جي خبر هن جي ڀيڻ مٺان کي به‬
‫پئجي وئي‪ .‬پوِء اڪثر ملوڪان ۽ مٺان پاڻ ۾ مذاق ڪندي جھيڙو‬
‫ڪنديون هيون ۽ هن کي چيڙائينديون هيون‪ .‬ملوڪان ڪمدار قربان جي‬
‫اڪيلي ڌيَء هئي‪ .‬گهر ۾ پٽ جي اوالد نه هجڻ ڪري هوَء الڏلي هوندي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪85‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫هئي نه ڪنهن جي جھل نه پل ـــ هيُء ۽ ڪمدار ڳوٺ ۾ هڪ ذات ڪري‬


‫هڪٻئي جي گهر ايندا ويندا هئا باقي مائٽي وارو رشتو ڪونه هئن‪.‬‬
‫ملوڪان ۽هي پاڻ ۾ ويجھا ٿي ويا‪ ،‬ايترا ويجھا جو رات جو‬
‫لين ۽ ٻوڙن جي ڪير ۾ هي لوڪ ستي وڃي ملندا هئا‪ .‬ڪمدار اڪثر‬
‫مشن تي رهندو هو‪ .‬تنهن ڪري ملوڪان ماُء کي سمهاري وڃي هن سان‬
‫ملندي هئي‪.‬‬
‫هوريان هوريان سندن نينهن جي ناتي جي خبر پهريان عورتن‬
‫کي پئي ۽ پوِء عورتن جي ويجھو رهندڙ مردن کي‪ ،‬جن هن کي هروڀرو‬
‫جون ڳالهيون ڪري راز ڪڍي ورتو ـــ هي نروار ٿي پيو‪ ،‬اها خبر جڏهن‬
‫اسماعيل کي پئي هئي ته ان هن کي گهڻو سمجھايو ته ڳوٺ جي ڳالهه‬
‫آهي توکي ائين نه ڪرڻ گهربو هو‪ ،‬وڌ ۾ وڌ تون ڪمدار ڏي امڙ کي‬
‫وٺي سڱ الِء وڃين ها‪ .‬اهو بهتر هو‪ ،‬هاڻي جيڪڏهن تون ڪمدار وٽ‬
‫پڌرو ٿي پئين ته هو سڱ ڏيڻ کان انڪار به ڪري سگهي ٿو ۽ فيصلو به‬
‫ڇڪائي سگهي ٿو‪ .‬هن اسماعيل کي منٿون ڪيون ٻيلي منهنجي مدد‬
‫ڪر‪ ،‬مان ملوڪان کان سواِء خوش نٿو رهي سگهان‪ ،‬تنهنجي ساڻس‬
‫لڳندي آهي‪ .‬تون ئي ڪو بلو ڪر‪ ،‬آخرڪار هڪ ڏينهن هي ٻئي مشين‬
‫تي ڪمدار سان ملڻ ويا‪ .‬اتي ڪمدار جو ڀائيٽو به موجود هيو جنهن کي‬
‫هن ۽ ملوڪان جي ڳالهين جي خبر هئي‪ ،‬اسماعيل سموري ڳالهه ٻڌائي‬
‫اڃا بس ڪئي ته ڪمدار جو ڀائيٽو اٿيو ـــ چاچا شيِء توهان جي آ‪ ،‬باقي‬
‫ڪاري کي سڱ نه ڏبو آ‪ ،‬هن ۽ ملوڪان جون ڳالهيون سڄي ڳوٺ ۾‬
‫هلي ويون آهن‪.‬‬
‫ڪمدار صفا ڳاڙهو ٿي ويو ـــ ڳالهائي ئي ڪونه سگهيو ـــ‬
‫اوچتو هيڏي وڏي ڳالهه ٻڌي سن ٿي ويو‪ ،‬اسماعيل گهڻو ئي چيو ته‬
‫ماڻهن ۽ کوهن جا وات ڪنهن بند ڪونه ڪيا آهن‪ .‬ڪمدار تون ماڻهن‬
‫جي ڳالهين تي نه لڳ‪ ،‬هي ڇوڪرو تمام سٺو آهي‪ ،‬اها توکي به خبر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪86‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫آهي ته پڻهنس اکر وارو هو‪ .‬ان وقت ڪمدار کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه‬
‫پيو اچي ته هو ڇا ڪري آخر ڪاوڙ ۾ مٺيون ڀڪوڙيندي چيو هيائين ته‬
‫اسماعيل تون آيو آهين نه ته هن مهل االئي ڇا ٿي وڃي ها ـــ باقي هي نه‬
‫منهنجا مائٽ آهن ۽ نه ئي مان مٽي ڪندس‪ ،‬باقي عزت جو پلئه مان‬
‫ضرور وٺندس‪ .‬اسماعيل سڄي واٽ سوچن ۾ غرق رهيو هو ۽ هي ڀي‬
‫ماٺ ميٺ ۾ گهر اچي سمهيو هو‪ .‬توڙي جو ملوڪان جو انجام به هئس‪.‬‬
‫صبح اڃا پنهنجو جلوو نه پسايو هو جو ملوڪان ڇيڻو دکائڻ آئي ۽ هن‬
‫کي منهن ۾ دونهون ڏئي اٿاري ۽ منهن خراب ڪري هلي وئي‪ ،‬هن اهو‬
‫سڄو ڏينهن سوچن ۾ گذاريو‪ ،‬شام جو هن پنهنجي ماُء کي سڄو احوال‬
‫ٻڌايو ته ماڻهنس ڪي پهر ته سوچيندي رهي ڄڻ سڪتو تاري ٿي ويو‬
‫هئس‪.‬‬
‫آخر ماڻهنس فيصلو ڪيو ته ڪمدار ڏي نياڻي ميڙ ڪري‬
‫ويندي‪ ،‬من هو سندس عرض قبول ڪري‪ .‬پر ڪجهه نه وريو ڪمدار زال‬
‫کي چئي ڇڏيو ته ان مائي کي چئه ته هتان هلي وڃي منهنجون اکيون‬
‫رت ٿيون ڇڏين‪ .‬ٻنهي گهرن ۾ ڄڻ ماتم برپا ٿي ويو‪ .‬ملوڪان جي ماُء‬
‫حيران رهجي وئي‪ .‬هيڏو ڪجهه ٿي ويو ۽ مون کي ڪا به خبر ناهي‪ ،‬هن‬
‫ڪمدار جي ڀر ۾ اچي ڀڻڪيو‪ .‬ڪمدار ٻه مڪون وهائي ڪڍيس هي سڀ‬
‫ڪجهه تنهنجي ڪري ئي ته ٿيو آهي‪ .‬چاڙهه پنهنجي ملوڪڙي کي مٿي‬
‫تي ملوڪان روئي رهي هئي‪ .‬ان کي اها ته ڪل ئي ڪونه هئي ته انهن‬
‫معاملن ۾ ڪو ائين به ٿيندو آهي‪.‬‬
‫اها رات هي سمهي نه سگهيو هو‪ .‬سڄي رات سوچن جي ور‬
‫چڙهي وئي هئس‪ .‬رات جي پوئين پهر هن فيصلو ڪري ورتو هو ته هاڻ‬
‫هو‪ ،‬ملوڪان کي ڀڄائي ويندو‪ ،‬ٻي رات هو ملوڪان کي ڀڄائي ويو هو‪.‬‬
‫پويان جي ڪا ڪل ئي نه رهي هئس ته سندس ڀيڻ ۽ ماُء ڪيئن‬
‫هونديون‪ .‬هن اهو درد تڏهن محسوس ڪيو جڏهن ملوڪان سندس پٽ‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪87‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫کي جنم ڏيندي هن کان هميشه وڇڙي وئي هئي‪ .‬اها هڪ سرد رات هئي‪.‬‬
‫ملوڪان کي سور ٿيا هئا هوَء ضد ٻڌي بيٺي هئي ته هڪ دفعو هينئر جو‬
‫هينئر امڙ وٽ وٺي هل‪.‬‬
‫هي حالتن کي مجبور ٿي ڳوٺ اچي رهيو هو جو‪ ،‬ان جاِء تي‬
‫(جتي هينئر گهر اٿس)‪ ،‬ملوڪان کي پٽ ڄائو هو ۽ ڪجهه پلن کان پوِء‬
‫کانئس موڪالئي وئي هئي‪ .‬هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هاڻ هو اتي‬
‫ئي پنهنجي زندگي جا لمحا گذاريندو‪ .‬اهي ڏينهن کيس شدت سان ياد‬
‫اچڻ لڳا‪ .‬هاڻ ته هو به زندگيَء جي راند هارائي چڪو هو‪ .‬پر سندس‬
‫دشمنيون اڃا ڪمدار جي ڀائٽي جي پٽ سان هلندڙ هيون‪ ،‬جنهن اڃا‬
‫ڪالهه ئي پٽهنس سان زمين جي مامري تي ڇنيَء وٽ ڏند ڏنا هئا‪.‬‬
‫پڻهنس جيان پاڻ به ارڏو ٿي پيو هو‪ ،‬هاڻ ته اچي کيس فڪر ورايو هو ته‬
‫متان ملوڪان جي آخري نشانيَء جي به هو حفاظت نه ڪري سگهي‪ .‬ان‬
‫ڪري هي هي هڪ دفعو وري اٿيو ۽ ورانڊي ۾ سمهيل پٽ کي ڏسڻ‬
‫ويو‪ .‬پٽهنس گهري ننڊ ۾ ستل هو‪ .‬هي موٽي اچي‪ ،‬مٿي کي هٿ ڏئي‬
‫ويهي رهيو هو‪ .‬ريڊيو بند ٿي چڪو هو‪ ،‬دير دير سان ٻاهران کڙڪو ٿيو‪،‬‬
‫هي اٿي کڙو ٿيو چوڌاري فائرنگ شروع ٿي وئي‪ ،‬هي پٽ ڏانهن ڀڳو‪،‬‬
‫ورانڊي جي در تي بيهي رهيو‪ .‬پٽ کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪڻ لڳو‪.‬‬
‫اوچتو گوليون سندس سيني مان پار ٿي ويون‪.‬‬
‫صبح سان هڪ ٻي قبر کنئي وئي‪ .‬ملوڪان جي ڀرسان کيس‬
‫دفنايو ويو‪ .‬اڃا به اتي ٻه قبرون موجود آهن ۽ هڪ گهر ـــ جنهن ۾ اڃا به‬
‫ڏيئو ٻرندو آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪88‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫مرغو نمبر ـ ‪5‬‬

‫پنهل جيئن ئي گاهه پٺي مان واندو ٿي‪ ،‬الئيف بواِء جي ڳريل اڌ‬
‫چڪي هٿ ۾ کڻي تيل جي شيشيَء ڏانهن وڌيو‪ ،‬ته تيل جي شيشي خالي‬
‫ڏسي‪ ،‬کيس ڍڪر اچي ويا‪.‬‬
‫”ابول تيل کي به اڄ ختم ٿيڻو هو“‪.‬‬
‫هن خالي شيشيَء کي گهروڙي بجو ڏنو‪.‬‬
‫سامهون لڳل آئيني ۾ پنهنجي ڪيفيت ڏسي ٿورو مرڪيو ۽‬
‫پنهنجي منهن چوڻ لڳو‪.‬‬
‫”وڏن ماڻهن جيان مان ڀي لڳي ٿو ته نفسياتي مريض ٿي ويو‬
‫آهيان“‪.‬‬
‫هل ڙي پنهل اڄ الئيف بواِء سان ئي الئيف کي اڳتي وڌاِء‪.‬‬
‫پنهنجو پاڻ کي جملو چئي هو سيٽي وڄائيندو ٻاهر نڪتو‪.‬‬
‫جوڻس ڀانان چلهه تي ويٺي ماني پي پچائي‪ .‬کيس سيٽيون‬
‫وڄائيندو ڏسي پڇيائين‬
‫”خير ته آهي“‪.‬‬
‫”ها هو رات تيل جو منهن ڪارو تو ڪيو آ“‪ .‬پنهل مزاحيه انداز‬
‫۾ پڇيو‪.‬‬
‫مان ڪونه ڪيو آ‪ ،‬اهو ماڻهين پي مٿي کي مالش ڪرائي مالش‬
‫ڪري ڪري هاڻي ته ويڻيَء ۾ سور ٿي پيو آ‪ .‬لولي کي به زبرو ڌڪ‬
‫هڻي نٿي سگهان“‪ .‬اڄ جي مانيَء جون وٽيون پاسا برابر نه هجن ته منهن‬
‫ڪنو نه ڪجانِء“‪ .‬ڀانان ڪن کڻائيندي چيس‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪89‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫پنهل جي گول ٿيل چپن وري سيٽي‪ ،‬اتان ئي وڄائڻ شروع‬


‫ڪئي جتي ڇڏي هئائين‪ .‬هن کان اک لڳي وئي‪.‬‬
‫جوڻس شرمائجي وئي‪ .‬هن وري ڪو ٻيو اشارو سمجھيو‪.‬‬
‫پنهل ڪياڙي کنهي ٻاهر اوطاق تي لڳل نلڪي واري دڪيَء‬
‫تي پلٿي ماري ويٺو‪ ،‬اتي به هن کي محسوس ٿيو ته ”مان ته صفا‬
‫سودائي ٿي ويو آهيان“”‬
‫زال کي اک هنيم‪ ،‬جيڪا اک هو اڪثر ان مهل هڻندو آهي‬
‫”جڏهن سندس موڊ ٺهندو آهي“‪.‬‬
‫هن کان نلڪي جي ڳن ۾ هٿ وجھندي‪ ،‬کل نڪري وئي‪ .‬مار‬
‫ڀڻسان ڪم ته خراب ٿي ويو‪ ،‬هو مرڪيو ۽ نلڪي کي هالئڻ لڳو‪ .‬جسم‬
‫تي پاڻي پيس ته ڄڻ ڪرنٽ ڊوڙي ويس“‪.‬‬
‫هي ڇا اڄ پاڻي به اوپرو اوپرو ٿو لڳي‪.‬‬
‫هن جلدي جلدي جسم کي صابڻ هنيو‪ .‬بغلن کي مهٽيو ۽‬
‫ڪجهه سرس مهٽيو کيس خبر آهي‪ ،‬ته جڏهن هو گاهه پٺو ڪري موٽندو‬
‫آهي ته سندس بغلن مان عجيب قسم جي بوِء ايندي آهي‪ .‬جنهن جي‬
‫شڪايت ڀانان به ٻه ٽي دفعا ساڻس ڪئي آهي‪.‬‬
‫صابڻ کي الهڻ الِء هن وري نلڪي کي گيڙا ڏنا ۽ هٿن سان‬
‫سڄي جسم کي مهٽيو‪.‬‬
‫جي تيل هجي ها ته ڪيا بات هي“ ڪم ٿي وڃي هان‪ .‬ڇو ته‬
‫سياري جي اچڻ سبب سندس جسم تي ڄڻ اڇي ڪلري ٿي ٿي بيٺي‪.‬‬
‫”چلو ڪوئي گل نهين“ هن کان وات مان نڪري ويو‪.‬‬
‫وري هن کان اک لڳي وئي‪ .‬۽ هو وري پريشان ٿي ويو ته هي‬
‫اڄ مون سان ڇا ٿي رهيو آهي‪.‬‬
‫هن جلديَء ۾ ڪپڙا پاتا ـــ صابڻ کنيو ۽ گهر ۾ کٽ جو وچ‬
‫وٺي ويهي رهيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪90‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫کيس ناشتي اچڻ جو انتظار هو‪.‬‬


‫ڀانان چلهه تان اٿي ۽ مٿس اچي بيٺي ۽ آرس ڀڃڻ لڳي‪.‬‬
‫”تون به اهڙو آن جو مهل نه موقعو ٿو ڏسين“‪.‬‬
‫پنهل وائڙو ٿي ويو ته بيگم صاحبه کي ڇا ٿي ويو‪.‬‬
‫هن اڃان دماغ ۾ ڪجهه ٽلڻ جي ڪئي ته وري کانئس اک لڳي‬
‫وئي“‪.‬‬
‫ته ڀانان کي ڄڻ وٿي ملي وئي‪.‬‬
‫”ته پوِء تڙ ڪرڻ جي جلدي هيئي ڇا؟“‬
‫پنهل کان زري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو‪ .‬پوِء کيس ياد آيو ته اک‬
‫غلط ٽائيم تي لڳي وئي آهي‪.‬‬
‫هن ٻئي هٿ ڪنن ۾ وڌا ۽ نڪ تي آڱر ڦيرائي چيو‪ .‬بيگم‬
‫غلطيَء جي معافي!‬
‫ڀانان منهن چٻو ڪري چيو‪” :‬هڻي منهنجو به موڊ خراب ڪري‬
‫ڇڏيئه“‪.‬‬
‫ڀانان وئي‪ ،‬مانيَء تي مکڻ جا ابتا سبتا ليڪا ڪڍي اچي اڳيان‬
‫رکيائينس!‬
‫پنهل پهريان ته مانيَء کي ڏٺو ۽ پوِء زال جي منهن کي ڏٺو‬
‫جنهن تي به ڇار ۽ اٽي جي آٽڻ جا ليڪا نڪتل هئا‪.‬‬
‫ڀلو ٿيئي هي ڇا؟ مکڻ ڪونهي ڇا جو اڄ ماني کي هڻڻ مهل به‬
‫بيگر الٿي اٿئي“‪ .‬پنهل کيس چتائي ڏسندي پڇيو‪.‬‬
‫ڀانا موڙا ڏيندي اندر ڪمري ۾ پيل ڪينگر مان وٽو لسيَء جو‬
‫ڀري اچي ڄڻ هٿ ۾ ٺوڪيس‪......‬‬
‫وري به پنهل کان اک لڳي وئي ته ڀانان جو وات ڦاٽي ويو ۽‬
‫چيلهه تي هٿ رکي بيهي رهي‪.‬‬
‫”مکڻ ته مونکان وسري ويو‪ .‬هاڻي کائيندين يا پوِء‪....‬؟‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪91‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫پنهل پوِء جو مطلب سمجھي نه سگهيو ۽ مانيَء جو اڌ ڀڃي‬


‫وات ۾ ائين وڌائين ڄڻ غريب مينهن کان ٽپڙ اندر پيو ڪري!‬
‫ڀانان‪ ،‬هونهه ڪري وڃي مانيَء کي اهڙا ڌڪ هنيا‪ ،‬جو ڄڻ ته‬
‫پنهل تي پئي چماٽون هالئي‪.‬‬
‫پنهل وٽو لسيَء جو منهن تي چاڙهي اک هڻي ڄڻ پنهنجو پاڻ‬
‫کي پيو چوي ته ”پنهل توائي مانيَء مان ٿي نڪرئي!‬
‫پنهل ماني کائي هٿ آلي‪ ،‬انگوشي سان صاف ڪيا ۽ اندر‬
‫ڪمري ۾ هليو ويو‪.‬‬
‫هن چارج ۾ لڳل موبائيل ڪڍيو ۽ اسڪرين تي ان باڪس ۾‬
‫پيل پيغام کي اسڪرين الڪ کولي پرهيو‪.‬‬
‫مٺا سائين جلدي اچڻ جي ڪجانِء ڇو ته هڪ کان پوِء گهر ۾‬
‫هل ٿي ويندو آهي‪ .‬سڀ گهر ڀاتي اچي ويندا آهن‪.‬‬
‫پيغام پڙهي‪ ،‬هن اسڪرين آف ڪئي ۽ موبائيل کيسي ۾‬
‫وجھي مڙيو ته آئيني وري مٿس ڄڻ ٺٺول ڪئي‪ .‬هن مڙي پاڻ کي آئيني‬
‫۾ ڏٺو ۽ اک ڀڳي‪......‬‬
‫هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو ”تون ته منهنجي ڪڍ پئجي وئي‬
‫آهين“‬
‫هي در کان نڪتو‪ ،‬ته سامهون جوڻس تي ديد پئجي ويس‪ .‬جنهن‬
‫کيس ڏسي منهن بڇڙو ڪيو‪“.‬‬
‫صبح صبح سان منهن بڇڙو نه ڪندي ڪر! تون اندر هجين ها‬
‫ته ڪڪڙيون ۽ ڪانَء اٽو پٽي کائي وڃن هان‪ .‬ان ڪري رات تائين‬
‫مهلت!‬
‫ڪ ِڙ کي‬
‫ڀانان جھٽڪو ڏئي لڪڻ هٿ ۾ کنيو ۽ ڀرسان ايندڙ ڪ ِ‬
‫اهڙو وهائي ڪڍيائين جو ڪا مهل ته ڪڪڙ سامت ۾ ئي ڪونه هئي‪.‬‬
‫ڪڪ ڪڪ ڪڏوڪ ڪندي مال جي واڙي ۾ وڃي پهتي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪92‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”ڇتي ته ٿي آهي“‪ ....‬پنهل جملو چئي ٻاهر نڪتو‪.‬‬


