حويلي جا راز - ماڻڪ

You might also like

Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 106

‫ ماڻڪ‬: ‫حويليَء جا راز‬

www.sindhsalamat.com 1
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫حويليَء جا راز‬
‫(ڪھاڻيون)‬

‫ماڻڪ‬

‫ڊجيٽل ايڊيشن‪:‬‬
‫‪0202‬ع‬

‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪2‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ڪمپوزر پاران‬

‫انسان غلطين جو گهر آھي‪ ،‬ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي‪ .‬ان ڪري انسان جي لکت غلطين‬
‫کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي‪ .‬وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي‪ .‬ڪٿي‬
‫ڪا به غلطي ھجي ته ڪمپوزر پاران سمجهجو ۽ نشاندھي ڪجو‪.‬‬

‫شاھنواز ٽالپر‬
‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬
‫‪sntalpur@gmail.com‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪3‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫سنڌ سالمت پاران ‪:‬‬

‫سنڌ سالمت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”حويليَء جا راز“ اوهان‬
‫اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون‪ .‬ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ماڻڪ جي لکيل ‪81‬‬
‫ڪھاڻين جو مجموعو آھي‪ .‬ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو‪:‬‬
‫”ماڻڪ انھي دؤر جي پيدائش آھي جڏھن سنڌي ادب ۾ نئين ھل چل متل ھئي‪،‬‬
‫ادب ۾ جوش‪ ،‬جذبو‪ ،‬نعريبازي‪ ،‬قومي مزاحمت شامل ھئي پر ماڻڪ بلڪل ھڪ نئين‬
‫انداز ۽ اسلوب سان نروار ٿيو ھو‪ .‬ھو نہ اجايو اميد پرست ‪ optimist‬ٿيو نہ وري ھن‬
‫جوش جذبي کان ڪم ورتو‪ ،‬نہ وري ڏکن کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو اٿس‪.‬‬
‫ھو ڪٿي بہ رومانٽڪ انقالبي ڪردار تخليق نٿو ڪري نہ وري منافقي يا ٻھروپي سان‬
‫ادب کي اخالقي قدرن جي بخمل ۾ ويڙھي پيش ٿو ڪري‪ .‬پر ھن زندگي جيئن آھي‪،‬‬
‫سماج ۾ ماڻھو جيئن محسوس ڪري ٿو‪ ،‬جھڙن ڏکن ۽ اذيتن سان ھن جو واسطو پوي‬
‫ٿو‪ ،‬انھن کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو‪ .‬خاص طور سان وچئين طبقي جو مشاھدو‬
‫وٽس تيز آھي‪ .‬ھو ھڪ دؤر جي پيداور ھو‪ ،‬پر زندگيَء جي باري ۾ سندس اٿاريل‬
‫سوال ان سان الڳاپيل اخالقي قدرن وارا مونجهارا ۽ ڪردارن جي مزاحمت ھميشہ‬
‫پرڪشش رھندي‪“.‬‬
‫ماڻڪ جون ھي ڪھاڻيون مختلف وقتن تي مختلف نالن جي ڪتابن ۾ ڇپبيون‬
‫رھيون پر ‪3002‬ع ۾ روشني پبليڪيشن‪ ،‬ڪنڊياري پاران حويليَء جا راز جي نالي سان‬
‫ڇپايو ويو‪ .‬سنڌ سالمت پاران ڪوشش ۾ آھيون تہ سنڌي ڪتابن جي ڪالسڪ‬
‫ڪ ليڪشن اوھان تائين پڄايون ۽ ھي ڪتاب ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي‪ .‬ٿورائتا‬
‫آهيون پياري دوست‪ ،‬سنڌ سالمت جي مانواري ميمبر‪ ،‬بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز‬
‫ٽالپر جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سالمت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ‬
‫الِء موڪليو ‪.‬‬
‫سنڌ سالمت ساٿ سالمت‬

‫محمد سليمان وساڻ‬


‫مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )‬
‫سنڌ سالمت ڊاٽ ڪام‬
‫‪sulemanwassan@gmail.com‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪4‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫سٽاُء‬

‫‪60‬‬ ‫شوڪت حسين شورو‬ ‫‪ ‬اگهاڙو سچ‬


‫‪60‬‬ ‫ماڻڪ‬ ‫‪ ‬آس نراس‬

‫ڪھاڻيون‬

‫‪16‬‬ ‫‪ .1‬حويليَء جا راز‬


‫‪11‬‬ ‫‪ .2‬ٻاھر ٻاڦ نه نڪري‬
‫‪20‬‬ ‫‪ .3‬حقيقت ۽ دوکو‬
‫‪41‬‬ ‫‪ .4‬ھڪ ڪھاڻي سواِء سري جي‬
‫‪56‬‬ ‫‪ .5‬پالند‬
‫‪54‬‬ ‫‪ .0‬ڪاري‬
‫‪59‬‬ ‫‪ .0‬پھرين انام ڪھاڻي‬
‫‪00‬‬ ‫‪ .1‬ٻي انام ڪھاڻي‬
‫‪04‬‬ ‫‪ .9‬ٽين انام ڪھاڻي‬
‫‪00‬‬ ‫‪ .16‬بيٺل ڦيرو‬
‫‪12‬‬ ‫‪ .11‬وقتائتو موت‬
‫‪15‬‬ ‫‪ .12‬ڪالرڪ جي پھرين تاريخ‬
‫‪19‬‬ ‫‪ .13‬اتساھ جو موت‬
‫‪92‬‬ ‫‪ .14‬مئل زندگي‬
‫‪91‬‬ ‫‪ .15‬نوٽ بڪ ‪ /‬ڊائريَء منجهان‬
‫‪166‬‬ ‫‪ .10‬انسان بوِء – انسان بوِء‬
‫‪162‬‬ ‫‪ .10‬روبوٽ‬
‫‪163‬‬ ‫‪ .11‬گيس چيمبر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪5‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫اگهاڙو سچ‬

‫شوڪت حسين شورو‬

‫ماڻڪ بيرحم‪ ،‬ظالم ۽ قاتل ليکڪ‪ ،‬سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان ھٽيل‪ ،‬ڪٽيل ۽ الڳ‪.‬‬
‫جنھن کي سنڌي ادب جا تارا ٺيڪيدار ليکڪ مڃڻ الِء ئي تيار نه آھن ۽ پڙھندڙ ھن کي شوق سان‬
‫پڙھڻ کان پوِء گاريون ڏيندا آھن‪.‬‬
‫ڏسڻ ۾ بنھه سادو‪ ،‬اٻوجهه پر اصل ۾ ميسوڻو‪ .‬اڳ ۾ گرم بحث ڪندڙ‪ ،‬ھاڻي گهڻو ڪري خاموش‬
‫رھندڙ‪ ،‬من ۾ خطرناڪ ڳالھيون سوچيندڙ ۽ رڳو سوچيندڙ نه‪ .‬جيڪڏھن ھو اھي خطرناڪ‬
‫ڳالھيون من ئي من ۾ سوچيندو رھي ته اسين سڀ ڍڪ ۾ رھون ھا‪ .‬اسين سڀ االئجي ڇا ڇا‬
‫سوچيندا آھيون‪ ،‬االئي ڇا ڇا ڏھاڙي ڏسندا رھيا آھيون – گنديون‪ ،‬ڪنيون‪ ،‬واھيات ڳالھيون‪ .‬پر‬
‫پاڻ ئي انھن تي لڄي ٿيندا آھيون‪ ،‬پنھنجو پاڻ کي ڇنڀيندا آھيون ۽ مڃڻ کان انڪار ڪندا‬
‫آھيون ته اسان جي چؤطرف اھو گند به آھي‪.‬‬
‫اسان وٽ ڪالسيڪي چوڻي آھي ته گند کي ڦلھوڙيو ته ڌپ ڪندو‪ .‬ھن نئين دور ۾ اسين سچ‬
‫لڪائڻ جي خالف آھيون‪ ،‬اسين سڀ حقيقت پسند آھيون‪ ،‬پر ان سان گڏ مھذب پڻ آھيون‪ ،‬اسين‬
‫سچ کي‪ ،‬حقيقت کي ڪپڙا پھرائي پيش ڪندا آھيون‪.‬‬
‫۽ ماڻڪ جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ آھي ئي اھو ته ھو اگهاڙو سچ ٿو پيش ڪري – ھن حقيقت تان ڪپڙا‬
‫الھي ڇڏيا آھن‪ .‬آئون ڄاڻان ٿو ته اسان مان گهڻا ان ڳالھه کي قبول نه ڪندا‪ .‬ھا‪ ،‬جي چاھين ته‬
‫ماڻڪ کي دل کولي گاريون ڏئي سگهن ٿا‪ ،‬پر اھو خيال رکن وڏي وات گاريون ڏيندي گڦون‬
‫وھائيندي‪ ،‬رڙيون ڪندي‪ ،‬ڪٿي چريا نه ٿي پون ۽ ڪپڙا الھي رستن تي ڊوڙڻ نه لڳن‪ .‬نه‪ ،‬اسين‬
‫مھذب ماڻھو آھيون‪ .‬اسين رڳو بڇڙو ڪنداسين ۽ ماڻڪ کي آھستي آھستي فضيلت سان ٻه ٽي‬
‫ڪچيون گاريون ڏيئي ڇڏينداسين‪ .‬تھذيب ۾ رک رکاَء‪ ،‬مصلحت پسندي ۽ توڙي منافقت اڻ ٽر‬
‫آھن‪.‬‬
‫۽ انھن ئي ڳالھين کي نون ڪھاڻيڪارن ڦٽي ڪري ڇڏيو آھي‪ ،‬ٿڏي ڇڏيو آھي‪ .‬روايتن جو ليڪو‬
‫لنگهي ويندڙ‪ ،‬اگهاڙو سچ پيش ڪندڙ – لڙھندڙ نسل جا ليکڪ – جن ڪڏھن پيغمبر ھئڻ جي‪،‬‬
‫سونھين ھجڻ جي دعوى نه ڪئي آھي‪ .‬ھو پنھنجي ذھن جو‪ ،‬پنھنجي وجود جو بار لکڻ وسيلي الھڻ‬
‫چاھين ٿا‪ .‬۽ اھو رڳو ھنن جو بار ڪونھي‪ ،‬سڄي نئين ٽھيَء جو بار آھي‪ ،‬نين حالتن جو بار آھي‪.‬‬
‫ماڻڪ ان بار الھڻ جي‪ ،‬اسان سڀني کي آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي‪.‬‬

‫شوڪت حسين شورو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪6‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫آس ‪ /‬نراس‬

‫ماڻڪ‬

‫اوندھ انڌڪار‪ ،‬ڄڀون وڍيل‪ ،‬ڪڇڻ ڏوھ بڻيل‪ .‬سنڌ‪ :‬ھڪ تاريخي سچائي‪ .‬سنڌ تنھنجو نانُء‬
‫ورتم‪ ،‬ڄڻ ڪاريھر تي پير پيم – (شيخ اياز)‪ .‬مڃيل سچائين ‪ /‬حقيقتن کان انڪار‪ ،‬ٻئي پاسي‬
‫سڄي ڌرتي تي واڙيل انسان گيس چيمبر ۾ بند‪ .‬وڏا واڪا‪ ،‬تن ۾ ھڪ ئي پڙاڏو‪ .‬جو اسين چئون ٿا‬
‫‪ /‬ٻاڪاريون ٿا‪ ،‬سو ساڀيان آھي! ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ھن ديس ۾ ‪. . . . . .‬‬
‫جنھن دؤر مان اسان گذري رھيا آھيون‪ ،‬جڏھن تاريخ جي ڦيٿن کي‪ ،‬تاريخ جي قاعدن ۽ انسان‬
‫جي تخليقي سوچ بدران ارھ زورائي سان پوئتي ڌڪيو پيو وڃي‪ .‬انھن حالتن ۾ قومي ادب وسيلي‬
‫اظھار وڏي اھميت رکي ٿو‪ :‬پر جيڪڏھن وڌاُء کان ڪم نه وٺون ته‪ :‬جنھن حالتن مان اسان گذري‬
‫رھيا آھيون‪ ،‬تن ۾ ادب‪ ،‬ٺلھو ادب پيدا ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه نه آھي‪ ،‬پر ھڪ ساھ پساھ کڻندڙ‪،‬‬
‫سرت رکندڙ ۽ ساڃھه ڀريو ذھن رکندڙ جي حيثيت سان اسان تي ٻيون به گهڻيون ذميواريون پون‬
‫ٿيون‪ .‬اھي ذميواريون جيڪي واڙيل ۽ خاص طور نسل ڪشي جي شڪار ٿيل وارن ساڃھه انسانن‬
‫تي ٻڌل قوم تي پون ٿيون‪ .‬ھن ڏس ۾ ادب جي اھميت ۽ ان جي ڪردار کان انڪار ڪرڻ ناممڪن‬
‫آھي‪ .‬ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ اھڙين حالتن ھيٺ‪ ،‬جن مان اسان گذرون پيا ادب نھايت نمايان ۽ ڀرڀور‬
‫ڀاڱو ورتو آھي‪ .‬۽ نه رڳو پاڻ – سجاڳي يا ساڃھه‪ ،‬جيڪا پنھنجي ئي کل ۾ بند ٿيل ھجي‪ ،‬ڪو‬
‫نتيجو ڪڍي ٿي‪ ،‬جيستائين ان کي‪ ،‬ڦرندڙ ۽ تاريخي گهرجن پٽاندڙ عملي روپ نٿو ڏجي‪ .‬ادب يا‬
‫اديب به ھن کان آجو ڪونه آھي‪ ،‬ڀال ٻيو ڪجهه به نه ٺلھو ذڪر ته ڪري سگهجي ٿو‪ .‬ڇاڪاڻ ته ‪:‬‬
‫اديب ‪ /‬قوم جي ذميدار ڪردارن مان ھڪ آھي‪.‬‬
‫ڪنھن به قوم جي وجود جي ناتي سان گڏ‪ ،‬تخليقي ادب کان انڪار ڪرڻ – ته سچائي کان‬
‫منھن موڙڻ آھي‪ ،‬پر اکيون بند ڪرڻ پڻ‪ .‬جو ڪجهه وس ۾ آھي‪ ،‬۽ قاعدن قانونن جي زنجير ۾ ڦاٿل‪،‬‬
‫پر اتساھ سان ڀريل‪ ،‬۽ جئري جاڳندي احساس سان ٽٻ ٽار ٿيل‪ ،‬جيڪڏھن اھا ڳالھه کليل لفظن ۾‬
‫چئجي ته‪ :‬قومي ڏوھ جو احساس – ٽياس تي ٽنگيل نوجوان‪ ،‬پنھنجي ذاتي‪ ،‬قومي ۽ مان واري جياپي‬
‫الِء اوسر ۽ اڳتي وڌڻ الِء‪ ،‬ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ پاڻ پتوڙيندا رھن ٿا‪ .‬ادب جي تخليق انھن‬
‫روين مان ھڪ آھي‪ .‬ڄڻڪ گهاٽ ي ڪاري ڪڪر ۾ ڦاٿل‪ ،‬سج مان نڪتل ترورو‪ ،‬جئري جاڳندي‪،‬‬
‫پر وڪڙ ۾ آيل‪ ،‬ڦاٿل پساھ جي ھڪ انساني ناتي‪ ،‬سماجي طور قومي وجود رکندڙ ساڃھه ۽ حساس‪،‬‬
‫انسان جي پنھنجي سڃاڻپ ۽ قومي آئڊنٽٽي جي بقا الِء‪ ،‬پاڻ کي جيئرو رکڻ ۽ اڳتي وڌائڻ الِء‪،‬‬
‫آڪاش سان پاڻ مالئڻ الِء ۽ دنيا جي قومن سان ڪلھو ڪلھي ۾ مالئڻ الِء‪.‬‬
‫پر اسان الِء بنيادي سوال آھي‪ .‬سڀ کان پھرين پنھنجو جياپو‪ ،‬قومي سڃاڻپ سان‪ .‬ھن وقت جن‬
‫حالتن مان اسان گذرون پيا‪ ،‬انھن پٽاندڙ جيڪڏھن اسين ٺلھو ۽ ٺلھو رڳو ادب تي ڀاڙينداسين‬
‫(ادب جي اھميت کان انڪاري نه ٿيندي) ته اھا تاريخ سان ۽ پنھنجي وجود سان ويساھ گهاتي‪ ،‬دغا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪7‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫۽ پاڻ ٺڳڻ جي برابر ٿيندو‪ .‬ھن مامري ۾ ھي حقيقت ڪنھن به حالت ۾ اسان کي ذھن ۾ رکڻ‬
‫گهر جي ته اسين نه روسي آھيون‪ ،‬نه ويٽنامي‪ ،‬نه ڪيوبائي ۽ نه ئي وري آفريڪي‪ .‬بنيادي تبديلن‬
‫جي ڏس ۾ ٻين جي تجربن مان سکي ۽ پرائي ته سگهجي ٿو‪ ،‬جو اھي تجربا‪ ،‬پوِء سماجي تبديلين‬
‫جا ھجن يا سائنسي اوسر جا‪ ،‬ڪنھن خاص ملڪ جي‪ ،‬قوم جي ميراث نه ھوندا آھن‪ ،‬پر پوري انسان‬
‫ذات جي ملڪيت ھوندا آھن‪ .‬ان مان اھو مطلب نه وٺڻ گهر جي ته ‪ :‬اسان جيئن جو تيئن انھن جي‬
‫ڪاپي ڪيون‪ .‬قومي بقا ۽ اوسر جي بنيادي تبديلين ۾ تخليقي سوچ ته بنيادي عنصر آھي‪ ،‬پر‬
‫تاريخ مان پرائيندي‪ ،‬قوم جي نفسيات‪ ،‬مزاج‪ ،‬حالتن‪ ،‬ڦيرن ڦايرن ۽ ويرن جي اٽڪلن‪ ،‬چالن کي به‬
‫آڏو رکڻو پوي ٿو‪ ،‬۽ ان کان پوِء ئي پنھنجي سرجڻ‪ ،‬بقا ۽ اوسر الِء پتوڙڻ جي حڪمت عملي ۽ ٽلن‬
‫۽ اٽڪلن جي جوڙجڪ ڪرڻي پوي ٿي‪ ،‬وقت ۽ موقعي مطابق ڦيرڦار ٿي پوي ٿي‪ .‬اڳواٽ گهڙيل ۽‬
‫ٿاڦيل نظرين )‪ (Degmes‬جي پوئواري‪ ،‬انڌي جي لٺ آھي‪ ،‬جيڪا گهڻو ڪري پنھنجن کي ئي‬
‫ٿڙي لڳندي آھي‪ .‬ھن ڏس ۾ گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو پر ‪. . .‬‬
‫ادب ۽ حياتي ڄڻ ڪو ھڪ ٻئي الِء ئي جنم ورتو آھي‪ .‬جتي ادب زندگي مان تخليق ٿئي ٿو‪ .‬اتي‪،‬‬
‫ادب به زندگي کي تخليق ڪري ٿو‪ .‬اسان وٽ اڄڪلھه جيڪو ڪجهه ماٺي ماحول جي باوجود ادب‬
‫‪/‬شاعري سرجي ٿي پئي‪ ،‬ان ۾ وقت جي اولڙي سان گڏ‪ .‬خاص طور فارم ۾ ڪيترائي ۽ سٺا ۽‬
‫ڪامياب تجربا ڪيا ويا آھن‪ .‬ادبي لحاظ کان اسان جي آڏو انھن جي اھميت آھي‪ ،‬جو اسين‬
‫پنھنجي فني اظھار جا ڪيترائي روپ پڌرا پيا ڪيون‪ .‬البت ھن ڏس ۾ الڙي جي خيال کان‪،‬‬
‫ڪيترن ئي ادبي – فني اختالفي مسئلن منھن ڪڍيو آھي‪ .‬مثال طور ڀاڄوڪڙائپ )‪(Escapism‬‬
‫فراريت‪ ،‬نراسائي‪ ،‬رجعت پسندي‪ ،‬ابھام‪ ،‬تجريت‪ ،‬ذھني مونجهارا وغيره‪ .‬ان کي ليکڪن ۾ پيدا‬
‫ٿيل نراسائي چئي سگه جي ٿو‪ ،‬پر ٻئي سري سان ڏٺو وڃي ته تاريخ جي سچائي کي پيش ڪيو ويو‬
‫آھي‪ .‬ڇاڪاڻ ته‪ ،‬جنھن دؤر مان اسان گذري رھيا آھيون‪ ،‬ان ۾ ھڪ بي وس ماڻھو حياتي کان بڇان‬
‫ڪري سگهي ٿو‪ .‬البت جيتري قدر نراسائي يا بي مقصديت جو الڳاپو آھي‪ ،‬سا ھڪ عام فضا آھي‪.‬‬
‫ڪارڻ پڌرا آھن‪ .‬سڀڪو ئي ڄاڻي ٿو‪ .‬اڄ جي ليکڪن جو ڏوھ اھو آھي ته اھي‪ ،‬تاريخ سان سچار‬
‫آھن‪ ،‬جڏھن ان جو اھڙو اظھار ڪن ٿا‪ ،‬جيڪو اظھار ‪ ،‬اسان جي ھلندڙ تاريخ جو ڀاڱو آھي‪ .‬ھن‬
‫حقيقت کان انڪار ڪرڻ اکيون پورڻ برابر ٿيندو ته‪ :‬سماجي‪ /‬قومي گهوٽ الي ۾ جيڪڏھن‬
‫مثبت سگهه )‪(positive force‬سگهاري نه آھي ته ذات جو بحران‪ ،‬ھڪ منطقي نتيجو ٿئي ٿو‪.‬‬
‫اھا نراسائيَء جي فضا ھوندي به ائين چوڻ ڪونه جڳائي ڇاڪاڻ ته اديب جو ذھني معيار عام‬
‫ماڻھو جي ذھني معيار کان پختو ھوندو آھي‪( .‬جيئن ته اديب ساڳي ئي ماحول ۾ رھندي به عام ماڻھو‬
‫کان شعوري طرح اڳڀرو ھوندو آھي) پر سماج ۾ الشعوري ڪيفيت مان سرجيل نراسائيَء جي‬
‫رنجھه‪ -‬ڪنجھه ڀوڳيندي‪ ،‬ليکڪ کي گهرجي ته پنھنجي لکڻين ۾ اتساھ جاڳائيندڙ آئيڊيل‬
‫ڪردار تخليق ڪري‪ .‬جيئن ”نراسائي اميد جو وڳو پھري‪“.‬‬
‫مايوسي ليکڪ جي ذھن تي ڪڏھن ‪ ،‬ڪڏھن ته گهڙي کن الِء ايندي به آھي‪ .‬جيئن شاھ جي من‬
‫تي – ”ڪڏھن‪ ،‬ڪڏھن ھينئڙا وڻين نٿو مور‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪8‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫بس نراسائي ۽ مايوسي ليکڪ جي من تي ڌرڻو ماري ويھي نه رھي‪ .‬اھا مايوسي به سونھين‬
‫جيڪا اميد جي آسري ۾ ھوندي آھي‪ .‬منھنجي ليکڪ الِء ڏنل ھنن لفظن تائين راِء‪ ،‬منھنجي نظر‬
‫۾ اڄ جي سچار ليکڪ الِء آھي‪.‬‬
‫ڪن کان رڳو انڪساريَء سان اھو سوال آھي ته‪ :‬انقالب جي بنيادي گهرجن پٽاندر‪ ،‬ٻين لفظن‬
‫۾ )‪ (Objective and Subjective‬حالتن ڇا ڪيو آھي‪ .‬ماڻھن سان الڳاپي جا ڪيترائي روپ‬
‫آھن‪ ،‬گهرجن پٽاندر انھن منجهان اتساھ پيدا ڪرڻ الِء ڇا ڪيو آھي؟ ھاڻي فرض ڪيون‪ ،‬ته رڳو‬
‫ليکڪ جو مامرو آھي ته‪ :‬ٺلھو الزام ھڻندڙ‪ ،‬ھٿ ٺوڪيون بزرگن ۽ پنھنجي تجربي جون لٻاڙون‬
‫ھڻندڙ ليکڪن ڪھڙيون مثبت ۽ تعميري وکون کنيون آھن‪ .‬ٻڌي يا تنظيمي ڏس ۾ مڙني کي ھڪ‬
‫ھنڌ گڏ ڪرڻ الِء؟ ھي ڪنھن جو فردي سوال ناھي‪ ،‬پر تاريخ جو سوال آھي‪.‬‬

‫ماڻڪ‬

‫نواب شاھ‬
‫‪1911-12-69‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪9‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫حويليَء جا راز‬

‫ٻنپھرن جي مھ ل هئي‪ ،‬آئون حڪيم خير محمد جي حيدري شفاخاني ڏانهن وڃي رهيو هوس‪ .‬پري‬
‫کان ئي ڏٺم ته حڪيم صاحب پراڻي ڪاٺ جي صندل تي پلٿي ماريو‪ ،‬کرل ۾ ڪنهن دوا جو‬
‫سفوف ڪري رهيو هو‪ .‬معمول پٽاندر سندس مٿيون چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙيل ۽ هيٺيون چپ ٻاهر ڊولو‬
‫ٿي نڪتل هو‪ .‬مونکي پري کان ئي ڏسي‪ ،‬کرل کي پري ريڙهي هٿ گوڏ سان اگهيائين‪ .‬جڏهن حيدري‬
‫شفاخاني جي چانئٺ اڪري‪ ،‬پير اندر رکيم ته حڪيم اٿي‪ ،‬اڳتي وڌي‪ ،‬اڪير مان ڀاڪر پائي‪،‬‬
‫پنهنجو وات منهنجي ساڄي ڪن تي آڻي چيو‪” ،‬ڪجهه ٻڌو اٿئي؟” مون اتي ئي ڪنڌ سان ناڪار‬
‫ڪري چيو‪“ ،‬نه‪ ”.‬پو هندن جي زماني واري هڪ ڇڳل موڙي کي ريڙهي مون کي ويهڻ جو اشارو‬
‫ڪيو‪ .‬آئون ويهي رهيس‪ .‬هن چوڌاري رازدارانه نموني نظر ڦيرائي ۽ منهنجي ويجهو اچي آواز کي‬
‫تمام هلڪو ڪري چيائين‪” ،‬ڪجهه به نه ٻڌو اٿئي؟“‬
‫”نڪي‪ ،‬پر ڇا جي باري ۾؟“‬
‫حڪيم جواب نه ڏنو‪ ،‬پٺ واري دري مان چورن وانگر ليئو پائي وري مون ڏي ڏٺائين ۽ پنهنجا ڳاڙها‬
‫گول گول دوڏا ڦاڙي چيائين‪ ” .‬اڙي حيف ٿئي‪ ،‬ههڙي خوشخبري به نه ٻڌئي ته پو ڄڻ ڄائو ئي ناهين‬
‫ٻيو‪ ،‬جهل ته ڏسيان ٿو‪ ،‬ٻاهر ڏسان ته ڪا پهر ته ڪانهي‪ “.‬ائين چئي حڪيم ٻاهر جو سما ڪري‬
‫نڪري ويو‪ .‬مون کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته آخر اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي‪ ،‬جو حڪيم اهڙي‬
‫رازداري پيو رکي ۽ ٻڌائڻ ال جبل جيڏا سانباها پيو ڪري‪ .‬ڪافي سوچ بعد به مان ڪنهن نتيجي‬
‫تي پهچي نه س گهيس‪ .‬نيٺ حڪيم پنهنجي چمپلي سان ڦر ڦر ڪندو اندر آيو‪ .‬اچڻ شرط پنهنجو‬
‫منهن منهنجي ڪن جي ويجهو آڻي چيائين‪” ،‬ھيڏي ٻڌ‪“.‬‬
‫”ھا‪“.‬‬
‫”سائين ڏنل شاهه جي ننڍي نينگري ڀڄي وئي ‪“ . . .‬‬
‫”هان! ڇا چيئه!؟“‬
‫” اڙي آهستي‪ ،‬حويلي ڀر ۾ آهي‪ ،‬ميان ڀتين کي به ڪن آهن‪“.‬‬
‫”سائين ڏنل شاهه جي ننڍي ۾ ننڍي نينگر‪“ . . .‬‬
‫” ‪ . . .‬جيڪا هاڻ سامائي هئي ۽ اڃا تازو هفتو اڳ قرآن شريف کي بخشائي هئائون‪“.‬‬
‫”ڪنهن سان ڀڳي؟“‬
‫”جمعي شيدي سان‪“.‬‬
‫”جمعو شيدي! ڪهڙو جمعو شيدي؟“‬
‫” اڙي اهو ئي جمعو شيدي‪ ،‬جيڪو حويلي جو پاڻي ڀريندو هو‪ .‬جنهن کي ڏاڏو‪ ،‬ڏاڏو ڪري ڪونه‬
‫چوندا هئاسين‪“.‬‬
‫”اڙي اهو! دانگي جهڙو روڏو دک!“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪10‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”هائو‪ ،‬هائو‪ ”،‬حڪيم وڏي رازدانه نموني ۽ انتهائي آهستي آهستي ڳالهائي به رهيو هو ته پنهنجا‬
‫ڳاڙهي گول گول دوڏا به ڦرڙائي رهيو هو‪ .‬آئون سن وچان حڪيم جو منهن تڪي رهيو هوس‪.‬‬
‫” اڙي واڇ گودو ٿي وئي اٿئي‪ ،‬سمجهين ڇا ٿو ٻچا‪ .‬زمانو ترقي تي آهي‪ .‬ماڻهو چنڊ تي پيا‬
‫پهچن‪......‬؟“‬
‫ساهه روڪي الڳيتو ڳالهائڻ ڪري‪ ،‬حڪيم جو سينو ڀرجي آيو ۽ وات سان ڊگهو ساهه ڪڍي‬
‫اڳتي چوڻ لڳو‪” ،‬آخر هي ڪيستائين قھر جا ڪوٽ رهندا‪ ،‬نيٺ ته ڪرندا‪ .‬ڌين سان ظلم ته ڏسو‪،‬‬
‫انسان جي قرآن سان شادي! سا به زائفان! حڪيم جالينوس جو قول آهي ته عورت کي مرد کان‬
‫چاليهه دفعا وڌيڪ نفسياتي خواهش ٿيندي آهي‪ .‬چڱو ڪيائين‪ .‬نه ته حويلي ۾ عمر ڳري وڃيس‬
‫ها‪ ،‬عمر‪ .‬جيئن ٻين بيبين جون عمريون پيون ڳرن‪ .‬هون! قرآن سان ٿي عورت پرڻجي‪ .‬واهه ڙي سنڌ‬
‫جا سيد ‪“ . . .‬‬
‫حڪيم پنهنجي منهن ڳالهائيندو رهيو‪.‬‬
‫حڪيم جون اهي ڳالهيون ٻڌي‪ ،‬منهنجي ذهن ۾ هڪ ٽاٽ ڏيندڙ ڪرنٽ اڀريو‪” ،‬سائين ڏنل شاهه‬
‫جي ننڍي ۾ ننڍي نينگر؟ اڙي ان جو نالو شاهه بانو هو‪ .‬وڏي بيبي کيس پيار مان شاهو ڪري‬
‫ڪوٺيندي هئي‪ .‬شاهو؟ ڏاڏي شيدي سان ڀڄي ويئي! ڏاڏي شيدي سان!! هڪ روڏو‪ ،‬بنو ۽ دک جهڙو‬
‫بن مانس‪ ،‬ان سان!!“ مون بي خيالي ۾ ڀڻڪيو ۽ حڪيم ڏي نهاريم ته ڪٿي هن ٻڌو ته ڪونه‪ .‬پر‬
‫هو وري پنهنجي ڌن ۾ محو‪ ،‬کرل ۾ دوا کرڙي رهيو هو ته پنهنجي منهن ڳالهائي به رهيو هو‪.‬‬
‫خيالن جو سيالب ڄڻ‪ ،‬ذهن جي وسيع وادي ۾ پلٽجي پيو ۽ الشعور جي کنڊرن ۾ تهه ٿيل ننڍپڻ جي‬
‫ماضي جون يادگيريون ميڻ وانگر وڃي شعور جي سطح تي اچڻ لڳيون‪.‬‬
‫”مان جڏهن ننڍو هوس‪ ،‬اٺن‪-‬نون سالن جو‪ .‬سيدن جي حويلي مان ڏڌ وٺڻ ويندو هوس‪ .‬مائي ساران‬
‫جيڪا سيدن جي سڀني کان جهوني ٻانهي هئي‪ ،‬سا ڏڌ ولوڙيندي هئي‪ .‬آئون هر روز صبح جو خالي‬
‫ٽڀو کڻي مائي ساران جي ڀر ۾ وڃي رکندو هوس‪ .‬ٻيا به ڪيترا ڳوٺ جا ننڍا نينگر ۽ نينگريون‪ ،‬ڏڌ‬
‫وٺڻ الِء ٽڀا‪ ،‬جست جا لوٽا ۽ چونئريون کڻي اچي مائي ساران جي ڀر ۾ رکندا هئا‪ .‬ڏڌ ولوڙجڻ تي‬
‫مائي ساران سڀني کي ونڊي ڏيندي هئي‪ .‬مان عمر ۾ سڀني نينگرن کان وڏو هوس‪ .‬حويلي ۾ ٻيون‬
‫ٻانهيون به هونديون هيون‪ .‬جوان جماڻ‪ ،‬اڌڙوٽ ۽ پوڙهيون‪ .‬سڀ سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڪم‬
‫۾ رڌل رهنديون هيون‪ .‬وڏي بيبي سڄو ڏينهن هندوري ۾ پيئي هوندي هئي‪ ،‬جو ڪا بيماري هيس‪،‬‬
‫جنهن ڪري گهڻو هلي ڦري ڪانه سگهندي هئي‪ .‬سائين ڏنل شاهه ڪڏهن ڪڏهن حويلي ۾ ايندو‬
‫هو‪ .‬نه ته اڪثر ڪري نئين ٺهرايل بنگلي ۾ رهندو هو‪ ،‬يا وري ڪراچي يا الهور ۾‪ .‬حويلي ۾ سڀني‬
‫جي الڏ ڪوڏ ۽ پيار جو مرڪز سائين ڏنل شاهه بادشاهه جي سڀ کان ننڍي نياڻي شاهه بانو هئي‪.‬‬
‫بيبي وڏي کيس پيار وچان شاهو ڪري ڪوٺيندي هئي‪ .‬شاهو سڄو ڏينهن حويلي ۾ پئي ڪڏندي‬
‫۽ ٺينگ ٽپا ڏيندي هئي‪ .‬ڪڏهن اڱڻ ۾ ته ڪڏهن اندر هجرن ۾‪ .‬سائين کي پٽيلو اوالد ته هو ئي‬
‫ڪونه‪ ،‬سوا ٻن نياڻين جي‪ .‬شاهو ننڍي هئي‪ ،‬انڪري سڀ هن کي گهڻو ڀائيندا هئا‪ .‬شاهو! جيڪا‬
‫رات ڏاڏي شيدي سان ڀڄي وئي‪ .‬تنهن جي ڄمار ان وقت شايد نو‪-‬ڏهه سال کن هئي‪ .‬سندس منهن‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪11‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫گول مٽورڙو هو ۽ رنگ ڳاڙهاڻ مائل اڇو‪ .‬اڳڙين جي گڏي جي ڪارن ڌاڳن سان ٺهيل اکين وانگر‬
‫سند س اکيون به چيريل ڪاريون ڪٽاريون هيون‪ .‬تنهن مٿان ترار وانگر جڙيل ڪارا گهاٽا ۽‬
‫جڙوان ڀرون ڏاڍا ٺهندا هيس‪ .‬بس‪ ،‬سوني تي سهاڳ‪ .‬جڏهن ٻانهي وچان سينڌ ڏئي‪ ،‬سندس چوٽي‬
‫ڇڪي ٻڌندي هئي‪ ،‬ته سندس ويٺل پيشاني اڌ چنڊ وانگر جرڪندي نظر ايندي هئي‪ .‬حويلي ۾‬
‫شاهو جي وڏي ڀيڻ رهندي هئي‪ .‬بيبي جنت‪ ،‬سائين ڏنل شاهه جي وڏي نياڻي بيبي جئان شاهو کان‬
‫اٽڪل ٽي چار سال کن وڏي هئي‪ .‬ان جا مهانڊا به هوبهو شاهو جهڙا هئا‪ .‬شاهو اڃا ٽڙندڙ مکڙي هئي‬
‫ته بيبي جنان بهار ۾ جوڀن تي رسندڙ ٽڙيل گل‪ .‬جنهن جيون‪ ،‬نازڪ‪ ،‬نرم ۽ لسيون پنکڙيون چڱي‬
‫طرح کليل هونديون آهن ۽ ڀونئري ال مقناطيسي ڇڪ رکنديون آهن‪ ،‬هن جي سڳنڌ موسم بهار‬
‫جي صبح صادق ۾ ٽڙيل گلن وانگر پري کان ئي محسوس ٿيندي آهي ۽ پاڻ ڏانهن بي ساختگي‬
‫ڪشش ڪندي آهي‪“.‬‬
‫ننڍپڻ جي يادگيرين جو سلسلو هلندو هيو‪ .‬سنڌو جي وهڪري جيان‪:‬‬
‫”مان سيدن جي حويلي مان ڏڌ وٺڻ ويندو هوس‪ .‬شاهو اڃا ننڍي هئي‪ ،‬تن ڏينهن بيبي جنان به‪ .‬شاهو‬
‫وانگر قرآن شريف کي بخشائي هئائون‪ .‬جو سيدن جو ڪو اهڙو نينگر ڪونه هو‪ .‬تنهن کانسوا چون‬
‫پيا ته اصل ڳالهه ملڪيتي حصي جي ورهاڱي جي هئي‪ .‬ڏاڏي‪ ،‬جيڪا بخشائڻ جي ريت تي ويئي‬
‫هئي‪ ،‬تنهن ڳالهه ٿي ڪئي ته‪” ،‬بيبي کي ڪنوار وانگر سينگاريو هئائون‪ .‬کيس ريشمي ڳاڙهو وڳو‬
‫پهريو ويو هو‪ .‬سندس هٿن تي ميندي التي وئي هئي‪ .‬قرآن پاسي کان رحل تي پيو هو ۽ بيبي‬
‫گهونگهٽ ۾ شرمايو (يا پو ڊڄيو) منهن هيٺ ڪيو ويٺي هئي‪“.‬‬
‫سندس دل ٻڏي رهي هئي‪ ،‬سهاڳ رات جي باري ۾‪ ،‬خيالن ئي خيالن ۾‪ ،‬اڻ ڄاتل خوف‪ ،‬گهري پر‬
‫لطف در د ۽ اڻ چکيل بي انتها خوشي جي نازڪ ڌاڳن سان اڻيل سهڻن خوابن‪ ،‬سڄڻ سان ملي هڪ‬
‫ٿي وڃڻ جي اونهي تڙپ ۽ جواني جي سيانڍيل جوان‪ ،‬ڪنوارن امنگن جي اٿاهه ساگر ۾ ٻڏڻ بجا‪،‬‬
‫ڀر ۾ ريشمي پوتين ۾ ويڙهيل قرآن شريف جي ڊپ ۾ ٻڏي رهي هئي‪ .‬قرآن شريف جي ڀرسان‪ ،‬هڪ‬
‫ڪائي جي پيالي ۾ ڪا فور جلي رهيو هو‪ .‬جنهن جي خوشبو سڄي ڪوٺي ۾ پکڙجي وئي هئي‪ .‬اتي‬
‫موجود هڪ البيلي جوان نينگر کي لڳو ته‪ ،‬ان پيالي ۾ ڄڻ بيبي جا جوان امنگ ۽ ڪنوارا خواب‬
‫جلي رهيا آهن‪ ،‬جي جلي جلي رک ٿي ويندا‪.‬‬
‫قرآن شريف سان شادي ڪرڻ کانپو بيبي جنان کي دورا پوڻ لڳا هئا‪ .‬حويلي ۾ سڀ چوندا هئا ته‬
‫قرآن شريف شادي ڪرڻ ڪري‪ ،‬بيبي ۾ سيد خاندان جو ڪو نيڪ روح اچي واسو ٿو ڪري‪ .‬پر‬
‫ڳوٺ جي مسيت جو مولوي صاحب چوندو هو ته روح ڪڏهن به هن گنهگار دنيا ۾ اچي نٿو سگهي‪.‬‬
‫باقي بيبي کي جن ٿو اچي‪ .‬جن به ڍيڍ جن‪ ،‬جيڪو جنن جو سردار آهي ۽ خاص سيدن جي گهرن‬
‫جو مهمان ٿيندو آهي‪ .‬جڏهن بيبي جنان ۾ جن اچي واسو ڪندو هو ته هو سڄي ڳاڙهي ٿي ويندي‬
‫هئي‪ .‬ڄنڊا کولي ڪنڌ ڌوڻيندي هئي‪ .‬سندس سڄو بدن گرم ٿي ڦڙڪڻ لڳندو هو ۽ جيڪو به‬
‫سندس ڀر ۾ ويندو هو‪ ،‬ان کي ڀاڪر پائي چڪ هڻندي هئي‪ ،‬رانڀوٽا پائيندي هئي‪ ،‬ان جي چمڙي‬
‫چوسي رت ڪڍي ڇڏيندي هئي‪ .‬ج يستائين منجهس جن هوندو هو‪ ،‬تيستائين جنهن ماڻهو يا شي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪12‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫۾ ڀاڪر هوندو هوس‪ ،‬ان کي زوري پاڻ ۾ ڀڪوڙي‪ ،‬پاڻ کي لوڏيندي رهندي هئي‪ .‬گهڙي ساعت ائين‬
‫ڪرڻ کانپو‪ ،‬ساڻي ۽ بي حال ٿي ڪري پوندي هئي‪ .‬بيبي جنان جي اها حالت ڏسي مائي ساران‪،‬‬
‫پنهنجي اشهد آڱر هيٺين چپ تي رکي‪ ،‬عجب ۾ پئجي چوندي هئي‪” .‬رب منهنجي جو شان! هڪ‬
‫ته سيد جو ٻار‪ ،‬وري قرآن جي امان‪ ،‬مٿان سون تي سهاڳو هو جو‪ .‬مٿس رب جو پيار‪ ”.‬۽ پو ٿڌو‬
‫شوڪارو ڀري آڱر آسمان ڏانهن کڻي چوندي ”ٻڙي‪ ،‬رب جو راز رب ڄاڻي‪ ،‬بندي کي ڪا سگهه ڪا‬
‫جوڙ‪“.‬‬
‫مان بيبي جنان کان ڊڄندو هوس‪ .‬ڏڌ وٺڻ ويندي مهل س دائين اهو ئي سوچيندو ويندو هوس ته شل‬
‫نه هينئر بيبي کي جن اچي‪ .‬متان ان وقت مون کي ڀاڪر پائي چڪ هڻي رت ڪڍي‪ .‬وري مولوي‬
‫صاحب جي هي ڳالهه‪” ،‬ڍيڍ جن وڏو حرامي ۽ بيمان آهي‪ .‬جڏهن ڪنهن عورت ذات وٽ ايندو آهي‬
‫۽ ان مهل جيڪو به مرد ذات‪ ،‬انهي عورت جي ڀرسان ويندو آهي ته ڍيڍ جن جوجهڪي ۾ اچي‪ ،‬ان‬
‫مرد جو ڪڏهن ڪڏهن ڳاٽو ڀڃي ڇڏيندو آهي‪ ”.‬ياد ڪري ڏڪي ويندو هوس ۽ تڪڙ تڪڙ ۾‬
‫آيت الڪرسي پڙهي‪ ،‬قميص جي گلي جي پن کولي‪ ،‬سيني جي اندر شوڪاري‪ ،‬اهلل سائين کان دعا‬
‫گهرندو هوس ته موال! پيران پير دستگير ۽ محمد مٺي جي صدقي بيبي جي جن کان بچائجان‪.‬‬
‫سوچ جي عميق سمنڊ جي اونهين گهراين ۾ لڙهندي‪ .‬ڄڻ منهنجي آڏو حويلي جي هر شي اچڻ‬
‫لڳي‪ .‬پڌري ۽ چٽي‪ .‬هڪ ڏينهن‪ ،‬جيڪو منهنجي ڄمار جو نئون ۽ عجيب تر ڏينهن هو‪ .‬انهي ڏينهن‬
‫مان سيدن جي حويلي تان روز وانگر ڏڌ وٺڻ ويس‪ .‬پنهنجو ٽڀو پوڙهي ٻانهي مائي ساران جي ڀر ۾‬
‫رکي‪ ،‬ڀرسا ن پيل کٽ تي واڏڻ کان ويهي رهيس‪ .‬اڃا ڪو ٻار ڪونه آيو هو‪ .‬مائي ساران پنهنجي ئي‬
‫ڌن ۾ ڏڌ ولوڙي رهي هئي‪ .‬بيبي وڏي مٿان سائي شال ڍڪيو ننڊ پئي هئي‪ .‬شاهو به‪ ،‬جنهن جا ٺينگ‬
‫ٽپا هيڏي ساري ويران لڳندڙ اڱڻ کي ڪجهه زندگي بخشيندا هئا‪ ،‬سا به شايد اندر‪ ،‬هجري ۾ هئي‪.‬‬
‫سڄي اڱڻ ۾ چپ چپات لڳي پئي هئي‪ .‬عجيب خاموش ماحول ڇانيل هو‪ .‬رڳو ڏڌ ولوڙڻ ڪري‪،‬‬
‫چاڏي اندر ڦرندڙ مانڌاڻي جو ڍنگائتو آواز پئي آيو‪ ،‬اهو آواز چپ چپات جي ماحول ۾ اڃا وڌيڪ‬
‫عجيب پئي لڳو‪ .‬مان چاڏي اندر لڇندڙ ڏهي جي آواز ۾ ڪن لڳايو‪ ،‬پنهنجي خيالن ۾ گم سم ويٺو‬
‫هوس اوڏي مهل‪ ،‬بيب ي اندران نڪتي‪ ،‬سندس اکيون خمار ۾ اڌ پوريل هيون‪ .‬ائين پئي لڳو ڄڻ اها‬
‫اڃا هاڻ هنڌ مان اٿي آئي آهي ۽ سڄي رات ننڊ ڪرڻ بجا‪ ،‬لڇندي پڇندي رهي آهي‪ .‬پر سندس‬
‫منهن ۾ نئين قسم جي وڻندڙ ٻهڪ هئي ۽ اڌ پوريل اکين ۾ پرڪشش چمڪ‪ .‬سندس هلڻ جي لوڏ‬
‫۾ هڪ نئون انداز ۽ لچڪ هئي‪ .‬هن منهنجي ڀرسان اچي‪ ،‬مون کي ڳراٽڙي پائي چيو‪” ،‬ڪڪا شيِء‬
‫کائيندين؟” مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري‪ ،‬قميص جو اڳ آڱرين ۾ ويڙهڻ‬
‫لڳس‪ .‬ان وقت مون کي اها ڳالهه ياد اچي ويئي ته‪ ،‬جڏهن بيبي جنت کي جن ايندو آهي‪ ،‬تڏهن‬
‫سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويندو آهي ۽ ساهه تيز تيز هلڻ لڳندو اٿس‪ .‬مون ان وقت سندس اهڙي حالت‬
‫ڏٺي‪ ،‬هن منهن جي ڪلهي تي هٿ رکيو ته منهنجو دل ڊپ ۾ سسندي وئي‪ .‬آئون سندس منهن ۾‬
‫نماڻائي منجهان‪ ،‬ڊنل ۽ هيسيل نظرن سان ڏسڻ لڳس‪” .‬ڊڄ نه ڪڪا‪ ،‬هل ته شي ڏيان‪ “.‬ائين هن‬
‫پيار منجهان‪ .‬ڪنڌ لوڏي پنهنجا ڳاڙها چپ گول ٺاهي‪ ،‬انهن سان ٻچڪار ڏيندي چيو ۽ ساڄي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪13‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ٻانهن ڀاڪر ۾ ڪري پنهنجي ڪوٺي ۾ وٺي آئي‪ .‬منهنجو لڱ لڱ ڪانڊارجي ويو‪ .‬دل ۾ چيم‪،‬‬
‫”اباڙي‪ ،‬اڄ ته مري ويس‪ ،‬الهه ئي نڪري ويا‪ “ .‬آيت الڪرسي پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم‪ ،‬پر ڊپ ۾‬
‫اها به وسري وئي هئي‪.‬‬
‫ڪوٺي ۾ اندر گهڙڻ شرط بيبي مون کي زور سان ڀاڪر پاتو ۽ منهنجي ڳٽي تي چمي ڏئي چيو‪” ،‬ڊڄ‬
‫نه منهنجا مٺڙا‪ “.‬سندس آواز ۾ گھرو جذبو ۽ لرزش هئي‪ ،‬ان وقت بيبيَء جا گرم گرم ۽ ڳاڙها چپ‪،‬‬
‫تازي وڍيل گوشت جي ٽڪري وانگر ڦڙڪي رهيا هئا‪ .‬ساهه تمام تيزي سان ناسن مان اچي وڃي‬
‫رهيو هوس‪ .‬ان ڪري ريشمي چولي مان سيني جو اڀار لهوار پڌرو پسجي رهيو هو‪ .‬سموري بدن جو‬
‫رت ڄڻ ڳٽن ۾ اچي گڏ ٿيو هوس‪ ،‬سندس ڳٽا ڳاڙها ڳٽورڙا ٿي ويا هئا‪ .‬اکين جون ڏاريون اڀري آيون‬
‫هيس ۽ انهن ۾ مقناطيسي ڇڪ هئي‪ .‬سندس سڄو بدن باهه وانگر پئي ٻريو‪ .‬مان سندس ڀاڪر ۾‬
‫هوس‪ ،‬سندس بدن جي گرمي گنجي ۽ ريشمي چولي جي ديوار اورانگهي مون کي ڇهي رهي هئي‪.‬‬
‫جيتوڻيڪ ان گرمي ۾ بغلن جي پگهر جي ڌپ به گڏيل هئي پر اها گرمي مون کي ڏاڍي وڻي ۽ تهه‬
‫سياري ۾ باهه جي وڻندڙ سيڪ وانگر لڳم‪.‬‬
‫اهي ڳالهيون ياد اچڻ سان منهنجي بدن ۾ ڄڻ سياٽو پئجي ويو‪ ،‬خيالن جو سلسلو ڄڻ ڀڃي پيو‪،‬‬
‫چوڌاري دواخاني ۾ حڪيم ڏٺم‪ ،‬هو بدستور کر ل ۾ سفوف ڪري رهيو هو‪ ،‬ته ڪو پارسي جو شعر‬
‫به جهونگاري رهيو هو ۽ رکي رکي ڀڻ ڀڻ ڪيائين‪” .‬مار پوين‪ ،‬اڄ ڪو گراهڪ‪ ،‬نه لڙيو آهي‪ .‬هن‬
‫ڳوٺ جا ماڻهو هونئن ته هر شي ۾ ڪنجوس‪ .‬پر بيمار ٿيڻ ۾ به ڪنجوس‪ ”.‬سندس انهن گفتن تي‬
‫مون شڪي‪ ،‬پنهنجن يادگيرين کان جند ڇڏائڻ خاطر‪ ،‬دل ۾ چيو‪” ،‬هون بيهودا خيال‪ ،‬پر اهي‬
‫يادگيريون دماغ مان نڪرڻ بجا‪ ،‬الشعور جي اٿاهه ساگر مان پلٽجي‪ ،‬تيز وهڪري وانگر شعور جي‬
‫صاف ۽ شفاف سطح تي اچڻ لڳيون ۽ يادگيرين جو ڳانڍاپو وري مرڪز تي اچي‪ ،‬زنجير جي‬
‫ڪڙين وانگر ڳنڍجي ويو‪.‬‬
‫” ‪ . . . . .‬بيبي جنان در ٻيڪڙي ان جو ڪڙو آهستي آهستي چاڙهيو ۽ پو مون کي هڪدم ڀاڪر ۾‬
‫وجهي پاڻ سان گڏ کٽ تي اڇليو‪ .‬سندس نرم ۽ گداز ٻانهون منهنجي ننڍڙي ۽ سڪل بدن جي‬
‫چوڌاري مضبوطي سان ڀڪوڙجي ويون‪ .‬سندس نڪ مان نڪرندڙ تيز ساهه جي بو مان سوالئي‬
‫سان محسوس ڪري رهيو هوس‪ .‬سندس سيني اند بي چين مڇي وانگر لڇندڙ دل جي ڌڙڪ ۽‬
‫اڀريل ارهن جي هلچل منهنجي سيني کي چڱي طرح ڇهي رهي هئي‪ .‬هن منهنجي نهائين تي‪،‬‬
‫پنهنجا لسا لسا هٿ آهستي آهستي ڦيرڻ شروع ڪيا‪ .‬منهنجي سڄي بدن ۾ هڪ وڻندڙ مزيدار‬
‫ڪتڪتائي ڦهلجي وئي‪ ،‬پو هن منهنجي گوڏ جي ڳنڍ ۾ هٿ وڌو‪ ....‬۽ پو؟ ‪ ،....‬سندس ٽنگون‬
‫منهنجي ڪاٺ ي جهڙين سڪل ۽ ميرين ٽنگن ۾ ٻکجي ويون‪ .‬مان سندس ڪڇ ۾ ننڍڙي ڊنل ٻار‬
‫وانگر وائڙو لڳي رهيو هوس‪ .‬منهنجي حالت ان هرڻي جي ٻچي وانگر هئي‪ ،‬جيڪو شڪاري جي‬
‫تير کان بچڻ ال ميلن جا ميل ڊڪي‪ ،‬پو هڪ هنڌ سهڪي بيهي رهندو آهي‪ .‬ٿڪل‪ ،‬ڊنل ۽ هراسيل‪.‬‬
‫ان وقت سندس اکين مان معصومانه بي وسي‪ ،‬الچاري ۽ نماڻائي بکندي آهي‪ .‬آئون بيبي جي بدن‬
‫مان نڪرندڙ گرمي جي تاو‪ ،‬سيني اندر ڦٿڪندڙ دل جي ڌڙڪڻ ۽ لوڇ پوڇ جي حالت ۾ ڦرڪندڙ‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪14‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫جسم جي انگ انگ جي لرزش محسوس ڪري رهيو هوس‪ .‬مون کيس انهي حالت ۾ ڏسي پنهنجون‬
‫اکيون بند ڪري ڇڏيون‪ .‬سوچڻ لڳم ته‪ ،‬مري ويس‪ .‬بيبي کي ڍيڍ جن آهي‪ ،‬اڄ خير ڪونهي‪.‬‬
‫منهنجا موال! خير ڪجان‪ ”.‬هڪ دفعو ٿورڙيون اکيون کولي ڏٺم‪ ،‬بيبي جي سهڪي واري ڪيفيت‬
‫ڏسي هيبت وٺي ويم ۽ وري اکيون پوري ڇڏيم‪.‬‬
‫بيبي جو سڄو بدن ٿڙڪي رهيو هو ۽ هو حد کان وڌيڪ تيز سهڪي رهي هئي‪ .‬آهستي آهستي‬
‫سندس ڀاڪر هي ڇڪ زور وٺندي وئي‪ .‬نڪ جي ڦونڊاريل ناسن مان ساهه تنهائين وڌيڪ تيز اچڻ‬
‫وڃڻ لڳو‪ .‬گهڙي ساعت انهي حالت کانپو‪ ،‬بيبي جهٽڪو ڏئي‪ ،‬ساڻي ۽ بي حال ٿي ڪري پيئي‪ .‬مون‬
‫منجهان ڀاڪر هلڪو ٿي ويس‪ .‬سندس اکيون هلڪي نموني پورجي ويون هيون‪ .‬مدت کان‬
‫سڪايل مرڪ‪ ،‬سندس ڳاڙهن ڳاڙهن چپن تي کيڏي رهي هئي‪ .‬مان تارا ڦوٽاڙي بيبي جي کير‬
‫جهڙي اڇي بدن کي ڏسڻ لڳس‪ .‬چاهه‪ ،‬عجب ۽ تجسس وچان‪ .‬بيبي اڃا ستي پيئي هئي‪ .‬ڀڄڻ ال بلو‬
‫ڀلو هو‪ .‬سوچيم ته ٽپ ڏئي ڀڄان‪ .‬پر وري خيال آيو ته متان بيبي وارو جن پٺ وٺي ۽ ڪنڌ ڀڃي سو‬
‫ڀڄڻ جو خيال الهي اتي ئي ويهي رهيس ۽ بيبي جي اڇي بدن کي ڏسڻ لڳم‪ .‬سچ پچ ڊپ ۾ به‪ ،‬بيبي‬
‫جي بدن کي ڏسڻ ۾ ڏاڍو مزو پئي آيو‪.‬‬
‫گهڙي کن کانپو بيبي اٿي لٽا پائي‪ ،‬ڪانچ جا ور ٺاهيائين‪ .‬پو منهنجي ڳٽي تي پيار مان ٿڦڪي‬
‫هڻي چيائين‪” .‬ڏس ڪڪا‪ ،‬ڪنهن کي ٻڌائجان نه‪ “.‬مون ڪنڌ هيٺ هوندي ئي‪ .‬ناڪاري ۾ لوڏي‬
‫نه ڪئي‪ .‬پو بيبي جاري ۾ رکيل هڪ چاڏي مان سڪل ٻيرن جي مٺ ڀري منهنجي کيسي ۾ وڌي‪.‬‬
‫کارڪن جون چار ڳڙيون ۽ هڪ ڦلن جو بوڙينڊو هٿن ۾ ڏيندي چيو‪” ،‬هان‪ ،‬منهنجا من‪ ،‬هي شي کاَء“‬
‫پو هڪ آنڪي کيسي ۾ وجهندي چيائين‪ ،‬هنجي هٽ تان شي وٺي کائجان‪ .‬پر ڏس‪ ،‬هي ڳالهه‬
‫ڪنهن سان به نه ڪجان‪ .‬شابي منهنجي پپڙي کي‪ .‬ائين چئي هن ٻهڪ واري مرڪ مرڪي‪ ،‬ڄڻ‬
‫لکن جو خزانو هٿ اچي ويو هجي‪ .‬مان ڏڌ کڻي واپس گهر آيس ۽ اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪيم‪،‬‬
‫جو ڊپ هيم ته متان بيبي جو ڍيڍ جن ڳاٽو ڀڃي وجهي‪.‬‬
‫اهڙي ريت مان ڏڌ وٺڻ ويندو هوس ۽ اڪثر بيبي جنان جي ڪوٺي ۾ وڃي ساڻس گڏ سمهندو به‬
‫هوس‪ .‬هاڻي مون کي بلڪل ڀو نه ٿيندو هو‪ ،‬جن جو به نه‪ .‬ڊپ بجا پنهنجائپ‪ ،‬هراس بجا اڻ ڄاتل‬
‫مزو ۽ اجنبيت بجا مقناطيسي ڇڪ محسوس ٿيندي هئي‪ .‬هاڻي بنا ڊپ ڊا جي مان به بيبي کي‬
‫ڀاڪر پائيندو هوس‪ .‬بيبي جو نرم نرم ۽ نازڪ بدن مون کي ڏاڍو وڻندو هو‪ .‬اڪ جي ڪپهه مان‬
‫ٺهيل ريشمي وهاڻي وانگر‪ ،‬سندس گ داز‪ ،‬لسي ۽ اڇي بدن تي هٿ ڦيريندو هوس‪ ،‬ائين ڪرڻ سان‬
‫ڏاڍو مزو ايندو هو‪ .‬سندس اڇي چمڙي اوچي بوسڪي وانگر چلڪندڙ‪ ،‬ريشمي ۽ ترڪڻي لڳندي‬
‫هئي‪ ،‬دل چوندي هئي ته سدائين ساڻس تو پيو هجان ۽ هڪ پلڪ به ڌار نه ٿيان‪.‬‬
‫ائين آئون سيدن جي حويلي تان ڏڌ وٺندو ويندو هوس‪ ،‬ته بيبي جنت سان موجون به ماڻيندو هوس‪،‬‬
‫ٻه سال کن مون ائين وٽ ورتا‪ .‬نيٺ هڪ ڏينهن جيئن مان ڏڌ جو ٽڀو مائي ساران جي ڀر ۾ رکي‪،‬‬
‫ڀرسان پيل کٽ جي واڏڻ کان بيٺو هوس ته بيبي وڏي مون کي سڏي‪ ،‬منهنجي منهن ۾ غور سان‬
‫ڏسندي چيو‪ ” ،‬ابا‪ ،‬تون هاڻي وڏو ٿي ويو آهين‪ ،‬منهن ۾ مڇن جي ساوڪ به لهي آئي اٿئي‪ ،‬ان ڪري‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪15‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫اندر حويلي ۾ نه ايندو ڪر‪ ،‬باقي ڏڌ ال پنهنجو ننڍو ڀاُء موڪليندو ڪر‪ ،‬يا تون ئي ٻاهر سڏي وٺي‬
‫ويندو ڪر“ انهي آخري ڏينهن تي بيبي جنان مون کي پاڻ سان گڏ گهڻي مهل سمهاريو هو ۽ هو ٻه‬
‫ٽي دفعا ساڻي ٿي هئي‪ .‬آخري دفعو ڀاڪر ۾ مون کي پاڻ ڏانهن زور سان ڀڪوڙيندي چيو هئائين‪،‬‬
‫”تون مون کي هتان ڀڄائي هل‪ ،‬ڪنهن ڏوراهين ديس‪ “.‬مان سندس اهي اکر ٻڌي ڏڪي ويس ۽‬
‫ڀاڪر ڍلو ڪري‪ ،‬ٻک ڇڏائيندي وراڻيم‪” .‬نه نه‪ ،‬آئون توکي ڪيڏانهن وٺي ويندم‪ .‬تنهنجي ته شادي‬
‫قرآن سان ٿيل آهي نه‪ .‬تون ته قرآن کي بشڪيل آهين ڪين‪ .‬مان توکي ڀڄائيندس ته قرآن‬
‫منهنجا سنڌ سڪائي ڇڏيندو‪ “.‬هن ڍري ٿيل ڀاڪر ۽ ٽنگن جي ٻک کي مضبوط ڪندي‪ ،‬جوش ۽‬
‫جذبي منجهان وڌيڪ زور ڏيندي چيو‪” ،‬تون اڃا ڪڪي جو ڪڪو ئي آهين‪ ،‬پر ڏس منهنجا من‪،‬‬
‫حويلي جي پٺئين پاسي‪ ،‬هو جو ٻير جو گهاٽو وڻ آهي نه‪ ،‬اتي لڪي لڪي ايندو ڪر هاڻي؟ ايندين‬
‫نه منهنجا جاني‪ ،‬مان توکي ڏوڪڙ به جام ڏينديس‪ “.‬مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو‪.‬‬
‫خيالن جو سلسلو هلندو رهيو‪ .‬مهراڻ جي موجن جيان‪” :‬بيبي شهه بانو‪ ،‬بيبي جنت جي ننڍي ڀيڻ‬
‫هئي‪ .‬هوبهو جنت جهڙي‪ .‬اڃا به بيبي جنان کان سونهن ۾ سرس هئي‪ .‬ان جي شادي به بيبي جنان‬
‫وانگر‪ ،‬سيدن قرآن شريف سان ڪرائي‪ ،‬کيس حق بخشائي ڇڏيو هئائون‪ .‬ڇا بيبي شهه بانو به‬
‫جمعي شيدي سان سمهندي هوندي؟ جيئن بيبي جنان مون کي ڀڄائڻ ال چيو هو‪ ،‬تيئن بيبي شهه‬
‫بانو به جمعي شيدي کي ڀڄائڻ ال چيو هوندو؟ تڏهن ته ڀڄائي ويس‪ ،‬پر جمعو شيدي ته صفا ڪنو‬
‫هو‪ .‬رنگ دانگي جي تري جهڙو‪ ،‬ڪارو نڪ منو‪ ،‬منهن تي ماتا جا داڳ‪ ،‬جهڙو دک‪ ،‬ان سان ڀڄي‬
‫ويئي! بيبي ته هئي ملوڪ! جهڙو گالب جو گل‪ ....‬مان ته ڀاڙي آهيان‪ .‬نپٽ ڀاڙي‪ .‬ڏاڏي شيدي وانگر‪،‬‬
‫مان به بيبي جنان کي ڀڄايان ها ته لئه ٿي وڃي ها‪ ....‬پر هو ته سيد جو ٻار هئي‪ ،‬ٻنهي جهانن جو‬
‫آسرو‪ ،‬تنهن کانسوا سائين ڏنل شاهه جي نياڻي‪ ،‬جيڪو لکن جو مرشد‪ ،‬ڪامورا ڪڙا هن جي در‬
‫جا ٻيلي‪. . .‬‬
‫اهي خيال پچائيندي‪ ،‬منهنجي ذهن ۾ سائين ڏنل شاهه بادشاهه جو جاللي چهرو اچي ويو‪ .‬شراب‬
‫جي نشي ۾ خماريل ۽ ٽانڊن وانگر ٻرندڙ اکيون‪ ،‬ٿلهن ۽ ڪارن چپن مٿان مروٽيول ڊگها شهپر‪ ،‬ماس‬
‫ڀريل منهن‪ ،‬ٿلهو ڪنڌ‪ ،‬جنهن سان لوڻو ورائي ڪونه سگهندو هو‪ .‬پنهنجي ٿلهي ڪنڌ کي پوئتي‬
‫ڪري جڏهن ٽهڪ ڏيندو هو ته ڄڻ گجگوڙ پوندي هئي‪ .‬سندس شڪل ياد ڪري مون کي ڏڪڻي‬
‫وٺي وئي‪.‬‬
‫” جمعي جو خير ڪونهي‪ ،‬سيدياڻي ڀڄائي ويو اهي‪ .‬سا به سائين ڏنل شاهه جي نياڻي‪ ،‬سنڌ جو سيد‬
‫سردار‪ ،‬ذات ذات ڌاڙيل سندس هر دم سالمي‪ ،‬ڪامورا سندس پيالي ڀائي‪ ،‬تنهن کانسوا وڏو ميمبر‪.‬‬
‫جمعي کي سائين ڳترا ڳترا ڪرائي ڇڏيندو‪ “.‬مون کان ڀڻڪ نڪري وئي‪” .‬پر جيڪڏهن منهنجي‬
‫خبر پئجي ويس ته؟“ اهو سوچي منهنجو هان ئي ڌڙڪجي ويو‪.‬‬
‫”ميان پنهنجي منهن االئي ڇا پيو چئي؟“‪ .‬هڪ ته سڄي ڏينهن ۾ ڪو گراهڪ نه وريو آهي‪ ،‬وري‬
‫تون به االئي ڪهڙن خيالن ۾ ٻڏل‪ “.‬حڪيم موڙي کي ريڙهي منهنجي ڀرسان اچي ويندي چيو‪:‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪16‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫” مان سوچيان پيو ته سائين ڏنل شاهه‪ ،‬جمعي شيدي جا الهه ئي ڪڍرائي ڇڏيندو‪ “.‬ڇا جو بابا‪ ،‬اهي‬
‫سيد رڳو سنڌ ۾ شينهن ٿين‪ .‬سنڌ کان ٻاهر موڳا صفا للو‪ ”.‬حڪيم وراڻيو‪” .‬پر سائين جا مريد سنڌ‬
‫کان ٻاهر به ته آهن نه‪ ،‬سائين پنهنجي تي اچي ته جمعي جا سرنهن جيڏا داڻا ڪرائي ڇڏي‪ “.‬مون‬
‫چيو‪.‬‬
‫” ڇڏ ڙي يار‪ ،‬اهي سنڌ جا ماڻهو آهن‪ ،‬سادا ۽ اٻوجهه‪ ،‬نه ته ميان زمانو االئي ڪٿي وڃي پھتو آهي‪ .‬ابا‬
‫هينئر اهڙو سڻائو واُء لڳو آهي‪ ،‬جو مرشدن جون مريديون ٻريديون ويون ٻن ۾‪ .‬جي مريد مرشد جون‬
‫نياڻيون ٿا ڀڄائين‪ ،‬سي ورائيندا وري ڪٿان‪“.‬‬
‫” پر حڪيم صاحب‪ ،‬بيبي ته قرآن کي بخشي هئي نه‪ ،‬آخر ته رب جو سچو ڪالم آهي‪ .‬جمعي جا‬
‫سنڌ ڪين سڪائيندو؟“‬
‫ان تي حڪيم صاحب وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو‪” ،‬ميان ماٺ ٿي ڀلي‪ ،‬اها سيدياڻي انهي روڏي کي ڦٻي‪،‬‬
‫پر ٻيلي‪ ”،‬حڪيم صاحب وري چوڻ شروع ڪيو‪“ .‬جمعي کي جس هجي‪ ،‬مڃڻ مراد آ‪ ،‬مڙس جو پٽ‬
‫هو سائين‪ .‬ها‪ ،‬ڪا ڳالهه آ !“‬
‫حڪيم صاحب جا اهي لفظ مون کي تير ٿي لڳا‪ .‬لڳم‪ ،‬ڄڻ حڪيم صاحب مون کي چئي رهيو‬
‫هجي ته تون وڏو ڀاڙي هئين‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪17‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ٻاھر ٻاڦ نه نڪري‬

