Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 4

‫مطالعي جي کوٽ ۽ جديد دور جون جديد تقاضائون!

‫ڊاڪٽر قاسم سوڍر‬

‫(افيئر ميگزين‪ ،‬سيپٽمبر ‪2023‬ع)‬

‫جڏهن اڃا لکڻ پڙهڻ جي حوالي سان دنيا ايتري ترقي نه ڪئي هئي‪ ،‬تڏهن به دنيا‬
‫۾ تمام وڏا وڏا عالم پيدا ٿيندا رهيا‪ .‬انهن کي عام ٻوليَء ۾ ”ڏاهو“ به چيو ويندو آهي‬
‫(جيتوڻيڪ انهن منجھان کوڙ سارن ڪڏهن به پاڻ کي ڏاهو يا عالم نه سڏايو)‪ ،‬جن وٽ‬
‫جيڪا ڏاهپ هوندي هئي‪ ،‬ان جو بنياد گھڻي ڀاڱي سندن مشاهدن ۽ تجربن تي آڌاريل‬
‫هوندو هو‪ .‬ائين ئي ان ڳالهه کان به شايد ئي ڪو انڪار ڪري ته اها ڏاهپ جيئن ته‬
‫محدود مشاهدن ۽ تجربن تي آڌاريل هوندي هئي‪ ،‬انڪري ان دور جي نسبت ان جي تمام‬
‫گھڻي اهميت ضرور هوندي هئي‪ .‬پر اڄ جي جديد دور جي نسبت سان شايد اها ايتري وسيع‬
‫نه هجي‪ .‬بهرحال‪ ،‬جيئن جيئن دنيا ترقي ڪندي وئي ۽ لکڻ پڙهڻ جو سلسلو شروع ٿيو‪،‬‬
‫جنهن کي اڳتي وڌائڻ ۾ پرنٽنگ مشين تمام اهم ڪردار ڪيو‪ .‬ان حوالي سان يورپ اندر‬
‫شروع ٿيل ”سجاڳيَء واري دور“ کي ڏسجي ته ان وقت مارٽن ڪنگ لوٿر جي سندس همعصر‬
‫دور ۾ جاري ريتن رسمن ۽ توهم پرستيَء کي چئلينج ڪرڻ هجي‪ ،‬جنهن حوالي سان سندس‬
‫وڏو ڪارنامو بائيبل کي مقامي ٻوليَء ۾ ترجمو ڪري‪ ،‬پرنٽنگ مشين جي مدد سان ان‬
‫ترجمي کي ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ويو‪ ،‬تنهن جيڪو اتان جي‬
‫سماج ۾ انقالب وارو ڪم ڪيو‪ ،‬سو به اڄ تاريخ جو حصو آهي‪ .‬ائين ئي سقراط‪ ،‬ارسطو‪،‬‬
‫افالطون کان ويندي هيگل‪ ،‬ڪارل مارڪس سميت دنيا جي ڪيترن ئي فلسفين‪ ،‬عالمن‬
‫۽ سائنسدانن وغيره جي علم کي ڪتابن جي شڪل ۾ جيئن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾‬
‫پهچايو ويو‪ ،‬تنهن يقينن دنيا کي تهذيبي طور سڌرڻ ۽ معاشي‪ ،‬سياسي توڙي سماجي طور اڀرڻ‬
‫۾ تمام گھڻو ڪردار ادا ڪيو‪.‬‬