‫پنهل جي ذهن ۾ منظر ڦرڻ لڳا‪ .‬هي مونسان ڇا ٿي رهيو آهي‪.‬‬
‫مان ڪڏهن کان اهرو ٿي ويو آهيان‪ .‬ڇورن هڻي منهنجو به مٿو ڦيري‬
‫ڇڏيو آ‪ ،‬مان اڳ ته اهڙو ڪونه هئس‪ .‬ايم‪ .‬اي بين االقوامي تعلقات ۾‬
‫ڪيم‪ ،‬يونيورسٽيَء ۾ ڇوڪرين جا ٽوال هوندا هئا‪ .‬پر مونکي ڪا به ڀانِء‬
‫نه آئي‪ .‬هر هڪ کي ادي ڪري آسرو پالئيندو هئس‪ .‬ڇو ته انقالبي سوچ‬
‫منهنجي ذهن کي اهڙو ته مٽائي ڇڏيو هو جو اسٽڊي سرڪل ۽ پاڻ! ٻي‬
‫ڪنهن طرف ڌيان ئي نه ويو‪ .‬ايم اي ڪري واِء واز ڏيڻ ويس ته پٺيان‬
‫چاچو ڀڄندو آيو‪.‬‬
‫”پنهل ادو اهلل کي پيارو ٿي ويو“‬
‫هي ڇا هاڻي ته گهران آيو آهيان‪ .‬ابي جي پيرن تي هٿ رکي‪.‬‬
‫چاچا تون هي ڇا چئي رهيو آهين؟‬
‫ها پٽ دل ۾ تڪليف ٿيس‪ .‬گاڏي ڦيرائي‪ ،‬مس بيهاري سين ته‬
‫دم نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو‪.“.‬‬
‫اها گاڏي ڪهرائي هت پهتو آهيان“‪.‬‬
‫بابي سان جھٽ ٿي ويو‪ .‬امڙ جيڪا راڄ ۾ ست لڙهي دهري‬
‫پائي ڪاڄن ۾ شريڪ ٿيندي هئي تنهن جي ڪنن مان ڪيوٽيون‪ ،‬پڪڙ‬
‫سان ويڙهه کولي الٿيون ويون‪.‬‬
‫ٽيجھو ٿيو‪ ،‬ست جماڻا ٿيا‪ .‬امان جي سوَء لٿي ته چاچو در وٺي‬
‫بيهي رهيو‪.‬‬
‫”پنهل شآدي ڪر‪ ،‬هيَء ڍاڳ مينهن جي‪ .‬گهر جو ڪم ڪار‪ ،‬اٿي‬
‫ويٺي ڪير سنڀاليندو“‪.‬‬
‫نوڪريَء جا خواب لهڻ ڇڏي ڏي‪.‬‬
‫خاندان بچاِء‪ .‬چرخو هالِء‪....‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪93‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ٽن مهينن ۾ ڪاڄ ٿيو‪ .‬ڀانان هٿن کي ميندي الهي اچي پهتي‪.‬‬
‫پوِء خبر پيئي ته عورت جي خوشبوِء ڇا هوندي آ‪ .‬باسمتي چانور جي‬
‫هڳاَء جهڙي‪ ،‬رابيل جي سڳنڌ جهڙي ڀانان سڳي سؤٽ ـــ اچي جو گهر‬
‫کي سنڀاليائين ته گهر کي ڀاڳين جو گهر ڪري ڇڏيائين‪ .‬عصر جو اٿي‪.‬‬
‫مال کي ڪونر کارائي چئونري کڻي گوڏن ۾ ڦاسائي پهريون گوهو‬
‫ڪڍي ته چئونري شوشو جي آواز کان شروع ٿئي ۽ ڪنن تائين گج سان‬
‫ڀرجي وڃي‪.‬‬
‫کير مکڻ پنهنجو اڌ پاڙو لسي وٺڻ الِء‪ ،‬ٿانَء جھليو بيٺو هجي‪.‬‬
‫لوٽا ڀريندي ٿانون ۾ وجھندي وڃي بسم اهلل‪ ،‬بسم اهلل جا لفظ چپن تي‬
‫ـــ ڪڏهن به منهن تي گنج ڪونه پيس‪.‬‬
‫آچر جو ڏينهن ٿئي ته شام سان ئي پاڙي جا جوان ڇوڪرا پنهل‬
‫جي اوطاق ۾ منڊلي مچائي ويهن‪.‬‬
‫هاڻي تون ڪهڙي ڪالس ۾ ٿو پڙهين؟ پنهل‪.‬‬
‫بي ايس سي ۾؟ ڇوڪرو!‬
‫۽ تون دالور؟ پنهل‬
‫آِء آر ۾؟ ٻيو ڇوڪرو‪.‬‬
‫اڙي يار امان ڀٽي خوش آ‪.....‬‬
‫ها پنهل صفا ڀڙ لڳو پيو آ‪.....‬‬
‫اڃا ڊريسنگ ٺيڪ ٺاڪ اٿس يا‪.....‬‬
‫بابا اسان کي به ماري ٿو وڃي!‬
‫پنهل ٿڌو شوڪارو ڀري چوي ٿو يار ماڻهو ته ناهي‪ .‬مکڻ آ‬
‫مکڻ‪....‬‬
‫ائين ڳالهين جا دؤر هلن‪ .‬ڪچهريون اڌ رات تائين برقرار‪.....‬‬
‫نوجوانن جي هٿن ۾ وڏا وڏا موبائيل‪ .‬هر ڪو ڪرت سان لڳو‬
‫ويٺو هجي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪94‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫وڊيو ڪال تي ڪا ڇوڪري ڪنهن نوجوان سان آن الئين ٿئي ته‬


‫پنهل وڌيڪ ٽهڪ ڏئي‪ .‬ابا آئي ٿي هيروئن‪ .‬اڳي ماڻهو هيروئن ڏسڻ الِء‬
‫سئنيما ويندا هئا‪ .‬هاڻي هيروئن هٿن ۾ اچي ٿي ٺڪاُء ڪري‪.‬‬
‫پنهل تو به ڪو يونيورسٽيَء ۾ عشق ڪيو؟ نوجوان جو سوال!‬
‫نه يار اسان کي عشق ڪرڻ جو وقت ئي ڪونه مليو‪ .‬شاگرد‬
‫تنظيمن ايترو ته قابو ڪري ڇڏيو جو ڇوڪرين کي ادي ۽ ڀيڻ چئي جند‬
‫ڇڏائڻي پئي‪.‬‬
‫ڀال هاڻي عشق ڪرڻ جو موڊ اٿئي؟‬
‫هن عمر ۾! ابا پڪي گهڙي کي به ڪڏهن ڪنا پيا؟!‬
‫ٽهڪڙو‬
‫”پنهل جي ذهن ۾ ڄڻ الئيو پروگرام هلي ويندو هو“‬
‫گهر کان ته نڪري آيو ! پر يادن جي ڪوهيڙي ۾ ايترو وٺجي‬
‫ويو جو ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچيس ته وڃان ڪاڏي ٿو‪ .‬گهران نڪتو‬
‫ڇو آهيان ۽ هي سوچيان ڇا ٿو؟‬
‫واٽ تي بيهي سوچيائين‪ .‬پويان سڀ منظر وري هلڻ لڳا‪.‬‬
‫دالور نمبر ڏنو هوس ته ”پنهل ههڙو پکي ڪڏهن ڍنڍن ۽ ڍورن‬
‫۾ به نه ڏٺو هوندِء“‪ .‬آڙي کان به ڳچي ڊگهي‪ .‬بخملي بدن ـــ ڳٽي تي هٿ‬
‫رکئيس ڄڻ مکڻ جي چاڻي تي هٿ رکيئي“‪.‬‬
‫”ابا منهنجي ڪهڙي ڪم جو“‬
‫ڳالهه ٿو ڪرين ڪم ئي تنهنجي جو آ‪.‬‬
‫دالور نمبر پنهل جي موبائيل ۾ سيو ڪيو‪.‬‬
‫هائو ٻيلي ڪنهن نه ڪنهن مهل موبائيل جي رنگ وڳي‪.‬‬
‫پنهل هلو ڪيو ته پريان عورت جو آواز آيو ـــ‬
‫”هي عباس جو نمبر آهي؟“‬
‫نه هي پنهل جو نمبر آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪95‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫نمبر بند ٿي ويو‪.‬‬


‫ٻئي ڏينهن ڪال آئي نمبر ساڳيو هو‪.‬‬
‫پنهل ”هي عباس جو نمبر ناهي‪ .‬توهان کان غلطي ٿي آهي‪.‬‬
‫مون اڳ به وضاحت ڪئي آهي‪.‬‬
‫”تون پنهل آهين ته مان سسئي آهيان“‪.‬‬
‫پنهل جلدي ۾ مٽجندڙ اسٽيٽمينٽ کي سمجھي نه سگهيو هو‪.‬‬
‫مون کي صرف هڪ ڳالهه نه وڻندي آهي ته‪” :‬مونسان ڪو ڪوڙ‬
‫نه ڳالهائي“‪ .‬عورت پاڻ ئي وضاحت ڪئي!‬
‫مون ڪٿي ڪوڙ ڳالهايو‪ .‬پنهل ڀي وضاحت پيش ڪئي‪.‬‬
‫مان هاڻي الِء نٿي چوانِء آئينده توهان کي احتياط ڪرڻو پوندو‪.‬‬
‫ماڻهو عزت جو بکيو هوندو آهي‪ .‬پئسي جي بک ته مطلبين کي هوندي‬
‫آهي‪ .‬مونکي اهلل تونسان ماليو آهي“‪.‬‬
‫سو ڪڏهن به مونسان ڪوڙ نه ڳالهائجانِء‪.‬‬
‫ڪوڙ مان ڇو ڳالهائيندس! پنهل پاڻ کي آجو ڪندي چيو هو‪.‬‬
‫تنهنجي شادي ٿيل آهي؟ ڇوڪري‬
‫ها شادي ٿيل آهي‪ ....‬پنهل‪....‬‬
‫اها سٺي ڳالهه آهي ته تون مونکي ڌوڪي ۾ نٿو رکين؟ گهڻا‬
‫ٻار اٿئي؟‬
‫ٻار ڪونهن وانگار ۾ ٿو هالن‪ ....‬پنهل‬
‫ڇوڪري کان ٽهڪ نڪري ويو‪.....‬‬
‫توهان کليو ڇو؟ پنهل‬
‫توهان جي سچي انداز تي‪ .‬ڇوڪري!‬
‫۽ توهان شادي شده آهيو؟ پنهل‬
‫نه مون شادي نه ڪئي آهي‪.....‬‬
‫شڪر آ‪ .‬نه ته توهان کي به اهڙي سوال جو جواب ڏيڻو پوي ها!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪96‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫وري ڇوڪري کان ٽهڪ نڪري ويو وانگار وارو‪ ....‬سوال‬


‫ڪرين ها ڇا؟‬
‫پنهل کان به ٽهڪ نڪري ويو‪.‬‬
‫ويڊيو ڪال ڪرڻ ايندي ٿي؟ ڇوڪري!‬
‫ها ڇوڪرن سيکاري آهي‪ .....‬پنهل‬
‫توکي ته اوالد ڪونهي ڪهڙن ڇوڪرن سيکاري ٿي‪ .‬ڇوڪري‪....‬‬
‫يونيورسٽيَء ۾ پڙهندا آهن‪....‬‬
‫اهو شوق به ڪندو آهين ڇا؟‬
‫پنهل کان ٽهڪ نڪري ويو‪” .‬اهلل نه ڪري“‪.‬‬
‫ڇوڪريَء جي بي باڪيَء تي پنهل کي ڏاڍي کل آئي هئي ۽ هن‬
‫ڪال ڪٽي ڇڏي هئي!‬
‫رات جو هاڻي پنهل الِء ڄڻ مشغلو ٿي پيو هو ۽ هو تمام گهڻو‬
‫اڳتي نڪري چڪو هو! پر ان تبديليَء جو هن ڪنهن سان به ذڪر نه‬
‫ڪيو هو‪ .‬ڇوڪرن سان اهي ئي نمان نه مان واريون ڳالهيون؟ اهڙين‬
‫يادن تي هو ٿورو کليو‪.‬‬
‫هو هاڻي ڳالهين جي ڳوٺ مان نڪري اچي اسٽاف تي پڳو هو‪.‬‬
‫بس جي انتظار ۾ ويٺو ته وري رابيل جهڙي سڳنڌ کيس ورائي وئي‪ .‬۽‬
‫ماضيَء ڏانهن موٽي ويو‪.‬‬
‫”توهان عشق ڪيو آ‪ ،‬ڇوڪري‪.‬‬
‫”مون عشق ۾ پير ئي ڪونه پاتو آهي“‪.‬‬
‫ڇو ڀال پير ايڏو وڏو ٿي ڇا؟ ڇوڪري‪.‬‬
‫پير ته ستون نمبر آ پر پير پائڻ جي جاِء ئي نه ملي‪ ...‬پنهل‬
‫تون ماڻهو ڏاڍو دلچسپ آهين؟ پڙهيل گهڻو آن“‪.‬‬
‫”ايم اي آِء آر ۾ ڪئي اٿم“‪ .‬پنهل‬
‫”ڪهڙي سال ۾“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪97‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫‪2001‬ع ۾‬
‫”هان ڇوڪريَء کان رڙ نڪري وئي“‬
‫”ايترو ننڍو آهين“ ٽهڪ ڏيندي ڇوڪريَء چيو هئس!‬
‫”ها زماني وڏو ڪري ڇڏيو آ“‪ .‬پنهل‬
‫”زمين گهڻي ٿي“‪.‬‬
‫‪ 36‬ايڪڙ‪ ....‬پنهل‬
‫سڀ پنهنجي نالي تي اٿئي؟ ڇوڪري‪.‬‬
‫بابي جي نالي تي آ‪ .‬بابو گذاري ويو آ‪ .‬کاتو بدليو ڪونهي“‪.‬‬
‫پنهل‬
‫سڀئي آباد اٿئي؟ ڇوڪري‪.‬‬
‫ها‪ .‬کجين جا باغ آهن‪ .....‬پنهل‬
‫کارڪون ڪڏهن کارائيندين‪ ....‬ڇوڪري‪.‬‬
‫جڏهن حڪم ڪيئي؟‪ .....‬پنهل‬
‫ڏٽو ته ڪونه پيو ڏئين؟ڇوڪري‪.‬‬
‫تو پهريان ئي چئي ڇڏيو آهي ته ڪوڙ نه ڳالهائجانِء‪ ....‬پنهل‬
‫واعدو پڪو؟ ڇوڪري‪.‬‬
‫”ها پڪو واعدو‪ ....‬پنهل‬
‫”دوستي پڪي؟“ ڇوڪري‪.‬‬
‫”ها سائين“‪ .‬پنهل‬
‫”سائين نه مٺا“ ڇوڪري‪.‬‬
‫”کارڪن کائڻ کانپوِء“‪ ....‬پنهل‪.‬‬
‫”نه هاڻي سان ئي“‪ .....‬ڇوڪري‬
‫”جي مٺا سائين“‪ ....‬پنهل‬
‫”ڇڏي ته نه ڏيندينَء“ ڇوڪري‪.‬‬
‫”توکي ڪو ڪافر ڇڏيندو“‪ .‬پنهل‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪98‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”جيڪو ته ڪوڙ ڳالهائيندو“ ڇوڪري‬


‫پنهل کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو هو‪” .‬وڏي ڪا شودي آن“‪.‬‬
‫”مان جهڙي آهيان بس اهڙي آهيان“ ڇوڪري‪.‬‬
‫”سر لڳي“‪ .‬پنهل‬
‫”رک ڏاڙهيَء تي هٿ“ ڇوڪري‪.‬‬
‫”مڙساڻو واعدو“ پنهل‬
‫بس اچي ٺڪاُء ڪيو ڪلينڊڙ لسڙاٽ ڇوڪرو هو‪.‬‬
‫هل وڏا هل ٽائيم ٿيڻ وارو آ“‬
‫پنهل جا خيال ٽٽا‪ .‬هو بس ۾ چڙهندي ڪلينڊر کي اک هڻي ٿو‪.‬‬
‫استاد ڊبل ڪريس!‬
‫ٽئين جنس وارو لڳي ويو آ‪ .‬ڪلينڊر سندس جذبن کي مجروح‬
‫ڪندي ڊرائيور کي چيو‪ .‬پنهل کان‪ ،‬کل نڪري وئي‪.‬‬
‫االئي ڪيئن بس‪ ،‬واُء مينهن هڪ ڪري اچي شهر پهتي‪.‬‬
‫پنهل بس مان لٿو رڪشا ۾ ويٺل هڪڙي گهٽيَء ۾ رڪشا‬
‫واري کي هلڻ جو اشارو ڪيائين‪.‬‬
‫هن موبائيل ڪڍيو ۽ پيغام لکيو ”مٺا سائين مان پهچي ويو‬
‫آهيان“‬
‫پريان پيغام آيو ”امان بيمار ٿي پئي آهي‪ ،‬سڀ اسپتال آهن“‪.‬‬
‫”پوِء مان اچان يا واپس ٿيان“ موٽ واري رسيد طور پنهل لکيو‪.‬‬
‫آيو آهين ته اکين تي“ موٽائيندي مانِء ڪونه‪ .‬ڇو ته ڪوڙ پاڻ‬
‫وٽ آهي ڪونه“‪.‬‬
‫”مان اچان ٿو“ پنهل‬
‫تو وٽ پئسا گهڻا آهن کيسي ۾؟ ڇوڪري!‬
‫”پنج ڇهه هزار روپيا هوندا“‪ .‬پنهل‪....‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪99‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫اچ اچ گهر ۾ ننڍو ڀاُء ويٺو آ‪ .‬اسپتال ڪجهه پئسا موڪليان ۽‬