‫اڄ جڏھن فجر جي نماز الِء اٿي ۽ ماڻس کي صبح مرداني وھنجندي ڏٺائين ته وري‪ ،‬ڄڻ ھينئن‬
‫تي بڙڇي لڳس ۽ اندر پڄرندو محسوس ٿيو‪ .‬پاڻي ڇڻڪار ۽ بالٽيَء جي کڙ کڙ جو آواز‪ ،‬سندس ذھن‬
‫تي زپڪو ڪري ٿي لڳو ۽ سندس لڱن تي پئجي اندر ئي اندر دٻيل درد کي جهرائڻ لڳو‪ .‬ھو ذرو‬
‫ويچارڻ کان سواِء پروڙي وئي ته رات ڇا ٿيو ھوندو‪ .‬صبح مرداني جڏھن به فجر جي نماز کان اڳ‪،‬‬
‫ماُء کي وھنجندي يا وھنتل ڏسندي ھئي ته ماڻس فجر جي نماز کان گس گساُء پئي ڪري‪ ،‬ته انھي‬
‫وقت‪ ،‬ھر دفعي سندس من ۾ ماُء جي خالف ڌڪار ڀريو دشمني وارو جذبو اڀرڻ سان گڏ‪ ،‬دل جي‬
‫ڌڙڪن تيز ٿي ويندي ھيس ۽ جسم جي رڳ رڳ مان دٻيل درد‪ ،‬ڪر موڙي اڀرندو محسوس ٿيندو‬
‫ھوس‪ .‬اھو سڄو ڏينھن ھو ملول ۽ وساڻل وساڻل گذاريندي ھئي‪ .‬پر اندر ئي اندر ڄڻ سانڍيل امنگن‬
‫جي چتا جلندي محسوس ٿيندي ھيس ۽ سمجهندي ھئي ته‪ ،‬ائين جلندي جلندي‪ ،‬پاڻ ھڪ ڏينھن‬
‫ختم ٿي ويندي‪ .‬وري جڏھن ڏ ينھن ٻن اندر روز مره جي ڪم ڪار ۾ اھا دونھين ٿمجي ويندي ھيس‬
‫۽ اندر ۾ ڪئن وانگر اٿيل امنگن جو طوفان جڏھن بيٺل پاڻي وانگي ماٺو ٿي ويندو ھيس‪ ،‬ته کيس‬
‫پنھنجو پاڻ تي اجرچ ايندو ھو ۽ ھوَء پنھنجو پاڻ کان سوال ڪندي ھئي‪ ،‬ته اھو کيس آخر ٿئي ڇا‬
‫ٿو؟ پر ھوَء ان جو جواب پائي نه سگهي ھئي‪ ،‬يا الشعوري طور کيس ان جو جواب کٽڪندو ھو‪ ،‬پر‬
‫ھوَء ان تي يقين ڪرڻ الِء تيار ڪانه ھئي‪ ،‬جو اڳيان به ماُء ھيس‪ ،‬جنھن کيس پاليو نپايو ھو نڪا‬
‫ڪا پھاڄ‪.‬‬
‫ھن کي ياد آيو‪ :‬شاديَء کان اڳ‪ ،‬جڏھن اڃا سندس عمر ٻارنھن سال کن ھئي‪ .‬ھڪ رات اوچتو ئي‬
‫اوچتو‪ ،‬سس پس تي اک کلي ۽ ڏٺائين ته ماڻس ۽ پڻس واري کٽ خالي آھي‪ ،‬صفي واري بتي پئي‬
‫ٻري ۽ اھو سس پس جو آواز اندران اچي رھيو آھي‪ .‬سندس دل ڌڙڪڻ لڳي‪ .‬ھو اٿي ۽ پاڻمرادو‪ ،‬ڄڻ‬
‫ڪا اندروني قوت‪ ،‬کيس آھستي آھستي‪ ،‬پير پير ۾ پائي‪ ،‬صفي جي در وٽ گھلي آئي‪ .‬در جي ڳڙڳن‬
‫مان ھن اندر نھاريو‪ .‬اندر ڏسڻ سان‪ ،‬سندس ھينئن ۾ ڄڻ ڪنھن چڪ وڌس‪ ،‬دماغ ماؤف ٿي ويس‪،‬‬
‫ڄڻ ته ان ۾ دونھون ڀرجي ويو ھجي‪ ،‬سندس جسم مان ھڪ ٽاٽ اڀريو‪ ،‬جنھن لوندڙين وٽ اچي‬
‫ٺڪاَء ڏنو‪ .‬شرم ۽ نفرت وچان سندس منھن جو پنو ئي لھي ويو‪ .‬سندس اکيون پورچي ويون ۽ ھن‬
‫پاڻ کي‪ ،‬ذھن جي دونھين ۾ ٻوساٽجندڙ محسوس ڪيو‪ .‬ھي پھريون دفعو ماڻس جو ڌڪار ۽ نفرت‬
‫ڀريو چھرو دونھاٽيل چھرو‪ ،‬سندس ذھن ۾ اڀريو ھو ۽ ننڍپڻ کان سندس ذھن ۾ ويٺل ماڻس جو‬
‫مقدسائيَء وارو خاڪو‪ ،‬بم سان اڏايل عمارت وانگر پاش پاش ٿي ويو ھو‪ .‬ھو پنھنجي بستري تي‬
‫آئي‪ .‬اھا سڄي رات کيس ننڊ ڪانه آئي ھئي‪ .‬عجيب ڦيرو ڏٺو ۽ اھو کيس بنھه نه وڻيو‪ .‬ان کان پوِء‬
‫ھو سدائين ماُء کي ڪجهه اجنبي نظرن سان ڏسندي ھئي‪ ،‬يا ماڻس کيس سچ پچ ائين لڳندي ھئي‬
‫۽ کيس‪ ،‬سندس الِء‪ ،‬ماڻس جي پيار مان بڇان نظر ايندي ھئي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪18‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ھوَء بدنو کڻي‪ ،‬پاڻي سان ڀري‪ ،‬آڳر جي ڏيڊي واري ڪنڊ ۾ پيل منجيَء تي اچي ويٺي‪ .‬ھڪ ڊگهو‬
‫ٿڌو ساھ ڀري‪ ،‬ھٿ ڌوئڻ لڳي‪ .‬ھٿ ڌوئيندي ھن چوڌاري اڱڻ ۾ نھاريو‪ .‬اڱڻ جي ساڄي پاسي پيل‬
‫کٽ تي سندس ننڍي ڀيڻ صابي ۽ ننڍو ڀاَء اڪو ستا پيا ھئا‪ .‬پريان آخري ڇيڙي واري کٽ تي پڻس‬
‫ستو پيو ھو‪ ،‬بي پرواھ‪ ،‬ان کٽ تي ٻيو وھاڻو خالي پيو ھو‪ .‬ان جي ڀرسان سندس کٽ ھئي‪ ،‬جنھن تي‬
‫سندس ٻن سالن جو ڪڪو اگه ور ننڊ ۾ پيو ھو‪ .‬پنھنجي ابھم ڪڪي تي نظر پيس‪ ،‬کيس پنھنجو‬
‫اھو ٻار زندگي جو ھڪ ڳورو ۽ پچر نه ڇڏيندڙ بوج لڳو‪.‬‬
‫”ڪھڙن ويچارن ۾ پئجي ويئي آھي امان‪ ،‬جود ڪر ڄاڻ سج اڀريو‪ “.‬ماڻس غسلخاني مان اشھد‬
‫ڪلمون پڙھندي‪ ،‬وار ڇنڊيندي نڪتي ۽ سندس ڀرسان لنگهي‪ ،‬سندس منھن ۾ نھاري‪ ،‬وري ستل‬
‫ٻارن ڏانھن ٻلھار ويندڙ نھار ڪري‪ ،‬پوتي ٺاھي وڃي مصلحي تي بيٺي‪ .‬ماڻس جي اھا نھار کيس‬
‫اندر جالئيندڙ ٺٺولي لڳي‪ .‬ڀرسان لنگهڻ وقت‪ ،‬ماڻس جي وار ڇنڊڻ ڪري‪ ،‬پاڻي جا ڦڙا سندس‬
‫منھن تي اچي پيا ھئا‪ ،‬انھن ۾ لڪس صابڻ جي ھلڪي ھلڪي خوشبو رچيل ھئي‪ .‬اھا خوشبو‬
‫کيس ڏاڍي وڻي‪ .‬ھن ماڻس کي وڃڻ وقت ڏٺو‪ ،‬سندس ھلڻ جي چال بدليل ھئي‪ .‬پولھه جي لوڏ ۾‬
‫جواني وارو اڙٻنگ موڙو ۽ ڳالھائڻ ۾ مٺاس‪ ،‬جنھن ۾ مامتا واري ڳنڀير جذبي جي بجاِء‪ ،‬ماڻيل امنگ‬
‫کان پوِء چنچل نخري سان خوشي جو اٿاه جذبو ڀريل ھوندو آھي‪ .‬مصلحي تي بيٺل ماُء کي ترڇيل‬
‫نگاھن سان ڏسي ‪ ،‬دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي‪” ،‬مئي‪ ،‬چاليھن سالن جي عمر ۾ به پاڻ کي جواڻ جماڻ پئي‬
‫ڀانئي‪ “.‬اتي ماڻس کيس‪ ،‬ماُء کان وڌيڪ عورت لڳي‪ .‬سندس جسم ۾ ڪتڪائي اڀري ۽ بجلي جي‬
‫ڪرنٽ وانگر‪ ،‬انگ انگ ۾ ڦھلجي ويس‪ .‬واڻ واري منجي تي ويٺي‪ ،‬ٻئي اڀا ڪيل گوڏا سوال‬
‫ڪيائين‪ ،‬انھن تي ٻنھي ٻانھين جون ٺونٺيون رکي‪ ،‬ھٿن جي ٻنھي ترين سان پنھنجو منھن جهلي‬
‫سوچڻ لڳي‪ .‬پيار ۽ پيار جي سٻنڌ به ڪھڙي نه عجيب لذت ڀري چيز آھي‪ ،‬جو ان جي ماڻڻ سان‪،‬‬
‫اسان کي ھر شيَء پياري ۽ وڻندڙ لڳي ٿي‪ .‬ھر ماڻھو زندگيَء سان پيار ڪرڻ لڳي ٿو‪ .‬اھا ئي امان‬
‫آھي‪ ،‬ھون صبح جو اٿندي آھي ته نماز کان وٺي نيرن پوري ٿيڻ تائين ٻارن کي پئي چھڙون ڏيندي‬
‫آھي ۽ ھاڻي ڪيئن نه سڀني تي ٻلھار نھار ڪري وڃي مصلحي تي بيٺي آھي ‪“ . . .‬‬
‫” ائي امڙ ڪڪي ماُء‪ ،‬توسان آھي ته خير‪ ،‬ٻڙي پھر ٿيو اٿئي وضوَء کي‪ ،‬ڄڻ ڄمي وئين آھي‪ ،‬جلد‬
‫ڪر ڄاڻ سج اڀريو‪ “.‬ماڻس پھرين رڪعت کان پوِء سالم ڀريندي چيو‪.‬‬
‫انھي آواز ڄڻ کيس گھر ي ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿاريو‪ .‬جلد جلد وضو ڪري‪ ،‬پوتي ٺاھي‪ ،‬ماڻس جي‬
‫پاسي کان‪ ،‬پٺڀرو مصلحو ٺاھي وڃي نماز ۾ بيٺي ۽ نيت ٻڌي چپن ۾ الحمداهلل شروع ڪيائين‪،‬‬
‫سندس چپ مشين وانگر چرڻ لڳا‪ ،‬پر ذھن ۾ سر سر ٿي‪ ،‬پيار به ڪھڙي نه عجيب شيَء آھي ‪. . .‬‬
‫”ائي امڙ” ھن ماُء جا لفظ ذھن ۾ ورجايا‪ ،‬انھن لفظن جي چوڻ جي ڍنگ ۾ ڪيڏو ته اونھو ۽ ڳتيل‬
‫پيار ڀريل ھو ۽ چاھت جو جذبو‪ .‬پيار جي ميالپ ۾ اھا ڪھڙي خاصيت آھي‪ ،‬جو اھو مامتا کي به‬
‫اڀاري ٿو ۽ وڌيڪ زندھ رھڻ جي آس کي پيدا ڪري ٿو! پيار کان سواِء زندگي زھر آھي! سندس‬
‫ذھن ۾ سر سر وڌندي رھي ۽ ٽٽل بند کان پوِء‪ ،‬ڇڙواڳ سيالب وانگر‪ ،‬خيال پلٽجڻ لڳا‪ .‬ٽي سال اڳ‪،‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪19‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ھن کي پنھنجي شادي واري رات ياد آئي‪ .‬سڄو ڪمرو خوشبو سان ٽمٻٽار ھو ۽ مڙس جي اچڻ کان‬
‫اڳ اڻ ڄاتل خوف مٿس حاوي ھو‪ .‬ان وقت کيس ننڍپڻ جي اھا رات ياد آئي ھئي‪ ،‬جڏھن ھن چوري‬
‫چوري در جي ٽنگ مان‪ ،‬پنھنجي ماُء پيُء کي اگهاڙو ڏٺو ھو ۽ انھن جي خالف نفرت ۽ ڌڪار سندس‬
‫جسم جي رڳ رڳ ۾ پيھج ي وئي ھئي‪ .‬اھو واقعو ياد اچڻ سان‪ ،‬کيس شادي کان نفرت ٿيڻ لڳي‬
‫ھئي‪ .‬در جو چيڪٽ ٿيو‪ ،‬چيڪٽ ٿيڻ سان‪ ،‬سندس دل جي ڌڙڪڻ اوچتو تيز ۽ دماغ ماؤف ٿيڻ‬
‫لڳو‪ ،‬گه وٽ اندر آيو‪ ،‬ھن کيس پيار ڪرڻ شروع ڪيو‪ ،‬کيس ان مان بڇان اچڻ لڳي‪ ،‬گهوٽ جي‬
‫ھٿ چراند وڌندي رھي‪ ،‬پيار ڀريا ٻول‪ ،‬پر انھن مان سندس دل کي ڪوبه ڇھي نه سگهيو‪ .‬چميون‪ ،‬ھو‬
‫انھن ۾ ججهڪ محسوس ڪري رھي ھئي‪ .‬گهوٽ جا ھٿ سندس لسي بدن تي ترڪڻ لڳا‪،‬‬
‫آھستي آھستي ھيٺ ٿيندا ويا‪ ،‬ارھن کان ھيٺ‪ ،‬پيٽ ٿي ڦري‪ ،‬ٿڌڙا ڪڍي‪ ،‬ھيٺ سرڪڻ‬
‫لڳا‪ -‬آھستي آھستي‪ ،‬کيس ڪجهه تبديلي جو احساس ٿيڻ لڳو‪ ،‬اھو احساس ته ھٿن جي ڇھاَء ۽‬
‫ڀاڪر مان کيس ڪجه ه مزو اچي رھيو آھي ۽ اھو احساس ته نفرت ۽ خوف جي مٿان ھڪ اڻ ڄاتل‬
‫لذت ڇانئجڻ لڳ ي آھي‪ ،‬اھا لذت آھستي آھستي وڌندي وئي‪ .‬کيس لڳو ته ڄڻ اھا اڻ ڄاتل لذت‪،‬‬
‫سندس جسم جي ڪن ڳجهن حصن ۾ دٻيل ھئي جا ھاڻ آھستي آھستي پڌري ٿي رھي ھئي‪ .‬اھو‬
‫لطف وڌندو رھيو ۽ ھوَء بيخود ٿيندي ويئي‪ ،‬سندس انگ انگ مان بي چين خواھش تڙپي اٿي‪،‬‬
‫سندس سڄي بدن ۾ ھڪ سياٽو اڀريو‪ ،‬جنھن منھن کان ٿيندو‪ ،‬پنين تائين ڏوڏي ڇڏيس‪ ،‬سندس‬
‫جسم جي ٻوٽي ٻوٽي ڦڙڪي اٿي‪ ،‬بدڪو ڏئي‪ ،‬گهوٽ کي چھٽي ويئي ھئي‪.‬‬
‫اھو ياد ايندي‪ ،‬نماز ۾ بيٺي بيٺي سندس سڄي بدن ۾ سياٽو ڊوڙي ويو‪ .‬ٻانھن سان ڇاتي تي ھٿ رکيو‬
‫بيٺي ھئي‪ ،‬تن کي وٺي زوري ڀڪوڙيائين‪ ،‬ڄڻ ڪنھن کي ڀاڪر ۾‪ ،‬اندرين اڌمي وجھان‪ ،‬پاڻ ڏي‬
‫ڇڪيندي ھجي‪.‬‬
‫” ائي امان ڪڪي ماُء‪ ،‬مئي چاق ته آھين؟ ھي توکي صبح الڪر ڇا ٿيو آھي؟ “ ماڻس جا نماز‬
‫پوري ڪري‪ ،‬ڪڏھوڪو رڌڻي ۾ چانھه ٺاھي رھي ھئي‪ ،‬تنھن جي سڏ کيس سجاڳ ڪيو‪ .‬ھن‬
‫محسوس ڪيو ته ھوَء نماز ڇڏي االِء ڪيڏانھن وڃي نڪتي آھي‪ .‬ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنائين‪ ،‬چپن‬
‫۾ ڀڻڪيائين‪” ،‬نعوذ بااهلل‪ ،‬مئو شيطان“ وري منڍ کان الحمد شروع ڪيائين جيئن تيئن رڪوع مان‬
‫ٿيندي سجدي ۾ وئي‪ ،‬اٿي بيٺي‪.‬‬
‫” آخر امان کان مون کي ايڏي نفرت ڇو آھي؟ ھن مونکي پاليو آھي‪ .‬مان به ته ھاڻي ماُء آھيان‪،‬‬
‫پنھنجي ڪڪي جي نيپاج الَء ڇا ڇا سھڻو پيو اٿم امان به ته اھو ئي سٺو آھي“ پوِء به مون کي‬
‫ڪڏھن ڪڏھن امان کان چڙ ڇو ٿي وٺي؟‬
‫ھوَء بيٺي بيٺي پنھنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳي‪ ،‬پر ان جي جواب ڄاڻڻ کان اڳ‪ ،‬ماڻس جو اڻ لکي‬
‫ھمدردي‪ ،‬ڏيا‪ ،‬مامتا واري ڳنڀير چھري جو تصور اچي ويس‪ .‬سندس منھن تي ڏک جا تاثر اڀريا‪ ،‬گلو‬
‫ڀرجي آيس‪ ،‬اکيون ڀڄي ويس‪ ،‬چپن ۾ ڀڻڪائين‪ ” ،‬امڙ‪ ،‬او منھنجي جيجل! منھنجي مڙس کي تو ته‬
‫ماريو ئي ڪونه آھي‪ ،‬پوِء جڏھن صبح جو توکي وھنجندو ڏسي‪ ،‬ان جو مطلب سمجهي‪ ،‬خبر ناھي‬
‫ڇو توکان ساڙ محسوس ٿيندو اٿم‪ .‬ھيَء ته پنھنجي پنھنجي تقدير آھي جيجان!“ نيڻن جا ڳوڙھا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪20‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ٽمڻ تي آيس ھن زوري اکيون ڀچ ي‪ ،‬ھيٺين چپ کي چڪ ھڻي ڳيت ڏيئي‪ ،‬تري آيل ڳوڙھن کي‬
‫پيئڻ جي ڪوشش ڪئي‪.‬‬
‫” ھن ڇوري کي اڄ االِء ڇا ٿيو آھي‪ ،‬ويٺي وضو تي پھر چٽ‪ ،‬بيٺي نماز ۾ ڄڻ ڄمي ويئي آھي‪“.‬‬
‫سندس ڪنن تي ماڻس جو آواز پيس‪ ،‬ماُء جا اھي لفظ کيس ايڏا ته اگرا لڳا‪ ،‬جو بڇان اچڻ لڳس‪.‬‬
‫چند پلڪ اڳ‪ ،‬جو ماُء الِء پنجھائپ جو جذبو اڀريو ھئس‪ ،‬سو مٽجي نفرت ۽ چڙ ۾ تبديل ٿي ويو‬
‫کيس ساڙ محسوس ٿيو‪.‬‬
‫جيئن تيئن نماز پوري ڪري ٻھاري کنيائين‪ .‬پھرين صفي کي ٻھاري ڏيڻ لڳي‪ .‬پر ڪم تي دل نه‬
‫وريس‪ ،‬کيس ھن روز روز جي ڪم مان ڪوفت ٿيڻ لڳي روز مشين وانگر‪ ،‬اٿي نماز پڙھي‪ ،‬ٻھاري‬
‫ڏيڻ‪ ،‬ٿانو ملڻ‪ ،‬پوِء ٽوپو ڏيڻ‪ ،‬زندگيَء تيليَء جي گهاڻي وانگر پئي ڦري‪ ،‬جنھن ۾ رست ست‪ ،‬سڄي‬
‫ڏينھن جي پورھيئي ۾ چوسجيو وڃي‪ .‬کيس سامھون گهر واري نينگر خورشيد جيڪا ڪاليج ۾‬
‫پڙھندي آھي‪ ،‬ياد آئي‪” ،‬ڇور ي ڪھڙي نه الھڙ آھي‪ ،‬چيلھه کي موڙو ڏئي‪ ،‬سينو سيٽي ھلندي آھي‬
‫ته جواني تيز ڦوھاري وانگر اڇلون ڏيئي ٽمندي اٿس‪ .‬اٿس ڪو الڪو! چمڪندڙ ٽيڊي ڪپڙا پائي‬
‫ھلندي آئي‪ ،‬ته ڄڻ پنھنجو پاڻ کي ڪنھن جو مٽ نه سمجهندي آھي‪ .‬ٽيڊي ڪپڙن ۾ ھلڻ وقت‬
‫پولھه ته ٻت ٻت ڪندو اٿس‪ ،‬پر اڳيان ارھ به سوٽ ڏاڙھون وانگر شيڪيل ھوندا اٿس‪ ،‬سي به سوڙھي‬
‫ريشمي چولي ۾ ڄڻ بلبن وانگر ٽم‪ -‬ٽم ڪري پيا جرڪندا آھن‪ “.‬کيس ان تي رشڪ اچڻ لڳو‪.‬‬
‫سندس ھٿ ۾ پاڻمرادو آھستي آھستي ٻھاري ھلي رھي ھئي ته ذھن به‪ .‬پنھنجي ليکي دل ئي دل ۾‬
‫چوڻ لڳي‪” ،‬پر منھنجي عمر ۾ به ته ڪا ويل ڪانه آھي‪ .‬اھائي ٽيويھه چوويھه سال ٿيندم مس‪ .‬ويھن‬
‫۾ ھئس‪ ،‬شادي ٿيم‪ ،‬سال کن کان پوِء ڪڪو ڄايم‪ ،‬بس ترت ئي مرحوم پاڻ نڌڻڪو ڪري ويم‪ ،‬۽‬
‫ھاڻ! لڳان ته وقت کان اڳ ڄڻ پوڙھي پئي‪ .‬ڀال سڄو ڏينھن پئي اندر ئي اندر پچان پڄران‪ ،‬ٻاھر‬
‫ٻاڦ نه ڪڍان‪ ،‬سو وقت کان اڳ مڙھي نه ٿيندئس ٻيو ڇا ٿينديس ‪ ،‬ھاڻي زندگيَء ۾ رھيو ئي ڇا آھي‪،‬‬
‫ائين ئي‪ ،‬اندر ئي اندر‪ ،‬پچي پچي رک ٿي ويندس‪ “.‬سندس بدن دکڻ لڳو‪ ،‬منھن تي اٻاڻڪائي‬
‫ڇان ئجڻ لڳس‪ ،‬جا ڄڻ اندر ۾ دکيل دونھين جي تاُء ھئي‪ .‬صفي کي ٻھاري ڏئي‪ ،‬ورانڊي ۾ آئي‪ .‬گوڏن‬
‫تي ھٿ رکي‪ ،‬ھيٺ اوڪڙو ويٺي ته چيلھه وٽان سور جي سٽ اڀريس‪ .‬ٻھاري ڏيندي اڳتي وڌي‪ ،‬لڱ‬
‫لڱ جهرندو محسوس ٿيس ۽ پني ن وٽ ڄڻ ڪنھن چڪ وڌا ھجنس‪ .‬ٻھاري ڏيندي چوڌاري نھارڻ‬
‫لڳي‪ .‬ساڳيون ئي شيون‪ ،‬ساڳين جاين تي پيل ھيون‪ ،‬جيئن ننڍي ھوندي کان‪ ،‬ھن گهر ۾ ڏسندي‬
‫آئي ھئي‪ .‬پر ھن کي پنھنجي ئي ھن گهر ۾ ڪجهه اجنبيت محسوس ٿيڻ لڳي‪ ،‬۽ پنھنجو پاڻ کي‬
‫ھن گهر ۾ مھمان سمجهڻ لڳي‪ .‬اچانڪ منجهس خواھش اڀري ته‪ ،‬ھن کي پنھنجو گهر ھجي‪ ،‬جتي‬
‫ھو گهرڌياڻيَء ھجي‪ ،‬ھن کي پنھنجو گهر ياد اچڻ لڳو‪ ،‬۽ سندس دل ۾ الشعوري طور ھڪ ڇڪ‬
‫ڏيندڙ سڪ پيدا ٿي ته انھي گهر کي ڏسي‪.‬‬
‫اڃا ٻھاري ڏيندي ورانڊي جي اڌ تي پھتي ھئي ته ماڻس سڏ ڪيس‪” ،‬ائي امان‪ ،‬اچ ڪڪي کي‬
‫ماني کاراِء‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪21‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ٻھاري ڦٽي ڪري رڌڻي ۾ آئي‪ ،‬سندس ڪڪو روئي رھيو ھو‪” ،‬بابا کي ماني ڏئي اچان؟“ ھن‬
‫پنھنجي پٽ تي مٿاڇڙي نھار ڪري‪ ،‬سامھون چلھه جي ڀرسان ويٺل ماُء کان پڇيو‪.‬‬
‫” نه‪ ،‬مان پاڻھي ٿي ڏئي اچانس‪ ،‬تون پنھنجي نينگر کي سنڀال‪ ،‬صبح مرداني رينگٽ شروع ڪيو‬
‫اٿائين“ ماڻس ائين چئي‪ ،‬ماني دٻڪيَء تي رکي‪ ،‬ھڪ ھٿ ۾ کڻي ٻئي ھٿ ۾ چانھه جو ڪوپ‬
‫جهلي ‪ ،‬مڙس کي ڏيڻ الَء اٿي‪ .‬ھن ماُء جي منھن ۾ ڏٺو‪ ،‬اھو پيار وچان ٻھڪيو پئي‪ ،‬ماني کڻڻ جي‬
‫انداز کي ڏٺو‪ ،‬ان ۾ چاھت ھئي‪ ،‬سندس ھلڻ جي چال کي ڏٺو‪ ،‬ان ۾ جواني واري چنچلتائي پئي‬
‫جهلڪ ي‪ ،‬ماني کي ڏٺو‪ ،‬اڄ معمول کان وڌيڪ گيھه پيل ھيس‪ ،‬ھڪ دفعو ذھن وري بوالٽي کاڌي‪،‬‬
‫اندر مان ڪروڌ‪ ،‬ساڙ ۽ بغض سر سر ڪري اڀرڻ لڳس‪.‬‬
‫سندس ڪڪو رينگي رھيو ھو‪ .‬سندس توجھه اوڏانھن ڇڪي‪ .‬مانيَء ٽڪر ڀڃي‪ ،‬پٽس کي بي‬
‫دلو‪ ،‬مٿي تي ھٿ ڦيري‪ ،‬مٿاڇڙي ٻچڪار ڏئي چيائين‪” ،‬کاُء‪ ،‬شاباش پٽ کي‪ “.‬پٽ کي ائين مٿاڇرو‬
‫پيار ڪرڻ‪ ،‬کيس ڪجهه عجيب ۽ اندر ۾ ڄڻ ڪجهه چڀندڙ لڳو ۽ اھو کيس ڀلي ڀت محسوس ٿيو‬
‫ته سندس پيار رکو‪ ،‬مامتا جي جذبي کان وانجھيل ۽ کوکلو آھي‪ .‬پر اھو احساس به مٿاڇرو ھو‪ ،‬ان‬
‫کان وڌيڪ شدت سان‪ ،‬کيس ائين لڳو ته‪ ،‬سندس اھو پٽ دل جو ٽڪرو نه‪ ،‬پر ھڪ بوجه آھي‪،‬‬
‫جيڪو مٿس زوري مڙھيو ويو آھي‪ ،‬جنھن کي ھوَء کڻڻ الِء مجبور آھي‪.‬‬
‫ماڻس موٽي اچي چلھه جي ڀرسان منجيَء تي ويٺي‪ .‬ان جي پٺيان سندس ننڍو ڀاَء‪ ،‬ڳچيَء ۾ ڪتابن‬
‫جو ٿيلھو وجھي‪ ،‬ڳوھيل اٽي واري پاٽ لتاڙي ماٌء جي ھنج ۾ اچي بيٺو ۽ رڙ ڪري چيائين‪” ،‬امان‬
‫خرچي ڏي‪“.‬‬
‫”جهل خرچي‪ ،‬منھنجا پرين‪ “.‬ماُء پٽ جا ٻنھي ھٿن سان ڳل وٺي‪ ،‬پنھنجي ويجهو آڻي‪ ،‬سندس نرڙ‬
‫تي چمي ڏئي‪ ،‬رئي جي پالند مان ڏھ پيسي ڪڍي‪ ،‬سندس ننڍڙي ننڍڙي ھٿ جي تريَء تي رکندي‬
‫چيو‪ ” ،‬سنڀالي وڃ اسڪول پٽ‪ ،‬روڊ تي مئا الرين وارا‪ ،‬ائين ٿا ھالئين جو جڳ جھان جي خبر ڪانه‬
‫ٿي پوين‪ “.‬۽ وڌيڪ ٻچي کي آسيس ڏيندي چيائين ‪” ،‬چڱو ھاڻي اهلل نگھبان‪ “.‬پٽ کي ويندي ماڻس‬
‫ڏٺو‪ ،‬سندس نيڻن ۾ ‪ ،‬مامتا وارو مقدس پيار ۽ مستقبل الِء نيڪ خواھشون ڀريل ھيون‪.‬‬
‫ماُء کي پنھنجي پٽ سان پيار ڪندو ڏسي‪ ،‬ھن کي دل ۾ وڍ ڏيندڙ چھڪ آيو‪ .‬جيتوڻيڪ اھو‬
‫سندس ڀاَء ھو‪ .‬پنھنجي پٽ کي ڏٺائين‪ ،‬جيڪو ھڪ اک تي پنھنجو ابتو ھٿ رکي‪ ،‬ھوڏ ٻڌي‪ ،‬منھن‬
‫سڄايو سڏڪا ڀري رھيو ھو‪ ،‬کيس ھڪ ڇٻي آئي‪ ،‬ستل ممتا جو جذبو ڀڙڪو ڏئي اڀريو‪ ،‬اھو جذبو‬
‫جيڪو اندر ئي اندر‪ ،‬جلندڙ آگ ۾ جلي جلي رک ٿيندو پئي ويو‪.‬‬
‫”کاُء منھنجا سدورا پٽ‪ ،‬شابي منھنجا مٺڙا‪ “.‬نانس نينگر کي پيار وچان ٻچڪار ڏئي پرچائڻ لڳي‪.‬‬
‫پٽس الِء ماڻس جو اھو پيار کيس دل ڏاريندڙ طنز ۽ ذلت ڀري خيرات لڳي‪ .‬سندس رت ڄمي ويو‪،‬‬
‫اچانڪ خودبخود سندس ھٿ اٿيو‪ ،‬ٺڪاَء ڏئي پٽس جي ڪچڙي ڳل تي ڦھڪو ٿيو‪ ،‬ڳل تي چنبي‬
‫جو ڳاڙھو نشان ٿي بيٺو‪ .‬چماٽ سان گڏ سندس وات مان نڪري ويو‪” ،‬ڳري ويا تو ته زندگي زھر‬
‫ڪري ڇڏي آھي مئا موت به نٿو اچيئي‪ “.‬سندس آواز ۾ روئڻھارڪي لرزش ھئي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪22‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”ائي مئي‪ ،‬خير گهر‪ .‬ابھم آھي نيٺ ته تيسو ٻار جو ڪم آ‪ “.‬ماڻس کيس ڇڙٻ ڏني ۽ ڏوھٽي جا‬
‫ڳوڙھا اگهندي وڏي پيار ۽ پاٻوھ مان چوڻ لڳي‪” :‬نه منھنجا الل‪ ،‬مان گهور وڃان‪ .‬آ تون مون ڏي آ‪“.‬‬
‫ائين چئي‪ ،‬ٻئي ھٿ اڳتي وڌائي ٻانھيون ڊگهيون ڪري‪ ،‬ڏوھٽي کي کڻڻ لڳي‪ .‬اھا ھن کي ھڪ چٿر‬
‫لڳي‪ :‬جنھن ۾ انبار طعنن تنڪن جا ھجن‪ ،‬ھن پٽ کي ماُء جي ھٿن مان ڦري‪ ،‬ٻاھر آڳر ۾ اچي کٽ‬
‫تي سٽيو ۽ ماني ٽڪر سندس وات ۾ وجهندي‪ ،‬اندر جي باھ مان چيو‪” ،‬ھان وٺ ڏر‪ ،‬مئو پاڻ ته مري‬
‫ويو ھي جزا مٿي ۾ ھڻي ويم‪ “.‬کيس سيني ۾ ھڪ ٻوجھه محسوس ٿيو‪ ،‬مٿي کي ڦيري آيس‪ ،‬اکيون‬
‫ڀرجي آيس‪ ،‬ڄڻ اکين مان پاڻي نيسارا ڪري وھندس‪ .‬سندس دل چيو‪ ،‬وڏيون وڏيون اوڇنگاريون‬
‫ڏئي روئي دانھون ڪري‪ ،‬اھڙيون اوڇنگارون‪ ،‬جيڪي جواڻ جماڻ مڙس جي موت تي ڪيون‬
‫ھئائين‪ .‬اندر جي گھراين مان زور سان اوڇنگارون ڏئي رئڻ جي ڀرڀور خواھش ھيٺ‪ ،‬ھيئن ۾ ڇٻي‬
‫ڏيندڙ ھڏڪي آيس‪ .‬پر ھوَء روئي نه سگه ي‪ .‬سواِء ان جي جو سندس اکين مان ٻه ٽي ڳوڙھا رئي جي‬
‫پالند سان اگه ي‪ ،‬نڪ ۾ آيل گويي کي ھٿ ۾ زور سان سڻڪي ڦھڪو ڪري اڇاليائين‪ ،‬جيڪو‬
‫ڀت تي ٿڦجي پيو ۽ آھستي آھستي ھيٺ رڙھڻ لڳو‪.‬‬
‫سج ڪا في مٿي چڙھيو ھو‪ .‬معمول پٽاندڙ ماني کائي ھوَء رڌڻي ۾ نيرن تي ٿڦيل ٿانون کي ڌوئڻ الِء‬
‫ويٺي‪ .‬ماڻس ماني ڪري‪ ،‬رڌڻي مان اڳئي اٿي اڱڻ ۾ آئي ھئي‪ .‬ھن راتوڪو کيرھاڻو گالس کڻي ان‬
‫۾ اڃا ڇار ملي ئي مس ته ماڻس رڌڻي ۾ آئي‪ .‬پنھنجي منھن تي پيار گاڏڙ ھمدردي جو تاثر آڻي‪.‬‬
‫سندس منھن ۾ غور سان ڏسي چوڻ لڳي‪” ،‬اما رضو!“‬
‫”ھون ‪ “ . . . . .‬ھن رکائي مان وراڻيو‪.‬‬
‫”توکان ھڪ ڳالھه پڇان؟“‬
‫”ڪھڙي؟“‬
‫” ھي مڙس جي مرڻ کان پوِء توکي ڪڏھن ڪڏھن توکي ڇا ٿي ٿو وڃي“ ماڻس ڏک وچان ڌيمي‬
‫چوڻ لڳي‪ ” ،‬اما‪ ،‬اھا رب جي رضا ھئي ‪ ،‬ڀال ان تي ڪنھن جو وس ھو‪ .‬ڌيَء‪ ،‬مون کان تنھنجي اھا‬
‫حالت ڏٺي نٿي ٿئي‪ ،‬تون مونکي ڏس‪ ،‬آخر توکي روڳ ڪھڙو آھي؟“‬
‫”ڪجهه به نه امان“ ھن مٿاڇري نموني ورندي پر دل کي ڪا سٽ آيس‪.‬‬
‫” نه امڙ‪ ،‬ڪو ته روڳ اٿئي ڇا مون کي به ٻڌائڻ ۾ شرم ٿي محسوس ڪرين‪ .‬مان ته تنھنجي ماُء‬
‫آھيان‪ “.‬ماڻس سندس منھن ۾ چتائي ڏٺو‪.‬‬
‫”نه نه اما‪ ،‬ڪجهه ناھي‪ ،‬بس اھئين ڪڏھن ڪڏھن طبيعت ملول ٿي ويندي آھي‪ “.‬ھن ڪنڌ ھيٺ‬
‫ڪري‪ ،‬ھيٺيئن چپ کي چڪ ھڻي وراڻيو‪.‬‬
‫”بس اھيئن ڇا؟“ ماڻس تڪڙو حجتي سوال ڪيس‪ .‬وري ڪجهه ڌيري ۽ پاٻوھ مان چيائين‪،‬‬
‫”ڪجهه ته آھي ڌيَء‪ ،‬ڀال چري ماُء کان به لڪائين ٿي؟“ ماڻس پيار ڀرين نگاھن سان منھن ۾ ڏٺو‪.‬‬
‫”ڀال‪ “-‬گهڙي پلڪ رکي‪ ،‬ماڻس سندس منھن ۾ نھاري‪” ،‬ڀال” لفظ تي ڪجهه زور ڏئي‪.‬‬
‫”ڀال“ کانئس ڇرڪ نڪري ويو‪ .‬وري ڌيرج سان چوڻ لڳي‪” ،‬نه اما‪ ،‬ڪجهه ڪونھي‪ “.‬سندس منھن‬
‫تي لڄ وچان الالئي پکڙجي وئي‪ ،‬سيني ۾ اندر ڄڻ بيٺل پاڻي ۾ ڪنھن پٿر اڇليو ۽ ان ۾ اوچتي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪23‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫چرپر ٿي‪ .‬ڪنڌ شرم وچان ھيٺ جهڪي آيس‪ ،‬بدن کي ٿورو لوڏي‪ ،‬مٿي تي پوتي چڱي طرح‬
‫سرڪائي انھي کي ٺاھيائين‪.‬‬
‫رڌڻي ۾ ٻئي ماُء – ڌي خاموش ھيون‪.‬‬
‫” ٿانو مان ٿي ڌوئيان تون ڪڪي کي کڻي وھنجارينس ۽ تون به وھنج‪ .‬رن منھن ئي سڄائي ڇڏيو‬
‫اٿئي‪ “ .‬ماڻس خاموشي ٽوڙيندي کيس گهري پيار ڀرين نظرن سان ڏسندي چيو‪.‬‬
‫”نه اما‪ ،‬ٿانو ڌوئي وڃي وھنجان ٿي‪ “.‬ھن رکائي مان چيو‪.‬‬
‫”اٿ منھنجي سدوري‪ “.‬ماڻس سندس مٿي تي ھٿ رکيو ۽ ٻاراڻي نموني کيس پاٻوھ مان چيو‪.‬‬
‫رڌڻي مان ٻاھر اچي ھن ڪڪي کي کنيو ۽ نل مان پاڻي جي بالٽي ڀري غسلخاني ۾ گهڙي‪،‬‬
‫ڪڪي کي وھ اري پاڻ ڪپڙا الھي ڪليَء ۾ ٽنگڻ لڳي‪ .‬ڪپڙا الھيندي دل ۾ چوڻ لڳي‪” ،‬مان به‬
‫ڪھڙي نه خودغرض آھيان اجايو ٿي امان کان جالن‪ “.‬ڪجهه پلڪ خاموش رھي وري چوڻ لڳي‪،‬‬
‫” امان نيٺ به ته عورت آھي تنھن کان سواِء ماُء‪ ،‬کيس نه ڇٻي ايندي ته ٻيو ڪنھن کي ايندي‪” “.‬ڀال“‬
‫ھن ماُء جا لفظ ورجايا‪ ،‬ان جو مطلب ڇا ٿي ٿي سگهيو‪ ،‬منھن جي اندر جو روڳ پروڙي ورتائين‪ .‬ھا‪،‬‬
‫نيٺ به عورت آھي‪ ،‬سندس منھن تي ڳاڙھاڻ آئي بدن ۾ حرارت محسوس ٿيس‪ .‬پنھنجي ننگي بدن‬
‫کي ڏٺائين ڪجهه عجيب محسوس ٿيس‪ .‬نرڙ اڳيان آيل وارن کي ڪنڌ جو جهٽڪو ڏئي پوئتي‬
‫ھٽايائين‪ ،‬پنھنجو کاٻو ھٿ منھن تي آڻي ڳٽي تي ڦيرائڻ لڳي‪ .‬ڳٽو گرم لڳس‪ ،‬ھٿ آھستي آھستي‬
‫ھيٺ سرڪڻ لڳس‪ .‬ڪنڌ کان ٿي بغلن وٽ آندائين‪ .‬پوِء ارھن جي بنڊڻن وٽ آڱر ڦيرائڻ لڳي‪،‬‬
‫سڄي بدن ۾ گرمي وڌندڙ محسوس ٿيس‪ .‬ڪاٺ جي تاڪي تي اوڪڙو ٿي ويٺي‪ .‬ھٿ جي ھن ڇھاُء‬
‫سان سندس بدن ۾ حرارت وڌندي رھي ۽ ھڪ عجيب قسم جو سرور اچڻ لڳس‪ .‬ھٿ جي ڇھاُء‬
‫سان اھو سرور وڌندو ويس ۽ اکيون ڌيري ڌيري پورجڻ لڳس‪ .‬اوچتو سندس پوري جسم ۾‬
‫ڪتڪتائي ڏيندڙ ڏڪڻي اڀري جنھن سڄي بدن کي لوڏي ڇڏيس‪ .‬اکيون کوليائين سندس‬
‫ڪڪو پاڻي سان کيڏي رھيو ھو‪ .‬ڪڪي جي پاڻيَء ۾ ھٿن جا ٿاڦوڙا ھڻڻ ڪري پاڻي جا ڇنڊا‬
‫کيس پئي لڳا‪ ،‬انھن مان زندگي بخشيندڙ لطف آيس‪ .‬پٽ جي بي پرواھي سان کيڏڻ ۽ پاڻي جي‬
‫ڦڻگڻ ۾ گد گد ٿيڻ کيس ڏاڍو وڻيو‪ .‬پيار جي اندروني جذبي جي شدت وچان جهٽ ڏئي پٽ کي‬
‫کنيائين ۽ ڇاتي ۾ لڪائي پٺي تي پيار ڀريون ٿڦڪيون ھڻڻ لڳس‪ .‬وري پٽ جا ڳل پنھنجي ڳلن‬
‫سان مالئي سندس ڳٽن تي‪ ،‬چپن تي‪ ،‬نرڙ تي‪ ،‬اکين تي چميون ڏيڻ لڳي‪ .‬کيس لڳو سندس اندر ۾‬
‫ڪا بي چين ھلچل آھي‪ .‬مضطرب آنڌ مانڌ آھي‪ ،‬ڪو طوفان آھي‪ .‬ھن پوري قوت سان ٻچي کي‬
‫ڇاتي سان مالئي ھڪ ڪري ڇڏڻ چاھيو‪ .‬ھوَء جذبات جي انھي طوفان ۾ پيار جي ٿٻڪين کائڻ‬
‫۾ مڱن ھئي ته مٿان ماڻس جو سڏ ٿيس ‪” ،‬ائي رضو‪ ،‬دير التئي‪ ،‬ٻيو پاڻي کپيئي؟“‬
‫”نه اما‪ ،‬اجهو آيس“ ھن اندران ورندي ڏني‪.‬‬
‫”ماٌء جي آواز تي ھڪ دفعو وري کيس پنھنجي ۽ ماڻس جي وچ ۾ ماُء – ڌي اڃا به وڌيڪ‬
‫عورت‪ -‬عورت جي وچ ۾ پنجھائپ واري گھري جذبي جو احساس ٿيڻ لڳو‪ :‬دل ۾ چيائين‪” ،‬امان‬
‫ضرور بابي سان ڳالھه ڪري سندس الِء ڪٿي ڳالھيون ھالئيندي‪ ،‬پر ڪٿي؟“ ھو ويچار ۾ پئجي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪24‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ويئي ۽ خيال ئي خيال ۾‪ ،‬پنھنجن ويجهن مائٽن جا ڇڙا ڇانڊا مرد نظر مان ڪڍڻ لڳي‪ .‬ممو‪ ،‬سندس‬
‫سؤٽ ممتاز‪ ،‬جانٺو جوان‪ ،‬ھلندو آھي ته مردانگي انگ انگ مان بکندي اٿس‪ .‬پر‪ ،‬پر ھن ته شاديَء‬
‫کان ئي مرڳو انڪار ڪر ي ڇڏيو آھي‪ .‬ماسيَء جون ٽي نينگريون ساماڻيون ويٺيون آھن انھن کي‬
‫به ٺپ جواب ڏئي ڇڏيائين‪ .‬وڏي ماسات جا ته وار به اڇا ٿي رھيا آھن‪ .‬ٻيو ڪير آھي؟ ھو پنھنجي‬
‫مائٽن جي ڪنوارن مردن کي ھڪ ھڪ ڪري نظرن مان ڪڍندي وئي‪ .‬پر ڪنھن نه ڪنھن‬
‫ڪارڻ سڀني مان نااميد ٿيندي وئي‪ .‬اچان ڪ سندس ذھن ۾ ھڪ چھرو اڀريو‪ .‬عبدو اللي جو‪،‬‬
‫جيڪو سندن گهر جي سامھون ھڪ ننڍڙي مانڊڻي کوليو ويٺو آھي ۽ ان تي ننڍيون ننڍيون شيون‬
‫وڪڻي پيٽ گذران ڪندو آھي‪ “.‬ڪو گهرگهاٽ به ڪونه اٿس‪ ،‬سمھندو به انھي مانڊڻي ۾ آھي‪.‬‬
‫آھي شايد ڇڙو ڇانڊو‪ ،‬مئو گهوري ته ڪيئن ڏسندو آھي‪ ،‬جڏھن به ٻاھر ڪيڏانھن وڃڻ وقت گهٽي‬
‫مان لنگه ندي آھيان‪ ،‬ھونئن به سڄو ڏينھن پيو مان جي دري مان تڪيندو رھندو آھي‪ “.‬سندس دل‬
‫ڪجه ه ڌڙڪڻ لڳي ۽ اللي عبدوَء جي شخصيت ۾ پاڻ ڏانھن ڇڪ محسوس ڪيائين ‪” ،‬شايد‬
‫منھنجي الِء پيو واجهائيندو آھي‪ “.‬پر اوچتو نراسائي ۽ ياس بي پاڙي وانگر سندس جسم کي‬
‫وڪوڙجڻ لڳي‪” .‬پر ھو ته ڌاريو آھي‪ ،‬ذات ته ڇا قوم به ڌاري آھي‪ “.‬نااميديَء جي سمنڊ ۾ غوطا‬
‫کائيندي‪ ،‬کيس پنھنجي انتھائي مظلوميت ۽ قيد ھجڻ جو احساس شدت سان ٿيو‪” .‬آخر عورتن‬
‫سان ايڏو ظلم ڇو؟“ ھو سوچڻ لڳي‪” ،‬مرد ته چار شاديون به ڪري سگهن ٿا‪ ،‬پر عورت الِء بيوه ٿيڻ به‬
‫عيب آھي‪ .‬نه نه‪ ،‬ھي انصاف ناھي‪ .‬اهلل سائين وڏو ظلم ڪيو آھي‪ .‬شايد ‪ “ . . . . .‬ھو ڊڄي ڊڄي سوچڻ‬
‫لڳي‪ ” ،‬شايد اهلل سائين به مرد آھي‪ ،‬نالو ته مردن جھڙو اٿس ۽ نبي به سڀ مرد موڪليائين‪ “.‬ڊپ‬
‫سندس عضوي عضوي ۾ بيھندو ويو‪ ،‬وار ڪانڊارجي ويس ۽ اچانڪ وات مان نڪري ويس‪” .‬نعوذ‬
‫بااهلل ھي مون ڇا چيو‪ ،‬ھي ته ڪفر آھي‪ .‬يا منھنجا رب مونکي معاف ڪري ڇڏ‪ “.‬پر کيس تعجب‬
‫وٺي ٿو ته انھيَء معافي ۾ اھا دل جي سچائي ڪانه آھي ۽ کيس لڳو ته جيڪو ڪجهه چيو اٿائين‪،‬‬
‫اندر ئي اندر مان اھا گواھي پئي ملي ته سچ اھو آھي‪ .‬مٿاڇري دل سان ڀڻڪي‪” ،‬پر اھو ته ڪفر‬
‫آھي“ ڄڻ اندر ئي اندر مان ڪو چويس ٿو‪” ،‬ھو ته سچ آھي‪ ،‬نيٺ عورت سان اھا بي انصافي ڇو؟“‬
‫ھن ھڪ ڊگه و شوڪارو ڀري پاڻي جو ڪٽورو مٿان التو‪ .‬وھنجي ٻاھر نڪتي‪ .‬ماڻس جي غير‬
‫معمولي ھمدردي نما پيار ھڪ دفعو وري کيس سونھري اميدن جي دنيا ۾ آڻي ڇڏيو‪.‬‬
‫رات جا ڏھ کن ٿيا ھئا‪ .‬ھر ڪو ماني ٽڪي کائي‪ ،‬پنھنجي پنھنجي کٽ تي ستو پيو ھو‪ ،‬ماڻس‪،‬‬
‫پڻس کي زور پئي ڏنا‪ .‬سمورا ٻار ننڊ پئجي چڪا ھئا‪ .‬ھو جاڳي رھي ھئي‪ .‬سڌو سنئون ليٽي ٻانھن‬
‫اکين تي رکيو ستي پئي ھئي‪ .‬اندر ۾ آنڌمانڌ ھيس‪ ،‬ماڻس ڏانھن ڪن اليو سڄو ڌيان اوڏانھن‬
‫ڪري ڇڏيو ھئائي ن ته سندس الِء ماڻس ڇا ٿي چوي‪ ،‬پر ماڻس خاموشي سان مڙس کي زور ڏيندي‬
‫رھي‪ .‬کيس ماُء جي خاموشي تي ڏاڍا جک پئي آيا ۽ اندر جي اڻ تڻ بي چيني جي روپ ۾ وڌڻ لڳس‪.‬‬
‫ماڻس اٿي‪ ،‬سندس ڀر ۾ اچي ڪجه ه پلڪ کيس ڏسي اڳتي وڌي بدنو کڻي غسلخاني ڏانھن وئي‪،‬‬
‫شايد کيس جانچيائين پئي ته ننڊ ۾ آھي يا سجاڳ‪ .‬ماُء جي اچڻ تي ھوَء ڇپ ماري ائين پئي رھي‬
‫ڄڻ واقعي ننڊ ھجيس‪ .‬ماڻس موٽندي ٻيھر کيس ڏٺو ۽ پوِء مڙس سان وڃي گڏ ستي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪25‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”رضو پيُء‪ ،‬ڪجه ه رضو جي باري ۾ سوچيو اٿو‪ .‬نينگر اڃا ته جوان آھي ‪ “ . . .‬ھيَء ماڻس جو آواز‬
‫ھو‪ .‬ماُء جا اھي لفظ ٻڌي کانئس ھڪ و ڏو ساھ نڪري ويو ڄڻ اھو ساھ اندر سانڍي رکيو ھئائين‪.‬‬
‫”ھا‪ ،‬مون کي به سندس الڪو آھي پر ‪ “ . . . . . .‬ھي پڻس جو آواز ھو‪ .‬سندس ڪن وڌيڪ کڙا ٿيا‪.‬‬
‫پر ڇا‪ ،‬ڪٿي ڪو بلو ڪرينس‪ ،‬نينگرين الِء ڪي مڙس کٽا‪ “.‬ماڻس چيو ۽ پاسو ورائي ھڪ ٽنگ‬
‫مڙس جي ٽنگن تي ٻيڻي ڪري رکيائين ‪.‬‬
‫“رضو ماُء‪ ،‬اھو وقت ويو جڏھن نينگرين الِء مرد سڪندا ھئا‪ .‬تون ڀانئين ٿي مون ڪو پنھنجي ليکي‬
‫گهٽايو ھوندو‪“.‬‬
‫”ڇو‪ ،‬ڪنھن سان ڳالھه چوري اٿئي ڇا؟“‬
‫” ھا‪ ،‬ممو ماُء کي چيم ممتاز الَء‪ ،‬پر ٺپ جواب ڏنائين‪ .‬چي نڀاڳي آھي‪“.‬‬
‫پيُء جا اھي لفظ ٻڌي سدس دل تي ڄڻ پٿر ڪريو‪ .‬سموري بدن جون رڳون شيڪجي آيس‪ .‬پر پاڻ‬
‫تي ضابطو رکندي چپ رھي ۽ ڪن ڏئي ٻڌڻ لڳي‪.‬‬
‫”پر نيٺ ته منھن سر ڪبس‪ “.‬ھيَء ماڻس ھئي‪.‬‬
‫آخر مان ڪھڙو ڪارو منھن ڪريان ٻن ٽن ھنڌن ڳالھه چوري اٿم‪ .‬پر ھر ھنڌ جواب‪ .‬ھڪ ته‬
‫ڇوڪري جو پيُء‪ ،‬وري ڳالھه به مان چوريان‪ .‬آخر جڳ جھان ڇا چوندو‪ .‬مان ته نااميد ٿي پيو آھيان‪.‬‬
‫رضوَء ماُء‪ ،‬پنھنجي پنھنجي قسمت آھي‪ ،‬ڀال اسين ڪري به ڇا ٿا سگهون‪ ،‬پنھنجو گهر اٿس‪،‬‬
‫زندگيَء جا چار ڏينھن ڏک سک ۾ گذاري وڃي پار پوندي ‪ “. ..‬پڻس جي ڳالھائڻ ۾ ڪجهه ترشي ۽‬
‫نراسائي ھئي‪.‬‬
‫ماڻس چپ رھي ۽ پڻس وڌيڪ نه ڳالھايو‪.‬‬
‫ماُء‪ ،‬پيُء جي اھا خاموشي وڌيڪ کيس کائڻ لڳي‪ .‬اکين آڏو اوندو اچڻ لڳس‪ ،‬سندس زندگي ھڪ‬
‫جلندڙ کورو لڳي‪ ،‬جنھن ۾ پنھنجو پاڻ کي جلندو محسوس ڪيائين‪ .‬پاسو ورائي ماُء‪ ،‬پيُء واري کٽ‬
‫ڏانھن منھن ڪيائين ۽ اڌ اکيون کولي کين ڏسڻ لڳي‪ .‬ماڻس پڻس کي ٻک وجھي ستي پئي ھئي‪.‬‬
‫اکيون ٻوٽي پاسو ورائي ڀر ۾ ستل پٽ کي ڀاڪر پاتو‪ ،‬پنھنجو ڳٽو ڪڪي جي ڳٽي تي رکيائين ۽‬
‫اکين جي ڪنڊن کان خاموش ڳوڙھا وھڻ لڳس‪ ،‬جي ڳٽن تان وھندا وھاڻي ۾ جذب ٿيندا ويا‪.‬‬

