Dark - Night

You might also like

Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 2

‫•‬ ‫اونداهي‬

‫رات‬
‫شام ٿيڻ تي هئي پر آصف اڃان تائين پنهنجي گهر نه پهتو هيو!‬
‫آصف جي عمر اٺ سال هئي‪ .‬سندس ما ُء پي ُء گهڻا پريشان ٿي ويا‬
‫هئس انهن گهڻو ئي ڳولهيو پر پٽ نه ملين ۽ هوڏانهن وري آصف‬
‫جهنگ ۾ پنهنجن دوستن کي چئي رهيو هيو ”منهنجا پي ُء ما ُء مون‬
‫کي چوندا هيا ته هن جنگل ۾ نه وڃ پر وري به مان توهان جي‬
‫چوڻ تي هتي آيم منهنجو مٿو خراب هيو! هاڻي اسان هن جنگل ۾ گم‬
‫ٿي ويا آهيان رستو ئي نٿو ملي‪ “.‬آصف جي ڳاله ٻڌي ياسر چيو ته ”‬
‫منهنجو ڏاڏو ڳاله ڪندو آهي ته هن جنگل ۾ هڪ قاتل شخص‬
‫رهي جيڪو بارن کي ماريندو آهي‪ “.‬ڪاوڙ ۾ حامد چيو ته ”اهو‬
‫سڀ عامر جي ڪري ٿيو آهي اهو ئي اسان کي هتي وٺي ايو آهي ۽‬
‫هاڻي رستو ياد نٿس! سڀن جون ڳالهيون ٻڌي عامر چيو ته ”دوستو‬
‫مان پنهنجي غلطي کي مڃان ٿو‪ .‬پر هاڻي وڙهڻ سان ڪجه نه‬
‫پوء‬
‫ٿيندو هلو ته هلي ڪو رستو ٿا ڍونڍيون‪ “.‬ڪجه ڪالڪن کان ِ‬
‫رات ٿي وئي چنڊ نڪتو ۽ گدڙ پنهنجي خوفناڪ آواز سان ” ائو ُء‬
‫ائو ُء “ ڪرڻ لڳا! سڀ دوست پهريان کان وڌيڪ ڊڄڻ لڳا‪ .‬چنڊ‬
‫جي روشني ۾ هڪ ماڻهو ايندي نظر آيو جيڪو جيڪو ڊگو هيو ۽‬
‫سندس ڏاڙهي به وڏي هيس ۽ اڌ منهن ڍڪيل هيس‪ .‬جنهن کي ڏسي‬
‫سڀئي دوست ڀڄڻ لڳا اوچتو ئي ان اجنبي َء ٻارن کي چيو ته” ٻارو‬
‫ڊڄو نه آ ُء توهان کي ڪو نقصان به نه پهچائيندس‪ “ .‬اهو ٻڌي سڀني‬
‫پوء آصف ان اجنبي کي چيو ته ” ادا اسان‬ ‫دوستن سکه جو ساه کنيو ِ‬
‫رستو ڀلجي ويا آهيون مهرباني ڪري اسان کي صحي رستو‬
‫ڏيکاريو ته جيئن اسان پنهنجي گهر پهچي سگهون‪ “.‬اهو آآان‬
‫شخص وراڻيو ” ٻارو مان توهان کي هڪ ڳاله ٿو ٻڌايان ڪجه‬
‫مهينا اڳ هتي ڪجه دوست آيا هيا جيڪي تقريبن توهان جيترا هيا‬
‫۽ پنهنجو رستو ڀلجي ويا هئا ٽ رات جي ڪنهن انڌيري ۾ ڪنهن‬
‫وڏي ڏاڙهي واري شخص انهن کي ماري ڇڏيو! اهو شخص ڪير‬
‫هيو هيو؟ ۽ ان جي شڪل ڪيئن هئي ان ڳاله جي خبر اڄ تائين‬
‫پوليس کي به ناهي پئي‪ “.‬ان تي آصف چيو ته ” چاچا جيڪڏهن ان‬
‫پوء توهان کي ڪهڙي خبر ؟ “‬ ‫جي خبر پوليس کي به ناهي پئي ته ِ‬
‫!ڇو ته اهو مان آهيان‬

You might also like