‫هن کي به گهر مان ڪڍان“ ته پوِء ويهي ڪچهري ڪيون“‪.‬‬
‫”ڪاڏهون اچان“‪ ....‬پنهل‪.‬‬
‫سڌو هليو آُء‪ ،‬مان ڇوڪرو بيهاريانِء ٿي“‪ .‬ڇوڪري‪.‬‬
‫رڪشو بيٺو ٻاهر ڇوڪرو موجود هو‪ .‬جيڪو اڳ ۾ ٿي هليو‪.‬‬
‫در جي طاق مان پنهل ڏسڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڇوڪري اڳ ۾‬
‫ئي اندر هلي وئي‪.‬‬
‫پنهل ورانڊي ۾ پيل صوفه سيٽ تي ويٺو‪.‬‬
‫ڇوڪريَء اندران چيو‪” :‬هن کي پئسا ڏي‪ ،‬ته اسپتال وڃي‪ .‬امان‬
‫جي دوا وٺڻي آهي“‪.‬‬
‫پنهل پئسا ڪڍيا‪ .‬هزار هزار جا پنج نوٽ ڇوڪري جي هٿ ۾‬
‫ڏنا‪.‬‬
‫ڇوڪرو پئسا مٺ ۾ ڪري ٻاهر نڪري ويو‪.‬‬
‫ڇوڪري ٻاهر نڪتي‪ .‬پنهل کان رڙ نڪري وئي ”نسرين تون“‬
‫نسرين پنهنجو موبائيل هٿ مان الهي ٽيبل تي رکيو‪” .‬ها مان“‬
‫پنهل ڪا مهل کيس ڏسندو رهيو اها ئي نسرين! هن کان هڪ‬
‫سال جونيئر‪ .....‬يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي ساڳيو آِء آر ڊپارٽمينٽ‪.‬‬
‫جيڪا هميشه ليڊرن تي ڇوهه ڇنديندي هئي‪ ،‬ته ليڊريون مطلب‬
‫جون آهن‪ .‬اهي ليڊر يونيورسٽي جا ڀتي خور آهن‪ .‬قوم جو هنن کي‬
‫ڪهڙو درد پئسي الِء وڏيون وڏيون تقريرون ٿا ڪن ۽ بس جي ڊيزل الِء‬
‫هڙتائون ٿا ڪرائين‪ .‬ڪڏهن لطيف جي ميلي تي ته ڪڏهن سن جي‬
‫سائين جي سالگرهه! تي‪.‬‬
‫”مان چانهه ٺاهي اچان“ تون ويهه باقي سڀ ڪجهه بعد ۾! پنهل‬
‫گهري سوچ مان ٻاهر آيو‪.‬‬
‫پنهل جي اک ڦڙڪڻ لڳي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪100‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫نسرين ڪچن ۾ وئي‪ .‬ته پنهل جي ديد ٽيبل تي رکيل‪ ،‬نسرين‬


‫جي فون تي پئي‪ .‬فون کي ڏسندي ئي هن کان اک لڳي وئي ۽ سندس‬
‫زهن ۾ خيال آيو ته ڇو نه چيڪ ڪري وٺان ته نسرين منهنجو نمبر‬
‫ڪهڙي نالي سان سيو ڪيو آهي!‬
‫هن پنهنجو موبائيل ڪڍي نمبر ماليو‪ .‬نسرين جو موبائيل‬
‫وائبريشن ڪرڻ لڳو‪.‬‬
‫پنهل موبائيل هٿ ۾ کنيو جنهن جي اسڪرين تي اکر چمڪڻ‬
‫لڳا ۽ لکيل هو‪.‬‬
‫مرغو نمبر ‪..........5‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪101‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫جنڊو پاڙو‬

‫سندس زندگيَء جو ڏکن وارو باب هاڻي پورو ٿي چڪو هو‪ .‬هو‬
‫گھوٽ بڻجي ويو هو‪ ،‬تڏهن کان‪ ،‬جڏهن سندس ئي آفيس جي‬
‫سيڪريٽريَء پنهنجي وڏور ڌيَء جو سڱ‪ ،‬کيس ڏيڻ جي پڪ ڏني هئي‪.‬‬
‫ڀال هڪ معمولي ڪالرڪ جي ڇا حيثيت هئي‪ .‬جيڪو ٽن ماڻهن جي‬
‫ڊيوٽي ڀريندو هجي‪ .‬وڏي صاحب جي ڀاڄي وٺي اڃا مس پهچندو هو ته‬
‫سيڪريٽريَء جو سڪيلڌو پٽ اچي هنج ۾ پوندو هئس‪ .‬جنهن کي آفيس‬
‫جي باغيچي ۾ کيڏائيندو هو ۽ موڪل ۾ سيڪريـٽريَء کي گهر ڇڏڻ الِء‬
‫ڊرائيور جي سيٽ به سنڀاليندو هو‪ .‬اهي سڀ ڪم خوشيَء سان ڪري‬
‫ڪٺ‬
‫ويندو هو‪ .‬ڇو ته سندس ڄنگهون بابهنس جي گڏه ِه هڪلي هڪلي ِ‬
‫جو ٿي پيون هيون‪ ،‬ڀال کٽيَء جي به ڪا زندگي! سندس تن ڀل کڻي‬
‫ڪيڏو به ميرو هجي پر هو ٻين جي ڪپڙن مان مر‪ ،‬پنهنجي من جيان‬
‫ڪڍي ڇڏيندو هو‪ .‬هو جڏهن پيَء کي ڪپڙن جي گڏهه ڀرائي ميرواهه تي‬
‫ڇڏڻ ويندو هو ته پاڻ کي سپر ايڪسپريس جو ڊرائيور محسوس ڪندو‬
‫هو‪ .‬سندس من ۾ اٿاهه خواهشون ڪر کڻي ننڊ ۾ پئجي وينديون هيون‪،‬‬
‫شام جو ملڪي گهر هجڻ ڪري در در تان خيرات جي ماني وٺندي‪،‬‬
‫قسمت جي ديوي جاڳي پئي هئس‪ .‬مئٽرڪ کانپوِء کيس نوڪري ملي‬
‫وئي‪ .‬هن جا ته ڄڻ ڀاڳ کلي پيا‪ ،‬هاڻي هو نه پيُء جي گڏه ِه هڪالئيندو‬
‫هو ۽ نه ئي شام جو ماني وٺڻ ويندو هو‪ .‬مهيني جي پگهار مان پنهنجي‬
‫پورت ڪري ويندو هو‪ .‬ساڳي زندگي جو بس رخ مٽائي ڇڏيو هيائين‪.‬‬
‫هاڻي هو ننڍڙي ڀاڳل جي بدران عمران کي کيڏائيندو هو‪ .‬اڳي گڏهه کي‬
‫هڪليندي پاڻ کي سپر ايڪسپريس جو ڊرائيور سمجھندو هو‪ .‬هاڻي هو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪102‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ٽيوٽا ڪروال ڪار جو ڊرائيور ٿي ويو هو‪ .‬سيڪريٽري جي زال هاڻ‬


‫کيس هفتي ۾ خرچي به ڏيندي هئي‪ ،‬جيڪا پنهنجي ماُء کان ملندڙ‬
‫خرچيَء کان ڏهوڻي هوندي هئي‪ .‬سندس درد جي ڏينهن جو پاڇو‬
‫اونداهيَء ۾ گم ٿي ويو هو ۽ هي شهر جي روشنين ۾ رهي پيو هو‪.‬‬
‫زندگيَء جي ڊوڙ ۾ هو گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو‪ .‬هن جي اڳيان هاڻي‬
‫پنهنجو ڳوٺ ۽ پنهنجي وڏڙن جو وجود ڪا به اهميت نه پيو رکي‪.‬‬
‫هڪ ڏينهن جڏهن هو صاحب جي چوڻ تي ڳوٺ آيو هو ته‬
‫سندس پيُء کيس سکيو ڏسي گهور پئي ويو‪ .‬سندس اکين ۾ فتح جون‬
‫مشعلون ٻري پيون هيون ٻه گرم ڳوڙها هيٺ ڪري پيا هئس‪ ،‬گهڻن‬
‫ڏينهن پڄاڻان سندس اکين جو ٺار آيو هو‪ .‬امڙ ته ڄڻ سڏڪيل جيون مان‬
‫ائين نڪري آئي هئي ڄڻ ڦاسيَء جي انتظار ۾ ويٺل ڪنهن قيديَء کي‪،‬‬
‫آزاديَء جو سنيهو مليو هجي‪ .‬هن جيڪي ڏينهن پنهنجي پٽ کان ڏور‬
‫گهاريا هئا‪ ،‬اهي ڄڻ وائيٽو جي ليپ ۾ اچي ويا هجن‪ .‬سيڪريٽري‪ ،‬هن‬
‫جي والدين جي اها ڪيفيت ڏسي شهري زندگيَء جي فلسفي ڏانهن مڙي‬
‫پيو هو‪ .‬شهر ۾ سهولتون آهن‪ ،‬رستا آهن‪ ،‬هر شيِء آهي پر اهڙو پيار‬
‫ڪٿي به ڪونهي جهڙو واهڻ۾ اڏيل ڪکائن جھوپن ۾ آهي‪ .‬سيڪريٽري‬
‫صرف سندن ڪچين سرن مان ٺهيل گهر جو جائزو وٺي رهيو هو‪ .‬سندس‬
‫ماُء جي تن تي پهريل گربيَء جي سلوار ۽ ململ جي چولي کي جاچي‬
‫رهيو هو‪ .‬ڀاڳل جي هٿ ۾ مٽيَء جي پنوڙن کي ڏسي رهيو هو‪ ،‬هوَء ڄڻ‬
‫ماڻهوَء جي خمير الِء مٽي ڳوهي رهي هئي‪ .‬سندس من اٻاڻڪو ٿي ويو‬
‫هو‪ .‬اندر کي ڄڻ پائيندڙ پائي وئي هئس‪ .‬هن پنهنجي من۾ اٿيل سوالن‬
‫کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر فطرت جي لفظن‪ ،‬مک مان ئي‬
‫سڪ جي توهين ڪندي‪ ،‬کيس چٽو ڪري وڌو‪” .‬مان پنهنجي ڌيَء هن‬
‫ماحول ۾ نه ڏئي سگهندس“ ڪراڙي جي منهن تي مايوسيَء جون‬
‫ريکائن اڀري آيون هيون‪ .‬هن ڪجهه چوڻ چاهيو پر لفظ زبان ۾ اٽڪي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪103‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫پيس‪ ،‬چپ ڦڙڪڻ لڳس‪ .‬ڪراڙي رئي جي ڪنڊ سان پنهنجين ڏار ڏنل‬
‫اکين جون پڇڙيون اگھيون جن ۾لڙڪ ڪنهن جوڌي جيان ڄڻ ڦاهيَء‬
‫چڙهي ويا هيا ۽ صليب سندس ڳچيَء ۾ پئجي ويو هجي‪ .‬هن سڏڪڻ‬
‫جي ڪوشش ڪئي پر سڏڪي نه سگهي‪.....‬‬
‫نڙيَء مان مٿي چڙهندڙ سڏڪو هيٺ لهي ويو‪ ،‬ائين جيئن‬
‫سانجھيَء ويل سج ڏسندي ڏسندي کڻي گهت هڻندو آهي‪ .‬اها ويل هئي‬
‫جنهن ويل ڪنهن جي زندگيَء جو سڄو پورهيو لفظن ۾ لڙهي رهيو‬
‫هو‪ .‬سندس پٽ جي مک تي مايوسيَء جي مرڪ هئي‪ .‬هن ڦڪي مرڪ‬
‫کي سيڪريٽريَء جي لفظن ۾ توريو ڦڪي مرڪ وارو پڙ ڳرو هو ٻئي‬
‫طرف سندس اميدن جي دنيا هئي جيڪا پنهنجا سڀ رنگ کڻي آئي‬
‫هئي‪ ،‬جنهن ۾ صرف هڪ رنگ ڪونه هو‪ ،‬پيلو جنهن سندس پيُء‪ ،‬ماُء‬
‫جو ساٿ ڏنو هو‪ .‬سندس مک سج لهڻ جا منظر پيش ڪري رهيو هيو‪.‬‬
‫هو سيڪريٽريَء سان ڪار ۾ چڙهي هليو ويو هو‪ .‬پنهنجي پيُء‬
‫ماُء جي منهن کي رنگن جي بازار مان پيلو رنگ ڏيارائي‪.‬‬
‫سندس پيُء ٿڪل قدمن سان ڪپڙن جي گڏهه ڀري زندگي سان‬
‫وڙهڻ ميرواهه ڏي هوريان هوريان نڪري ويو هو‪ .‬سندس ماُء چاڏيَء ۾‬
‫پيل چانورن لپ ڪڍي ڇڄ ۾ وڌي هئي‪ .‬جيڪي ڌوپڻ کان اڳ لڙڪن‬
‫سان اڌ آال ٿي ويا هئا‪ ،‬۽ هيُء هيو جو سڪون جي تالش ۾ سيڪريٽريَء‬
‫جي گهر اچي پهتو هو‪ ،‬ندامت جا آثار کڻي‪ .‬سندس هٿن تي ميندي هڻڻ‬
‫کان اڳ کانئس ”جنڊو پاڙو“ لکرائي ورتو ويو هو‪ .‬هن جيون جي راهه ۾‬
‫اهو سڀ ڪجهه سکئي گذارڻ الِء ڪيو هو‪ .‬پر سندس هٿن تي مينديَء‬
‫جو رنگ نه چڙهيو هو‪ .‬اهو ئي پيلو رنگ سندس ذهن ۽ هٿن تي چٽجي‬
‫ويو هو‪ .‬هن سڄي ماحول کي ڪنهن سانجھيَء ۾ گم ٿيندي محسوس‬
‫ڪيو هو‪ .‬سندس مک ڦڪي ـــ کل سان ڄڻ مذاق ڪري رهيو هو‪ .‬جنهن‬
‫به هن تي کلي ڏند پئي ڪڍيا‪ .‬هو‪ .‬جڏهن سندس شادي ٿي هئي ته هو ته‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪104‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫در ٽپندي ائين محسوس ڪري رهيو هو ته ڄڻ ماُء ڪراڙيَء جو الش‬


‫ڪمري جي چائنٺ تي پيو هجي‪ ،‬هي هٻڪي پيو پر پنهنجين خوشين‬
‫ڏانهن اکيون ٻوٽي وڌي ويو هو‪ .‬سندس خوشيون ڪنهن ڏائڻ جيان‬
‫هيون جيڪي ڄار ۾ ڦاٿي کانپوِء ڄڻ کيس کائي وينديون‪ .‬هاڻ هو پاڻ‬
‫کي‪ ،‬پنهنجي مٽيَء جي خمير مان ٺهيل ڀولڙو محسوس ڪري رهيو هو‪،‬‬
‫جنهن کي سيڪريٽري نچائي رهيو هو‪ ،‬پنهنجي لڄ بچائڻ الِء‪!......‬‬
‫هن جي من ۾ سيڪريٽريَء جا لفظ ڪنهن ڀولڙي جي ڊٻڪيَء‬
‫جيان وڄي رهيا هجن ”مان هن ماحول ۾ پنهنجي ڌيَء نه ڏيندس‪ “.‬هن‬
‫کي محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ رشتن کي گار ڏني وئي هجي‪ .‬آدم ۽‬
‫حوا جي رشتي جي بي حرمتي ڪئي وئي هجي‪ .‬زليخان ۽ يوسف جي‬
‫آدرش جو اپمان ڪيو ويو هجي‪ .‬هن پاڻ کي هاالر جبل تان ڪرندي‬
‫محسوس ڪيو‪ .‬پوِء به پنهنجي پر ۾ هن خوشين جي اچڻ جو انتظار‬
‫ڪيو‪ ،‬پر هڪ انساني گهٽ وڌائيَء وارا ويڇا ۽ سيڪريٽريَء جا لفظ‬
‫درياهه بڻجي پيا هئا ۽ هي ٻئي زال مڙس ان جا ڪنارا‪ .‬خوشيون ڪنهن‬
‫ناو ۾ چڙهي هيٺ لڙهنديون ٿي ويون‪ .‬هي پهچڻ جي ڪوشش ڪري‬
‫رهيو هو‪ .‬سندس زندگيَء ۾ بهار به آئي‪ .‬هڪ نازڪ ڪلي کلي جنهن‬
‫جي ايندي هن پاڻ کي وڌيڪ اڪيلو محسوس ڪيو‪ .‬هن جي من تي‬
‫ڀاڳل جا عڪس اچڻ لڳا جنهن جي مٺين ۾ مٽيَء جا پنوڙا هئا‪.‬‬
‫ٻار پيدا ٿئي کانپوِء هو‪ ،‬ڄڻ ساڳيو پٽيوالو رهجي ويو هو‪.‬‬
‫ڪڏهن باغيچي ۾ ويٺو ريجھائيندو هئس ته ڪڏهن آفيس ۾ ٽائيپ‬
‫ڪندي هنج ۾‪ ،‬گهر ورڻ تي خبر پوندي هئس‪ ،‬ته ميڊم صاحبه ڪنهن‬
‫دعوت ۾ ويل آهي‪ .‬موٽڻ تي موڊ ٺيڪ نه هجڻ جي صورت ۾ کيس‬
‫ايالز ڪرڻا پوندا هئس‪ .‬هاڻي هو پاڻ کي ڪنهن جيل جي ڪوٺڙيَء ۾‬
‫بند ٿيل محسوس ڪري رهيو هو‪ .‬آفيس جي ڪم ۾ رولو هجڻ ڪري‬
‫سيڪريٽري صاحب کيس ڪڍي ڇڏڻ ۽ ٻار ٻچا کسڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪105‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫لڳو هو‪ .‬ڪڏهن ڪڏهن ته کيس غريب هجڻ تي چئي ڏيندو هئو ته ”تو‬
‫وٽ ڇا هيو؟ مونکي بال کاڌو‪ ،‬جو توکي پنهنجي ڌيُء جي ڪرمن ۾‬
‫هنيم“‪.‬‬
‫هن مرد جي رشتي ۽ حيثيت کي ڪرندي محسوس ڪيو‪ .‬هن‬
‫جي اڳيان مثالي زال ۽ مڙس وارو رشتو ٺٺوليون ڪرڻ لڳو‪ .‬جيڪو‬
‫ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندو آهي‪.‬‬
‫هو پنهنجي ماضيَء کي ياد ڪري سڏڪي پيو‪ .‬سوچن جي ٻه‬
‫واٽي تي ٽنگيل رهيو‪ ،‬ڪڏهن سڀ ڪجهه ڇڏي‪ ،‬پيُء ماُء ڏانهن موٽڻ جو‬
‫پئي سوچيائين ته ڪڏهن اوالد جو سوچي لڙڪ لڙي ٿي پيس‪ ،‬وري‬
‫ڪڏهن زال جا ابتا سبتا طعنا ڪنن ۾ ٻرڻ ٿي لڳس‪ ،‬هو فيصلو نه ٿي‬
‫ڪري سگهيو ته ڇا ڪري؟!‬
‫هن جا قدم بي اختيار ڳوٺ ڏانهن کڄڻ لڳا‪ .‬گهر اچڻ شرط کٽ‬
‫تي پيل ماُء جو مٿو چميائين ۽ پوِء بي اختيار هلندو ميرواهه تي اچي‬
‫پهتو هو‪ ،‬جتي سندس پيُء لٽا پئي سٽيا ۽ پنهنجي دنيا کان بي نياز لٽن‬
‫جي سٽڪي ۾ مهو هو‪ ،‬هن سڏ ڪندي سڏ ڪيو‪ .....‬بابا‪ ....‬بابا‪ ....‬ب‪....‬‬
‫ب‪ ....‬با!!‪ ....‬۽ هن جا سڏڪا لٽن جي سٽڪي ۾ دٻجي ويا هئا‪!....‬‬
‫پاڻيَء جي وچ ۾ پڻهنس ٻانهون کولي ڄڻ سڏ ڪيس‪ ،‬هي اڻ‬
‫تارون هوندي به پاڻيَء ۾ لهي پيو‪ .‬زندگيَء جي ڪن مان آزاد ٿي آيو هو‪.‬‬
‫پاڻيَء ۾ گوپاٽا کائڻ لڳو ته پڻهنس‪ ،‬مٿي ڪري ڀاڪر ۾ ڀري وتس‪.‬‬
‫پڻهنس جو سينو سفينو ٿي پيو هو ۽ هي ان ۾ منهن لڪائي سڏڪي‬
‫پيو‪ .‬گهڻي دير کانپوِء هو پيَء جي اکين ۾ نهاري ٽب ۾ پيل ڪپڙن‬
‫ڏانهن وڌيو اجرڪ کڻي‪ ،‬پنوڙو ٺاهي داٻڙي تي سٽڻ لڳو‪ .‬سندس وات‬
‫مان شو جو آواز نڪتو‪ .‬جيڪو آزاديَء جو آواز هو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪106‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫پهرين ملهه‬