‫چوڏس ‪1905‬ع‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪26‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫حقيقت ۽ دوکو‬

‫ڊاڪٽر قمرالدين‪ :‬شھر جي مشھور ۽ سٺن فزيشنن مان ھڪ ذھين ۽ ھوشيار‪ ،‬ڪڻڪ‬
‫رنگو‪ .‬جسم جي متناسب بناوٽ ۽ خدوخال ڪري‪ ،‬پرڪشش شخصيت‪ .‬ڳنڀير ۽ سنجيدو‪ .‬آزاد‬
‫خيال ۽ شريف النفس‪ .‬پنھنجي پيشي سان لڳاُء رکندڙ‪ .‬ايماندار ۽ انسان دوست ھجڻ کان مشھور‪.‬‬
‫شھر جي مٿين معزز شخصيتن مان ھڪ‪ .‬پر پنھنجي حيثيت جي حلقي ۾ بلڪل گهٽ ھلندڙ‪.‬‬
‫ذاتي دوستن جو حلقو بلڪل نه – سواِء زميندار رئيس قربان علي جي‪ .‬جنھن سان ميٽرڪ تائين‬
‫ھم ڪالسي ھجڻ ۽ ھينئر سندس فيملي ڊاڪٽر ھجڻ جي ناتي دوستاڻا تعلقات‪ .‬سي به تڪلف‬
‫جي حد تائين‪ .‬زندگيَء جو ھڪ ”روٽين“ )‪(Routine‬گهر‪ -‬ڪلينڪ‪ -‬مريض‪ -‬مطالعو‪ -‬ٻارن سان‬
‫پيار – آچر جي ڏينھن آرام‪ .‬جنھن ۾ پنھنجي مختصر ڪٽنب‪ -‬زال امينه‪ ،‬نوجوان پٽ اڪبر‪،‬‬
‫تيرھن سالن جي ڌي ڪلثوم ۽ ٻن سالن جي ڪڪي ساڻ ڪري ڪنھن تفريحي ھنڌ تي ويندو‬
‫آھي‪.‬‬
‫صبح جو پنھنجي مثالي ڪٽنب سان گڏ نيرن ڪرڻ کان پوِء ڪلينڪ ويندو آھي‪ .‬وري‬
‫ھڪ بجي اچي ساڻن گڏ منجهند جي ماني کائيندو آھي‪ ،‬آرام ڪندو آھي‪ .‬شام جو ڇھين وڳي‬
‫ڪلينڪ‪ .‬وري رات جي ماني ڪٽنب سان گڏ‪ .‬رات جي ماني کان پوِء ڳپل مھل تائين جاَء جي‬
‫اڳيان الن ۾ يا ٻاھر خالي روڊ تي پسار ڪندو آھي‪ ،‬پسار کان پوِء پنھنجي ڪمري ۾ اچي پڙھندو‬
‫آھي – ڪيسن تي ويچاريندو آھي ۽ ڪتابن کي ”ريفر“ )‪(Refer‬ڪندو آھي‪ .‬سندس ڪمرو‪:‬‬
‫سادگي سان ھر شيِء رکيل‪ ،‬بڪ شيلف جي مٿين تختي تي ڪنھن دوائن جي ڪمپني طرفان‬
‫ڇپيل ڪيلينڊر؛ ڪجهه دوائن جون شيشيون ۽ ڪجهه رساال لکيل‪ .‬۽ ھيٺين خانن ۾ سندس پيشي‬
‫سان الڳاپو رکندڙ ڪتابن کان سواِء ادب‪ ،‬فلسفي‪ ،‬نفسيات ۽ سائنس جي مختلف برانچن جا‬
‫ڪتاب نظر ايندڙ‪ .‬سڄي ڪمري ۾‪ ،‬در جي سامھون‪ ،‬ڀت جي پوري وچ تي ٽنگيل ھڪ تصوير؛‬
‫ڪنھن فطري نظاري جي‪ .‬ڪمري جي سادي سجاوٽ ۽ ڪتابن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر قمر‬
‫ڪيڏو سادو‪ ،‬گھرو ۽ پنھنجي پيشي کان سواِء ٻين علمن جو مطالعو ڪندڙ آھي‪ ،‬۽ سندس ڪٽنب‬
‫ھڪ مثالي ڪٽنب آھي‪.‬‬
‫رات جي ماني کا ئڻ کان پوِء‪ ،‬ڊاڪٽر پپو کي ھنج ۾ کنيو؛ ڳل تي چمي ڏنائين‪ .‬ٻن وڏن ٻارن کي‬
‫به پٺيان اچڻ الِء چيائين‪ .‬اندر ڪمري ڏانھن ويندڙ زال کي ڏسي مرڪيائين ۽ بنگلي جي اڳيان‬
‫الن ۾ آيو‪ .‬چھل قدمي ڪرڻ لڳو‪ .‬اڪبر ڪلثوم به ساڻس گڏ ھلڻ لڳا‪ .‬روزمره جون ڳالھيون ڪرڻ‬
‫لڳا ڪاليج جون پڙھ ائي جون ‪ . . .‬ائين ڳالھيون ڪندي پسار ڪري رھيا ھئا ته سندس نوڪر‬
‫بخشو اتي آيو‪.‬‬
‫چيائين‪” ،‬صاحب اوھان جو فون آيو آھي‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪27‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”رئيس قربان علي‪“.‬‬


‫”قربان علي؟“ ڊاڪٽر سوالي انداز ۾ ورجايو‪ .‬پوِء آھستي‪ ،‬ڄڻ ڪجهه سوچيندي‪ ،‬ڀڻڪائين‪” ،‬ته‬
‫رئيس‪ ،‬عمرو ڪري آيو آھي – ھون‪ ،‬ڇا ٿو چئي؟“‬
‫”چئي ٿو ته فون ڊاڪٽر صاحب کي ڏج‪“.‬‬
‫”ھون‪ “-‬ڊاڪٽر‪ ،‬ڪڪو بخشو کي ڏيندي‪ ،‬وڏن ٻارن کي پنھنجن پنھنجن ڪمرن ڏانھن وڃڻ الِء‬
‫چئي‪ ،‬اندر‪ ،‬فون جو رسيور رکڻ کان پوِء ڪي گهڙيون اتيئي‪ ،‬ڪنھن گهري سوچ ۾ بيٺو رھيو‪ .‬۽ پوِء‬
‫سوچيندي سوچيندي ٻاھر وڌڻ لڳو‪.‬‬
‫”ڇاھي“ امينه اندران ڪمري مان ٻاھر نڪرندي پڇيس‪.‬‬
‫”ڪجهه به نه‪ “.‬زوري آندل مرڪ سان وراڻيائينس‪.‬‬
‫”ڪيڏانھن پيا وڃو؟“‬
‫”رئيس قربان ڏانھن ‪“.‬‬
‫”ڇو؟ خير ته ‪ “ . . . .‬حيرت مان پڇيائينس‪.‬‬
‫”ھا‪ ،‬ھا“ ڊاڪٽر ساڳي زوري آندل بناوٽي مرڪ سان چيو‪” ،‬ڪا ڳالھه ناھي‪ ،‬رئيس چيو آھي ته ملي‬
‫وڃ‪“.‬‬
‫”ته ھو عمري تان واپس اچي ويو آھي‪“.‬‬
‫”ھا‪“.‬‬
‫”ڪڏھن؟“‬
‫”ڪلھه‪“.‬‬
‫”پوِء اوھان کي اڄ ٻڌايو اٿس!“‬
‫”بس – مان ٿي ٿو اچانس‪“.‬‬
‫”ھينئر ڪھڙو ضرور آھي ‪ ،‬سڀاڻي ملجوس‪“.‬‬
‫”نه مان منٽن ۾ ٿي ٿو اچان‪“.‬‬
‫۽ گيراج ڏانھن موٽر ڪڍڻ الَء وڌيو‪.‬‬
‫‪ . . . .‬ٿي سگه ي ٿو‪ .‬ھي ڪانئون مھينو ‪ . . .‬ھن کيس ٻڌايو ھجي‪ ،‬يا ھو سمجهي ويو ھجي؟‬
‫ھڪ حقيقت نتيجو ‪ . . . . .‬نتيجو ‪ . . . . .‬نتيجو ‪ . . . . . . .‬نتيجو ‪ . . . . .‬نتيجو ‪ . . . .‬نتيجو ‪. . . . . . .‬‬
‫نتيجو ‪ . .. . . .‬بڪواس ؛ ”ڪانسڪوئنس‪(Consequence) “.‬‬
‫”اوھ آِء جسٽي فاِء اٽ‪ ،‬آِء ڪين جسٽي فاِء اٽ‪ (Oh, I justify it, I Can justify it.) “.‬مون کي‬
‫ائين ڪرڻ کپندو ھو‪ .‬بڪل نه ته ھو تباھ ٿي وڃي ھا‪ .‬يس اٽ از جسٽي فيل‪ ،‬الجيڪل‪ ،‬اٿيڪلي‬
‫“)‪ (Yes, it is logically, ethically, justifiable‬ڪو به اخالقي قدر قانون ڪنھن کي ائين‬
‫ڄاڻي ٻجهي ختم ‪( . . . .‬چيڪاٽ)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪28‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫اف! ھي ماڻھو‪ :‬انڌا‪ -‬مري پوي ھا ته چون ھا ڊاڪٽر ڄاڻي واڻي ‪ . . . .‬مان پنھنجي زال سان محبت‬
‫ڪيان ٿو ھو مون سان‪ .‬منھنجي نيت ڪڏھن به نه ‪” . . .‬لسٽ )‪ ، (Lust‬نيور نيور )‪(Never Never‬‬
‫بلڪل نه ائين ڪڏھن به نٿو ٿي سگهي‪ .‬ڪڏھن به نه ‪ . . .‬پر سوال آھي ‪“ . . .‬‬
‫“ائبارشن“ )‪(Abortion‬‬
‫ھون – اھوئي ”ساليوشن“ )‪(Solution‬آھي‪ .‬يس وڌ آئوٽ دئٽ ‪ (Yes Without that). . . . .‬ذليل‬
‫رئيس‪ .‬ھنه‪.‬‬
‫ھينئر جڏھن مان وٽس وڃي رھيو آھيان‪ ،‬ھو ڇا سوچيندو ھوندو؛ ڊاڪٽر ويساه گهاتي ڪئي آھي‪.‬‬
‫اعتماد کي ٺيس پھچائي اٿس‪ .‬ڊاڪٽر ڪميڻو – نه‪ ،‬ڪچيون گاريون ڏيندو ھوندو‪ .‬ھر سنڌي‬
‫وڏيري وانگر‪ .‬ذليل انسان تون آھين‪ .‬تون – انسان ڪش‪ ،‬تون! جنھن پئسن جي ھول ۾ ھڪ‬
‫معصوم جي زندگي کي تباھ ڪرڻ کان به ڪون ڪيٻايو‪ ،‬ھڪ معصوم‪ ،‬پياري ‪ -‬ڊاڪٽر صاحب‬
‫اوھان کي ڇا ٻڌايان ته مان شھزادي کي ڪيڏو ٿو ڀانيان‪.‬‬
‫فراڊ‪.‬‬
‫‪ . . . .‬ھو منھنجي زندگي آھي ‪.‬‬
‫‪ . . . .‬قاتل‪ .‬سنڌ جا زميندار‪ .‬ھنن کي گولي سان اڏائجي‪ .‬گوليَء سان ‪. . . .‬‬
‫‪ . . . .‬ڊاڪٽر صاحب – ڊاڪٽر صاحب‬
‫ھي مونکي ڪنھن سڏيو! ھي سڀ ھلندڙ مون ڏانھن ڏسي ڇو رھيا آھن !‬
‫‪ . . .‬سائين خير ته آھي! ون وي جي ابتڙ پيا وڃو؟‬
‫‪ . . .‬اوھ! آِء ايم ساري )‪ (Oh! I am Sorry‬مان پنھنجن خيالن ۾ پئي ويس‪”،‬ويري ساري“( ‪Very‬‬
‫)‪.Sorry‬‬
‫مان نروس )‪ (Nervous‬ٿي ويو آھيان؟ نه نه ‪-‬؟ ”گلٽي ڪانشس“ ) ‪(Guilty Conscious‬مون‬
‫ڪو به گناھ نه ڪيو آھي‪.‬‬
‫لئڪ آف مارل ڪريج ‪Lack Of moral courage‬‬
‫نو‪ ،‬جو ڪجهه ٿيندو ”آ ول فيس اٽ“ )‪(I Will face it‬‬
‫ھينئر ھو مون سان ڪيئن پيش ايندو؟ ”پوالئيٽلي“ )‪ . . . .(Politely‬يا نه؟ نيٺ ته وڏيرڪي‬
‫ذھنيت اٿس‪ .‬ممڪن آھي – مان خود بي عزتو ڪندومانس‪.‬‬
‫‪ . . .‬ڪورٽ‬
‫ممڪن آھي ”سپوز“ )‪” ، (Suppose‬بٽ اٽ از امپاسبل“ )‪(But it is impossible‬‬
‫ڪورٽ جو ڪمرو‬
‫مي الرڊ انسان جي زندگي ايڏي ”چيپ“ )‪ (Cheep‬ناھي جو – مان آھيان‪” .‬سر‪ ،‬آِء ايم ڊاڪٽر‪،‬‬
‫ناٽ پيوريٽن“ )‪” (Sir I am doctor not puritan‬يس سر“ )‪–(Yes Sir‬‬
‫”سڊڪشن“ )‪(Seduction‬‬
‫نو نو‪ ،‬اٽ از رانگ‪ ،‬اٽ از رانگ )‪(No No, it is wrong, it is wrong‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪29‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”فارنيڪيشن“ )‪(Fornication‬‬
‫‪There was voluntarism between . . . understanding.‬‬

‫”بٽ سر‪ -‬آِء وانٽ ٽو سي“ )‪(But Sir, I want to see‬‬


‫اوھ! ”نيور‪ ،‬نيور“ )‪ (Never Never‬ڪڏھن به نه‪.‬‬
‫”واٽ از موريلٽي“ )‪ (What is morality‬اخالق خود پنھنجي جاِء تي ”ويگ ڪانسيپٽ“‬
‫)‪(Vague Concept‬آھي‪ .‬جيڪڏھن ان کي ”رليٽو فارم“ )‪ (Relative Form‬۾ نه ڏٺو ويندو‪.‬‬
‫محض بڪواس‪ ،‬ڪنھن حد تائين عجيب مذاق‪” .‬اليوشن سر“ )‪(Illusion Sir‬‬
‫‪The concept of morality should be measured in relation to the vital needs‬‬
‫‪of the particular relative circumstances. Yes, it is the basic principle of cial‬‬
‫‪what you ethical sciences: medical ethics, or so may classify . . . . . .‬‬

‫ھنن مخصوص حالتن ۾ ‪ . . .‬ھا سائين‪ ،‬ھنن مخصوص حالتن ۾‪ .‬منھنجو اھو فعل قانوني ڏوھ‬
‫نه آھي‪ .‬نه بداخالقي – نه ويساه گهاتي‪ .‬ھڪ انساني زندگيَء جي اھميت کي آڏو رکي مون اھو ھڪ‬
‫‪ . . .‬فرض سمجهي ئي ھن جي ھڪ اھم فطري ضرورت کي سمجهي ئي ‪ -‬۽ ھا! ڇاڪاڻ ته مون‬
‫چاھيو‪ ،‬منھنجي اندر جي آواز ھيٺ‪ ،‬مون انھيَء کي ھڪ اخالقي فرض سمجهي ڪري ئي –‬
‫مان تسليم ڪريان ٿو منھنجي مشوري تي ئي رئيس پنھنجو ڪٽنب ڳوٺ کان ھتي شھر ۾‬
‫مستقل طور آندو‪ .‬مان ساڻس اڪيالئي ۾ ملندو رھندو ھئس‪ .‬رئيس کان مون اھڙي اجازت ورتي ‪. .‬‬
‫‪ .‬صحيح آھي‪ :‬رئيس جو مون ۾ مڪمل اعتماد ھو‪ .‬مون کيس اھو ئي مشورو ڏنو ۽ بار بار ڏنو ته‪:‬‬
‫سندس ڏينھون ڏينھن وڌندڙ ”ھيسٽرو – مينيا – ڪنڊيشن“ )‪(Hysterio mania conditions‬‬
‫جو عالج صرف شادي آھي‪ .‬ھن کي پيار گهرجي‪ .‬ھوَء نوجوان آھي‪ ،‬ساماڻيل‪ .‬سندس ”سيڪسوئيل‬
‫ارج“ )‪ (Sexual urge‬جي تسڪين الِء ‪ . . .‬اھو فطري ضرور آھي‪ .‬دوائون محض عارضي سڪون‬
‫ڏيندس‪ .‬رئيس ھر دفعي انڪار ڪندي ملڪيت جو سوال کڙو ڪيو‪“ .‬يس سر“ واٽ ڪين آِء ڊو‬
‫فار ھر؟ )‪(Yes Sir, What can I do for her‬سواِء مشوري ڏيڻ جي! ھمدردي ڪرڻ جي !‬
‫”سئمپتي“ )‪(Sympathy‬ڪجهه به ناھي‪ .‬سواِء رسمي لفظن جي ”ھئپوڪريسي“‬
‫)‪ (Hypocrisy‬جي‪ .‬ڇا اھڙي لفظي ھمدردي ھن جو عالج ٿي سگهي ٿو‪” .‬نو نو – نو‪ ،‬مي الرڊ نو“‬
‫)!‪ (No, No My lord No‬مونکي يقين ھو ته اھي دورن جا حمال سندس الِء ھڪ ڏينھن ڪنھن‬
‫”فزيڪل ڊيفيٽ“ )‪(Physical defect‬جو ڪارڻ بڻجندا‪” .‬بالئينڊنس‪ ،‬ڊيفينس‪ ،‬پئرالئس آر ‪. .‬‬
‫‪(Blindness, deafness, paralysis . . ) “.‬‬
‫سائڪياٽرسٽ؟ )‪(Psychiatrist‬‬
‫مونکي فضول لڳو‪ .‬اوھان خود ئي سوچيو نه ‪ . . .‬ھڪ فطري ۽ ھا‪ ،‬مون اھا جاچ ڪئي‪ ،‬پنھنجي‬
‫منھن‪ ،‬ھڪ سچي خواھش ھيٺ ته ڪاش‪ ،‬ھوَء ھتي شھر ۾ ڪنھن سان ”لو“ )‪ (love‬ڪندي ھجي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪30‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ج يئن عموما ڪنواريون ڇوڪريون ڪنديون آھن‪ .‬۽ اھا ڪھڙي نه سٺي ڳالھه ھجي ھا‪ ،‬پر ھو‬
‫ڪيڏي سادي‪ ،‬سودي‪ ،‬ھيسيل ۽ سخت پابندي ھيٺ! ممڪن آھي‪ ،‬يقين جي حد تائين ته ھن‬
‫تصوراتي دنيا ۾ پنھنجو ڪو محبوب بنايو ھجي‪ .‬۽ ‪-‬‬
‫جڏھن ته فيصلو ڪورٽ ۾ ٿيندو‪ .‬مان وٽس وڃان؟ گاڏي موٽايان؟ ھروڀرو ”مس بيھو“‬
‫)‪ (Misbehave‬ڪري ‪ . . .‬نه‪ ،‬ممڪن آھي‪ .‬پوالئٽلي )‪ (politely‬پيش اچي‪ .‬۽ ھن حادثي کي‬
‫حقيقت پسندي سان ريئالئيز )‪(Realize‬ڪري‪ ،‬مون سان ان سلسلي ۾ مشورو ڪري‪ .‬اھو وڌيڪ‬
‫بھتر آھي‪ .‬۽ ‪ ،-‬اھو به ته ٿي سگهي ٿو‪ ،‬ھي منھنجا اجايا انديشا ھجن‪ ،‬اجايا ‪ . . .‬ھن جو شڪ مون‬
‫تي نه ويندو ھجي‪ .‬اھو به ٿي سگهي ٿو‪ .‬مونکي ننڍپڻ کان وٺي ڄاڻي‪ .‬منھنجي شرافت ۽ ايمانداري‬
‫تي سندس پختو اعتماد آھي‪ .‬ھون‪ ،‬منھنجي باري ۾ ائين سوچي به نٿو سگهي‪ .‬مون جڏھن کيس‬
‫چيو‪ :‬رئيس ھن ڪيس ۾ ضروري آھي مان ساڻس اڪيالئي ۾ ملندو رھان‪.‬‬
‫چيائين‪” ،‬ڊاڪٽر صاحب انھي ۾ پڇڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي شھزادي اوھان جو پنھنجو ٻچو‬
‫آھي‪ .‬بس رڳو ‪“ . . .‬‬
‫”باسٽرڊ‪” ،‬ھيپوڪريٽ“ )‪(Bastard, Hypocrite‬‬
‫” ڊاڪٽر صاحب اوھانکي خبر آھي ته مان چئن مھينن الِء پاڪ ملڪن ڏانھن زيارت الِء وڃي رھيو‬
‫آھيان پنھنجا گناھ بخشائڻ‪ .‬شھزادي جي پارت ‪“ . . .‬‬
‫ايڏي ڀروسي ھوندي مون ۾ ڪيئن ٿو شڪ ڪري سگهي! ڪڏھن به نه‪ .‬مونکي وٽس وڃڻ گهرجي‪.‬‬
‫پر ‪ . . .‬ان جي معنى؟ ھو ھن کي ڏوھي ٺھرائي‪ .‬نتيجو! غيرت جي احمقانه تصور ھيٺ ماري ڇڏ –‬
‫اوھ! ڪيڏو ڀيانڪ تصور آھي‪ .‬وحشي جانور‪ ،‬جھنگلي‪.‬‬
‫”نو نو‪ ،‬شي از انوسينٽ“ شي وڊ ناٽ بي بليمڊ‪(No No, She is innocent) “.‬مان ڪنفس‬
‫)‪ (Confess‬ڪندس‪ .‬آِء ول اڪيسپٽ دي ريئلٽي‪ .‬آِء ول! )‪(I will accept the reality‬‬
‫اکيون – نيم خوابيداه – چھرو – نھار – ڇڪ‬
‫”ھائو بيوٽيفل چارمنگ“ )‪(How beautiful charming‬‬
‫‪ . . .‬نه نه‪ ،‬مان انھيَء کان متاثر نه ٿيو ھوس‪ .‬ڪڏھن به نه‪.‬‬

‫مون رڳو سندس حسن جي ساراھ ڪئي ھئي‪ .‬پر اھو منھنجي ”انٽينشن“ )‪ (Intention‬تي‬
‫اثرانداز نه ٿيو ھو‪ .‬مون سندس ضرورت کي آڏو رکي اڳتي سوچي ڇڏيو ھو؛ ”ڪنٽر اسيپٽور“‬
‫)‪ (Contraceptives‬جو استعمال – ھا‪ ،‬مون ڪيترا ڀيرا پاڻ کان سوال پڇيو ھو ”الجيڪلي آِء‬
‫ڪنوينسڊ ماِء سيلف “ )‪(Logically I convinced myself‬ڪرڻ گهرجي‪ .‬اھو گناھ ٿي نٿو‬
‫سگهي‪ .‬نه ويساھ گهاتي نه ئي بد اخالقي‪.‬‬
‫”ليگل ايسپڪٽ“ )‪(Legal aspect‬‬
‫اوھو! واضع طور نه سوچيو ھوم‪ .‬سوچي به نٿو سگهيس‪ .‬ناممڪن ھو‪ .‬ناممڪن پر‪.‬‬
‫ھي اوچتو! اوچتو حادثو! حادثو ئي چئبو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪31‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫انھيَء ڏينھن ‪ . . .‬اوچتو – بھرحال اڳي پوِء ٿيڻو ھو‪ .‬رڳو موقعي جو اندازو رکڻو ھو‪ .‬موقعي جو – خود‬
‫ئي – پر احمقانه انداز ۾‪ ،‬غلظ وقت تي – پر ڇا ٿي سگهيو‪.‬‬
‫” جيجي مان ھن سان اڪيالئي ۾ ملڻ چاھيان ٿو“ چيريل اکين جا ڇپر ھيٺ مٿي – نھار – ڳاڙھو‬
‫تپندڙ چھرو – ڇڪ – چپ چرندر – تيز ساھ سيني جو اڀار لھوار‪.‬‬
‫ماٺ‬
‫اکيون اکين ۾‬
‫شھزادي!‬
‫اوچتو – ڀاڪر‬
‫شھزادي! اھو ڇا‬
‫ڀاڪر جي ڇڪ زور سان – تڙپ – تڙپ ”يس“)‪ ،(Yes‬نمفوليپٽڪ )‪ (Nympholleptic‬چمي‬
‫– چميون‪.‬‬
‫‪ . . .‬چميَء ۾ ”انيٽئيٽو“ )‪ (Initiative‬منھنجو ھو‪.‬‬
‫ھا‪ ،‬منھنجو‪ ،‬بي خودي وچان‪ .‬اھا چمي!؟ ھمدردي واري پيار وچان – جيئن ھڪ ٻار کي ڏبي آھي؟‬
‫ڪو اھڙو ارادو جنھن کي جنسي معنى ۾ نه – بنھه نه‪.‬‬
‫پر مان سمجه ان ٿو ته‪ ،‬پھرين ته منھنجو اھڙو ارادو ڪونه ھو‪ ،‬پوِء ھنجي خود – سپردگي ۽ ڀرڀور ھا‪،‬‬
‫ائين ئي‪-‬‬
‫ڇا ھي منھنجا ذھني مفروضا آھن؟ ھن اڃان ”ريئالئيز“ )‪ (Realize‬نه ڪيو ھجي؟ اڃا ڪلھه ته‬
‫آيو آھي‪ .‬پر اچڻ شرط مون سان مليو ڇو نه؟ ملڻ کپندو ھئس‪ .‬پر جيڪڏھن ڄاڻ اڃا نه پئي ھوندس‪،‬‬
‫ته ڪنھن وقت پئجي سگه يس ٿي‪ .‬بلڪل‪ ،‬پنھنجي زال کان پڇيو ھوندائين‪ .‬ضرور‪ ،‬ايندو رھندو‬
‫ھو يا نه‪ .‬ڳپل ڏينھن کان مان نه ويو آھيان‪ .‬وڃڻ کپندو ھوم‪ . . . .‬ھنن گهرايو به ته ناھي! ان جي معنى‬
‫انھي عرصي ۾ شھزادي نارمل رھي آھي؟ يا ‪. . .‬‬
‫”اوھو ليو اٽ“ )‪(Oh, Leave it‬‬
‫جڏھن ڊاڪٽر جي گاڏي رئيس جي بنگلي جي مين گيٽ مان اندر لنگهي ته ڏٺائين رئيس‪ ،‬بنگلي‬
‫جي ٻاھرين پاسي واري ٿلھي تي آرام ڪرسي تي ويٺل‪ ،‬سندس ڀر ۾ منجي تي ويٺل ڪمدار‪ .‬۽‬
‫سامھون ڪرسي تي ڪو مالقاتي‪.‬‬
‫سندس پراڻو نوڪر ٿورو پرڀرو بيٺل‪ .‬ڊاڪٽر ڪار جو دروازو بند ڪري ٿلھي ڏانھن وڌڻ لڳو‪،‬‬
‫اندر جي ھرکر وچان‪ .‬رئيس کيس ڏسيئي اڳيئي اٿيو ھو ۽ ڏانھنس وڌڻ لڳو ھو‪ .‬اڳتي وڌي‪ ،‬وڏي‬
‫قرب ۽ اڪير مان ڀاڪر پاتائينس‪.‬‬
‫ڊاڪٽر صاحب ڪھڙا حال اٿو؟ ھن گرمجوشي مان ھٿ مالئيندي چيو‪.‬‬
‫”سائين‪ ،‬مھرباني خيرن سان موٽي آيو‪ “.‬زوري آندل مرڪ چپن تي‪ .‬ذھن ۾ مونجهه‪ ،‬تجسس‪ ،‬ڪجهه‬
‫ڄاڻڻ الِء‪.‬‬
‫۽ پوِء اھڙي رسمي گفتگو‪-‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪32‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫سموري گفتگو دوران ڊاڪٽر اشاري طور به اھڙو اندازو لڳائي نه سگهيو‪ ،‬ته رئيس کي ڪا اھڙي ڄاڻ‬
‫آھي‪ .‬ھو ٻٽي شڪي ذھن سان س وچيندو رھيو‪ .‬سواِء ڪنھن نتيجي جي پھچڻ جي‪.‬‬
‫ڪجه ه وقت ائين رسمي ڳالھه ٻولھه کان پوِء‪ ،‬ڊاڪٽر کي اندر ھلڻ الِء چيو‪ .‬ھونئن عام طور‪ ،‬رئيس‬
‫ڊاڪٽر کي اندر تڏھين وٺي ويندو آھي‪ ،‬جڏھن شھزادي‪ ،‬سندس زال يا وري سندس طبيعت خراب‬
‫ھوندي آھي‪.‬‬
‫ڊاڪٽر جي دل تيز ڌڙڪڻ لڳي‪ .‬مار‪ -‬قتل؟ اوچتو خيال آيس‪ .‬رئيس ڏانھن سوال ڀرين نظرن سان‬
‫ڏسڻ لڳو‪ .‬۽ رئيس ڄڻ سندس اڻ پڇيل سوال کي سمجهندي‪ ،‬اڳيان ٿيندي چيو‪” ،‬اچو سائين‪ ،‬اچو‪.‬‬
‫اوھان ته پنھنجا ئي آھيو‪ .‬اوھان کان ڪھڙو پردو‪“.‬‬
‫ڊاڪٽر سندس پٺيان ھلڻ لڳو‪.‬‬
‫اندر گهر ۾‪ :‬رئيس جي زال ۽ ڌيڻس‪ ،‬شھزادي ھڪ ئي کٽ تي ويٺيون ھيون‪ .‬ھيٺ منجي تي‬
‫نوڪرياڻي ويٺل‪ .‬پاڻ ۾ ڪجهه ڳالھائي رھيون ھيون‪ .‬جڏھن ڊاڪٽر اندر گهڙيو ته رئيس جي زال‬
‫رئو ٺاھيندي ٿورو چري‪ ،‬پري ويٺي ۽ ڊاڪٽر کي کيڪاريائين‪ .‬نوڪرياڻي اٿي بيٺي‪ ،‬شھزادي‬
‫تڪڙي اٿي ۽ تيز تيز اندر ڪمري ڏانھن وڃڻ لڳي‪.‬‬
‫”ڪيڏانھن پٽ‪ ،‬ڪيڏانھن؟“ رئيس شھزادي کي ويندو ڏسي رڙ ڪئي‪.‬‬
‫ھن ڪوبه جواب نه ڏنو‪ .‬۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري‪ ،‬اڃا وڌيڪ تڪڙي اندر ھلي ويئي‪.‬‬
‫” ھيڏي شھزادي! پٽ ٻاھر اچ‪ ،‬ھاڻي ڊاڪٽر صاحب کان ڪھڙو ٿي پردو ڪرين‪“.‬‬
‫ھوَء نه آئي‪.‬‬
‫پڻس وري سڏ ڪيس‪ .‬ڪجهه حجت ۽ رعباتي نموني ۾‪.‬‬
‫ھوَء ٻاھر آئي‪ .‬آھستي آھستي‪ .‬ڪنڌ ھيٺ‪ ،‬نظرون جهڪيل‪ ،‬لڄايل‪.‬‬
‫منجهيل ڊاڪٽر‪” ،‬ڇا ڪريان؟“ سوچڻ لڳو‪.‬‬
‫ڪيئن ٿي‪ ،‬طبيعت شھزادي؟ ھن رسمي طور پڇيو‪.‬‬
‫شھزادي نالو وٺندي‪ ،‬کيس ڪجهه عجيب عجيب لڳو‪.‬‬
‫ھن کان اڳ جڏھن به ھو شھزادي کي مخاطب ٿيندو ھو‪ ،‬ته سندس نالو وٺڻ بدران ”ٻچا“‪” ،‬ڌي“‪،‬‬
‫”پٽ“ چوندو ھوس‪ .‬ان دوران الشعوري طور سندس ڌيان شھزادي جي پيٽ ڏانھن کڄيو‪ .‬ھو چور‬
‫نظرن سان سندس پيٽ ڏانھن ذري ذري ڏسڻ لڳو‪ .‬انھي فعل کي شعوري طرح خراب سمجهندي به‪،‬‬
‫سندس نظرون ھن جي پيٽ تي کپجي ٿي ويون‪ .‬پيٽ اڳتي وڌيل‪ ،‬نه وڌيل‪ .‬نظرن جو دوکو؟ نه ھلڪو‬
‫وڌيل؟ محسوس نه ٿيندڙ ذھن جو سراب؟ دوکو‪ ،‬اندازي لڳائڻ جو احساس‪.‬‬
‫منجهيل ذھن جو – ڪو به فيصلو نه ڪري سگهيو‪ .‬البت تشويش‪.‬‬
‫”ويھه‪ “.‬لڄايل‪ ،‬ڪنڌ ھيٺ ڪري ٿورو پرڀرو بيٺل شھزادي کي چيائين‪ .‬پنھنجو اجنبي آواز خود‬
‫ئي محسوس ڪيائين‪ .‬ھوَء ٻي کٽ تي ويھي رھي‪ .‬ماٺ‪ ،‬اکيون ھيٺ‪ ،‬جهڪيل بدستور‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪33‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫رئيس کيس پنھنجي سفر‪ ،‬ڀلي وال يت جي مقدس جاين ۽ اتي جي حالتن وغيره جي باري ۾ احوال‬
‫ٻڌائڻ لڳو‪ .‬ڊاڪٽر محسوس ڪيو يا کيس لڳو ته ڳالھائڻ جي وچ ۾ رئيس ڪنھن ڪنھن وقت‬
‫معنى خيز نظرن سان‪ ،‬ڪڏھن شھزادي ڏانھن ته ڪڏھن ڏانھنس پئي ڏٺو‪.‬‬
‫رات جا يارھن ٿيا‪ ،‬ته ھن رئيس کان موڪاليو‪ .‬موڪالئڻ وقت رئيس ڀلي واليت کان آندل سامان‬
‫سوکڙي طور کيس ڏيندي چيو‪” :‬سائين‪ ،‬رڳو ھن الِء توھان کي تڪليف ڏني ھئم‪“.‬‬
‫انجو مطلب ڇا ٿو ٿي سگه ي؟ ھن اڃا اھو محسوس نه ڪيو آھي‪ .‬شھزادي به ڳالھه نه کولي آھي‪.‬‬
‫ھوِء ويچاري ڪيئن ٻڌائيندي‪ ،‬پر مونکي حقيقت ظاھر ڪرڻ گهرجي‪ .‬ٻي حالت ۾ غلط فھميون‬
‫پيدا ٿي سگهن ٿيون ۽ ڪيترا مونجهارا‪ -‬اھو نه ٻڌائڻ ڏوھ آھي‪ .‬ٻي معنى ۾ ويساھ گهاتي‪ .‬۽ ‪. . . . .‬‬
‫ھا؟ مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ گهرجي‪ .‬اھوئي وڌيڪ درست آھي ته رئيس کي سڄي حقيقت ۽‬
‫اھي اڻ ٽر حالتون ٻڌائي‪ ،‬ائبارشن ڪرڻ الِء آماده ڪيانس‪.‬‬
‫پر ھيَء مڪمل ”ساليوشن“ )‪(Solution‬ته ناھي ھن جي زندگي؟ شادي!‬
‫”يس‪ ،‬اٽ از آلسو پاسيبل“ )‪(Yes, it is also possible‬‬
‫سندس شادي الِء مجبور ٿي‪.‬‬
‫غيرت وچان ماري وجهيس‪.‬‬
‫اوھ! ائين به ٿي سگهي ٿو‪ ،‬اف – مان ‪ . . . . .‬مونکي گهٻرائڻ نه گهرجي‪ .‬جڏھن ھي سڀ ڪجهه ڪرڻ‬
‫الِء ماڻ پاڻ کي ذھني طور تيار ڪري رھيو ھوس ته سوچيم ھوم مان انھن ھاڃيڪار قدرن کي مڃڻ‬
‫۽ انھن مطابق ھلڻ الِء پابند ناھيان‪ .‬جيڪي عام مروج آھن‪ .‬مان آزاد آھيان‪ .‬منھنجي ھن فعل سان‬
‫تعلق رکندڙ فرد کي مادي توڙي غير مادي نقصان نٿو پھچي‪ .‬اھا ھن جي ضرورت آھي‪ .‬ضرورت‬
‫عالج جي حد تائين‪ .‬ھن جي پيُء کي ڄڻڻ ۽ نپائڻ جي دعوى رکندي‪ ،‬اھو حق نٿو ڏئي سگهجي ته‬
‫ھو پنھنجي مفاد خاطر کيس جيئري ئي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏي‪ .‬ڪنھن به پيُء کي اھڙو حق نٿو ڏئي‬
‫سگهجي‪.‬‬
‫ھون – مون کي نروس )‪ (Nervous‬ٿيڻ نه گهرجي‪ .‬ھھڙي حالت پيدا ٿيڻي ھئي‪” ،‬الجيڪلي“‬
‫)‪(Logically‬‬
‫سچ جي جنگ‪.‬‬
‫واقعي لڳي پيو ته سچ جي جنگ ٿي آھي‪ .‬انساني تھذيب جي اعلى قدرن الِء‪ ،‬سج؟‬
‫اسان جي پنھنجي تمنائن جو عڪس آھي‪ .‬دلي تمنائن جو‪ .‬مجرد ۽ لطيف روپ ۾‪ ،‬پو ِء اسين انھن‬
‫دلي تمنائن کي منطقي شڪل ۾ پيش ڪري سچ جو نالو ڏيندا آھيون ‪. . . .‬‬
‫‪ . . .‬اھو ڪنھن جو فيلسوف؟ اوھ‪” ،‬نتٽشي“ )‪ (Nietzsche‬ته ان جي معنى ‪. . .‬‬
‫ايبسوليوٽلي ناٽ )‪(Absolutely Not‬‬
‫ڇا مان پاڻ کي ٺڳي سگهان ٿو؟‬
‫پئراڊاڪس )‪(Paradox‬‬
‫نيور – نيور )‪(Never, Never‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪34‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫اني ھائو )‪ . (Any How‬بھتر آھي ته مان رئيس کي ھن حقيقت کان آگاھ ڪريان‪.‬۽ اھو ھن جي‬
‫دماغ ۾ وھاريان ته اھو اڻ ٽر ھو‪ .‬۽ انھي ۾ منھنجي اھڙي ڪا به نيت ڪانه ھئي‪ ،‬جنھن کي جنسي‬
‫لذت‪ ،‬جنسي لذت جو مقصد يا اھڙي قسم جي بدنيتي چئجي‪ .‬پر ‪ . . . .‬ممڪن اھي ائين چوڻ سان‬
‫وڌيڪ اينٽيگنائيز )‪ (Antagonise‬ٿئي‪ .‬بھتر آھي‪ ،‬ڪنھن ريت رڳو کيس شھزادي جي شادي‬
‫ڪرائڻ الِء آماده ڪيان‪ .‬جيترو ممڪن ٿي سگهي جلد‪ .‬ھا‪ ،‬ائبارشن کان پوِء‪ .‬ايندڙ پھرين ئي‬
‫مالقات ۾ ساڻس ڳالھائيندس‪ .‬سواِء ڪنھن گهٻراھٽ جي‪ .‬مون ته ڪو گناھ ڪيو ناھي‪ ،‬جو اجايو‬
‫ذھني عذاب ڀوڳيان‪.‬‬
‫ڊاڪٽر اھو سوچي‪ ،‬قطعي اندر ۾ فيصلو ڪيو‪ .‬ان ھوندي به ھڪ مبھم کٽڪندڙ غير تسلي بخش‬
‫احساس کڻي گهر آيو‪.‬‬
‫۽ پوِء ڊاڪٽر جي رئيس سان مالقات ٿيندي رھي‪ .‬رسمي ۽ دستوري ڳالھيون‪ .‬ملڻ وقت ھر دفعي ھن‬
‫اھڙو ذڪر چورڻ الِء سوچيو‪ .‬پر ھر دفعي سوچڻ ۽ سوچي ذھني ڪرب ۽ تنتي پيڙا ڀوڳڻ کان سواِء‬
‫ڪجهه نه ڪري سگهيو‪ .‬ھر دفعي جڏھن اٽل ارادو ڪندي به‪ ،‬چئي نه سگهندو ھو ته پوِء پنھنجو پاڻ‬
‫تي ڏاڍا جک ايندا ھوس ۽ پنھنجو من ڇيد ڪندي سوچيندو ھو‪ :‬اخالقي جرئت جي ڪمي؟ نه –‬
‫رئيس جي شخصيت؟ نه رئيس جا نارمل ورتاُء؟ نه – باقي ڇا؟ ڪجهه به نه‪ .‬ھن دفعي مان کيس ضرور‬
‫چوندس‪ .‬ائين چئي ڇڪتاڻ پيدا ڪندڙ سوچ ڌارا کي دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ھو‪ .‬۽ پوِء وري ملڻ‬
‫کان اڳ شروعات ڪرڻ الِء انداز اختيار ڪرڻ‪ ،‬لفظن جي چونڊ ۽ رئيس طرفان اٿندڙ خيالي نقطن‬
‫جو خيالي جواب سوچيندو ھو‪.‬‬
‫پر ھو وري به ذڪر نه ڪري سگهيو ۽ نه رئيس ئي ڪا اھڙي ڳالھه ڪئي‪.‬‬
‫مھينو گذري ويو‪.‬‬
‫ھڪ ڏينھن جڏھن‪ ،‬ڊاڪٽر ڪلينڪ ۾ ڪنھن مريض کي چڪاسي رھيو ھو ته رئيس جو فون‬
‫آيو‪ .‬جنھن ۾ ھن کيس رات جي ماني ساڻس گڏ کائڻ الِء دعوت ڏني‪ .‬ظاھر آھي‪ ،‬ڊاڪٽر انڪار نه‬
‫ڪري سگهيو‪ .‬۽ گهر چئي ڇڏيائين ته ھو رات جي ماني رئيس وٽ کائيندو‪.‬‬
‫رات جي ماني تي‪ .‬جڏھن ماني کائي رھيا ھئا‪ ،‬تڏھن به رئيس جو ورتاُء ساڳيو نارمل ھو‪ .‬مھذب‬
‫گهر ائپ وارو‪ .‬ھر بناوٽ کان خالي ڀائجندڙ‪ .‬البت ڪنھن ڪنھن وقت پاڻ‪ ،‬ڄڻڪ ڪنھن گهري‬
‫سوچ جي ٽٻيَء ۾ پئجي ٿي ويو‪ .‬ته وري ڪنھن مھل سندس کل اجائي‪ .‬سواِء ڪنھن ڪارڻ جي ٿي‬
‫لڳي‪ .‬جڏھن ته ڊاڪٽر منجهيل‪ ،‬ڪنھن مھل ته موڳو ئي موڳو‪ .‬ان ھوندي به ھن پنھنجي ليکي‬
‫ڪوشش ڪري رئيس کي اھو محسوس ٿيڻ نه ٿي ڏنو ته ڪو پاڻ غائب دماغ آھي ۽ سندس سوچ‬
‫ڪنھن ٻئي ھنڌ آھي‪.‬‬
‫ماني کان پوِء جڏھن نوڪر سندن آڏو چانھه رکي ته رئيس کيس چيو‪” ،‬بس‪ ،‬چانھه جا ٿانو پوِء‬
‫کڻجان‪ “.‬تون وڃ ۽ ھي در ٻيڪڙيو وڃ‪“.‬‬
‫ھو ھليو ويو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪35‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”ڊاڪٽر صاحب‪ ،‬اوھان سان ھڪ اھم مسئلي تي ڳالھائڻو ھو‪ “.‬رئيس ڄڻ اوچتو ڊاڪٽر ڏانھن‬
‫نھاريندي چيو‪” ،‬انھي ڪري اوھان کي ‪” “ . . . .‬ھا ھا ڇو‪ ،‬نه ‪ “. . .‬ڊاڪٽر پنھنجو پاڻ کي ڪرسي‬
‫تي ٺاھيندي چيو‪ .‬کوکلي‪ ،‬بناوٽي مرڪ‪ ،‬اندر ۾ ھرکر ۽ بيقراري ساڻ‪.‬‬
‫”اوھان ته پنھنجا ئي آھيو‪ ،‬بنھه گهر جا ڀاتي‪ .‬اوھان کان ڪي ڳجھو‪ “.‬ھو خاموش ٿي ويو‪ .‬لڳي پيو‬
‫مناسب لفظن ۾ مقصد بيان ڪرڻ الِء پتوڙي رھيو آھي‪ .‬ڊاڪٽر قمر سندس منھن ۾ تجسس وچان‬
‫نھاري‪ ،‬سندس لفظن جو بيچيني سان انتظار ڪرڻ لڳو‪.‬‬
‫”مون سوچيو ھو‪ “.‬رئيس چوڻ لڳو‪” ،‬شھزادي جي شادي جي باري ۾ توھان سان صالح ڪريان‪“.‬‬
‫”ھون‪ “-‬ڊاڪٽر اڃا اڳتي ٻڌڻ الِء پوري ڌيان سان ڏانھنس تڪڻ لڳو‪.‬‬
‫”اوھان جو ڇا خيال آھي؟“ ڪجهه وقفي جي ماٺ کان پوِء رئيس پڇيو‪.‬‬
‫” ھا سائين‪ ،‬مون به اوھان کي اڳ ۾ به ڪيترا ڀيرا اھوئي مشورو ڏنو ھو‪ .‬مان اوھان سان متفق آھيان‪“.‬‬
‫ڊاڪٽر وراڻيو‪ ،‬۽ خاموش ٿي ويو‪.‬‬
‫ڊاڪٽر چپ‪ ،‬رئيس چپ‪ .‬اھا خاموشي ڪجهه عجيب لڳي ٿي‪ .‬خالي خالي‪ .‬خاموشي جو اھو خال‬
‫تقاضا ڪندڙ ته‪ ،‬ڳالھائي ان کي ڀريو وڃي‪ .‬رئيس ڊاڪٽر ڏانھن ڏٺو‪ ،‬ڪجهه اھڙن نظرن سان‪ ،‬جن‬
‫۾ ڪجهه اڪلڻ الِء توقع ھجي ۽ ڊاڪٽر جي اندرين بيقراري‪ ،‬رئيس کان وڌيڪ ٻڌڻ الِء اتساھ‬
‫رکندڙ‪ .‬انھي خاموشي دوران ڊاڪٽر قمر کي اوچتو خيال آيو‪ :‬رئيس کي سموري حقيقت کان آگاھ‬
‫ڪرڻ جو‪ .‬۽ سڀ ڪجهه اڪلڻ الِء ڄڻ ڪا اندرين قوت کيس ھمٿائي رھي ھجي‪ .‬۽ شعور ابتدا‬
‫ڪرڻ الِء مناسب لفظ ڳوليندو ھجي‪.‬‬
‫”ڊاڪٽر صاحب‪ “.‬رئيس خاموشي کي ڀڳو‪” ،‬جي‪ “-‬ڊاڪٽر مناسب لفظ ڳوليندو ھجي‪.‬‬
‫”ڳالھه دراصل ھي آھي ته‪ “،‬ھٻڪندي رئيس چيو‪” ،‬شھزادي کي پيٽ ٿي پيو آھي‪“.‬‬
‫”پيٽ!“ ڊاڪٽر اکيون ڦاڙي ڏانھس ڏٺو‪ .‬رئيس انھي مھل چڱي طرح سندس منھن جو رنگ‬
‫بدلجندو ڏٺو‪.‬‬
‫”ھا پيٽ‪ ،‬شھزادي کي پيٽ ٿي پيو آھي ڊاڪٽر صاحب‪ “.‬رئيس آھستي آھستي چوڻ لڳو‪” ،‬انھي‬
‫جي باري ۾ اوھان سان ڳالھائڻو ھو ھو گهڙي کن الِء خاموش ٿي ويو‪.‬‬
‫ڊاڪٽر پنھنجي سيني اندڙ ڌڙڪندڙ دل جو ڌڙڪو محسوس ڪيو‪ .‬۽ ڪرسي تي پاسو بداليو‪ .‬۽‬
‫پوِء مٿي پوالر ۾نھاري‪ ،‬اکيون ٽمڪايون‪ .‬۽ اوچتو چيو‪” ،‬رئيس‪ ، “.‬سندس آواز بدليل ھو‪” ،‬مون کي‬
‫اڳئي خبر ھئي‪ ،‬ھا‪ ،‬مون کي ان نتيجي جي خبر ھئي‪ ،‬قربان علي‪“.‬‬
‫چند کنن الِء چپ ٿي ويو‪ .‬رئيس جون اکيون بدستور سندس منھن ۾ ھيون‪.‬‬
‫”دراصل ‪ . . .‬آ ‪ “ . . .‬ھو ھٻڪيو‪ ” ،‬آ ‪ . . .‬دراصل مون کي اڳ خبر ھئي – رئيس‪ ،‬شھزادي کي اھو‬
‫پيٽ مون مان آھي‪“.‬‬
‫ھن آخري جملو تڪڙو ۽ جلدي چئي ورتو‪.‬‬
‫رئيس ڏانھنس تڪيندو رھيو‪ :‬عجب ۽ حيرت گهٽ‪ :‬افسردگي وڌيڪ‪ .‬لڳي پيو ھن کي انھن لفظن‬
‫جي توقع ھئي‪ .‬ان ڪري سندس اکين ۾ حيرت کان وڌيڪ ڪا مبھم معنى ھئي‪ .‬ھن ھڪ ٿڌو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪36‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ساھ ڀريو‪ .‬ساھ – جواڻ چٽو ھو‪ .‬ڪنھن مفھوم کان خالي‪ .‬اندازو نه پيو ٿي سگهي ته اھو ساھ‬
‫اطمينان جو ھو يا صدمي جو‪.‬‬
‫”ھا‪ ،‬رئيس اھو ٻار مون مان آھي‪ .‬شھزادي بي ڏوھڻ آھي‪ .‬۽ ‪ “ . . .‬ھن کين رکي چيو‪” ،‬مان به پنھنجي‬
‫پنھنجي جاِء تي‪ .‬مون ڄاڻي ٻجهي ائين ڪيو‪ “.‬ھينئر سندس ڳالھائڻ ۾ رواني اچڻ لڳي‪” .‬مان‬
‫سمجهان پيو ته مون کي ائين ڪرڻ گهرجي‪ .‬ھڪ ھمدرد انسان جي حيثيت ۾‪ “.‬کن ماٺ کان پوِء‬
‫وري چوڻ شروع ڪيائين‪ ” ،‬اھا شھزادي جي ضرورت ھئي ۽ آھي‪ .‬سوال آھي ملڪيت جو‪ .‬جو‬
‫اوھان جو مفاد آھي‪ .‬انھي الِء ڇو ڀوڳي؟ ڇا اوھان شادي کان سواِء رھي سگهيو؟ رئيس‪ ،‬معاف ڪجو‪،‬‬
‫اوھان جي بابت ‪ . . .‬جيڪڏھن اوھان خراب نه سمجه و ته منھنجو مطلب آھي ‪ . . .‬خير‪. . .‬‬
‫پوِء ڇا ھو انسان ناھي‪ ،‬ضرورت محسوس نه ڪندي ھوندي؟ ڇا اوھان فطري بک کي ٽاري سگهو‬
‫ٿا؟ معاف ڪجو‪ -‬اوھان ته مھيني ۾ االِء ‪ . . .‬خير – “‬
‫”بس ڊاڪٽر صاحب گنھگار ‪“. . .‬‬
‫”ڪا ڳالھه ناھي رئيس “‪ ،‬ھن ڦڪي مرڪ سان چيو‪ .‬جا طنز سان ڀريل ھئي‪” .‬رئيس‪ ،‬مان ڪنھن‬
‫به اھڙي اخالقيات ۾ ويساھ نه رکندڙ آھيان‪ .‬جا ٻئي انسان کي ڪنھن به شڪل ۾ غالم رکي ۽‬
‫محض پنھنجي ذاتي مفاد الِء ٻئي انسان کي ڪنھن به نموني چيڀاٽي‪ .‬ھن معاملي ۾ اوھان خود ڏسو‬
‫ته ذاتي مفاد جو جذبو ڪيڏو نه ڪريل آھي جو اوھان کي ھڪ معصوم جي زندگي‪ -‬سو به پنھنجي‬
‫نياڻي – بھرحال منھنجي آڏو منھنجو فعل ڪا به بداخالقي يا گناھ ڪونھي‪ .‬ھٿائين منھنجي آڏو‪،‬‬
‫اھو فعل ھڪ ”رليٽو مارئلٽي“ )‪ (Relative morality‬ھئي‪ .‬ھا‪ ،‬رليٽو مارئلٽي ‪(Relative‬‬
‫)‪ .morality‬يعني ته ‪ ،‬يعني ته ‪ . . .‬سنڌي ۾ انھي کي ڇا ٿو چئي سگهجي‪ ،‬نسبتي اخالقيات‪ .‬پر‬
‫اھو لفظ به پورو مفھوم ادا نٿو ڪري‪ .‬اوھان ته منھنجي مقصد کي سمجهي ويا ھوندا ‪ . . .‬ھا رئيس‬
‫قربان علي خان‪ .‬دنيا ۾ ھر شئي رليٽو )‪ (Relative‬آھي ‪ . . .‬سو مون ھڪ معصوم‪ ،‬بي گناھ نوجوان‬
‫ن ينگر جي زندگي ۽ سندس بنيادي ضرورت پوري نه ٿيڻ جي حالت ۾ ڀيانڪ نتيجن کي آڏو رکيو‪.‬‬
‫جو ظاھر آھي منھنجي آڏو سڀ کان وڏو اخالق ھو‪( .‬۽ آھي) ان کي اخالقي فرض چئوس يا ھڪ‬
‫ڊاڪٽر جي حيثيت سان –‬
‫ان کان سواِء ھڪٻئي به امڪان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي‪ .‬ھاڻي اوھان خود سوچيو‪ ،‬جڏھن‬
‫اوھان ڪنھن عورت سان ھڪ ڪمري ۾ بند ھجو‪ .‬۽ اھڙو شڪ ته ڇا پر يقين شھزادي کي به ھجي‪،‬‬
‫ته اوھان ڇا ٿا سمجهو؟‬
‫ھوَء ڪنواري‪ ،‬ڪنھن وقت کان سامايل ڇا سوچيندي ھوندي؟ اڃا به صحيح چئجي ته ڇا تصور‬
‫ڪندي ھوندي‪ .‬۽ اھڙي قسم جا تصور ظاھر آھي ته سندس ‪ . . .‬بھرحال اوھان يقين ڄاڻو‬
‫جيڪڏھن سندس فطري ضرورت‪ ،‬فطري انداز ۾ پوري نه ٿئي ھا‪ ،‬ته (يا ٿي)‪ ،‬سندس ”ريپريسڊ‬
‫ڪامپليڪسز“ )‪ (Repressed Complexes‬انتھائي پيچيده شڪل اختيار ڪن ھا‪( ،‬۽‬
‫ڪندا)‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪37‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫کيس پوندڙ دورا شدت اختيار ڪري‪ ،‬سندس نارمل شخصيت جا ڀاڱا ڪري ڇڏيندا ۽ سندس الِء‬
‫جسماني عيب‪ :‬انڌائپ‪ ،‬ٻوڙاڻ‪ ،‬مستقل چريائپ يا ٻئي ڪنھن جسماني عيب يا اڌ رنگ جو ڪارڻ‬
‫بڻجندا‪ .‬مان اوھان کي وري به يقين ڏياريان ٿو ته منھنجي نڪتو سندس صحت ۽ حياتي جو ھو‪،‬‬
‫نڪي جنسيت يا شيطاني خواھش جو‪“.‬‬
‫ھو چپ ٿي ويو‪.‬‬
‫”رئيس‪ “.‬ھن وري چوڻ شروع ڪيو‪” ،‬بھرحال مان اوھان جي ان راِء سان متفق آھيان ته اوھان‬
‫سندس شادي ڪرايو ‪ .‬پر ‪ . . . .‬منھنجي خيال ۾ انھي کان اڳ ضروري آھي ته ٻار ڪيرايو وڃي‪.‬‬
‫مان اھا جوابداري کڻان ٿو‪ .‬جيتوڻيڪ اھا ڪا ڏکي ڳالھه ڪانھي‪ .‬مون کي اھو احساس آھي ته‪،‬‬
‫اوھان کي روحاني اذيت پھتي ھوندي انھي الِء مون کي ار ‪“ . . . .‬‬
‫”پر ڊاڪٽر صاحب‪ “.‬رئيس‪ ،‬ڊاڪٽر جي ڳالھه ڏانھن ڪو ڌيان نه ڏيندي بي وسيَء مان چيو‪” ،‬ھوَء‬
‫ٻار ڪيرائڻ الِء تيار ناھي‪ .‬مان پاڻ انھي خيال جو ھوس ته سندس ٻار ڪيرايو وڃي‪ .‬پر ھو سخت‬
‫ضد ڪري بيٺي آھي‪ .‬ھن جي ڳالھائڻ مان مون کي يقين آھي ته‪ ،‬جيڪڏھن ھن جو ٻار ڪيرايو‬
‫ويو ته ھوَء صدمي ھيٺ پنھنجو دماغي توازن وڃائي وھندي‪ .‬ھا ڊاڪٽر صاحب‪ “.‬ھن ساھ ڀريندي‬
‫چيو‪ ” ،‬ان کان سواِء سڀني نوڪرياڻين کي خبر پئجي چڪي آھي‪ ،‬ظاھر آھي ته ڳالھه لڪي‬
‫ڊاڪٽر صاحب‪ ،‬انھن سڀني ڳالھين کي ذھن ۾ رکي اوھان پنھنجي راِء کان ‪ “ . . .‬ھو چپ ٿي ويو‪.‬‬
‫”رئيس‪ “.‬ڊاڪٽر ھن جي خاموشي کي ڏسندي چيو‪” ،‬ھن سلسلي ۾ مان اوھان جي ھر ممڪن مدد‬
‫ڪندس اوھان بي ڌڙڪ چئي ڏيو‪ .‬جو ڪجهه اوھان ھن جي باري ۾ سوچيو ٿا‪“.‬‬
‫”ڊاڪٽر صاحب ‪ . . .‬دراصل مون کي چوندي به شرم پيو ٿئي‪ .‬پر ڇا ڪجي حالتون ئي اھڙيون آھن‪.‬‬
‫۽ ‪ . . .‬ڇوڪري جو پيُء ھوندي ‪ . . .‬پر ‪ . . .‬دراصل منھنجو ‪ “ . . . .‬ھو چپ ٿي ويو‪.‬‬
‫”نه نه اوھان بي حجاب چئي ڏيو‪ “.‬ڊاڪٽر تجسس ڀريل سوالي نگاھن سان ڏانھنس ڏسڻ لڳو‪.‬‬
‫” ڊاڪٽر صاحب‪ ،‬منھنجي خيال ۾ اوھان شھزادي سان شادي ڪريو‪ “.‬ھن اوچتو تڪڙو چئي ڏنو‪.‬‬
‫”مان!؟“ ڊاڪٽر حيرت مان ذري گهٽ رڙ ڪئي‪” ،‬يعني مان!؟“ پوِء سنڀاليندي چيائين‪” ،‬رئيس‪ ،‬مان‬
‫اڳي ئي شادي شده آھيان‪ ،‬۽ ٽن ٻارن جو پيُء‪ .‬مان پنھنجي زال سان محبت ڪريان ٿو‪ .‬اھو ڪيئن‬
‫ٿو ممڪن ٿي سگهي! اوھان ڪٿي ٻئي – منھنجو مطلب آھي ته ‪“. . .‬‬
‫”ڊاڪٽر صاحب ٻئي ھنڌ ‪ . . .‬اوھان پاڻ سمجهي سگه و ٿا ته ‪ . . . . . . .‬ڪير به ‪“. . . .‬‬
‫”نه نه – ھن ۾ به مان اوھان جي ‪“. . .‬‬
‫” پر اوھان انڪار ڇو ٿا ڪريو؟ اھو ضروري ناھي ته ٻي شادي ڪرڻ سان ڪو پھرين زال جي‬
‫محبت ۾ گهٽ تائي اچي‪ ،‬۽ جڏھن ته شريعت محمد موجب ھڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري سگهو‬
‫ٿا‪“.‬‬
‫”پر – پر مان پنھنجي زال سان پيار ڪريان ٿو ۽ ھن سان گڏ زندگي مان مطمئن آھيان ‪ . . .‬۽‬
‫رئيس‪ “.‬ھن لفظن تي زور ڏيندي چيو‪” ،‬مان ھڪ ئي وقت ھڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ جي اصول‬
‫کي ننديان ٿو‪ .‬اھو عورت سان نسورو ظلم آھي عورت جي سخت توھين‪ .‬انسان جو مذاق‪ “.‬ھن پاسو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪38‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫بداليو‪ ” ،‬ان کان سواِء رئيس‪ ،‬مان اھڙن اصولن‪ ،‬احڪامن يا قدرن کي ننديندو آھيان‪ ،‬جنھن مان‬
‫انسان کي غالم رکڻ يا ھن جي ڪنھن طرح سان توھين ڪرڻ جي اجازت ھجي‪ .‬پوِء اھي اصول‬
‫شريعت جي نالي ۾ ھجن‪ .‬اخالقي قدرن جي نالي ۾ ھجن يا سماجي ضرورتن جي نالي ۾ ھجن ‪“. . .‬‬
‫” پر شھزادي جي پيٽ ۾ اوھان جو ٻچو آھي‪ .‬اوھان جو تخم‪ “.‬رئيس غصي گاڏڙ ھلڪي جارجانه‬
‫انداز ۾ چيو‪.‬‬
‫ڊاڪٽر خاموش‪ .‬منھن ڳاڙھو ٿيل‪.‬‬
‫منھن جو تخم؟ تخم؟ ‪ . . .‬بليڪ ميل ڪرڻ ٿو چاھي‪ .‬ذليل‪ ،‬ڪريل ذھنيت‪ .‬ڊاڪٽر تڪڙا تڪڙا‬
‫خيال آيا ھن پاڻ کي نروس ٿيندو محسوس ڪيو‪.‬‬
‫”رئيس‪ “.‬ڊاڪٽر پاڻ تي ضابطو مڙھيندي چيو‪” ،‬منھنجي آڏو ٻار ڪيرائڻ ڪو مسئلو ناھي پر‬
‫جيڪڏھن ‪ . . . .‬جيڪڏھن اوھان بار ڪيرائڻ نٿا چاھيو‪ :‬يا اوھان جي ذھن ۾ اھو ويٺل آھي ته‪ ،‬اھو‬
‫حرامي ٻار آھي – اوھان ان جو خيال نه ڪندا ‪ . . .‬بھرحال مان ساڻس شادي نٿو ڪري سگهان‪ .‬اھو‬
‫ناممڪن آھي‪ ،‬ناممڪن‪“.‬‬
‫”ڊاڪٽر‪ “.‬رئيس ڏانھنس نھاريو ۽ ھلڪو مرڪيو‪.‬‬
‫ڊاڪٽر کي انھي ڦڪي مرڪ ۽ نھار ۾ ننگي مڪاري نظر آئي‪.‬‬
‫”ڊاڪٽر‪ ،‬اوھان پنھنجي ھن فعل کي کڻي ڪھڙي به انداز ۾ پيش ڪريو‪ ،‬پاڻ کي حق تي ثابت‬
‫ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پر اسان جا سماجي قدر ‪ . . . . .‬۽ پڻ قانون ‪ .. . . .‬اوھان کي ‪“. . .‬‬
‫رئيس قانون جي لفظ تي زور ڏنو‪ .‬۽ اڳتي صاف گوئي سان پنھنجو مقصد ٻڌائڻ جي جرئت (شايد)‬
‫ساري نه سگه يو‪ ،‬ان ڪري ھٻڪندي تز لفظ ڳولڻ لڳو‪ .‬جيئن ڊاڪٽر مشتعل نه ٿي‪ .‬پر ھو ائين‬
‫ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ۽ چپ ٿي ويو‪.‬‬
‫ڊاڪٽر پنھنجي لڳايل اندازي مطابق ان کي صاف ڪيو‪” :‬اوھان جو مطلب آھي ڪورٽ؟“‬
‫”جي؟ نه نه – منھنجو مطلب ته ناھي ‪ . . . .‬پر ‪“. . . .‬‬
‫”اوھان ڪورٽ ۾ وڃي سگهو ٿا‪ “.‬ڊاڪٽر گهر ائي مان ۽ فيصلي ڪن انداز ۾ چوندي اٿيو ۽ ٻاھر‬
‫وڃڻ لڳو‪.‬‬
‫رئيس سڏيس‪ ،‬ھن ان تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو‪.‬‬
‫ڊاڪٽر‪ ،‬ٻاھر بيٺل پنھنجي گاڏي ۾ ويھي زور سان در بند ڪري‪ ،‬ڪار اسٽارٽ ڪئي‪.‬‬
‫ڪار ۾ پھرين ته کيس ھلڪي پڇتاَء ۽ پنھنجي انتھائي بي حسيَء گڏ‪ ،‬مبھم طور پنھنجو پاڻ‬
‫پنھنجن نظرن ۾ ڪريل ھجڻ‪ ،‬بي عزتو ٿيل ۽ ڏوھي ھجڻ جو احساس ٿيو‪ .‬پر پوِء ذھن کي جهٽڪو‬
‫ڏئي ‪ ،‬شعوري طور ان احساس کي دٻائڻ ۾ ڪامياب ويو‪ ،‬جو کيس انھي الِء ڪافي وزني دليل ھئا‪.‬‬
‫پڻ ان سان گڏ‪ ،‬نامطمئن ھجڻ جو ھلڪو ھلڪو احساس کيس اندر ئي اندر ڪرٽ ڪرٽ ڪرڻ‬
‫لڳو‪.‬‬
‫”ذليل‪ ،‬ڪميڻو‪ “.‬ڏند ڪرٽيندي ڀڻڪيائين‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪39‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”ڪورٽ‪ ،‬ھن‪ ،‬آِء ول گو ديئر )‪ (I will go there‬دراصل مون کي اڳ ۾ ئي ھن سان ذڪر ڪرڻ‬
‫کپندو ھو‪ .‬جڏھن عمري کان واپس آيو ھو‪ .‬احمق آھيان‪ ،‬بزدل‪ “.‬پڇتاُء‪.‬‬
‫اکيون شھزادي جون‪ ،‬چڪ‪ ،‬ڀاڪر‪ ،‬بي خوديَء وچان‪ ،‬چمي‪ ،‬چميون‪ ،‬تڙپ‪ ،‬خود سپردگي مون چمي‬
‫ڇو ڏني؟‬
‫”ڪنٽراسيپٽو‪(Contraceptive) “.‬‬
‫ھون‪ ،‬جلدي بازي ‪. . . .‬‬
‫چھرو شھزادي جو‪ ،‬ڇڪ‪ ،‬تڙپ‬
‫الشعوري طور؟ ‪ -‬پوِء مون ”رليٽو مارئلٽي“ )‪(Relative morality‬جو جواز ڳوليو‪ ،‬شعوري سطح‬
‫تي ‪ . . .‬پنھنجن اندرين غير واضع خواھش کي ”جسٽفاِء“)‪ (Justify‬ڪرڻ الِء ‪ . . . . .‬نو نو ‪(No,‬‬
‫)‪No‬قطعي نه‪” ،‬ائبسيولٽي ناٽ“ )‪ (Absolutely Not‬مان پاڻ کي دوکو نٿو ڏئي سگهان‪ .‬ڪڏھن‬
‫به نه‪ .‬مان پاڻ کي دوکو نٿو ڏئي سگهان‪ .‬مون سندس زندگيَء ۽ ضرورت کي ئي آڏو رکي‪ ،‬جيڪڏھن‬
‫منھنجي آڏو محض خواھش جي تسڪين ھجي ھا ته مان ٻين ڪيترن ھنڌن ‪. . .‬‬
‫اوھ ڊيم اٽ‪(Oh,damm it).‬‬
‫۽ ڊاڪٽر خالي ذھن سان گاڏيَء جي اسپيڊ تيز ڪري ڇڏي‪ ،‬گهر ڏانھن وڃڻ الِء‪.‬‬

