Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 99

‫ دادا سنڌي‬: ‫سنڌيڪا سنڌي گرامر‬

www.sindhsalamat.com 1 www.sindhica.net
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫سنڌيڪا سنڌي گرامر‬

‫دادا سنڌي‬

‫ڊجيٽل ايڊيشن‬
‫‪0202‬ع‬
‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪2‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫سڀ حق ۽ واسطا محفوظ‬

‫پهريون ڇاپو‪0202 :‬ع‬


‫ڪتاب جو نالو ‪ :‬سنڌيڪا سنڌي گرامر‬
‫دادا سنڌي‬ ‫ليکڪ‪:‬‬
‫آزاد ڪميونيڪيشنز‪ ،‬ڪراچي‬ ‫ڇپيندڙ‪:‬‬
‫سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي‬ ‫ڇپائيندڙ ‪:‬‬

‫=‪ 50/‬رپيا‬ ‫قيمت ‪:‬‬

‫ڊجيٽل ايڊيشن‪ :‬سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬


‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫”‪“SINDHICA SINDHI GRAMMAR‬‬
‫‪By: Dada Sindhi‬‬
‫‪Published by: Sindhica Academy,‬‬
‫‪B-24, National Auto Plaza, Marston Road,‬‬
‫‪Karachi-74400 Phone:021-32737290‬‬
‫‪www.sindhica.net‬‬
‫‪Email:sindhica_academy@yahoo.com‬‬

‫اسٽاڪسٽ‬
‫سنڌيڪا بوڪ شاپ‪ 91 ،‬بلديه پالزه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون‪،071-5628368 :‬‬
‫سنڌيڪا بوڪ شاب‪ ،‬جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون‪– 69699511031 :‬‬
‫سنڌيڪا بوڪ شاپ‪ ،‬روم نمبر‪ ،9‬مهراڻ هوٽل‪ ،‬اسٽيشن روڊ‪ ،‬الڙڪاڻوفون‪03468960942 :‬‬
‫العماد بوڪ سيلرز‪ ،‬اردو بازار‪ ،‬ڪراچي فون‪0300-343115 ، 6292291529 :‬‬
‫ڪتاب مرڪز فريئر روڊ‪ ،‬عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ‪ ،‬سکر‪ -‬ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي‪-‬‬
‫سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ‪ ،‬تلڪ چاڙهي حيدرآباد‪ -‬شاهه لطيف بوڪ شاپ‪ ،‬ڀٽ شاهه‪ -‬عثمانيه الئبريري‪،‬‬
‫چنيهاڻي ڪنڊيارو‪ ،‬قاسميه الئبريري ڪنڊيارو ‪ -‬نيشنل بوڪ اسٽور‪ ،‬نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ‪ ،‬رابيل‬
‫ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ‪ ،‬رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ الڙڪاڻو‪ -‬رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ‬
‫بدين‪-‬جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ دادو‪-‬حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ‪ ،‬خيرپور ميرس ‪-‬‬
‫سعيد بوڪ اسٽور‪ ،‬گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور‪ -‬المهراڻ ڪتاب گهر‪ ،‬زاهد بوڪ ڊپو‪ ،‬سانگهڙ‪ -‬سيد‬
‫ماس ميگا اسٽور‪ ،‬جيڪب آباد‪ -‬سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور‪ ،‬ڪنڌڪوٽ‪ -‬ميمڻ بوڪ اسٽور‪ ،‬شاهي بازار‬
‫نوشهروفيروز‪ -‬ڪنول ڪتاب گهر‪ ،‬مورو‪ -‬حافظ اينڊ ڪمپني‪ ،‬لياقت مارڪيٽ‪ ،‬نواب شاهه‪ -‬ٿر ڪتاب گهر‪،‬‬
‫عمر ڪوٽ‪ -‬ديدار بوڪ ڊپو‪ ،‬ٽنڊوالهيار‪ -‬رفعت بوڪ هائوس‪ ،‬ماتلي‪ -‬مرچو الل پريمي‪ ،‬بدين‪ -‬مڪتبه‬
‫يوسفيه‪ ،‬ميرپورخاص‪ .‬فون‪ ،0300-3319565 .‬عطار ڪتاب گهر‪ ،‬بدين‪ ،‬جنيد بوڪ اسٽور‪ ،‬دادو‪ ،‬مهراڻ‬
‫ڪتاب گهر‪ ،‬عمر ڪوٽ‪ ،‬حافظ ڪتاب گهر‪ ،‬کپرو‪ ،‬سنڌ ڪتاب گهر‪ ،‬مورو‪،‬‬
‫لکپڙهه ۽ وي پيَء ذريعي گهرائڻ الِء‬
‫سنڌيڪا اڪيڊمي‬
‫‪ ،B-24‬نيشنل آٽو پالزه مارسٽن روڊ‬
‫ڪراچي‪74400‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪3‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫سنڌسالمت پاران ‪:‬‬

‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق دادا‬


‫سنڌيَء جو لکيل ڪتاب ”سنڌيڪا سنڌي گرامر“ اوھان اڳيان آڻي‬
‫رھيا آھيون‪.‬‬
‫گرامر‪ ،‬ڪنهن بہ ٻوليَء جي لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالھائڻ جي مقرر‬
‫طريقي جو نالو آهي‪ .‬جنهن جي ڄاڻ هجڻ تمام ضروري آهي‪ .‬گرامر‬
‫ٻولي جي سونھن ۽ سينگار آهي‪ .‬افسوس آهي جو موجودہ دؤر ۾‬
‫اسان جي تعليمي ادارن ۾ گرامر تي گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو‪ .‬اهوئي‬
‫سبب آهي جو اڄ اسان جو نوجوان پنھنجي پياري زبان جي لکڻ‬
‫پڙهڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ غلطي ڪري ٿو‪ ،‬جيڪو اسان جي ٻوليَء الِء‬
‫هاڃيڪار آهي‪ .‬دادا سنڌي نہ فقط ‘افسانوي ادب’ ۽ ‘تاريخ جو دادا’‬
‫آهي پر لسانيات جھڙي اوکي مضمون ۾ بہ هو سٺي ڄاڻ رکي ٿو‪.‬‬
‫دادا سنڌي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن قانونن جو بہ وڏو ڄاڻو آهي‪.‬‬
‫ھي ڪتاب سنڌي گرامر سکندڙن کي وڏي مدد ڏئي ٿو‪.‬‬
‫ھي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميَء پاران ‪0202‬ع ۾ ڇپايو ويو‬
‫آھي‪ .‬ٿورائتا آھيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ جا‬
‫جنھن ڪتاب سنڌ سالمت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني‪ .‬مھربانيون‬
‫محمد قا سم سومري جون جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي ايميل‬
‫ڪئي‪.‬‬

‫محمد سليمان وساڻ‬


‫مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ‪ ،‬ڪراچي‬
‫سنڌ سالمت ڊاٽ ڪام‬
‫‪sulemanwassan@gmail.com‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪4‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫فهرست‬
‫گذارش ‪7....................................................................‬‬
‫پيش لفظ ‪8.................................................................‬‬

‫اکر‪-‬لفظ‪-‬جملو ‪11 ..........................................................‬‬


‫ڳالھائڻ جا لفظ‪11 ...........................................................‬‬
‫اسم‪11 ......................................................................‬‬
‫ضمير ‪18 ....................................................................‬‬
‫صفت ‪11 ....................................................................‬‬
‫فعل ‪11 ......................................................................‬‬
‫ظرف‪17 .....................................................................‬‬
‫حرف جر ‪03 .................................................................‬‬
‫حرف جملو ‪01 ...............................................................‬‬
‫ترڪيب ‪07 ..................................................................‬‬
‫اسم جا قسم ‪13 .............................................................‬‬
‫ضمير جا قسم ‪11 ...........................................................‬‬
‫ضميري نشانيون ‪14 .........................................................‬‬
‫ضميري صفت ‪13 ...........................................................‬‬
‫صفت جا قسم‪11 ............................................................‬‬
‫صفت جا درجا‪11 ............................................................‬‬
‫فعل جا قسم ‪15 .............................................................‬‬
‫ظرف جا قسم ‪51 ............................................................‬‬
‫جنسون‪50 ...................................................................‬‬
‫عدد ‪51 ......................................................................‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪5‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫حالتون‪57....................................................................‬‬
‫زمانن جا بنيادي جزا ‪73......................................................‬‬
‫فعل وارا اسم ‪71.............................................................‬‬
‫فعل جو اسم وارو ڪارج ‪75..................................................‬‬
‫اسم عطفيه ‪81................................................................‬‬
‫زمان ‪80......................................................................‬‬
‫زمان حال ‪81.................................................................‬‬
‫زمان ماضي‪84...............................................................‬‬
‫زمان مستقبل ‪41.............................................................‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪6‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫گذارش‬

‫گرامر‪ ،‬ڪنهن به ٻولي جي لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي مقرر طريقي‬


‫جو نالو آهي‪ .‬جنهن جي ڄاڻ هجڻ تمام ضروري آهي‪ .‬گرامر ٻولي جي‬
‫سونهن ۽ سينگار آهي‪ .‬گرامر کانسواِء ٻولي ٻسي ۽ چسي لڳندي آهي‪.‬‬
‫ماد ري زبان ۾ مهارت رواني‪ ،‬صحيح لهجن ۽ اچارن ڪڍڻ الِء گرامر جو‬
‫سکڻ تمام ضروري آهي‪.‬‬
‫افسوس آهي جو موجوده دؤر اسان جي تعليمي ادارن ۾ گرامر تي‬
‫گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو‪ .‬اهوئي سبب آهي جو اڄ اسان جو نوجوان‬
‫پنهنجي پياري زبان جي لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ غلطي ڪري ٿو‪ ،‬جيڪو‬
‫اسان جي ٻولي‪(-‬جيڪا اسان جي جيئاپي الِء ضروري آهي) الِء‬
‫هاڃيڪار آهي‪ .‬ان الِء ضروري آهي ته شاگردن کي گرامر جي صحيح‬
‫ڄاڻ ڏجي‪ .‬ان ڪري مون سمجهاڻين سان هي گرامر تاليف ڪيو آهي‬
‫۽ ٻارن کي پنهنجي ادب سان چاهه پيدا ڪرڻ الِء مون گهڻي ڀاڱي مثال‬
‫ادبي نوعيت جا ڏنا آهن‪.‬‬
‫اميد آهي ته استاد ۽ شاگرد ٻيئي هن گرامر کي شوق سان پڙهي‬
‫پنهنجي ٻولي جي سونهن ۽ سينگار الِء ڪوشش ڪندا‪.‬‬

‫دادا سنڌي‬
‫‪02/6/0990‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪7‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫پيش لفظ‬

‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ٽيون ڪتاب مون غور سان پڙهيو آهي‪ .‬آٌء‬
‫سمجهندو هوس ته دادا سنڌي صاحب صرف شاعر ڪهاڻيڪار‪ ،‬يا‬
‫تاريخدان آهي پر سندس هن ڪتاب جي پرهڻ کان پوِء اهو مڃڻو پوندو‬
‫ته دادا سنڌي نه فقط ‘افسانوي ادب’ ۽ ‘تاريخ جو دادا’آهي پر لسانيات‬
‫جهڙي مشڪ ۽ اوکي مضمون ۾ به هو سٺي ڄاڻ رکي ٿو‪ .‬دادا سنڌي‬
‫صاحب وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن قانونن جو به وڏو ڄاڻو آهي‪.‬‬
‫لسانيات ۾‪ ،‬وياڪرڻ جي علم وارو موضوع‪ ،‬علم رياضيَء جهڙو‬
‫حقيقتتي مبني ۽ اوکو علم آهي‪ ،‬جنهن ۾ نه فقط ‪ 0+0‬چار ٿيندا آهن پر‬
‫جيئن علم رياضيَء جو ماهر‪ ،‬پنهنجي موضوع‪،‬مضمون ۽ رياضيَء جي‬
‫علم جي اثر ڪري مستقل مزاج‪ ،‬ساين سان سچو‪ ،‬سابق قدم ۽ هر حال‬
‫۾ حال ڀائي ۽ همدرد رهندو آهي‪ ،‬تيئن لسانيات جي علم يا لسانيات‬
‫جي عالم ۾ به اهڙيون ئي خوبيون نظر اينديون آهن‪ ،‬جهڙيون رياضيَء‬
‫جي علم يا رياضيَء جي عالم ۾‪ .‬جڏهن آٌء رياضيدار يا لسانيات جي‬
‫ڪنهن ماهر‪/‬ماهرن متعلق سوچي هي لفظ لکي رهيو آهيان تڏهن انهن‬
‫علمن جن ڪي شخصيتون منهنجي اکين جي سامهون براجمال آهن‪.‬‬
‫انهن شخصيتن م ون سان ڏاڍا ڀال ڀاليا آهن‪ .‬۽ وڏو وڙڪيو آهي‪ .‬اهي‬
‫ڌاڍا وڙائتال ثابت ٿيا‪.‬‬
‫لسانيات جو علم به حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو‪.‬‬
‫ٻوليَء جي پئراگرافن‪ ،‬جملن‪ ،‬لفظن ۽ آواز جي جوڙجڪ‪ ،‬بيهڪ ۽ سٽاُء‬
‫اندر پيهي‪ ،‬انهن جي حقيقت بيان ڪري ٿو؛ انهن آواز جي اچارجڻ‪ ،‬اچار‬
‫ڪرڻ واري هنڌ‪ ،‬لفظن جي صوتي‪ ،‬صرفي ۽ نحوي سٽاُء ۽ بيهڪ بابت‬
‫ڪجهه بيان ڪري ٿو؛ ٻوليَء ۾ جملن اندر لفظن جي ‘ڍار’ )‪(Introatin‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪8‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫جي اتار ۽ چڙهاُء جي خبر ڏئي ٿو‪ .‬بهرحال لسانيات‪ ،‬ٻوليَء جي سٽاُء‪،‬‬
‫صوتياتي‪ ،‬صرفي ۽ نحوي جوڙجڪ ۽ لفظن جي بيهڪ الِء قانونن جي‬
‫اڀياس جو علم آهي‪.‬‬
‫ٻولي‪ ،‬انسان ذات جي وجود سان گڏ‪ ،‬پيراتي ۽ وجود ۾ آئي‪ ،‬ان جي‬
‫وياڪرڻ جا اصول ۽ قانون به ٻوليَء جي وجود سان گڏ ٺهندا ويا‪ ،‬جڙندا‬
‫ويا ۽ مقرر ٿيندا ويا‪ .‬اهي اصول ڪنهن ماهر ويهي ڪونه ٺاهيا يا مقرر‬
‫ڪيا‪ .‬ماهرن فقط انهن جو گهرو اڀياس ڪيو آهي‪ .‬انهن کي لکيو آهي‪،‬‬
‫يعني لکت جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي‪.‬‬
‫ڪي دوست ايئن سمجهندا آهن ته ٻولين جا وياڪرڻي اصول‪،‬‬
‫قاعدا ۽ قانون پهرين ٺهيا ۽ پوِء انهن قانونن پٽاندر ٻوليون جڙيون‪ ،‬اهو‬
‫صحيح نه آهي‪.‬‬
‫ٻوليون‪ ،‬جيئن اڳ ۾ عرض ڪيوويو آهي ته انسان سان گڏ وجود ۾‬
‫آيون ۽وياڪرڻن جا اصول ته هئا پر انهن کي گهڻو پوِء لکي‪ ،‬پڌرو ڪيو‬
‫ويو‪ .‬هن سلسلي ۾ مهراڻ رسالي ۾ ڇپيل مقالو مطالعو ڪري سگهجي‬
‫ٿو جنهن جو عنوان آهي‪ :‬ٻولي‪ ،‬ان جي ابتدا ۽ اوسر‪.‬‬
‫هن ڪتاب ۾ محترم دادا سنڌي صاحب اهو ئي ڪم ڪيو آھي‪،‬‬
‫يعني سنڌي ٻوليَء جي وياڪرڻ تي نئين سر نظر وڌي اٿس‪ .‬دادا سنڌي‬
‫صاحب هڪ ا هم نقطي طرف اشارو ڪيو آهي‪ .‬هو لکي ٿو‪:‬‬
‫” جيئن ته اسان جي سنڌي ٻوليَء جو گرامر عام طور عربي ۽‬
‫فارسي مان ورتو ويو آهي‪ ،‬ان ڪري انهن ٻولين مان جيئن ته سڀ‬
‫فعل مصدر مان نڪرن ٿا‪ ،‬اهڙيَء طرح سنڌي ٻوليَء ۾ به مصدر‬
‫کي ڌاتو يا بنياد بنايو ويو آهي‪ ،‬پر سنڌي ٻوليَء ۾ هر فعل جوڌاتو‬
‫امر حال واحد آهي‪“.‬‬
‫هن موضوع تي ‘سنڌي ٻوليَء جو ڪتاب اڀياس’ ڪتاب ۾ تفصيل‬
‫سان بحث ڪيو ويو آهي‪.‬‬
‫اسان جي مانوارن وياڪرڻنين‪ ،‬جيئن دادا سنڌي صاحب فرمايو‬
‫آهي‪ ،‬عربي ۽ فارسي وياڪرڻن جي بنياد يا زمين تي سنڌي ٻوليَء جو‬
‫وياڪرڻ لکيو‪ ،‬جنهن ڪري اهي وياڪرڻ‪ ،‬سنڌي ٻوليَء جا گهٽ ۽‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪9‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫فارسيَء جا زياده ٿا لڳن‪ .‬دادا سنڌي صاحب مبارڪن جو مستحق آهي‬