‫هو سوچي ٿو‪ ،‬سڀاڻي واري مالکڙي ۾ کيس ڪهڙيَء ريت ملهه‬
‫وڙهڻي آهي‪ .‬رڳو وڙهڻي نه آهي‪ ،‬پر کٽڻي به آهي“‪ .‬هو وڌيڪ سوچي ٿو‪.‬‬
‫”سندس مقابلو ڪهڙن ملهه پهلوانن سان ٿي سگهي ٿو‪ ،‬جي علينواز ڦل‬
‫سان ٿيو ته هائو ٻيلي علي نواز به ٺاهوڪو ملهه آهي‪ ،‬جهڙو قد ڪاٺ ۾‬
‫آهي اهڙو وري داَء جو به ڀلو آهي‪ .‬ڦنڊي يا اندرئين مان ڪو نه ڄاڻي‪ ،‬هٿ‬
‫ڦٻائي چاڙهي وجھندو ۽ پوِء مٺين جي زور تي سامهون واري کي ڀاڙي‬
‫ڪيو ڇڏي‪ .‬ها‪ ،‬جائي‪ ،‬هو ارباب ڀٽي به ته آهي نه‪ ....‬مڙس ٻيلي زور آور‬
‫آهن‪ .‬چوندا آهن ته داـُء دشمن جو به نه وڃائجي‪“.‬‬
‫حاڪم شاهه پٽ واري جو ميلو هجي‪ ،‬ميلي ۾ اعواڻ ملهه‪،‬‬
‫ملهن کي راتاها ڏيئي ڇڏيا هجن‪ .‬هر هر ڪڏي ميدان ۾ پي آيو‪ .‬اچي‬
‫پڙهو گهمرائيائين‪” ،‬آهي ڪو نـر سنڌيَء جو ٻچو‪ ،‬جو ميدان ۾ لهي‬
‫اچي‪ ،‬آئون چار ملهه ماري هاڻي پڙ پالو ڪيون ٿو وڃان‪“.‬‬
‫”هاِء ڙي ارباب ڀٽي هاِء!“ اصل ڪاوڙ ۾ڳاڙهو ٿي ويو‪ .‬ڪکين‬
‫تي هٿ رکي پڙهو ٻڌي ميدان ۾ وڃي نروار ٿيو‪ .‬مرشد شمن شاهه کي‬
‫پيرن تي هٿ رکي چيائينس‪” ،‬قبال پاڻي ِسر کان مٿي چڙهي ويو‪ ،‬هاڻي‬
‫دل سان موڪل ڏي ۽ دعا ڪر ته ان اعواڻ جي ٻچڙي کي سنڌين جو رت‬
‫ڏيکاريان“‪.‬‬
‫”ڀٽي‪ ،‬ملهه جوش سان نه پر هوش سان وڙهبي آهي‪ “.‬شمن شاهه‬
‫اکين ۾ اکيون وجھي چيس‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪107‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”ملهه موال جي راند آ ۽ علي جي اوالد کان ئي اجازت ۽ دعا‬


‫وٺڻ آيو آهيان“‪ .‬ارباب هيٺاهين وٺندي چيس!‬
‫”بابا ٿڌو ٿي‪ ،‬تڪڙ نه ڪر‪ “.‬سيد سمجھائيس!‬
‫”نه قبال‪ ،‬اعواڻ‪ ،‬اعواڻ جو پٽ سڄي سنڌي قوم کي ٿو‬
‫للڪاري؟“‬
‫”نه بابال ائين نه‪ ،‬تون وڙهيس ڀلي پر عقل سان وڙهجانس‪ .‬هر‬
‫داـَء تي ڌيان ۽ نظر رکجانِء‪ ،‬ڇو ته هن وٽ هر داُء آهي‪ .‬منڙيَء جو ته ماهر‬
‫اٿئي‪ .‬ٻيو ته لوسي داَء اندرئين مان به نه مڙندو اٿئي‪ “.‬شمن شآهه پڪو‬
‫ڪري الهڻ چاهيس!‬
‫”سائين مون کي سڀ خبر آهي‪ ،‬بس بابو ٿيُء‪ ،‬اجازت ڏي ته‬
‫اهي منڙيون ٻنڙيون سڀ ٿو وساريانس‪ “.‬ارباب سينو اڳتي ڪري هام‬
‫هڻندي چيس!‬
‫”ها سائين‪“.‬‬
‫”ته پوِء موال عليَء جو نالو وٺي وڃي سندرو ڇڪيس‪ ،‬ڌڻي‬
‫ڪندو ته سوڀارو ٿيندين‪ “.‬سائين دعا ڪيس؟‬
‫پٺي ٺپرائي ارباب ميدان ۾ لٿو ته‪ ،‬ٻانهين مان تاڙيون وڄي‬
‫ويون‪ .‬هر ڪو ايئن پيو چوي‪” ،‬واهه ڙي ارباب واهه‪ ،‬سنڌين جو نڪ مٿي‬
‫ڪري ڇڏيئي‪“.‬‬
‫”ڇا ٻلي ڇا جالب‪ ،‬اعواڻ ٿي‪ ،‬سڀني سنڌين کي چئلينج ٿو‬
‫ڪري؟“مدن جملو اڇليو!‬
‫”همٿ ڪر‪ ،‬ٻيلي ڪو ميدان ماري‪ ،‬سنڌين جي نڪ تان‪ ،‬اها مر‬
‫الهه!“‬
‫”هاِء ڙي ڀيڻان‪ ،‬ارباب هاِء‪ ،‬تنهنجي ملهه‪ “.‬مختلف آوا‪.‬ز‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪108‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫پوِء جڏهن ٻنهي سندرا سنڀاريا ته مڙسن ڏهه منٽ ته رڳو هڪ‬
‫ٻئي جا پاڻي ڪڇيا ۽ پوِء اندريون‪ ،‬جانٺا‪ ،‬مٺين جا مروٽا‪ ،‬گوڏا کوڙ‪،‬‬
‫لڳي پئي هئي‪ .‬پر ڪير ڪنهن کي جاِء ئي نه پيو ڏي‪.‬‬
‫پوِء اعواڻ ڄنگهه ويجھي ڪئي ته ڀٽي‪ ،‬پٽي جانٺو وهائيس‪ ،‬ڄڻ‬
‫هٿوڙو وهائي ڪڍيائينس‪ .‬اعواڻ جي ڄنگهه لڏي وئي ۽ اهل ڪري بيٺي‪.‬‬
‫ڀٽي پير پختو ڪري ٺڪاُء جو ٻي ڄنگهه ۾ جانٺو هنيس ته اعواڻ جا‬
‫هوش خطا ٿي ويا‪ .‬مٿو مٿي سان مالئي‪ ،‬اتي وڃي‪ .‬ٽوڙيائينس‪ ،‬جتي‬
‫سڪي پٽڻ هئي‪.‬‬
‫ٻانهين ۾ ڪوڪرا پئجي ويا‪ .‬الئوڊ اسپيڪر واري رڙ ڪري‬
‫چيو‪” ،‬کڻ پنهنجي ڀاُء کي‪ .‬هيئن هوندو اٿئي سنڌين جو ڌڪ“‪.‬‬
‫”ابا پٽين جو همراهه کي ته همراهه ريهان کنئان لڳو پيو آ‪“.‬‬
‫ڪنهن چيو‪” .‬هي ڪيئن ماريئي لعل جوان“‬
‫ڪو ڪلهن کان پيو زور ڏئيس ته ڪو مٿو پيو دٻائيس ته ڪو‬
‫پيرن جون تريون پيو مهٽيس‪ .‬کڻي وڃي ٻانهين وٽ رکيائونس‪ .‬ماڻهن‬
‫جون جھمريون لڳل هيون‪ .‬ارباب اولهاهين پاسي کان جو پئسا وٺڻ بيٺو‬
‫ته ڪالڪ رڳو پئسا پي ورتائين‪ .‬پورو پوتڙو پئسن سان ڀري ڳنڍ ڏئي‬
‫رکيائين‪ .‬واندو ٿي اچي مٿان بيٺس‪” ،‬ڪندين ٻي؟“‬
‫اعواڻ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو‪.‬‬
‫شمن شاهه بادشاهه هر هر ڦري ارباب جي پٺي پيو ٺپي‪.‬‬
‫”واهه ڙي ارباب تنهنجي ملهه‪“.‬‬
‫”سو اهڙو ڪو ملهه لڳي ويو ته ڇا ٿيندو؟ اسان جا ته ”ويهه به‬
‫ويا ته ڇويهه به ويا“‪ .‬هڙ هلي ويندي‪ .‬منهنجن ته خوابن تي به پاڻي ڦري‬
‫ويندو‪ .‬ننڍڙي نهال جو ڇا ٿيندو؟ سندس سالياني في ۽ هاسٽل جو خرچ‬
‫ڪٿان ايندو؟‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪109‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”مڙئي بابو به آ بادشاهه ماڻهو‪ ،‬هاڻي اچي پوٽن کي پڙهائڻ جو‬


‫شوق ٿيو اٿس‪ .‬اسان کي پڙهڻ جو شوق هو ته پڙهايائين ڪونه‪ .‬تنهن‬
‫دور ۾ وري ملهه جو خفت هئس‪.‬‬
‫ملهه ڇا وڙهيس‪ ،‬اصل ڪڍ پئجي ويو ته ڇڏ پڙهڻ کي‪ .‬تون ملهه‬
‫ٿي‪ .‬مون کي پهلوان ڪرڻ الـِء سچي گيهه جا ٽين گهرائيندو هو‪ .‬۽ داَء‬
‫پيچ سيکاريندو هو‪.‬‬
‫”پاڻ ته پٽڪو ٻڌي ميدان جي وچ تي هلي ويهندو هو‪ ،‬پر زور ته‬
‫اسان کي ڏيڻا پوندا هئا نه‪ .‬وري جي دسجي پوان ته هفتو‪ ،‬هفتو ڳالهائي‬
‫نه‪ .‬چئي‪ ،‬منهنجون محنتون اجايون ويون‪ ،‬هي خرچ خفا سڀ ساڀ نه پيا‪.‬‬
‫ڇورو حرام ٿو ڪري‪ “.‬وري جي ڪجهه چويس ته ڄڻ ڇتيَء ککر ۾ کڙو‬
‫هنيئي‪.‬‬
‫”اهي به ڪهڙا ڏينهن هيا‪ .‬جو مهينو‪ ،‬مهينو گهر واريَء جي‬
‫ويجھو وڃڻ نه ڏيندو هو‪ .‬پڌر جي وچ تي پنهنجي کٽ رکي پيو چؤنڪي‬
‫ڏيندو هو‪ .‬چئي‪ ،‬اڙي حرام مالکڙي تائين نه ڪر‪ .‬حرام ڪرڻ سان ڄنگهه‬
‫جي طاقت ختم ٿي ويندي آهي ۽ مالکڙو کٽڻ الِء ڄنگهه جو بچاَء‬
‫ضروري آهي‪ .‬هوڏانهن مون واري زال وري ور تي رسو ڀڃندي هئي‪.‬‬
‫سامهون نه ته اوٽائتا ڌڪ پئي هڻندي هئي‪ .‬چئي‪” ،‬تنهنجي اها زورآوري‬
‫منهنجي ڪهڙي ڪم جي‪ ....‬وتين ٿو مرد دسيندو“‪ .‬اصل ٻن باهين ۾‬
‫هوندو هئس“‪.‬‬
‫”هاڻي وري بابي جو سڄو ڌيان پنهنجي پوٽن تي آهي‪” ،‬ڪيئن‬
‫به ڪر‪ .‬ڪجهه به ڪر‪ ،‬پر ننڍڙن کي پڙهاِء‪ “.‬االئي ڪٿان اچي اهو جن‬
‫مٿي ۾ ويٺو اٿس‪ .‬هڪ کي ڊاڪٽر ڪرڻو اٿئي‪ ،‬ٻي کي فوج ۾ ميجر‬
‫ڪرائڻو اٿئي‪.‬‬
‫”ڄڻ منهنجي وس ۾ هجي‪ .‬پنهنجي پٽ کي ملهه ڪري پاڻ‬
‫ملهائيائين‪ .‬پر هاڻي اسان جي مٽي پليت ڪري ڇڏي اٿائين‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪110‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫نهال کي هاسٽل جو خرچ ڏيڻو آهي‪ ،‬في مهيني سر پهچائڻي‬


‫آهي‪ .‬ان جا ڪتاب‪ ،‬ڪاپيون‪ ،‬لٽا ڪپڙا ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي‪.‬‬
‫هي کٽ جو ٽڙڪو ماري اٿي ٿو‪“.‬‬
‫ڦري پيُء جي کٽ جي مٿي کان اچي بيهي ٿو‪ ،‬جيڪو اگھور‬
‫ننڊ ۾ ستل آهي‪ ،‬پڻهنس جي وات ۾ ڏند نه هئڻ سبب نڪرندڙ هوا‬
‫ڦوڪٽ ٿي ٻاهر نڪري ٿي‪.‬‬
‫”هاڻي نٿو پهرو ڏئين‪ ،‬ته متان وڃي زال سان مالن‪ “.‬هي دل ئي‬
‫دل ۾ جڪون کائي ٿو‪.‬‬
‫”جڏهن پنهنجو شوق هيئي ته سڄي سڄي رات جاڳي پهرا‬
‫ڏيندو هئين ۽ هاڻي وري سڄو خيال پوٽن ۾ اٽڪيو اٿئي‪ “.‬هي هوريان‬
‫اهي لفظ اچاري اڳتي وڌي ٿو ته پٺيان پڻهنس کي سڌير ٿئي ٿي‪،‬‬
‫”ابا‪ ،‬ننڊ نٿي اچئي ڇا؟“‬
‫”نه بابا‪ ،‬ننڊ وري ڪٿي‪ “.‬هي بي دليو جواب ڏئي ٿو‪.‬‬
‫”پٽ چپڙي ڪري سمهي پئه‪ ،‬هروڀرو ٻين جي ننڊ به ٿو ڦٽائين‪“.‬‬
‫ها بابا سمهان ٿو‪ “.‬اهو چئي‪ ،‬اچي کٽ تي ويهي ٿو‪ ،‬مٿن کان‬
‫چئونري کير جي اڃا ڀري پئي اٿس‪ .‬چئونري تان تسري پري ڪري کير‬
‫کي ڏسي ٿو ۽ وري کسڪائي تسري ڏئي ڇڏي ٿو‪.‬‬
‫ڪا شيِء نٿي وڻيس‪ .‬اندر ۾ عجيب قسم جي بيچيني‬
‫محسوس ڪري ٿو‪ .‬وارن ۾ هٿ ڦيري‪ ،‬وري اٿي گهر واريَء جي کٽ‬
‫مٿان بيهي ٿو جيڪا ننڊ ۾ هڪ ٻانهن ڪنڌ هيٺان ڏيو ۽ ٻي ٻانهن‪ ،‬ڀر‬
‫۾ ستل ننڍڙيَء بختاور جي مٿان ائين واريو ستي پئي آهي ڄڻ ڪڪڙ‬
‫باز کان چوزو لڪايو هجي‪.‬‬
‫”ننڊ به اچي منهنجي ڦٽي آهي‪ ،‬هي سڀ سڪون سان ستا پيا‬
‫آهن‪ .‬ها پر وڙهڻو به ته مونکي آهي نه هنن کي ڇاهي؟ کين هر ڪا شيِء‬
‫گهر ويٺي ملي ٿي نه! ڀوڳيون ته اسان ٿا‪ “.‬سوچي ٿو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪111‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫سدائين ميلن جي تاريخن ۾ ديد‪ .‬انتظار‪ ،‬ڏينهن پيا ڳڻبا‪ ،‬ته‬