‫‪ -‬ڌرتي ‪1904‬ع‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪40‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ھڪ ڪھاڻي – سواِء سري جي‬

‫پاڻ اڃان نه آيو!‬


‫اڄ مڙئي طبيعت ۾ فرق پئي ڀانيان‪ .‬ھلڪائي پئي لڳيم‪ ،‬کنگھه به جهڪي آھي‪ ،‬پاسو ورايان‪ ،‬اال!‬
‫منھنجا رب! کٽ تي ھڪ ئي ھنڌ‪ ،‬جسم ئي سڪي ويو آھي‪ ،‬ڇا ته ٿي وئي آھيان؛ ھڏن جو پڃرو‪.‬‬
‫نه مئن ۾ نه جيئرن ۾‪ .‬ھفتي کن کان ته شڪل به ڪونه ڏٺي اٿم‪ .‬آئينو ڏسان‪ .‬ٺھيو باھ ڏينس‪ .‬اجايو‬
‫وري‪ .‬بس اھيئن مھيني کان مٿي – ھن حال ۾ وري ڪھڙو آئينو ڏسان‪ .‬سمجهان ٿي ته شڪل‬
‫ڪھڙي مور ٿي وئي ھوندم‪ .‬بس وڌ ۾ وڌ مھينو‪ .‬باقي رھيو ئي ڇا اٿم جو جيئڻ جي آس ڪريان‪:‬‬
‫ھڏن جو پڃرو پساھن ۾‪ ،‬اجهوڪي اڏاڻو‪.‬‬
‫ڀال ھن ڏک ڪرڻ مان‪ ،‬ڳوڙھا ٽمائڻ مان ڪي ورندو؟ ھٿائين وڌيڪ ھروڀرو جان جلندي‪ .‬ڀال‬
‫جان جالئڻ مان ڪي وري ته کڻي جالئجي‪ ،‬نه ته ھروڀرو ‪ . . .‬پاڻ ته وسان ڪين گهٽايائين‪ .‬وس کان‬
‫وڌيڪ پاڻ پتوڙيو اٿائين‪ .‬شل سدا جڙيو ھجي نه ته ھھڙا مڙس ڪٿي! ھن حال ۾ به نڀائي پيو‪ .‬جس‬
‫ھجيس‪ .‬اڄ جا مڙس آھن جو ‪. . . . .‬‬
‫پر اڃا ڪونه آيو؟ ھن مھل تائين ته آفيس مان اچي ويندو آھي‪ ،‬اچڻ سان پھرين ھتي ئي منھنجي‬
‫ڪوٺي ۾ ايندو‪ ،‬گوريون ک ارائيندو‪ ،‬آٿٿ ڏيندو‪ ،‬پوِء لڳندو ٻئي ڌنڌي سان‪ .‬ڀانيان ٿي ته ساڍن چئن‬
‫کان به مٿي ٽيم ٿي ويو ھوندو‪ .‬متان ايندو ھجي! ايندو ئي ھوندو‪ ،‬اوير سوير ته اوس پئي ٿيندي آھي‪.‬‬
‫‪ . . .‬ائي گوريون‪.‬‬
‫گوريون کائڻ جي مھل ٿي آھي‪ ،‬ڪڏھوڪو‪ :‬مان ھن ويچارن ۾ ‪ -‬پاڻ اچي ھٿن سان ڏيندو آھي‪.‬‬
‫کيس خيال ته ھوندو‪ .‬پر ڪو ڪم ٿي پيو ھوندس‪ .‬ٺھيو مان ئي ٿي – ھن سڪيَء کي ڇا ٿيو! ھيَء‬
‫ته ھن مھل تائين اچي نڪرندي آھي‪ .‬اڃان به اڳڀرو‪ ،‬ڪو ڪم ٿي پيو ھوندس‪ .‬نپٽيَء کي ھجي‬
‫شابس‪ ،‬نه ته اڄ ڪير ٿو ڪري ڪنھنجي؟ منھنجي ڪريَء جو ڪير‪ ،‬سندس ماني تنھن کان‬
‫سواِء‪ .‬ٽيم تي اچي دوا پياريم‪ ،‬پرگهور ۾ ته نه ڏٺي اٿئين تتي نه ٿڌي – ٻيا مٽ آھن جو ھونئن ته ٺھيو‪،‬‬
‫آئيَء ويل به آڱوٺو ڪڍيو ڏين‪ ،‬ويڙھو ساڳيو‪ ،‬رت ساڳيو ڪا اوپرائپ آھي! بس زماني جا رنگ‬
‫آھن‪ ،‬پنھنجا به پراوا ته ويجها اوپرا! مائي سڪينه کي به جس ھجي نه ته ڪير ٿو پنھنجي پيٽ‬
‫ڄاي ون ائين ڇڏي؟ منھنجو ته ساڻس ڪو ارواح اٽڪيل آھي‪ .‬ننڍپڻ کان ئي وٺي گڏ کيڏيون‬
‫آھيون‪ .‬اڃان ڪڪي ھئي ته ھنج تي کڻي گھمائيندي ھئي سانس ‪ .‬اي ڏٺئي! وري ھي ميون‬
‫گوريون دل تان لھي ويم‪ ،‬کڻي ڳھي ڇڏيان‪ ،‬ڇڏيو ته ھنن به اندر ساڙي آ‪ ،‬اصل جھڙي باھ پئي ٻريم‪.‬‬
‫دل ته گهڻو ئي ٿ ي چويم ته ٿڪ ھڻي ڦٽو ڪري ڇڏيان‪ .‬ھاڻي باقي رھيو ئي ڇا آھي‪ ،‬جو – بس‬
‫سندس اجايو زور – ڪن ڏينھن جي ته – ھا‪ ،‬باقي رھيو ئي ڇا اٿم؟‬
‫‪( . . .‬ڏک ڀري پيڙا)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪41‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ھن مھل تائين ته اچڻ گهر بو ھوس‪ .‬ڌڻي شل خير ڪري (ڳڻتي‪ ،‬الڪي ۽ اوسيئڙي جو احساس‪.‬‬
‫احساس جو گهرو ٿيندو وڃڻ)‬
‫(اوچتو) متان! ‪( . . . .‬مرڪ) ھي به جو گم آھي‪ .‬مان به چوان ته –پاڻ ھاڻي ڪڏھن ڪڏھن دير ڪيو‬
‫ڇڏي‪ .‬ھي به ساڳي مھل نه ته ھن مھل تائين ٻئي ھتي ھوندا آھن‪ .‬ھون! (مرڪ جو ڦھالُء) ھاڻ‬
‫سمجهيم‪.‬‬
‫مونکي به کٽ ورتي سال اچي ڀريو آھي‪ ،‬ڀانيان ٿي ته پروڪي سياري کان – ھا‪ ،‬سال کن پوِء ڪيئن‬
‫ٿو رھي سگه ي! ھھڙو مڙس‪ .‬مان ته سندس اندر جي ذري ذري مان گھميل آھيان‪ .‬مئي! ڀال انھيَء ۾‬
‫سندس ڪھڙو ڏوھ مان ھر حال ۾ سڄو سال ڪريل‪ ،‬ڪنھن نه ڪم جي‪ .‬پوِء‪ ،‬ھي به نيٺ ته مرد‪.‬‬
‫‪ . . .‬تنھن ڏينھن ڀنگياڻي سان پئي سس پس ڪيائين‪ .‬االئي ڪھڙا پئي سرٻاٽ ڪڍيائون‪ .‬مان ته‬
‫وھنجڻ واري جاِء ۾ ھيس‪ ،‬سمجهي نه سگهيس‪ ،‬ڀال ھن مئي بيماري ‪ . . .‬پر سمجهان ٿي ته – نيٺ‬
‫عورت آھيان‪ ،‬کٽ ورتل آھيان ته ڇا ٿيو؟ دماغ ته سالم آھي‪ ،‬ڀال ان ۾ سندس ڪھڙي اربع خطا! پاڻ‬
‫ته روڳي ڪونھي‪ .‬جي چڱي ڀلي ھجان ھا دل ۾ ڪيان ھا ڇا؟ اھي ٻيون رنون آھن جو مڙسن کي‬
‫ٿيون – نه ته اھو مرد جو شان آ‪ .‬ڀال مرد ڪيئن سڏجن! مئي ڀنگياڻي لڳي ته ڏٽي مٽي پئي‪ .‬مان به‬
‫چوان ته پاڻ اڳئين پوڙھي ڀنگياڻي کي ڪڍي ھن ڏٽي مٽي کي رکيو اٿائين‪ .‬جي ھيَء رن چڱي‬
‫آھي ته پاڻ به ڪو گهٽ آ ڇا؟ شھزادو آ‪ ،‬شھزادو‪.‬‬
‫ھا پوِء ٻنھي جي سس پس بند ٿي ويئي ھئي ‪ ،‬ھا ھا – سمجهان ٿي ته ائين ‪ . . .‬کيس ڪھڙي سڌ‬
‫ٿي ته مان وھنجڻ واري جاِء ۾ آھيان‪ ،‬۽ ٻئي ٻڌم‪ .‬ٻڌم‪ ،‬ڇا ڄڻڪ ڏٺم ٻيو – ڇپ ماريو ويٺي ھيس ته‬
‫مٿان شڪجن‪.‬‬
‫‪ . . .‬۽ ان ڏينھن شوڪوَء ماُء به حق ٿي پئي – اھيئن ھي رنون ڍيڪر آھن‪ ،‬نه سھو‪ ،‬ڍيڪ ڏنائين‪:‬‬
‫”مئي‪ ،‬مڙسن ته –“ مان سمجهي ويس ته ڇا ٿي چوي‪ ،‬چھڙي رن‪ ،‬ڦھڪائي ڏنو مانس ”ائي ڇو نه‪،‬‬
‫ڪھڙي اربع خطا ڪيائين؟ اھو ته مڙس جو شان آ‪ ،‬نه ته مردانگي ڪيئن سڏائجي‪“.‬‬
‫رن وئي ته پڄري ھوندي‪ .‬وري نه ڪڇيائين ‪ -‬۽ ان ڏينھن ھن ڏائڻ – نالو به مئيَء جو آھي – نجي ماُء‬
‫تي سندس الِء چيو – اھئين‪ ،‬ھي رنون ساڙ سڙيون آھن‪ .‬وڏيون پارسا ٿيون گھمن‪ .‬ھون! مونکي ڄڻ‬
‫ڪل ئي ڪانھي‪ ،‬سندن پتي پتي جي ڄاڻ اٿم‪ ،‬ته ويڙھي ۾ ڪير ڪنھن سان ۽ سندن مرد به –‬
‫رڳو ٻاھريون ڍڪ اٿن‪ .‬مڙني جي شرافت کي ڄاڻان ٿي‪ .‬ساليون ته ٺھيو‪ ،‬ڇڏيون ڀاڄايون به ڪونه‬
‫اٿن‪ .‬مڙني جو ڳجھه ڏٺو پيو آھي‪ .‬باقي جي ھن ڪجهه ڪيو ته رنن کي پيٽ ۾ ولوڙ اچي پيو‪ .‬ھئه!‬
‫اصل پنھنجو چرڪو ھوندن‪.‬‬
‫ائي سڪي شودي‪ ،‬مان به چوان ته مئي‪ ،‬منھنجي پرگهور ۾ مريو ٿي وڃين‪ .‬جيڏي ڪيڏي مھل ڀڳي‬
‫بيٺين آھين‪ ،‬اصل ساھ پئي گهورين‪ ،‬پر اي مئي‪ ،‬مان سڀ سمجهان ٿي‪ ،‬سڀ ڪي ڪيتري وقت‬
‫کان ويٺي جاچيان‪ .‬ھڪڙي ڀيري چيو ھئائين ته‪” :‬ساھڙيون ته ھھڙيون ھجن‪ “.‬اھو ٻڌي تون‬
‫شرمائجي ويئي ھئين ۽ ھن کليو ھو‪ .‬مان اھو سمجهان ٿي‪ ،‬۽ ھا‪ -‬ھڪ ڀيري ته اوھان ٻنھي کي اکين‬
‫ئي اکين ۾ ڪجهه چوندو – ائي! ڪو ھڪ ڀيرو‪ ،‬مان ته چوان ٿي‪ ،‬جڏھن کان کٽ بلي ٿي آھيان‪،‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪42‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫تو کاٽ ھڻڻ – نپٽي واھ جي تو ساھڙئپ نڀائي آھي‪ ،‬ھان ڙي – پرگهور منھنجي‪ ،‬رڳو نالي ۾‪ ،‬مطلب‬
‫پنھنجو‪ ،‬مان به چوان ته –‬
‫پر آئي نندوري‪ ،‬مان ڪا ارھي ٿوروئي آھيان؟ نه نه‪ ،‬مٺڙي نه‪ ،‬ايئن ناھي‪ .‬جڏھن کٽ ورتم ته نه ڄاڻ‬
‫ڇو لڳندو ھيم ته تون ۽ پاڻ – اھو ائين لڳندو ھيم يا ڪا ھينئينَء جي سڌ ھئي ته تون ھن گهر‬
‫جي ‪ -‬۽ توکي ۽ ھن کي ڳالھائيندي‪ ،‬کل ڀوڳ ڪندي ڏسندي ھيس ته ڀانَء دل پئي ڪڏندي ھئي‪،‬‬
‫ھا‪ ،‬قسم سان من پيو ٻھڪندو ھو‪ ،‬۽ اندر ۾ ڪا آس ڪڙ موڙيندي ھئي ته‪ :‬تون ۽ پاڻ – آئي! مون‬
‫سان قسمت ڪئي!‬
‫(ڏک ڀري پيڙا)‬
‫جڏھن کٽ ورتيم‪ ،‬دل چيو ته بس ھاڻي ڇيھه آھي‪ .‬ھاڻ ڏٺئي‪ :‬ڇا وڃي بچيو آھي‪ .‬بس ڪي ڏينھن‪:‬‬
‫اچي پڄاڻان‪ .‬ڀال ان جو ڪيتو پاڻ ڇو لوڙي‪ ،‬نيٺ اڳي پوِء ڪا ته اچڻي آھي‪ ،‬ڇوري‪ ،‬ساڻس اھڙو‬
‫جڙندين جھڙي منڊيَء تي ٽڪ‪.‬‬
‫(اکين ۾ تري آيل پاڻي)‬
‫راڻي ڪري راڄ ڪرائيندُء‪ .‬جي چڱا پير ڀرئينس ته دل تي راڄ ڪنديئنس‪ .‬سندس مٽ پنھنجن‬
‫۾ آھي ڪو سھي؟ ڇا مردانو حسن‪ .‬ڇا ڏيان‪ ،‬ڇا قربائتو‪ .‬نج سون ٿئي ڙي‪.‬‬
‫شل جڙيو ھجي‪.‬‬
‫ائي مان ڪو سڙان ٿوروئي ٿي‪ .‬من‪ ،‬مون سان ته قسمت ڪئي‪ .‬ھن ڄمار ۾‪ .‬ان تي ڪنھن جو وس –‬
‫ڪو وسيلو‪ .‬ھاڻ ته اھا وڃي آس رھي آھي اٿم‪ ،‬کيس اکين آباد ڏسي وڃان‪ .‬مون کيس ڏنو به ڇا‬
‫آھي؟ ڏک ڏوالوا‪ -‬ٻيو ڇا؟ و س پڄيم ته ھٿن سان الئون لھرائي وڃي قبر ڀيڙي ٿيان‪ .‬اندر ته ٺريل‬
‫ھوندم‪ .‬ڀال دم تي ڪھڙو ويساھ‪ ،‬ھن حال ۾؟ باقي بچيو ئي ڇا اٿم‪ .‬ھڏا ۽ چم‪ .‬ھن روڳي ۾ ڦاٿل ساھ‬
‫جو پکيئڙو اڄ اڏاڻو ڪي سڀان‪.‬‬
‫اچي ته چوندي سانس‪ .‬پڇاڙي جو اھو قرب ڪري‪ ،‬جيترو ٿي سگهي‪ .‬منھنجي ھوندي ئي – کيس‬
‫اکين آباد ڏسي‪ ،‬سک سان ته ساھ ڏيان ‪. . .‬‬
‫پر اڃا ھيُء!؟‬
‫ڪا مھل ٿي اٿن!‬
‫پر ھيَء شودي ڇڏيس به نه‪ .‬چھٽي پئي ھوندس‪ ،‬چچڙ ٿيو‪ .‬آھي ڪنواري‪ ،‬پاڻ به ته – مان ته سندس‬
‫اندر جي ذري ذري پرزي مان گھميل آھيان‪ .‬پيار ڪرڻ ته کانئس ڪو سکي‪ .‬دل ئي نه چوندي ھئي‪،‬‬
‫کانئس پري ٿي ندي‪ ،‬بس ائين ئي ساڻس پئي ھجان‪ ،‬چھٽيل‪ .‬رنون سڙنس ته تڏھن ٿيون نه‪ ،‬ھيَء ته‬
‫اڃا چوزي آ‪ ،‬ڀانيان ٿي ته مون کان وڌ ۾ وڌ چار سال ننڍي ھوندي ۽ ھن عمر ۾ ‪ . . . .‬نپٽي آھي به ته ‪.‬‬
‫‪ . . .‬خير‪ ،‬چڱ ڀالئيَء ۾ مان به ڪا گهٽ ڪانه ھيس‪ .‬بس ھي ته نصيب جو کيل آھي‪ ،‬ھن ئي ڄمار‬
‫۾ ويل وھائي ڇڏيائين‪ .‬ڪھڙي جواني ڏٺم‪ ،‬ماڻيم؟ ڇا چوڙيم؟ تنھن کان ته نه ڄمان ھا‪ ،‬خير‪ ،‬ڌڻي‬
‫جي آڏو‪ ،‬ڪو وس ڪنھن جو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪43‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ڪٿي ھوندا‪ :‬وڏي صفي ۾؟ ڪوٺيَء ۾؟ ھون‪ ،‬ڪوٺي ۾ ئي ھوندا‪ .‬پڪ ئي پڪ‪ ،‬مان به ته اتي ئي‬
‫سانس ھوندي ھئس نه –‬
‫اڄ اھي گهڙيون‪ ،‬اھي ڳالھيون‪ ،‬اھي –ڀانِء ته ‪. . .‬‬
‫ڪوٺيَء ۾ ڪا ته ڳالھه آھي جو – پاڻ ته ان ڪوٺي کان سواِء – مئيَء ۾ ڪا ته اھڙي ڳالھه آھي! نه‬
‫اٿس ڪا روشني‪ ،‬نه وري ٻاھرئين پاسي کان ڪا دري‪ ،‬در به صفي ۾‪ ،‬ٻاروھي ٿڌڪار لڳو پيو ھوندو‬
‫اٿس‪ .‬منگھه مان سو ھلڪي روشني ايندي اٿس‪ ،‬نه ته ٿيو خير باقي ڪجهه اوندھ‪ ،‬ڪجهه روشني‪.‬‬
‫ڪي ڏينھن اچي ٿيا آھن‪ ،‬مان ته اکين وري ڏٺي به ڪانھي‪ .‬ھيَء کٽ ۽ مان‪ .‬ميون دوائون‪ .‬باھ لڳين‬
‫سيون‪ .‬مار پوي مقدر ٺاھڻ واري کي‪ ،‬اھو نه ڏٺائين ته – ھن ئي ڄمار ۾ ‪-‬‬
‫(ڌيان)‬
‫ھي سس پس!؟‬
‫ھا اندارن پئي اچي ڪوٺي مان‪.‬‬
‫”‪!“-‬؟‬
‫ھيُء ته سندس آواز آھي‪.‬‬
‫”سڪينه ڇا ٿو سمجهين ٿي ته – او چري‪ ،‬پڪو انجام‪ .‬تون ڀروسو ڪر نه ‪“ . . . .‬‬
‫اڳتي االئي ڇا چيائينس؟‬
‫”‪-‬؟“‬
‫ھيُء ته سڪي جو آواز آھي‪ .‬االئي ڇا وراڻيائينس؟‬
‫”‪-‬؟“‬
‫ھي ته سندس آواز آھي‪.‬‬
‫”‪-‬؟“‬
‫منھنجو نالو ورتائين‪ .‬االِء منھنجي نالي ڇا ٿو چويس‪ .‬اڄ يا سڀان مرندي؟ ‪ . . . . .‬نه نه‪ ،‬ائين نه چيو‬
‫ھوندائينس! ويساھ ۾ ئي نٿو اچيم‪ ،‬مون غلط سمجهيو آھي‪ ،‬چٽو ٻڌڻ به نه ٿو اچيم‪ ،‬پر جي چيائين‬
‫ته تڏھن به ڇا؟ ڪو ڪوڙو ٿوروئي آ‪ .‬مون ۾ رھيو ئي ڇا آھي‪ ،‬جائي ته چوي ٿو‪ :‬اڄ نه سڀان مرندي‪.‬‬
‫پر اي نپٽيا‪ ،‬مان به ته اھوئي پئي چوان ته‪ ،‬پنھنجي ھٿن سان ميندي الئي‪ ،‬وڃي قبر ڀيڙي ٿيان‪ .‬پڇاڙي‬
‫جو ھنن نندورن نيڻن سان توکي خوش ٿي ڏسي وڃان‪ .‬مون ته توکي ڏنو ئي ڇاھي‪ :‬نڀاڳ‪ ،‬روڳ‪ ،‬ڏک‬
‫۽‪.........‬‬
‫اڙي! منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا! مئا! ائين ته نه ٿيو‪.‬‬
‫نپٽي‪ ،‬ھي ڳوڙھا ته ‪( . .. .‬ڳوڙھا نيڻن ۾‪ ،‬مرڪ چپن تي)‬
‫چپ ته –‬
‫ڌيان‪:‬‬
‫ھي آواز؟‬
‫چيڪٽ ٿيو – ڀانيان کٽ جو؟‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪44‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫سڙٻاٽ –‬
‫”‪-‬؟“‬
‫ھا‪ ،‬ھينئر ‪ . . . .‬پاڻ مونکي ته سندس عادتن جي – نيٺ ساڻس‪-‬‬
‫نڀاڳي چپ ته‪،‬‬
‫ڌيان‪:‬‬
‫‪.............‬‬
‫‪.............‬‬
‫ائي مٺيس! ھيُء مون کي ڇا ٿيو آ‪ :‬اڀ ساھي‪ ،‬ڇاتيَء ۾ دڙڪو‪ ،‬لنو لنو ۾ ڄڻ ڪجهه ڊوڙي ويم‪ .‬پگهر‬
‫۾ شل ‪ -‬۽ ھيُء ‪. . . .‬‬
‫؟؟ ‪ . . . . .‬آواز ته نٿو اچي؟ اڃا نه نڪتا!‬
‫ڪٿي ھيُء منھنجو اجايو وھم ته – ڏينھون ڏينھن االئي ڇا ٿيندو وڃيم!؟‬
‫ھو اوسيئڙي ۾ ھوندي‪.‬‬
‫پوڻا پنج پيا ٿين‪ ،‬ڇا ڪجي‪ ،‬نوڪري ناھي ٽوڪري آھي‪ ،‬غالمي‪ :‬ذھني غالمي ۽ جسماني غالمي‪.‬‬
‫رت ست نچوڙيو وڃي‪ .‬جي کڻي ڪڇ ته‪ :‬ٺڪ ايڪسپلينشن‪ ،‬سائين گهر گهاٽ وارا آھيون‪ ،‬پٺيان‬
‫ڪا بيماري ھوندي‪ ،‬ڪو گهر جو ڪم ڪار ھوندو‪ .‬نيٺ رت ته انھن الِء ٿا ولوڙيون‪ .‬ذري جو به‬
‫احساس نه‪ .‬آفيس ٽائيم کان پوِء جو ويھڻ – چيو ناھي‪ ،‬شوريل اکيون وڃي ھينئون جهلين‪ ،‬چھڙون‬
‫ڇليو ڏين‪ .‬ڄڻ پورھيو نٿا ڪريون‪ ،‬خيرات ٿا گهرون‪ .‬پنندڙ کي به ماڻھو عزت سان وراڻيندا آھي‪:‬‬
‫بابا معاف ڪر‪ .‬پيٽ الِء ڪرڻو ٿو پوي زندھ رھڻو آھي‪ .‬اسان جھڙن ماڻھن کي زندھ رھڻ الِء غالمي‬
‫ڪرڻي آھي‪ .‬ڪيڏي ذاللت‪ ،‬مٿان ڍونگ ته قومي خدمت آھي‪ .‬پاڻ وتن عياشيون ڪندا‪ ،‬رڳي ٿن‬
‫صحيح ڪرڻي‪ ،‬مصيبت اسان ھيٺين الِء‪ .‬ڇا ڪجي‪ .‬مجبوري –‬
‫گوريون به کاڌيون ھوندي االِء نه؟ انتظار – ظاھر آھي‪ .‬سندس ذھني ٽينشن جوڪارڻ بڻيو ھوندو‪.‬‬
‫اھو سندس الِء ٺيڪ ناھي‪ ،‬کيس ھر حالت ۾ مطمئن ۽ نارمل رھڻ گهرجي‪ .‬سندس الِء اھو ضروري‬
‫آھي‪ .‬مون ته ڪيترا ڀيرا سمجهايو اٿمانس‪ ،‬پر اھو ڪنھن حد تائين فطري آھي‪ ،‬ڊگهي بيماري ۾‬
‫ائين ٿيندو آھي‪ .‬سو به ڪنھن مدي کان گهٽ ورتل ماڻھو‪ ،‬نيچرل آھي‪ ،‬دوا ته ھن پياري ھونديس‪،‬‬
‫گوريون سي به ھن زوري کارايون ھوندس‪ .‬ڪجهه وقت اوسيئڙو ضرور ڪيو ھوندائين‪ .‬اھو ڄڻ‬
‫ھڪ نيم بنجي ويو آھي ته ان مھل جون گوريون ۽ صبح جو آفيس وڃڻ کان اڳ ۽ رات جي دوا‬
‫مان ڏيانس‪ .‬منجهند جي دوا سڪينا پياريس‪.‬‬
‫جيتوڻيڪ اھو ٺيڪ ناھي‪ ،‬اوير سوير ته آھي ئي سھي ۽ اسان جھڙا مالزم ماڻھو‪ ،‬ٻين جي وس‪،‬‬
‫پنھنجي وس جو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي‪ ،‬محتاجي جا ٿئي‪ ،‬زندھ رھڻ الِء‪ ،‬پر سندس عورتاڻو‬
‫ضد‪ :‬شام جو گوريون منھنجي ھٿن سان وٺن دي‪ ،‬اھا چوڻي سچ آھي ته بيمار جو ضد ٻار جو ضد‬
‫سمان ٿئي‪ .‬پر اھو ڪو ايڏو اھم مسئلو ڪونھي جنھن تي مان پنھنجو مٿو پيو کپايان‪ :‬اصل ڳالھه‬
‫آھي ته مون کي ھر حال ۾ سندس خوشي جو خيال رکڻ گهرجي‪ .‬اجايو پيو ڳڻتي ڪريان‪ .‬سڪينه‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪45‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫اھڙي آھي جو زوري ڏنيون ھوندائينس‪ .‬ھو مونکان به وڌيڪ ٿي سندس خيال رکي‪.‬ھا‪ ،‬جيڪڏھن‬
‫ھي ويچاري ھٿ نه ونڊائي ھا ته –‬
‫ڪھڙي ته سٻاجھي ۽ لڄاري آھي‪ .‬ويچاري ساھڙپ توڙي مائٽي جو حق صحيح معنى ۾ ادا ڪيو‬
‫آھي‪ .‬سواِء ڪنھن غرض جي‪ .‬شابس ھجيس‪ ،‬نه ته ھيڏو سارو ويڙھو آھي‪ ،‬ڪي ڌاريان ڪونه آھن‪،‬‬
‫ڪنھن جي به ڪن تي جونِء ڪانه ٿي چري! سندس ھوندي‪ ،‬ھن جي بيماريَء جي تڪليف جو ته‬
‫ڄڻ مونکي احساس ئي نه رھيو آھي‪ ،‬ھھڙيون نينگريون ڪٿي؟ باقي جنھن گهر ۾ ويندي‪-‬‬
‫اڙي ھا‪ ،‬سچي تنھن ڏينھن ماڻس ٻڌايو ته ايندڙ مھيني مڱڻو ڪرائي ڇڏينداسين‪ ،‬۽ پوِء مھيني اندر‬
‫شادي‪.‬‬
‫”بس ابا‪ ،‬مڙئو ٿيو بار الھڻو‪،‬نياڻي آ – نيٺ ڪيترو وھاربس‪ ،‬ھڪ ڏينھن ته شينھن ڪلھي چڙھڻي‬
‫آھي‪ .‬پنھنجا پاڻ ۾ آھيون انو ‪“ . . . .‬‬
‫منھنجي خيال ۾ انو سندس الِء نيڪ ور ٿيندو‪ .‬سٺو سڌريل آھي‪ .‬روزگار سان‪ .‬شڪل شبيھه ۾ به‬
‫ويل ڪونه آھي‪ ،‬پر شڪل کي ڇا ڪبو؟ وڏي ڳالھه ته سڌريل آھي‪.‬‬
‫چه‪ ،‬سندس الِء گوريون وٺڻيون ھيون‪ .‬ويچارن ئي ويچارن ۾ ‪ -‬موٽان اسٽور واري جو قرض به چڱو‬
‫چڙھي ويو آھي‪ .‬سمجهان ٿو ته ٽي چار سؤ ٿي ويا ھوندس‪ .‬ڪٿي پنجن سون کي ڌڪ نه لڳو ھجي!‬
‫گذريل ٻن مھينن کان پائي به ڪانه ڏني اٿمانس‪ .‬دوائون به ڏينھون ڏينھن وڃن چڙھنديون‪ .‬نه آھي‬
‫حد نه حساب‪ ،‬قرض ٻه ھزار کن ٿي ويو ھوندو‪ .‬آفيس مان ايڊوانس‪ ،‬دڪاندار جا‪ ،‬ڇا ٿيندو ‪ . . .‬؟‬
‫لھي ويندو‪ ،‬حياتي آھي ته پيو الھبو‪ .‬رڳو سندس جان بچي‪ ،‬پيسن جو ڪھڙو ملھه! اصل ڳالھه‬
‫زندگيَء جي آھي‪ ،‬اھي الڙھا چاڙھا مڙسن تي ايندا ئي آھن‪.‬‬
‫ڪيڏو نه شريف آھي‪ ،‬ھيترا دوائن جا پيسا ٿي ويا اٿس‪ ،‬پر محسوس ئي ٿيڻ نه ڏنو اٿائين ‪ ،‬فائدو؟‬
‫مان سمجه ان ٿو ته پر ڊاڪٽر ته چوي ٿو‪ .‬ٺيڪ ٿيندي پئي وڃي‪ .‬مونکي ته ڪو خاص فرق نظر نٿو‬
‫اچي‪ .‬باقي بچيو ڇا اٿس‪ ،‬ھڏا ۽ چم‪ .‬ممڪن آھي ته ڊاڪٽر رسمي طور آٿٿ ڏيندو ھجي‪ ،‬سندس‬
‫پيشو ئي اھڙو آھي‪ .‬مريض کي‪ ،‬سندن مائٽن کي پراميد رکڻ ضروري ٿيو پوي‪ .‬ھڪ قسم جو‬
‫نفسياتي اثر‪ ،‬ھونئن به اميد وڏي شيِء آھي‪ .‬اميد جي آسري تي سڄي دنيا پئي ھلي‪ ،‬مونکي پراميد‬
‫ھئڻ گهرجي‪ ،‬ڪڏھن به ائين – خدا نه ڪري‪ ،‬سوچڻ نه گهرجي‪ .‬ڌڻي چاھي ته ڇا نٿو ٿي سگهي‪ .‬اڄ‬
‫جي سائنسي دؤر ۾ ڪجهه به ناممڪن نه آھي‪ ،‬رڳو پيسو ھجي‪ ،‬ھوَء ته اجايو ‪. . . . . . .‬‬
‫”بس مھيني کان وڌيڪ جيئري رھي نه سگهنديس‪ ،‬تو منھنجي الِء‪“.‬‬
‫نه نه – چري‪ ،‬ائين نه چئو‪.‬‬
‫ھون‪ :‬ھڏا ۽ چم‪ ،‬مشڪل چڙھي!‬
‫نه – روڳي انسان اھڙيون نااميدي جون ڳالھيون سوچيندو آھي‪ ،‬فطري بيماري جي حالت ۾ زندگي‬
‫سان دلچسپي رھي ڪانه ٿي‪ ،‬پر مونکي ائين نه سوچڻ گهرجي‪ ،‬مان ته تندرست آھيان‪ ،‬پر سندس‬
‫ناچاڪائيَء مونکي ڪنھن به حد تائين‪ -‬نه‪ ،‬گهرجيم ته کيس آٿٿ ڏيندو رھان‪ .‬زال جي حيثيت‬
‫سان سٺو نڀايو اٿس‪ ،‬مون تي ٻلھار ويندي ھئي‪ .‬اھو احساس ٿيڻ نه ڏنائين ته ڪو منھنجو الڳ وجود‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪46‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫آھي‪ .‬ھر خواھش پوري ڪيائين‪ .‬ھر طرح جو خيال‪ ،‬نه ته اڄ زالون آھن جو مڙسن کي ٿيون دودا‬
‫ڏيکارين‪ .‬مجال آ ڪو مرد – پر ھن ته مون سان –‬
‫بيماري‪ :‬اھا ته قدرت جي وس جي ڳالھه آھي‪ ،‬اڙي ھا‪ ،‬سندس الِء فروٽ به وٺڻو آھي‪ ،‬متان ڪلھه‬
‫وانگر وسري وڃيم‪ ،‬ھيَء ويسر ته – سندس ئي بيماري ڪري؟ الڪو ته رھي ئي ٿو‪ ،‬سڄو گهر ڊنوان‬
‫ڊول ٿي ويو آھي گهر ڇا‪ ،‬سڄي زندگي ڊانوان ڊول ٿي وئي آھي‪ .‬ڪھڙا نه خوش ھوندا ھئاسين‪.‬‬
‫پنھنجي حال ۾ مست‪ ،‬گهر جي ننڍڙي دنيا‪ .‬جائي به تندرستيَء جھڙي نعمت دنيا ۾ ٻي ڪانه آھي‪.‬‬
‫ھاڻي گهر ڪھڙو نه ويران ويران ٿو لڳي‪ .‬ڄڻ ته ڪو راڪاس گھمي ويو ھجي‪ .‬ھا‪ ،‬عورت جو وجود‬
‫ڪنھن گهر الِء ڪيڏو نه الزمي آھي‪ ،‬گهر ۾ عورت آھي ته زندگي آھي‪ .‬نه نه – شايد‪ ،‬عورتون وري‬
‫ائين سوچينديون ھونديون‪ :‬گهر ۾ مرد جو وجود الزمي آھي‪ ،‬گهر الِء دراصل ٻنھي جو وجود الزمي‬
‫آھي‪.‬‬
‫ھا‪ ،‬ڏاڍو مزيدار ٽوٽڪو ھو ‪ :‬زال ۽ مڙس پاڻ ۾ نه ٺھندا ھئا‪ .‬زال ٿلھي ته مڙس سيپڪڙو‪ ،‬پاڙيسري‬
‫سندس جهيڙي کان تنگ ٿي پيو‪ ،‬سو ھڪ ڏينھن وٽن اچي سمجهائڻ لڳو‪” .‬زال ۽ مڙس ھڪ ئي‬
‫گاڏي جا ٻه ڦيٿا آھن‪ ،‬جيڪڏھن ھڪ ڦيٿو خراب ٿي پيو ته‪ ،‬زندگي جي گاڏي ھلي نه سگهندي‪ “.‬ان‬
‫تي ٿلھي زال جي سنھڙي مرد‪ ،‬پھرين زال ڏانھن پوِء پاڻ ڏانھن اشارو ڪندي وراڻيس ته‪ ” ،‬ميان‪،‬‬
‫جيڪڏھن ھ ڪ ئي زندگي جو ھڪ ڦيٿو ٽريڪٽر جو ٻيو ڦيٿو رڪشا جو ھجي‪ ،‬ته پوِء ٻڌائي ته اھا‬
‫زندگيَء جي گاڏي ڪٿان ھلندي؟“‬
‫ويچارو سمجهائيندڙ پاڙيسري ڀيلڙو منھن ڪري واپس ھليو ويو‪ .‬دراصل جتي ٻنھي جو وجود الزمي‬
‫آھي‪ ،‬اتي ٻنھي الِء ذھني ھڪجهڙائي به الزمي آھي‪ ،‬نه ته گهر ٻسو ۽ جهيڙي جو آکارو‪ ،‬زندگي‬
‫نامڪمل ته ٺھيو‪ ،‬پر مرڳوئي زھر ‪. . . . . .‬‬
‫جي ھيَء مري وئي ته ‪. . . . . .‬‬
‫(ڳڻتي جو گھرو احساس‪ ،‬ھن ڀيانڪ سوال مان‪ ،‬ته پوِء ڇا ٿيندو‪).‬‬
‫نه نه‪ ،‬ڌڻي خير ڪندو‪ ،‬مونکي چڱائي جي اميد رکڻ گهرجي‪.‬‬
‫(پاڻ کي ڏڍ ڏيڻ باوجود به‪ ،‬ذھن اندر زوريَء گهڙي ايندڙ خطري جو احساس)‬
‫ھو‪” :‬اڄ دير ٿي وئي‪ “.‬مرڪي‪ ،‬معافي انداز ۾ ”دراصل ‪“ . . .‬‬
‫ھوَء‪” :‬مڙئي خير آھي‪ “.‬ٻھڪندڙ چھرو‪ ،‬مرڪ چپن تي‪.‬‬
‫ھو‪ :‬دوا پيتئي؟‬
‫ھوَء‪” :‬ھا‪“.‬‬
‫ھو‪” :‬گوريون به؟“ ھلڪي مرڪ‪.‬‬
‫ھوَء‪” :‬ھا‪ -‬اڄ مڙيئي فرق پئي ڀانيان‪“.‬‬
‫ھو‪” :‬ھا ھا‪ ،‬تون ھاڻي جلد نوبنتي ٿي ويندينِء‪ .‬ڊاڪٽر چيو ٿي ته تون ھاڻ تيزي سان تندرست ٿي‬
‫رھي آھين‪“.‬‬
‫ھوَء‪” :‬اي مئا ڊاڪٽر ته ائين ئي چوندا آھن نه ته ڪمائي ڪٿان ٿين‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪47‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ھو‪” :‬نه نه – پنھنجو ڊاڪٽر مجيد ڏاڍو ايماندار ۽ شريف انسان آھي‪ .‬ڏس نه‪ ،‬توکي ڄامشوري جي‬
‫وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ الِء ھن ويچاري ڪيڏي نه ذاتي ڪوشش ورتي‪ ،‬پر ھتي ته آھي انڌير‬
‫نگري وڏن ماڻھن جي سفارش ۽ پيسو ‪“. . . .‬‬
‫ھوَء‪ :‬باھ ڏيسن مئي کي‪ ،‬ان مارئي جي شڪل ڏٺي به نٿي وڻي‪ ،‬سيون ھڻي ھڻي پرڻ ڪري ڇڏيو‬
‫اٿائين‪“.‬‬
‫ھو‪” :‬نه نه – چري‪ ،‬انھيَء ۾ پنھنجي چڱائي آھي‪ ،‬نيٺ تندرستي الِء اھو ته سھڻو پوندو‪“.‬‬
‫ھوَء‪” :‬ٺھيو‪ ،‬ڇڏ ان مئي جي پچار‪ “.‬مرڪ سان‪.‬‬
‫ھو‪ :‬سڪينا ڪانه ٿي ڏسجي‪ ،‬ھلي وئي؟‬
‫ھوَء‪ :‬معنى ڀريل نظرن سان‪ ،‬ھلڪا مرڪيل چپ ڦھالئيندي‪ ،‬ڏانھنس غور سان ڏسي ٿي‪.‬‬
‫ھو‪” :‬تون اڄ سچ پچ خوش ٿي نظر اچين‪ “.‬خوش ٿيندي‪.‬‬
‫ھوَء‪” :‬ڇو نه ٿينديس‪ “.‬ماڻي جي ھلڪي اداُء ڪنڌ ۽ جسم جي لوڏ‪ ،‬معنى ڀريل نظرن ۽ ڀڪوڙيل‬
‫پر ڦھاليل چپن ساڻ‪ ،‬ماڻي ۽مرڪ جي انداز مان خوشي ٽمندڙ‪.‬‬
‫ھو‪” :‬اڄ جائي پائي ٻھڪين پئي “‬
‫ھوَء ھلڪو شرمائي ٿي‪.‬‬
‫ھو خوشيَء‪ ،‬عجب ۽ پيار ڀريل نظرن سان ڏانھنس ڏسي ٿو‪.‬‬
‫ٻئي چپ‪ .‬ڪي کن رکي‪-‬‬
‫ھو‪” :‬ھا – سڪينا وئي ھلي؟“‬
‫ھوَء‪” :‬سڪينا!؟“ معنى ڀريل سوال‪ ،‬ساڳي ادا سان ھلڪو ماڻو‪.‬‬
‫ھو‪” :‬ھا‪“.‬‬
‫ھوَء‪” :‬پر سڪينا ته اڄ صبح کان وٺي آئي ڪانھي‪ “.‬ساڳيون معنى ڀريل نظرون‪.‬‬
‫ھو‪” :‬ڇا چيئه! آئي ئي ڪانھي!“ اجرچ‪.‬‬
‫ھوَء‪” :‬نه“ ساڳيو معنى ڀريل انداز‪.‬‬
‫ھو‪” :‬ڪمال آ! ته تو دوا ۽ گوريون پاڻ ئي کاڌيون؟“‬
‫ھوَء‪” :‬ھا‪ ،‬ڀال انھي ۾ ڪھڙي ڳالھه آھي‪“.‬‬
‫ھو‪” :‬تعجب آھي‪“.‬‬
‫ھوَء‪” :‬ڇا جو؟“‬
‫ھو‪ ” :‬ھن جو‪ ،‬۽ مان به دير سان پھتس‪ ،‬توکي ڪيڏي نه تڪليف ٿي ھوندي‪ ،‬ڀال ڪش کاڌي اٿئي؟“‬
‫ھوَء‪” :‬ھا اھا صبح جو ڏئي ويئي ھئي‪ .‬ڇو؟ ڇا ٿيو؟ “ معنى ڀريل سوال ڪجهه کوٽڻ الِء‪.‬‬
‫ھو ڪي گهڙيو چپ‪.‬‬
‫ھوَء ٻڌڻ الِء ڏانھنس اچرج ۽ سونجھه وچان ڏسندي رھي ٿي‪ .‬ھو خاموشي ٽوڙيندي‪” :‬ته ھيئنر ئي‬
‫وڃي ونھواھ ۾ ويٺي ڇا؟“ کلي مذاقي انداز ۾‪.‬‬
‫ھوَء‪” :‬ونھواھ“ ڌڙڪندڙ دل‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪48‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ھو‪” :‬ھا ‪ “. . .‬خوش ٿيندي‪” ،‬توکي خبر ناھي؟“‬


‫ھوَء‪ :‬ڪنڌ سان ناڪار ڪري ٿي‪.‬‬
‫ھو‪ ” :‬مونکي به ڪلھه يا ٽيون ڏينھن سڪينا ماُء ٻڌايو ته سندس مڱڻو ايندڙ مھيني انو سان ڪندا‪“.‬‬
‫ھوَء‪” :‬انو سان!“‬
‫ھو‪” :‬ھا‪ ،‬تاريخ به ٻڌي اٿن‪ ،‬شايد ‪ 29‬چنڊ جي‪ .‬مون سمجهيو توکي خبر آھي جوڙي واھ جي ٺھندي‪“.‬‬
‫ھوَء‪” :‬انو سان!!“ مرڻينگھه آواز ۾ ورجائي ٿي‪ .‬۽ لڳيس ٿو ڄڻ ڪجهه کانئس ڪجهه وڃائجي ويو‪.‬‬
‫اوچتو ئي اوچتو ڪري ڀڄي پيو‪ .‬امالڪ کنگھه جي دوري ۾ وچڙجي وڃي ٿي‪ .‬ھو اٿي پٺي تي ھٿ‬
‫ڦيرائيس ٿو ۽‪ ،‬وري گهٻراھٽ مان گالس کڻي پاڻي ڀرڻ الِء ٻاھر گهڙا منجيَء ڏانھن تکو وڌي ٿو‪.‬‬
‫گالس ڀري واپس اچي ڏسي ٿو‪ .‬ھوَء کنگھه ۾ وچڙيل‪ ،‬ساڻي ٿيل‪ ،‬سندس حوال خطا – تڪڙو تڪڙو‬
‫ڊاڪٽر ڏانھن وڃڻ جي خيال سان ٻاھر ڀڄي ٿو‪ ،‬ھن خيال کي خيال ۾ نه رکندي‪ ،‬ته تيستائين ھو‬
‫جيئري به ھوندي يا نه‪.‬‬

‫‪ -‬سوجهرو ‪1905‬ع‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪49‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫پالند‬

‫جتي ھن کان ڪي گهڙيون اڳ گهوٽيتن طرفان ڪنواريتن ڏانھن وڃڻ ڪري‪ ،‬جڳمڳ ڪندڙ‬
‫روشنيَء ۾ عورتن جي ڇڏيل سڳنڌ ھوندي به‪ ،‬سانت‪ ،‬ويراني ۽ ھڪ قسم جي اٻاڻڪائي ڇانيل‬
‫ھئي اتي ايندڙ ڄڃ جي گوڙ‪ ،‬شرنائن ۽ دھلن جي سريلن ۽ عورتن جي رس ڀريل آوازن زندگيَء جي‬
‫ڀرڀور وير آڻي ڇڏي‪:‬‬
‫چڙھي گهوٽ ‪ ،‬گهوڙي آيو‪،‬‬
‫کٽي آيو‬
‫کٽي آيو‬
‫گهر ۾ گهڙ ڻ شرط ڀينرن‪ ،‬سؤٽن‪ ،‬ماساتن‪ ،‬۽ ٻين جيڏين سرتين دھل سنڀاليو‪ .‬ٿالھه کنيو‪ .‬مٺو سريلي‬
‫گهري‪ ،‬ڀرڀور ۽ سچي جذبي ۾ وھنتل آواز‪ ،‬جنھن ۾ خود انھن ڪنوارين نينگرين جي آس اميدن‪،‬‬
‫خوابن ۽ ارمانن جو اولڙو ھو‪ ،‬رات جي سيني کي چيڙڻ لڳو‪.‬‬
‫رک صندلي تي پير‪،‬‬
‫منھنجا مور الڏا!‬
‫گهورون گهورئي ڀيڻ‪،‬‬
‫منھنجا مور الڏا!‬
‫منھنجا مور الڏا‪. . . .‬‬