‫جو هن سنڌي ٻوليَء جيوياڪرڻ تي نئين نظر سان‪ ،‬جديد لسانيات جي‬
‫اصولن پٽاندر‪ ،‬روشني وڌي آهي‪’ .‬سنڌيڪا سنڌي گرامر’ لکيو آهي‪.‬‬
‫هن سلسلي ۾ هن‪ ،‬امر ۽ ان جي وصف‪ ،‬مصدر جي وصف‪ ،‬امر جا قسم‪،‬‬
‫زما ن‪ ،‬زمانن جا بنياد ۽ زمانن جو چارٽ ڏنو آهي ۽ ڪردنتن تي روشني‬
‫وجهي‪ ،‬نه صرف وياڪرڻ جي شائقن جو ڌيان ڇڪايو آهي‪ ،‬پر وياڪرڻ‬
‫واري علم جي ماهرن کي‪ ،‬سنڌ ٻوليَء جي وياڪرڻ کي‪ ،‬نئين سر لکڻ الِء‬
‫آڀاريو آهي‪.‬‬
‫هي ڪتاب‪ ،‬بيشڪ آهي ته ننڍڙو‪ ،‬پر منهنجي نظر ۾ املهه آهي ۽‬
‫نون نقطن سان ڀريل آهي‪ ،‬اميد اٿم ته سنڌي زبان جا ڄاڻو ۽ وياڪرڻي‪،‬‬
‫دادا سنڌي صاحب جي محنت جو قدر ڪندا‪.‬‬

‫سنڌي زبان جو فدائي‬ ‫حيدرآباد‬


‫غالم علي االنا‬ ‫‪0990-2-06‬ع‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪10‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫اکر‪-‬لفظ‪-‬جملو‬
‫پيارا ٻارو! اسين روزاني زندگي ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ الِء‬
‫ڪيترائي اکر‪ ،‬لفظ ۽ جمال ڪم آڻيندا آهيون ۽ پنهنجي گفتگو جو‬
‫مطلب ٻئي کي کولي ٻڌائيندا آهيون‪ .‬اڄ اچو ته انهن شين تي ويچار‬
‫ڪريون ته اهي اکر‪ ،‬لفظ ۽ جمال ڇا آهن ۽ ڪيئن ٺهن ٿا‪.‬‬
‫الطاف خط لکي ٿو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هي هڪ جملو آهي‪ ،‬جيڪو چئن لفظن جو ميالپ آهي ۽ هر هڪ‬
‫لفظ وري اکرن جو ميالپ آهي‪ .‬لفظ آهن الطاف‪ -‬خط‪ -‬لکي‪ -‬ٿو ۽ اکر‬
‫ڌار ڌار آهن ا ل ط ا ف‪ ،‬خ ط‪ ،‬ل ک ي ‪ ،‬ٿ و‪.‬‬
‫ظاهر ٿيو ته هر جملي الِء لفظن ۽ هر لفظ الِء اکرن جو هجڻ ضروري‬
‫آهي‪ .‬هاڻي اچو ته انهن ٽنهي اڪائين کي چڱي طرح سمجھون‪.‬‬

‫‪-1‬اکر‪:‬‬
‫ٻارو! اکر ٻولي جو بنيادي جزو آهي‪ .‬جيڪو آواز جي شڪل ۾‬
‫وات مان نڪري ٿو‪ .‬يعني هر آواز الِء‪ ،‬ٻولي ۾ مقرر ٿيل‪ ،‬نشاني‬
‫کي اکر چئبو آهي‪.‬‬
‫ان‪ .‬هڪ آواز آهي جيڪو ٻن آوازي نشانين ا ۽ ن تي‬ ‫مثال‪:‬‬
‫مشتمل آهي‪.‬‬
‫هر ٻولي ۾‪ ،‬اکرن جو تعداد ڌار ڌار هوندو آهي‪ .‬سنڌي ۾ اکرن جو‬
‫تعداد ‪ 20‬آهي جنهن کي الفابيٽ چئبو آهي‪.‬‬
‫‪-2‬لفظ‪:‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪11‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫اکر کانپوِء لفظ آهي‪ .‬لفظ ‪ ،‬اکرن جي ميالپ کي چئبو آهي‪.‬‬


‫يعني ٻه يا ٻن کان وڌيڪ‪ ،‬اکر ملن ۽ ان مان ڪنهن شئي جو‬
‫نالو مطلب ۽ ڪو الڳاپو ظاهر ٿئي ته ان کي اکر چئبو آهي‪.‬‬
‫پن‪ -‬ڪن‪ -‬ڪچرو‬ ‫مثال‪:‬‬
‫مٿيان لفط ٻن ۽ ٽن اکرن پ ۽ ن‪ ،‬ڪ ۽ ن‪ ،‬ڪ‪-‬چ‪-‬ر ۽ و جا ميالپ‬
‫آهن‪ ،‬جن مان شين جا ناال ظاهر ٿين ٿا‪.‬‬
‫وڌيڪ مثال‪ :‬چڱو‪-‬پين‪-‬اسڪول‪-‬کٽ‪-‬انب‪-‬بيماري وغيره‪.‬‬