‫ڪڏهن ٿو ميلو اچي‪ ،‬ته هرک واري اڇي سلوار کي ڪلف هڻائي استري‬
‫ڪرائي‪ ،‬اڳٽ وجھي ڪليَء ۾ ٽنگجي‪ ،‬گهر وارن کي به پوِء وڃي آٿت‬
‫ٿيندو ته هاڻي‪ ،‬هي کاٽو پٽ‪ ،‬پڙ تي وڃي لهندو ۽ ٻه چار سئو ڪمائي‬
‫آڻيندو‪ .‬کين اها خبر ئي ڪونهي ته انهن ٻن چئن سئون جي ڪري پاڻ‬
‫کي ڪيترو تسيو ٿو ڏيڻو پوي‪ .‬خوراڪ جو خيال الڳ‪ ،‬کير جو بل‬
‫الڳ‪ ،‬وري ميال ڪميٽيَء وارن کي سائين ميان الڳ ڪرڻي ٿي پوي‪.‬‬
‫وري جي‪ ،‬ڪنهن پهلوان جي پاڙي جو ميلو آهي ته اهو الڳ‬
‫ڪاوڙيو ايندو‪” ،‬ٻيلي منهنجيَء عزت جو مسئلو آهي‪ ،‬منهنجو تر آهي‪،‬‬
‫پهرين ملهه تون ڀلي کڻ پر پوئين ملهه مون کي ڏيڻي پوندئي‪“.‬‬
‫”نسورو ناحق‪ ،‬سڏائين ٿو پهلوان ڪرين ٿو اِٽڪيون ِٻٽڪيون‪،‬‬
‫تنهنجي ته هتان گهران‪ ،‬هتان نڪران‪ “.‬پاڻ سان وڙهي پوي ٿو‪.‬‬
‫”ڪجي ڇا؟ انهن يونين وارن به هڻي اصل خانو خراب ڪري‬
‫ڇڏيو آهي‪ ،‬مردانگيَء کي به ڪاروبار ڪري ڇڏيو اٿن‪ .‬ويٺا صالحون‬
‫ڏيندا ته پهلوانو‪ ،‬پاڙي جي لڄ رکڻي اٿو‪ ،‬تر جي پهلوانن کي مڙئي‬
‫ٽيڪو ڏيڻو اٿو‪ .‬هاڻي جي ڪيون ٿا انڪار ته مورڳو ميلي ۾ سڏائڻ کان‬
‫به پيا لنوائيندا‪ .‬تنهنڪري هٿ وات تي به ته هيٺ به‪.‬‬
‫”وري جي داُء ڪري داد وٺڻ ٿا وڃون ته اتي به چاپلوسيَء مان‬
‫ڪم ٿو وٺڻو پوي‪ .‬الئوڊ اسپيڪر واري جي‪ ،‬ڏهڙي الڳ‪ .‬سامهون ويٺل‬
‫ڀوتار کي سائين ميان ڌار‪ .‬ٻانهين ۾ بيٺل ماڻهن کي سالم جدا‪ ،‬ڄڻ ملهه‬
‫نه وڙهي سين‪ ،‬خيرات ٿا وٺئون‪ .‬اڄ جو شوقين به مجال آهي جو کيسي‬
‫۾ هٿ وجھي‪ ،‬مسخري جيان ڄڻ کيسي ۾ نانگ ويٺو اٿس‪ .‬بس رڳو‬
‫چتائي ڏسڻ تي به واهه‪ ،‬واهه ۽ واهه پهلوان تنهنجو داُء‪ ،‬جوان جو پٽ‬
‫آهين‪ ،‬اهلل اهلل خير سال‪ “.‬وري هو پورن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪112‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”هاِء ڙي دنيا‪ ،‬تنهنجا رنگ‪ ،‬ڪٿي چور سڃا ته ڪٿي ڍور سڃا‪“.‬‬
‫وري کٽ تان اٿي گهڙامنجيَء ڏانهن وڃي ٿو ۽ اتي پيل ڪٽ جي وٽي‬
‫۾ پاڻي اوتي ٻه ڍڪ ڀري خار مان پاڻي هيٺ هاري بڇان ۾ چوي ٿو‪،‬‬
‫”خداِء جي مار پوندن‪ ،‬کير ته پيئن ٿا پر اها تميز ڪونه اٿن ته ٿانُء کڻي‬
‫ڌوئي ڇڏين‪“.‬‬
‫هن کي کير کان ڄڻ‪ ،‬الرجي ٿي پئي هجي‪ .‬انهيَء کير کان‬
‫جنهن کيس پالي تاتي وڏو ڪيو ۽ اهڙو پهلوان بڻايو‪ ،‬جو ميدان ۾ لهڻ‬
‫کانپوِء ماڻهن کان ڪوڪرا ۽ رڙيون نڪري وينديون هيون‪ .‬آواز ايندا‬
‫هئا‪” ،‬ادا لٿو آ نواب پهلوان‪“.‬‬
‫”هاِء ڙي هاِء نواب پهلوان تنهنجي نوابي‪ “.‬هي پنهنجي منهن‬
‫ڀڻڪي کٽ تان اٿي ٿو ته کٽ مان ٽڙڪاٽ نڪري ٿا وڃن‪.‬‬
‫پڻهنس ڪنڌ مٿي ڪري پڇي ٿو‪” ،‬اڙي نواب ڇا ٿيو اٿئي‪ ،‬دل‬
‫۾ ڪو گدڙ ويٺو اٿئي ڇا؟“‬
‫”خير آ‪ ،‬خير آ‪ ،‬ساهه نه وڃئي‪ ،‬هاڻي مان‪ ،‬پاڻ ئي سڀ ڪجهه‬
‫سمجھان ٿو‪ .‬پوڙهو ته ڏس اڃان چؤنڪيون نٿو ڇڏي‪ .‬هروڀرو اچي ڍٻي‬
‫اڏي ويهي ٿو رهي‪ .‬جڏهن ته مون کي خبر آهي ته سڀاڻي چوٽيَء جا ملهه‬
‫اچي پڙ ۾ لهندا‪ ،‬اهو ميدان هن ميدان کان وڌيڪ آهي‪ .‬هيَء ته پنهنجي‬
‫کيتي آهي جنهن مهل کيڙيس‪ “.‬ايئن چئي هو زال ڏانهن ڏسي ٿو‪ ،‬جنهن‬
‫جا سنگ اڃان پڪل آهن‪ .‬جوڻس ڪر ڀڃي کيس سڌير ۾ هجڻ جو ڏس‬
‫ڏئي ٿي ۽ پاسو ورائي ڍونگل وهائي ٿي ڪڍيس‪” ،‬مڙسالو ته ڏس‪ ،‬اڃان‬
‫پاڻ کي ‪ 25‬سالن جو ٿو سمجھي‪ .‬اڇو مٿو‪ ،‬اٽو خراب‪ ،‬اهي طاقتون پاڻ‬
‫وٽ سنڀالي رک ته متان ڪو پهلوان هڻي جانٺو‪ ،‬ڄنگهه نه ڀڃي‬
‫وجھئي!‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪113‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”مار‪ ،‬مائي اصل اندر ۾ کوري جيان ٿي ٻري‪ “.‬اندر ۾ ڀڻڪي‬


‫ٿو پر باهه بيهڻ ڪونه ڏنس ۽ جملو وهائي ڪڍيائينس‪” ،‬اندر ۾ ته پڄرين‬
‫ٿي پئي‪ ،‬پر وس ڪونه ٿو پڄئي‪“.‬‬
‫”ڪونه ٿي پڄران ۽ نه ئي ڪا پرواهه اٿم‪ .....‬ٽي ٻچڙا ٿيا‪ .....‬وار‬
‫اچي اڇا ٿيا‪ ،‬هاڻي ڇا پڄرنديس‪ ....‬جنهن عمر ۾ پڄرڻو هو‪ ،‬ان۾ به ٿڌو‬
‫گهـڙو پاڻيَء جو هاريم‪ ،‬هاڻي ڇا جا ٿو حساب پڇين؟“‬
‫”چڱو چڱو‪ ،‬هاڻي سکڻي ڪني جيان نه اڀام‪ ،‬چپ ڪري سمهي‬
‫پئه‪ ،‬نه ته بابو‪ ،‬وري اچي‪ ،‬وجھئي نه کٽ وچ ۾!“‬
‫”کٽ نه وجھي کڻي لوڙهو ڏئي‪ ،‬منهنجو ڇا؟“‬
‫”مار‪ ،‬رن تنهنجي فوقيت“‪ .‬اهو چئي هي اٿي اندر ڪمري ۾‬
‫آيو‪ .‬بلب ٻاري‪ ،‬آئيني جي آڏو بيهي پاڻ کي جاچڻ لڳو‪ .‬ساڍا ڇهه فوٽ‬
‫قد‪ ،‬منهن موڪرو‪ ،‬ڪلها ڀريل‪ ،‬نڪ چوپو‪ ،‬ڀرؤن ڊگها ٿلها‪ ،‬وڏا پوپٽ‪،‬‬
‫وار وڏا پوئتي ورايل‪ ،‬منهن کان ٿي هيٺ ديد ورائيائين‪ ،‬پيٽ هاڻي‬
‫ڪنٽرول کان ٻاهر‪ ،‬دن ڄڻ چدن کيڏڻ واري گهچي‪ .‬گوڏ‪ ،‬هر هر پيٽ تان‬
‫کسڪي هيٺ لهندڙ‪ .‬هڪ نظر پاڻ تي وجھي ڦوڪٽ ٿو ڀري‪” ،‬هاِء ڙي‬
‫نواب‪ ،‬جواني!“‪.‬‬
‫ذهن جي اسڪرين تي گالن تري ٿي اچيس‪ .‬گالن جيڪا اڌڙوٽ‬
‫عمر ۾ به هٿن‪ ،‬پيرن کي ميندي هڻي‪ ،‬ڪارا ڪپڙا پائي‪ ،‬جڏهن امام‬
‫علي شاهه جي پڙ ڏانهن ويندي هئي ته رستا صاف ٿي ويندا هئا‪ .‬ايرو‬
‫غيرو پاسو وٺي مائي گالن جي حسن کي ڊڄڻن وانگر ڏسندو هو ۽‬
‫سندس لک لهندڙ لوڏ‪ ،‬ماڻهن تي ڄڻ اسم اعظم پڙهي ڇڏيندي هئي‪ .‬ان‬
‫گالن هڪ ڏينهن مڙي چيو هئس‪” ،‬ڇورا‪ ،‬مان به مان آهيان“ ”پر تون به‬
‫تون آهين“‪” .‬هڻي گهڻن جا وضوع ٽوڙي ڇڏيا اٿئي“‪” ،‬ٻيو ته ٺهيو پر اڄ‬
‫گالن به‪ “....‬گالن لفظ کائي وئي هئي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪114‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”هاِء ڙي گالن‪ ،‬تنهنجي جواني‪ “.‬گالن‪ ،‬نواب جي نيڻن ۾ نهاري‬


‫نونڌ ڪندي به نواب کي نوائي نه سگهي‪ .‬هو ٿڌو شوڪارو ڀري آئيني‬
‫کي ڏسي‪ ،‬ڏورن کي هٿ الئي ٿو ڏسي‪ ،‬جن جي کل هاڻي لڙڪڻ لڳي‬
‫آهي هو مرڪي پوئتي موٽي ٿو ۽ چوي ٿو‪” ،‬ويندڙ وهي ۽ لهندڙ سج‬
‫کي ڪير سالمي ڪندو‪“.‬‬
‫”اها خبر ته سڀاڻي پوندي ته هن جسم ۾ ڪيترو دم آهي؟“‬
‫ٻاهر اچي کٽ تي آهليو ئي مس ته وري ذهن جي اسڪرين تي‪،‬‬
‫پير هوٿي نوٿيَء جو ميلو تري آيس‪” ،‬هاِء ڙي سائين شمن شاهه بادشاهه‪،‬‬
‫ت‪“....‬‬
‫ملهه ته تنهنجي! ”شمن شاهه بادشاهه ۽ سرور جتوئي ملهه نه هئا‪ ....‬ه ِ‬
‫ذهن ۾ ان ميلي کي فوڪس ڪري ٿو‪.‬‬
‫”ابول‪ ،‬ملهه ته نه هئي پر باهه ۽ پاڻيَء جو مقابلو هو‪ ،‬شمن شاهه‬
‫بادشاهه جوشيلو ۽ جذباتي‪ ،‬هوڏانهن وري سرور جتوئي ماٺيڻو‪ ،‬برجستو‬
‫۽ اونهو‪“.‬‬
‫”آئون هٿ پئجي ويا آهن‪ ....‬آئون ڇڪ ڇڪان ٿي آ‪ ،‬ته اڌ ڪالڪ‬
‫ته رڳو همران هڪٻئي جا پاڻي ڪڇيا‪.‬‬
‫خلق جو ڏسو ته اچي بيزار ٿي‪ ،‬چئي هيَء به ڪا ملهه آهي‪ .‬اڌ‬
‫ڪالڪ ٿيو آهي بيٺا هڪ ٻئي رڳو زور ٿا ڏين‪ ،‬داُء ته ڪير ڪري ئي‬
‫نٿو‪ “.‬چوڌاري آواز‪” ،‬مرشد ملهه ڏيکار‪“.‬‬
‫اؤن مرشد ٿوري تڪڙ ڪئي آ ۽ سرور جي اري ۾ آيو آ‪” .‬ابا‬
‫جتوئي پهرين ملهه مرشد کي هڻي ويو‪ “.‬ٻانهين ۾ ڄڻ راڪاس گهمي‬
‫ويو‪ .‬سائينَء جو تر‪ ،‬هيڏو وڏو ملهه دسجي پيو! سرور ڪڏ ڏيندو وڃي‬
‫ٻانهين ۾ پيو‪ .‬مٺيون پئسن جون وٺي اچي پڙ ۾ پهتو ئي مس ته شمن‬
‫شاهه وڃي سندري ۾ هٿ وڌس‪ ،‬تاڙيون وڄي ويون‪ .‬سيد جي اکين ۾‬
‫رت لهي آيو‪ .‬الئوڊ واري دهل واري کي بس ڪرائي اعالن ڪيو‪” ،‬هن‬
‫ملهه تي پنج هزار انعام رکيو ويو آهي‪ ،‬جيڪو ماريندو ان کي اهو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪115‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫انعام ڏنو ويندو‪ .“.‬سنها ٿلها ملهه پاسو ڪري ويا ۽ سڀني ويهي آخري‬
‫ملهه ڏسڻ چاهي‪.‬‬
‫سيد بادشاهه هٿ وجھندي ئي اچي سرور کي پٽيو آهي‪ .‬گهمائي‬
‫گهمائي هيٺ الٿائينس ته سرور پير مضبوط ڪري ويو‪ .‬وري اکري‬
‫مهري ڪري داُء ڪيائينس پر اهو داُء به سرور بچائي ويو‪ .‬وري ڇڪي‬
‫جانٺو هيائينس‪ ،‬ته به سرور جانٺو ڪڍرائي ويو‪ .‬اؤن ڪٿان سرور ڍاڪ‬
‫تي ٿو چڙهي وڃيس‪ ،‬شمن شاهه بادشاهه ٻوڙي الٿس‪ ،‬پٽي وڃي جو پٽڻ‬
‫تي هنيائيس ته سرور جتوئي ٿيڙ کائي اٿيو‪.‬‬
‫ٻانهين مان ڪوڪرا نڪري ويا‪ ،‬ماڻهن کيس دل کولي داد ڏنو‬
‫۽ کيسا کولي پئسا ڏنا‪ ،‬ايترا پئسا پيس جو سيد اصل وٺڻ ۾ آزرتو‪.‬‬
‫اصل پوتڙو پئسن سان ڀرجي ويس‪ ،‬ڳنڍ ٻڌي اچي ميدان ۾ رکيائين‪ .‬پر‬
‫اهڙو پهلوان به حرام کان بچي نه سگهيو ۽ جڏهن ڄنگهه جي طاقت ختم‬
‫ٿي ته ماٺڙي ڪري وڃي رڳو ٻي ملهه وڙهڻ لڳو‪.‬‬
‫آهي دارومدار پهلوان جو پاڻ تي‪ .‬يا پنهنجي جان جي حفاظت‬
‫ڪري يا وري چقمقي دنيا ڏانهن ڇڪجي وڃي‪ .‬ڇو ته دشمني جواني‬
‫سان ٿيندي آ پوڙهائپ ته پاڻ دشمني آهي‪.‬‬
‫هي سڀاڻي واري مالکڙي کي ٽلي ٿو ته ڪيئن ان ۾ سوڀ‬
‫ماڻڻي آهي؟ جڏهن ته ماڻهن جا هشام هوندا‪ .‬اهي جھمريون‪ ،‬مڱڻهار‬
‫فقيرن جي وڄ وڄان‪ ،‬دهل تي ٽاهو‪ ،‬پر اهي سڀ کيل تماشا کٽڻ واري‬
‫جي الِء هوندا آهن‪ ...‬هارائڻ واري الِء رڳو ندامت ۽ شرناِء جو رينگو‪،‬‬
‫شرناِء به ڄڻ هار تي ماتم ڪندي آهي‪ .‬خبر ناهي منهنجي داَء تي شرناِء‬
‫ڪهڙي وڄي؟‬
‫”بس داُء هڪڙو ڪندم‪ ،‬جي لڳي ويو ته ”الئي‪ ،‬نه ته ڇائي“ اصل‬
‫استاد ابراهيم ڦلپوٽي واري ملهه وڙهبي‪ .‬کپائي جانٺو هڻبو ۽ مٿان ٻيو‬
‫جانٺو هڻبو پوِء کٽائي قسمت‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪116‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫انهيَء ٽل اچڻ سان ڄڻ کيس ذهني سڪون ملي ويو ۽ هي پاسو‬