‫ڪنوار پھريون ڀيرو پنھنجي ساھري گهر پير رکيو‪ .‬باڇاھ پير جا پالند ھيٺان‪ ،‬جيڪو گهوٽ –‬
‫ماُء پنھنجي رئي مان ٺاھيو ھو‪ ،‬ٻئي گهوٽ گلڻ ۽ سندس ڪنوار‪ -‬وک ۾ وک وجهندا‪ ،‬سيج ڏانھن‬
‫وڌڻ لڳا‪ .‬ھلندي ھلندي گلڻ کي ھلڪو ٿاٻو آيو جو موڙن ۾ سڄو منھن ڍڪيل ھيس‪ .‬ماڻس جي‬
‫واتان نڪتو بسمالھيون‪ .‬ابو منھنجو! ضرب ته ڪانه آيئي!؟‬
‫”نه اما‪ “.‬گلڻ موڙن ھيٺان‪ ،‬اندران ئي وراڻيو‪.‬‬
‫پوِء گهوٽ ماُء ساڻن گڏوگڏ ۽ اڳيان اڳيان ھلندڙ نينگرين ۽ رائفائن کي چھڙ ڏيندي چيو‪” :‬ميون‬
‫دڳ ته ڇڏيو‪ ،‬ويھڻ ته ڏيو‪ ،‬پوِء پيون ڏسجو‪ “.‬سندس آواز ۾ تيزي سان گڏ دٻيل غرور جو اھو پاڇولو‬
‫به ھو‪ ،‬جيڪو ھر سوڀ حاصل ڪندڙ وجود مان بکندو آھي‪ .‬۽ پوِء‪ ،‬ڪنوار کي سيج تي وھاري رڙ‬
‫ڪيائين‪” ،‬وڃڻا!“ ۽ ان سان گڏ‪ ،‬دھل جي چوڌاري ويٺل نينگرين ڏانھن منھن ڪري چيائين‪:‬‬
‫”ڇوريون ھٿ ھاليو‪ ،‬ساھ ڪونه اٿو ڇا!“ ۽ پاڻ به دھل ۽ گڏيل الڏي جي آواز ۾ لئي تي پير ۽ ٻانھون‬
‫ھالئڻ لڳي‪:‬‬
‫منھنجا مور الڏا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪50‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫منھنجا مور الڏا ‪. . . . . . . .‬‬


‫جيتوڻيڪ ھن کان اڳ الڳيتو ڳائڻ ڪري سندس نڙي ويھي وئي ھئي‪ .‬آواز ڳرو ۽ گهگهو ٿي‬
‫نڪتيس‪ .‬پر ان آواز ۾‪ ،‬۽ ٿڪاوٽ ۽ اوجاڳن ھوندي به‪ ،‬پيرن ۽ ٻانھن جي چرپر ۾ جان ھئي‪ ،‬اتساھ‬
‫ھو ۽ ڀرڀور امنگ جو اظھار ھو‪ .‬وري ڳائڻ ۽ جهمر ڇڏي‪ ،‬دھل وارين کي ”ھاھا‪ ،‬ھٿ ھاليو‪ ،‬آواز‬
‫ڪڍو‪ “.‬جي ھدايت ڪرڻ لڳي‪ ” :‬تکو ھٿ ھاليو‪ ،‬ٻيا به وڃڻا کڻي اچو‪ ،‬منھنجي راڻيَء کي گرمي‬
‫ٿيندي ھوندي‪“.‬‬
‫ان وچ ۾ گلڻ مردن ڏانھن وڃي چڪو ھو‪ .‬منھن ڏسڻ جي رسم شروع ٿي‪-‬‬
‫”ائي گهوٽ ماُء‪ ،‬مبارڪان ھجن ئي‪ ،‬چوڏھين جو چنڊ مليو اٿئي‪“.‬‬
‫”ادي منھنجي خير مبارڪ ڌڻيَء جا لک الئق‪“.‬‬
‫”گلڻ‪ -‬ماُء ننھن ته سون ملي اٿيئي‪ ،‬وڏن ڀاڳن واري آھين‪“.‬‬
‫”ھا امڙ‪ ،‬منھنجو گلڻ به ڪو گهٽ نه آھي‪“.‬‬
‫منھن جي ڏسڻ جو سلسلو ھلندو رھيو‪ ،‬ڀينرون‪ ،‬ماسيون‪ ،‬سؤٽون‪ ،‬ماساتون اوڙي پاڙي واريون ‪. . . . . .‬‬
‫”ادي – گهوٽ ماُء‪ ،‬ننھن مبارڪ ھجيئي‪“.‬‬
‫گلڻ ماُء ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري رڙ ڪئي‪” :‬ائي ڪا رھي ته ڪانه؟ ڀانيان ٿي‪ ،‬ڦاپان رھجي وئي آھي‪.‬‬
‫ڪٿي آ گهوٽ جي پڦي؟“ آ – ئي ڦاپان ڪٿي آھين تو منھن ڏٺو؟ بيزاريَء جي لھجي ۾‪.‬‬
‫”اچان ٿي ادي‪ ،‬ڪڪي کي ڌوئاري وٺان‪“.‬‬
‫” ائي ٻڙي‪ ،‬سيگھه ڪر‪ ،‬اڃا مرد رھيل آھن‪ ،‬منھنجي راڻي ٿڪل آھي‪ ،‬ته جلد وڃي آرامي ٿين‪“.‬‬
‫نوجوانڙين جا ٽونڪر ڀريا آواز آيا‪:‬‬
‫”آرامي وري ڪٿان ٿيندا‪ ،‬اڃا ته سڄي رات جاڳڻو اٿن!“ کلن جا ڪوڪريا پئجي ويا‪ ،‬اڃا کل بند‬
‫ئي ڪانه ٿي ته ٻيو آواز آيو‪:‬‬
‫” راڻيَء جو ٿڪ نويڪالئي ۾ پاڻھي الھي ڇڏيندو ماسي‪ ،‬تون ڳڻتي نه ڪر‪“.‬‬
‫ٽھڪن جا ڦوھارا نڪري آيا‪.‬‬
‫”ڇوريون آھيو‪ ،‬ڇتيون آھيو‪ .‬اٿو ڪا وات کي جهل‪ “.‬گلڻ – ماُء به کلڻ لڳي‪ .‬دٻيل کل‪ ،‬جنھن ۾ اندر‬
‫ئي اندر مان اڌمو کائي ڦوھاري وانگر اڇل کائيندڙ خوشي ھئي‪ .‬گد گد ٿيندي چيائين‪” :‬اھا ڪھڙي‬
‫آ‪ ،‬آئي نوران! ڇوري‪ ،‬ترس‪ ،‬تنھنجا به ور مان ٽڪ نڪرندا‪ .‬ھيئنر ئي ٿي راڻي کي سنڀالين!“ ھيڏي‬
‫ھوڏي نھاري‪” :‬آئي نوري ماُء! ڪٿي آھين؟ ٻڌين ٿي ڌيڻين کي؟ چاڙھينس شينھن ڪلھي‪ ،‬نه ته‬
‫ڇوري ھٿن مان ويندينِء!“‬
‫‪ . . .‬ٽھڪڙو‪.‬‬
‫گلڻ ماُء وري واڪو‪ ” :‬آئي ڦاپان‪ ،‬ٻڙي‪ ،‬رب کي ڏس‪ ،‬جي ھڙ ۾ ڏوڪڙ نه اٿئي ته ڇڏينس ڪري‪ .‬مئي‬
‫سيگھه ڪر‪ ،‬راڻو اوسيئڙي ۾ ھوندم‪“.‬‬

‫‪‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪51‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫موجود‪ ،‬گهوٽ جي سڀني ويجهن مائٽن‪ :‬ڪنو ار جو منھن ڏٺو‪ .‬ھئو مئو ٽري‪ .‬الڏن‪ ،‬دھلن ۽ شرنائين‬
‫جو آواز بند ٿي چڪو ھو‪ .‬مڪمل سانت ھئي‪ .‬مھمان مڙا ٿڪ ۽ ننڊ سبب جن کي جتي جاِء ملي‬
‫ھئي‪ ،‬سمھي پيا ھئا‪ .‬کونگهر ن جا ٻرڙاٽ پئي پيا‪ .‬روشني به ٿڪل ٿڪل ۽ ساڻي ساڻي ٿي لڳي‪.‬‬
‫ڪنوار وٽ گلڻ ماُء سميت باقي ڪي ڇوڪريون ٻاڪريون وڃي بچيون ھيون‪ .‬گلڻ ماُء ڪنوار‬
‫جو گهونگهٽ ٺيڪ ڪندي‪ ،‬موجود ڇوڪرين کي چيو ته ”ھاڻ لڙ الھيو‪ ،‬نڪرو ھتان ته گهوٽ‬
‫پنھنجي وني سنڀالي‪ “.‬نينگريون ھڪ ھڪ ٿي ٻاھر نڪتيون‪ .‬گهوٽ سينگاريل سيج واري‬
‫ڪوٺي جي در تائين آيو‪ .‬ماڻس وڏي قرب‪ ،‬اتساھ ۽ ڀرڀور خوشي منجهان ڀاڪر ۾ آڻيندي ڪنوار‬
‫جي لڳو لڳ وھاريو‪” .‬ھان‪ ،‬ماُء گهو ر وڃئي‪ ،‬سنڀال پنھنجي راڻي کي‪ .‬مان ٻاھر نڪران ته اندران‬
‫ڪڙو چاڙھي ڇڏ‪ ،‬پر ترس “‪ ،‬کيس ڪجهه ياد آيو‪ ” ،‬مان کير آڻي ڏيانِء‪ “.‬ھوَء تڪڙي تڪڙي ٻاھر‬
‫نڪتي‪ ،‬سندس ھلڻ جي چال ۾ جتي اٻھرائي ھئي‪ ،‬اتي ٽمندڙ خوشي جو اظھار به ھو‪ .‬کير جو جڳ‬
‫۽ گالس آڻي ڪوٺي ۾ رکيائين ۽ گلڻ کي ڪجهه ڪن ۾ سرٻاٽ ڪرڻ کان پوِء سندس نرڙ تي‬
‫چمي ڏنائين ۽ کڙي تڙي آواز ۾ چيائين‪ ” ،‬ھاڻي در ڏئي ڇڏ‪“.‬‬
‫ٻاھر نڪري‪ ،‬در ٻيڪڙيندي‪ ،‬کيس اوچتو ئي اوچتو‪ ،‬اڻلکي ۽ مڪمل خوشي جو ڀرڀور احساس ٿيو‪.‬‬
‫”ابا گلڻ ‪ ،‬ڪڙو چاڙھي ڇڏ‪“.‬‬
‫اندران ڪڙي چاڙھڻ جو آواز ٻڌائين‪ .‬ان آواز سندس دل تي گهرو ۽ وزني اثر ڪيو ۽ اٿاھ خوشي ۾‬
‫ڪڏڪا ڏيڻ لڳي‪ .‬دل جي تيز ڌڙڪ پاڻ چٽيَء ريت محسوس ڪيائين‪ .‬کيس لڳو ته پاڻ صدين‬
‫کان ڪو سپنو ڏسي رھي ھئي‪ ،‬ڪا آس سانڍيندي پئي آئي‪ ،‬سا اڄ تڪميل جي چوٽي تي پھتي‬
‫ھئي‪ .‬ڪوٺيَء واري در کي ٻيھر ڏٺائين ۽ ذھن جي اک سان ان ۾ اندر ليئو پاتائين‪ .‬گلڻ جو جانٺو‬
‫جواني وارو مردانو وجود‪ ،‬سوپاري ۽ برتر حيثيت ذھن جي اک ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺي‪ .‬مساڳ لڳل چپن‬
‫تي مرڪ ڦھلجي ويس – گهر ي ۽ اٿاھ مرڪ جنھن ۾ من اندر ٿيندڙ جشن جو پڙاڏو ھو‪.‬‬
‫ھن ٻاھر نھاريو‪ ،‬جنھن پاسي مرد ستل ھئا‪ .‬لڳس‪ ،‬سڀ مرد ماڻھو سمھي پيا آھن‪ -‬گلڻ پيُء به‪.‬‬
‫ھيَء اتي ئي گهوٽ – ڪنوار واري ڪوٺيَء جا چائنٺ کان ٿورو پرڀرو‪ ،‬گلم تي ليٽي پئي‪ ،‬اندر‪ ،‬من‬
‫ئي من ۾ ڇوليون ھڻندڙ خوشيَء ۽ سانڍيل خواب جي تڪميل جي احساس‪ ،‬سندس ننڊ کي‬
‫ڪوھين ڏور ڀڄائي ڇڏيو‪ .‬ماڻجندڙ ڀرڀور احساس جي لي واري وھڪ‪ ،‬۽ کيس ياد آيو جڏھن کيس‬
‫پھريون پيٽ ٿيو ھو تڏھن ڌڻي در ڪيڏو ٻاڏايو ھئائين ۽ باسون باسيون ھئائين ته ”شل نينگر‬
‫ھجي‪“.‬‬
‫مڙسھنس ۽ سندس ڏير يارو شرط ھنئي ھئي‪ .‬پوِء گلڻ جو ڄم‪ ،‬سندس زندگيَء جو ٻيو جنم ٿي آيو‪.‬‬
‫گلڻ جي بت ۾ کيس‪ ،‬پنھنجي وجود جو اولڙو نظر ايندو ھو‪.‬‬
‫اندران گلڻ جي کنگهار جو آواز آيو ۽ کٽ جو چيڪٽ‪ .‬سندس ڌيان اوڏانھن ڇڪجي ويو‪ .‬اڻ‬
‫ڄاتل اندرين خواھش ۽ تجسس وچان در ۾ نظرون کپجي ويس‪ .‬وري سندس ذھن جي اک اندر ليئو‬
‫پاتو‪ :‬گلڻ جي جانٺي جواني وارو مردانو وجود‪ ،‬سوڀاري‪ ،‬مٿانھين ۽ برتر حيثيت‪ .‬ڪنوار بيوس‪،‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪52‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫مضبوط ھاٺيَء واري گلڻ جي ور چڙھيل – گلڻ‪ ،‬جو سندس وجود جو ھڪ حصو ئي ھو‪ .‬کيس ائين‬
‫ڏسندي ھڪ قسم جي ڀرڀور خوشيَء‪ ،‬لي ۽ لذت جو مڪمل ۽ اونھو احساس پئي ٿيو‪ ،‬۽ اھو احساس‬
‫سندس لڱ لڱ ۽ انگ انگ ۾ اوتجي ٿي ويو‪ ،‬۽ ان سان گڏ سندس گھليل مرڪ ۾ ڪا معنى ڀرجي‬
‫ٿي ويئي‪.‬‬
‫ھو انھيَء مڪمل ۽ ڀرڀور لي کي ماڻيندي‪ ،‬گھري ۽ اٿاھ احساس مان لنگهي رھي ھئي ته اوچتو‬
‫سندس ذھن ۾ سندس شاديَء جي پھرين رات تري آئي‪ :‬اڻ وڻندڙ ‪ ،‬کيس ياد آيو‪ ،‬جڏھن ھن سندس‬
‫اوگهڙ سان ھٿ چراند ڪئي ھئي ته کيس ڪيڏي ذلت ۽ بي عزتيَء ۽ بي وسيَء جو احساس ھيٺ‬
‫روحاني اذيت پھتي ھئي‪ .‬سوچيو ھئائين‪ ،‬ھوند زمين ڦاٽي ۽ ان ۾ دٻجي وڃان‪ .‬۽ ان کان پوِء‬
‫جسماني ايذاُء ‪ ،‬سندس روح کي فنا ڪري ڇڏيو ھو‪.‬‬
‫ھن وقت‪ ،‬ذھن تي تري ايندڙ ياد ۾‪ ،‬اھو احساس ۽ شادي جي پھرين رات پھتل جسماني ۽ روحاني‬
‫پيڙا واري حقيقت جو ڪڻو به ڪونه ھو‪ .‬رڳو الشعوري وھڪ ۾ تري ايندڙ ياد جي حد تائين ٺلھي‬
‫ياد سواِء ڪنھن احساس جي‪ .‬اھو سوچيندي‪ :‬سندس چپن تي ھلڪي مرڪ ڦھلجي ويئي ۽ ان‬
‫سان گڏ ذھن جي پردي تي‪ ،‬اندر گلڻ سان گڏ پوريل ڪنوار جو جسم تري آيو – ائين‪ ،‬جيئن شاديَء‬
‫جي پھرين رات سندس ھو – بيوس‪ ،‬ڦاٿل‪ ،‬روحاني ۽ جسماني اذيت ۾ ورتل‪ .‬پر ڪنوار جي اذيت ۽‬
‫بي وسيَء جو تصور کيس مزو ۽ تسڪين ڏيڻ لڳو – عجيب قسم جي تسڪين! گلڻ جو تصور‬
‫جيڪو ھوبھو کيس پنھنجي مڙس جي پھرين رات وانگر سگهارو‪ ،‬مضبوط ۽ جارح نظر آيو‪ ،‬ان جي‬
‫ھر جارحيت ۾ کيس پنھنجي وجود جو پاڇو نظر آيو ۽ سندس دٻيل انا‪ ،‬غرور جي شڪل وٺي اسرڻ‬
‫لڳي ۽ چوٽيَء تي چڙھن لڳي‪.‬‬
‫سجاڳ ۽ چوٽي تي چڙھيل انا ھيٺ‪ ،‬غرور‪ ،‬تڪبر ۽ سوڀ جو احساس سندس سڄي وجود ۾ تيزي‬
‫سان ڊوڙي ويو‪ .‬۽ ڏٺائين ڪنوار کي جيڪا گلڻ اڳيان بيوس ھئي‪ ،‬۽ ڏٺائين گلڻ کي‪ ،‬۽ پوِء گلڻ ۾‬
‫پنھنجو پاڻ کي ‪. . . . . .‬‬
‫گهر ي اطمينان‪ ،‬تسڪين ۽ سوڀ واري برتريَء جو احساس سندس رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو‪.‬‬
‫صبح جو جڏھن ھو ڪم ڪار ڪاڻ ھيڏانھن ھوڏانھن ھلي رھي ھئي‪ ،‬ته سندس ھلڻ جي لوڏ ۽‬
‫انداز مان ماڻيل سوڀ جو چٽو احساس بکي رھيو ھو‪.‬‬

‫‪ -‬نئين زندگي ‪1905‬ع‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪53‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ڪاري‬

‫انجام پاڙڻ الِء‪ :‬وقت ۾ واجهه وڌل‪ ،‬وقت ڄميل‪ ،‬رڙھي نٿو‪ ،‬ڳجھا ٿڌا ساھ‪ .‬اتاولو من‪ .‬اماڙيون‬
‫اندر ۾‪ ،‬پچي راس ٿيندڙ آس‪ .‬آسائتيون اکيون‪ ،‬ڊانوان ڊول ڪندڙ مانڌاڻ‪ ،‬اڻ پورا جواب‪ .‬گٺل‬
‫وراڻيون‪ .‬منڊيل وقت رڙھي نٿو‪.‬‬
‫جھومر تارا‪ ،‬اڀ ۾ اکيون‪ .‬اندر ۾ مانڌاڻ‪ .‬چؤڦير اوندھ جون ڇوليون‪ .‬لڏندڙ لمندڙ آسائتو من‪ .‬بک ۾‬
‫پاھ‪ ،‬پوِء به اجهل وکن کي ھونش جا ٻيڙا وڌل‪ .‬متان ‪ :‬ٻوڙيل آس جھوٽي تي ڇڻي پوي‪.‬‬
‫اوندھ جون ڇوليون‪ .‬ٻڌل لوڪ‪ .‬ٻر ٻر ٿڌڪار جي ورکا ۾ دفن ٿيل‪ .‬آسائتيون اکيون اڀ ۾ کتل‪ .‬اجهل‬
‫وکون ٻيڙا ڇڏائيندڙ‪ .‬اٿل آيل‪ :‬چؤڦير نگاھ‪ ،‬ساھ مٺ ۾‪ .‬پوِء به جوکو پيرن ھيٺان لتاڙيندڙ وقت تي‬
‫النگ ورايل‪ .‬اٽڪيل ساھ‪ .‬اجهل وکون‪ .‬يار ڏانھن رئي جو پٽڪو‪ .‬مرداني ھمٿ‪ ،‬وک وک ۾‪ .‬اندر جي‬
‫اڌمي جي ڇير تي اجهل وکون‪ .‬پير‪ ،‬پير ۾‪.‬‬
‫اوندھ جو اٿاھ سمنڊ جهاڳ يندڙ‪ .‬من جي اک سان ھرگس چلڪندڙ‪ .‬ڪئين ڀيڙا لتاڙيل‪ ،‬تنھن ڪري‬
‫ڄاتل سڃاتل‪ .‬اجهل وکون ديري ۾‪ ،‬آس مروٽيل‪ .‬اٻاڻڪو من‪ .‬جو‪ ،‬ڪاري وارا ڪک‪ ،‬اڃا به يار نه‬
‫آيو!‬
‫اوسيئڙي ۾ اکيون ڀنل‪ .‬منڌل من‪ .‬ھتي‪ ،‬ھن ھنڌ ڪئين ڀيرا ماڻيل – وڃايل‪ ،‬وڃائي ماڻيل‪ ،‬ماڻي –‬
‫وڃايل گهڙين جي سڳنڌ ۾ ٽٻيون‪.‬‬
‫آڊڪو‪:‬‬

‫اڃان نه آيو!‬
‫ھورا‪ -‬کورا ساھ جي‪.‬‬
‫اوس ايندو‪.‬‬
‫آٿٿ من کي‪.‬‬
‫مڄاڻ‪.‬‬
‫کٽڪو‪ .‬پر شڪ جو گس نه‪ .‬انڌو ويساھ‪ ،‬انڌي من وانگر‪.‬‬
‫اجهوڪي پوياڙي جو پھر‪-‬‬
‫اوندھ جي پاتال ۾ اوسيئڙي ڀنل نيڻ آسائتا‪ ،‬اڻ – تڻ‪ .‬ھورا کورا‪.‬‬
‫کڙ‪ -‬کڙ‪ .‬سڪل پن لتڙ آيل‪ .‬اٿاھ سرھائي ھيٺ‪ ،‬اوسيئڙي جو عذاب گهٽيل‪.‬‬
‫انگل‪ ،‬ڪوڙو رسامو‪:‬‬
‫دير ڪيئي؟‬
‫اک لڳي وئي ھئي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪54‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫منھنجي اک نه لڳي‪ .‬سومھڻيَء کان وٺي پئي واجهايم‪.‬‬


‫پرچاُء‪ ،‬ايالز‪ .‬مٺيون ايالزن جون‪ .‬ميڙن منٿن ساڻ‪.‬‬
‫ٽونڪر‪ :‬شابس ٿئي‬
‫وري نه ٿيندو‪،‬‬
‫انجام‬
‫ڏاڙھي‬
‫رھاڻ ‪ .‬اڻ کٽ ڳالھيون‪.‬‬
‫پوريل آس ڇڻي پئي‪ ،‬متل‪ ،‬مانڌاڻ ۾ اٿل‪ .‬وير چنڊ کي ڇھڻ الِء تڙپڻ لڳي‪ .‬ڌرتيَء کي ڀوانٽي آئي‪.‬‬
‫ڄڀن جو اٽڪاَء‪:‬‬
‫اچ ته پڄايون‬
‫اچ‬
‫ساھي ڪار ناھي‬
‫اٽڪيل‪ ،‬ڄڀون‪ ،‬جھاڪا کائيندڙ ساھ‪ .‬ڪڇن جي پگهر جي بوِء ۽ ٻيڙين پيتل ساھ ۾ بوالٽيون‪.‬‬
‫بس!‬
‫ساھي وٺان‬
‫وٽ نه ڏيندي سانِء‬
‫اڊمبر وچان ايام‪.‬‬
‫وري ساڳي ڪار‪ .‬ھر لوچ سپڻ جي بوالٽي‪ .‬ھر بوالٽي سپڻ جو ڏنگ‪ .‬ھر ڏنگ اڊيڙيندڙ ساھ‪ .‬بوالٽي‬
‫جي لوڏ حياتيَء جي جوت جالئيندڙ‪ .‬تارن جي اک‪-‬ٻوٽ‪ .‬جھرمر تارا‪ .‬اوندھ جي ساگر ۾ ڇوليون‪.‬‬
‫ڇوليون ڊھندڙ‪ -‬ٺھندڙ‪ .‬اڻ کٽ سلسلو ڇولين جو‪ .‬ڪپ کي رسڻ الِء آتيون‪ .‬النگ‪ ،‬النگ تي‪ .‬وقت‬
‫تي النگ ورايل‪ .‬وقت بيٺل‪ .‬ڌرتي بيٺل‪ .‬ديرو بيٺل‪ .‬سڀ ڪجهه وڃايل‪ .‬اوجهل‪ .‬پاڻ به‪.‬‬
‫اڊڙيل ساھ پوالر ۾ ٿيڙ کائيندڙ‪ .‬وير چنڊ کي ڇھي واپس ورندڙ‪ .‬۽ پوِء ٺاپر‪ .‬چؤڦير سانت‪ .‬ساڻي ڌرتي‪.‬‬
‫ساڻو ديرو‪ .‬ھلڪي ٿڌڙي ھير‪ ،‬ساڻن لڱن کي ڪتڪائي ڪندڙ‪ ،‬اڊڙيل ساھن کي سنواريندڙ‪.‬‬
‫ڪا مھل ائين‪-‬‬
‫موڪاليون‬
‫وري انجام‬
‫سڀان ھن ويل؟‬
‫نه‪،-‬‬
‫پرھينَء‬
‫روز روز نه کڙڪ نه پوي‬
‫ھتي؟‬
‫ڀلي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪55‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫نه – ڪينچي واري پل تي‬


‫پر‬
‫چنچلتا‪:‬‬
‫چهُء اک نه لڳي وڃئي‬
‫دٻيل ٽھڪ ڀاڪر‪ .‬ساڻيون مٺيون ننڊاکڙيون‪.‬‬
‫موڪالڻي‬
‫وک وک ۾‪ ،‬دھڪو دل جو‪ .‬جوکو پيرن ھيٺان لتاڙيل‪ ،‬پر وقت جي النگ ورايل‪ .‬اڊڪي ساڻ‪ :‬ڪا‬
‫مھل نه‪ ،‬ڪنھن جھڙي‪ .‬ھوشائتيون وکون‪ ،‬تن ۾ ٻيڙا وڌل‪ .‬سجاڳ من جا سانيتڪا چوڪس حواس‪.‬‬
‫وک وک ۾ نه وچڙي‪.‬‬
‫سڀ سک‪.‬‬
‫پوِء‪ :‬ماڻيل گهڙين جي اولڙن تي اڏيل‪ ،‬سامائيل سپنا‪.‬‬
‫ٻور جهليندڙ‪ .‬جھوٽن الِء آسائتا ڇڻجڻ الِء‪.‬‬
‫وقت ۾ واجهه وڌل‪ .‬وقت ڄميل‪ .‬رڙھي نٿو‪ .‬ڳجھا ٿڌا ساھ‪ .‬اتاولو من‪ ،‬اماڙيون اندر ۾‪ .‬پچي راس ٿيندڙ‬
‫آس‪ .‬آسائتيون اکيون‪ ،‬ڊانوان ڊول ڪندڙ مانڌاڻ ‪. . . . .‬‬
‫منڊيل مئو وقت رڙھي ئي نٿو!‬
‫جھرمر تارا‪ ،‬اڀ ۾ اکيون‪ .‬اندر ۾ ما نڌاڻ‪ ،‬چؤڦير اوندھ جون ڇوليون‪ .‬لڏندڙ لمندڙ آسائتو من‪ .‬بک ۾‬
‫پاھ‪ ،‬پوِء به اوجهل وکن کي ھونش جا ٻيڙا وڌل‪ .‬آس جھوٽي تي ڇڻي پوي‪.‬‬
‫اوندھ جون ڇوليون‪ ،‬ٻڏل لوڪ‪ ،‬ٻرٻر ٿڌڪار جي ورکا ۾‪ ،‬دفن ٿيل‪ .‬آسائتيون اکيون اڀ ۾ کتل‪ .‬اجهل‬
‫وکون ٻيڙا ڇڏائيندڙ‪ .‬اٿل آيل‪ :‬چؤڦير نگاھ‪ ،‬مٺ ۾ ساھ‪ .‬پوِء به جوکو پيرن ھيٺان لتاڙجندڙ‪ .‬وقت تي‬
‫النگ ورايل‪ .‬وقت پيرن ھيٺان اٽڪيل ساھ‪ .‬اجهل وکون‪ ،‬يار ڏانھن‪ .‬رئي جو پٽڪو‪ .‬مرداني ھمت‪.‬‬
‫وک وک ۾‪ .‬اندر جي اڌمي جي ڇير تي اجهل وکون‪ .‬پير پير ۾‪.‬‬
‫اوندھ جو اٿاھ سمنڊ جهاڳيندڙ‪ .‬من جي اک سان ھر گس چاڪندڙ‪ .‬ڪئين ڀيرا لتاڙيل‪ ،‬تنھن ڪري‬
‫ڄاتل سڃاتل ‪. . .‬‬
‫يار اڳ‪ ،‬اوسيئڙو ڪندڙ‪.‬‬
‫اوتجي آيل ڀوڳ جو خيال من ۾‪:‬‬
‫مردانو آواز ٺاھي‪،‬‬
‫”متان ويو آھين‪“.‬‬
‫سراپيل ھمراھ‪ .‬ٽٻيَء ۾ پيل‪ .‬پوِء‪ ،‬امالڪ ڀاڄ‪.‬‬
‫دٻيل ٽھڪڙن جي ڦوھار ٻانھن کان جهلي‪ ،‬ڀاڪر ۾ پڪڙ‪.‬‬
‫”گيدي آھين‪“.‬‬
‫”ٻلي‪ ،‬تون ھئين‪“.‬‬
‫”ڪيڏانھن پئي ڀڳين؟“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪56‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”مون سمجهيو‪“-‬‬
‫”نه جاني‪ ،‬تڏھن به کٽڪو ته –“‬
‫ٽٻيَء ۾ پيل!‬
‫”جي اھڙي مھل اچي‪“-‬‬
‫اونھي کوھ مان جھيڻو آواز‪.‬‬
‫”سر لڳي‪“.‬‬
‫”پڪو انجام‪“.‬‬
‫”مڙساڻي ڏاڙھي‪“.‬‬
‫”پٺي نه ڏيندين؟“‬
‫”اھو لعنتي ٿئي‪“.‬‬
‫وريل ويساھ‪ .‬اڻ – مئي خوشي ۾ اوتيل‪ .‬پاٻوھ جا گل پکڙيل ڳلن تي‪ .‬ڳچيَء ۾ ٻانھن جو ھار‪ .‬چمين‬
‫جي ورکا‪.‬‬
‫آڊمبر ۾ ڀريل‪ ،‬لوچ کائيندڙ آواز؛‬
‫”جاني‪“-‬‬
‫ڄڀن جو اٽڪاُء‪ .‬ٻوريل آس ڇڻيل‪ .‬متل مانڌاڻ ۾ اٿل‪ .‬وير چنڊ کي ڇھڻ الِء تڙپ‪ .‬ڌرتيَء کي ڀوانٽي‪.‬‬
‫اٽڪيل ڄڀون‪ .‬جھاڪا کائيندڙ ساھ‪ .‬ڪڇن جي پگهر جي بوِء ۽ ٻيڙين پيتل ساھن ۾ بوالٽيون‪.‬‬
‫وٺ نه ڏيندي ماِء ‪. . . .‬‬
‫آڊمبر اڀام‪.‬‬
‫ھر لوچ سيڻ جي بوالٽي‪ .‬ھر بوالٽي سپڻ جو ڏنگ‪ ،‬ھر تنگ‪ ،‬اڊيڙيندڙ ساھ‪ .‬بوالٽيَء جي ھر لوڏ‪،‬‬
‫حياتي جي جوت جالئيندڙ‪ .‬تارن جي اک ٻوٽ‪ .‬جھرمر تارا‪ .‬اوندھ جي ساگر ۾ ڇوليون‪ .‬ڊھندڙ –‬
‫ٺھندڙ اڻ‪ -‬کٽ سلسلو ڇولين جو‪ .‬ڪپ کي رسڻ الِء آتيون‪ .‬آتيون ڇوليون‪ .‬النگ النگ تي‪ .‬وقت‬
‫تي النگ ورايل‪ .‬بيٺل وقت پيرن ھيٺان چيڀاٽيل‪ ،‬ڌرتي بيٺل‪ .‬سڀ ڪجهه وڃايل‪ .‬اوجهل‪ .‬پاڻ ٻه‪،‬‬
‫پاڻ کان –‬
‫اڊڙيل ساھ پوالر ۾ ٿيڙ کائيندڙ‪ .‬ويرون چند کي ڇھي واپس ورندڙ ٿڪل‪ ،‬ساڻيون‪ .‬جو زوم سان‬
‫ڪريل‪ ،‬۽ پوِء ٺاپر‪ .‬سانت‪ ،‬ساڻي ڌرتي‪ .‬ساڻو واھ‪ .‬ھلڪي ٿڌڙي ھير ساڻن لڱن کي ڪتڪتائي‬
‫ڪندڙ‪ .‬اڊڙيل ساھن کي سنواريندڙ‪ .‬ماڻيل گهڙين جي ڇولين جي ھندوري ۾ ٿڦڪيون کائيندڙ لڱ‪.‬‬
‫ڪنھن سمي امالڪ ڪن وڄيا‪.‬‬
‫ڌت ھڻي پيل‪ .‬جهليل ساھ وس ۾ ڪيل‪.‬‬
‫جائي به‪ ،‬ٻه پاڇوال اڳتي وڌندڙ‪.‬‬
‫سرٻاٽ ۾‪ :‬پيو ھج‪ ،‬نه اٿجانِء‪.‬‬
‫کيڪار ٿي‪:‬‬
‫”متان ويا آھيو‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪57‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫اوندھ جي ماٺي سمنڊ ۾ ڀينڊ پئي‪.‬‬


‫”مڙس ٿجانِء‪“.‬‬
‫ھوڪار‪:‬‬
‫”متان –“‬
‫مڙس ٽپ ڏئي اٿيل‪ .‬گولي‬
‫”وڃئي ٿو جهل ڪجانِء‪“.‬‬
‫ھيئن ۾ چڳھه‪ ،‬اکين آڏو اوندھ‪ .‬اکين جي ھيريل روشني انڌي ٿيل‪.‬‬
‫ھڪ پاڇو ڀڄندڙ‪.‬‬
‫يار جي ڀاڄ جي وک‪ ،‬گهوٻاٽو‪ .‬ھنياَء تي ڦھڪو لڳندڙ‪.‬‬
‫ڪوماٽيل ذھن‪ .‬ڪوماٽيل حواس‪ .‬سر تي آئي‪ ،‬منھن ڏبو‪.‬‬
‫ڪوماٽيل ذھن ۾ سوچ جو ترورو‪ ،‬پاڻ سنڀاليل‪:‬‬
‫”حيف ٿيس‪“.‬‬
‫”نه وئي آھين رن‪“.‬‬
‫پوالر ۾ بوالٽيون کائيندڙ آواز کي سڃاڻڻ الِء‪:‬‬
‫ادو؟‬
‫امالڪ چوٽي ۾ ھٿ‪ .‬سٽ‪ .‬کريل رن‪ ،‬ڪٿي‪ ،‬ڪيڏانھن ڀڳئي يار؟‬
‫اوسان خطا‪ .‬ڪڇي جھڙي ڀت‪.‬‬
‫يار جو لفظ بت بڻيل لڱن تي ڇنڊو لڳل‪ .‬تتل‪ ،‬بڙڪا ڏيندڙ پاڻي جو ڇنڊو ‪ :‬روح ۾ ڦلڪڻو ٿيل‪.‬‬
‫” آ – اچي – ٿو‪“.‬‬
‫چمڪاٽ‪ ،‬وڄ ڪريل‪ ،‬ڪنڌ لڙيل‪ .‬ڌڪ مٿان ڌڪ‪ .‬بت ڌرتيَء تي زپڪو ڪري ڪريل‪ .‬ڳڙڪايل‬
‫ڪيڪراٽ‪ ،‬رات جي اونداھين سانتيڪي سمنڊ جي پيٽ اندر‪.‬‬
‫۽ پوِء ساڳي سانت‪.‬‬
‫ٻئي ڏينھن‪ ،‬سج اڀرئي راڄ ڏٺل‪ :‬واھ ۾ لڙندڙ الش سڃاڻپ وڃايل‪.‬‬
‫چيائون‪” ،‬ڪاري“‬
‫۽ پوِء سڀ پنھنجي پنھنجي ڪرت سان لڳل‪.‬‬

‫‪ -‬مھراڻ ‪1900‬ع‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪58‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫پھرين انام ڪھاڻي‬

‫اڄوڪي صبح واري اخبار جي اھم خبرن منجهان ھڪ خبر‪ :‬پنھنجي ڌيُء کي ماريندڙ‪ ،‬شھر‬
‫جو برک ۽ جھونو وڪيل گل محمد‪ ،‬جنھن تي پرھين ڪورٽ ۾ پنھنجي ڌيُء کي مارڻ جي ڏوھ‬
‫ھيٺ ڪيس ھلڻو ھو‪ ،‬سو رات پوليس جي پھري ھيٺ وارڊ ۾ مئل لڌو ويو!‬
‫ھن ڪيس جي اھم خاصيت ھيَء ھئي ته‪ :‬نه رڳو وڪيل صاحب جي ڊاڪٽر‪ ،‬سندس زال‪،‬‬
‫جيڪا به ھڪ پڙھيل ڳڙھيل عورت آھي ۽ سندس وڏي پٽ‪ ،‬جيڪو به چڱي خاصي عھدي تي‬
‫آھي‪ ،‬جي بيانن منجهان‪ ،‬پر مرحوم جي ھمٿ واري مڃتا منجهان پڌرو ھو ته شھر جي ڏاھي وڪيل‬
‫پنھنجي ڌيُء کي ڄاڻي واڻي ۽ سٽيل رٿا پٽاندڙ ماريو ھو‪.‬‬
‫مرحوم جي زال ٻڌايو‪:‬‬
‫” منھنجي ھڪ ئي نينگري‪ ،‬جنھن کي منھنجي مڙس سعيو ڪري ماريو‪ ،‬سا ننڍپڻ کان وٺي ئي‬
‫چري ھئي‪ .‬اسان سندس عالج ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو‪ .‬ٺيڪ ٿي ويندي ھئي‪ ،‬وري ساڳي‬
‫حالت‪ .‬ملڪ جي وڏين وڏين اسپتالن ۾ ۽ ماھر ڊاڪٽرن کان عالج ڪرائڻ کان پوِء به‪ ،‬جڏھن‬
‫سندس صحت مڪمل طور نه سڌري ته پوِء اسان کيس آمريڪا نيئي وياسين‪ .‬اتي سندس عالج‬
‫تي ھزارين روپيا خرچ آيو‪ .‬پر‪ ،‬خير سندس حالت ڪافي سڌري‪ .‬اتي ٻن ٽن مھينن دوران چريائپ‬
‫جو مٿس ڪوبه شديد دورو ڪونه پيو‪ .‬جيئن ته رڙيون ڪرڻ‪ ،‬گاريون ڏيڻ‪ ،‬پنھنجي سر منھن ڪري‬
‫لوھ پائي ڀڄڻ يا وڙھڻ وغيرھ‪ .‬البت چپ چاپ ۽ موڳي موڳي رھندي ھئي‪ .‬ماھر ڊاڪٽرن ٻڌايو ته‬
‫آھستي آھستي نارمل ٿي ويندي‪ .‬اسين کيس واپس وٺي آياسين ۽ دوائن جو ڪورس باقائدي‬
‫کارائيندا رھياسين‪ ،‬ھتي به مھيني ڏيڍ ساڳي حالت ۾ رھي‪ .‬چپ چاپ ۽ موڳي موڳي‪ .‬ڳالھائيندي‬
‫ھئي ته موڳائپ سان ۽ ڄڻ سوچيندي سوچيندي ياد ڪندي ڪندي ‪. . . . . . . . .‬‬
‫”خير‪ ،‬اسان کي ويساھ ھو ته اسان جي اڪيلي ۽ پياري نينگري ٿورڙئي ئي وقت ۾ نارمل ٿي‬
‫ويندي‪ .‬وڪيل صاحب وٽ ٻه جونيئر وڪيل ھا‪ ،‬جي وٽس اچي سکندا ھئا‪ .‬انھن منجهان ھڪ‬
‫سلڇڻو ۽ شڪل شبيھه جو ٺاھوڪو جوان ھو‪ .‬وڪيل صاحب جو مٿس ڏاڍو راز ھو‪ .‬غريب ھو‪ ،‬پر‬
‫ڏاڍو مخلص ۽ ايماندار ھو‪ .‬وڪيل صاحب خيال ڪيو ته ڇوڪري به ھاڻي ٺيڪ ٿيندي پئي وڃي‪،‬‬
‫سو سندس شادي انھي نوجوان‪ ،‬پنھنجي جونيئر وڪيل سان ڪرڻ الِء سوچيائين‪ .‬مون سان صالح‬
‫ڪيائين‪ ،‬جو مرحوم سدائين منھنجي ڳالھه رکندو ھو‪ .‬سندس نظريو ھو ته زال زندگي جي ساٿڻ‬
‫آھي‪ ،‬دوست آھي‪ ،‬دوستن جا باھمي الڳاپا سدائين ھڪجهڙائيَء جي بنياد تي ھوندا آھن‪ ،‬نه عام‬
‫رواجي زال – مڙس جي الڳاپن وانگر‪ ،‬جن ۾ زالن مٿان مردن کي برتري ھوندي آھي‪ .‬ھو انھن مذھبي‬
‫تصورن تي ٺٺوليون ڪندو ھو‪ ،‬جن ۾ مردن کي مجازي خدا ڪوٺي‪ ،‬عورت تي الزم ٺھرايو ويو آھي‬
‫ته انھن جو ھر طريقي سان خيال رکن ۽ نالي ماتر عورتن جي حقن جو ذڪر ڪري‪ ،‬عورتن الِء مردن‬
‫جي خدمت ۽ فرمانبداري ڪرڻ ٺھرايو ويو آھي‪ .‬اال ڪيڏو نه عظيم انسان ھو پاڻ!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪59‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫” خير‪ ،‬مونکي به سندس اھو خيال وڻيو‪ .‬ڇوڪرو مون کي به پسند ھو‪ ،‬ڇوڪري ۽ سندس مائٽن به‬
‫ھا ڪئي‪ .‬سچ پچ اسان کي ھڪ نئين حياتي ملي‪ .‬وڏي ڳالھه ته اسان‪ ،‬پنھنجي مٺڙيَء الڏليَء سان‬
‫به ذڪر ڪيو‪ ،‬ھن به انڪار نه ڪيو‪ .‬بس! مان ڇا ٻڌايان ‪ . . .‬خوشيون ئي خوشيون ھيون ‪. . . .‬‬
‫۽ پوِء اوچتو‪ ،‬ھڪ رات ‪. . . . . .‬‬
‫” مان سمجهان ٿي ته ان ويل رات جا اڍائي کن ٿيا ھوندا ته اوچتو منھنجي راڻي (مان کيس پيار مان‬
‫سڏيندي ھيس) دانھن ڪري اٿي‪ .‬۽ پوِء‪ ،‬انھي وقت کان پوِء وري ساڳي حالت! ھتي ڊاڪٽرن کي‬
‫ڏيکاريوسين – پر وقتي آ رام‪ ،‬پوِء ساڳي حالت‪ .‬وڪيل صاحب بنھه نااميد ٿي پيو‪ .‬بس‪ ،‬انھي ڏينھن‬
‫کان پوِء چوٿين پنجين ڏينھن کيس ڪورٽ ۾ ڪيس ھالئيندي دل جو دورو پيو‪ .‬خدا خدا ڪري‬
‫پاڻ بچيو‪.‬‬
‫” منھنجو خيال ھو ته‪ ،‬نوجوان جونيئر وڪيل سان جنھن سان ڳالھه ٿيل ھئي‪ ،‬راڻيَء جي شادي‬
‫ڪري ڇڏيون‪ .‬من شاديَء کان پوِء چڱي ٿئي‪ .‬پر انھيَء جي ابتڙ وڪيل صاحب جو خيال ھو ته‪ ،‬اھو‬
‫وڏو انساني ڏوھ ٿيندو‪ .‬ڇوڪري جي حياتي تباھ ٿيندي‪ .‬۽ اسانکي اھڙو ظلم ۽ ناانصافي نه ڪرڻ‬
‫گهر جي‪ ،‬جو پنھنجي زندگي جو عذاب‪ ،‬جيڪو اسان کي ھڪ ڄڻيندڙن جي حيثيت سان مليو‬
‫آھي‪ ،‬اھو ھڪ معصوم ۽ اڻ ال ڳاپيل انسان جي مٿان مڙھي ڇڏيون‪ .‬اھا سراسر بي انصافي ۽‬
‫مھاپاپ ٿيندو‪ .‬مون کي سندس ھن دليل‪ ،‬راڻي جي شادي ڪرائڻ کان باز رکيو ته‪ :‬ماُء ۽ پيُء جي‬
‫حيثيت سان ۽ ھڪ ئي ڌيُء ھجڻ جي ڪري پاڳلپڻي جي ڪارڻ پيدا ٿيندڙ ڏکيائون ۽ تڪليفون‬
‫جھڙي ريت اسين رضا خوشيَء سان برداشت ڪري وڃون ٿا‪ ،‬ممڪن آھي ته‪ ،‬شادي کان پوِء به‬
‫سندس ٺيڪ نه ٿيڻ جي حالت ۾‪ ،‬ھڪ مڙس جي حيثيت سان ھو اھي برداشت نه ڪري سگهي ۽‬
‫ڪڏھن نه ڪڏھن بيزار ٿي اھڙو قدم کڻي‪ ،‬جو ھن کي ڪنھن سخت قسم جو ھاڃو رسي‪ .‬۽ پوِء‬
‫مون چٽي ريت محسوس ڪيو ته والدين جي حيثيت سان اسان جھڙي ريت راڻي جي پرگهور ڪري‬
‫سگهون ٿا‪ ،‬نوجوان وڪيل‪ ،‬مڙس جي حيثيت سان نه ڪندو‪ .‬انھي کان سواِء ھي به گهڻي حد تائين‬
‫امڪان ھو ته ڇوڪرو انڪار ڪري‪ .‬خير منھنجي راڻي جي حالت نه سڌري‪ ،‬سا نه سڌري‪ ،‬ته انھيَء‬
‫وچ ۾ وڪيل صاحب کي ٻيو دل جو دورو پيو‪ .‬اڃا انھيَء منجهان ئي چڱو ڀلو ٿي مس اٿيو ته وري‬
‫ٽيون دورو پيس!‬
‫اھا شام مونکي اڃا به چڱي طرح ياد آھي‪ .‬وڪيل صاحب ڳالھيون ئي اھڙيون اچرج جھڙيون‪،‬‬
‫ڇرڪائيندڙ ويساھ ۾ نه ايندڙ ڪيون ھيون‪ ،‬جن الِء مان ڪڏھن به سوچي نٿي سگهيس! ۽ اھا شام‪،‬‬
‫مونکي اڄ به چٽي طرح ياد آھي‪.‬‬
‫سرُء جا ڏينھن ھجن ۽ سرُء جي اداس اداس‪ ،‬اٻاڻڪي شام‪ .‬اسين شام جي چانھه تي ورانڊي ۾‬
‫ويٺا ھئاسين‪ .‬مان‪ ،‬وڪيل صاحب ۽ نوجوان زال سميت منھنجو وڏو نينگر حفيظ‪ ،‬جيڪو‬
‫ميونسپالٽي جو ايڊمنسٽريٽر آھي ۽ اسان کان ڌار‪ ،‬پنھنجي سبيتي زال سان‪ ،‬ميونسپالٽي طرفان‬
‫مليل بنگلي ۾ رھندو آھي‪ .‬حفيظ روزانو شام جو پنھنجي زال سميت چانھه اسان وٽ پيئڻ ايندو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪60‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫آھي‪ .‬چانھه پيئڻ کان پوِء ۽ ڪجهه وقت ھتان ھتان جون ڳالھيون ڪري ڪجهه وقت وھڻ کان پوِء‬
‫نوجوان جوڙو اٿي ھليو ويو‪.‬‬
‫مونکي ھتي ھڪڙي ڳالھه ٻڌائڻ وسري وئي ته‪ :‬جڏھن به اسان جي نينگري تي چريائپ جو دورو‬
‫پوندو ھو جنھن ۾ ھو وڙھندي‪ ،‬ڏاڍيان ڳالھائيندي يا شيون وغيره ڀڃڻ لڳندي ھئي ته پوِء انھي‬
‫حالت ۾ اسين کيس ھڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندا ھئاسين‪ ،‬۽ کيس ماني يا چانھه ۾ پاڻ سان‬
‫شريڪ نه ڪندا ھئاسين‪ .‬۽ مان کيس ڪمري ۾ نويڪالئي ۾ کيس کارائڻ ۽ پيارڻ جي ڪوشش‬
‫ڪندي ھئس‪.‬‬
‫”نوجوان جوڙي جي اٿي وڃڻ کان پوِء اسين به وڃي رھياسين‪ .‬پوڙھا ۽ ڏکن جا ماريل‪ .‬پاڻ تازو اڃا‬
‫دل جي دوري جي حملي کان پوِء ٺيڪ ٿي اٿيو ھو‪ ،‬پر ڪافي ھيڻو ٿي لڳو‪ .‬نوجوان جوڙي جي اٿي‬
‫وڃڻ کان پوِء ڪا مھل اسين ٻئي خاموش ھئاسين‪ .‬اداس ۽ وياڪل‪ .‬ڄڻ ته حياتي جي ڏکن ڏاکڙن‬
‫واري بار کي رضا خوشي سان کڻڻ ۽ انھي ۾ ڪنھن به قسم جي ڏک ۽ شڪايت ظاھر نه ڪرڻ جو‬
‫اسان اڻ لکيل ٺاھ ڪيو ھجي‪ .‬پر ڪنھن ڪنھن مھل بار کڻڻ جو ست نه ساري‪ ،‬پنھنجي ھن‬
‫ڪمزوري جو احساس خاموشي سان ڪندا ھجون‪ .‬جو ٺاھ موجب اسانکي ڪڇڻو ڪونه ھو‪ .‬گهٽ‬
‫۾ گهٽ مونکي ائين لڳندو ھو‪ .‬۽ ھي خاموشي به مونکي ائين پئي لڳي‪ .‬خاموشي‪ :‬بار ھيٺ ڪنجھڻ‬
‫ڪرڪڻ سان ڀريل‪.‬‬
‫اوچتو چيائين‪:‬‬
‫”آڳاٽي يونان جي تاريخ ۾ اسپارٽين جي باري ۾ پڙھيو اٿيئي؟“‬
‫وراڻيم ھا‪ .‬ھن جي حياتي جو متو ھوندو ھو‪” :‬وڙھو ۽ سوڀ حاصل ڪيو‪ “.‬جن جي ڪارڻ اڄ‬
‫”اسپارٽين “ جرئت ۽ بھادري‪ ،‬سگهه ۽ سورھيائيَء‪ ،‬سادگيَء ۽ سڏي سنواٽي ھجڻ‪ ،‬فوجي ۽ ستت‬
‫فيصلي ڪرڻ واري خاصيت کي عالمت طور ورتو وڃي ٿو‪ .‬۽ ھنن‪ ،‬ڪنھن ڀيري پوري يونان تي‬
‫شان ۽ دٻدٻي سان حڪومت به ڪئي ھئي ‪.. . .‬‬
‫چيائين‪ :‬نه – منھنجي خيال جو مقصد تاريخ جي نصابي ڄاڻ حاصل ڪرڻ نه آھي‪“.‬‬
‫پوِء نوڪرياڻي ھٿان سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ ماچيس گهرايائين‪ .‬مون کيس سخت منع ڪئي ھئي‪.‬‬
‫منھنجي جهلڻ تي کلي وراڻيائين‪” :‬زندھ رھجي ته ڪنھن به پيڙا ڀوڳڻ کان سواِء‪ ،‬سڪون ۽‬
‫اطمينان سان‪ .‬ڇاڪاڻ ته زندگيَء جو ھر سڪون ۽ اطمينان ۾ آھي‪ .‬پوِء ڀل اھا زندگي ڪيتري‬
‫مختصر ڇو نه ھجي‪ .‬ھينئر منھنجي ذھني سڪون الِء سگريٽ تمام ضروري آھي‪ .‬انھي ڪري ھن‬
‫وقت سگريٽن کان جهل معنى ته سڪون کان جهل آھي‪“.‬‬
‫اھو سڀ ڪجهه انتھائي سنجيدگي سان چيائين جيڪو مونکي سندس طبعتي ۽ ڳالھائڻ جي‬
‫عام رواجي ڍنگ کان نرالو ۽ ابتڙ لڳو‪ ،‬خير‪ ،‬مون سوچيو ته ممڪن آھي ته بيماري جي ڪري ائين‬
‫ھجي‪ ،‬سڀاويڪ آھي‪ .‬سو مون ک لندي چيومانس‪ ،‬دل جي بيماري توکي وڪيل مان فالسفر ٺاھي‬
‫ڇڏيو آھي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪61‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ساڳي سنجيدگيَء (جيڪا پڻ مونکي غير رواجي لڳي) سان چيائين‪” :‬ھر لوچ‪ ،‬سوچ کي جنم‬
‫ڏيندي آھي‪ .‬مان انتھائي سنجيدگيَء سان ھڪ سنجيدي مسئلي جي باري ۾ سوچي رھيو آھيان‪.‬‬
‫توکي ھي ته ڄاڻ ھوندي ته اسپارٽين پنھنجن ڪمزور‪ ،‬نٻل۽ روڳي ٻارن کي جيل ۾ ڦٽو ڪري‬
‫ڇڏيندا ھئا‪ .‬تنھنجو ڇا خيال آھي؟“‬
‫وراڻيم‪” .‬اھو سراسر ظلم ھو‪ ،‬ڪيس ھو‪“.‬‬
‫چيائين‪” ،‬ٿي سگهي ٿو‪ ،‬پر انھي ۾ ھن لڪل سچائيَء کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته اھي نٻل‬
‫۽ روڳي انسان‪ ،‬جيڪي اڳتي ھلي‪ ،‬وڏا ٿي زندگي تي بار بڻجن‪ ،‬يا زندگي مٿن عذاب بڻجي‪ ،‬تنھن‬
‫کان بھتر آھي ۽ سندن به انھي ۾ ڀالئي آھي ته انھن کي اسرڻ کان اڳ ئي ناس ڪيو وڃي‪ .‬تون ھن‬
‫کان انڪار نٿي ڪري سگهين ته‪ :‬زندھ رھڻ‪ ،‬بذات خود ڪنھن معنى کان خالي ٿي نٿو سگهي‪.‬‬
‫ھر زندھ وجود جون سرگرميون ۽ موجودگي ڪو ڪارج‪ ،‬ڪو مفھوم ڪا معنى رکن ٿيون‪ .‬خاص‬
‫ڪري انسان جي الڳاپي سان ھيُء چئي سگهجي ٿو ته انسان جو وجود‪ ،‬ٺلھو خالي ٺلھو جيئڻ تائين‬
‫محدود ناھي؛ پر مفھوم ۽ ڪا معنى رکي ٿو ‪. . .‬‬
‫۽ چيائين؛ ‪ Struggle for existence‬۾ سرتو وجود ئي جيئرو رھي سگهي ٿو‪ ،‬منھن ڏيئي‬
‫سگهي ٿو‪ ،‬زندگيَء کي پنھنجن مقصدن پٽاندڙ بدالئي سگهي ٿو‪ .‬جيڪو جيو‪ .‬ھن چٽاڀيٽيَء واري‬
‫جدوجھد ۾ شامل ٿيڻ جي صالحيت ته ٺھيو‪ ،‬پر پنھنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صالحيت به نٿو‬
‫رکي ۽ پنھنجي نٻل ۽ روڳي وجود ڪارڻ ٻين تي ۽ پاڻ تي بار بڻيل آھي‪ ،‬انھيَء کي ختم ٿيڻ ئي‬
‫گهرجي‪ ،‬ھا ختم ٿيڻ گهرجي ‪“ . . .‬‬
‫”جيتوڻيڪ مونکي اوچتو ئي اوچتو ھلڪو احساس ٿيو ته پاڻ ڪھڙي ڳالھه کي ذھن ۾ رکي اھا‬
‫اپٽار ڪري رھيو آھي ۽ سچ پچ مون کي سندس ويچار انتھائي ڀوائتا ۽ خوفائتا لڳا‪ .‬خير‪ ،‬ان‬
‫ھوندي به مون کانئس پڇيو ته‪” :‬ھن سموري ذڪر منجهان نيٺ اوھان جو مقصد ڪھڙو آھي؟“‬
‫مرڪيائين‪ .‬۽ منھنجي منھن ۾ گهوري ڏٺائين‪ :‬زوريَء مڙھيل‪ ،‬ڦڪي ۽ معنى ڀريل مرڪ‪” .‬مان‬
‫جيڪو چوڻ چاھيان ٿو‪ ،‬ڇا تون واقعي نه سمجهي سگهي آھين؟ يا سمجهندي به‪ ،‬اھو سڀ ڪجهه‬
‫تون منھنجي زبان مان اڪالئڻ چاھين ٿي؟“‬
‫وراڻيم‪” :‬مونکي ٿوري اندازي تي کڙڪ پئي آھي‪ .‬ممڪن ھجي ته منھنجو اندازو غلط ھجي ته بھتر‬
‫آھي ته تون صاف لفظن ۾ مقصد بيان ڪري ڇڏين‪“.‬‬
‫چيائين‪” :‬منھنجو سڌو سنئون مقصد ماھتاب (منھنجي ڌيُء جو اصل نالو) ڏانھن آھي ‪. . .‬‬
‫”مان سواِء ڪڇڻ جي سندس منھن ۾ ڏسڻ لڳيس‪“.‬‬
‫پاڻ چوندو رھيو‪ ” :‬ڏس نه‪ ،‬ھينئر جڏھن پاڻ جيئري آھي‪ ،‬ته سندس حالت مئلن کان به ويل آھي‪.‬‬
‫ھوُء نه مئلن ۾ آھي‪ ،‬نه جيئرن ۾‪ .‬مون کي سمجه ه ۾ نٿو اچي ته اھڙي ريت کيس زندھ رکڻ جو نيٺ‬
‫مقصد ڪھڙو ٿي سگهي ٿو؟“‬
‫ڳالھائيندي ڳالھائيندي اوچتو چپ ٿي ويو‪ .‬مان به چپ رھيس‪ .‬مون کي سندس سوچ جي انداز تي‬
‫سخت افسوس ٿي رھيو ھو‪ .‬منطقي طور کڻي پاڻ صحيح به ھجي‪ ،‬پر مونکي انھيَء منجهان‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪62‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫خودغرضيَء جي بوِء اچي رھي ھئي‪ .‬مان خودغرضيَء جي پسمنظر ۾ سندس ويچارن تي افسوس ۽‬
‫ڏک وچان سوچي رھي ھيس ته‪ ،‬اوچتو ڇانيل خاموشي ۾ سندس ڪنبدڙ ۽ ڏک ۾ ڀريل آواز ٻڌم‪:‬‬
‫”شايد تون سوچيندي ھجين ته‪ ،‬مان کانئس بيزار ٿي ويو آھيان يا منھنجو پدرانه امنگ مروٽجي‬
‫ويو آھي ۽ سندس الِء منھنجو پيار ختم ٿي ويو آھي‪ .‬انھي ڪري مون ھھڙي قسم جي جواز ۾ پناھ‬
‫ورتي آھي‪.‬‬
‫”زليخا! تون سوچي به نٿي سگهين ته گذريل ٽي ڏينھن مون ڪھڙي ذھني پيڙا ۾ لڇندي پڇندي‬
‫گذاريا آھن‪ .‬اوھ! تون تصور به ڪري نٿي سگهين‪ .‬ٻڌ! مان دل جو مريض آھيان ۽ تون خود‬
‫‪ Neurosis‬جي ‪ Patient‬آھين‪( .‬اسان ٻنھي جون بيماريون حالتن جو نتيجو آھن) منھنجي‬
‫ڪنھن به وقت ھارٽ فيل ٿي سگهي ٿي‪ .‬منھنجي مرڻ کان پوِء تنھنجي ۽ ماھتاب جي حالت‬
‫ڪھڙي ‪ . . .‬نه پڇ ته سندس انھن حالتن جو ڪيڏو ڀوائتو تصور آھي‪ .‬توکي ھي واقعو شايد اڃا نه‬
‫وسريو ھجي‪ .‬ڪجهه ڏينھن اڳ‪ ،‬جيڪا پنھنجي پاڙي ۾ نڌڻڪي چري آھي‪ ،‬انھي سان چئن ڄڻن‬
‫بدفعلي ڪئي‪ ،‬ھا اھي چار ڄڻا جيڪي سياڻا ھئا‪ ،‬رات جي سناٽي ۾ انھي چري جون ھنيانُء ۾‬
‫چھڪ وجهندڙ ڪيھون‪ ،‬شايد اڃا تنھنجي الشعور ۾ ھجن‪ .‬مون کي ٻڌاِء ته جيڪڏھن اھڙي حالت‬
‫پيدا ٿئي‪ ،‬ته پوِء ماھتاب جي محفوظ ۽ سالمتي واري زندگي جي ضمانت ڪير ڏئي سگهي ٿو؟‬
‫رياست؛ جيڪا عام رواجي انسانن جو تحفظ ڪرڻ ۽ سالمتي وارو ماحول مھيا ڪري ڏيڻ ۾‬
‫ناڪام وئي آھي‪ .‬نڌڻڪين جي نگراني الِء سماج سڌار تنظيمون جيڪي سڌاري‪ ،‬فالح ۽ بھبود‬
‫جي نالي ۾ چڪال ۽ بيگار ڪئمپون کولي ويٺيون آھن‪.‬‬
‫”ھا‪ ،‬منھنجي مرڻ کان پوِء اوھان جو ۽ (خدانخواسته) تنھنجي موت کان پوِء ماھتاب جو روايتي‬
‫اصول موجب بار حفيظ (منھنجي پٽ جو نالو) اچي ٿو‪ ،‬روايت پٽاندڙ ھو ان بار کي کڻندو‪ .‬ممڪن‬
‫اھي پھرين اخالقي فرض سمجهي کڻي‪ ،‬پوِء کڻڻ تي مجبور ٿئي‪ ،‬مجبور ٿئي بيزار ٿئي ۽ اڳتي ھلي‬
‫ھن بي مقصد ۽ اڻ – ڪارج زندگين جو بار ڍوئي ڍوئي ٿڪجي چڪنا چور ٿي پوي‪ ،‬سندس‬
‫زندگي زھر بڻجي وڃي‪ .‬نيٺ ھي ڪٿان جو انصاف آھي‪ ،‬ڪٿان جو اخالقي فرض آھي‪ ،‬ڪٿان‬
‫جو اصول آھي‪ ،‬جو بيڪار ۽ بي مقصد زندگين‪ ،‬جن جو سماج جي ڪنھن به اداري ۾ ڪارج ڪونه‬
‫آھي‪ ،‬نه رڳو اھو پر سندن زندگي مٿن خود بار بڻيل آھي‪ .‬اھو ٻين تي مڙھي‪ ،‬انھن کي زندگيَء جي‬
‫نعمتن کان محروم رکيو وڃي! انھن جي حياتي جي وھ ڪئي وڃي‪.‬‬
‫زليخا‪ ،‬مان توکان پڇان ٿو ‪ :‬فرض ڪر مان دل جي حملي سبب اوچتو اڄ يا سڀان مري ٿو وڃان‪،‬‬
‫(جيڪو منھنجي خيال ۾ ناممڪن ناھي) منھنجي مرڻ کان پوِء‪ ،‬ڪجهه عرصو تون ماھتاب جي‬
‫پرگهور جو فرض يا مقصد پاڻ تي مڙھين‪ .‬جيئري رھن الِء توکي نه ڪارڻ آھي‪ ،‬نه زندگيَء الِء ڪو‬
‫موھ‪ .‬ھا‪ ،‬تون مونکي ٻڌاِء ته محض ھڪ چريَء ۽ بيڪار ڌيُء کي زندھ رکڻ الِء‪ ،‬زندھ رھڻ ۾ ڪھڙي‬
‫ڏاھپ آھي! زليخا‪ ،‬مونکي ٻڌاِء ‪. . . . . . . .‬‬
‫ھو سوا ل جي نشاني بڻجي مون ڏانھن ڏسندو رھيو ھو‪ .‬مون کيس ڪابه ورندي ڪانه ڏني‪ .‬منھنجي‬
‫سوچ جي صالحيت ختم ٿي چڪي ھئي مان عجيب قسم جي بي حسي محسوس ڪري رھي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪63‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ھئس ۽ ڪابه ورندي ڏيڻ بجاِء مون خود سوال بڻجي سندس منھن ۾ ڏٺو‪ .‬ھو ان مھل سگريٽ پي‬
‫رھيو ھو‪ .‬سگريٽ ڇڪڻ ۽ آڱرين جي اعصابي لرزش منجهان مونکي اندازو ٿيو ته پاڻ بيچيني‬
‫جي ڪيفيت مان گذري رھيو آھي‪ .‬مون کي گهٽ ۽ ٻوساٽ محسوس ٿيڻ لڳو‪ .‬مان اتان اٿي‬
‫پنھنجي ڪمري ۾ ھلي آيس‪ .‬مون سندس ويچارن تي شعوري طور ۽ سسٽم موجب سوچڻ جي‬
‫ڪوشش ڪئي‪ ،‬پر ڪجهه نٿي سمجهه ۾ آيم ۽ نه ئي ڪجهه سمجهيو ٿي‪ .‬اھا سڄي رات بيچينيَء‬
‫۽ ڀوائتن ويچارن ۾ گذري‪ .‬مونکي ماھتاب تي ڏاڍو پيار اچي رھيو ھو‪ .‬ھو خاموش موڳي ۽ پرسڪون‬
‫ھئي‪ .‬مون کيس ماني کارائي‪ ،‬ڏاڍو پيار ڪيو ۽ ڳراٽڙيون پائي رنو‪.‬‬
‫اھا رات به سندس دل جي تڪليف ۾ گذري‪ .‬جيڪا ڄاڻ مونکي ٻئي ڏينھن صبح تي پئي ته‬
‫سندس دل ۾ سور جو سٽون اڀريون ھيون‪ .‬پر ھن مونکي نه ٻڌايو‪ .‬خير‪ ،‬ٻيو ڏينھن اداس ۽ خاموش‬
‫گذريو‪ ،‬ائين ڄڻ ڪوئي مري ويو ھجي‪ .‬البت منھنجي جهلڻ جي باوجود ھو‪ ،‬ڊاڪٽر سان ملڻ جي‬
‫بھاني ٻاھر نڪري ويو ۽ ڪالڪ کن کان پوِء گهر واپس آيو‪.‬‬
‫ٽئين ڏينھن صبح جو مان جيئن ماھتاب کي نيرن جي ماني کارائڻ الِء سندس ڪمري ڏانھن وڃي‬
‫رھي ھيس ۽ ان مھل پاڻ ورانڊي ۾ آرام ڪرسي تي ڪنھن سوچ ۾ ٻڏل ويٺو ھو‪ ،‬چيائين‪” :‬بس‪،‬‬
‫ماھتاب کي نيرن جي ضرورت ڪانه آھي‪“.‬‬
‫منھنجو ھنياُء ٻڏي ويو‪” ،‬ڇو؟“‬
‫”ھوَء ختم ٿي چڪي آھي‪ “.‬ھن بظاھر ته اطمينان ۽ سڪون سان چوڻ جي ڪوشش ڪئي‪ ،‬پر‬
‫سندس اندر ۾ جو ڪجهه وھي رھيو ھو اھو کانئس لڪي نه سگهيو‪ .‬سندس آواز بدليل ھو ۽‬
‫ڪنبڻي گاڏڙ‪” :‬دفن کان پوِء مان ٿاڻي تي وڃي اعتراف ڪندس ‪“. . . .‬‬
‫مون ڏانھن نھارڻ کان سواِء ئي ھو اٿيو ۽ اندر ڪمري ۾ ھليو ويو‪.‬‬
‫”منھنجا ھواس بلڪل خطا ٿي چڪا ھئا‪ “.‬مرحوم جي پٽ ٻڌايو‪:‬‬
‫” منھنجي شادي کان پوِء بابي سائينَء خود ئي مونکي ڌار رھڻ الِء صالح ڏني‪ ،‬چيائين‪ :‬ھي دور‬
‫گڏيل گهراڻن جي شڪل ۾ رھڻ جو دور ناھي ‪ .‬وڌيل شعور ۽ انفراديت جي شديد احساس جي‬
‫گهر ج آھي ته‪ ،‬ھر ڪنھن کي‪ ،‬ڪنھن به وڏي جي باالدستي کان سواِء آزادي سان اپڙڻ ۽ اسرڻ‪،‬‬
‫اڳتي وڌڻ ۽ ڦھلجڻ جو موقعو ۽ آزادي ڏني وڃي‪ .‬تون ھاڻي پنھنجي پيرن تي بيٺل آھين ۽ سماج‬
‫۾ اسان کان الڳ‪ ،‬جن توکي ڄڻيو آھي‪ ،‬ھڪ خودمختيار يونٽ جي حيثيت رکين ٿو‪ .‬پٽ ھينئر‬
‫تون پنھنجي زندگيَء جو پاڻ ذميدار آھين ‪ . . . .‬دراصل مان به انھي خيال جو ھوس ته مائٽن کان‬
‫الڳ رھان ۽ مان الڳ رھڻ لڳس‪.‬‬
‫ھن واقعي کان ھڪ ڏينھن اڳ يارھين وڳي ڌاري پاڻ معمول جي ابتڙ منھنجي آفيس ۾ آيو‪ .‬ظاھر‬
‫آھي ته کيس اوچتو ڏسي مونکي ڪجهه کٽڪو ٿيو‪ .‬پر سندس ورتاُء مان ڪنھن به قسم جي ڳڻتي‬
‫واري ڪا ڳالھه پڌري ڪانه ٿي‪ .‬چيائين‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪64‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”ڊاڪٽر سان ملڻ ويو ھئس سوچيم اڄ تو وٽان به ھڪ رائونڊ ھڻي وڃان پوِء ھتان ھتان جون‬
‫ڳالھيون‪ ،‬ڳالھين دوران ھڪ ڀيري چيائين‪ ،‬پٽ دل جو مريض آھيان بنا اطالع ڪيڏي مھل به ھن‬
‫دنيا کي ڇڏي سگه ان ٿو‪ .‬پر جنھن ڳڻتي ڳاريو آھي‪ ،‬سا آھي ماھتاب جي مسقبل جي ‪. . . .‬‬
‫”مون سندس انھي ڳالھه کي فطري ۽ عام رواجي سمجهندي (جيڪا ھن حالت ۾ ھر پيُء کان متوقع‬
‫ٿي سگهي ٿي) چيو‪” ،‬بابا اوھان ڪنھن به قسم جي ڳڻتي نه ڪريو‪ ،‬اڃا اوھان جي حياتي وڏي آھي‪،‬‬
‫پر اميد رھو‪ “.‬پوِء پاڻ ئي ھن موضوع کي ختم ڪندي چيائين‪ ” ،‬پٽ‪ ،‬انسان ڪيترو به پر اميد رھي‪،‬‬
‫پر ھنن حالتن ۾ ھھڙي قسم جا ويچار اچڻ سڀاويڪ ته آھن‪ ،‬خير ڇڏ انھن ڳالھين کي‪“.‬‬
‫پوِء ھتان ھتان جون ڳالھيون ڪري‪ ،‬موڪالئي ھليو ويو‪.‬‬
‫ڊاڪٽر ٻڌايو‪.‬‬
‫” واقعي کان ھڪ ڏينھن اڳ‪ ،‬مرحوم ساڍي نائين ڏھين ڌاري مون وٽ آيو‪ .‬سندس ڳالھين منجهان‬
‫مونکي ڪٿي به سندس اصل نيت جو ڪڻي جيترو به احساس نه ٿيو‪ .‬ڳالھين دوران ھو بلڪل‬
‫نارمل پئي لڳو‪ .‬اسانجن ڳالھين‪ ،‬جنھن کي بحث چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو‪ ،‬جو موضوع زندگي ‪،‬‬
‫زندگي جو مقصد‪ ،‬ماھتاب جي الڳاپي سان نارمل ۽ ائبنارمل انسان جي زندگي ۽ موت جي الڳاپي‬
‫سان نارمل ۽ ائبنارمل جي زندگي ۽ موت ۽ انھي الڳاپي سان رياست جون جوابداريون وغيره ھو‪.‬‬
‫جيتري قدر مونکي ياد پوي ٿو ھڪ ڀيري چيائين‪ ،‬جڏھن زندگي (پوِء ڪيتري به دلڪش ڇو نه لڳي)‬
‫خود عذاب بڻجي وڃي‪ ،‬تڏھن ھن عذاب کان ڇوٽڪاري جو واحد رستو زندگيَء کان ڇوٽڪارو‬
‫حاصل ڪرڻ ۾ آھي‪ .‬يا زندگي‪ ،‬زنده رھڻ جي ڏس ۾ جدوجھد جو ٻيو نالو آھي‪ ،‬جيڪو انسان‬
‫جدوجھد نٿو ڪري سگهي‪ ،‬ساٿ ڏئي نٿو سگهي جيڪڏھن انھن کان زندگي کسي وڃي‪ ،‬ته اھو‬
‫ڪو گناھ نه آھي ۽ اھڙي قسم جون ٻيون ڳالھيون‪ ،‬جيڪي ھينئر سمجهه ۾ اچن ٿيون ته ھو ماھتاب‬
‫کي ذھن ۾ رکي ئي ڪري رھيو ھو ۽ اھي ڳالھيون ان وقت سندس ذھني ڪيفيت ۽ سوچ جي انداز‬
‫کي ظاھر ڪن پيون‪ .‬بھرحال مان پوري ويساھ سان چوان ٿو ته وڪيل صاحب اھي ڳالھيون بلڪل‬
‫نارمل حالت ۾ چيون ۽ مونکي انھن ڳالھين منجهان سندس اصل نيت جي ذرو به پروڙ نه پئجي‬
‫سگهي‪ .‬ھو مون کان پوڻين يارھين ڌاري موڪالئي اٿيو‪.‬‬
‫ڏوھ مڃيندي مرحوم وڪيل صاحب جيڪو بيان ڏنو‪ ،‬انھيَء منجهان ڪي ٽڪڙا‪:‬‬
‫(وڪيل صاحب جي گهريلو بيان جو ڳپل ڀاڱو سندس گهر واري جي بيان جھڙو آھي‪ ،‬انھي ڪري‬
‫ورجاَء جي ڪوفت کان بچڻ الِء سندس بيان مان ڪي ٽڪر ڏجن ٿا‪.‬‬
‫‪ . . . . .‬کيس مارڻ کان پوِء‪ ،‬منھنجو ضمير ھينئر به مطمئن آھي‪ .‬نيٺ ھن چريَء جو دنيا ۾ ھجڻ يا نه‬
‫ھجڻ مان کيس پاڻ کي يا سماج کي ڪھڙو فائدو؟ سندس موت جو انتظار ڪرڻ کان اڳ (جيڪو‬
‫کيس اوس اچڻو ھو) کيس مارڻ ۾ سندس ڀالئي ھئي‪ .‬ھيَء حقيقت پنھنجي جاِء تي ھڪ پنھنجي‬
‫پاڻ شاھدي ڏيندڙ )‪ (Self evidence‬سچائي آھي ‪. . .‬‬
‫‪ . . . .‬جڏھن مان اسپارٽين جو ذڪر ڪيان ٿو‪ ،‬تڏھن منھنجو مطلب اھو ناھي ته ڪمزور ۽ نٻل ٻار‬
‫کي ڄمندي ئي جبلن ۾ ڦٽو ڪيو وڃي‪ .‬اھو دور ٻيو ھو‪ ،‬اڄ سائنسي دور آھي ممڪن آھي ۽ (اڪثر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪65‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ڪري) اھي نٻل ٻار اڳتي ھلي سگهارا ٿين‪ ،‬پر مان جيڪا ڳالھه ڪرڻ چاھيان ٿو‪ ،‬انھيَء جو بنياد‬
‫ھيُء آھي ته‪ :‬اھي انسان جيڪي زندگيَء جي تبديليَء جي جدوجھد ۾ شريڪ نٿا ٿين‪ ،‬يا نٿا ٿي‬
‫سگهن‪ ،‬جو منجه ن اھڙو ست ناھي‪ ،‬ته پوِء اھي رڪاوٽ بڻجن يا ٻين انسانن مٿان بار بڻجڻ بجاِء‪،‬‬
‫بھتر آھي ته پنھنجو انت آڻين‪ .‬ڇاڪاڻ ته ھونئن به حياتي مٿن بار آھي‪ ،‬سواِء ڪارج جي زندگيَء‬
‫جو بار ڍوئڻ ڇا حماقت ناھي‪.‬‬
‫نيٺ ماھتاب کي زندھ رکڻ مان ڇا ھڙ حاصل؟ محض مائٽن جي جذباتي تسڪين جي پورائي‬
‫الِء! جڏھن ته مائٽ خود محسوس ڪن ٿا ته ھوَء‪ ،‬مٿن بار بڻيل آھي – منھنجي آڏو ٻه رستا ھئا‪ :‬يا ته‬
‫ھن کي ماري ڇڏيان (جيڪو رستو مون اختيار ڪيو) يا ته کيس ڪنھن تجربيگاھ ۾ موڪليان‪،‬‬
‫ته جيئن باقي انسان ذات جي ڀالئيَء الِء تجربا ڪيا وڃن‪.‬‬
‫جيتوڻيڪ کيس مارڻ ڪري مونکي سخت صدمو رسيو آھي ۽ افسوس ٿيو آھي‪ ،‬پر منھنجو ضمير‬
‫۽ شعور بلڪل مطمئن آھي ‪. . . .‬‬
‫‪ . . . . . . .‬مان ھينئر اطمينان سان مرندس‪.‬‬
‫ڪورٽ طرفان مقرر ڪيل ڊاڪٽرن جي ٽيم گڏيل راِء ڏني ته سول اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾‪،‬‬
‫جوابدار فوتي گل محمد وڪيل‪ ،‬جنھن پنھنجي چريَء ڌي کي ماري‪ ،‬انھي جو اقرار ڪندي‪ ،‬پاڻکي‬
‫قانون آڏو پيش ڪيو ھو ۽ دل جي مريض ھئڻ سبب کيس سول اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ پوليس‬
‫جي نگراني ھيٺ رکيو ويو ھو رات جي اڍائي بجي ڌاري دل ٽٽڻ سبب مئو آھي‪.‬‬
‫ڊاڪٽرن ھي راِء به ڏني ته‪ ،‬جيڪڏھن وڪيل صاحب کي بروقت طبي امداد ڏني وڃي ھا ته سندس‬
‫جيئري رھڻ جا امڪان وڌيڪ ھئا‪.‬‬
‫(بيشڪ جڏھن وڪيل صاحب نه مري ھا ته ھيُء ڪيس انساني الڳاپن ۽ سماج جي اھم مسئلي‬
‫بابت ھڪ انوکو ۽ دلچسپ ڪيس ثابت ٿئي ھا‪).‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪66‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ٻي انام ڪھاڻي‬