‫‪ -3‬جملو‪:‬‬
‫ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ جڏهن پاڻ ۾ ملن ۽ ان مان پورو مطلب‬
‫نڪري ته لفظن جي ان ميالپ کي جملو چئبو آهي‪.‬‬
‫مشتاق ماني کائي ٿو‬ ‫مثال‪:‬‬
‫مٿيون جملو چئن لفظن‪ ،‬مشتاق‪ -‬ماني‪ -‬کائي‪ -‬ٿو‪ ،‬جو مجموعو‬
‫آهي‪.‬‬
‫هت هيَء ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اهي لفظ جملو ٺاهيندا آهن‪،‬‬
‫جيڪي ترتيب سان رکيل هوندا آهن ۽ انهن مان صحيح ۽ پورو مطلب‬
‫نڪرندو هجي‪ .‬جيڪڏهن لفظ ترتيب سان نه رکيل هوندا ته جملو نه‬
‫ٺھندو‪.‬‬
‫خط‪-‬الطاف‪-‬ٿو‪-‬لکي يا کائي‪-‬مشتاق‪-‬ماني‪ -‬ٿو‬ ‫مثال‪:‬‬
‫ته هي جمال غلط ٿيندا‪ .‬ڇو ته اڳيون ماڻهو پورو مطلب سمجھي نه‬
‫سگھندو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪12‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مشق‬
‫‪ -0‬اکر ڇا کي چئجي؟‬
‫‪ -0‬سنڌي ٻولي ۾ ڪيترا اکر آهن؟‬
‫‪ -3‬ڪي به ڏهه اکر لکو؟‬
‫‪ -4‬لفظ ڇاکي چئبو آهي؟‬
‫‪ -2‬لفظ ڇا مان ٺهندا آهن؟‬
‫‪ -6‬ڪي به ڏهه لفظ لکو؟‬
‫‪ -7‬جملو ڇاکي چئبو آهي؟‬
‫‪ -8‬جمال ڇا مان ٺهندا آهن؟‬
‫‪ -9‬ڪي به پنج جمال لکو؟‬
‫‪ -02‬هيٺين اکرن مان لفظ ٺاهيو؟‬
‫پ‪-‬ڪ‪-‬م‪-‬ي‪-‬ھه‪-‬ن‪-‬ڳ‪-‬و‪-‬د‪-‬ل‪-‬ت‪-‬ا‪-‬ر‪-‬و‪-‬ش‪-‬ج‪-‬ڌ‪-‬ق‪-‬ڙ‬
‫‪ -00‬هيٺ ڪي لفظ ڏجن ٿا‪ .‬انهن مان جيترا گهڻا لفظ ٺهي سگهن سي‬
‫ٺاهيو؟‬
‫سنڌوندي‪ -‬مھرباني‪ -‬بلندي‬
‫‪ -00‬هيٺين لفظن مان جمال ٺاهيو؟‬
‫بابا‪-‬ڏهي‪-‬ڳئون‪-‬سوير‪-‬ٿو‪-‬اسڪول‪-‬ٿيلھو‪-‬ڀاُء‪-‬روز‪-‬ويندو‪-‬‬
‫ڪتابن‪-‬ٿو‪-‬جو‪-‬منھنجو‪-‬کڻي‪-‬آهي‪-‬کير‪-‬ٿئي‪-‬اڇو‪-‬ٿو‪-‬‬
‫رنگ‪-‬جو‬
‫‪ -03‬لفظن کي ترتيب ڏيئي جمال ٺاهيو؟‬
‫‪ -0‬جو‪-‬شاھه‪ -‬لطيف‪-‬آهي‪-‬سنڌ‪-‬شاعر‬
‫‪ -0‬صبح‪-‬ڪرڻ ‪-‬۾ فائدو‪ -‬ڪسرت‪ -‬جو‪ -‬آهي‬
‫‪ -3‬ادب‪-‬جو‪-‬وڏن‪-‬ڪرڻ‪-‬گهرجي‬
‫‪ -4‬ڪوڙ‪-‬آهي‪-‬ڪني‪-‬ڳالهائڻ‪-‬عادت‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪13‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ڳالھائڻ جا لفظ‬
‫ٻارو! اوهان اڳ سکي آيا آهيو ته ڳالھائڻ جا بنيادي جزا اکر‪ ،‬لفظ‬
‫۽ جمال آهن‪ .‬اسين روزانو اهڙا اکر ۽ لفظ ڳالھائيندا آهيون‪ .‬جيڪي‬
‫ٻولي جي قاعدن موجب‪ ،‬ڌار ڌار قسمن ۽ جزن ۾ ورهايل هوندا آهن‪.‬‬
‫اسان کي هت اهو سکڻو آهي ته‪ ،‬اهي لفظ ڪهڙن جدا جدا ‪ ،‬جزن يا‬
‫قسمن ۾ ورهايل آهن‪ .‬ٻولي جي قاعدي مطابق اهي قسم اٺ آهن‪.‬‬
‫‪ -1‬اسم‬
‫‪ -2‬ضمير‬
‫‪ -3‬صفت‬
‫‪ -4‬فعل‬
‫‪ -5‬ظرف‬
‫‪ -6‬حرف جر‬
‫‪ -7‬حرف جملو‬
‫‪ -8‬حرف ندا‬
‫هاڻي هيٺ انهن جون وصفون ۽ مثال ڏئي کولي سمجھائجي ٿو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪14‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫اسم‬
‫ٻارو! اسم نالي کي چئبو آهي‪ .‬پوِء اهو نالو ڪنهن جو به کڻي هجي‪.‬‬
‫ان کي سمجھڻ الِء هيٺيان جمال غور سان پڙهو‪.‬‬
‫‪ -9‬نسيمه ۽ جميال چانھه پيون پيئن‪.‬‬
‫‪ -2‬اياز ڪتاب ۽ پين ورتي‪.‬‬
‫‪ -9‬اڄ عمر اسڪول ۾ ڪونه آيو‪.‬‬
‫‪ -1‬مسجد ۾ مسلمان نماز پڙهندا آهن‪.‬‬
‫‪ -5‬هندو روزانو مندر ۾ ويندا آهن‪.‬‬
‫‪ -0‬اسٽيشن تي هل‪.‬‬
‫‪ -3‬پٽيَء تي قلم سان ۽ سليٽ تي پيني سان لک‪.‬‬
‫‪ -8‬طوطو‪ ،‬مور ۽ جھرڪي باغ ۾ آهن‬
‫‪ -1‬گھوڙو گڏهه کان وڏو آهي‪.‬‬
‫‪ -96‬ڪانُء ڪارو پکي آهي‪.‬‬
‫‪ -99‬نانگ‪ ،‬وڇون ۽ ڏينڀو ڏنگين ٿا‪.‬‬
‫‪ -92‬انگور ۽ ڪيلو مونکي وڻن ٿا‪.‬‬
‫‪ -99‬بيماري ۽ صحت انسان الِء آهن‪.‬‬
‫‪ -91‬سياڻپ ۽ عقلمندي قدرتي ڏات آهي‪.‬‬
‫‪ -95‬پڙهڻ ۽ ترڻ ٻيئي ضروري آهن‪.‬‬
‫‪ -90‬کيڏڻ ۾ مزو آهي‪.‬‬
‫ٻارو! اوهان مٿين جملن کي جڏهن غور سان پڙهندا ته انھن ۾ اوهان‬
‫کي ناال نظر ايندا‪ .‬اچو ته انھن کي ڌار ڌار ڪريون‪.‬‬
‫نسيما‪ ،‬جميال‪ ،‬اياز ۽ عمر‪.‬‬ ‫(الف) ماڻهن جا ناال‪:‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪15‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫طوطو‪ ،‬مور‪ ،‬جھرڪي‪ ،‬ڪانُء‪ ،‬نانگ‪،‬‬ ‫(ب) ساهوارن جا ناال‪:‬‬


‫وڇون‪ ،‬ڏينڀو‪ ،‬گڏهه ‪ ،‬گھوڙو‪.‬‬
‫چانھه ‪ ،‬ڪتاب‪ ،‬پين‪ ،‬پٽي‪ ،‬قلم‪ ،‬سليٽ‪،‬‬ ‫(ث) شين جا ناال‪:‬‬
‫پيني‪ ،‬انگور‪ ،‬ڪيلو‪.‬‬
‫پڙهڻ‪ ،‬ترڻ‪ ،‬وڙهڻ‪ ،‬کيڏڻ‪.‬‬ ‫(ج) ڪمن جا ناال‪:‬‬
‫تندرستي‪ ،‬بيماري‪.‬‬ ‫(د) حالتن جا ناال‪:‬‬
‫سياڻپ‪ ،‬عقلمندي‪.‬‬ ‫(ر) خاصيتن جا ناال‪:‬‬
‫ظاهر ٿيو ته‪ ،‬اسم اهو لفظ آهي‪ .‬جيڪو جملي ۾ ماڻهن ساهوارن‪،‬‬
‫شين‪ ،‬ڪمن‪ ،‬حالتن ۽ خاصيتن جو نالو هجي‪.‬‬

‫اسم جو چارٽ‬
‫ماڻهن جا ناال‬
‫ڪمال‪ ،‬انور‪ ،‬اڪبر‪ ،‬فھيم‪ ،‬نديم‪ ،‬نسرين‪ ،‬جميله‪ ،‬اختر‪ ،‬ڪريم‬
‫وغيره‪.‬‬
‫شين جا ناال‬
‫انب‪ ،‬انگور‪ ،‬ريوڙيون‪ ،‬ڀڳڙا‪ ،‬کٽ‪ ،‬دري‪ ،‬پين ‪ ،‬سليٽ‪ ،‬ڪتاب وغيره‪.‬‬
‫جاين جا ناال‬
‫باغ‪ ،‬ٿاڻو‪ ،‬جبل‪ ،‬اسٽيشن‪،‬اسڪول ‪ ،‬مسجد‪ ،‬ديول‪ ،‬اسپتال‪،‬‬
‫مسافرخانو وغيره‪.‬‬
‫ڪمن جا ناال‬
‫ويھڻ‪ ،‬ترڻ‪ ،‬پڙهڻ‪ ،‬رلڻ‪ ،‬کائڻ‪ ،‬کيڏڻ وغيره‪.‬‬

‫حالتن جا ناال‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪16‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫شاهوڪاري‪ ،‬اميري‪ ،‬فقيري‪ ،‬بادشاهي‪ ،‬بھادري وغيره‪.‬‬


‫خاصيتن جا ناال‬
‫چڱائي‪ ،‬برائي‪ ،‬هوشياري‪ ،‬ساوڪ‪ ،‬ساواڻ‪ ،‬اڇاڻ‪ ،‬سادگي وغيره‪.‬‬