‫پوريَء دنيا سميت ننڍي کنڊ ۽ پاڪستان اندر ماضيَء ۾ لکڻ پڙهڻ جو تمام گھڻو‬
‫رجحان رهيو آهي‪ ،‬جنهن ۾ نه فقط تعليمي ادارن جو ڪردار هو‪ ،‬پر شايد انهن کان به وڌيڪ‬
‫کاٻي ڌر ۽ ترقي پسند سياسي تنظيمن ان روايت کي پروان چاڙهڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار‬
‫ادا پئي ڪيو‪ .‬اهو ان پڙهڻ ۽ لکڻ جي روايت جو ئي ڪمال هو‪ ،‬جو هن ملڪ اندر کوڙ‬
‫سارا علمي‪ ،‬فڪري‪ ،‬سياسي‪ ،‬سائنسي ۽ سماجي حوالن سان ماڻهو پيدا ٿيا‪ ،‬جن سماج کي‬
‫بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ڪافي ڪردار پئي ادا ڪيو آهي‪ .‬پر افسوس ته گذريل ڪجھ‬
‫عرصي کان اها لکڻ پڙهڻ واري روايت مسلسل زوال پذير ٿيندي نظر اچي پئي‪.‬‬
‫جيئن دنيا جي تقريبن هر ايجاد جا مثبت توڙي منفي پاسا ٿين ٿا‪ ،‬ائين ئي ٽيڪناالجي‬
‫جي وڌڻ جا پڻ تمام گھڻا مثبت فائدا به آهن ته ٻئي طرف کوڙ سارا منفي پهلو پڻ موجود‬
‫آهن‪ ،‬جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي‪ .‬انهن منفي پاسن ۾ جنگ جي اوزارن کان ويندي‬
‫اڄ سماجي ميڊيا جي ذريعن جو منفي استعمال پڻ شامل آهي‪ .‬جيتوڻيڪ مختلف ايجادن‬
‫کي غلط طريقي سان استعمال ڪرڻ به انسان جي ئي هٿ وس آهي‪ .‬جيڪڏهن انسان‬
‫فقط انهن منجھان مثبت فائدا وٺڻ چاهي ته ائين ممڪن آهي‪ .‬جيتريحد تائين جنگ وغيره‬
‫طور ٽيڪناالجي جي استعمال جو سوال آهي ته‪ ،‬ان حوالي سان يقينن سامراجي قوتن جا‬
‫مفاد هجن ٿا‪ ،‬جن جي حاصالت الِء دنيا کي دوزخ بڻائڻ کان به اهي قوتون نٿيون ڪيٻائين‪.‬‬
‫پر سماجي ميڊيا جو استعمال اسان جي هٿ وس آهي‪ ،‬جنهن پٺيان به نيئولبرلزم ۽‬
‫سرمائيداريَء جي آڙ ۾ کوڙ ساريون حرفتون شامل رهن ٿيون‪ ،‬پر تنهن باوجود به جيڪڏهن‬
‫اسين چاهيون ته‪ ،‬سماجي ميڊيا جي منفي استعمال کان بچندي‪ ،‬ان کي مثبت طور استعمال‬
‫ڪري سگھجي ٿو‪.‬‬

‫اهو سماجي ميڊيا جي غلط استعمال جو ئي نتيجو آهي‪ ،‬جو ڪالهه تائين ڪتاب‬
‫پڙهڻ ۽ سياسي ۽ سماجي بحث مباحثن ۾ جيڪو وقت خرچ ڪبو هو‪ ،‬ان ئي وقت جو‬
‫وڏو حصو هاڻي فيس بوڪ‪ ،‬ٽوئيٽر‪ ،‬انسٽاگرام ۽ يوٽيوب وغيره جي استعمال تي خرچ‬
‫ڪيو وڃي ٿو‪ .‬پڙهڻ جو رواج گھٽجڻ وارو معاملو فقط پاڪستان ئي نه پر ٻين ملڪن‬
‫۾ به نظر ايندو رهي ٿو‪ ،‬جيڪو مون کي چين ۾ به ڏسڻ وٽان ملندو رهيو‪ .‬مثلن چين اهو‬
‫ملڪ آهي‪ ،‬جنهن جو شمار دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ ٿئي ٿو‪ ،‬جتي حڪومتي سطح‬
‫تي هر سال سڀ کان وڌيڪ مختلف ٻولين منجھان علم کي چيني ٻوليَء ۾ ترجمو ڪيو‬
‫وڃي ٿو‪ .‬چين جي حڪومت جي اهڙين ڪوششن سبب ئي چيني ٻولي ڏينهون ڏينهن ترقي‬
‫ڪندي رهي ٿي‪ .‬پر ٻئي طرف جهڙيَء طرح چيني ماڻهو موبائل جو استعمال ڪن ٿا‪ ،‬ان‬
‫جو وڏي پئماني تي منفي اثر نظر اچي ٿو‪ .‬مثلن صبح جو آفيس يا تعليمي ادارن ڏانهن‬
‫ويندي‪ ،‬ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد جو ميٽرو ٽرين ۾ ڪم ئي موبائل تي وڊيو رانديون يا‬
‫ٻيَء ڪنهن وندر ۾ لڳل رهي ٿو‪ .‬ائين ئي هوٽلن ۾ ماني کائڻ وقت به شايد ئي ڪا‬
‫ڪچهري وغيره جهڙي صورتحال نظر اچي‪ ،‬نه ته گھڻي ڀاڱي ماني کائڻ دوران به موبائل‬
‫سامهون رکي ان تي فلم وغيره ڏسڻ کي ئي اوليت ڏني وڃي ٿي‪.‬‬