‫لڳاتار ٽن سالن کان پوِء ‪.....‬‬


‫يونيورسٽيَء جي اولڊ ڪئمپس جي ورانڊي مان لنگهندي‪ :‬ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ڏانھن ويندڙ‬
‫دروازي وٽ اوچتو مٿس نظر پئي! ھڪ اتفاقي حادثو‪ .‬جنھن حادثي الِء جيڪڏھن ملي پوي ته پوِء ‪.‬‬
‫‪ . . . .‬بابت ڪيترا ڀيرا سوچيو ھئائين‪ .‬اھا آھي‪ ،‬ساڳي ٿوري ڦير سان‪ .‬ساڳيو اداس‪ ،‬ڳمڀير‪ ،‬وياڪل‬
‫چھرو‪ .‬سانورو ھن تب ديلي سان ته سندس چھڪندڙ ۽ ٻھڪندڙ سانورائپ‪ ،‬جيڪا ڇڪ جو باعث‬
‫بڻي ھئي‪ .‬سا ڪاراٽيل ۽ ڪشش کان وانجھيل‪.‬‬
‫ھن جي نھارڻيَء مان پڪ ٿيس ته‪ ،‬ھن کيس ڏٺو آھي‪ .‬سندس دل ڌڙڪي‪ ،‬اندرين تبديلين ڪارڻ‬
‫پنھنجي منھن جو رنگ بدلجندو ۽ نرڙ تي پگهر محسوس ڪيائين‪.‬‬
‫ايتري عرصي کان پوِء ائين اوچتو‪ :‬ملڻ تي جنھن جو في الحال وھم ۽ گمان به ڪونه ھئس‪ ،‬نه رڳو‬
‫– سندس وجود ڌڏي ويو‪ ،‬پر ڄڻ ڳپل عرصو اڳ وڏي جاکوڙ کان پوِء مروٽيل ۽ چيڀاٽيل ڏوھ جو‬
‫احساس ڪر کڻي بيٺس‪ .‬اھو سڀاويڪ ھو‪ .‬ائين ڄڻ ورتل قرض کي وسارڻ کان پوِء اوچتو سندس‬
‫اڳاريندڙ ملي وڃي‪.‬‬
‫اندرين اٿل کي دٻائڻ الِء‪ :‬حيرت ۽ خوشي پاڻ تي مڙھيندي‪ ،‬مرڪندي ڏانھن ڏٺائين‪ .‬سندس ابتڙ‪،‬‬
‫ھن جي منھن تي ھن اوچتي گڏجاڻيَء ڪري‪ ،‬ڪابه تبديلي ڪانه‪ .‬ساڳي ڳمڀيرتا‪ ،‬خاموشي چھري‬
‫تي‪ .‬منھن لڳاتار خشڪ‪ ،‬ڄڻ وينشنگ ڪريم لڳل ۽ چڱي طرح مھٽيل‪( .‬پر کيس ڄاڻ ھئي ته ھوَء‬
‫وينشنگ ڪريم استعمال نه ڪندي آھي) ھر عام روا جي مالقات وانگر ٻئي ھڪ ٻئي کي ڏسندا‬
‫رھيا‪ ،‬ڪي گهڙيون‪.‬‬
‫”تون ھتي ڪيئن‪“ . . . .‬‬
‫”ايم ايڊ جي داخال الِء انٽرويو ڏيڻ آئي ھئس‪“.‬‬
‫”ٿي ويو؟“‬
‫”ھا‪“.‬‬
‫”داخال ملي ويندي؟“‬
‫” گورنمينٽ موڪليو آھي انھيَء ڪري ملڻ ئي گهرجي‪“.‬‬
‫چپ‪ ،‬ڪي گهڙيون‪.‬‬
‫”تنھنجا ڪھڙا حال آھن؟“‬
‫”بس ئي ‪ . . . .‬ڪ ٿي‪“.‬‬
‫”ساڳي ئي ھنڌ آھين؟“‬
‫”ھا‪ ،‬ٺٺي ۾‪“.‬‬
‫”فيملي سميت‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪67‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”ھا‪“.‬‬
‫کيس اھڙي قسم جي سوالن منجهان اوچتو ھڪ قسم جو ڊپ ٿيڻ لڳو‪ .‬اھڙو ڊپ‪ ،‬جيڪو پنھنجي‬
‫پر ۾ ڪاميابي سان ڏوھ لڪائيندڙ ڏوھاري کي‪ ،‬وڪيل جي آڏي پڇا تي‪ ،‬دل جي چور ڪري ٿئي‪.‬‬
‫اھڙي قسم جي سوالن کان بچڻ الِء ھن ستت رٿ ڏني‪ ،‬گڏجي چانھه پيئڻ الِء‪.‬‬
‫ھن سندس منھن ۾ ڏٺو سوال بڻجي‪ .‬ڄڻ ته اھا رٿ اڻ رواجي طور‪ ،‬اخالق کان ڪريل‪ ،‬ڪنھن اڻ‬
‫ڄاتل شخص کان‪ ،‬غير واقف عورت کي پھرئين ئي واٽھڙو گڏجاڻي ۾ ڏنل ھجي‪.‬‬
‫”ڇو؟“ حقيقت جي تھه کي پھچندي چيائين‪ ” ،‬مون سان گڏ چانھه پيئڻ پسند ڪندين؟“‬
‫علي بابا ريسٽورينٽ جي فيملي روم ۾ اچي ويٺا‪ .‬سڄو رستو جيڪو پنجن منٽن جو ھو‪ ،‬خاموش‬
‫رھيا‪ .‬رستو ساڳيو ھو جنھن تان ٽي سال اڳ جڏھن بي ايڊ ۾ پڙھندا ھئا‪ .‬ڪيئي ڀيرا لنگهي چڪا‬
‫ھئا‪ .‬ھوٽل به ساڳي ۽ فيملي ڪمرن منجهان ھڪ ڪمرو به ساڳيو‪ .‬پاڻ به ساڳيا؛ ھڪ ماستر ۽ ٻي‬
‫ماسترياڻي‪ .‬سڀ ڪجهه ساڳيو ھوندي به‪ ،‬اوپرا اوپرا‪ ،‬ايڏو ويجهو ھوندي به‪ ،‬اڻ – ڄاتل!‬
‫ڪمري ۾ ڪجهه اٻس ھئي‪ .‬ھن کان اڳ ويٺلن‪ ،‬جي شايد ڪا گهڙي اڳ اٿي ويا ھئا‪ ،‬جي ڇڏيل‬
‫گرمي‪ ،‬سگريٽن جي دونھين جي بوِء سان‪.‬‬
‫”آئس ڪريم‪“.‬‬
‫”نه – چانھه‪“.‬‬
‫”گرمي آھي‪“.‬‬
‫”توکان شايد وسري ويو آھي ته مان چانھه جي وڌيڪ پياڪ آھيان‪ .‬گرمي ھجي يا سردي‪“.‬‬
‫ھينئر کيس ياد آيو ته ھو اعصابي ڪمزوريَء ۽ وائي جي سور ڪارڻ‪ ،‬ٿڌو ڪڏھن به نه واپرائيندي‬
‫آھي ۽ نه ئي پکي جي ھوا ھيٺان وھندي آھي‪.‬‬
‫سندس جهلڻ جي باوجود ھن چانھه ٺاھي‪.‬‬
‫”تون ڪڏھن دادو ويندين؟“‬
‫”سڀاڻي‪“.‬‬
‫”انٽرويو بلڪل پورو ٿي ويو؟“‬
‫”ھا‪“.‬‬
‫دراصل ھن چاھيو پئي ته‪ ،‬ڳالھين جو اھڙو لڳاتار ۽ رڌل سلسلو شروع ٿئي‪ ،‬جنھن ھيٺيان‪ ،‬ھيُء‬
‫ماحول ۽ ھن جي موجودگي ڪري‪ ،‬جيڪو ھنيانُء تي بار ٿي بيٺو ھوس ۽ چانھه جي احمقانه صالح‬
‫جي ڪري پڇتاُء جو پيدا ٿيل اھو احساس ھيٺان دٻجي وڃي‪.‬‬
‫”ماسي جي طبيعت ڪيئن آھي؟“‬
‫”ساڳي‪ “.‬سوچڻ لڳو؛ اڃا ساڳي حالت ۾! ھن کي ھن وقت تائين مرڻ کپندو ھو‪ .‬ھنن ٽن سالن جي‬
‫دوران سندس باري ۾ سوچيندي ويچاريو ھئائين ته ماڻس مري چڪي ھوندس‪.‬‬
‫”ڪمزور ته ڪافي ٿي وئي ھوندي‪“.‬‬
‫”فطري آھي‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪68‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”تون به لھي وئين آھي‪“.‬‬


‫”سچ پچ!“ انتھائي ڪنجوسي واري مرڪ سان چيائين‪” ،‬توکي ڏسڻ ۾ دوکو ٿيو اٿئي‪“.‬‬
‫۽ پوِء ھن‪ ،‬سندس منھن ۾ گهوري ڏٺو‪ :‬اصل عمر کان وڏي ٿي لڳي‪ .‬سندس مٿي تان رئو سرڪي‬
‫ڪلھن تي اچي ويو ھوس‪ .‬وارن ۾ ڇڊا ڇڊا اڇا ڏٺائين‪ .‬اکين ۾ چمڪ‪ ،‬سانورو ڪاراٽيل‪ ،‬پيالڻ‬
‫مائل رنگ ‪ . . . . .‬اوچتو ٽي سال اڳ‪ ،‬پڙھڻ جي دوران جڏھن کيس ھڪ شديد انديشي جي احساس‬
‫جي انومان جو ساڀيان روپ ڀانيائين‪ ،‬سندس منھن جي ڏسڻي ۾‪ .‬نه چاھيندي به سندس منھن ۾‬
‫چتائي ڏسڻ لڳو‪ .‬نه چاھيندي به ھن جو چھرو‪ ،‬مستقبل جو سلھه‪ .‬ھاڻو؛ ڏٻرو! ڪاراٽيل‪ ،‬اندر پيھل‬
‫کوپن ۾ چمڪندڙ مڻڪيون‪ ،‬تڪليف سان کڄندڙ ساھ ڪري‪ ،‬ھيٺ مٿي ٿيندڙ ھڏائين ڇاتيَء جو‬
‫پڃرو‪ ،‬ڦھلجندڙ – سسندڙ ناسون‪ ،‬ڳل اندر ويٺل‪ ،‬کٻن سمان‪ ،‬قياس ۽ ھمدردي جا احساس جاڳيس‪.‬‬
‫اوچتو خيال؛ پيلي‪ -‬سائي کانگهاري جو ‪ . . . .‬۽ دل ڪچي!‬

‫ٽي سال اڳ‪:‬‬


‫سيڪنڊري اسڪولن جي ماسترن الِء ٽريننگ جي ڪورس بي ايڊ ۾ گڏيا‪ .‬ڏٺائون ڏسندا رھيا‪.‬‬
‫نوٽس‪ ،‬ليسنن جي تياري جي سلسلي ۾ ملندا رھيا‪ .‬گهرا ٿيندا رھيا‪ ،‬سواِء ڪنھن شعوري ڪوشش‬
‫جي ھڪ ٻئي جي ويجهو ايندا رھيا‪ .‬ھڪ ٻئي کي سمجهندا رھيا‪ .‬ڪڏھن ڪڏھن فلم جو‬
‫پروگرام‪ ،‬لڳ ڀڳ روز‪ ،‬انٽرويل جي دوارن علي بابا ريسٽورينٽ ۾ چانھه‪ ،‬گفتگو‪ ،‬ڳالھين جو نه ٽٽندڙ‬
‫سلسلو‪.‬‬
‫ھڪ ڀيري ھن کيس پنھنجن گهريلو حالتن بابت ٻڌايو‪ :‬پاڻ گهر ۾ ٽي ڀاتي آھن‪ .‬پاڻ‪ ،‬سندس ماُء‬
‫۽ ننڍو ڀاُء جيڪو ھاِء اسڪول ۾ پڙھندو آھي‪ .‬سندس پيُء تپيدار ھو‪ .‬ماڻس پڻ پرائمري اسڪول‬
‫۾ ماسترياڻي ھئي‪ .‬ٻنھي جي پيار جو نتيجو ھئي‪ .‬چئن سالن کان پوِء‪ ،‬جڏھن ھو پاڻ اڃان ننڍڙي‬
‫ھئي‪ .‬پڻس تپيدار‪ ،‬ماڻس بلڪل ڇڏي ڏنو ھو‪ .‬ان وقت سندس ننڍو ڀاَء ماڻس جي پيٽ ۾ ھو‪ .‬کيس‬
‫پيُء جو چھرو‪ ،‬جيڪو ننڍپڻ ۾ ڏٺو ھئائين‪ ،‬اڃا تائين ذھن ۾ کتل؛ ڀنگ پيئڻ ڪري ڳاڙھيون‬
‫اکيون‪ ،‬ڪاراٽيل چپ ۽ منھن تي ماتا جا داغ‪ ،‬گاريل‪.‬‬
‫۽ پوِء ماڻس کي سلھه ٿي پيئي‪ .‬يا ک يس اڳيئي سلھه جا اثر ھئا‪ ،‬جيڪي پوِء ظاھر ٿيا‪ .‬ڇاڪاڻ ته‬
‫سندس ماُء‪ ،‬يعني ھن جي ناني به‪ ،‬سلھه وگھي مئي ھئي‪.‬‬
‫۽ ھينئر ھو پاڻ گهر سنڀاليندڙ ھئي‪ .‬ڪمائيندڙ‪ ،‬سلھه ورتل ماُء جي پرگهور ڪندڙ ۽ ننڍي ڀاُء جو‬
‫مستقبل سنواريندڙ‪ .‬خاموشي‪ ،‬ڳنڀيرتا ۽ سنجيدگي سندس شخصيت جو جز بڻيل‪ .‬ڳالھائڻ ۾‬
‫نھٺائي‪ ،‬بردباري‪ ،‬خدمت ۽ شفقت جو اظھار‪ ،‬سندس گڻ بڻيل‪.‬‬
‫ملندا رھيا‪ ،‬ھڪ ٻئي کي ويجهو ايندا رھيا‪ .‬جيتوڻيڪ ٻنھي مان ڪنھن به ھڪ سان مستقبل جي‬
‫ڳانڍاپي جو چٽو ۽ گهر و احساس ٻنھي کي ھو‪ .‬الشعوري طور پنھنجي پنھنجي جاِء تي ٻنھي کي‬
‫لڳندو ھو ته‪ ،‬پاڻ اڳتي ھ لي ھڪ ٻئي جا ٿي ويندا؛ ذڪر نه ڪيل‪ ،‬اڻ لکيل‪ ،‬ڪڏھن اظھار نه ڪيل‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪69‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫محض گڏيل سمجه ه‪ ،‬مستقبل بيني جو گڏيل احساس ھيٺ‪ ،‬ڳانڍاپي جو انجام ۽ ان ۾ لڳندڙ اھڙو‬
‫ويساھ جو‪ ،‬ڪڏھن به ٻنھي مان ڪنھن کي اظھار جي ضرورت محسوس نه ٿي‪.‬‬
‫پاڻ چاھيندو ھو کيس‪ ،‬شدت‪ ،‬۽ ڀرڀور تڙڦ وچان پيار ڪرڻ؛ جو سندس طبيعت ۾ بيچيني‪،‬‬
‫اندروني امنگ کي پوري شدت‪ ،‬گرمي ۽ اڳرائي سان ظاھر ڪرڻ جا جذبا ٽٻ تار ڀريل ھا‪ ،‬جي‬
‫ٿوري به پيار واري ماحول ۾ ڦوھاري وانگر اٿل کائڻ لڳندا ھئا‪ .‬۽ پھريون ڀيرو جڏھن پاڻ‪ ،‬انھيَء اٿل‬
‫ھيٺ کيس شدت سان پيار ڪيائين‪ :‬پھرئين سندس ھٿ وٺي‪ ،‬انھن کي زور‪ ،‬پوِء چميون پوِء ڀاڪر‬
‫‪ . . . .‬جواب ۾ ھن به موٽ ڏني‪ ،‬ساڳي پيار سان‪ .‬پر انھي پيار ۾ اھا تڙڦ‪ ،‬اھو ولولو ۽ جوش ڪونه ھو‪.‬‬
‫ڀرڀور شفقت ھئي‪ ،‬مادارنه شفقت! ڀاڪر مھل جوابي زور ڏيڻ بجاِء‪ ،‬پٺي تي ھٿ ڦيرائڻ لڳس ۽ پوِء‬
‫وارين ۾ آڱرين سان ڦڻي ڪرڻ لڳس‪ .‬ائين جيئن ماُء‪ ،‬يا وڏي ڀيڻ پنھنجي الڏلي پٽ يا ننڍي ڀاُء کي‬
‫پيار ڪنديون آھن‪.‬‬
‫جيتوڻيڪ ھن جي ان ٿڌيَء ۽ شفقت سان ڀريل پيار جي موٽ‪ ،‬سندس تڙڦ جو جوش واري پيار‬
‫جي گهر ج پٽاندڙ نه ھئي؛ اھو کيس لڳو‪ ،‬پر انھيَء کي محسوس نه ڪيائين‪ .‬شايد انھيَء ڪري جو‪،‬‬
‫اھو سندس الِء اھڙي قسم جو پھريون دفعو ھو‪ .‬۽ پوِء پاڻ سندس منھن ۾ ڏٺائين‪ :‬ھن جا چپ ڦڙڪي‬
‫رھيا ھئا‪ ،‬تکو ساھ ۽ اکين ۾ ڳوڙھا! ھن پنھنجي اکين ۾ سوال کڻي‪ ،‬سندس منھن ۾ ڏٺو‪ ،‬ڳوڙھن جو‬
‫ڪارڻ ڄاڻڻ الِء‪ .‬زبان مان ڪو ڪارڻ ٻڌائڻ بدران‪ ،‬ھن سندس منھن پنھنجي سيني ۾ ڪري‪،‬‬
‫کيس ٿڦڪيون ھڻڻ لڳي ۽ وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳي ۽ ھن پنھنجي ڪياڙي تي‪ ،‬سندس ڪرندڙ‬
‫ڳوڙھا محسوس ڪيا‪.‬‬
‫۽ پوِء ھر ڀيري اھڙوئي شفقت ڀريو پيار‪ ،‬بنا ڳوڙھن جي‪ ،‬خوشي جي دٻيل اظھار سان‪ ،‬سندس‬
‫پرجوش ۽ ولولي واري پيار جي موٽ ۾‪.‬‬
‫ھينئر‪ ،‬علي بابا ريسٽورين ٽ جي فيملي روم ۾‪ ،‬جڏھن ھوَء سندس سامھون‪ ،‬خاموش ويٺل‪ .‬پاڻ‬
‫سوچيندڙ‪ .‬انھن پھرين ڀيري جي ڳوڙھن جي ڪارڻ تي‪ :‬۽ پھتل ھن نتيجي تي ته‪ ،‬اھي ڳوڙھا‪،‬‬
‫محرومين سان ڀريل زندگيَء ۾ پھرين مليل پيار جي موٽ ۾ ٿوري بجاِء آڻڻ جا ڳوڙھا ھئا!‬
‫۽ ائين ئي ھلندڙ سلسلو ‪. . . .‬‬
‫ته ھڪ ڏينھن کيس پڻس جو خط مليو‪ ،‬جنھن ۾ شادي سندس سوٽ سان ٿيڻ ۽ ڳالھه پڪي ھجڻ‬
‫جي باري ۾ اطالع ڏنل ھو‪ .‬سندس وھم ۽ گمان ۾ به ڪونه ھو ته‪ ،‬کيس سندس سوٽ ڏني ويندي!‬
‫ڇاڪاڻ ته سندس چاچو‪ ،‬حيثيت ۾ کانئن وڏو ھو‪ .‬ھيُء خط سندس الِء اڻ ملھي ۽ ھڪ عجيب‬
‫سپني نما خوشيَء جو ڪارڻ بڻيو ۽ پوِء کيس‪” ،‬ھن“ سان ھي ڪيل پيار ھڪ راند لڳي؛ ورھونَء‪،‬‬
‫جيڪا ٺلھو وقت ڪاٽڻ الِء يا دل وندرائڻ الِء ڪئي وڃي‪ .‬پر جڏھن ھن‪ ،‬اندر جي دٻاُء ھيٺ ڪنھن‬
‫ڪنھن مھل ھن مامري جي ڳنڀيرتا تي ٿي ويچاريو ته ان ويل‪ ،‬ڏوھي احساس جي تيز چھڪ جي‬
‫پيڙا‪ ،‬سندس وجود کي ايڏو ته نپوڙيو‪ ،‬جو پنھنجو پاڻ کي بنھه سن ٿي ڀانيائين ۽ پوِء ان ڏوھي‬
‫احساس جي بار ھيٺ يا دل ۾ لڪل چوريَء واري نيت جي واٽ ٺاھڻ الِء‪ ،‬الشعوري خيال ھيٺ‪ ،‬کيس‬
‫اھو خط پڙھن الِء ڏنائين‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪70‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ھو خط پڙھڻ لڳي‪ .‬پاڻ سندس منھن ۾ ڏسڻ لڳو‪ .‬سندس منھن تي ايندڙ ڀاون کي پڙھڻ الِء‪ .‬۽ ڏٺائين‬
‫سندس ڪاراٽيل منھن ۽ خشڪ چپ‪ .‬ھن پنھنجي دل به تيز ڌڙڪندي محسوس ڪئي‪ .‬خط واپس‬
‫ڏنائين‪ ،‬خط واپس وٺي‪ ،‬پڇيائينس؛ ”تنھنجو ڇا خيال آھي؟“‬
‫ھن سندس منھن ۾ ڏٺو‪ ،‬کيس لڳو ته‪ ،‬سندس اھو سوال ھن کي نه وڻيو آھي‪” .‬جيڪو تنھنجو خيال‪“.‬‬
‫پوِء مرڪيائين‪ .‬روئڻھارڪي مرڪ‪ .‬جنھن مرڪ ھيٺان ارمانن جو ڍير پوريل‪.‬‬
‫ٻئي ڏينھن سندس خط مليو‪.‬‬
‫” ‪ . . . .‬تون شادي ڪري ڇڏ‪ .‬مون کي ڪوبه افسوس نه ٿيندو‪ .‬ھن معاملي ۾ جذباتي ٿي نه سوچج‪.‬‬
‫زندگي جو ٺوس حقيقتون‪ ،‬اسانجن جذباتي خواھش جي تابع نه آھن‪ .‬منھنجي حياتي ھڪ ويران‬
‫برپٽ آھي‪ .‬مان به اھو نٿي چاھيان ته‪ ،‬تون مون سان ڳنڍجي ئي‪ ،‬برپٽ ۾ ڀٽڪين ۽ ڪجهه نه ماڻين‪،‬‬
‫زندگي ماڻڻ الِء آھي‪ .‬اھا ڪٿان جي ڏاھپ آھي ته‪ :‬ھڪ صحتمند زندگي کي‪ ،‬مرندڙ‪ ،‬ناڪاري ۽‬
‫ھاڃيڪار وجود سان گنڍي ان صحتمند زندگيَء کي وقت کان مرجهائڻ‪ ،‬۾ ڪجهه ماڻڻ کان سواِء‬
‫موت ڏانھن ڌڪڻ جا ڪارڻ پيدا ڪيا وڃن؟ ڇا اھا بي انصافي ناھي؟‬
‫منھنجي امڙ سلھه جي مريض آھي‪ ،‬منھنجي ناني به سلھه ۾ مئي ھئي‪ ،‬انھي ڪري اھو قياس کان‬
‫پري ناھي ته مان به ‪ . . .‬ھجان‪ .‬جيتوڻيڪ مان ڄاڻان ٿي ته اڄ جي دؤر ۾ ھن مريض کان ڇوٽڪارو‬
‫بنھه ممڪن آھي‪ ،‬ان ھوندي خبر ناھي ڇو‪( ،‬جيڪو سڀاويڪ آھي‪ ).‬منھنجي دل ۾ اھو خيال گهر‬
‫ڪري ويو آھي ته منھنجي زندگي به منھنجي امڙ جي زندگي وانگر اونداھين ۽ روڳي آھي‪ .‬مون‬
‫پنھنجو پاڻ کي انھي الِء ذھني طور تيار ڪري ڇڏيو آھي‪ ،‬ته جيئن ڪڏھن به شڪايت جي عادت‬
‫جو موقعو پيدا نه ٿئي‪ .‬ڇاڪاڻ ته شڪايت جي عادت پيڙا کي وڌيڪ ڀيانڪ ۽ ڪرڀناڪ بڻائي‬
‫ڇڏي ٿي‪.‬‬
‫مان ھيُء سڀ جذباتي بڻجي‪ ،‬کلي نه رھي آھيان‪ .‬پر اڳ پٺ جاچي پوِء قلم کنيو اٿم‪ .‬مان سمجهان‬
‫ٿي‪ ،‬اسان جو ميالپ ھڪ حادثاتي واقعو ھو‪ .‬اھڙو واقعو جيڪو منھنجي اجڙيل‪ ،‬ويران ۽ مرڻينگھه‬
‫زندگيَء ۾ بھار جا جھوٽا کڻي آيو‪ .‬پر مونکي سمجهڻ گهرجي ته‪ ،‬۽ مان سمجهان ٿي ته اھو الزمي‬
‫ناھي ته بھار جو احساس ڏياريندڙ اھو حادثو ايڏو ڊگهو ٿئي‪ ،‬جيڏي منھنجي زندگي آھي‪ .‬۽ منھنجي‬
‫اھڙي خواھش‪ ،‬سپنو ته ٿي سگهي ٿي‪ ،‬پر حقيقت نه‪ .‬۽ مان ھن سچائي کان ڀلي ڀت واقف آھيان‪،‬‬
‫مان خوابن جي ديس ۾ نه‪ ،‬پر ٺوس حقيقت (پوِء ڀل اھي ڪيڏيون به ڪڙيون ۽ بي رحم ڇو نه ھجن)‬
‫سان ڀريل زندگيَء ۾ رھان ٿي‪.‬‬
‫تو‪ ،‬مون کي جو ڪجهه ڏنو‪ ،‬مان انھي الِء انتھائي ٿورائتي آھيان‪ .‬تون پاران ڏنل زندگيَء جي سرھاڻ‬
‫کي مان‪ ،‬ساروڻين جي روپ ۾ سانڍيندس‪ .‬۽ ھنن سڳنڌ ڀريل گهڙين منجهان‪ ،‬جيڪي منھنجي‬
‫ماضيَء جو املھه خزانو آھن‪ ،‬موت جي پڄاڻيَء وارين گهڙين تائين واس وٺندي رھنديس‪.‬‬
‫مان وري به تنھنجو ٿورو مڃيان ٿي‪ ،‬سواِء ڪنھن ٻڏتر ۽ ڳڻتيَء جي نئين زندگي اڏ‪ ،‬منھنجون نيڪ‬
‫خواھشون توساڻ آھن‪.‬‬
‫شل سدائين سکيو ستابو جڙيو رھين‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪71‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫فقط‪:‬‬
‫(ھن پنھنجو نالو نه لکيو)‬
‫بيشڪ ھيُء خط مٿس بم ٿي ڪريو‪ .‬سندس وجود کي ذرڙا ذرڙا ڪري ڇڏيائين‪ .‬پر ساڳي وقت‪ ،‬ھي‬
‫ساڳيو خط وجود جي ٽڙيل پکڙيل ذرڙن کي ھڪ ھنڌ ميڙڻ ۽ زندگيَء ۾ تازو ساھ ڦوڪي‪ ،‬نئين سر‬
‫اڳواٽ ڪرڻ ۾‪ ،‬واٽ جي مشڪل ثابت ٿيو!‬
‫سندس خط کان پوِء‪ ،‬ساڻس ملڻ ۽ اکيون مالئڻ جي اخالقي جرئت جو ست نه سارڻ ڪري‪ ،‬اوچتو‬
‫ڳوٺ ھليو ويو ۽ امتحانن جي وقت موٽيو‪ .‬امتحان دوران ھو ساڻس ڪونه ملي‪ ،‬نه ئي پاڻ اھڙي‬
‫ڪوشش ڪيائين‪.‬‬
‫ان وقت کان پوِء ھيَء سندن پھرين مالقات ھئي‪.‬‬
‫ھن سڄي مالقات جي دوران‪ ،‬ھن کانئس‪ ،‬سندس زال يا ٻارن جي باري ۾‪ ،‬ھڪ سوال به ڪونه ڪيو‪،‬‬
‫جنھن جو کيس پنھنجي من ئي من ۾ خطرو ضرور ھو‪.‬‬
‫ائين ڳپل مھل وھڻ کان پوِء نيٺ پاڻ ئي چيائين‪” ،‬ھلون“ ھن وراڻيو‪” ،‬ڀلي‪“.‬‬
‫پوِء پاڻ‪ ،‬ڄڻ ھلڻ جي صفائي پيش ڪندي چيائين‪ :‬دراصل مونکي يونيورسٽي مان پنھنجا‬
‫سرٽيفڪي ٽ وٺڻا آھن‪ ،‬جو ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسرن جي چونڊ ۾ مون کي پيش ڪرڻا‬
‫آھن‪ .‬انھي ڪري دير ‪. . . .‬‬
‫بل ھن زوري ڏنو‪ ،‬کيس ‪ ،‬مرڪ سان ھيُء چوندي ته‪” :‬تون ٻچڙيوال آھين‪ ،‬توکي ھن ريت ھوٽلن ۾‬
‫پيسا وڃائڻ نه گهرجن‪ “ .‬۽ ھو پيسا ڏيڻ چاھيندي به ڏئي سگهڻ جي ھمٿ ساري نه سگهيو! دراصل‬
‫ھو؛ خبر ناھي ڇو‪ ،‬پنھنجو پاڻ کي ھن آڏو‪ ،‬گهٽ‪ ،‬خسيس‪ ،‬ڊپريسڊ ۽ ھڪ قسم جو ڏوھاري محسوس‬
‫ڪري رھيو ھو‪.‬‬
‫۽ پورن پنجن سالن کان پوِء‪:‬‬
‫جڏھن پاڻ گورنمينٽ ھاِء اسڪول دادو ۾ ھيڊماستر جي حيثيت سان بدلي ٿي آيو‪ ،‬تڏھن ھو گرلس‬
‫ھاِء اسڪول جي انچارج ھيڊ مسٽريس ھئي‪.‬‬
‫ضلعي جي تعليمي آفيسرن ۽ ماھرن جي ماھياني ميٽنگ ۾ پھريون ڀيرو کيس ڏٺائين‪ ،‬ڄڻ خواب‬
‫ڏسندو ھجي‪ :‬ھڏن جو پڃرو‪ ،‬ڪاراٽيل ڏٻرو منھن‪ ،‬اندر ويٺل کوٻن ۾ چمڪندڙ مڻيون‪ ،‬ڳل اندر‬
‫پيھيل‪ ،‬تڪليف سان کڄندڙ ساھ ڪري‪ ،‬ڦھلجندڙ – سسندڙ ناسون‪ ،‬سمورا وار اڇا‪ ،‬ھن ھڏائين‬
‫پڃري تي اڇي کير جھڙي ساڙھي‪ ،‬نيري ۽ سائي باڊر سان‪ .‬ڪئين ڀيرا ڏٺل خواب‪ ،‬پر اڻ چٽو ۽‬
‫مبھم! پھرين ڄاڻ ھوندي نه نه سڃاڻي سگهيس‪ ،‬پوِء مھٽيل خواب لڳندي به‪ ،‬سڃاڻي ورتائينس‪ .‬ھن‬
‫به کيس ڏٺو‪ ،‬ڳالھايو‪ ،‬پر کيس اھڙي ڪا لکا ڪانه ڏنائين ته ڪو کيس ڄاڻي سڃاڻي‪.‬‬
‫۽ پوِء ھھڙن موقعن تي ائين ئي رسمي مالقاتون‪ :‬ھڪ ٻئي جا ڄاتل سڃاتل‪ ،‬۽ پوِء به اڻ – ڄاتل‪،‬‬
‫جنمن جا فاصال!‬
‫ھڪ ڏينھن‪:‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪72‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫پھرين پيرڊ ھلندي کيس فون آيو‪ :‬گرلس ھاِء اسڪول جي انچارج ھيڊ ماسترياڻي فجر مھل گذاري‬
‫وئي‪.‬‬
‫سندس مٿان ڄڻ وڄ ڪري‪ ،‬سندس جسم اتي ئي ڪرسي تي ھڪ ھنڌ ڄمي‪ ،‬پٿر ٿي ويو ھجي‪.‬‬
‫اوچتي موڪل سببان‪ ،‬ٻاھر شاگرد گوڙ ڪندا ۽ خوش ٿيندا گهرن ڏانھن وڃي رھيا ھئا‪ .‬ٽيچنگ‬
‫اسٽاف سندس ڪمري ۾ گڏ ٿي چڪو ھو ۽ جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ الِء گڏجي ھلڻ واسطي سندس‬
‫انتظار ڪري رھيو ھو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪73‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ٽين انام ڪھاڻي‬

‫جيتوڻيڪ اپريل جا اڃا پھريان ھفتا ھئا‪ ،‬پر واري جي ڀٽن ۽ ننڍن دڙن ۾ ويڙھيل ھن ننڍي‪ :‬پر‬
‫ڪنھن حد تائين جديد شھر ۾‪ ،‬ڏنڀيندڙ ڪوسي لڪ ۽ جھوال لڳڻ شروع ٿي ويا ھئا‪ .‬سج اڃا‬
‫ڪانو ئي‪ ،‬مٿي ٿي چڙھيو ته شھر ۾ ڏامر جا ڪارا ڪارا روڊ ۽ پڪيون جايون‪ ،‬تندور وانگر تپڻ ٿي‬
‫ش روع ٿيون‪ .‬واريَء گاڏڙ واُء جي تيز جھوٽن ۾ ڄڻ ٽانڊا ڀريل ھئا‪ ،‬جسم سان لڳڻ شرط ئي‪ ،‬سڄو‬
‫جسم لھسجي ٿي ويو‪.‬‬
‫اڄ شھر ۾ دستور واري پرامن فضا ۾ ھلچل ۽ رونق جي ابتڙ وايو منڊل ڦريل ھو‪ .‬دڪان بند‪ ،‬ھوٽلون‬
‫خالي‪ ،‬شھر جي چرپر ۾ ٺاپر‪ ،‬گهٽيون ۽ رستا ويران ‪ -‬۽ انھي ويراني ۾ ھئي اداسي‪ .‬اداسيَء ۾ ھو اڄ‬
‫ڄاتل ڀوائتو خوف ۽ ھنياُء ڦاڙيندڙ ھراس‪ .‬سمورو لوڪ پنھنجن گهرن اندر بند ھو ۽ سندس ساھ‬
‫مٺ ۾ ھو‪ .‬ھر ڪنھن جي ھنيئن ۾ ھراس جو تھه‪ ،‬پڪي ڄميل برف جي ڇپ جيان ايڏو ڳتيل ۽‬
‫گهاٽ و ڇانيل ھو‪ ،‬جو رڳو گالس ڪرڻ جي کڙڪي به‪ ،‬سندن دليون ڏھڪائي ٿي ڇڏيون – خالي ۽‬
‫سنسان روڊن تي‪ ،‬ڪي ٽوال ٻٽون ٻڌل‪ ،‬ڪي رائفلون ته ڪي ڪھاڙيون ڪلھن تي کنيو ٿي گھميا‪.‬‬
‫سندن اکيون ڏياٽين وانگر ٿي ٻريون‪ .‬ھلڻ جي چال ۾ بي ڊپائي‪ ،‬جرئت ۽ بھادري ۾ عزم ۽ ارادن‬
‫اٽلپڻو‪ ،‬پنھنجي سگه ه تي بانور ڪرڻ جھڙو ڀروسو ۽ تاڻيل ڇاتيَء مان غرور ۽ تڪبر ٿي بکيو‪.‬‬
‫ھل ھيو‪ :‬سنڌ جي ٻن گبر پيرن جي مريدن جي وچ ۾ مقابلو آھي‪ .‬ڏينھن چڙھندو ويو ساڙيندڙ‬
‫ڪوسي لڪ جا زوزاٽ وڌندا رھيا ۽ ڌرتي پڄرندي ٿي وئي‪ .‬لوڪ جي مٺين ۾ پيل ساھ‪ ،‬اضطراب‬
‫۽ بيچيني ۾ وڌيڪ پيڙجڻ لڳو‪ .‬تان جو ڦھڪاَء ٿي ويا‪ .‬ٺا ٺا‪ :‬زئون زرڙاپ‪ ،‬ٺاٺا ڄڻ ڌرتي ٿي ڌٻي‪،‬‬
‫رائيفلن ۽ بندوقن جي بارود جي بانس ۽ زوزاٽ ڪري‪ ،‬ڌرتيَء تي پرڻ وانگر ٽنگ ڪندڙ گولين‬
‫ڪري ناسي – ڀوري گرم گرم اڏامندڙ ڌڌڙ‪ ،‬ڌرتيَء جنسي تاُء جون الٽيون ٿي ڪيون ‪ -‬۽ ھيا‪ ،‬رانڀاٽ‪،‬‬
‫گاريون‪ ،‬آواز‪ ،‬جوش ۽ جرئت ڀريا‪.‬‬
‫ڳپل مھل کان پوِء خاموشي ٿي‪ .‬ڄڻ ڌرتي ڌٻڻ بند ٿي‪ .‬پر ھوا جا ڪوسا لھسائيندڙ جھوڪا ساڳي‬
‫طرح تي لڳا‪ .‬۽ باقي چوڌاري سانت‪ ،‬موت جھڙي‪ .‬ڪنھن ڪنھن مھل ڦٽيل جي ڪرڀ وچان دانھن‬
‫۽ ڪنجھڻ جو آواز‪ .‬گهرن ۾ بند انسانن جون دليون ھيسيل ۽ اکيون ڪجهه ڄاڻڻ الِء آتيون‪ ،‬پر‬
‫جرئت نه ۽ ٻاھر‪ ،‬واقعي واري جاِء تي ھا الش‪ ،‬ٽڙيل پکڙيل‪ ،‬اونڌا پاسيرا الش‪ ،‬جي ڳاڻاٽي کان ٻاھر‬
‫ھئا‪ .‬الش‪ ،‬جن مان ڪن جون اکيون بند ھيون ته ڪن جون کليل ۽ آسمان ڏانھن واجهائيندڙ‪ ،‬ڪن‬
‫جا واٽ ڦاٽل ھيا ته ڪن جا بند‪ ،‬ڀڳل عضوا‪ ،‬چچريل جسم ۽ رت ۾ ٻڏل الش‪ ،‬اڄ جي سھارن ۽‬
‫سڀان جي اميدن جا الش – الش‪ ،‬مائرن جي اکين جي تارن‪ ،‬ڀينرن جي آسن اميدن ۽ سھاڳڙين جي‬
‫سھاڳن جا الش‪ ،‬انھن انسانن جا‪ ،‬جي مئا ھئا‪ ،‬پنھنجو پاڻ الِء نه‪ ،‬پنھنجن ٻچن الِء نه ساڻيھه الِء نه‪،‬‬
‫زندگيَء جي خوشحاليَء ۽ پيار جي بقا الِء نه‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪74‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫۽ ھيا‪ ،‬موت ۽ زندگيَء جي ٻه واٽي جي وچ تي بيٺل‪ ،‬ڦٽيل‪ ،‬چچريل‪ ،‬زخمن جي درد کان لڇندڙ ۽‬
‫ڪنجھندڙ زخمي‪ -‬ڪنھن ڪنھن وقت‪ ،‬درد جي شدت وچان انھن جي دانھن ٿي اڀري‪ ،‬نه ته سناٽو‬
‫ڇانيل ھو ۽ ان سناٽي ۾ لڪ جو گهوگهٽ ۽ ڪنھن مھل ڪنھن ڦٽيل جي دانھن ڪجهه ڀوائتي‬
‫۽ دھشتناڪ ٿي لڳي‪ .‬سج آسمان جي وچ تي پھتو‪ .‬سج جا سڌا ۽ تيز ڪرڻا ڌرتيَء کي تئي وانگر‬
‫تپائي رھيا ھئا‪ .‬رت جي اٻ‪ ،‬ھوا ۾ رت جي اٻ گاڏڙ عجيب بوِء‪ .‬تيز ۽ دل ڪچي ڪندڙ‪ .‬مٿان‬
‫آسمان جي وسيع خالئن مان ڳجھن ۽ سرڻين جا المارا‪.‬‬
‫ٻئي ڏينھن خبر آئي‪ :‬ٻن پيرن جي مريدن جي وچ ۾ جهيڙو ‪ ،‬ٻه ٽي مئا ۽ ڳچ ڦٽيا‪.‬‬
‫ڪجه ه ڏينھن کان پوِء خبر آئي‪ :‬سنڌ جي ٻن گبر پيرن جي وچ ۾ ٺاھ‪ ،‬چونڊن الِء تڪ ورھايا ويا‪.‬‬
‫اختالف ختم‪.‬‬
‫۽ پوِء ساڳئي شھر جي ساڳين روڊن تان ٻنھي پيرن جون جيپون چيچاٽ ڪنديون‪ ،‬امن ۽ صلح‬
‫سان لنگهنديون آھن‪ ،‬انھن مئلن مريدن جي روحن کي ڪچلندي‪ ،‬جيئرن مريدن جي ساڃھه‪،‬‬
‫سمجهه ۽ عقل کي چيڀاٽيندي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪75‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫بيٺل ڦيرو‬