‫مشق‬

‫‪ -0‬اسم جي وصف ٻڌايو؟‬


‫‪ -0‬هيٺين جملن مان اسم چونڊيو؟‬
‫رجب ‪ ،‬خانو ۽ جانو ڪاٺيون ڪريو‬ ‫‪)9‬‬
‫سپاهي جو گھوڙو اٺ کان به تکو آهي‬ ‫‪)2‬‬
‫اڄ مسافرخاني ۾ گھڻا ماڻھو آهن؟‬ ‫‪)9‬‬
‫پيرون ۽ پسي ڳوٺن ۾ هلي ڏس!‬ ‫‪)1‬‬
‫کيسي ۾ پينسل رک!‬ ‫‪)5‬‬
‫هوشو بھادري سان وڙهيو‪.‬‬ ‫‪)0‬‬
‫چريائپ ۾ انسان تي ميار نه آهي‪.‬‬ ‫‪)3‬‬
‫اميري ۾ اهلل کي ياد رک‪ ،‬غريبي ۾ خدا کي ياد ڪر!‬ ‫‪)8‬‬
‫بڇڙائي نه ڪر!‬ ‫‪)1‬‬
‫دشمن سان به چڱائي ڪرڻ گھرجي‪.‬‬ ‫‪)96‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪17‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ضمير‬
‫روزانو اسين پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ اسم جا لفظ وري وري ڪم‬
‫آڻيون ٿا‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫اختر آفيس آيو پر اختر موٽي ويو‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫الطاف‪ ،‬الطاف اچ ته سکر هلون‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫پينسل‪ ،‬پينسل مون وٽ هئي‪ ،‬پينسل ڀيڻ کڻي ويئي‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫ڪتاب‪ ،‬ڪتاب تو لکيو‪ ،‬ڪتاب مون پڙهيو آهي‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫ٻارو‪ ،‬جيڪڏهن مٿين جملن تي غور ڪندؤ ته‪ ،‬معلوم ٿيندو ته‪،‬‬
‫ڪيترائي اسم وري وري ڪم آيا آهن‪ .‬ان ڪري جمال سھڻا نه ٿا لڳن‪.‬‬
‫جملن کي سھڻي بنائڻ ۽ ٻولي کي سونھن وٺائڻ الِء انهن اسمن جي بدران‬
‫ڪي ٻيا لفظ ڪم آندا ويا آهن‪ ،‬جن کي گرامر ۾ ضمير چئبو آهي‪.‬‬
‫هاڻي‪ ،‬هيٺ ڏسو انھن جملن ۾ ضمير وجھون ٿا‪ .‬ڏسو ته جمال ڪھڙا‬
‫نه سھڻا ٿا لڳن‪.‬‬
‫اختر آفيس آيو پر هو موٽي ويو‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫الطاف! تون اچ ته سکر هلون‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫پينسل جيڪا مون وٽ هئي سا ڀيڻ کڻي ويئي‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫ڪتاب جيڪو تو لکيو‪ ،‬سو مون پڙهيو‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫اوهان ڏسندا ته مٿين جملن ۾ ”هو“ ٻئي ۾ ”تون“ ٽئين ۾ جيڪا ”سا“‬
‫۽ چوٿين ۾ ”جيڪو“ ”سو“ اهڙا لفظ آهن جيڪي اسمن جي بدران ڪم‬
‫آيا آهن‪ .‬ان ڪري صاف ظاهر ٿيو ته ”ضمير“ اهو لفظ آهي جيڪو جملي‬
‫۾ اسم جي بدران ڪم اچي‪.‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪18‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ضميرجو چارٽ‬
‫خود‪ ،‬پاڻ‪ ،‬تنهن‪ ،‬پنڊ‪ ،‬ڪير‪ ،‬ڪھڙو‪ ،‬هو‪ ،‬اهي‪ ،‬اهو‪ ،‬انھن‪ ،‬وغيره‬
‫ڇا‪ -‬ڪڄاڙو‪ -‬جو‪ -‬جا‪ -‬جي‪ -‬هنن‪-‬هن‪-‬هي‪-‬هو‪-‬اوهين‪-‬‬
‫جيڪو‪ -‬جيڪا‪ -‬سو ‪ -‬سا‪ -‬توهان‪-‬توهين‪-‬تون‪-‬اسان‪-‬‬
‫سي‪ -‬تنهن‪ -‬تن‪ -‬ڪي‪ -‬جا‪ -‬اسين‪-‬مون‪-‬ان‪-‬آٌء‬
‫ڪو‪ -‬وغيره‪.‬‬

‫مشق‬

‫‪ -0‬ضمير ڇاکي چئجي؟‬


‫‪ -0‬ڪي به پنج ضمير جا لفظ ٻڌايو‪.‬‬
‫‪ -3‬هيٺين جملن مان اسم ڪڍي ضمير وجهو‪.‬‬
‫‪ )9‬گلو آيو پر گلو موٽي ويو‪.‬‬
‫‪ )2‬تو ڳالھه ڪئي‪ ،‬ڳالھه مون ٻڌي‪.‬‬
‫‪ )9‬انب‪ ،‬انب مٺو آهي‪.‬‬
‫‪ )1‬رياض اندر آهي‪.‬‬
‫‪ )5‬آئون ڪالھه پين وٺي آيو هوس‪ ،‬پين ڀڄي پئي‪.‬‬
‫‪ -4‬هيٺين جملن مان ضمير چونڊيو‪.‬‬
‫‪ )9‬تو پڙهيو مون کٽيو کاڌو‪.‬‬
‫‪ )2‬هي مضمون مون پاڻ لکيو آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪19‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫‪ )9‬هنن اها ڳالھه خود مون کي ٻڌائي‪.‬‬


‫‪ )1‬ڪڄاڙو ڪهانُء توکي معلوم سڀ ڪي‬
‫‪ )5‬اڄ ڪير ٿو ڪنهن کي پڇي!‬
‫‪ )0‬جيڪي توهان چيو سو اسان ٻڌو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪20‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫صفت‬
‫صفت جي معنى آهي ساراهه‪ ،‬واکاڻ‪ ،‬تعريف‪.‬‬
‫جڏهن اسان کي ڪا شيِء وڻندي يا نه وڻندي آهي ته اسان ان شيِء‬
‫جي پٺيان ان جي وڻڻ يا نه وڻڻ جو لفظ ڪم آڻيندا آهيون‪ .‬يا اهڙو لفظ ڪم‬
‫آڻيندا آهيون جيڪو ان کي کولي ظاهر ڪري ۽ اها شئي ضرور اسم يا‬
‫اسم جي بدران ڪم ايندڙ لفظ (ضمير) هوندو‪ .‬اچو ته ان کي چڱي طرح‬
‫سمجهون‪.‬‬
‫هوشيار ڇوڪر پڙهي ٿو‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫منڊو گھوڙو بيٺو آهي‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫کٽو انب کڻي اچ‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫فقير کي ٻه روپيا ڏي‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫ٽيون شاگرد هيڏانهن اچي‪.‬‬ ‫‪-5‬‬
‫شڪارپوري آچار وٺ‪.‬‬ ‫‪-0‬‬
‫اوٻاوڙائي پيڙا کاُء‬ ‫‪-3‬‬
‫عالم چنو ڊگهو آهي‪.‬‬ ‫‪-8‬‬
‫ننڍو ڇوڪر وڏو وات‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫هنن جملن ۾ هوشيار لفظ ڇوڪر جو گڻ ڏيکاري ٿو‪” .‬کٽو“ لفظ انب‬
‫جو عيب ظاهر ڪري ٿو‪ .‬ٻه‪ ،‬لفظ روپين جو انداز ڏيکاري ٿو‪” .‬شڪارپوري“‬
‫آچار جو قسم ڏيکاري ٿو‪” .‬ٽيون“ لفظ شاگرد جو نمبر يا عدد ڏيکاري ٿو‪.‬‬
‫”ڊگھو“ لفظ عالم چني جو قد ڏيکاري ٿو‪” .‬ننڍو“ لفظ ڇوڪر جو ۽ ”وڏو“ لفظ‬
‫وات جو مقدار ڏيکاري ٿو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪21‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫هاڻي صاف ظاهر ٿيو ته ”صفت“ اهو لفظ آهي‪ ،‬جيڪو جملي ۾ اسم‬
‫يا ضمير جو گڻ‪ ،‬اوگڻ‪ ،‬انداز‪ ،‬مقدار‪ ،‬قسم ۽ تعداد ڏيکاري‪.‬‬
‫نوٽ‪ :‬جڏهن جملي ۾ اسم جي بدران ضمير اچي ته صفت انجي به‬
‫ساڳي طرح وضاحت ڪندي آهي‪.‬‬

‫صفت جو چارٽ‬
‫‪ -2‬اوگڻ ڏيکاريندڙ لفظ‬ ‫‪ -1‬گڻ ڏيکاريندڙ لفظ‬
‫ڍلو‪-‬مٺو‪-‬خراب‪-‬ڪمتر‪-‬سڌو‪-‬‬ ‫ڀلو‪-‬سٺو‪-‬بهترين‪-‬مٺو‪-‬تکو‪-‬‬
‫چاالڪ‪-‬هوشيار‪-‬بهادر‪-‬سچار‪ -‬رول‪-‬ڪنو‪-‬چريو‪-‬سست‪-‬‬
‫موڳو‪-‬وغيره‬ ‫چڱو‪-‬وغيره‬
‫‪ -4‬انداز ڏيکاريندڙ لفظ‬ ‫‪ -3‬قسم ڏيکاريندڙ لفظ‬
‫پهاڙي‪-‬شڪارپوري سرحدي‪ -‬ڏهه‪-‬پندرهن‪-‬ويهه‪-‬سؤ‪-‬هزار‪-‬‬
‫پاڪستاني‪ -‬ساکرو‪-‬اٻاوڙائي‪ -‬اڌ‪-‬منو‪-‬سوا‪-‬چوٿو‪-‬وغيره‬
‫ميرپوري‬
‫‪ -5‬مقدار ڏيکاريندڙ لفظ‬
‫وڏو‪-‬ڊگهو‪-‬بندرو‪-‬ننڍو‪-‬ٿلهو‪-‬اوچو‪-‬اتاهون‪-‬ويڪرو‪-‬سوڙهو‪-‬وغيره‬