‫مٿي چين جي اهڙي صورتحال بيان ڪرڻ منجھان اهو مقصد هرگز نه ورتو وڃي ته‬
‫ڪو چيني ماڻهو سست ۽ ڪاهل آهن‪ .‬موبائل جو استعمال هو فقط ڪم ڪار کان‬
‫فارغ ٿيڻ بعد ئي ڪن ٿا‪ ،‬پر هتي اهو سڀ بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته‪ ،‬اڄ کان‬
‫ڪجھ ڏهاڪا اڳ تائين‪ ،‬جڏهن موبائل فون جو استعمال ايترو عام نه بڻيو هو‪ ،‬تڏهن‬
‫ماڻهو گاڏين ۽ ٻين عوامي هنڌن تي گھڻي ڀاڱي ڪتاب ئي پڙهندي نظر ايندا هئا‪ .‬ان حد‬
‫تائين جو هاڻي ته ڪتابن جي دڪانن تي به ماڻهو اڳ ۾ جيئن ويهي ڪتاب پڙهندا هئا‪،‬‬
‫سا روايت نه هئڻ برابر نظر اچي ٿي‪ .‬مطلب ته هن ڊجيٽل دور ۾ ڪتابن کان پري ٿيڻ جو‬
‫معاملو فقط سنڌ ۽ پاڪستان ئي نه پر دنيا ۾ مجموعي طور اهڙي ئي صورتحال نظر اچي‬
‫ٿي‪ ،‬جنهن جي سببن ۽ ان جي اثرن تي سوچڻ تمام گھڻو ضروري آهي‪.‬‬

‫منهنجي خيال ۾ ڪتاب پڙهڻ جي رجحان گھٽجڻ پٺيان گھٽ ۾ گھٽ ماڻهن جي‬
‫مصروفيت وڌڻ جو سوال هرگز نه آهي‪ ،‬پر جيئن ته هر دور جي حساب سان دنيا ۾ نيون‬
‫نيون تبديليون اينديون رهن ٿيون‪ ،‬جن ۾ ٽيڪناالجي به شامل آهي‪ ،‬سبب ماڻهن جي اوليتن‬
‫۾ به تبديلي اچي ٿي‪ .‬اهو سڄو معاملو اوليت جو ئي آهي‪ ،‬جو ڪالهه تائين ماڻهو جهڙيَء‬
‫طرح نه فقط پنهنجي فارغ وقت ۾ پر پنهنجي مصروفيت باوجود وقت ڪڍي ڪتاب‬
‫پڙهندا هئا‪ ،‬سو رحجان هاڻي ڪتاب جي بجاِء موبائل ۽ انٽرنيٽ وغيره جي استعمال طرف‬
‫گھڻو ٿيندو پيو وڃي‪ .‬مثلن هاڻي ماڻهو ناشتي جي ٽيبل تي به گھڻي ڀاڱي اخبار پڙهڻ بجاِء‬
‫موبائل استعمال ڪن ٿا‪ .‬ائين ئي آفيس ويندي ۽ اتي به چانهن‪ ،‬ماني جي وقفي دوران به‬
‫سندن ڌيان موبائل ڏانهن ئي رهي ٿو‪ .‬هاڻي ته صورتحال ان حد تائين وڃي پهتي آهي‪ ،‬جو‬
‫ماڻهن وٽ موبائل‪/‬ليپ ٽاپ کان ايتري به فرصت نه بچي آهي‪ ،‬جو هو پنهنجي ڪٽنب ۽‬
‫دوستن کي وقت ڏيئي سگھن‪ ،‬سي ڀال ڪٿي ٿا ڪتابن پڙهڻ ۾ ايترو وقت لڳائين!‬

‫ڪتابن کان پري وڃڻ جو نقصان اهو ٿئي پيو‪ ،‬جو ماڻهو ڄاڻ جي خزانن کان پري‬
‫ٿيندو وڃي ۽ نتيجي طور ماڻهن جي شعوري سطح ان ڏاهپ ۽ ڄاڻ وارن پئمانن تي نه پئي‬
‫پهچي سگھي‪ .‬ساڳيَء طرح ماڻهن جي ڳالهائڻ منجھان به خبر پئي ٿي ته‪ ،‬فيس بوڪ يا‬
‫واٽس ايپ جي ڪنهن پوسٽ‪/‬اسٽيٽس تي مڪمل طور انحصار ڪري‪ ،‬ڪيئن نه غلط‬
‫۽ بلڪل سطحي قسم جي بحث مباحثن کي جنم ڏنو پيو وڃي‪ .‬هاڻي ماڻهو ڪتاب ته‬
‫ڇڏيو‪ ،‬پر چند صفحن تي مشتمل ڪنهن تحقيقي مقالي پڙهڻ جي به زحمت نه ٿا ڪن‪.‬‬
‫افسوس جو مقام اهو آهي ته‪ ،‬ان صورتحال جو شڪار مجموعي طور ماڻهو ته آهي ئي آهي‪،‬‬
‫پر تعليمي ادارن اندر ڪيترن ئي پاڻ کي ”محقق“ ۽ ”عالم“ سڏائيندڙن جو به ڪجھ اهڙو‬
‫ئي حال آهي‪.‬‬