‫۽ ھينئ ر‪ ،‬جڏھن آزاديَء جو ڏينھن پوين پساھن ۾ آھي‪ ،‬محسوس ڪيان ٿو ته‪ ،‬ھيُء ڏينھن‬
‫مون الِء غير رواجي ڏينھن ھو‪ .‬ٿيندڙ ھر ڏينھن کان نرالو – لڳيم ٿو چوڌاري لڳل جهنڊيون ‪ ،‬ڇنڪار‬
‫۽ سموري وايو منڊل جي تبديلي‪ ،‬ڌاريائپ ۽ ھيڪالئپ جو احساس ڏياريندڙ آھن‪ .‬لڳي ٿو‪،‬‬
‫جهنڊين ۽ ڇنڪار وسيلي‪ ،‬ھن منڊل ۾ جا خاموشي ڀري وئي آھي‪ ،‬سا ڄڻ ته زوريَء ڳتي وئي آھي‪.‬‬
‫۽ قيدين جي منھن تي‪ ،‬جا موڪل سببان مھڪ آھي‪ ،‬ڪيڏي نه کوکلي ۽ خوشيَء کان وانجھيل‬
‫آھي‪ .‬ھڪ قسم جي اداس‪ ،‬اداس خوشي!‬
‫اھو مون کي ائين لڳي ٿو‪ ،‬يا سچ پچ ائين آھي؟‬
‫موڪل ته ھونئن ھر آچر تي به ٿيندي آھي – پر ائين نه محسوس ڪندو آھيان‪ ،‬جيئن اڄ‪ .‬ڀانيان‬
‫ٿو اڄ مون سڄو ڏينھن ڪن اڻ – ڄاتل احساسن ۽ جذبن جي ھيٺ لوچيو آھي‪ .‬ڪھڙا احساس ۽‬
‫جذبا‪ ،‬سمجهي نه سگهيو آھيان‪ .‬مبھم آھن‪ ،‬اڻ‪-‬چٽا‪ .‬يا مون ۾‪ ،‬تنکي سمجهڻ جي مڻيا ڪانه آھي‪.‬‬
‫خير‪ ،‬ڏينھن گذري ويو‪ .‬ھر ڏينھن وانگر‪ .‬پر ھيُء انوکو‪ ،‬آزاديَء ۽ نجات جو ڏينھن‪.‬‬
‫ڏينھن جي ختم ٿيڻ ۾ باقي ڪو وقت ھوندو‪.‬‬
‫اٿان‪ .‬کولين ۾ بند ٿيڻ جو وقت ٿيڻ وارو ھوندو‪ .‬اڳتي رڙھندو وڃان‪ .‬اجهوڪي گھنڊ وڳا‪.‬‬
‫برج‬
‫جيل جون ڊگهيون ڀتيون‪.‬‬
‫کليل چٽو نيرو آسمان‬
‫شام جو ھن مھل جو جيل جون ڊگهيون‪ ،‬ڀتيون ڪيڏو نه اداس ٿيون لڳن‪ .‬ويڳاڻيون‪ .‬لھندڙ سج جا‬
‫سونھري تڙڪا ۽ نماشام جو ھيٌء سمو ھر شيَء کي اٻاڻڪاڻيَء جو گهرو رنگ ڇو ٿو ڀري! ھا‪ ،‬ھينئر‬
‫سمجه ه ۾ آيم ته اڄوڪي آزاديَء جي ڏينھن تي‪ ،‬لوچيل احساسن ۽ امنگن ۾ اداسيَء جو ھڪ‬
‫عنصر به ھو‪ .‬۽ ھيُء نم جو وڻ به‪ ،‬جنھن ھيٺان مان ويٺو آھيان‪ :‬اداس آھي‪ ،‬اٻاڻڪو (يا مون کي لڳي‬
‫ٿو)‪ .‬ھن اٻاڻڪي نم جي وڻ ھيٺان ويھي‪ ،‬مان جيل جي سپريڊنٽ جي ھدايت – نه‪ ،‬ڇاڪاڻ ته جيل‬
‫جو حاڪم ھدايت نه ڏيندو آھي‪ ،‬حڪم ڪندو آھي‪ ،‬ھو جيل جي حاڪم جي حڪم موجب‬
‫آزادي جي جشن جو لطف ماڻي رھيو آھيان‪.‬‬
‫”اڄوڪي ڏينھن تي اسان کي آزادي ملي ھئي‪،‬‬
‫اڄوڪي ڏينھن آزاديَء جھڙي بي بھا نعمت‬
‫جو تحفو ڏيندڙ ڏينھن آھي‪ .‬۽ اسين‬
‫ھڪ باوقار قوم جي حيثيت سان دنيا جي‬
‫نقشي تي اڀريا ھئاسين ‪ . . .‬ھيُء اسان جي‬
‫تاريخ جو عظيم تر ۽ قابل فخر ڏينھن آھي ‪. . . .‬‬
‫جو ھن ئي ڏينھن تي ھيَء ڌرتي‪ ،‬ڌرتيَء جا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪76‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫کيت‪ ،‬ڪارخانا‪ ،‬ملڪيتون‪ ،‬پاڻ کي مليون ھيون‪“.‬‬


‫(۽ مون کي ؟)‬
‫ھون‪ :‬اھو ننڍو جيلر جو‪ ،‬جنھن تاڙين وڄائڻ جو اشارو ڪيو ھو‪.‬‬
‫” اوھين ڄاڻو ٿا ۽ اوھان ھتي انھيَء جو شدت سان احساس محسوس ڪيو به ھوندو ته‪ ،‬آزاديَء‬
‫جھڙي نعمت دنيا ۾ ٻي ڪابه ڪانه آھي‪“.‬‬
‫”سچ‪ “.‬رمضان ڀڻڪيو ھو‪.‬‬
‫(اوڏيَء مھل ننڍي جيلر جون ڪرڙيون اکيون مٿس پيون ھيون‪)“.‬‬
‫”اچو ته ھن تاريخي ڏينھن تي نئين سر عھد ڪيون‪ :‬اسان ھر قيمت تي پنھنجي پياري ۽ جان کان‬
‫وڌيڪ عزيز آزاديَء جو تحفظ ڪنداسين‪“.‬‬
‫تاڙيون‪.‬‬
‫سو اڄ ھن مبارڪ موقعي تي اوھان کي عام موڪل ڏني وئي آھي‪ ،‬جيئن اوھان آزاديَء جو لطف‬
‫ماڻي سگهو‪.‬‬
‫۽ مان ھتي‪ ،‬نم جي وڻ ھيٺان‪ ،‬جيل جي ڊگهين‪ ،‬ويڳاڻين ڀتين جي اوٽ ۾ آزاديَء جي ڏينھن جي‬
‫پڄاڻيَء وارين گهڙين جو لطف ماڻي رھيو آھيان‪.‬‬
‫آسمان صاف آھي‪ .‬نيرو ۽ گهرو‪ .‬سامھون برج تي بيٺل سپاھي ٿڪل پيو ڀانئجي‪ .‬خير‪ ،‬منھنجو ڇا‬
‫وڃيس‪ .‬آسمان جي چٽي‪ ،‬نيري وسعت ھيٺان اڏامندڙ سرڻيون ڪيتري بلندي تي ھونديون؟‬
‫االِء‪ .‬آسمان جي نيراڻ نه رڳو گهري آھي‪ ،‬پر چٽي‪ .‬ھينئر‪ ،‬جيڪر جھڙ ٿي پوي‪ .‬ڪارا ڪڪر‬
‫ڇانئجي وڃن‪ .‬وڏ ڦڙو وسي پوي‪.‬‬
‫نه وڏ ڦڙو نه‪ .‬ھلڪي ھلڪي ڪڻ – ڪڻ‪.‬‬
‫ھلڪي بوندا باريَء سان‪ ،‬ھلڪڙي ٿڌ جو تصور راحت ڏيندڙ آھي ۽ من ۾ عجيب گد گد ڀريل‬
‫خوشي اڀاريندڙ‪ .‬اھڙي جھڙالي مند ۾ جيڪر ٻاھر ھجان ھا ته –‬
‫ٻاھر گهاريل زندگيَء جو ھيٌء سوچ گاڏڙ تصور ھڪ اڻ‪ -‬پوري تسڪين جو احساس ڏياري ٿو! نه‬
‫ھئڻ گهرجي‪ ،‬تعجب آھي! قيد‪ ،‬نيٺ قيد آھي‪ .‬آزادي جو دشمن‪.‬‬
‫”ٻاھر ھجان ھا‪“.‬‬
‫دراصل اھا منھنجي ڀرڀور خواھش نه ھئي‪ .‬پر ھڪ عام رواجي خيال‪ .‬شرط سان‪ :‬ٻاھر ھجان ھا‪ .‬ان‬
‫۾ ڇڪ ڪانه ھئي‪ .‬ڀرڀور تڙپندو آس به نه‪ .‬اھو چٽيَء ريت محسوس ڪيان ٿو‪ .‬بس ھڪ واٽھڙو‬
‫خيال ھو‪ .‬ٻاھر جي زندگيَء جو تصور ڪندي‪ ،‬جيل جي ڊگهين ڀتين سان نظرون ٽڪرائڻ کان پوِء‬
‫لڳي ٿو ھنن ڀتين جي حد تائين زندگيَء جي حد آھي‪ .‬۽ ھن سواِء حدن اندر‪ ،‬جيڪي ھنن پاڻ مقرر‬
‫ڪيون آھن‪ .‬پھرو آھي‪ .‬سوچڻ ڏوھ آھي‪ .‬سواِء ڪنھن سوال جي‪ ،‬جيل جي حاڪم ۽ ان جي نائين‬
‫تائين ۽ سندس ٺاھيل ۽ الڳو ڪيل قائدن مطابق ھلڻ‪ ،‬چرپر ڪرڻ‪ ،‬ھتي جي سٺي ۽ باعزت قيدي‬
‫ھجڻ جي نشاني آھي‪ .‬ھتي پسند نا پسند جو سوال نه ٿو اڀري‪ .‬جيل جي حڪم جو ھر گفتو قانون‬
‫آھي‪ ،‬ھر لفظ ضابطو‪ .‬انھي جو نالو جيل آھي‪ .‬۽ جيل جي ھنن وڏين ڀتين جي پويان ھڪ آزاد دنيا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪77‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫منھنجي سمجهه به ائين چوي ٿي‪ .‬۽ ٻيا به چوندا آھن‪ .‬۽ ھر قيدي‪ ،‬جنھن کي پنھنجي قيد جو ذرو به‬
‫احساس ٿيندو آھي‪ ،‬ائين ئي چوندو آھي‪ .‬پوِء به نه ڄاڻ ڇو‪ ،‬ھنن ڀتين کان ٻاھر جي زندگيَء الِء‬
‫ڀرڀور ڇڪ محسوس ڪيان ٿو!‬
‫البت سمجهان ٿو‪ ،‬آس جي حد تائين‪.‬‬
‫گهر‬
‫ور وڪڙ گهٽيون‬
‫مکيه روڊ‪ :‬موٽرون – بسون – دڪان – رونق‬
‫آفيسون‬
‫ڀٽڪ‬
‫ڀٽڪ‬
‫بوريت‬
‫گهر‬
‫رات‪ :‬ساڳي‪ ،‬صبح‪ :‬ساڳي ‪ ،‬منجهند‪ :‬ساڳي‪ ،‬شام‪ :‬ساڳي‪ ،‬رات‪ :‬ساڳي ‪. . . . .‬‬
‫۽ ھتي‬
‫فيڪٽري‪-‬اڻت‪-‬کولين ۾ بند‪ -‬ننڊ‪-‬جاڳ‪-‬فيڪٽري‪ -‬ماني‪-‬ڪاڪوس‪-‬پيشاب‬
‫ساڳيو‪-‬‬
‫چڪر آھي‪ .‬پھرين ايندڙ ڀوانٽي‪ ،‬ان چڪر ۾‪ .‬دل ٿيندڙ ڪچي‪ ،‬اورٽ‪ .‬پوِء الئيف روٽين‪ .‬سواِء‬
‫ڪنھن سواد جي‪ ،‬احساس جي‪.‬‬
‫چڪر‪ :‬ھڪ ھنڌ ڄميل‪.‬‬
‫ائين ٿي سگهي ٿو‪ :‬ته‪ -‬منھنجي الِء ھن حيثيت ۾‪ ،‬جنھن ۾ آھيان‪ ،‬اھم سوال اھو ناھي ته ڪٿي‬
‫گذاريان ۽ ڪئين؟ ۽ اھڙي چونڊ ڪيان‪ .‬پر زندگي‪ ،‬ڇاڪاڻ ته‪ ،‬ھا‪ ،‬ڇاڪاڻ ته گذارڻي آھي‪ ،‬گذري‬
‫وڃي‪ ،‬جو گذارڻ الِء ملي آھي – ملي آھي! نه – دراصل مڙھي وئي آھي‪ .‬اھو وڌيڪ درست آھي‪ .‬اھو‬
‫ته ظاھر آھي ته منھنجي پڇڻ ۽ راضپي کانسواِء ئي‪-‬‬
‫بھرحال‪ ،‬ھاڻي اٿان‪ ،‬وقت‪ -‬ڪجهه رمضان سان ڪچھري ڪيان ۽ پوِء سمھان‪.‬‬
‫اٿان‪.‬‬
‫آزادي جي ڏينھن جي لڳل جهنڊين ۾ ھينئر اھا رونق ۽ نواڻ نه رھي آھي‪ .‬ڪيتريون جهنڊيون‬
‫نوڙين مان ڇڄي ھيٺ پڌر تي پکڙجي ويون آھن‪ .‬ھوا تي ھيڏانھن ھوڏانھن پيون اڏامن‪ .‬۽ ڏينھن به‬
‫آخري پساھن مھل وڌيڪ اٻاڻڪو ٿي ويو آھي‪ .‬جيتوڻيڪ صبح واري جوڀن جي ھلڪي ھلڪي‬
‫رونق اڃا اٿس‪ ،‬اھا رونق مون الِء ھينئر اڪيالئيَء جي احساس کان وڌيڪ اڀارڻ جو ڪارڻ بنجي‬
‫ٿي‪ .‬۽ ‪ -‬عيد جي ڏينھن به ته اھڙي ئي اڪيالئپ ۽ ڌاريائپ جو چٽو احساس ٿيندو اٿم! جڏھن ھر‬
‫ھنڌ‪ ،‬ھر ڄڻو‪ ،‬ڀرڀور خوشيَء واري ڏڻ ۾ پاڻ وڃائي ڇڏيندو آھيان‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪78‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ھينئر ته مان پاڻ کي عجي ب عجيب لڳي رھيو آھيان‪ .‬جيئن ٿو سانوري شام جو رنگ گهرو ٿيندو‬
‫وڃي‪ ،‬تيئن پنھنجو پاڻ کي ڌاريو لڳي رھيو آھيان‪ .‬ھن ڏينھن وانگر‪ ،‬جيڪو آزادي ۽ نجات جو‬
‫ڏينھن آھي‪ .‬اسان جي آزادي جو ڏينھن‪ .‬يعني منھنجي آزاديَء جو ڏينھن‪ .‬ھاڻي!‬
‫اوھ! ڪھڙا نه سھڻا پکي آھن! ڍنڍ جا پکي آھن‪ .‬گهڻا ‪. . .‬‬
‫ھڪ‪-‬ٻه‪-‬ٽي‪-‬چار‪-‬پنج‪-‬ڇھه‪-‬ست‪-‬اٺ‪-‬نو‪-‬ڏھ‪-‬يارنھه ٺھيو‪.‬‬
‫نيري آسمان جي ڦھليل چٽي نيري وسعت ۾‪ ،‬سندن اڇاڻ ياري ٿي لڳي‪ ،‬۽ سندن قطار‪ .‬وڃي رھيا‬
‫آھن‪ ،‬قيد جي برجن واري اڏول ۽ باوقار لڳندڙ ڀتين جي ھن پار‪ ،‬خوابن جي جڳ ۾‪ ،‬جتي چيو ۽‬
‫سمجهيو وڃي ٿو ته آزادي آھي‪ .‬ھر ڄڻو آزاد آھي‪ ،‬جيل جي ھنن ڀتين کي ڏسندي ڏسندي لڳندو‬
‫آھي ته‪ ،‬جڏھن کان زندگيَء جو وجود ظھور ۾ آيو آھي‪ ،‬ھي ڀت آھي‪.‬‬
‫پکين جي قطار؟ ڏکڻ ڏانھن اڏامي‪ .‬اڙي گهر به – ته پکين جي اھا قطار‪ ،‬اسان جي گهر مٿان لنگهندي‬
‫ھوندي‪-‬‬
‫گهر‬
‫بابا ھيئنر ننڍڙي اڱڻ ۾ کٽ تي چلم مان ڦوڪون ڀريندو ھوندو‪ .‬امان سندس ڀر ۾ ويٺي ھوندي‪،‬‬
‫ڪچھري ڪندا ھوندا‪ ،‬بابا کيس پنھنجي صاحب جون ۽ آفيس جون ڳالھيون ٻڌائيندو ھوندو‪ ،‬۽‬
‫امان وري اوڙي پاڙي جي ڪنھن نوجوان نينگر جي‪ -‬۽ منھنجو به ذڪر‪-‬‬
‫ادي؟ ‪ -‬بابا ۽ امان جي کٽ جي ٿورو پرڀرو وڏاڻ جي منجيَء تي ڦڻوٽو ڏيندي ھوندي‪ ،‬ڪاٺ جي‬
‫ڦڻوٽي ۾ آيل جون آنڱوٺن جي ننھن سان ماريندي ھوندي‪ .‬ھر روز ھن مھل ائين ئي ٿيندو آھي‪ ،‬پوِء‬
‫اٿندي‪ ،‬چانور سوئيندي‪ ،‬رڌيندي‪ .‬کائيندا‪ .‬سمھندا‪ .‬صبح جو اٿندا‪ .‬نيرن‪ ،‬وري منجهند‪ .‬وري شام‬
‫وري ‪. . . .‬‬
‫ساڳيو ڦيرو‪.‬‬
‫سمجهه ۾ نٿو اچي ھن ريت زندھ رھڻ جي معنى ڪھڙي ٿي سگهي ٿي؟‬
‫” جڏھن اهلل تعالى کي پنھنجي وجود جي ظھور جو خيال ٿيو‪ ،‬ته ھيُء جھان‪ ،‬انسان‪ ،‬حيوان‪ ،‬جنات ‪. .‬‬
‫‪ .‬ھڪ اشاري سان خلقيا آھن‪ ،‬ڪنھن ملي جي واتان ٻڌو ھوم يا ‪ . . .‬خير ‪ ،‬ڪيڏي بيوقوفي!! محض‬
‫پنھنجي وجود جي نماَء الِء سڄي خلق کي – اھا ڪھڙي ڏاھپ آھي؟ ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو ھوم‪:‬‬
‫سج جي گولي مان ھڪ ذرڙي جو الڳ ٿيڻ‪ ،‬زمين جو ٺھڻ‪ ،‬اميبا ‪ . . .‬انسان جو بتدريج وڌڻ – ھي‬
‫سڀ ڪجهه ارتقائي حادثو آھي‪ .‬ڪيڏو المناڪ‪.‬‬
‫اٿان‪ .‬ھينئر ته بند ٿيڻ جو ٽائيم اچي ڀريو ھوندو‪ .‬ڪيترو ٿيو ھوندو؟ ڀانيان ٿو ته‪ -‬پر ھتي جيل ۾‬
‫رڙھڻ جو احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي‪ .‬زندگي ڪيڏي سست آھي‪ .‬قيد ۾ وقت جا ماڻ بي معنى آھن‪.‬‬
‫جي احساس آھي ته‪ ،‬وقتي – اڪيالئپ جي انھن گهڙ ين ۾‪ ،‬پنھنجي منھن سوچڻ مھل‪ ،‬پنھنجي‬
‫قيدي ھجڻ‪ ،‬۽ قيدي ھجڻ جي لحاظ کان ڪنھن مبھم انتظار‪ ،‬جو خود سوال بڻيل ھوندو آھي‪ .‬۽‬
‫وري اھو عجيب به ته‪ :‬اھا ڄاڻ ھوندي‪ ،‬ايندڙ ڏينھن‪ ،‬ھر ساڳئي ڏينھن وانگر‪ ،‬ساڳيو ئي ڏينھن آھي‪،‬‬
‫پوِء به ان جو انتظار! جي سپاھي ھي گھنڊ نه وڄائين ته ھوند وقت ھڪ ھنڌ ڇپ وانگر بيٺل لڳي‪:‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪79‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫لڳي؟ پر نه – جيل ۾ وقت ڄميل آھي‪ ،‬سپاھين جا اطالع ڏيندڙ گھنڊن جا اھي آواز‪ ،‬دراصل وقت‬
‫جي ڇپ کي اڳتي ڌڪيندا آھن‪ .‬جائي به‪ ،‬وقت کي ائين ھٿرادو ڌڪڻ ھڪ قسم جي دلچسپ راند‬
‫لڳندي آھي‪ .‬پر ساڳئي ڏينھن‪ ،‬پٺيان ساڳي رات‪ ،‬ساڳي پٺيان ساڳيو ڏينھن‪ ،‬وقت جي انھي ھٿرادو‬
‫ريڙھ جا جاکوڙ کي شاندار شڪست ڏئي ڇڏيندو آھي‪.‬‬
‫ھاڻي اٿڻ گهر جي‪ .‬سچ پچ ھيَء سڪون واري جاِء آھي‪ .‬دل به چويم ٿي ته ويٺو ھجان‪ .‬ائين‬
‫اڪيالئ يَء ۾‪ .‬سوچ جي وھڪري ۾ وھندي‪ ،‬ھڪ قسم جو مخصوص سرور اچي رھيو آھي‪.‬‬
‫پر‪ ،‬ويھي نٿو سگه ان‪ .‬پسند يا چونڊ منھنجي الِء بي معنى لفظ آھي‪ .‬جيتوڻيڪ ڀانيان ٿو ته‪ ،‬اندر ۾‬
‫ھلڪي ھلڪي خواھش سرڪي رھي آھي‪ :‬ھتڙي ويٺو ھجان‪ .‬پر‪،‬‬
‫ھاڻي اٿان‪ ،‬متان رمضان اچي نڪري‪ .‬اچڻ شرط عادت موجب کلي پڇندو؛ ”ڇا ويٺو ڪرين اڪيلو‬
‫ئي اڪيلو‪“.‬‬
‫”بس‪ .‬اھئين‪“.‬‬
‫”اڙي اھئين ڇا؟“‬
‫جائي به عجيب جواب آھي‪” .‬اھئين – اھو ته نٿو ڄاڻان‪ .‬پر سدائين اڪثر سوالن جا جواب‪ ،‬انھي‬
‫لفظ سان ڏيندو آھيان‪ .‬ضرور ھينئر ڳوليندو ھوندو‪ ،‬سندس رويي مان پڌرو آھي ته دوستي رکڻ‬
‫چاھي ٿو‪ ،‬جيل ۾ ساٿي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي‪ ،‬پر مون کي اڪيالئي پسند آھي‪ .‬ٻئي جي‬
‫موجودگيَء ۾ عجيب قسم جي بيچيني ۽ مونجهه محسوس ڪندو آھيان ۽ پريشاني ٿيندي اٿم‪.‬‬
‫وري سندس سوال مٿان سوال‪ ،‬ڪيڏو ڪڪ ڪندا آھن‪ .‬اھو بنھه نه وڻندو اٿم ته مون کان ڪو‬
‫سوال مٿان سوال ڪري‪ ،‬نه ڄاڻ ڇو‪ ،‬انھي کي پنھنجي مٿان حملو سمجهندو آھيان ۽ نه ئي – مان‬
‫ڪنھن کان سوال ڪرڻ چاھيندو آھيان‪ .‬پر مان سندس دل ڀڃڻ نٿو چاھيان‪ .‬ان ڪري سندس‬
‫قرب ڀرئي رويي جي موٽ به مناسب انداز سان ڏيڻي پوي ٿي‪ .‬ڪلھه ٿي چيائين‪.‬‬
‫”مھيني کان پوِء تون آزاد ٿيندين‪“.‬‬
‫مان اڳ ئي‪ ،‬پنھنجو پاڻ مان بيزار ويٺو ھوس‪.‬‬
‫”پوِء ‪“. . .‬‬
‫”ٻاھر تون آزادي ماڻيندين‪“.‬‬
‫”ماڻيندس؟ آزادي‪ .‬ھنن ۽ پھريدارن جي حدن کان پوِء چرڻ‪ ،‬پرڻ آزادي آھي؟“ جواب پائڻ الِء‪ ،‬اڳتي‬
‫سوچڻ جو ارادو اجايو سمجهي‪ ،‬الھي ڇڏيم‪.‬‬
‫”ھون‪ “.‬ھن کي وراڻيم‪.‬‬
‫”ڪمال آھي!“ ھن کي منھنجي ٿڌي ۽ بي پرواھي واري موٽ تي حيرت لڳي‪.‬‬
‫سندس حيرت واري ڪيفيت تي‪ ،‬مان منجهيو ھوس‪ ،‬ششدر وچان‪ ،‬پوِء ھڪدم سوچ جو ڪانٽو‬
‫حياتيَء ۾ ملندڙ مختلف ڪيفيتن تي بيھندو‪ ،‬رڙھندو ويو‪:‬‬
‫جستجو ۽ جاکوڙ‪ :‬اتساھ ۽ جوش وچان‪.‬‬
‫(جا پوِء خفقان لڳندڙ)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪80‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫اميد ۽ آس؛ ويساھ جي روشني ۾ جرڪندڙ‪.‬‬


‫( جا پوِء سوچ جو سراب لڳندڙ)‬
‫نراسائي ۽ نااميدي‪ :‬اداسيَء ۽ غم ۾ ويڙھيل‪.‬‬
‫( جا پوِء اجائي لڳندڙ)‬
‫اڪثر پنھنجي وجود کان اڻ‪ -‬ڄاڻ‪ :‬اھو ته مان آھيان ڪونه‪ .‬جو ڏينھن جي روٽين ۾ گم ٿيل‪.‬‬
‫۽ پوِء انھي وھڪ سان چرندڙ ڪيفيت پٽاندڙ ھستيَء جو ھر رخ بي معنى لڳندڙ‪ .‬بس حياتي گذارڻ‬
‫جو لفظ‪ ،‬ايڏو وزني آھي جو‪-‬‬
‫يا ڪا معنى زندھ رھڻ الِء جواز بنجي سگهي ٿي؟ جي ڪا معنى ڏنل ناھي ته پوِء‪ -‬مون وانگر ھيُء‬
‫به ھتي يا ھتي‬
‫”ڇو! جواب نٿو ڏين‪ “.‬ھن مون کي سجاڳ ڪيو‪.‬‬
‫”ھان! ‪ . . .‬ھون‪“.‬‬
‫ھو کليو ھو‪ ،‬پاٻوھ منجه ان‪ :‬مون ڏانھن معنى خيز نظرن سان نھاريندي‪ ،‬ھن جي کل ۾ منھنجي الِء‬
‫پ يار ھو‪ ،‬ان پيار ۾ سادو ۽ پاڪ خلوص ھو‪ ( .‬۽ رحم جوجذبو به؟) ان پيار ۾ مون پاڻ کي ھيچ ۽ ھن‬
‫کي وڏو محسوس ڪيو‪.‬‬
‫”ڪتاب پڙھي پڙھي‪ ،‬تنھنجو مٿو ڦري ويو آھي‪“.‬‬
‫ھن جي چوڻ جي انداز ۾‪ ،‬مون الِء پيار (ھمدردي؟) ھو ۽ ان انداز ۾ پورو اعتماد پئي بکيو‪ .‬مون کي‬
‫پنھنجي ڦڪائيَء جو احساس پاڻ ٿيو ھو‪.‬‬
‫ھو وري کليو ھو‪ .‬منھنجي جواب تي وڏو ٽھڪ ڏيئي‪ .‬اوھيو کولين ۾ بند ٿيڻ جو گهگهو وڳو آھي‪،‬‬
‫ھاڻي ته اٿان‪-‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪81‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫وقتائتو موت‬

‫‪ . . .‬مري ويو!‬
‫خبر ناھي کيس مرڻ گهربو ھو يا نه‪ .‬بھرحال مري ويو‪ .‬اوچتو‪ ،‬صبح جو مئل ڏٺائونس‪ .‬جيتوڻيڪ اھو‬
‫وھم ۽ گمان ۾ به ڪونه ھو‪ ،‬ته ڪو ائين انھي عمر ۾‪ ،‬اوچتو مري ويندو‪ .‬رات تائين بنھه چاق چڱو‬
‫ڀلو ھو‪ .‬ڪلھه شام‪ ،‬ستين ڌاري‪ ،‬پڻس پڇيس‪:‬‬
‫”ڪراچي انٽرويو ڏيڻ ڪونه وئين؟“‬
‫”ڇو؟“‬
‫”ڀاڙو ڪونه ھو‪“.‬‬
‫”پوِء مون کي ٻڌائين ھا‪ ،‬يا ماڻھين کان گهرين ھا‪“.‬‬
‫چپ‪.‬‬
‫”وات ۾ لڦون اٿئي؟“‬
‫چپ‪.‬‬
‫” باقي کائڻ مھل ٻئي گوڏا ڀڃي اچي وھندين‪ ،‬نواب جو پٽ‪“.‬‬
‫”پيسا گهرندي شرم پئي آيو‪“.‬‬
‫”کائيندي شرم نٿو اچئي‪“.‬‬
‫چپ‪.‬‬
‫پوڙھي جي بڙ‪-‬بڙ سمجهه ۾ نه ايندڙ ‪. . .‬‬
‫چپ‪ .‬جھڙي ڀت‪ .‬بي جان بوتو ‪.‬‬
‫انھي کان اڳ‪:‬‬
‫”رئيس وٽ درخواست کڻي ويو ھئين؟“‬
‫”ھا‪“.‬‬
‫”پوِء ڇا چيو ھئائين؟“‬
‫”چيائين‪ ،‬مان ڪوشش ڪندس‪“.‬‬
‫”ٻيو ڪجهه به نه چيائين؟“‬
‫”نه‪“.‬‬
‫ڪنھن دفعي‪:‬‬
‫”رئيس وٽ ويو ھئين؟“‬
‫”نه بابا‪“.‬‬
‫”ڇو؟“‬
‫” ھن کان اڳ ڪيترا ڀيرا ويو آھيانس‪ ،‬ٽاري ڇڏيو اٿائين‪ .‬مان سمجهان ٿو‪ :‬ڏٽا ٿو ڏئي ‪“. . .‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪82‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”تون سمجهين ٿو ‪ . . .‬نوڪري توکي گهر ويٺي ملندي‪ .‬ڪيڏانھن ويندي ڪونه باقي ‪ . . .‬حرام کائو‪.‬‬
‫چئه ته حرام ھڏين پئجي ويو اٿم‪ .‬ٻيا ڇوڪرا ڄڻ ڪوششون ڪونه پيا ڪن‪ .‬ھن رئيس کي اصل‬
‫ٿالھي ۾ رکي ڏجي‪“.‬‬
‫چپ‪.‬‬
‫اھا سندس خاصيت ھئي گهڻو ڪري چپ‪ .‬گهٽ‪-‬ڳالھائو‪ .‬ڄڻڪه بلڪل نارمل‪ ،‬ٿڌو مزاج‪.‬‬
‫ڪڏھن به ڪاوڙ‪ :‬يا ڪنھن به قسم جي تاثر جا ڀو سندس چھري تي نه اڀريا!‬
‫ماسس چيس‪:‬‬
‫”ابا‪ ،‬ھيترو پڙھيو آھين‪ ،‬تڏھن به نوڪري نٿي ملي؟“‬
‫”بس ماسي‪ ،‬ڇا ڪيان!“‬
‫”ڪھڙو امتحان پاس ڪيو اٿئي؟“‬
‫”ايم‪-‬اي‪“.‬‬
‫”ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ ته ديڳ چڙھي پئي آھي ابا‪ ،‬ڪجهه ڪوشش ڪر‪“.‬‬
‫”ماسي ڪيان ته پيو‪“.‬‬
‫ماڻس چيو‪:‬‬
‫”جن ھن کان اڳ پاس ڪيو‪ ،‬تن کي به نوڪري ملي وئي‪ ،‬جيڪي ھن کان به گهٽ پڙھيل تن کي به‬
‫نوڪريون ملن پيون‪ ،‬باقي ھن جو االِء ڪھڙو ڀاڳ ڦٽل آھي ‪“. . .‬‬
‫” امان‪ ،‬ڪوشش ڪندو آھيان‪ ،‬جيڪا منھنجي وس ۾ آھي‪“.‬‬
‫”پوِء به نٿي ملئي نه‪ ،‬اصل نڀاڳو آھين‪“.‬‬
‫”ھيڏي ٻڌ‪“.‬‬
‫”جيُء‪ ،‬بابا‪“.‬‬
‫”ڪٿي ھئين ھن مھل تائين؟“‬
‫”اتيئي‪“.‬‬
‫”رلڻ پنڻ کان سواِء ٻيو ڪو ڪم نه اٿئي‪“.‬‬
‫چپ‪.‬‬
‫” ٻڌ ڪو وزير ٿو اچي‪ ،‬عام ڪچھري ڪندو‪ .‬تون درخواست کڻي وڃيس‪ ،‬۽ سڄي حقيقت‬
‫ٻڌائينس؛ غريب ڪالرڪ جو پٽ آھين‪ ،‬بابو ھڪ ڪمائڻ وارو آھي‪ ،‬۽ ست ٻار ‪“. . .‬‬
‫”انھي الِء ويو ھوس‪“.‬‬
‫”ڪيڏانھن؟“‬
‫”ڊي سي وٽ‪“.‬‬
‫”ڊي سيَء وٽ ڇو؟“‬
‫”اجازت نامي الِء‪“.‬‬
‫”ته اجازت نامي کان سواِء عام ڪچھري ۾ نٿو وڃي سگهجي؟“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪83‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫”نه‪ ،‬بابا‪“.‬‬
‫”ڊي‪-‬سي ڇا چيئي‪“.‬‬
‫چيائين‪” :‬نوڪري الِء درخواست نٿي پيش ڪري سگهجي‪ .‬اھو عام مسئلو آھي‪“.‬‬
‫پڻس چپ‪.‬‬
‫پاڻ به چپ‪.‬‬
‫ٻاھران آيو‪ .‬رات ڳپل گذري ويل‪ .‬پڻس در کوليندي پڇيس‪” :‬ڪٿي ھئين ھن مھل تائين؟“‬
‫”اتيئي ‪ . . .‬بس دير ٿي وئي ‪“. . .‬‬
‫ماڻس جاڳي‪ .‬پڇيائين‪” :‬ڪير آھي؟“‬
‫”تنھن جو کاٽو پٽ‪ ،‬ڪمائي آيو آھي‪“.‬‬
‫چپ‪.‬‬
‫ماني نه کائيندين! رئيس‪“.‬‬
‫”نه‪ ،‬بابا بک ناھي‪“.‬‬
‫جيتوڻيڪ کيس سخت بک لڳي ھئي!‬
‫”انٽرويو ڏئي آھين؟“‬
‫”ھا بابا‪“.‬‬
‫”پوِء؟“‬
‫”انٽرويو ۾ ڪجهه نه پڇيائون‪ .‬رڳو نالو‪ ،‬پيُء جو نالو ۽ تعليمي لياقتون پڇي ڇڏي ڏنائون‪“.‬‬
‫”پوِء آھي ڪو آسرو؟“‬
‫” االِء بابا ‪ . . .‬پر سڀني پئي چيو ته اپائنٽمينٽ اڳ ۾ ٿي چڪي آھي‪ .‬ھي َء رڳو فارملٽي جي پورائي‬
‫الِء آھي‪“.‬‬
‫”ھون‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪84‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ڪالرڪ جي پھرين تاريخ‬

‫ٽيون ڏينھن‪ ،‬ٽيھين تاريخ‪ :‬جڏھن سندس سڀ کان ننڍي نينگر کيٽو ڪيو‪ ،‬پرچائيندي؛‬
‫ريجھائيندي چيائينس‪” :‬پرھينَء پھرين تاريخ آھي نه‪ ،‬پگهار ملندي ته پوِء توکي رانديڪو وٺي‬
‫ڏيندس‪ ،‬سٺو سٺو رانديڪو ڀان‪ -‬پان ڪندو آھي‪“.‬‬
‫انھيَء تي سندس وچين ڇوڪريَء رڙ ڪئي‪” ،‬بابا مون کي به‪“.‬‬
‫”بابا مونکي گڏيَء وٺي ڏجانِء‪ ،‬جنھن کي پڙو پيل آھي‪“.‬‬
‫”ھا پٽ توکي پڙي واري گڏي وٺي ڏبي‪ ،‬بس!“‬
‫انھيَء کان وڏي ڇوڪري‪ ،‬جيڪا مڊل جي اٺين ڪالس ۾ پڙھندي آھي‪ ،‬ھن مھل تائين چپ بيٺي‬
‫ھئي‪” :‬بابا“ لفظ کي سر وٺائيندي چيو‪” :‬بابا ‪ . . .‬اڳئين مھيني به اوھان جاميٽري باڪس وٺي ڪانه‬
‫ڏني ھئي‪ ،‬مون کي مس ڪيترا ڀيرا ڪالس مان ڪڍي ڇڏيو ‪ . . .‬چيائين ته جيڪڏھن ايندڙ مھيني‬
‫نه آندِء ته پوِء تنھنجو نالو ڪڍيو ويندو‪“.‬‬
‫”ھا بابا‪ ،‬تنھن جي جاميٽري باڪس پھرين تاريخ ضرور وٺي ايندس‪ “.‬وراڻيائين‪.‬‬
‫ڪاليج جي پھرين سال ۾ پڙھندڙ سندس ڇوڪرو‪ ،‬جيڪو بنھه خاموش ويٺو ھو‪ :‬اوچتو کيس‬
‫يونيفارم جو خيال آيو‪ .‬سندس نالو وٺندي چيائين‪” :‬انور ھن مھيني تنھنجو يونيفارم پڪ ٺھرائي‬
‫ڏيندس‪ .‬ڇا ھي؟ خاڪي پينٽ ۽ اڇي قميص نه؟‬
‫”ھا بابا‪“.‬‬
‫”بس ڏاڙھي‪ ،‬تنھنجو يونيفارم ھن مھيني توکي تيار ملندو‪“.‬‬
‫پٽس خاموش رھيو‪ ،‬نظرون جهڪائي آڱرين مان ٺڪاَء ڪڍڻ لڳو‪.‬‬
‫جوڻس چيو‪” :‬ھنن انگريز مئن جو به االِء ڪھڙو ابتو حساب آھي‪ .‬ھڪڙا مھينا ٽيھيان ٻيا‬
‫ايڪٽيھان‪ ،‬تنھن کان ته سنوان سڌا سڀ مھينا ٽيھان ڪري ڇڏين ھا‪“.‬‬
‫”چري اھو حساب سال جي ڏينھن موجب ٺھيل آھي‪ “.‬کلي زال کي سمجهائيندي چيائين‪” :‬انھيَء‬
‫۾ انگريزن جو ڪھڙو ڏوھ‪“.‬‬
‫”پر ايڪٽيھين مھيني ۾ سڪي پگهار وارن جو روح رلي وڃي ٿو‪“.‬‬
‫جوڻس چيو ‪ . . . ” ،‬۽ ھا“‪ ،‬کيس ياد آيو‪” :‬وھاڻن جي ڇوئن جو ڪپڙو به وٺڻو آھي‪ .‬وھاڻن جي حالت‬
‫ڏسين ٿو‪ .‬چادرون به ڦاٽي ويون آھن‪ ،‬حال في الحال انھن کي کڻي ڇڏ‪ ،‬وري ٻئي ڀيري پر ڇئون ته‬
‫ضروري آھن‪ ،‬بافتي جا ٻه ٽي وال ڪري ‪“. . .‬‬
‫”چڱو‪ “.‬جھيڻي آواز ۾ چيائين‪.‬‬
‫ٽيون ڏينھن‪ ،‬اڄ جي پھرين تا ريخ وارو پراميد ۽ آس ڀريو سپنو ڪيڏو نه سندر ھو!‬
‫ويٺو آھي آفيس ۾ پنھنجي ڪرسيَء تي‪ .‬مليل ڪل پگهار‪ :‬مھانگائي االئونس سميت پيسا‬
‫‪ 345-02‬رپيا کيسي ۾ پيل‪ .‬ذھن ۾ پيل فڪر‪ ،‬ڳڻتيون ۽ سوچ جون ڄياٽيون‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪85‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ڏيڻا آھن‪:‬‬
‫‪256-66‬‬ ‫سيڌي وارو (راشن سميت)‬
‫‪02-05‬‬ ‫کير وارو‬
‫‪15-56‬‬ ‫ڌوٻي‬
‫‪15-56‬‬ ‫جاِء جي مسواڙ‬
‫نلڪي واري کي (ھيُء به ھر مھيني‬
‫ڀيڻ جو ‪ ...‬کريو ئي کريو پيو آھي) ‪16-66‬‬
‫‪56-66‬‬ ‫ٻارن جون فيون‬
‫‪56-66‬‬ ‫دوائن جو بل‬
‫‪45-66‬‬ ‫ورتل اوڌر‬
‫‪13-66‬‬ ‫الئيٽ جو بل‬
‫( ۽ ھا! ھودي جو ٽيڪس به ڏيڻو آھي)‪9-66‬‬
‫‪------------‬‬
‫‪545-02‬‬ ‫ٽوٽل‬

‫جوڻس تي جک ٿا اچنس‪” :‬سيڌو گهرائيندي ته اڳ پٺ جاچي ئي ڪونه‪ “.‬وري اوچتو ھڪ معقول‬


‫خيال اچيس ٿو؛ ” مھانگائي آھي‪ ،‬پنجھتر ته اڳوڻا رھيل اٿس‪ .‬باقي سو پنجھتر‪ ،‬جنھن ۾ کنڊ‪ ،‬گيھه‪،‬‬
‫اٽو ‪ . . .‬گاسليٽ لوڻ مرچ‪ ،‬صابڻ ۽ االِء ڇا جو ڇا ‪ . . .‬ڪو گهڻا ڪونه آھن‪.‬‬
‫پگهار‪ 345-02 :‬رپيا ۽ ڏيڻا آھن‪ 545-02 :‬رپيا!‬

‫مٿو چڪرائجي وڃيس ٿو‪ ،‬ڀوانٽي! ڪمزوري محسوس ڪري ٿو ۽ نروس نيس‪ .‬سوچڻ‪ ،‬حساب‬
‫ڪري ڇڏي‪ ،‬ھڪ ڊگهو ساھ کڻي‪ ،‬ڪرسي تي ٽيڪ ڏئي‪ ،‬سگريٽ ڪڍي ٿو ۽ ڪش ھڻي وري‬
‫سوچڻ شروع ڪري ٿو‪.‬‬

‫سيڌي وار ي کي ھن ڀيري رڳو سؤ رپيا ڏيانس‪ ،‬باقي رکايانس‪ ،‬کير واري کي اڌ ڏيان (کير پيئڻ ڇڏي‬
‫ڏيڻ گهر جي ‪ . . .‬اجايو)‪ ،‬ٻين کي به اڌ‪ ،‬اڌ ڏيان باقي مسواڙ ايندڙ مھيني ڪري ڏيان‪ ،‬۽ ورتل قرض به‬
‫گول‪.‬‬

‫‪166-66‬‬ ‫سيڌي وارو (ھڻندو ته جھڳي پر خير)‬


‫‪36-66‬‬ ‫کير وارو‬
‫‪16-66‬‬ ‫نلڪي واري کي‬
‫‪13-66‬‬ ‫بجلي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪86‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫‪9-66‬‬ ‫ھودي ٽيڪس‬


‫‪26-66‬‬ ‫دوائن جو بل (نه ڏيان؟ ويھه ڏيانس ٿو)‬
‫‪56-66‬‬ ‫فيون وغيره‬
‫‪------------‬‬
‫‪232-66‬‬ ‫ٽوٽل‬

‫‪ 345-02‬رپيا‬ ‫ھاڻي؛‬
‫‪ 232-66‬رپيا ڏيڻا‬
‫‪----------‬‬
‫باقي ‪ 113-02‬رپيا‬

‫تن ۾ سڄي مھيني جو خرچ‪ ،‬يونيفارم‪ ،‬انھيَء جي سباڻي‪ ،‬ڀاڄيون ڀتيون‪ ،‬مٿيون خرچ ‪. . .‬‬
‫ڀاڄيون وغيره (جيڪڏھن روزانو ٻن رپئين جي‬

‫‪06-66‬‬ ‫ڀاڄي اچي ته‪) ،‬‬


‫‪15-66‬‬ ‫سگريٽ ماچيس چانھه وغيره‬
‫فيملي پالننگ جون گوريون (آپريشن ڪرائي‬
‫‪3-66‬‬ ‫ڇڏيان پيسا به ملندا ۽ ھن مصيبت کان به)‬
‫‪56-66‬‬ ‫انوَء جو يونيفارم‪ ،‬سباڻي۽ ڪپڙو‬
‫‪15-66‬‬ ‫جاميٽري باڪس‬
‫‪15-66‬‬ ‫روزمره جو مٿيون خرچ‬

‫”ھتي ئي سؤ اٺيتاليھه ٿي ويا!“‬


‫ڪجهه نه سمجهه ۾ ايندڙ‪ ،‬ذھن ڳورو‪ ،‬ڄڻ ته مڻين بار اندر ڳتيل‪.‬‬
‫” ڇئون‪ ،‬ٻارن جا رانديڪا‪ ،‬سندس (جوڻس جي) چمپل به بنھه بيڪار ٿي وئي آھي‪ ،‬نه ٿي ڪڇي‪،‬‬
‫صابرين آھي ‪“. . .‬‬
‫اوچتو ھن مھيني شمشاد جي شادي به آھي‪ .‬ڀاڻيجي آھي‪ ،‬مون تي حق اٿس‪ .‬گهٽ ۾گهٽ جوڙو جوڙو‬
‫ته لھڻي‪ ،‬نياڻي آھي ‪ . . .‬پنجاھين ۾ ٿي ويندو تنھن کان سواِء ھن موقعي تي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻو‬
‫پوندو ‪ . . .‬قرض – ڪنھن کان؟ خدابخش جا اڳئي آھن‪ ،‬ھن مھيني به جڏھن ھن کي نٿو ڏيان ته پوِء‬
‫گهرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي‪ ،‬اڳ به بي عزتي ڪئي اٿائين‪ .‬ستار کان گهري ڏسان‪ ،‬نه ته پوِء ‪. . .‬‬
‫اوچتو ڪنھن ٻوساٽيل‪ ،‬گهٽيل ۽ اونداھين کڏ ۾ ڪريل‪ ،‬گھيريل ۽ ڦاٿل ھجڻ جو شديد احساس‬
‫ٿئي ٿو‪ ” :‬ھيَء به ڪا زندگي آھي! سڄو ڏينھن ڍڳي وانگر وھ‪ ،‬تڏھن به ھي حالت!“ بي خيالي ۾‬
‫سندس کاٻو ھٿ مٿي تي گھمي وڃي ٿو‪ ،‬جنھن تان وار کسي وڃي نالي ماتر بچيا آھن‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪87‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ڪمزوري محسوس ڪري ٿو‪ ،‬ڄڻ سمورو رت ڪنھن چوسي ورتو ھجيس يا ڊگهي بيماري مان اٿيو‬
‫ھجي‪ ” .‬گذري ويندو‪ ،‬جيئن ھن وقت تائين گذريو آھي‪ .‬ھيُء ته مقدر ۾ لکيل آئي‪ “.‬سڀ پنا ڦاڙي‬
‫رديَء جي ٽوڪري ۾ ڦٽا ڪري ٿو‪ .‬ٻئي ٻانھون مٿي ڪري آرس ڀڃي ٿو‪ .‬پوري بدن مان ٺڪاَء‬
‫نڪرنس ٿا‪.‬‬
‫”ھلون‪ “.‬آواز ٻڌي ٿو‪.‬‬
‫”ٽائيم ٿي ويو؟“ جهڪي لھجي ۾ سندس آواز – اٿي ٻاھر نڪري ٿو‪.‬‬
‫” ‪ . . . . .‬ڇئون‪ ،‬ٻارن جا رانديڪا‪ ،‬قرض ڏيندڙن جو ڪينو‪ ،‬منحوس منھن ‪ “ . . .‬ڳڻتيون ھڪ ڀيرو‬
‫وري سندس وجود کي مکين وانگر وڪوڙي وڃن ٿيون‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪88‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫اتساھ جو موت‬

‫(ٽٽل‪ ،‬اڻ پورين ڪھاڻين جي ھڪ ڪھاڻي)‬

‫سياري جي ڊگهي رات‪ .‬رات جا يارنھن‪ .‬اڇو ڪاڳر‪ ،‬ھٿ ۾ قلم‪ ،‬لکڻ الِء ڀرڀور اتساھ‪:‬‬
‫”‪ 1906‬ع واري جنگ لڳل‪ .‬شام جي مھل‪ ،‬سج لٿي کان پوِء‪ ،‬ھلڪي اوندھ بليڪ آئوٽ ڪاراڻ‪.‬‬
‫روشني نه‪ .‬روڊ رستا ٻسا‪ ،‬گهٽيل لڳندڙ‪ ،‬گهٽيَء مان ھڪ ھندو لنگهي ٿو‪ .‬ڏر تي ويٺل ڪتيَء وانگر‬
‫چار‪-‬پنج مسلمان وڪوڙي وڃنس ٿا!“‬
‫پنھنجي بابي ھندستان جي جھازن کي ٽارچ ٿو ڏيکاري‪.‬‬
‫جاسوس آھي‪ ،‬جھنم رسيد ڪيوس‪.‬‬
‫(نه نه‪ ،‬موال جو قسم اھو غلط آھي ‪). . .‬‬
‫اڙي ڀاڻجوت تنھن جو وري موال ڪھڙو؟‬
‫ڪافر! موال جو نالو وٺين ٿو‪ ،‬پنھنجي پليد زبان سان‪.‬‬

‫اوچتو‪ :‬ڊي‪.‬پي‪.‬آر‬
‫اتساھ مروٽيل‪ ،‬ھٿ ۾ قلم‪ ،‬اڇو اڇو ڪاڳر‪.‬‬
‫رات ڳپل گذري ويل‪ .‬لکڻ الِء ڀرڀور اتساھ‪ .‬ٻرندڙ سگريٽن جو دونھون ڦھليل‪ .‬ھٿ ۾ قلم‪ ،‬اڇو ڪاڳر‪:‬‬
‫استاد جمعو مستري صبح جو جڏھن ڪارخاني ڏانھن وڃڻ لڳو ته‪ ،‬معمول جي ابتڙ زال ڏانھن ڏسي‪،‬‬
‫پنھنجي ڳنڀير منھن تي‪ ،‬زوريَء مرڪ مڙھيندي چيائين‪” :‬سڀاڳي‪ ،‬اڄ متان‪ ،‬پنھنجي آخري‬
‫گڏجاڻي ھجي‪“.‬‬
‫”ڇو؟ ڌڻي خير ڪندو‪ ،‬ماريا اھڙي وائي ته نه ڪڍ‪“.‬‬
‫”اڄ اسان جي ھڙتال آھي‪ ،‬شايد گولي ھلي‪“.‬‬
‫سوال ۽ ڳوڙھن ڀنل اکيون! گونگي زبان‪ .‬بت ھڪ ھنڌ بوتو بڻيل‪.‬‬
‫”ڄاڻين ٿي‪ ،‬ھتي الش به نه لڀندا آھن‪“.‬‬
‫اوچتو‪ :‬طبقاتي ڏڦير ھالئڻ‪ ،‬قلم ‪ . . .‬سزا‪. . .‬‬
‫اتساھ مروٽيل‪ ،‬ھٿ ۾ قلم‪ ،‬اڇو ڪاڳر خالي خالي!‬
‫رات‪ .‬چوڌاري سناٽو‪ .‬واچ بيٺل‪ .‬ھٿ ۾ قلم‪ ،‬لکڻ الِء ڀرڀور اتساھ‪ .‬ڪھاڻي‪-‬جيڪا بلوچستان جي‬
‫ھڪ تازي واقعي بابت‪:‬‬
‫”اھا بلوچ عورت‪ ،‬جنھن جي ‪“. . . .‬‬
‫اوچتو‪ :‬ڊي‪.‬پي‪.‬آر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪89‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫اتساھ مروٽيل‪ .‬ھٿ ۾ قلم‪ .‬اڇو ڪاڳر‪ ،‬خالي خالي!‬


‫” اھو پريو مڙس اسان کي‪ ،‬موئن جي دڙي کان موٽندي ڏوڪري اسٽيشن تي‪ ،‬گاڏيَء جو انتظار‬
‫ڪندي‪ ،‬پليٽ فارم تي مليو‪ .‬ترڪي ٽوپي‪ ،‬بادامي زرين جو ڪوٽ‪ .‬ھلڪي اڇي ڏاڙھي‪ ،‬ڪتر‬
‫ڪيل مڇون ۽ ناسون‪ ،‬ناس سان‪ ،‬ناسي ٿيل‪ .‬ھٿ ۾ اڇو رومال‪ ،‬جنھن سان ذري ذري‪ ،‬نڪ ۽ چپ جو‬
‫مٿيون حصو صفا پئي ڪيائين‪.‬‬
‫سنڌ يونيورسٽيَء جا شاگرد آھيو؟‬
‫ھا سائين!‬
‫ڳالھائڻ شروع ڪيائين‪ :‬سنڌ کي نئين سر جيارڻ جي ھلچل ‪ . . .‬ھا‪ ،‬سنڌي ھڪ قوم‪ ،‬سادي‬
‫سٻاجھي‪ ،‬سادگي ۽ سٻاجھائي ڪمزوري بنيل‪ .‬اوھان نئين دور جا نوجوان آھيو‪ .‬ڇا اوھان ڄاڻوٿا‪:‬‬
‫تاريخ جي ھر دور ۾‪ ،‬ڪمزوري يا ھيڻائي وڏو ڏوھ آھي ‪. . .‬‬
‫” اوھان منھنجا ٻچا آھيو‪ .‬اوھان کي ٻڌايان‪ :‬جڏھن ھن ڌرتيَء تي عربن‪ ،‬ايرانين‪ ،‬ارغونن‪ ،‬ترخانن‪،‬‬
‫مغلن‪ ،‬مغلن جي ناجائز پونئيرن ھا‪ :‬حرامي ٻارن ۽ انگريزن ۽ ٻين ڦورن ۽ لٽيرن جا پير اڃا ھن‬
‫ڌرتيَء تي نه پيا تڏھن‪ ،‬ھا‪ ،‬تڏھن ‪. . .‬‬
‫(ھلندڙ فلم ھڪ ھنڌ بيٺل)‬
‫اوچتو‪ :‬سنڌي ڪا قوم ناھي‪ ،‬پاڪستان ۾ ھڪ ئي قوم رھي ٿي‪ ،‬پاڪستاني‪ .‬غداري‪-‬سزا‪.‬‬
‫اتساھ مروٽيل‪ .‬ھٿ ۾ قلم‪ ،‬ھٿ ھڪ بيٺل‪ .‬ذھن خالي‪.‬‬
‫رات جو ھڪ‪ .‬اڇو ڪاڳر‪ ،‬ھٿ ۾ قلم‪ ،‬لکڻ الِء ڀرڀور اتساھ‪.‬‬
‫”ھيُء ان ماُء جي الل جو ذڪر آھي‪ ،‬جيڪو‪ ،‬ٻولي وارن ڪرايل فسادن ۾ گوليَء جو شڪار ٿيو‪ .‬ڳڀرو‬
‫جوان‪ ،‬ھاٺي ڀريل منھن تي ھلڪي مڇن جي ريھه ‪“. . .‬‬
‫سيڪشن ‪. . .‬‬
‫اتساھ مروٽيل‪ .‬ھٿ ۾ قلم‪ ،‬ھڪ ھنڌ بيٺل‪.‬‬
‫”سائين‪ ،‬ھن مان جيڪڏھن‪” ،‬سنڌ“ جو لفظ ڪڍو ته بھتر ‪“.‬‬
‫”؟“‬
‫”مان اوھان جي اڻ‪-‬ڇپيل سوال کي سمجهي ويس‪ .‬دراصل پريس ۽ پبليڪشن آرڊينس ‪ . . .‬اوھان‬
‫پاڻ سمجهي سگهو ٿا‪:‬‬
‫اوچتو سوالن جو سلسلو‪ :‬جرئت جي گهٽتائي؟ پيٽ جو مسئلو؟ آزادي جي مقصد تي ذات کي‬
‫فوقيت؟ خود غرضي؟ منافقي؟‬
‫ليکڪ وٽان‪:‬‬
‫ھنن اڻ‪ -‬پورين ڪھاڻين پٺيان ھڪ ڪھاڻي آھي‪ :‬ھڪ ڀرڀور جذبي‪ ،‬اتساھ جي آتم ڪٿا‪ .‬اھو‬
‫جذبو‪ ،‬اتساھ جيڪو خطري طور پنھنجو اظھار آھي‪ .‬ذات جا پنھنجي اظھار ۽ اوسر الِء آزاديَء‬
‫گهر ي ٿي‪ .‬ذات جو اظھار‪ ،‬وقت جو پڙاڏو‪ .‬وقت جي پڙاڏي کي ڪچلي‪ ،‬دٻائي سگهجي ٿو؟ سگهيو‬
‫ويو آھي؟ ھيَء ھڪ مڃيل سچائيَء آھي ته‪ :‬ذات جو اظھار وڏي قرباني گهري ٿو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪90‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫ھيُء ديس‪ ،‬جنھن جي رھواسين جي خمير ۾ سادگي ۽ سٻاجھائي ڳتيل آھي‪ .‬سچائي‪ ،‬جن جو‬
‫ڱڻ آھي‪ .‬اتي ھا‪ ،‬اتي‪ ،‬ساڻيھه سوديندڙ ۽ وڪاڻل به رھن ٿا‪ .‬جيڪي اوچي ڳاٽ فخر سان غداري‬
‫جو اعتراف ڪن ٿا‪ .‬اھڙا ڍونگي منافق به رھن ٿا‪ ،‬جي ڏاھپ ۽ ڄاڻ جو ڍونگ رچائي‪ ،‬وطن‬
‫وڪڻندڙن سان ساٿياري ئي وقت ۽ موقعي جو ناٽڪي روپ ڌارين ٿا‪ .‬جڏھن سندس بکيا اڊڙن ٿا‪،‬‬
‫ته ھو پنھنجي ڏوھن ۽ منافقيَء وارن ڪرتوتن کي (پنھنجي پر ۾) لڪائڻ واسطي‪ ،‬تاريخ ۽ محب‬
‫وطنيَء تي ھڪ ھٽي قائم ڪري فتوائن جو سھارو وٺن ٿا‪.‬‬
‫تاريخ جي اکين ۾ ھيَء ڌوڙ وجھڻ جي ناڪام جاکوڙ‪ ،‬ھڪ پاڻ‪-‬ٺڳيندڙ مشڪري وارو ناٽڪ آھي‪،‬‬
‫جيڪو ‪. . .‬‬
‫ڇا مان به ڪو سانگ رچايان؟ ڪنھين بھاني‪ ،‬اٽڪل بازي حرفت‪ ،‬پنھنجي ڏوھ جي بار کي جهڪو‬
‫ڪرڻ الِء فتوى جو سھارو وٺان؟‬
‫نه بھتر آھي اعتراف ڪريان‪ :‬پنھنجي سچي جذبي جو اظھار جي سگهه نٿو ساريان‪ ،‬ھن اعتراف‬
‫سان‪ ،‬مون کي ھن حقيقت کي به مڃڻ گهرجي ته‪ ،‬ھيُء منھنجي ذات جو موت آھي ۽ مان آھيان‬
‫ھڪ ٽٽل رو ح‪ .‬چرپر ڪندڙ انسانن ۾ به‪ ،‬مئل انسان زندھ ھوندا آھن‪ .‬زندگي جي مختصر وصف‬
‫ھن ريت به بيان ڪري سگهجي ٿي ته‪ :‬اڳتي اسرندڙ چرپر‪.‬‬
‫ھڪ جيئري انسان جي مئل زندگي ‪ ،‬جيڪو‪ ،‬الئيف جي مڪينيڪل‪ ،‬۽ مڙھيل روٽين ۾ ھڪ‬
‫مشين جي بيجان پرزي وانگر‪ ،‬مقرر ٿيل حدن ۽ ماڻن موجب چرپر ڪري ٿو‪ .‬پر زندھ جيو وانگر‬
‫اڳتي نٿو اسري‪.‬‬
‫ھيُء اتساھ جو موت نه‪ ،‬ذات جي حيات جو موت آھي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪91‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫مئل زندگي‬