‫مشق‬
‫صفت ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-0‬‬
‫گڻ ڏيکاريندڙ پنج لفظ ٻڌايو؟‬ ‫‪-0‬‬
‫اوگڻ ڏيکاريندڙ پنج لفظ ٻڌايو؟‬ ‫‪-3‬‬
‫قسم ڏيکاريندڙ پنج لفظ ٻڌايو؟‬ ‫‪-4‬‬
‫مقدار ڏيکاريندڙ پنج لفظ ٻڌايو؟‬ ‫‪-2‬‬
‫هيٺين اسمن جي پٺيان صفت وجهو؟‬ ‫‪-6‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪22‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫گڏهه‪-‬اٺ‪-‬گدرو‪-‬ڪپ‪-‬ڪتاب‪-‬سليٽ‪-‬ٻار‪-‬شينهن‪-‬‬
‫استاد‪-‬شاگرد‬
‫‪ -7‬هيٺيون صفتون اسمن سان لڳايو‪.‬‬
‫خراب‪-‬ڪنو‪-‬طوطاپوري‪-‬سنڌي‪-‬گجراتي‪-‬ٽيون‪-‬بندرو‪-‬‬
‫اٺ‪-‬ٽيهه‪-‬پنجاهه‬
‫‪ -8‬هيٺين جملن مان صفتون چونڊيو‬
‫بڇڙو ڪتو ڌڻي پٽائي‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫نيڪ نوڪر مالڪ جي سونهن‪.‬‬ ‫‪)2‬‬
‫مونکي پنجاهه روپيا گهرجن‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫اٺون گهوڙو ڏٻرو آهي‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫مهربان ماُء ۽ صالح پٽ ڏس‪.‬‬ ‫‪)5‬‬
‫سدورو ٻار پينگهي ۾ پڌرو‪.‬‬ ‫‪)0‬‬
‫سلو انگورون ڀلو‪.‬‬ ‫‪)3‬‬
‫ڪني آڱر وڍي چڱي‪.‬‬ ‫‪)8‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪23‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫فعل‬
‫ٻارو‪ ،‬فعل جي معنى ”ڪم“ آهي‪ .‬پوِء اهو ڪهڙو به ڪم هجي‪ .‬فعل‬
‫جملي ۾‪ ،‬اهو ڏيکاريندو آهي ته اسم يا ضمير ڪهڙو ڪم ڪن ٿا‪ .‬اچو ته‬
‫ان کي سمجهون‪.‬‬
‫اياز لکي ٿو‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫ڪاسائي ٻڪر ڪٺو‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫هن ڪتاب پڙهيو‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫مون کي ٻه ڀائر آهن‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫اسان راند ڪئي‪.‬‬ ‫‪-5‬‬
‫شاگرد نانگ ماريو‪.‬‬ ‫‪-0‬‬
‫بورچي کير ڪاڙهيو‪.‬‬ ‫‪-3‬‬
‫لوهه ڪٽجي ٿو‪.‬‬ ‫‪-8‬‬
‫مونکي سيَء ٿئي ٿو‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫هنن جملن ۾ ڏسندا ته ‘اياز’ لکڻ جو ڪم ڪري ٿو‪‘ .‬ڪاسائي’‬
‫ڪهڻ جو ڪم ڪري ٿو‪‘ .‬هن’ ڪتاب پڙهڻ جو ڪم ڪيو‪‘ .‬آهن’ ڀائرن‬
‫جي هجڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو‪‘ .‬ڪئي’ راند ڪرڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو‪.‬‬
‫‘ماريو’ نانگ مارڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو‪‘ .‬ڪاڙهيو’ ڪاڙهڻ يعني سهڻ‬
‫جي ڪم ڏانهن اشارو ڪري ٿو‪‘ .‬ڪٽجي ٿو’ ڪٽڻ يعني سهڻ ڏانهن‬
‫اشارو ڪري ٿو‪‘ .‬ٿئي ٿو’ ٿيڻ جي ڪم ڏانهن اشارو ڪري ٿو‪.‬‬
‫هاڻي اسان هيئن چونداسون ته فعل اهو لفظ آهي‪ .‬جيڪو جملي ۾‬
‫ڪرڻ‪ ،‬پوڻ‪ ،‬ٿيڻ‪،‬هئڻ ۽ سهڻ جي معنى ڏيکاري‪.‬‬
‫ٻارو‪ ،‬فعل کانسواِء جملو اڻپورو هوندو آهي ۽ واضح به نه هوندو آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪24‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مثال‪:‬‬
‫اسان چئون ته ڪمال خط‪ ............‬ته هي جملو اڻپورو ٿيندو‪ .‬پر‬
‫جيڪڏهن چونداسون ته ڪمال خط لکي پيو ته جملو واضح ٿيندو‪ .‬يعني‬
‫فعل کانسواِء جملو اڻپورو هوندو آهي‪.‬‬

‫فعل جو چارٽ‬
‫‪ -2‬پوڻ ۽ ٿيڻ جي معنى وارا لفظ‬ ‫‪ -1‬ڪرڻ جي معنى وارا لفظ‬
‫پيو‪-‬پئي‪-‬پوندو‪ -‬ٿئي ٿو‪ -‬ٿيوٿي‬ ‫ڊوڙيو‪-‬ويو‪-‬ٽٽو‪-‬اٿيو‪-‬ويٺو‪-‬‬
‫‪ -‬ٿيندو‪ -‬وغيره‬‫گهميو‪-‬ڦريو‪-‬چڙهيو‪-‬سمجهيو‪-‬‬
‫ڊنو‪-‬وغيره‬
‫‪ -4‬سهڻ جي معنى وارا لفظ‬ ‫‪ -3‬هئڻ جي معنى وارا لفظ‬
‫آهي‪-‬هوندو‪ -‬هيو‪ -‬هجي‪ -‬هو – ڪٺو‪ -‬وڍيو‪ -‬چيريو‪-‬ڏاريو‪-‬‬
‫ڦاڙيو‪-‬ڪاڙهيو‪ -‬ماريو‪ -‬لکيو‪-‬‬ ‫وغيره‬
‫وغيره‬

‫مشق‬
‫‪ -0‬فعل ڇاکي چئجي؟‬
‫‪ -2‬هيٺين جملن مان فعل چونڊيو‪.‬‬
‫‪ )9‬مشتاق راند ڪئي‪.‬‬
‫‪ )2‬اسان سبق ياد ڪريون پيا‪.‬‬
‫‪ )9‬پينگهو لوڏجي ٿو‪.‬‬
‫‪ )1‬مان خط لکيو‪.‬‬
‫‪ )5‬پٽيوالي گهنڊ وڄايو‪.‬‬
‫‪ )0‬پين ۾ مس آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪25‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫دروازو بند هو ۽ دري کليل هئي‪.‬‬ ‫‪)3‬‬