‫ان سڄيَء صورتحال ۾ هڪ ٻي ڳالهه اڄ جي دور جي حساب سان تمام گھڻي اهم‬
‫پڻ آهي ته‪ ،‬هاڻي جيئن ته ڪتاب پڙهڻ جي حوالي سان ايندڙ گھٽتائيَء سبب‪ ،‬ان جو متبادل‬
‫سوچڻ تمام گھڻو ضروري آهي‪ ،‬ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن علمي طور اسان جيڪو بحث‬
‫ڪرڻ يا جيڪو پيغام ماڻهن تائين پهچائڻ چاهيون ٿا‪ ،‬اهو لکڻ جي صورت ۾ نه ته پوِء‬
‫وڊيو وغيره جي صورت ۾ پڻ ماڻهن تائين پهچائي سگھجي ٿو‪ .‬مثال طور‪ ،‬ڪافي عرصو اڳ‬
‫کان الهور جي مشهور يونيورسٽي‪ ،‬الهور يونيورسٽي آف مينيجمنيٽ سائنسز (لمس) جو‬
‫پروفيسر ڊاڪٽر تيمور رحمان‪ ،‬جيڪو نظرياتي طور کاٻي ڌر جي نه فقط خيالن کان متاثر‬
‫آهي‪ ،‬پر گڏوگڏ هو عملي طور به سياسي ميدان ۾ رهي ٿو‪ ،‬تنهن طرفان مختصر وڊيوز ۾‬
‫مارڪسزم‪ ،‬فيمنزم ۽ لبرلزم کان ويندي ملڪي سياست ۽ معيشت بابت ڪيتريون ئي‬
‫وڊيوز ٺاهي‪ ،‬يوٽيوب تي رکيون وينديون رهيون‪ .‬ائين ئي هاڻي ته سيد مزمل احمد ۽ منصور‬
‫علي خان سميت ٻين کوڙ سارن صحافين پنهنجا يوٽيوب چينل ۽ پوڊڪاسٽ شروع ڪيا‬
‫آهن‪ ،‬جن جا کوڙ سارا فائدا ٿين ٿا‪ .‬هڪ طرف يوٽيوب وغيره جي انهن پروگرامن ذريعي‬
‫پنهنجو موقف کليل طور رکي سگھجي ٿو‪ ،‬جيڪو ڪنهن الڪٽرانڪ ميڊيا جي چينل‬
‫تي پيمرا جي پاليسن تحت ائين آزاديَء سان رکڻ ممڪن نه آهي‪ .‬ٻئي طرف ماڻهن جو‬
‫جيڪو تمام وڏو تعداد پڙهڻ کان پري آهي‪ ،‬تنهن تائين وڊيو ذريعي رسائي پڻ ممڪن‬
‫بڻجي ٿي‪.‬‬

‫ان سڄي صورتحال کي سامهون رکندي‪ ،‬منهنجي خيال ۾ حڪومتي سطح تي علم‬
‫جي خزانن کي ڊجيٽالئيز ڪرڻ ذريعي محفوظ ڪرڻ گھرجي ته جيڪڏهن اسان جو‬
‫اڄوڪو نوجوان يا ايندڙ نسل ڪتاب هارڊ ڪاپي ۾ پڙهڻ نٿو چاهي ته گھٽ ۾ گھٽ‬
‫سافٽ ڪاپي ۾ ئي هو ڪتاب سان پنهنجو رشتو جوڙيو رکي‪ .‬ائين ئي سياسي پارٽين‪ ،‬خاص‬
‫طور کاٻي ۽ قومپرست ڌرين کي به گھرجي ته اسٽڊي سرڪل جي شڪل ۾ پراڻين روايتن‬
‫کي اڄ جي ڊجيٽل دور کي سامهون رکندي‪ ،‬ٻيهر اپنائڻ گھرجي ته جيئن اسان جو نوجوان‬
‫نسل بجاِء ڪنهن ”شارٽ ڪٽ“ طرف وڃڻ جي‪ ،‬ڪتاب سان رشتو قائم رکندي‪ ،‬علم‬
‫جي خزانن کان پري نه وڃي سگھي‪ .‬ساڳيَء طرح اڄ جي دور جي مناسبت سان اسان کي‬
‫وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جي حوالي سان پوڊڪاسٽ وغيره ذريعي مختلف بحث مباحثن ڇيڙڻ‬
‫سميت تنقيدي‪ ،‬تعميري ۽ اصالحي سوچ کي پروان چاڙهڻ الِء پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا‬
‫ڪرڻ گھرجي‪.‬‬

You might also like