‫ڪراچي‪ .‬ڊسمبر جي اداس شام‪ .‬ڇڊا ڇڊا ڪڪر آسمان تي نڪرندڙ‪ ،‬آڳ پڄائيندڙ‪-‬‬
‫خاموش آھين؟‬
‫دراصل سياري ۾ شام جو سمھڻ ڪري سستي اھڙي ته وڪوڙيو وڃي جو ‪. . .‬‬
‫تنھنجي مڊم؟‬
‫حيدرآباد وئي آھي‪.‬‬
‫خاموشي‪.‬‬
‫ڪٿي غلط وقت تي ته نه آيو آھيان؟‬
‫نه نه‪ ،‬اھري ڪا ڳالھه ناھي‪.‬‬
‫ڳالھائين نٿو؟ اڃان ننڊ؟‬
‫تنھنجي سياست جا ڪھڙا حال آھن؟‬
‫پيارا‪ ،‬سياست منھنجي بابي جي ناھي‪ :‬تنھنجي به آھي‪.‬‬
‫ڦڪائپ جو ٽھڪ‪.‬‬
‫خاموشي‪.‬‬
‫تنھنجي سروس جو ڪھڙو حال آھي؟‬
‫مڙئي‪ .‬گاڏو گھلجي پيو‪.‬‬
‫مطمئن آھين؟‬
‫رھڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھيان‪.‬‬
‫منھنجو مطلب آھي‪ :‬تنھن جو ضمير مطمئن آھي؟‬
‫مون کي تون‪ ،‬منھنجي ضمير کان ڌار ته ڪري نٿو سگهين‪.‬‬
‫تنھنجي جي معنى ته تون پاڻ کي بي ضمير بنائڻ ۾ رڌل آھين ‪. . .‬‬
‫مان تنھنجي نتيجي کي رد نٿو ڪيان‪.‬‬
‫ايڏي جرئت واري بي شرمي!‬
‫نه‪ ،‬حقيقت جو اعتراف‪.‬‬
‫خاموشي‪.‬‬
‫ٻيا ڪھڙا حال آھن‪ -‬وقت ڪيئن پيو گذري؟‬
‫تو اھو سوال مون ڏانھن لکيل خط ۾ به ڪيو آھي‪ .‬ڄاڻان ٿو‪ ،‬تون اھو سوال‪ ،‬ھر ملندڙ کان رڳو ھن‬
‫ڪري ڪندو آھين ته‪ :‬جيئن پنھنجي مقصد جي بيان الِء ميدان تيار ڪري سگهين‪.‬‬
‫مطلب؟‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪92‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫مطلب ته‪ :‬جواب ڏيندڙ اڳل و‪ ،‬فطري طور پنھنجن حالتن جي غير يقيني ۽ عدم سالمتي جو رئڻو‬
‫پٽيندو ظلم‪ ،‬بي انصافي ۽ زيادتين جو بيان ڪندو‪ ،‬ڀيانڪ ۽ غير سالمت مستقبل وغيرھ وغيرھ‬
‫پوِء تون مڪينيڪل انداز ۾ الئين فٽ ڪرڻ شروع ڪندين؛ پيارا! اسان جي ملڪ ۾ سماج جون‬
‫اھي ڪڙيون حقيقتون آھن‪ .‬جنھن جو نه احساس رڳو تون‪ ،‬پر ھر مظلم انسان ڪري ٿو‪ .‬پر بنيادي‬
‫سوال آھي ته‪ ،‬اھي ڏاڍايون ۽ بي انصافيون ختم ڪيئن ٿين‪ .‬رڳو رئڻ ۽ شڪايتن سان ڪجهه نه‬
‫ورندو‪ .‬ضرورت ھن ڳالھه جي آھي ته سڀ مظلوم طبقا گڏجي جدوجھد ڪن‪ .‬تحريڪ ھالئين‪،‬‬
‫حال ۽ مستقبل جي سالمتي الِء‪ .‬تحريڪ ھالئڻ الِء تنظيم جي ضرورت آھي‪ ،‬قربانين جي ضرورت‬
‫آھي‪ ،‬ڇاڪاڻ ته ‪. . .‬‬
‫وڏو ٽھڪ‪.‬‬
‫وڏو حرامي آھين‪.‬‬
‫تنھنجي انھي فتوى سان اتفاق نٿو ڪريان‪.‬‬
‫خير‪ ،‬ھلون ٻاھر‪.‬‬
‫ھلون ٿا‪ .‬مان ھٿ‪ -‬منھن ڌوئي وٺان‪.‬‬
‫دير لڳندي؟‬
‫خاص نه‪ .‬تون تيستائين ھتان ڪو ڪتاب کڻي ڏس‪.‬‬
‫منھنجي خط جو جواب؟‬
‫ھن نوٽبڪ ۾ اندر رکيل لفافي ۾‪.‬‬
‫ھي نوٽبڪ پڙھي سگهان ٿو‪.‬‬
‫خوشيَء سان‪ .‬بڪواس لکيل اٿس‪ ،‬پڙھي وقت زيان ڪندين‪.‬‬
‫چئبو ته بڪواس به لکين ٿو‪.‬‬
‫مان خود ھن ڌرتي تي بڪواس آھيان‪.‬‬
‫چڱو‪ ،‬جلدي ڪپڙا مٽائي وٺ‪.‬‬

‫خط‪:‬‬
‫تو مونکي ليڪچر پيارڻ سان گڏ‪ ،‬جيڪو ھدايت نامو ڏنو آھي‪ :‬انھيَء بابت مان ڪجهه چوڻ نٿو‬
‫چاھيان‪.‬‬
‫تو پڇيو آھي‪ :‬وقت ڪيئن پيو گذري؟ سمجهان ٿو تنھن جو ھيُء سوال رسمي ۽ روايتي آھي‪ ،‬پر نه‬
‫ڄاڻ ڇو‪ ،‬مون کي ھيَء غير اھم ۽ رسمي سوال‪ ،‬حياتي جو ڳڀ‪ ،‬لڳندو آھي‪ .‬ڄم ۽ موت جي وچ ۾‬
‫ڀريل ۽ چرپر ڪندڙ وٿي‪ ،‬جنھن کي حياتي جو نالو ڏنو وڃي ٿو‪ ،‬انسان الِء انھي جو گهارڻ ئي بنيادي‬
‫سوال آھي‪ .‬ھن سوال کي‪ ،‬ھر ڄڻو‪ ،‬پنھنجي ئي انداز ۽ روپ ۾ جواب ڏئي ٿو‪ .‬تجربي ۽ حالتن آھر‪،‬‬
‫پنھنجي ان جواب مان ڪير ڪيترو مطمئن ۽ غير مطمئن آھي‪ ،‬يا اطمينان الِء جاکوڙ ڪري ٿو‪.‬‬
‫اھا الڳ ڳالھه آھي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪93‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫بھرحال – منھنجا دوست‪ ،‬گهاريان پيو‪ :‬نوڪري ڪيان ٿو‪ ،‬نه ڪرڻ چاھيندي به‪ :‬جو ھن کان‬
‫وڌيڪ ٻي ڪنھن به صورت ۾ ذليل ٿي نٿو سگهجي‪ ،‬پر پوِء به ھن ذاللت جو بار کڻڻ جي ڀرڀور‬
‫خواھش رکان ٿو‪ ،‬ڇاڪاڻ ته زنده رھڻو اٿم‪ .‬ھٿائين ھميشه ھن کٽڪي ۽ ڊپ جي ذھني عذاب ۾‬
‫ڀوڳيندو آھيان ته‪ :‬ڪٿي ھي ذاللت جو بار ڇڏائجي نه وڃي‪ .‬۽ پوِء ڇا ٿيندو جو ڀيانڪ سوال ‪. . . .‬‬
‫(خط نامڪمل)‬

‫نوٽبڪ ۾‪:‬‬
‫چيائين‪ :‬اداس آھين؟‬
‫چيم‪ :‬ڪا ڳالھه ناھي‪.‬‬
‫چيائين‪ :‬طبيعت خراب اٿئي؟‬
‫چيم‪ :‬زندگي ئي خراب آھي‪.‬‬
‫چيائين‪ :‬مطلب؟ وڦلين پيو يا فالسافي پيو ٿاڦين؟‬
‫چيم‪ :‬نه‪ ،‬تون نه سمجهي سگهندين‪.‬‬
‫چيائين‪ :‬تون سمجهاِء ته مان به سمجهان‪.‬‬
‫چيم‪ :‬ڀٽائيَء چيو آھي ته‪” ،‬اال! ڏاھي م ٿيان‪ ،‬ڏھيون ڏک ڏسن‪“.‬‬
‫چيائين‪ :‬سائين ڀال‪ ،‬اھا ڪھڙي ڏاھپ آھي‪ ،‬جنھن اوھان کي ‪( . . . .‬سندس ٺٺول کي محسوس‬
‫ڪندي‪ ،‬نظرانداز ڪيان ٿو)‬
‫چيم‪ :‬توکي خبر آھي ته؛ سنڌ اڄ تاريخ جي انھيَء دور مان گذري رھي آھي‪ ،‬جنھن ۾ سندس‬
‫مستقبل جو فيصلو ٿيڻو آھي‪ ،‬مان ھڪ سجاڳ‪ ،‬حساس ۽ سلجھيل ذھن آھيان‪ .‬چوڌاري ۽ وک‬
‫وک تي جيڪو ظلم ۽ انياُء‪ ،‬ڪميڻائيون ۽ ذاللتون ٿين ٿيون‪ ،‬ٻين سان يا خود مون سان‪ ،‬تن کي‬
‫محسوس ڪيان ٿو ۽ احساس ھيٺ ڀوڳيان ٿو‪ .‬چاھيان ٿو ۽ ڄاڻان ٿو ته ھيُء سڀ ڪجهه تبديل‬
‫ٿيڻ گهرجي‪ ،‬ختم ٿيڻ گهرجي‪ ،‬ھن حقيقت کان سڄاڻ آھيان ته تبديلي جي ھن جاکوڙ ۾ شامل‬
‫ٿيڻ ۽ ان ۾ پاڻ وڃائي ڇڏڻ‪ ،‬نه رڳو اڄ جي حالتن ۾ منھنجو بنيادي فرض آھي‪ ،‬پر منھنجي ذاتي‬
‫بي اطميناني ۽ ذھني ڇڪتاڻ جو عالج به‪ ،‬ڏوھاري ھجڻ جو اھو تکو احساس آھي‪ ،‬جنھن جا‬
‫ڪاپاري ڌڪ‪ ،‬مون کي ڪڏھن ڪڏھن ساڻو ۽ بي ستو ڪيو ڇڏين‪ ،‬۽ مان ‪. . .‬‬
‫اوچتو احساس ٿئيم ٿو ته‪ ،‬ڪٿي روايتي ليڪچر بازي ته نه ڪري رھيو آھيان‪ .‬چپ ٿي وڃان ٿو!‬
‫خاموشي ٽوڙيندي‪ ،‬سواِء ڪنھن اڳواٽ جي ويچار جي‪ :‬فلم جو پروگرام پيش ڪريان ٿو‪” :‬ھل‪ ،‬ته‬
‫فلم تي ھلون‪“.‬‬
‫چئي نٿو سگهان‪ ،‬ھيَء بناوٽي ۽ وقتي فرار جا طريقا پناھ ڏيڻ ۾ ڪيستائين ساٿ ڏيندا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪94‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫سنڌي شاگردن جو ھڪ وفد آيو‪ .‬ڪتابن تي پيل بندش خالف احتجاجي جلوس ۾ شريڪ ٿيڻ الِء‬
‫نيند ڏيڻ واسطي‪ .‬ڳالھين ڪندي ٻڌايائون ته جلوس ۾ شريڪ ٿيڻ الِء اڪثر ليکڪن ۽ شاعرن‬
‫مختلف عذر پيش ڪندي انڪار ڪري ڇڏيو آھي‪ .‬جن ۾ قومي‪ ،‬عوامي وغيره لقبن سان نوازيل به‬
‫شامل آھن‪ .‬ڪن چيو‪ :‬ھيُء وقت کان اڳي‪ ،‬جوکي وارو ۽ اجايو مارائيندڙ قدم ٿيندو‪ .‬ڪنھن چيو‪،‬‬
‫مان ٻچڙيوال آھيان‪ ،‬جي مون کي ڪجهه ٿيو ته منھنجي ٻچن کي قوم ته ڪانه سنڀاليندي! ڪنھن‬
‫نوڪريَء جي مجبوري ڏيکاري! ڪنھن چيو‪ ،‬بابا اھا سياست آھي‪ ،‬اسان فنڪارن جو ڇا وڃي!‬
‫ڪنھن چيو‪ :‬صبر ڪريو‪ ،‬پنھنجن جي حڪومت آھي گهڻو ڪجهه ٿيندو‪ .‬ڪن ٺلھو ھمدردي جو‬
‫جذبو ڏيکاريندي‪ ،‬پنھنجي شريڪ نه ٿيڻ الِء پنھنجي پر ۾ ڪو وزني عذر پيش ڪندي جلوس کي‬
‫ڪامياب بنائڻ الِء ڍير صالحون ڏنيون! ۽ جڏھن کين اسان ٻڌايو ته فالڻا فالڻا نالي چڙھيا انڪار‬
‫ڪري چڪا آھن ۽ اسان کي جلوس ڪڍڻ کان جهليو اٿن‪ .‬ته ورندي ۾ انھن صاحبن‪ ،‬کين گاريون‬
‫۽ لعنتن جا ڌوڙيا الئي ڏنا ۽ کين ڪانئر‪ ،‬بزدل‪ ،‬وڪاڻل‪ ،‬جي لفظن سان نوازيو‪ .‬خير مان سوچي رھيو‬
‫ھوس ته ڪھڙو عذر پيش ڪريان‪ ،‬نيٺ ڪو به عذر نه سمجهيو‪ ،‬يا اھڙي اخالقي جرئت ساري نه‬
‫سگهيس‪ ،‬شريڪ ٿيڻ جي ھام ڀريم‪ .‬ھمدردي ڏيکاريم ۽ چندو ڏنم‪.‬‬
‫ڄاڻان ٿو‪ :‬مان جلوس ۾ ڪونه ويندس‪ .‬مڃان ٿو‪ ،‬حالتن سان مقابلي جي جرئت ڪانه اٿم‪.‬‬
‫سوچيان ٿو‪ :‬مون جو شاگردن کي چيو ته منھنجيون ھمدرديون اوھان سان آھن‪ ،‬سو ھمدردي جي‬
‫ضرورت جرئتمند شاگردن کي آھي‪ ،‬يا مون کي‪ ،‬پنھنجو پاڻ کي!‬

‫اڄ آفيس ۾‪ ،‬ڪنھن حادثي سبب اوچتو‪ ،‬نوڪري جي غير يقيني ھجڻ جو شديد احساس ٿيو‪،‬‬
‫ھھڙي قسم جي غير يقيني حالتن جي نتيجي ۾‪ ،‬غير سالمتيَء واري اذيتناڪ ڀوڳنا ڏينھون ڏينھن‬
‫وڌندي پئي وڃي‪ .‬سمجه ه ۾ نٿو اچيم ته ھيَء سسسيفس واري زندگي پنھنجو پاڻ تي ڇو مڙھي اٿم‪.‬‬
‫ايتري قدر جو‪ ،‬ھيَء زندگي منھنجي ڪمزوري بنجي وئي آھي؟!‬

‫(ٽيون ڏينھن جي واقعي جنھن ريت مون کي ذليل ڪيو ۽ نيچيڻي جو شديد‪)-‬‬

‫نوٽبڪ ھٿن مان ڦريندي‪،‬ڀڦٽو ڪندي‪ :‬اڙي يار‪ ،‬ڇا پڙھي ڪندين‪ ،‬اٿ ته ھلون‪.‬‬
‫‪Damn it, come on.‬‬
‫ٻاھر‪ .‬رستي تي‪،‬‬
‫ڪامريڊ ڇا پيو سوچين؟‬
‫تنھنجي خط تي ۽ نوٽبڪ ۾ لکيل‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪95‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫بڪواس آھي‪ .‬وقتي طور اڀريل جذبن جو جذباتي اظھار‪ .‬ھن تي سوچي پنھنجي انرجي زيان نه‬
‫ڪر‪.‬‬
‫پر مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سواِء ڪنھن نصب العين جي‪ ،‬نيٺ تنھنجي زندھ رھڻ جو مقصد؟‬
‫پنھنجي جبلي گهرجن جي پورائيَء الِء مٿا‪ -‬ڪٽ ڪرڻ‪.‬‬
‫ته ڇا تون پنھنجي انھيَء زندگيَء مان مطمئن آھين؟‬
‫ڪير به پنھنجي زندگي مان مطمئن نه آھي‪.‬‬
‫اھو‪ Defence mechanism‬آھي‪.‬‬
‫تون ھن کي‪ Defence reaction‬به چئي سگهين ٿو‪ .‬پر ائين ڪرڻ يا ان انداز سان ائين سوچڻ‪،‬‬
‫ضرورت بڻجيو پوي‪.‬‬
‫پر پيارا‪ ،‬جبلي گهر جن کي ته جانور به پورو ڪن پيا‪ .‬تون انسان آھين‪ ،‬ھڪ سلجھيل ۽ ‪. . .‬‬
‫سمجهه ته مان تنھنجي مفھوم وارو انسان نه آھيان‪.‬‬
‫توسان پوِء ڳالھائڻ اجايو آھي‪.‬‬
‫مان ته ڪيترا ڀيرا اڳ به عرض ڪري ‪. . . .‬‬
‫تون وڏو حرامي آھين‪.‬‬
‫مان پڪ سان چئي نٿو سگهان‪.‬‬
‫ھر سنجيدھ ڳالھه کي مذاق ۾ ٽاريو ڇڏين‪ .‬مان سوچي به نٿو سگهان ته تنھنجي ذات‬
‫ايترو‪ Degeneration‬جي اوڙاھ ۾ ‪. . .‬‬
‫خير‪ ،‬تون ڇا به چئين‪ ،‬تنھنجي راِء جي اظھار جو حق مڃيندي‪ ،‬مان توکي ٻڌايان ٿو ته‪ :‬مان‪ ،‬نه‬
‫ٽرمناالجيَء جي لفظن ۾ پنھنجي ذات جي اصليت کي محدود رکڻ چاھيان ٿو‪ ،‬نه ئي لفظن جي حدن‬
‫اندر پنھنجي اصليت کي ڦولھڻ چاھيان ٿو‪.‬‬
‫ٻوليَء جا اھي لفظ‪ ،‬انسان‪ ،‬نيٺ پنھنجي انھن مقصدن الِء ئي ٺاھيا آھن‪ .‬پر مان سمجهان ٿو ته‪:‬‬
‫منھنجو ‪ Degeneration‬وارو ريمارڪ شايد تنھنجي انا کي ڌڪ ٿي لڳو آھي‪.‬‬
‫نه‪ ،‬اھڙي ڪابه ڳالھه ناھي‪.‬‬
‫پوِء اوچتو‪ ،‬ھيُء تنھنجو تکو‪ ،‬ڏمريل ۽ اڳرائيَء وارو لھجو؟‬
‫خاموش‬
‫?‪Wounded pride‬‬
‫نه‪ Degeneration :‬جو احساس‪.‬‬
‫گڏيل ٽھڪ‪.‬‬
‫وڏو حرامي آھين‪ .‬نيٺ تون لنوائين ڇو ٿو؟‬
‫ان کان سواِء ٻيو ڪو چارو ڪونه آھي‪( .‬گهڙي جي ماٺ کان پوِء) ھڪ ئي چڪر ۾ گھمندڙ زندگيَء‬
‫جي بيزاريَء واري ۽ ھڪ رنگي احساس کي مٽائڻ الِء ڪو سانگ ته گهرجي‪.‬‬
‫ته پوِء خط ۽ نوٽبڪ ۾ جو لکيل ‪. . .‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪96‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫بڪواس آھي‪ .‬اچ ته ھن ھوٽل ۾ چانھه پيئون‪.‬‬


‫خاموش آھين؟‬
‫۽ بيزار به‪.‬‬
‫سبب؟‬
‫ڇا اھو ضروري آھي ته‪ :‬ھر ڳالھه کي سبب ڏنو وڃي‪.‬‬
‫پيارا‪ ،‬تون گهڻو وقت پاڻ کي ٺڳي‪ ،‬دوکي ۾ رکي نٿو سگهين‪.‬‬
‫ڪوشش ڪري رھيو آھيان‪ .‬ڇاڪاڻ ته مان سمجهان ٿو‪ ،‬منھنجو ڇوٽڪارو ئي پاڻ کي‬
‫ڪاميابيَء سان ٺڳڻ ۾ آھي ‪. . .‬‬
‫بڪواس بند ڪر‪ .‬ٻڌ‪ :‬تون پاڻ کي گهڻو وقت دوکي ۾ نٿو رکي سگهين‪ .‬تحريڪ کان جدا ٿيڻ کان‬
‫پوِء‪ ،‬تنھنجي الِء ھن وقت بنيادي سوال آھي‪ ،‬پاڻ کي ڪنھن ريت مطمئن ڪرڻ‪ .‬تون پاڻ کي‬
‫مطمئن رکڻ الِء‪ ،‬ٻين ڊوھ ڪندڙ ليکڪن جي ابتڙ‪ ،‬جنھن سوچ جو انداز اختيار ڪيو آھي‪ ،‬انھيَء‬
‫۾ پنھنجي ڏوھي ھجڻ جي اعتراف جو شديد احساس آھي‪ ،‬جڏھن ته ھمراھن ذاتي فائدن کي‪ ،‬قومي‬
‫قائدن سان مالئي‪ ،‬انتھائي بي شرميَء سان ذھني سڪون حاصل ڪيو آھي‪ .‬غداريَء ۾ محب وطنيَء‬
‫جا ڪارڻ ڳوليا آھن‪ .‬پنھنجين بدمعاشين‪ ،‬ڪيمڻائين ۽ ذاللتن ۾ مقصد جي خدمت جا پھلو ڳڻايا‬
‫آھن‪ .‬ڪونئرائپ بزدليَء ۽ موقعي پرستيَء کي موقعي شناسيَء جو ليبل لڳايو آھي‪ ،‬ھو انھيَء ۾‬
‫خوش ۽ مطمئن آھن‪ .‬تو جيڪو انداز اختيار ڪيو آھي‪ ،‬انھيَء سان تون پاڻ کي ڪڏھن به مطمئن‬
‫ڪري نٿو سگهين‪ ،‬ڇاڪاڻ ته ‪. . . . . .‬‬
‫خير‪ ،‬مان آئنده ڪوشش ڪندس ته اھڙن ايماندار جذبن جي اظھار جو شڪار نه ٿيان‪.‬‬
‫اھا خودڪشي ٿيندي‪.‬‬
‫ڄاڻان ٿو‪ ،‬پر چاھيان ٿو‪.‬‬
‫پر تون ائين ڪري نه سگهندين‪.‬‬
‫اھا تنھنجي پنھنجي‪ Optimism‬آھي‪.‬‬
‫تنھنجي موجوده حالتن ۽ ذھني ڪيفيت کي آڏو رکي‪،‬مان توکي ھڪ مختصر ڪم سونپڻ‬
‫چاھيان ٿو‪ ،‬اھو ھيُء ته ڪڏھن ڪڏھن اسان کي مضمون ‪. . . . .‬‬
‫مان اھڙي ڪابه جوابداري نٿو کڻي سگهان‪.‬‬
‫تون ذليل آھين‪.‬‬
‫مئل زندگين تي اھڙن لفظن جو اثر ڪونه ٿيندو آھي‪.‬‬
‫خاموشي‪ ،‬اداس ۽ ڇپندڙ خاموشي‪ .‬اوچتو‪ ،‬ھوٽل ۾ ٿيندڙ گوڙ جو احساس ۽ بيزاري‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪97‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫نوٽبڪ ‪ /‬ڊائريَء منجهان‬

‫‪ . . .‬بي معنى زندگي ‪ . . .‬ھڪ چرئي جو خواب‪ .‬خواب ڏٺو ھوم ته ‪ . . . .‬سڀ ڪجهه بڪواس‪.‬‬
‫بڪواس‪ ،‬بيڪار‪.‬‬

‫‪ . . .‬سمجهه ۾ نٿو اچي ڇا ڪريان؟ منھنجي وس ۾ جو ڪجهه آھي ڪيان ٿو‪ .‬نه چاھيندي به ڪيان‬
‫ٿو‪ .‬انٽرويو‪ .‬وڏيرن وٽ‪ .‬آفيس ۾ جتي انتھائي ذليل ٿيڻو پوي ٿو‪ :‬وڃان ٿو‪ .‬پوِء به ‪. . . .‬‬

‫‪ . . .‬پاڙي ۾ رات ھڪ پوڙھو مري ويو‪ .‬ٻڌندي اوچتو ڀيانڪ خيال آيم‪ .‬بابا مري و ‪. . .‬‬

‫‪ . . .‬وڏي پٽ جي حيثيت سان – گهر جو بار – سڄو جسم ڪانڊارجي ويم ۽ پنھنجو وجود (مناسب‬
‫لفظ ذھن تي نٿا اچن‪ ،‬جيڪي انھيَء گهر ي احساس جو اظھار ڪن) دل چيو‪ :‬جيڪر چريو ٿي‬
‫وڃان‪ .‬چرئي ٿيڻ ۾ زبردست ڇوٽڪارو آھي‪ .‬نجات آھي‪.‬‬
‫ڪاش! چريو ٿي وڃان‪.‬‬
‫سمجهه ۾ نٿو اچي مان زندھ ڇو آھيان‪.‬‬

‫ڊاٺ‪ .‬ليڪا‪ .‬ٻه ننڍا گل ٺھيل‪ .‬۽ ڪنڊائتو لکيل‪:‬‬


‫ڪيڏو نه بيچين‪ ،‬بي سکو آھيان‪ .‬ڪاش! اھا جاِء ملي جتي اوڇنگارون ڏئي روئي سگهان‪.‬‬

‫بابا گهٽ وڌ ڳالھايو‪.‬‬


‫سوچيم‪ :‬اڳي ڪجهه ٿورو چوندو ھو ته ورجائيندو ھومانس ۽ ھاڻ!‬

‫ائين خاموش‪ ،‬چپ‪ ،‬بي حسو ڇو ٿو رھان! چون ٿا نڪ ڪونھيس‪ .‬واقعي ائين آھي؟ مونکي ڪجهه‬
‫ڇو نٿو ٿئي!‬
‫منھنجو اندر‪ ،‬احساس‪ ،‬زندگي جو جوھر‪ ،‬۽ وجود جو احساس ۽ ”مان“ ‪ . . .‬سڀڪجهه مري ويا آھن‪.‬‬
‫مروٽجي ويا آھن‪.‬‬

‫سڄو ڏينھن ھلي ھلي‪ :‬بابا جي لفظن ۾‪ ،‬رلي پني ٿڪجي آيس‪ .‬سوچيم‪ :‬جيڪڏھن اڄ بابا ڪجهه‬
‫چيو ته سامھون ٿيندو مانس‪ .‬پر ھن ڪجهه به نه چيو‪ .‬موڊ ۾ ھو‪ .‬ماني کاڌم‪ .‬سڄو ڏينھن ڪانه کاڌي‬
‫ھيم‪ .‬ڪاوڙ يا تيسي جي ڪري نه‪ .‬سچ پچ بک ڪانه لڳي‪ .‬بک مري وئي آھي‪ .‬پيار ۽ ھمدردي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪98‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫منجهان سمجهايائين ‪ ” :‬پٽ‪ ،‬وڏيرن جي حڪومت آھي‪ ،‬اسان غريبن کي ذليل ٿيڻو ئي پوي ٿو‪ ،‬نا‬
‫اميد نه ٿيُء ‪ “. . .‬دل چيو‪ :‬بابا اھو ھمدردي ۽ پيار وارو ورتاُء ڇڏي‪ ،‬دٻائي‪ ،‬گاريون ڏئي‪ ،‬ٿڪون ھڻي‪،‬‬
‫بجا ڏئي‪ ،‬لتون ‪. . .‬‬

‫وڏيري ‪ . . . . . .‬وٽ درخواست کڻي ويس‪ .‬ھو پيپلز پارٽيَء جو اھم عھديدار آھي‪ ،‬ويٺو رھيس‪ .‬لوسي‬
‫ڪتي وانگر‪ ،‬لوسي بڻيو ‪ . . .‬پاڻ کي ڪيڏو محتاج‪ ،‬ذليل ڪريل ۽ گندي نالي جو ڪيڙو‪ ،‬بي‬
‫غيرت‪ ،‬بکاري محسوس ڪيم‪.‬‬

‫يا خودڪشي ڪرڻ گهر جي يا بغاوت ‪ . . .‬خيال ‪ . . . .‬خيال ھيَء به ڪا زندگيَء آھي! ! !‬

‫ڇا نوڪري ڪرڻ ضروري آھي؟‬


‫نيٺ ڇو؟‬
‫جيئڻ الِء‪.‬‬
‫پر ڌاريل بنجي به جي سگهجي ٿو‪ .‬چور‪ ،‬ٺڳ بنجي به جي سگهجي ٿو‪.‬‬

‫‪........‬‬
‫‪........‬‬

‫گهر ۾ ماتم‪ ،‬روڄ راڙو‪ ،‬پاڙي ۾ افسوس ۽ ڏک‪.‬‬


‫ڪيڏو شريف ۽ پيارو ھو‪.‬‬
‫خاموش نيڪ مطبع سلڇڻو‪.‬‬
‫زندگي ۾ ويچاري ڇا ڏٺو‪ ،‬نوجواني ۾ ئي‪.‬‬
‫ھھڙا سدورا‪ ،‬سٻاجھا وري ڪٿي ڄمن‪.‬‬
‫‪.......‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪99‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫انسان بوِء – انسان بوِء‬

‫انساني وسندي‪ .‬وسندي ڌرتيَء جي ڀاڱي تي آباد‪ .‬انسان رھندڙ‪ .‬عام انسان‪ .‬صدين جي تاريخ جي‬
‫ڪک مان نسريل‪ ،‬اسريل قومي روپ ڌاري‪ ،‬پنھنجي سڃاڻپ کڻي‪ .‬سندن سڃاڻپ‪ ،‬ڌرتي جي ٻين‬
‫ھنڌن تي وسندڙ عام انسانن وانگر‪ ،‬تاريخ‪ ،‬سڀيتا‪ ،‬ٻوليَء ۽ پنھنجي سڀاَء‪ ،‬جي ناتي پنھنجي ڌرتيَء‬
‫ساڻ آھي‪ :‬ڌرتيَء سان الڳاپيل‪ ،‬نه ڇڄندڙ‪ ،‬انڪري ڌرتيِء سان ناتو‪ ،‬ڌرتيَء سان موھ ۽ ان الڳاپي‬
‫سان پنھنجي سڃاڻپ کڻي‪ ،‬ان ڊھندڙ سڃاڻپ کي جيئن جو تيئن رکڻ ۽ اڳتي وڌائڻ الِء ھٿواڙيون‬
‫ڏيندڙ‪ ،‬وسندي جا انسان‪ ،‬جتي ڄاوا نپنا آھن‪ ،‬سندن زندگيَء ۽ حياتيَء جي جيئري وجود جون‬
‫نسون‪ ،‬ڌرتيَء سان ڳنڍيل‪ ،‬جڙيل آھن‪ ،‬جنھن منجهان وسنديَء جا انسان‪ ،‬رھواسي‪ ،‬پنھنجي الڳ‬
‫ٿلڳ سڃاڻپ ۽ موجودگي جا پساھ کڻن ٿا‪ .‬ان ڪري ڌرتيَء سان‪ ،‬پنھنجي ڌرتيَء سان‪ ،‬ٻوليَء سان‬
‫موھ سڀاويڪ‪ ،‬پر ھن وسنديَء ۾ ڌرتي سان موھ‪ ،‬سڃاڻپ جو اتساھ ۽ انجو اظھار ڏوھ بڻيل‪.‬‬
‫ڌرتيَء سان موھ ڏوھ آھي‪ .‬پنھنجي ڌرتيَء جي نالي سڃاڻپ جو اظھار ڏوھ آھي‪ .‬جيڪو موھ ۽ اظھار‬
‫انسان جو گڻ آھي‪ .‬انسان جي وجود جو اھم ڀاڱو‪ .‬سڀاويڪ‪ .‬وسنديَء ۾ جڳن کان وسندڙ انسان‪،‬‬
‫پنھنجي انساني روپ جي اظھار الِء‪ ،‬ڌرتيَء سان موھ جو اتساھ کڻي مٿي اڀرندڙ‪ ،‬ته‪ :‬شڪاري ڪتن‬
‫جي نوس –نوس ؛ انسان بوِء – انسان بوِء ‪ . . . .‬انسانن مٿان مارو‪ .‬جتي انسان نظر ايندڙ‪ ،‬اتي وٺ‬
‫وٺان‪ ،‬شڪاري ڪتا جي انساني وجود ۽ گڻ کي ناس ڪرڻ الِء خاص مھارتي سکيا ورتل‪ ،‬ڏندن ۽‬
‫ننھن سان وچڙي ويندڙ‪ .‬انساني سڀاُء ۽ گهڻ ن واري چرپر ڪندڙ انسانن کي وچڙي ويندڙ‪ ،‬رتوڇاڻ‬
‫ڪري اڌ‪-‬مئو ڪري‪ ،‬يا بنھه ماري ‪. . .‬‬
‫شڪاري ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن‪.‬‬
‫آباد انساني وسنديَء ۾‪ .‬جتي انسان رھن ٿا‪ .‬جيئرا جاڳندا انسان‪ .‬انساني وجود‪ ،‬ھستي ۽ انساني‬
‫سڃاڻپ جي بقا الِء ھٿ پير ھڻندڙ‪.‬‬
‫شڪاري ڪتا‪ :‬انسان ۽ انساني اھڃاڻن ۽ انسانيت جا ويري‪ .‬خاص سکيا ورتل‪ :‬جيئرن جاڳندڙن‪،‬‬
‫چرندڙ پرندڙ انسانن ۽ ا نساني اھڃاڻن ۽ خصلتن کي ناس ڪرڻ الِء‪ ،‬انسان بوِء‪ ،‬انسان بوِء ڪري‬
‫چؤڦير گھمندڙ ڦرندڙ‪ ،‬نوس نوس ڪندڙ جتي انساني بوِء اچين‪ ،‬وسنديَء جي تن انسانن کي وچري‬
‫وڃن ۽ بي رحميَء سان ڇيھون ڇيھون ڪرڻ ۽ انسانيت جي مڙني آثارن ۽ اھڃاڻن کي ناس ڪرڻ‬
‫الِء ھوڙھيائي ڪري ڪرٽ ڪرٽ ڪري کائيندڙ‪.‬‬
‫انسان دشمن شڪاري ڪتن جي‪ ،‬انسان بوِء سگه ڻ جي حس تکي ٿيل‪ ،‬انھن کي خاص سکيا سان‬
‫تکو ڪيو ويو آھي‪ .‬وسنديَء ۾‪ ،‬باڇاھ بڻيو نوس نوس ڪندڙ‪ .‬اکيون ستت ئي چرندڙ پرندڙ انساني‬
‫اھڃاڻن جو اظھار ڪندڙ انسان تي پوندڙ‪ ،‬نوس نوس ڪري سنگھندڙ‪ ،‬پوِء گهوڙيندڙ‪ ،‬پيڇو ڪندڙ‬
‫۽ پوِء مارو‪.‬‬
‫انسان بوِء‪ -‬انسان بوِء‪ ،‬ڪري مارو ڪندڙ‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪100‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫انسان بوِء‪ -‬انسان بوِء ‪ ،‬شڪاري ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن‪.‬‬
‫جتي انسان رھي ٿو‪ .‬انسان جيڪو ازل کان آزاد رھيو آھي‪ .‬پنھنجو خالق پاڻ رھيو آھي‪ .‬پنھنجي‬
‫قدرن ۽ نعمتن جو خالق‪ .‬انھن کي ڊاھيندڙ ۽ ٺاھيندڙ‪ .‬انسان‪ :‬ذھن رکندڙ؛ سوچ مسرت رکندڙ‪،‬‬
‫احساس امنگ رکندڙ‪ .‬جاکوڙ ڪندڙ‪ .‬فطرت کي مات ڪري‪ ،‬پنھنجو وايومنڊل اڏيندڙ‪ .‬انسانيت‬
‫وارو وايومنڊل‪ .‬مڙھيل اصولن‪ ،‬نيمن‪ ،‬قائدن ۽ نظرين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ‪ .‬ناڪاري‪.‬‬
‫ناڪار‪ :‬جا انساني اڏاوت ۽ تخليق جي اوسر جو اھم بڻ رھي آھي ۽خاص انساني خصلت ۽ گڻ‬
‫آھي‪.‬‬
‫ھيَء ويھين صدي جي پڄاڻي آھي‪ .‬ھيَء انساني وسندي ۽ ان ۾ وسندڙ انسان‪ ،‬ان ۾ پساھ کڻندڙ‪.‬‬
‫سنس )‪(Scepsis‬جو دؤر‪ .‬ڪارڻ جي ڦولھا‪ ،‬ناڪار جو دؤر؛ نظرين کان مڙھيل اصولن‪ ،‬قاعدن ۽‬
‫قانونن ۽ ورثي ۾ مليل عقيدن کان‪ .‬انسان جي‪ ،‬انساني سڀاُء پٽاندڙ‪ .‬پر ھن وسنديَء ۾ اھو ڏوھ آھي‪.‬‬
‫انسان بوِء – انسان بوِء‪. . . .‬‬
‫انسان مار شڪاري ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن‪.‬‬
‫جتي به کين انسان نظر اچي ٿو‪ ،‬تنھن مٿان المارو ۽ ناس ڪرڻ الِء جهٽ‪.‬‬

‫انساني وسندي‪ ،‬جتي انسان رھي ٿو‪ .‬انساني سوچ آھي‪.‬‬


‫سنس آھي‪ .‬ناڪار آھي‪ ،‬اڻ‪-‬مڃتا آھي‪ ،‬نئين ڄاڻڻ الِء اتساھ آھي‪ ،‬جاکوڙ آھي‪ .‬مڙھيل نظرين‪،‬‬
‫مڙھيل واٽن‪ ،‬نيمن‪ ،‬قاعدن قانونن ‪ . . .‬کي للڪار آھي‪ ،‬ھوڪار آھي‪ ،‬ٽاڏ آھي‪ ،‬ساڻيھه ۽ انسان جي‬
‫ناتي پنھنجي سڃاڻپ الِء اظھار الِء جاکوڙ آھي‪:‬‬
‫انسان بوِء‪-‬انسان بوِء‪. . .‬‬
‫انسان مار شڪار ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن‪ .‬انسان ۽ انساني گڻن ۽ اھڃاڻن کي ميسارڻ‬
‫الِء‪ ،‬انسانن جي وسندي‪ ،‬جيئرن جاڳندڙن انسانن جي وسندي‪.‬‬
‫انسان بوِء‪ ،‬انسان بوِء ‪. . .‬‬
‫انسان مار شڪاري ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن‪.‬‬
‫انسان مار شڪاري ڪتا‪ :‬انساني رت جا ھيراڪ انساني ذھن‪ ،‬وجود ۽ ھستيَء جا ويري‪ ،‬انسانن‬
‫کي مارڻ الِء خاص سکيا ورتل‪ ،‬تکا‪ ،‬زھريال ڏند انسان جي وجود ۾ چڪ ھڻي چنبڙڻ‪ ،‬رت چوسڻ‬
‫الِء آتا‪ ،‬پياسا‪.‬‬
‫انسان بوِء – انسان بوِء‪.‬‬
‫انساني وسنديَء ۾ ۾ انسان مار شڪاري ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن‪:‬‬
‫انسان بوِء – انسان بوِء ‪. . . . . .‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪101‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫روبوٽ‬

‫ڪجهه گهڙيون اڳ‪ :‬جڏھن گوشت پوشت‪ ،‬رت وھندڙ وھڪ ۽ سائڪيَء وارو انسان ھو‪ ،‬حواس ۽‬
‫احساس ھئس‪ .‬سوچ ۽ لوچ ھيس‪ .‬امنگن ۽ اتساھن جا ڀريل آتما‪ ،‬سوچيندي‪ ،‬محسوس ڪندي ته‪:‬‬
‫ڪٿي‪ ،‬ڪافڪا جي مسٽر ڪي واري ميٽامورفاسس واري حالت ۾ ته نه وڃي رھيو آھي‪ .‬پر سرت‬
‫سنڀاليندي‪ ،‬ان تي ويچاريندي نتيجو ڪڍيائين ته‪ :‬ھيَء‪ ،‬ھا ڪايا پلٽ ڪانه آھي‪ .‬ڇاڪاڻ ته‬
‫مسٽر ڪي‪ ،‬جي ھڪ ڪيڙي )‪ (Insect‬۾ تبديلي‪ ،‬ھڪ ساھ واري جي‪ ،‬ٻئي ساھ وري روپ ۾‬
‫تبديلي ھئي‪ ،‬جنھن جي پٽاڙ ۾ انساني‪ ،‬مسٽر ڪي جي اندروني سونجھه موجود ھئي‪ .‬جسماني روپ‬
‫جي تبديليَء جي باوجود! ۽ سندس ويچار وھڪ جاري ھئي‪ ،‬جو ھن ان تبديليَء کي سمجهيو پئي‪،‬‬
‫ويچاريندي ( بي وسيَء جيان) محسوس ڪندي ڀوڳيو پئي‪ ،‬بي وسيَء جيان –‬
‫۽ انھن چند انساني گهڙ ين جي ويچارو ھڪ وري سرت سونجھه ۽ احساس کان پوِء‪ ،‬ستت ڪايا‬
‫پلٽ‪:‬‬
‫روبوٽ ‪.Robot‬‬
‫پورو ھڏائون پڃرو‪ ،‬رڪ جو ٺھيل‪ :‬تنھن مٿان پالسٽڪ‪ /‬رٻڙ جو ماس چڙھيل‪ ،‬تنتون‪/‬رڳون نيلون‬
‫جون جڙيل‪ .‬دماغ جي ميڄالي مان سوچ جي تخليقي صالحيت‪ ،‬گڻ گم ٿيل‪ ،‬ان جي جاِء تي ڄڻڪ‬
‫ڪمپيوٽرائيزد‪ ،‬سونپيل‪ ،‬ڀريل ۽ سرانجام ڪم ڏيندڙن جو مشيني سرشتو‪ ،‬روٽين جي ڪمن‬
‫ڪرڻ الِء حسابن جي ڪٿ سان‪ .‬انساني فزياالجيڪل فنڪشن‪ ،‬مڪينائيزڊ فنڪشن جي ڪٿ‬
‫ٿيل‪ .‬سواِء انساني گڻن‪ :‬احساسن‪ ،‬امنگن اتساھ‪ ،‬ڪاوڙ‪ ،‬خوشي‪ ،‬جذبن‪ ،‬سرت‪ ،‬انساني موٽ‪-‬جي!‬
‫آڱريون‪ ،‬ٻانھون‪ ،‬ٽنگون‪ ،‬ڪرنگھي جي ھڏي‪ ،‬مشيني پرزن ۾ تبديل ٿيل‪ ،‬مشيني انداز ۾ سونپيل‬
‫ڪم ڪندڙ‪ ،‬وقت ۽ وڇوٽيَء جي ادارڪ۽ سرت کان سواِء مقرر ڪيل‪ ،‬سونپيل نيمن پٽاندڙ‪ ،‬صبح‪،‬‬
‫منجهند‪ ،‬شام ۽ رات جي وجود جي احساس کان سواِء‪ .‬روٽين ۾‪ ،‬روبوٽ کي سونپيل ڪم‪:‬‬
‫صبح‪ :‬ڀاڄي آڻڻ‪ ،‬شيو ڪرڻ‪ ،‬بس ۾ چڙھڻ‪ ،‬آفيس ۾ آڱريون مشيني انداز ۾ ھلڻ‪ ،‬منجهند‪ :‬موٽ‪،‬‬
‫مڪينڪلي ڪپڙا بدالئڻ‪ ،‬کاڌو چٻاڙڻ‪ ،‬شام‪ :‬رڪ جو ٺھيل‪ ،‬آڱريون ٽائيپ جي اکرن تي پوندڙ‪،‬‬
‫ٽڪ‪-‬ٽڪ‪-‬ٽڪ ‪. . .‬‬
‫ٻه مشينون گڏ ھلندڙ‪ .‬ٽائيپ رائيٽر ۽ روبوٽ‪.‬‬
‫صبح الِء بيضا آڻڻ‪ ،‬اکين جا مڻڪا ٽي‪-‬وي ۾ کتل ھر ڏينھن‪ ،‬ھر ڏينھن جھڙو‪ .‬ھر شام جھڙي‪ ،‬وقت‬
‫۽ وڇوٽيَء جي سرت ۽ احساس کان خالي‪ .‬انساني حياتيَء جي وجود ھجڻ کان بي سرتو‪ ،‬اڻ ڄاڻ‪،‬‬
‫چرندڙ‪ ،‬پرندڙ حرڪت ڪندڙ مشيني انسان!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪102‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫گيس چيمبر‬

‫واري تي اڏيل ڀتيون‪ ،‬ڀتين تي ڪريل مقدس مذھبي لفظ ڀتين تي‪ ،‬ڀتين مٿان‪ ،‬ڀتين جي چوڦير‬
‫۽ ڀتين جي اندر مقدس مذھبي نعرا‪ .‬بنھه پوري ريت‪ ،‬چوڪسيَء‪ ،‬چاالڪيَء ۽ ھوشياريَء سان تن‬
‫ڀتين اندر بڻايل گيس چيمبر ۽ مقدس مذھبي نعرن سان واالريل‪ ،‬ڦاسايل‪ ،‬ٻوساٽجندڙ خلق‪.‬‬
‫ھيَء ويھين صدي جي پڄاڻي آھي‪ .‬پڄاڻيَء واري ويل‪ .‬جڏھن انسان گهڻو ڪري وھمن کي مات‬
‫ڪري‪ ،‬ڪائنات ۾ سوڀارو ٿي اڀريو آھي‪ .‬ھر ڏس ۾‪:‬‬
‫اڳ گهڙيل‪ ،‬جوڙيل مفروضا ۽ گهڙيل گس يا رد ڪري چڪو آھي يا ڦيرائي چڪو آھي‪.‬‬
‫پر گيس چيمبر ۾پوريل‪ ،‬جيئري جاڳندي خلق مٿان مڙھيل نظريا‪ ،‬ڏنڊي جي زور‪-‬ارھ زورائيَء سان‬
‫ٿاڦيل گيس‪ ،‬ته ھينَء حياتي گذاريو‪.‬‬
‫‪Regimemtaation‬‬
‫گيس چيمبر‬
‫واري تي اڏيل ڀتيون‪ .‬ڊگه يون ڀتيون‪ ،‬ڀتين تي اڪريل مقدس مذھبي لفظ‪ .‬آڳاٽي ٻوليَء جا‪ .‬عام جي‬
‫سمجه ه کان مٿانھان‪ ،‬چوڦير ڏاڍيان‪ ،‬وڏي واڪ گو گاُء‪ ،‬اچار‪ ،‬ورجاُء تن لفظن جو‪.‬‬
‫۽ عام خلق جو ساھ مٺ ۾‪.‬‬
‫ٻوسٽ ھراس چوڦير پکڙيل‪ .‬ذھن منجهيل‪ ،‬ساھ منجهندڙ‪ ،‬تنتي ڇڪتاڻ‪ ،‬لٿل منھن‪ ،‬بي بقائيَء جي‬
‫اندرين وھڪ‪ .‬وسوسا‪ ،‬ڇا ٿيندو؟ ڇا ٿيندو؟ نيٺ ڪيستائين؟ ڪو جياپي جو واٌء لڳندو؟ حياتيَء‬
‫جي تصور سان‪ ،‬چھبڪن جي زيپٽ جا اولڙا‪ .‬۽ سامھون ٻڌل‪ ،‬اگهاڙا انسان‪.‬‬
‫وڏيون شاھي ڏيک ڏيندڙ ڀتيون جن تي پھرو ڏيندڙ‪ ،‬ورديون پھريل‪ ،‬چوڪس‪ ،‬ڇتا ٿيل پھريدار‪.‬‬
‫جن جو ھنن ڀتين کي سنڀالڻ جو زوريَء ٺيڪو کڻيل‪ .‬ان جائي پائيَء‪ ،‬خارجي ۽ تاريخي سچائيَء‬
‫جي ھوندي به ته‪ :‬ڀتيون واري تي اڏيل‪ ،‬نظرياتي پوڃي سان‪ ،‬مقدس آسماني ڪتاب جي لفظن جو‬
‫اڌار ورتل‪ ،‬۽ انھن لفظن جي ٻاڪار‪ .‬ذري ذري ٻاڪار‪ .‬گيس چيمبر ۾ واڙيل خلق جون متيون‬
‫منجه ائڻ الِء‪ ،‬گيس چيمبر ۾ ڦاٿل انساني وجود رکندڙ‪ ،‬حساس حياتيَء جا پساھ کڻندڙ‪ ،‬وجود جون‬
‫وايون بتال ڪرڻ ‪ ،‬پنھنجي جياپي الِء سڪندڙن جي سڪ کي ناس ڪرڻ الِء ذھني جبر‪.‬‬
‫واڙيل خلق‪ :‬اندر ئي اندر‪ ،‬ھر جيئري انسان وانگر‪ ،‬سوچ فڪر‪ ،‬چرڻ الِء آس کنيل‪.‬‬
‫ھڪ ھنڌ ڳاھٽ ٿيل‪ ،‬پوِء به ھڪٻئي کان ايڏو ڌار‪ ،‬جو ھڪ ٻئي جي سڌ نه‪ ،‬انت جي ڄاڻ نه‪.‬‬
‫ڇتيَء چوڪسيَء جو‪-‬‬
‫المارا ڏيندڙ ڳجھن‪ ،‬نوس نوس ڪندڙ ڪتن جا پاڇوال‪ ،‬ڄڻڪ وجود سان ٻٽ ٿيل‪ ،‬لڳل‪ ،‬جي نه‪.‬‬
‫ته به‪ :‬اھڙو احساس سڀاويڪ‪ .‬جو گيس چيمبر ۾ واڙيل‪ ،‬ڳاھٽ ٿيل‪.‬‬
‫دونھاٽ‪ ،‬ٻوسٽ جي وايو منڊل ۾ چرپر‪ ،‬اندر ۾ آٿٿ جي آس ھيٺ‪:‬‬
‫ڪجهه ٿيو آھي؟‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪103‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫گيس چيمبر جي ٻي ڪنڊ ۾‪.‬‬


‫چپ‪:‬‬
‫گوڙ ٻڌين ٿو!‬
‫ڪجهه ٿي رھيو آھي‪.‬‬
‫ڪنھن شيِء کي ساڙيو اٿن‪.‬‬
‫چپ ڪر‪.‬‬
‫ھراسيل؛‬
‫منھن تي ھراس‪ ،‬سانتيڪا چھرا‪ ،‬پر اندر ۾ اماڙيون‪.‬‬
‫ڪتو آھي‪.‬‬
‫لعنت‪.‬‬
‫بي شمار‬
‫۽ واڙيل خلق جون نور ڀٽاريون اکيون ڏسندڙ‪.‬‬
‫۽ اونڌي منھن ٻڌل انسان‪ ،‬پٺن تي زپڪا چھبڪن جا‪.‬‬
‫گيس چيمبر ۾ گونجندڙ پرڏيھي آڳاٽي ٻوليَء جا مقدس لفظ ۽ پوِء سانت‪ ،‬سانت ۾ منجهندڙ ساھ‪،‬‬
‫ماٺ‪ .‬دجال گھمي ويو‪.‬‬
‫مقدس مذھبي لفظن جو ڏاڍيان‪ ،‬وڏي واڪ ورود‪:‬‬
‫دجال گھمي رھيو آھي‪.‬‬
‫زبانون بند‪ .‬اکيون بند‪ .‬ڪن بند‪ .‬زبانن تي ڪلف لڳل اکين تي پٽيون ڪنن۾ ورجايل شيھو واڙيل‪.‬‬
‫بند ڪيل انسانن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ‪ .‬بي بقائي‪/‬بي يقينيَء جي ڪيفيت‪ ،‬ويساھ گهاتيَء جو ڇتو‬
‫احساس‪ .‬ويساھ گهاتي ٿيل‪ ،‬نظرياتي حفاظت جي نالي ۾ مقدس لفظن جي آڙ ۾‪.‬‬
‫سرٻاٽ‪:‬‬
‫وري ڪجهه ٿيو آھي‪.‬‬
‫نيٺ انسان پوريا ويا آھن‪.‬‬
‫ڇا انسانن کي ائين ڳپل وقت تائين پوري‪ ،‬بند ڪري سگهجي ٿو؟‬
‫ھو گوڙ ٻڌين ٿو؟‬
‫ھيُء ڪانئون ڀيرو آھي؟‬
‫پر ھر ڀيري ناڪام ٿيل‪.‬‬
‫نيٺ ته ھيَء ٻاٽ اوندھ ختم ٿيندي‪.‬‬
‫ھن گيس چيمبر جي‪.‬‬
‫ھا‪ ،‬اکين تي زوريَء چاڙھيل کوپا لھندا‪ ،‬زبانن جا ڪلف ڀڄندا ۽ ڪنن مان شيھو‪.‬‬
‫ھو ٻڌ‪ :‬گوڙ ڪٿي ٿي رھيو آھي!‬
‫ڪجهه ٿيڻ وارو آھي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪104‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫اوس ٿيندو‪.‬‬
‫ڪڏھن به انسان کي ائين‪ ،‬واڙي‪ ،‬ٻوسٽ ۾‪ ،‬ذھني‪ ،‬جسماني‪ ،‬ٻوسٽ ۾ ٻوساٽي نٿو سگهجي‪.‬‬
‫(سانت)‬
‫ھا ٻوساٽي‪ ،‬ٻوساٽي ماري نٿو سگهجي‪ .‬اھو انساني سڀاَء جي ابتڙ آھي‪.‬‬
‫پر بنيادي سوال آھي‪ :‬اسانجو ڇا ٿيندو‪ ،‬جيڪي نڌڻڪا آھيون ۽ ڪنڊ ۾ واڙيل‪ .‬گيس چيمبر جي‬
‫اھڙي ڪنڊ ۾ جتي چري پري به نٿو سگهجي‪.‬‬
‫االھ! ھتي ساھ کڻڻ ڪيڏو ڏکيو آھي!‬
‫ھتان نڪرڻ الِء‪ ،‬جند آجي ڪرڻ الِء ڪا واھ ڳولڻي پوندي‪.‬‬
‫سھي حياتي ماڻڻ الِء‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪105‬‬
‫حويليَء جا راز ‪ :‬ماڻڪ‬

‫سنڌ سالمت‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬

‫سنڌ سالمت جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليَء جي ڊجيٽالئيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع‬


‫ڪرڻ آهي ۽ پڻ دنيا سان گڏ سندس رفتار سان هلڻ جو سانباهو آهي‪ ،‬ڇو ته تاريخ‬
‫هميشه انهن قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي سرمائي جي حفاظت‬
‫ڪئي آهي‪ .‬سنڌ سالمت پڻ پنهنجي ٻوليَء جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليَء ۾ لکيل‬
‫قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نہ رڳو محفوظ رکڻ پر‬
‫پنهنجي اديبن‪ ،‬ليکڪن‪ ،‬محققن ۽ شاعرن جي علم‪ ،‬هنر ۽ تخليقن کي ڊيجيٽالئيز‬
‫ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيَء سان پهچائڻ جو‬
‫عزم ڪيو آهي‪.‬‬
‫اسان جي خواهش ھئي ته سنڌي مواد تي مشتمل هڪ اهڙوڪتاب گھر قائم ڪجي‬
‫جتي هر موضوع تي مشتمل ڪتاب موجود ملن‪ .‬ڪتابن کي ڳولڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ‬
‫آسان هجي ۽ اينڊرائيڊ سميت آئي فون يا ونڊوز آپريٽنگ سسٽم سميت هر قسم جي‬
‫ڊوائيس تي آساني سان آن الئين پڻ پڙهي سگهجي‪.‬‬
‫۽ اهو سڀ ”سنڌ سالمت ڪتاب گھر“ ذريعي ئي ممڪن ٿي سگھيو‪ .‬اميد ته سنڌ‬
‫سالمت ڪتاب گھر ذريعي سموري دنيا ۾ موجود سنڌي نہ صرف ڀرپور الڀ حاصل‬
‫ڪندا پر سنڌ سالمت ڪتاب گھر کي وڌيڪ فائديمند بنائڻ الِء پنهنجو پورو ساٿ‬
‫نڀائيندا‪.‬‬

‫‪books. sindhsalamat. com‬‬

‫سنڌ سالمت ڪتاب گھر جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن پلي اسٽور جي ھن لنڪ تان‬
‫ڊائونلوڊ ڪريو‪:‬‬

‫‪https://play.google.com/store/apps/details?id=com.sindhsalamat.book‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪106‬‬

You might also like