‫انهن ماني کاڌي‪.‬‬ ‫‪)8‬‬
‫اسڪول ڪڏهن کلندو؟‬ ‫‪)1‬‬
‫امڙ لسي ولوڙي مکڻ ڪڍيو‪.‬‬ ‫‪)96‬‬
‫بورچي کان ماني پچرائي ويئي‪.‬‬ ‫‪)99‬‬
‫‪ -3‬هيٺيان فعل جملن ۾ ڪم آڻيو‪.‬‬
‫ڪيو آهي‪-‬ڊوڙيو‪-‬پڙهان ٿو‪-‬پيتو‪-‬ويو‪-‬ماريان ٿو‪-‬ڪري ڪٺو‪-‬‬
‫ياد ڪيو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪26‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ظرف‬
‫ظرف جي معنى آهي‪ ،‬ماپو يا ٿانُء‪ ،‬هي لفظ جملي ۾ فعل بابت وڌيڪ‬
‫خبر ڏيندو آهي ۽ فعل سان الڳاپو ڏيکاريندڙ آهي‪ .‬هن کي سمجهڻ الِء‬
‫هيٺيان جمال پڙهو‪.‬‬
‫رياض هينئر آيو آهي‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫مشتاق مٿي آهي‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫مونکي چانهه نه گهرجي‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫گهوڙو ڍلو هلي ٿو‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫انور ٿورو ڳالهايو‪.‬‬ ‫‪-5‬‬
‫مٿين جملن ۾ هيٺين لفظن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا‪.‬‬
‫وقت جي معنى ڏيکاري ٿو‪.‬‬ ‫هينئر‪،‬‬ ‫‪-0‬‬
‫جاِء جي معنى ڏيکاري ٿو‪.‬‬ ‫مٿي‪،‬‬ ‫‪-0‬‬
‫انڪار جي معنى ڏيکاري ٿو‪.‬‬ ‫نه‪،‬‬ ‫‪-3‬‬
‫ريت جي معنى ڏيکاري ٿو‪.‬‬ ‫ڍلو‪،‬‬ ‫‪-4‬‬
‫قدر جي معنى ڏيکاري ٿو‪.‬‬ ‫ٿورو‪،‬‬ ‫‪-2‬‬
‫هي لفظ فعل سان لڳن ٿا ان جي وضاحت ڪن ٿا‪ .‬ان ڪري هنن‬
‫لفظن کي ظرف چئبو‪ .‬اڃان به ظرف کي وڌيڪ سمجهڻ الِء هي جمال پڙهو‪.‬‬
‫‪ -9‬کٽو انب نه وڍ‪.‬‬
‫‪ -2‬منڊو ماڻهو آهستي آهستي هلي ٿو‪.‬‬
‫‪ -9‬مان اڄ ڪونه ايندس‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪27‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫‪ -1‬ٻاهر نه وڃ‪.‬‬
‫مٿين جملن ۾ ظرف جو الڳاپو‪ ،‬فعل کان سواِء ٻين لفظن سان به آهي‪.‬‬
‫ڏسو ۽ سمجهو‪.‬‬
‫”نه“ ظرف آهي‪ ،‬جنهن جو واسطو کٽو صفت سان آهي‪.‬‬ ‫‪-0‬‬
‫”آهستي آهستي“ ظرف آهي‪ ،‬جنهن جو واسطو منڊ وصفت‬ ‫‪-0‬‬
‫سان آهي‪.‬‬
‫”ڪونه“ ظرف آهي‪ ،‬جنهن جو واسطو اڄ ظرف سان آهي‪.‬‬ ‫‪-3‬‬
‫”نه“ ظرف آهي‪ ،‬جنهن جو واسطو ٻاهر ظرف سان آهي‪.‬‬ ‫‪-4‬‬
‫هن مان ظاهر ٿيو ته‪ ،‬ظرف اهو لفظ آهي جيڪو جملي ۾ فعل‪ ،‬صفت‬
‫۽ ٻئي ظرف سان لڳي‪ .‬ريت‪ ،‬قدر‪ ،‬وقت‪ ،‬جاِء ۽ انڪار جي معنى ڏيکاري‪.‬‬

‫ظرف جو چارٽ‬
‫‪ -2‬وقت وارا لفظ‬ ‫‪ -1‬ريت ۽ قدر وارا لفظ‬
‫ڍلو‪ -‬ڏاڍو‪ -‬مس مس‪ -‬هروڀرو‪ -‬اڳ‪ -‬پوِء‪ -‬اڄ‪ -‬ڪالهه‪ -‬سڀاڻي‪-‬‬
‫تمام‪ -‬اجائي‪ -‬ڏاڍيان‪ -‬ٿورو‪ -‬هينئر‪ -‬نيٺ‪ -‬اڃان‪ -‬ٻيهر‪ -‬وري‬
‫گهڻو‪ -‬هوريان‪ -‬دليئون‪-‬هزرئون ‪-‬ڏهاڙي‪ -‬سدائين‪ -‬ڪڏهون‪-‬‬
‫مهيني‪ -‬سرمهيني‪ -‬سال به سال‪-‬‬ ‫–وغيره‪.‬‬
‫هيڪر‪ -‬پرينھن‪ -‬وغيره‪.‬‬
‫‪ -4‬انڪار وارا لفظ‬ ‫‪ -3‬جاِء وارا لفظ‬
‫م‪-‬ڪين‪-‬ڪونه‪-‬ڪانه‪-‬نه‪-‬‬ ‫هيٺ‪-‬مٿي‪-‬اندر‪-‬ٻاهر‪-‬جت‬
‫ڪيم‪-‬وغيره‪.‬‬ ‫ڪٿ‪-‬هت‪-‬هت‪-‬نت‪-‬جيڏي‬
‫ڪيڏي‪-‬تيڏي‪-‬وغيره‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪28‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مشق‬
‫ظرف ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-0‬‬
‫اهڙا پنج لفظ ٻڌايو جنهن مان وقت جي معنى نڪري‪.‬‬ ‫‪-0‬‬
‫اهڙا پنج ظرف جا لفظ ٻڌايو‪ .‬جنهن مان جاِء جي معنى‬ ‫‪-3‬‬
‫نڪري‪.‬‬
‫اهڙا پنج ظرف جا لفظ ٻڌايو جنهن مان ريت ۽ قدر جي معنى‬ ‫‪-4‬‬
‫نڪري‪.‬‬
‫اهڙا پنج ظرف جا لفظ ٻڌايو جنهن مان انڪار جي معنى‬ ‫‪-2‬‬
‫نڪري‪.‬‬
‫هيٺين جملن مان ظرف چونڊو‪.‬‬ ‫‪-6‬‬
‫رياض ڏاڍيان ڳالهائيندو آهي‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫مان صبحاڻي سکر ويندس‪.‬‬ ‫‪)2‬‬
‫مون کي تنهنجا ڪتاب نه گهرجن‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫م رو‪ ،‬م رڙ ڪي‪ ،‬م ڪي هنجون هار‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫مٿي ڪانُء لنوي ٿو‪.‬‬ ‫‪)5‬‬
‫هتي هتي نه رل‬ ‫‪)0‬‬
‫‪ -7‬هيٺيان ظرف جا لفظ جملن ۾ ڪم آڻيو‪.‬‬
‫ڪين‪-‬ڍلو‪-‬جيڏانهن ڪيڏانهن‪-‬اجهو‪-‬پرين‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪29‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫حرف جر‬
‫اسان روزانو‪ ،‬اهڙا لفظ ڳالهائيندا آهيون‪ ،‬جيڪي هڪ اسم يا ضمير‬
‫جي پٺيان اچي‪ ،‬ٻئي اسم يا ضمير سان انجو الڳاپو ڏيکاريندا آهن‪ .‬هي‬
‫جمال پڙهو‪.‬‬
‫کيسي ۾ قلم آهي‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫مان توسان گڏجي هلندس‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫مون وٽ ڪتاب آهي‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫تو بنا منهنجو ٻيو ڪير آهي‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫ميز تي عينڪ رکي آهي‪.‬‬ ‫‪-5‬‬
‫هنن جملن تي غور ڪندا ته ڏسندا ته پهرين جملي ۾ کيسي ۾ قلم جو‬
‫تعلق ۾‪ ،‬ٻئي جملي ۾ ”مان“ ۽ ”تو“ ضمير جو تعلق ”سان“‪ ،‬ٽئين جملي ۾‬
‫”ڪتاب“ جو تعلق ”وٽ“‪ -‬چوٿين جملي ۾ ”تو“ ۽ ”منھنجو“ ضمير جو‬
‫تعلق ”بنا“ ۽ پنجين جملي ۾ ”ميز“ ۽ ”عينڪ“ جو تعلق ”تي“‪ ،‬لفظ ظاهر‬
‫ڪن ٿا‪ .‬يعني‪ :‬لفظ ”۾“‪” ،‬سان“‪” ،‬وٽ“ ”بنا“ ۽ ”تي“ هڪ شيِء جو تعلق ٻي‬
‫سان ڏيکارين ٿا‪ .‬هي سڀئي لفظ حرف جر آهن‪ .‬جر جي معنى آهي ڇڪڻ يا‬
‫ڪشش ڪرڻ‪ -‬ياد رکو ته گرامر جا اهڙا لفظ‪ ،‬جيڪي هڪ اسم يا ضمير‬
‫جي پٺيان اچي‪ ،‬ٻئي اسم يا ضمير سان‪ ،‬انجو تعلق ڏيکارين ۽ جملي جو‬
‫صحيح مطلب ظاهر ڪن‪ ،‬تن کي حرف جر چئبو آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪30‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫حرف جر جو چارٽ‬
‫جو‪-‬سندو‪-‬کي‪-‬تي‪-‬۾‪-‬ڏي‪-‬ڪري‪-‬منجهه‪-‬کان‪-‬وٽ‪-‬مٿي‪-‬‬
‫سوڌو‪-‬پر‪-‬الڪر‪-‬منجهان‪-‬ڌاران‪-‬تان‪-‬منجهون‬