‫ورائي ستو ته ننڊ کڻي ويس‪.‬‬
‫صبح ٿيندي ئي اٿي کڙو ٿيو‪ ،‬وهنجي سهنجي‪ ،‬ڪپڙا پائي‬
‫بوڇڻ ڪلهي تي رکي‪ ،‬پٽڪي جا ور ڏيڻ شروع ڪيائين پر ٽي ور ڏئي‪،‬‬
‫هٿ رڪجي ويس‪ ،‬گمان ٿيس ته پٽڪو صحيح نه پيو ٻڌجي‪ .‬ور کولي‬
‫وري ٻڌڻ شروع ڪيائين پر پوِء به اطمينان نه ٿيس‪.‬‬
‫”ڇا ٿيو اٿئي نواب‪ ،‬اڄ پٽڪي جا ور نٿو ڏئي سگهين؟“‬
‫پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيائين‪.‬‬
‫پڻهنس اهو لقاُء ويٺي ڏٺو‪ .‬سو اٿي آيو ۽ پٽڪي جا ور ڏيندي‬
‫چوڻ لڳو‪” ،‬نواب اوالد ڪيتري به وڏي ٿي وڃي پر وڏن اڳيان هميشه ٻار‬
‫ئي رهندي آهي‪ .‬هن ڏنل ورن جو مان رکجانِء‪ .‬مان ڏسان ٿو ته تون ٻن‬
‫ٽن ڏينهن کان سوچ ۾ ٻڏل آهين‪ .‬سوچ ئي پهلوانيَء جي پڄاڻي هوندي‬
‫آهي‪ .‬ڏوهه منهنجو به آهي‪ ،‬جو مان تومان هٿ ڪڍي ويو آهيان‪ .‬مان به ڇا‬
‫ڪيان؟ هي تنهنجا پٽ هاڻي ايڏا پهلوان ٿي ويا آهن جو تنهنجي پهلواني‬
‫هاڻي لهندڙ سج جيان محسوس ٿي رهي آهي‪ .‬هو ٻڌو نه اٿئي ته ميلي‬
‫جي موٽ ڏاڍي ڏکي ٿيندي آهي‪“.‬‬
‫نواب چتائي پيُء جي چهري کي ڏسي ٿو جنهن تي پيل گهنج‬
‫اڃان به گهرا ٿي ويا آهن‪ .‬پيرن تي هٿ رکي چويس ٿو‪” ،‬بابا دعا‬
‫ڪجانِء“‪.‬‬
‫”پٽ‪ ،‬اهلل جي دعا اٿئي‪“.‬‬
‫هي بوڇڻ سان بوٽ کي ڇنڊڪو ڏيئي گهر مان نڪري آيو‪.‬‬
‫سڄي رستي ۾ پيُء جي لفظن جا پڙاڏا‪ ،‬سندس ذهن ۾ گونجندا‬
‫رهيا‪ .‬تان جو ميلو اچي ويو‪ .‬هر طرف رڙيون ئي رڙيون‪ ،‬هوڪا ئي‬
‫هوڪا‪،‬‬
‫”هلي آ ميلي جا مور هيڏانهن هلي آُء“‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪117‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫هي پهريان درگاهه تي حاضري ڀرڻ الِء وڃي ٿو‪ .‬بوڇڻ سان پير‬
‫سائين جي دروازي واري چائنٺ ڇنڊي اندر وڃي ڪنڊ ۾ ويهي‪ ،‬قل‬
‫پڙهي‪ ،‬اولياَء کي بخشي ٿو‪ .‬ٻئي هٿ مٿي ڪري‪ ،‬اکين ۾ لڙڪ آڻي دعا‬
‫گهري ٿو‪” .‬اي اهلل جا پيارا‪ ،‬منهنجو حال توکي معلوم آ‪ ،‬منهنجي اندر‬
‫متل هن طوفان کي تون کي ڄاڻين ٿو‪ .‬جڏهن ته هي سارو لوڪ اهو ٿو‬
‫چوي‪ ،‬ته نواب ۾ هاڻي اها رت ناهي رهي‪ .‬مڃان ٿو اهو جوانيَء وارو دم‬
‫ناهي رهيو پر اڃان جذبو جوان آهي‪ ،‬مان پاڻ مان مايوس ناهيان‪ ،‬پر‬
‫صرف مايوسي‪ ،‬اوالد جي مستقبل جي باري ۾ ٿي رهي آهي‪ .‬نهال جي‬
‫اسڪول جي في‪ ،‬گهر جو خرچ‪ ،‬اٿي ويٺي‪ ،‬ٻيو ڪو حيلو وسيلو‬
‫ڪونهي‪ ،‬اوهان اوليائن جون درگاهون حيلو وسيلو آهن‪ .‬اڄ ڪا واهر‬
‫ڪر‪ “.‬ائين چوندي هن پاڻ کي بيوس ۽ الچار سمجھيو‪ .‬سندس اکين مان‬
‫لڙڪ وهي پيا‪ .‬ايتري ۾ بيا ملهه به اچي دعا گهرڻ الِء روضي ۾ پهتا‪ .‬هي‬
‫انهن کان ڳوڙهن کي لڪائڻ الِء بوڇڻ سان جلدي منهن اگھي ٿو‪ .‬سڀ‬
‫ملهه کيس جھڪي‪” ،‬پهلوان“ چئي ملن ٿا‪ .‬هي سڀني جي پٺي ٺپي‪،‬‬
‫پوئين پير روضي مان ٻاهر نڪري ٿو‪ .‬ٻاهر نڪرڻ کانپوِء کيس ائين ٿو‬
‫لڳي ته سندس سينو ويڪرو ٿي ويو هجي‪.‬‬
‫بازار مان آستاني ڏانهن‬
‫ِ‬ ‫سڀئي پهلوان گڏجي‪ ،‬ميلي ۾ لڳل‬
‫وڃن ٿا‪ .‬کين پهريل ويڪريون هرک جون شلوارون کڙ کڙ ڪنديون ڄڻ‬
‫سندن ڪڍ لڳيون ٿيون وتن‪ .‬ماڻهو ۽ دڪاندار کين جھڪي سالم ٿا ڪن‬
‫۽ مٺائيَء وارا‪ ،‬هوڪن سان گڏ کين مٺائي کائڻ جي سکڻي صالح ڪن‬
‫ٿا‪ .‬پر هي صرف هٿ مٿي ڪري ”مهرباني“ چوندا اڳتي وڌندا وڃن ٿا‪.‬‬
‫هي پنهنجو دٻدٻو ۽ شان ڏسي‪ ،‬اهو سوچي ٿو‪. ،‬هي سمورو‬
‫ڪرشمو اولياَء جو آهي‪ “.‬اهو سوچي‪ ،‬سندس ذهن مان ّ‬
‫گذريل سڀ‬
‫وارتائون نڪري وڃن ٿيون‪ .‬ائين اچي هي ِپڙ تي پهچن ٿا‪ .‬چؤطرف‬
‫ماڻهن جون ٽوليون ڪي گلمن تي ته ڪي تڏن تي ۽ ڪي رلين تي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪118‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫پنهنجيَء پنهنجيَء ڪرت ۾ لڳا پيا آهن‪ .‬ڪي ڪونڊي ۽ ڏنڊي جي‬
‫رڳڙي ۾ قابو ته ڪي سلفيَء مان نڪرندڙ دونهين کي ڏسي مست لڳا‬
‫پيا هئا ته ڪي وري تاس جي پتي کي ڌڪ هڻي پنهنجي ڪاوڙ الهي‬
‫رهيا هئا‪ .‬هي چوڌاري نظر ڦيرائي منهه ۾ اچي بوڇڻ وڇائي ويهي ٿو‪.‬‬
‫ايتري ۾ ميال ڪميٽيَء جو هڪ ماڻهو اچي کيس ڪن ۾ چوي ٿو‪.‬‬
‫”پهلوان هي ميلو استاد عبدالقادر جي پاڙي جو آهي‪ .‬ان ڪري‬
‫پهرين ملهه تنهنجي ۽ پوئين ملهه استاد عبدالقادر جي‪“.‬‬
‫اهو ٻڌي هي ارهو ٿي وڃي ٿو ۽ جذباتي انداز ۾ چوي ٿو‪” ،‬اڄ‬
‫ڪا به سوديبازي نه ٿيندي‪ ،‬جي هن جي عزت جو سوال آهي ته منهنجي به‬
‫زندگي ۽ موت جو سوال آهي‪ .‬هر ڪنهن کي پنهنجي ٿي سجھي‪ ،‬پر‬
‫ٻئي جو خيال ڪنهن کي به ڪونهي؟“ هن جي تپي ڳالهائڻ تي ماڻهو‬
‫جمع ٿي وڃن ٿا ۽ اهو همراهه کسڪي وڃي ٿو‪.‬‬
‫”افسوس آهي‪ ،‬هاڻي هن راند ۾ به سفارش ڪاهي پئي آهي‪،‬‬
‫ملهون به وڪرو ٿيڻ لڳيون آهن‪ .‬طاقت به پئسي ۾ خريد ڪئي وڃي ٿي‪.‬‬
‫پوِء هروڀرو ڇو ٿا ڌوڙ پايو‪ ،‬پئسي جي طاقت تي ميدان ماريو‪ ،‬ڇا جي‬
‫پهلواني‪ ،‬ڇا جا داَء؟“ ملهن جا پول کلڻ لڳن ٿا ته سڀئي پهلوان سري‬
‫اچي کيس سمجھائڻ لڳن ٿا‪ ،‬ڇو ٿو وائکو ڪرين؟ هي اسان جي ٻچن‬
‫جي روزي آ‪ ،‬ماڻهن کي خبر پوندي ته ڪير اعتبار ڪندو اسان تي‪ ،‬ڪير‬
‫انعام اڪرام ڏيندو‪ ،‬ٻيلي ڏاهو ٿيُء‪“.‬‬
‫ايتري ۾ ميدان مان ٽاهو وڄڻ جو آواز اچي ٿو ۽ شرناِء مئل‬
‫ڪوڪ ڪري مٿي وڄي ٿي‪ .‬سڀئي ملهه بوڇڻ ڇنڊي اٿن ٿا‪ .‬گهڻن ملهن‬
‫جا منهن لٿل آهن‪ .‬ميدان تي ٻانهيون ٻڌجي چڪيون آهن‪ .‬پهلوان‬
‫ٻانهيون چيري اندر ميدان ۾ داخل ٿين ٿا‪ .‬بوٽ الهي مٿن بوڇڻ رکي‬
‫ويهي رهن ٿا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪119‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ملهه شروع ٿي ٻه ٽي سنها جوڙ وڙهيا‪ ،‬ٻوڙ ٽوڙ شروع ٿي‪.‬‬


‫اوچتو اعالن ٿيو‪” ،‬هاڻي چوٽيَء جي ملهه ٿيڻ واري آهي‪ .‬اوهان جي‬
‫سامهون ٻه چوٽيَء جا ملهه سندرا ساهيندا‪ .‬استاد عبدالقادر ۽ نواب‬
‫پهلوان‪ .‬هاِء ڙي نواب تنهنجي ملهه‪ .‬ادا نواب به نواب آ‪ ،‬پر وري استاد‬
‫عبدالقادر به عبدالقادر آهي‪ .‬اڄ ميدان تي اهو فيصلو ٿيندو ته زورآور‬
‫ڪير آهي؟“ اهو ٻڌي نواب جذبات ۾ اچي اٿڻ چاهيو ته چڪر اچي ويس‪.‬‬
‫هي ٿاٻو سنڀالي اٿيو‪ .‬قميض الهي بوٽ جي مٿان رکيائين ۽ پٽڪو‬
‫قميض جي مٿان رکي سندرو کڻي وچ ميدان تي آيو‪.‬‬
‫عبدالقادر ميدان تي پهتو ته تاڙيون وڄي ويون‪ .‬ڇو ته اهو‬
‫سندس تر جو ميلو هيو‪.‬‬
‫نواب چتائي تاڙيون وڄائيندڙن کي ڏسي ٿو‪ .‬هڪ دل چيس‪،‬‬
‫”جيڪر گاريون ڏيئي تاڙيون وڄائيندڙن کي چپ ڪرائي ۽ کين ٻڌائي ته‬
‫جنهن الِء تاڙيون ٿا وڄايو اهو توهان جو پيُء مونکان چڙهندو به صحيح‪“.‬‬
‫پر وري سوچي زهر جو ڍڪ ڀري کڻي ماٺ ڪيائين‪.‬‬
‫ايتري ۾ الئوڊ اسپيڪر تي اعالن ٿيو‪” ،‬هن ملهه تي ڏهه هزار‬
‫رپيا انعام رکيل آهي‪ ،‬جيڪو پهلوان اها ملهه ماريندو ان کي اهو انعام‬
‫درگاهه جو سجاده نشين پنهنجي هٿن سان ڏيندو‪ “.‬پوِء هڪل ڪري دهل‬
‫واري کي چيائين‪” ،‬ان خوشيَء ۾ ٽاهو وڄاِء‪ “.‬دهل واري دهل کي‬
‫ڏونڪو هيو ته سڄي خلق وٺي تاڙيون وڄايون‪.‬‬
‫هن کي ياد آيو ته هي اهو ساڳيو ميدان آهي‪ ،‬جتي شمن شاهه‬
‫بادشاهه سرور جتوئي کي ملهه ماري پاڻ ملهايو هو‪ .‬اڄ اهو ساڳيو ميدان‬
‫آهي‪ .‬ماڻهن جا هشام‪ ،‬ڏهه هزار انعام‪ ،‬اڄ وارو اٿئي نواب‪ ،‬جي هيَء‬
‫ملهه ماريئي ته تنهنجي هاڪ هنڌين ماڳين هلندي‪ .‬۽ ٻچڙن جي اسڪول‬
‫جي في به اڳڙي پوندي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪120‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫هٿ وجھندي ئي‪ ،‬هن‪ ،‬کڻي عبدالقادر کي گهمائڻ شروع ڪيو‪.‬‬


‫گهمائي گهمائي جنهن مهل هيٺ الٿائينس ته پڻهس جا چيل جمال ياد‬
‫آيس‪” ،‬هن پٽڪي جي ورن جي لڄ رکجانِء‪“.‬‬
‫دل ۾ آيس ته اٻهرائپ ڪرڻي ناهي‪ .‬سو وري داُء رکي عبدالقادر‬
‫جو پاڻي ڪڇڻ لڳو‪ .‬عبدالقادر جانٺو هنيس ته ڪڍرائي منڙي ڏنائينس‪،‬‬
‫عبدالقادر ٿيڙ کائي پاڻ سنڀالي ويو‪ .‬وري اچي ڄنگهه ۾ وچڙيس‪ .‬هن ٽل‬
‫ويڙهائي ته ڇو نه ٻي ڄنگهه ۾ جانٺو هڻي ڇڪي وڃي هڻانس‪ .‬هي اڃان‬
‫انهي ٽل ۾ هو ته عبدالقادر ڦٻائي جانٺو هڻي مٿو مٿي سان مالئي ٻوڙي‬
‫الٿس‪ .‬پٽ تي ڪرڻ مهل هن رڳو شرناِء جو آواز ٻڌو ۽ ماڻهن جون‬
‫تاڙيون‪ .‬هن ڪلهن ۽ ڄھنگهن کي زور ايندي محسوس ڪيا‪ .‬هن پنهنجو‬
‫پاڻ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڌنڌالئپ سبب پنهنجو پاڻ کي به‬
‫ڏسي نه سگهيو‪.......‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪121‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫موٽي ايندس مان‬

‫رات جا ٻه ٿي ويا آهن پر هن جي نيڻن مان ننڊ اڏامي وئي آهي‪.‬‬


‫ڪمري ۾ پيل بيڊ به هن کان التعلق لڳو خاموشيَء مان لطف اندوز ٿي‬
‫رهيو آهي‪ .‬رولنگ چيئر تي ويٺل يعقوب سگريٽ مان وڏو ڪش ڀري‬
‫فضا ۾ ڇڏي ٿو ته دونهون ڪنهن تجريدي آرٽ جي اسٽروڪن جيان‬
‫هيٺ مٿي ڦهلجي وڃي ٿو‪ .‬سندس پٽ فهيم اڃا تائين دوستن جي‬
‫ڪچهريَء مان واندو نه ٿيو آهي جو هن مهل تائين گهر نه پهتو آهي‪.‬‬
‫سندس پٽ جي اها روٽين ٺهي وئي آهي ته هو رات جي ماني کائي‬
‫ڳٽڪو وات ۾ وجھي‪ .‬موٽر سائيڪل کي ڪڪ هڻي نڪري ويندو آهي‪.‬‬
‫پٽ جي ڳٽڪي کائڻ جي خبر جڏهن هن کي پئي هئي ته کيس‬
‫سمجھائيندي پنهنجي زال جي موجودگيَء ۾ هن چيو هو‪:‬‬
‫”فهيم هي تون ڪهڙيون عادتون شروع ڪري ڇڏيون آهن؟ نه‬
‫تنهنجي بابي گٽڪو کاڌو نه ڏاڏي“‬
‫فهيم ڪنڌ هيٺ ڪري وراڻيو هو ته‪:‬‬
‫بابا سائين مون ڪڏهن توهان کي چيو آهي‪ ،‬ته توهان سگريٽ‬
‫ڇو ٿا پيئو؟“‬
‫هن زال جي منهن ۾ ڏٺو هو‪” :‬جنهن جي چپن تي مرڪ هئي“‪.‬‬
‫هن جو ڪنڌ ازخود جھڪي ويو هو‪.‬‬
‫وري جڏهن رات جو دير تائين ٻاهر رهڻ کان منع ڪئي‬
‫هئائينس ته فهيم هڪڙو ئي جواب ڏنو هئس ته‪:‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪122‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”بابا سائين اوهان هروڀرو ٿا ڳڻتي ڪيو توهان ماٺڙي ڪري‬


‫سمهي پوندا ڪريو مان چاٻي پاڻ سان کڻي ويندو آهيان‪ ،‬در کولي گاڏي‬
‫اندر ڪندس ۽ سمهي پوندس“‪ .‬کيس ياد اچي ويو هو ته ڪيئن بابو‬
‫مرحيات سج لهڻ سان ئي لٺ کڻي نڪري پوندو هو ۽ دوڪان تان اٿاري‬
‫ماني کارائي سمهاري پوِء وڃي سمهندو هو“‪.‬‬
‫هن ڀيري به پٽ جو جواب ٻڌي هو ڪجهه نه ڪڇي سگهيو هو‬
‫۽ شڪر ڪيو هئائين ته هن ڀيري سندس سامهون زال سامهون ڪونه‬
‫هئي‪ ،‬نه ته هن جي مرڪ سندس اندر کي االئي ڪيترا ڏنڀ ڏئي هان!‬
‫اهي ٻئي واقعا هن جي ذهن تي ائين تري آيا جيئن سائبريا جا ٻه‬
‫اڇا پکي سنڌ جي ڪنهن ڍنڍ جي پاڻيَء تي تري رهيا هجن‪.‬‬
‫يعقوب اٿيو ته ويلنگ چيئر جي اسپرنگ مان هلڪو آواز آيو‪.‬‬
‫هو ڪمري مان نڪري در تائين ويو‪ .‬در بند هو ۽ موٽر‬
‫سائيڪل ڪونه هئي‪.‬‬
‫پٽهنس اڃا واپس ڪونه ٿيو هو‪.‬‬
‫هي اچي بيڊ تي ويٺو ته بيڊ مان ٿورو آواز آيو‪ .‬ڄڻ بيڊ سندس‬
‫اچڻ جي آجيان ڪئي هجي ۽ خاموشيَء مان تنگ ٿي پيو هجي‪.‬‬
‫هن زندگيَء جا پنجويهه سال هن گهر کي ڏنا هئا‪ .‬سرديون‪،‬‬
‫گرميون‪ ،‬بهار‪ ،‬خزائون ڏٺيون هيون هن نم جي پتن کي پيلو ٿيندي‬
‫ڇڻندي ڏٺو هو ۽ وري گونج نڪرندي سائو چهچ ٿيندي ڏٺو هو‪ .‬ٻور کان‬
‫نمورين ٿيڻ تائين ۽ پڌر ۾ پکڙيل نمورين تي پير اگھاڙي گهمندي پاڻ‬
‫کي هلندي ۽ پيرين ۾ چڀندي محسوس ڪيو هيائين‪.‬‬
‫ڀڄ ڀڄان‪ ،‬وٺ وٺان ۽ مشين جيان زندگي‪ ،‬گذاري هئي‪ .‬هن‬
‫پوئتي مڙي نهاريو به ڪونه هو ته جنهن گهر کي ڇڏي هي شهر نڪري‬
‫آيو هو‪ ،‬اتان جي موسم ڇا هوندي اتي گهر جو پڌر ڪيئن هوندو‪ ،‬جنهن‬
‫تي هن بانبڙا ڏنا هئا‪ .‬چيڪي مٽي کاڌي هئي ۽ ڀڄندي ڪريو هو ته‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪123‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫کاڏيَء ۾ ٺڪري چڀجي وئي هئس‪ ،‬جنهن کي ماڻس ڇڪ ڏئي ڪڍيو هو‬
‫۽ سرمو وجھي سندس رت بند ڪئي هيائين‪:‬‬
‫هن کي پنهنجي پيُء جو پيار ياد اچڻ لڳو‪ ،‬جيڪو کيس سڏي‬
‫ڀر ۾ ويهاريندو هو ۽ زماني جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته وڏن جو ادب‬
‫ڪجي کٽ تي انهن جي مٿي کان نه ويهڻ گهرجي‪ِ ،‬مٽ مائٽ اوڙي‬
‫پاڙي الِء اکين ۾ لڄ رکجي‪ ،‬وڏي آواز سان نه ڳالهائجي‪ ،‬ڪو ڪم چوي‬
‫ته منهن ۾ گهنڊ نه وجھجي‪ ،‬نوڙي ۽ جھڪي سالم ڪجي‪ .‬هڪ جيڏن‬
‫سان گار گند نه ڪڍجي‪ ،‬استاد جي سامهون نه ٿجي‪ ،‬اوطاق تي ايندڙ‬
‫مهمانن جو خيال رکجي‪ ،‬وڏن جي وچ ۾ نه ڳالهائجي‪ .‬نه ئي ٻاهر جي‬
‫ڳالهه گهر ۾ ڪجي ۽ نه وري گهر جي ڪسي پڪي ڪنهن ٻاهر واري‬
‫سان سلجي“‪.‬‬
‫اڄ اهي سڀ ڳالهيون کيس ڇو ياد اچي رهيون هيون‪ .‬هن غور‬
‫ڪيو شايد ان ڪري ته پٽ سندس پير تي نه هلي رهيو هو‪ ،‬هو شهر جي‬
‫پڪن رستن تي گاڏي ڀڄائي رهيو هو‪ .‬هن وٽ موبائيل اچي وئي هئي‪،‬‬
‫جنهن ۾ هو ‪ 24‬ڪالڪن مان ويهه ڪالڪ ويهي‪ ،‬يارن دوستن سان‬
‫ڳالهيون ڪندو هو‪ .‬وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو ۽ گهر ۾ موجود ڀاتين جو‬
‫خيال نه ڪندو هو‪ .‬۽ نيٽ تي ٿيندڙ فحش حرڪتن کي الئيڪ ڪرڻ لڳو‬
‫هو‪ .‬وقت سان گڏ پئسي جو زيان ڪري رهيو هو‪ ،‬جنهن کي حاصل‬
‫ڪرڻ الِء هن ڏينهن رات هڪ ڪري‪ ،‬صرف ان الِء گڏ ڪيو هو ته سندس‬
‫اوالد سکي رهي‪ .‬انهن کي هن دؤر ۾ تڪليف نه اچي‪.‬‬
‫پنهنجي پالن ڪيل زندگيَء ۾ هن کي مسلسل هار سان منهن‬
‫ڏيڻو پئجي رهيو هو‪ .‬يا زمانو بدلجي ويو هو يا هو بدليل حالتن سان‬
‫ايڊجسٽ نه ٿي رهيو هو‪ .‬ٻنهي مان ڪا ته ڳالهه هئي جيڪا کيس مسلسل‬
‫سوچڻ تي مجبور ڪري رهي هئي‪ .‬ڪو وقت هو ته سندس گهر ۾ گڏيل‬
‫دستر خوان لڳندو هو‪ .‬سڀئي گڏجي جڏهن ماني کائيندا هئا ته هڪٻئي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪124‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫جي انداز تي نظر رکندا هئا‪ .‬هو ٽنهي ٻارن کي ماني کائڻ جا انداز‬
‫سيکاريندو هو‪ ،‬مانيَء جو صرف وچ نه کائجي‪ ،‬ڪنا رهائي نه ڇڏجن‪.‬‬
‫چمچي سان گهٽ هٿ سان ماني کائو‪ .‬هٿ ڌوئي اچو‪ ،‬بسم اهلل پڙهو‪.‬‬
‫ترين جي ٺيڪ تي نه ويهو‪ .‬پاڻي وچ ۾ پيئو‪ .‬مٿان نه پيئو‪ .‬ڀڄ ڀڄان ۽‬
‫وٺ وٺان جي دؤر ۾ دسترخوان وڇائي ماني کائڻ جو رواج نڪري ويو‪.‬‬
‫پراٺن جي جاِء سالئيز اچي ورتي جئم هنئي هٿ ۾ سالئيز کنئي‬
‫اسڪول يا ڊيوٽي تي ويندي هلندي سالئيز کاڌي نه کاڌي هرڪو نڪري‬
‫ويندو هو هو سالئيز جي ٽڪرن کي ڏسي ٿڌو ساهه ڀري نوڪريَء تي‬
‫نڪري ويندو هو‪ .‬۽ کيس ڳوٺ ياد اچي ويندو هو“‪ .‬پڻهنس لٺ کٽ جي‬
‫واڏڻ ۾ وجھي ويٺو هوندو هو‪ .‬جيستائين ٻار پراٺا وٺي مٿان ڦٽي مکڻ‬
‫جي رکي لسي جو گالس ڀري نيرن نه ڪندا هئا تيستائين ويٺو ڏسندو‬
‫هئن‪ ،‬مجال آ جو بنا نيرن جي ڪو ٻار گهر مان ٻاهر نڪري“‪.‬‬
‫اهي سڀئي عڪس يادون هن جي ذهن جي ڪنڊ مان اڄ اوچتو‬
‫ڇو اٿل کائي سندس سوچ کي ٻوڙي رهيون هيون‪ .‬هو پراڻا وٽ سنڀالي‬
‫رهيو هو‪.‬‬
‫ڪيئن صبح سوير اٿندو هو نماز پڙهڻ کانپوِء جڏهن‪ ،‬حافظ نور‬
‫محمد کين سيپارو پڙهائيندو هو ـــ ڳوٺ جا سڀ ٻار ڇوڪرا ڇوڪريون‬
‫الئين ٺاهي ويهندا هئا ۽ مليل سبق ياد ڪندا هئا ۽ مسجد مان ٻارن جي‬
‫پڙهڻ ۽ هِجي ڪرڻ جا آواز گهرن تائين پهچندا هئا‪ .‬رکي رکي حافظ‬
‫نور محمد جي ڪنهن ٻار کي ڪنڌ نوڙائي ڪنڊي ۾ مڪ هڻڻ جو آواز‬
‫گونجندو هو ته سڀني ٻارن کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويندو هو ۽ هو زور‬
‫سان پنهنجو سبق پڙهڻ لڳندا هئا‪.‬‬
‫يعقوب اڪثر پنهنجي سڳي سؤٽ راڻيَء سان گڏ ويهندو هو‪،‬‬
‫جيڪا وقفي وقفي سان ٺونٺ هڻي اکر اکر تي هٿ رکي ان جي هِجي‬
‫ڪرڻ بابت پڇندي هئي ۽ هي ڪن ۾ هوريان کيس اکر هِجي ڪري‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪125‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ٻڌائيندو هو‪ .‬ٻاهر نڪرڻ مهل راڻي کيس چيڙائيندي هئي ته مونکي ته‬
‫سبق ياد هو‪ ،‬مان ته هروڀرو پئي پڇانِء‪ .‬۽ هي ان جي ڪڍ پئجي ويندو‬
‫هو ۽ راڻي ڊڪي وڃي ماُء جي ڪڇ ۾ لڪندي هئي‪ .‬راڻي جيڪا سندس‬
‫سڳي سؤٽ هئي‪ .‬هڪ گهر ۾ پلي نپني‪ ،‬کيڏي ڪڏي‪ ،‬وڏي ٿي هئي‪.‬‬
‫راڻيَء کي به ته هي ڇڏي شهر نڪري آيو هو‪ .‬بلڪه نڪتو ئي‬
‫راڻيَء جي ڪري هو‪ .‬جڏهن گهر ۾ راڻي ۽ سندس الِء ڳالهيون هلڻ‬
‫لڳيون هيون ته هاڻي يعقوب نوڪريَء سان به لڳي ويو آهي ۽ راڻي به‬
‫ڪيترو ويهي انتظار ڪندي‪ ،‬هڪ نه هڪ ڏينهن ٻنهي کي شادي ته‬
‫ڪرڻي آهي‪ .‬اهي سڙٻاٽ ٻڌي هن جو مٿو چڪرائجي ويو هو‪ .‬هن کي‬
‫ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پي آهي ته هن جو نڪاح راڻيَء سان ٿيندو جنهن‬
‫کي هن هميشه ڀينرن جيان ڏٺو آهي‪ .‬ڀينرن جيان پيار ڪيو آهي‪ .‬هي‬
‫پنهنجي اهڙي پيار کي شاديَء واري ٻنڌڻ ۾ ڪيئن ٻڌي سگهندو؟ ۽ پوِء‬
‫جڏهن سوچي سوچي ان هڪڙي ڳالهه تي پڪو پختو بيٺو ته هو راڻي‬
‫سان شآدي نه ڪندو ته سڀني جي وات ۾ آڱريون اچي ويون هيون‪.‬‬
‫پڻهنس اهڙي جواب تي کٽ جي واڏڻ مان لٺ ڪڍي هئي ان کي به ِهن‬
‫اهو چيو هو ته‪” :‬لٺين جا آهوڙا وساِء پر ادي راڻيَء سان شادي نه ڪندو‬
‫مانِء“ اهڙو جواب ٻڌي پڻهنس کڻي لٺ واڏڻ ۾ وڌي هئي هٿيار ڦٽي‬
‫ڪيا هئائين ۽ ڀاُء جي گهر وڃي هيٺ ويهي رهيو هو“‪ .‬ادا مان تنهنجو‬
‫ڏوهي جيڪا سزا مقرر ڪرين مان حاضر ڇورو ڀڙ ڪڍي بيٺو آهي ته‬
‫راڻي منهنجي ڀيڻ آهي“‪.‬‬
‫هن ان راڻيَء سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو‪ ،‬جيڪا قرآن‬
‫پڙهڻ ويل حضرت يوسف ۽ زليخان جي قصي پڙهڻ وقت يعقوب نالو‬
‫پڙهڻ ۾ به لڄ ڪندي هئي ته ڪيئن هوَء پنهنجي ٿيندر مڙس جو نالو‬
‫زبان تي آڻي‪ .‬حافظ نور محمد جون مڪون برداشت ڪيو هئائين‪ .‬پر‬
‫يعقوب نالو زبان تي نه آندو هئائين! مولوي نور محمد ورجائيندو رهيو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪126‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫هو ته ”يعقوب واِز نادا ربہ“ پر هن صرف واِز نادا ربہ ئي پڙهيو ٿي‪ .‬پر‬
‫يعقوب نٿي پڙهيو‪.‬‬
‫سبق تان موٽندي هن کيس ڏاڍوپ تنگ ڪيو هو ته توکي‬
‫يعقوب هِجي ڪرڻ نه پي آيو‪.‬‬
‫راڻيَء ڪاوڙ ۾ کيس مڪون وهائي ڪڍيون هيون!‬
‫هي راڻيَء جي اهڙن احساسن کي به سمجھي نه سگهيو هو‪.‬‬
‫اڄ جڏهن سندس گهر جي ڀاتين هن جي احساسن کي نه سمجي‬
‫سگهيو هو ته کيس راڻيَء جا احساس ياد اچي رهيا هئا!‬
‫ڇا راڻي مونکي ايترو چاهيو هو‪ ،‬منهنجي تصوير کي ايترو‬
‫ذهن ۾ سجايو هو‪.‬‬
‫منهنجي تصور کي ايترو پاڪ سمجھيو هو جو منهنجو نالو به‬
‫نه کڻي سگهي هئي‪.‬‬
‫ان جي ڀيٽ ۾ هِن گهرواريَء يعقوب مان يعقو بڻائي ڇڏيو‬
‫هوس‪ .‬جنهن سان مون پيار مان شادي ڪئي‪ .‬جنهن کي مون ايترو چاهيو‬
‫جو پنهنجن پيار ڪرڻ وارن رشتن کان الڳ ٿي‪ .‬سندس هر خواهش‬
‫پوري ڪئي‪.‬‬
‫ڇا اهي سڀئي قول قرار‪ ،‬قربانيون کانئس وسري ويون‪ .‬مون‬
‫گهر ڇڏيو‪ .‬ابو امان ڇڏيا‪ .‬ڀائر ڀينر ڇڏيا‪ .‬ابو انهيَء سور ۾ ٽن سالن اندر‬
‫وڃي قبر پهتو‪.‬‬
‫”وصيت ڪري ويو ته يعقوب منهنجو منهن نه ڏسي“‪.‬‬
‫اهڙي وصيت ٻڌي امان سندس آڏو گڙ گڙايو هو ته يعقوب جا‬
‫پيُء هي تون ڇا چئي رهيو آهيين پنهنجي پٽ الِء ائين چئي رهيو آهين‬
‫جنهن کي هنج تي کڻي گهمايو اٿئي‪ ،‬جنهن کي ڀر ۾ ويهاري پيار ڪيو‬
‫ٿئي‪ .‬ان پٽ الِء تون زبان مان اهڙا لفظ ڪڍيا آهن‪.‬‬
‫پڻهنس جي زبان بند ٿي ته وري نه کلي ۽ هو موڪالئي ويو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪127‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”اهي لفظ به کيس راڻيَء ٻڌايا هئا جنهن وقت هو مئل پيُء جي‬
‫مٿان پهتو هو“‪.‬‬
‫سندس پيُء جي مئي کانپوِء راڻيَء جي شادي طئه ٿي هئي‪.‬‬
‫چاچي ٽانگي تي چڙهي اچي کيس سڏ ٻڌايو هو ته راڻيَء کي اٿاريان ٿو‪.‬‬
‫راڻيَء جي خواهش آهي ته تون پنهنجي هن ڀيڻ کي اچي هٿن سان‬
‫رخصت ڪر“‪ .‬مان تنهنجي ان قول کي پاڻي ڏيڻ ٿي چاهيان ته تون‬
‫مونکي پنهنجي ڀيڻ سمجھندو آهين“‪.‬‬
‫ان ڏينهن ڪيڏو گهر ۾ فساد ٿيو هو‪ .‬ڪيڏيون تهمتون لڳيون‬
‫هئس ته اها راڻي اڃان تنهنجي پچر ڇو نه ٿي ڇڏي“‪ .‬هن پاڻ کي رشتن‬
‫جي اهڙي ڄار ۾ ڦاسندي محسوس ڪيو هو جنهن ۾ ويساهه جي ڪا به‬
‫دري لڳل ڪونه هئي جنهن مان نڪري هو پاڻ بچائي سگهي‪.‬‬
‫راڻيَء جي شاديَء واري رات هو‪ ،‬ڀٽائي جي درگاهه تي نڪري‬
‫ويو هو‪ .‬فقيرن وائي پي ڳائي ”آيل منهنجو روح اپليو نه ٿئي“”‬
‫ٻئي ڏينهن جڏهن هارايل جواريَء جيان گهر موٽيو هو ته ”طعنن‬
‫جو هڪ ڊگهو هار سندس ڳچيَء ۾ پيو هو“ ويو هنئين پنهنجي محبوبه‬
‫جي شاديَء ۾“‪.‬‬
‫ان ڏينهن کيس احساس ٿيو هو ته دنيا وارا ڀيڻن کي به‬
‫محبوبائن جو لقب ڏيندا آهن“‪.‬‬
‫هن جسم ۾ ڏڪڻي محسوس ڪئي‪ ،‬در جي آواز تي‪ .‬هو اٿي‬
‫کرو ٿيو‪ .‬هن بيڊ تي پيل اجرڪ جسم کي ويڙهيو ۽ در تائين آيو‪.‬‬
‫”يوسف تون چئي وڳي موٽيو آهين“‪.‬‬
‫مان يوسف نه فهيم آهيان“ توهان کي به االئي ڇا ٿي ويو آهي‬
‫بابا“‬
‫نٿا پاڻ ننڊ ڪيو ۽ نه ئي ٻين کي آرام سان گهمڻ ڏيو‪ .‬فهيم جا‬
‫لفظ بڙڇي بڻجي ڪنن ۾ گونجيا هئس‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪128‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫هن کي ياد آيو ته واقعي منهنجو رکيل نالو يوسف ته ماڻهنس‬


‫ديڳ لهرائي مٽائي ڇڏيو هو‪ ....‬هاڻي ته هي فهيم آهي!‬
‫هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي‪ .‬مان ويهه سال پوئتي ڇو هليو ويو‬
‫آهيان منهنجي پٽ جو نالو ته ويهه سال اڳ‪ ،‬بيگم صاحبه ان ڪري‬
‫مٽائي ڇڏيو هو ته انهن نالن جو هاڻي رواج ڪٿي رهيو آهي“‪.‬‬
‫فهيم در بند ڪري پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو پر هي اتي ئي‬
‫بيٺو رهيو‪.‬‬
‫هن هٿ هڻي دروازي جو ڪنڍو چيڪ ڪيو کيس پڪ ٿي ته‬
‫دروازو بند آهي‪ .‬هي موٽي اچي ڪمري ۾ پهتو کيس احساس ٿيو ته هي‬
‫هتي هروڀرو رهيو پيو آهي‪ .‬هي انتظار ڪرڻ‪ ،‬پنهنجون ننڊون ڦٽائڻ‬
‫ڪهڙي ڪم جون“ جڏهن احساس مري وڃي‪ ،‬ڪنهن جي هجڻ ۽ نه هجڻ‬
‫جو احساس ختم ٿي وڃي ته پاڇيَء ۾ ڇا ٿو بچي؟‬
‫ماڻهو ڪڏهن زندگيَء ۾ ڪاٽو ٿيندو ٿو رهي ڪڏهن رشتن ۾‬
‫ونڊجي ٿو وڃي‪ .‬ڪڏهن ڪو انگ کيس پورو ونڊي ٿو ڇڏي پاڇي‬
‫ڪجهه به نٿي بچي‪.‬‬
‫اڄ پٽ جي جملن هن کي سمنڊ ڇڏيو هو‪.‬‬
‫هن جي دل چيو ته‪” :‬پاڻ کي ڪنهن واهه جي حوالي ڪري ڇڏي‪.‬‬
‫سندس جسم لڙهندو وڃي پاڻيَء جون بالئون‪ ،‬سندس ماس کي پٽي‬
‫کائي وڃن“‪.‬‬
‫”هونئن به روحن کانسواِء جسم ڪهڙي ڪم جا؟“‬
‫هو سڄي رات سوچن سان اڪيلي سر وڙهندو رهيو لڇندو‬
‫رهيو ڦٿڪندو رهيو‪.‬‬
‫مسجد مان آزان جو آواز گونجندو رهيو‪.‬‬
‫”حياع الفالح ــ حياع الفالح“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪129‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫هن اندر جي سڏ کي سڃاتو‪ .‬گهر مان ڪجهه نه کنيو اجرڪ‬


‫ويڙهي رستي تي نڪري آيو‪ ،‬ڄڻ ڪنهن جو روح سڏي رهيو هجيس‪.‬‬
‫شهر جو روڊ ويران هو ڪوهيڙي جي ڌنڌ ۾ هي اڳتي وڌندو‬
‫ويو وڌندو ويو سندس پير ڄڻ نشانن تي رکبا اڳتي کڄندا ويا‪.‬‬
‫هو ڳوٺ جي مسجد وٽ پهتو جتي ٻار وڏي آواز ۾ سبق پڙهي‬
‫رهيا هئا‪.‬‬
‫”يعقوب از نادا ربہ“‬
‫سڀئي ٻار يعقوب جو نالو وٺي رهيا هئا‪ .‬ڪو به اهڙو ٻار ڪونه‬
‫هو جنهن يعقوب جو نالو نٿي ورتو‪.‬‬
‫هن کي گمان ٿيو ته هو ڪنهن جي ڳوٺ ۾ آيو آهي‪.‬‬
‫راڻيَء جو مڙس مسجد مان نڪتو‪ ،‬هن کي ڏسي بيهي رهيو‪.‬‬
‫”يعقوب تون هتي؟“‬
‫هي وائڙو ٿي ويو‪ .‬کيس پڪ ٿي ته هو پنهنجي ڳوٺ پهتو آهي‪.‬‬
‫هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو‪.‬‬
‫”هيڏي سوير“ راڻيَء جي مڙس جي اواز تي هي ڄڻ جاڳي پيو‪.‬‬
‫”ڏاڍي دير ٿي وئي“ هن جي وات مان بي اختيار نڪري ويو‪.‬‬
‫راڻيَء جي مڙس کيس ڀاڪر وڌو‪ ،‬ڄڻ ڪنهن پنهنجي جي ڀاڪر‬
‫۾ آيو هجي‪ .‬ڄڻ ڪنهن ڄاتل سڃاتل خوشبوَء سان واسجي ويو هجي‪.‬‬
‫ڪي ساعتون ته هن ڀاڪر کان جدا ٿيڻ ئي نه پي چاهيو‪ .‬اکين جا بند‬
‫ڀڄي پيا‪ .‬گرم ڳوڙها راڻي جي مڙس جي ڪلهن تي ڪريا‪.‬‬
‫يعقوب ڄڻ پنهنجي وجود سان ملي رهيو هو‪.‬‬
‫گهر پهتو ته ڄڻ مٽيَء جي خوشبوَء کيس سڃاتو هجي‪ .‬ڀاڪرن‬
‫مان واندو ٿي هو پيُء واري کٽ تي ويٺو جنهن جي واڏڻ ۾ اها ساڳي‬
‫لٺ اڃا سندس اوسيئڙو ٿي ڪيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪130‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڀاڻيجا‪ ،‬ڀائيٽا‪ .‬اڦراٽن تي مکڻ ڦٽيون رکي ماني کائڻ لڳا‪ .‬هو‬
‫مرڪيو‪.‬‬
‫وري اکين جا بند ڀڄي پيس‪ .‬ڳوڙها کاڏيَء کي ڇهندا هيٺ‬
‫ڪري پيا‪.‬‬
‫هن جون اکيون ٻوٽجي ويون‬
‫جڏهن اکيون کوليائين ته کٽ جي واڏڻ تي راڻي ويٺي هئي‪.‬‬
‫اڇو ململ جو چولو‪ ،‬مٿي تي اڇو رئو‪ .‬هن جون اکيون جرڪي پيون‪.‬‬
‫راڻيَء ڪڇ ۾ ڪيل بار جو ڪپڙو پري ڪيو‪.‬‬
‫هي ڏس منهنجو ”يوسف“‬
‫هن کان رڙ نڪري وئي‪ .‬منهنجو ”يوسف“‬
‫ها يعقوب جو ”يوسف“ جنهن سان ملي کانپوِء يعقوب جو نور‬
‫واپس آيو هو هن يوسف کي ورتو‪ .‬اها ساڳي خوشبوِء جنهن کي ڇڏي هو‬
‫شهر ڏانهن هليو ويو‪.‬‬
‫هن يوسف جي نرڙ تي چمي ڏني‪.‬‬
‫راڻيَء جي اکين مان ڳوڙها ڪريا‪.‬‬
‫ڪيڏو روڪيو مانِء ”نه وڃ“‬
‫يعقوب يوسف کي مضبوط هٿن ۾ جھليو منهن منهن سان‬
‫مالئي چيائين ”موٽي ايندس مان“‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪131‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫واليون‬

‫سوڍو رڳو نالي جو وڃي سوڍو بچيو هو‬


‫سڄو ڏينهن پير کاٽ ۾!‬
‫هن چنبو هنيس ته وري ڪٿان بجو مليس‪.‬‬
‫سندس ڪم ئي اهڙا هئا‪ ،‬گهري عزت لهرائيندو هو‪.‬‬
‫”ڪنهن کي دم ته ڪنهن کي دالسو“‪.‬‬
‫ڪنهن کان ويهه ورتا‪ ،‬ته ڪنهن کي پنجاهه جي چوٽ‬
‫صبح جو سوير وڃي‪ ،‬خير شاهه جي مڪان تي پاسو جھالئبو ۽‬
‫جوا جي ٽ ِڪري تي ويهي‪ ،‬پڙ پالو ڪري‪ ،‬ڪڏهن ٻه چار روپيه کٽندو ته‬
‫واهه واهه‪ ،‬نه ته هميشه ملڪ ميدان ڪري‪ ،‬انگوشو ڇنڊي‪ ،.‬ڪلهي تي‬
‫رکندو هو‪.‬‬
‫”ڪڏهن ڪڏهن ته انگوشو به ماڻهو کسي وٺندا هئس“‪.‬‬
‫سوڍو هڪ ڀرپور بجو‪ ،‬پنهنجي منهن تي ملي چوندو هو ”سوڍا‬
‫ٿڪ ٿئي! جي جوان هوندين‪ ،‬ته سڀاڻي کان هن پِڙ تي پير ئي نه‬
‫رکندين“‪.‬‬
‫ڪيئي سج اڀري لهي ويا پر سوڍي جي ڪرت ساڳي‪ ،‬مجال آ‬
‫جو سوڍو جوا کان باز اچي‪ ،‬عادت سوڍي جو عضوو ٿي وئي هئي!‬
‫جوا نه کيڏي ته چين سان نه سمهي سگهي!‬
‫چئي! ”ته هنن هڏن کان هاڻي ٻيو ڪهڙو ڪم ٿيندو؟“‬
‫چم چيو ئي نٿو ڪري‪ ،‬تڳاري مونکان کڄي ڪونه ٿي ٿورو‬
‫وزن کڻي پنڌ ٿو ڪيان ته اڀ ساهي وٺي ٿي وڃي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪132‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫اهو مئو گولڊ فليڪ سگريٽ پي‪ ،‬پي‪ ،‬هڻي ڦڦڙن جو منهن‬
‫ڪارو ڪري ڇڏيو اٿم!‬
‫دوا به ڪٿان وٺان‪ ،‬جڏهن کان يوناني ڊاڪٽر ٻه هڪڙآ ڪک‬
‫ڪاغذ ۾ ويڙهي ڏنا ۽ چيو ته‪ ،‬سوڍل جيڪي ڏينهن جيئرو رهين غنيمت‬
‫اٿئي‪ ،‬باقي تنهنجي گارنٽي ختم کيل ختم پئسا هضم“‪.‬‬
‫خبر ٿئي ڇا چيم ان حجم ڊاڪٽر کي‪ ،‬ڪوڙو ڪوڙي جو پٽ!‬
‫چيومانس ته ”حڪيم صاحب حياتي ڇڏي ڪو به ڪونه مرندو جيڪي‬
‫ڏينهن جيئرو هوندس اهي تون ڪونه وٺي ڏيندين“‪.‬‬
‫خبر ٿئي ڇا چيائين‪،‬‬
‫”چيائين ته ڪڏهن زندگي به جوا جيان هارائي ڇڏيندين“‪.‬‬
‫چيومانس‪.‬‬
‫وائڙيَء جا اهي تو وارا ڪک منهنجي زندگي بچائيندا زندگي‬
‫به منهنجي ته هارائيندس به مان“‪.‬‬
‫سوابا‪ ،‬ڏاڍو انگوشو ڇنڊي‪ ،‬شهپر کي تريَء سان مهٽو ڏئي‬
‫ڊاڪٽر جي اکين ۾ چتائي ڏٺم ته ڊاڪٽر چيو‪” :‬ماڻهو مون به ڏٺا پر تو‬
‫جهڙا گهٽ“‪.‬‬
‫ٻئي ڪک ڪاغذ کولي اتي هاريامانس ۽ پوِء موت سان مهاڏو‬
‫اٽڪائي نڪري آيس“‪.‬‬
‫سوڍو به سوڍو ته مومل به مومل‪.....‬‬
‫هڪڙي‪ ،‬هيڪل جندڙي جبل جيڏي گهر سان منهن ڏيڻ‪ ،‬جڏهن‬
‫ته مڙس جا افعال اِهي‪ .‬نه لهڻي ۾ نه ليکي ۾! گهر جو ڪم ڪار راڄ‬
‫جي اٿي ويٺي‪ ،‬سڏ‪ ،‬صلح‪ ،‬اصل مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏيون پئي اچي‪.‬‬
‫لکائي ڪونه‪ ،‬ته ڪو مڙس ڪمائي ڪونه ٿو‪ ،‬سڄو ڏينهن جوا جي ڪڍ آ‪،‬‬
‫ٽ ۾ گهڻو مٿو هنيائين پر جبل سان مٿو ڪير هڻي“‪.‬‬
‫ڇوٽ ڇو ِ‬
‫سوڍو نه سڌرڻو هو سو نه سڌريو“‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪133‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”مومل پيڪن کي دانهن ڏني“‬


‫” رسي وڃي گهر ويٺي پر سوڍو چئه‪ ،‬جو سڌري‪ ،‬اهو ئي‪ ،‬خير‬
‫شاهه جو مڪان ۽ پاڻ“‪.‬‬
‫مومل رسي وئي ته سوڍو پرچائڻ ڪونه ويس‪ ،‬صرف هڪڙو‬
‫ڪم ڪيائين جڏهن به ساهراڻي گهر کان النگھائو ٿيندو هو ته وڏي آواز‬
‫۾ ڪالم چوندو هو ته‪” :‬جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين گهڻن کي‬
‫اسان به روئاري وينداسين“‪.‬‬
‫مومل جي هنيانَء ۾ ڄڻ هٿ پئجي ويندو هو ۽ لڙڪ الڙي‬
‫ويهندي هئي‪ ،‬هڪ ڏينهن ته پيُء سان وڙهي پئي‪.‬‬
‫چئي ”بابا سوڍو مري ويندو‪ ،‬مون کي ڇڏ ته مان پنهنجي گهر‬
‫وڃان“‬
‫”امان گهر تنهنجو پنهنجو“‬
‫ڇڏي تون پاڻ آئي آهين‪ ،‬هاڻي مونکي چو ٿي چوين؟‬
‫مان توکي ٻڌي ته ڪونه ويهاريو آ‬
‫پڻهنس جو اهو چوڻ ۽ مومل جو ڌيُء کي ڪڇ تي کڻي نڪرڻ‪.‬‬
‫ان رات مومل ڏاڍو رني سوڍل جو گوڏو هو‪ ،‬سوڍو هو ۽ مومل‬
‫جا لڙڪ هئا‪ .‬سوڍو به روئي ويٺو هو‪.‬‬
‫چيائين‪” ،‬مونسان ايڏي دل به اٿئي پوِء ڇو ڇڏي وئينَء“‪.‬‬
‫مومل لڙڪ اگھي کيس رڳو ڏٺو‪.‬‬
‫اڙي ائين نه ڏس‪ ،‬مارڻي ڍور وانگر ڪٿي شهيد ڪري نه‬
‫وجھين‪ ،‬مومل جي مک تي مرڪ تري آئي هئي ۽ هن ڀري مڪ جو‬
‫سوڍل جي نڪ تي هنئي ته ”سوڍل جو اڇو پهراڻ رت ۾ ٿي ويو‪.‬‬
‫مومل ڏاج ۾ ڏنل موٺڙيي وارو رئو ساڙي کيس خاڪ‬
‫سنگھائي تڏهن وڃي رت بند ٿي‪.‬‬
‫ته سوڍل چيس‪:‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪134‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫ڇو بند ڪيئي اها به مئي نڪري وڃي ها‪ ،‬هن نڪمي جسم مان‬
‫ته چڱو هو‪.‬‬
‫مومل مِسڪي پئي ته سوڍل ساڻي ٿيل جسم کي سندس ٻانهن‬
‫۾ ڇڏي ڏنو“ اها رات مومل الِء سڀاڳي رات هئي جو ورهين پڄاڻا هن‬
‫کي مڙس جو قرب نصيب ٿيو هو‪.‬‬
‫مومل اڃا اٿي منهن تي ڇنڊو به نه هنيو هو ته خبر آئي هئي‪ .‬ته‬
‫سندس پيُء‪ ،‬ماُء‪ ،‬ڀاُء ۽ ڀيڻ ڪمري جو شهتير ڀڄڻ سبب دٻجي فوت ٿي‬
‫ويا آهن‪ ،‬اتان ڄڻ مومل نڪرڻ جي دير هئي‪ ،‬مومل خاڪ کڻي مٿي ۾‬
‫وڌي ۽ ماتم ڪندي پهتي‪.‬‬
‫ان ڏينهن مومل اهڙو ماتم ڪيو جهڙو امامن جو ٿيندو آهي‪،‬‬
‫ياحسين! هڪ لمحي جي خوشي سالن جي درد کي ٿالهيَء ۾ کڻي اچي‬
‫مومل جي جھولي ۾ وجھي وئي‪.‬‬
‫”مومل جي ميس ئي مري وئي‪ ،‬دنيا ئي وسري ويس‪ ،‬شاديون‬
‫ڇٺيون ته ٺهيو پر مرڻي تي به گهران ڪونه نڪري‪ ،‬گهر ۽ پاڻ‪ ،‬رليون ۽‬
‫تڏا‪ ،‬درد جو ٽوپو ۽ ڏکن کي وڪڙ“‪.‬‬
‫مومل جي مک تي مرڪ وري تڏهن وري جڏهن راڻي سمجهه‬
‫سان ٿي‪.‬‬
‫امڙ پڌر جي ٻهاري ته ڏئي وٺ‪،‬‬
‫اڄ ڀال ٿانون تي ته هٿ ڦيري وٺ‪،‬‬
‫پڻهين جو پوتڙو ميرو پيو آ‪ ،‬ان کي ته صابڻ جا ٻه گهڪا ڏئي‬
‫تار تي اڇل!‬
‫مطلب ته هن کي هٿ ونڊرائڻ واري ملي وئي هئي‪ .‬راڻيَء کي‬
‫کلندي ڪم ڪندي ڏسي کيس پنهنجو ننڍپڻ ياد آيو“‬
‫ڏاڍي الڏلي هئي پيُء جي‪ ،‬ڪلهي تي کڻي گهمائيندو هئس اهي‬
‫ميال‪ ،‬مالکڙا‪ ،‬شاديون غميون‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪135‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫جيڪو انگل ڪري اهو پورو‪.‬‬


‫”هڪ دفعي ضد ڪيائينس ته بابا مونکي واليون وٺي ڏي“‪.‬‬
‫”اڙي بابا ڇا ڪندينَء تون واليون تون اڃا معصومڙي ڪن‬
‫ڪچا“‬
‫”مان واليون پائيندس“‬
‫”ٻار واليون نه پائيندا آهن“‪.‬‬
‫”پڦيَء جو پاتيون آهن“‪.‬‬
‫”پڦهين ته وڏي آ نه“‪.‬‬
‫مان ڪجهه نٿي ٻڌان مونکي واليون گهرجن!‬
‫ٻي ڏينهن سورهن واليون اچي ويون‪.‬‬
‫ڪچڙا ڪن سبيا‪ ،‬ڪارا ڌاڳا پيا‪ ،‬حقي جي پاڻيَء سان ڌوتا‬
‫هفتي ۾ ڪن ڇٽي ويا ۽ واليون پائجي ويون‪.‬‬
‫هن ٻئي ننڍڙيون ٻانهون ڦهالئي پيُء جي ڪنڌ ۾ ڀاڪر وڌو ۽‬
‫واليون ڏيکاريون ته پڻهنس جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا‪.‬‬
‫”هاڻي ته خوش“‪.‬‬
‫”خوش“‪.‬‬
‫مومل ڪيلي جي وڻ جيان ڄڻ ڇهن مهينن ۾ جوان جماڻ ٿي‬
‫وئي هئي‪ ،‬سندس شادي سڳي سؤٽ سوڍل سان ٿي‪ .‬هن کي خبر ٿورئي‬
‫هئي ته قسمت ايترو جلدي پلٽو کائيندي شهزادين وانگر پليل‪ ،‬ڪنهن‬
‫جي آڏو ائين مجبور ٿي پوندي ۽ هن کي ڪم کائي ويندو‪ .‬پر هاڻي هوَء‬
‫خوش هئي‪....‬‬
‫ته راڻي راحت بڻجي آئي آهي‪.‬‬
‫کيس ڏسي اندر ۾ خواهش جاڳي ته جيڪر ڌيُء جي ڪنن ۾‬
‫واليون وجھان‪.‬‬
‫پر ڪيئن ڪريان؟ ڪنهن کي چوان؟‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪136‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫سوڍي کي ڪيئن ڏيان‪ ،‬ڪٿي جوا ۾ نه هارائي اچي‪....‬‬


‫ڪئي ڪمائي نه لوڙهي ڇڏي!‬
‫ڌيَء سان صالح ڪيائين ”امان توکي واليون ٺهرائي ڏيان؟“‬
‫راڻي ”ڇو امان؟“‬
‫سٺيون لڳندِء‪ ....‬مان ته ستن سالن ۾ واليون پاتيون“‬
‫هان امان! پوِء ڀال ٺهرائي ڏي“‬
‫”ڪنهن کي چوان“‬
‫”بابا کي“‬
‫”پڻهين کي“‬
‫”ها ڇو“!‬
‫ائين‪ ....‬هن کي ڪهڙي خبر ته جوا ڇا آهي؟ مومل اندر ۾‬
‫ڀڻڪيو‪ .‬ٻي ڏينهن ننڍي قينچي کڻي ويٺي‪.‬‬
‫ڌيُء کان ڪن جھلرائي ويڙه کويندي سورهن ئي واليون‬
‫الٿائين“ ڪاغذ ۾ بند ڪري رکيائين‪ ،‬رات جو سوڍل کي منجھي منجھي‬
‫چيائين‪.‬‬
‫راڻيَء الِء واليون ته ٺهرائي ڏي‪.‬‬
‫سوڍل آسمان ۾ ٽمڪندڙ ستارن کي ڏسي ٽهڪ ڏنو‪.‬‬
‫کلئين ڇو؟‬
‫”تنهنجي خواهش تي کل آئي‪“.‬‬
‫ڇو؟‬
‫تون جيڪڏهن چوين ها ته آسمان مان ستارا الهي اچ ته شايد مان‬
‫ڪوشش ڪيان هان“ پر هي ته ممڪن ئي ڪونهي‪.‬‬
‫مان ٿي ڏيانِء پنهنجيون واليون‪ ،‬تون رڳو ننڍيون ڪرائي نئين‬
‫ڊزائين ٺهرائي ڏي“‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪137‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫سوڍل پاسو ورائي سندس اکين ۾ ڏٺو‪ ،‬جن ۾ والين وارو‬


‫خواب ڪرموڙي رهيو هو“‪.‬‬
‫”هن ها ڪئي“‬
‫”مومل کي ڄڻ اوندهه ۾ ڏيئو نظر آيو“‬
‫صبح ٿيو‪ .‬سوڍل انگوشو مٿي سان ٻڌو ۽ شهپرن کي تيل‬
‫هنيو‪ .‬آئيني ۾ منهن ڏٺو ته مومل اچي پنو هٿ ۾ ڏنس!‬
‫پريان راڻي مرڪي ڏٺس‪ ،‬هن آئيني تي آخري نهار وڌي ته‬
‫ٻاهران در تي سڏ ٿيو‪.‬‬
‫”هن آئينو کٽ تي اڇليو‪ .‬والين وارو ڪاغذ کيسي ۾ وڌو ۽‬
‫ٻاهر نڪتو“‪.‬‬
‫”ٻاهر نڪتو ته سامهون خدو بيٺو هو“‪.‬‬
‫پٽ گهڻا ڏينهن ڏٽا ڏنا اٿئي ”اڄ پئسا ڏيڻا پوندئي‪.‬‬
‫سوڍل جي نڙي خـشڪ ٿي وئي هن کيسي کي مضبوطيَء سان‬
‫پڪريو‪....‬‬
‫”ڇا ٿو لڪائين“‬
‫”ڪجهه به نه“‬
‫”هيڏي ڪر“‬
‫”ادا خدن مون وٽ هن مهل ڪجهه به ڪونهي‪ ،‬مان تنهنجا پئسا‬
‫جيُء جيُء ڪري ڏيندس“‪.‬‬
‫”نه مون کي پئسا هاڻي کپن“‬
‫”ڳالهاَء ته مومل ۽ راڻي سري اچي در جي اوٽ ۾ بيٺيون“‬
‫”ڀاُء منهنجا مان پئسا توکي هفتي ۾ ڏيندم“‪.‬‬
‫خدن هڪ به نه ٻڌس‪ ،‬اڳتي وڌي کيسي ۾ هٿ وڌائينس‪.‬‬
‫ته سوڍل پوري طاقت سان کيس پري ڌڪو ڏنو‪....‬‬
‫خدن ڪاوڙ ۾ آيو ۽ چماٽ هنيائينس‪.....‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪138‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫”سوڍل واليون ڪڍي مٺ ۾ ڪيون“‬


‫خدن لت هنيس ته ڪري پيو‪.....‬‬
‫ٻه‪ ....‬ٽي چار‪ .....‬لتون پيٽ تي هنيائيس ته سوڍل کان دانهن‬
‫نڪري وئي‪.‬‬
‫راڻي ڀڄندي اچي پيُء کي چنبڙي ”بابا کي نه ماريو“‬
‫خدن گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڀيڪوڙيل مٺ نه ڇڏائي سگهيو‪.‬‬
‫راڻي کي روئيندو ڏسي سوڍل اڃا ڀي مٺ ڀيڪوڙي ڇڏي‪.‬‬
‫خدن بدنامي کان بچڻ الِء آخري زوردار لت سندس پيٽ ۾‬
‫اهڙي هنئين جو سوڍل کي اڀ ساهي ٿي پئي‪.....‬‬
‫خدن نڪري ويو‪.....‬‬
‫مومل مٿان آيس ته اعتبار قائم رکڻ الِء مٺ کولي مرڪي‬
‫ڏنائينس ۽ آخري هڏڪي ڏنائين‪........‬‬
‫واليون جرڪي رهيون هيون‪......‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪139‬‬
‫موٽي ايندس مان ‪ :‬ابراهيم کرل‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪140‬‬

You might also like