‫مشق‬
‫‪ -0‬حرف جر ڇاکي چئجي؟‬
‫‪ -0‬حرف جر جا پنج لفظ ٻڌايو؟‬
‫‪ -3‬هيٺين جملن مان حرف جر چونڊيو؟‬
‫هو مرگهي وگهي مري ويو‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫منهنجي ڪري توکي تڪليف پهتي‪.‬‬ ‫‪)2‬‬
‫رياض کي ڪتاب ڏي‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫ميز تي ٽوپي رک‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫چمچي سان کير پيُء‪.‬‬ ‫‪)5‬‬
‫حوض منجهه ڀتر نه اڇل‪.‬‬ ‫‪)0‬‬
‫‪ -4‬هيٺيان حرف جر جا لفظ جملن ۾ ڪم آڻيو؟‬
‫کي‪-‬پر‪-‬الِء‪-‬سان‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪31‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫حرف جملو‬
‫اسين روزانو اهڙا جمال ڳالهائيندا آهيون‪ ،‬جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل يا ڌار‬
‫ٿيل هوندا آهن‪ .‬ٻولي ۾‪ ،‬ٻن جملن‪ ،‬ٻن لفظن۽ جملي جي ٻن ڀاڱن کي ڳنڍڻ‬
‫يا ڌار ڪرڻ الِء ڪي مقرر لفظ هوندا آهن‪ .‬جن کي حرف جملو چئبو آهي‪.‬‬
‫حرف جملي جي معنى آهي جوڙڻ‪.‬‬
‫هن کي سمجهڻ الِء هيٺيان جمال پڙهو‬
‫الطاف ۽ مشتاق سڳا ڀائر آهن‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫گهوڙو يا گڏهه گاهه کڻندا آهن‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫رياض! تون پاس ٿيندين‪ ،‬بشرطيڪه محنت ڪندين‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫مان آيو هوس پر تون ڪونه هئين‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫تون ناراض ٿئين ڇاڪاڻ ته مون سچ چيو‪.‬‬ ‫‪-5‬‬
‫پهرين جملي ۾ ”۽“ حرف جملو آهي‪ .‬جيڪو الطاف ۽ مشتاق کي پاڻ‬
‫۾ ڳنڍي ٿو‪ .‬ٻئي جملي ۾ ”يا“ حرف جملو آهي جيڪو گهوڙي ۽ گڏهه اسمن‬
‫کي پاڻ ۾ مالئي ٿو‪ .‬ٽئين جملي ۾ ”بشرطيڪه“ حرف جملو آهي جيڪو‬
‫جملي جي ٻن ڀاڱن ”رياض تون پاس ٿيندين“ ۽ ”محنت ڪندين“ کي پاڻ‬
‫۾ ڳنڍي ٿو‪ .‬چوٿين جملي ۾ ”پر“ حرف جملو آهي‪ .‬جيڪو جملي جي ٻن‬
‫ڀاڱن ”مان آيو هوس“ ۽ ”تون ڪونه هئين“ کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو‪ .‬پنجين‬
‫جملي ۾ ”ڇاڪاڻ ته“ حرف جملو آهي‪ ،‬جيڪو جملي جي ٻن ڀاڱن ”تون‬
‫ناراض ٿئين“ ۽ ”مون سچ چيو“ کي ڳنڍي ٿو‪.‬‬
‫ياد رکو ته‪ ،‬اهي لفظ جيڪي ٻن اسمن ٻن ضميرن ۽ جملي جي ٻن ڀاڱن‬
‫کي‪ ،‬پاڻ ۾ ڳنڍين يا ڌار ڪن‪ ،‬تن کي حرف جملو چئبو آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪32‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫حرف جملي جو چارٽ‬


‫۽‪-‬يا‪-‬جي‪-‬پر‪-‬پڻ‪-‬ته‪-‬جي‪-‬جيڪڏهن‪-‬جيڪر‪-‬ڪه‪-‬بشرطيڪه‪-‬‬
‫توڻي‪-‬توڙي‪-‬اگرچه‪-‬جيتوڻيڪ‪-‬متان‪-‬ڄڻڪه‪-‬ڪر‪-‬جيئن‪.‬‬

‫مشق‬
‫‪ -0‬حرف جملو ڇاکي چئجي؟‬
‫‪ -0‬حرف جملي جا پنج لفظ ٻڌايو؟‬
‫‪ -3‬هيٺين جملن مان حرف جملو چونڊيو!‬
‫مان محنت ڪريان ها ته پاس ٿيان هان!‬ ‫‪)9‬‬
‫مان تو وٽ نه اچي سگهيس ڇو ته بيمار هوس‪.‬‬ ‫‪)2‬‬
‫احمد پڻ تو وٽ آيو هو‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫هو تو وٽ آيو توڙي جو تون هن کي ڳالهايو‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫هن سائيڪل تيز هالئي ان ڪري حادثي جو شڪار ٿي پيو‪.‬‬ ‫‪)5‬‬
‫‪ -4‬هيٺيان لفظ پنهنجن جملن ۾ ڪم آڻيو‪.‬‬
‫جيڪر‪-‬ڄڻڪ‪-‬جيئن‪-‬پڻ‪-‬توڙي‪-‬جيڪڏهن‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪33‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫حرف ندا‬
‫اسين ڏک‪ ،‬غم‪ ،‬خوشي‪ ،‬خواهش ۽ سڏ ڪرڻ الِء ڪي خاص لفظ ڪم‬
‫آڻيندا آهيون اچو ته ڏسون اهي لفظ ڪهڙا آهن‪ .‬هي جمال پڙهو‪.‬‬
‫‪ -0‬افسوس! منھنجو گهوڙو مري ويو‪.‬‬
‫‪ -0‬هاِء هاِء! منهنجو ٻٽون گم ٿي ويو‪.‬‬
‫‪ -3‬او ظفر! هيڏانهن اچ‪.‬‬
‫‪ -4‬اڙي ڪمال! ڇا ٿو ڪرين‪.‬‬
‫‪ -2‬شال! وڏي ڄمار ماڻين‪.‬‬
‫‪ -6‬من! ڪڏهن سڌري پوي‪.‬‬
‫‪ -7‬بلي! اڄ ته سٺا ڪپڙا پاتا اٿيئي‪.‬‬
‫‪ -8‬وڃ! مڙس جي آڪڙ ته ڏس‪.‬‬
‫‪ -9‬واهه واهه! اکر ته ڏاڍا سٺا لکيا اٿيئي‪.‬‬
‫‪ -02‬هون هون! خيال ڪر‪.‬‬
‫مٿين جملن پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته ‘افسوس’ ۽ ‘هاِء هاِء’ ارمان ۽‬
‫ڏک جو اظهار ڪن ٿا‪‘ .‬او’ ۽ ‘اڙي’ سڏ ڪرڻ جي معنا ڏيکارين ٿا‪‘ .‬شال’ ۽‬
‫‘من’ خواهش جي معنى ڏيکارين ٿا‪.‬‬
‫مٿين جملن پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته ‘افسوس’ ۽ ‘هاِء هاِء’ ارمان ۽‬
‫ڏک جو اظھار ڪن ٿا‪‘ .‬او ۽ اڙي’ سڏ ڪرڻ جي معنى ڏيکارين ٿا‪‘ .‬شال’ ۽‬
‫‘من’ خواهش جي معنى ڏيکارين ٿا‪‘ .‬بلي’‪‘ ،‬وڃ’ ۽ ‘واهه واهه’ خوشيَء جي‬
‫معنى ڏيکارين ٿا‪‘ .‬هون هون’ ڌڪار ۽ منع جي معنى ظاهر ڪن ٿا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪34‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫بس ياد رکو ته اهڙا لفظ جيڪي جملن کان الڳ بيٺل هجن‪ ،‬جن مان‬
‫سڏ‪ ،‬سڌ‪ ،‬عجب‪ ،‬ارمان‪ ،‬خوشي ۽ دلي جوش ظاهر ٿئي‪ ،‬ان کي حرف ندا چئبو‬
‫آهي‪ .‬ندا جي معنى آهي سڏ يا دانهن ڪرڻ‪.‬‬

‫حرف ندا جو چارٽ‬


‫سڌ يا خواهش وارا لفظ‬ ‫سڏ ڪرڻ وارا لفظ‬
‫شال‪ -‬من‪ -‬جيڪر‬ ‫او‪ -‬ڙي‪-‬اڙي‪-‬اي‬
‫خوشي وارا لفظ‬ ‫ارمان وارا لفظ‬
‫ارمان‪ -‬افسوس‪ -‬هاِء هاِء‪ -‬اال‪ -‬واهه واهه‪-‬بيشڪ بيشڪ‪-‬بلي‪-‬‬
‫اها‪-‬شاباس‬ ‫مٺيس‬
‫حرف ندا جا وڌيڪ لفظ‬
‫هي‪-‬هون‪-‬مر‪-‬خيرئي خير‪-‬متان‪ -‬االجي‪ -‬گهوڙا ڙي‪ -‬االڙي‪-‬اباڙي‬

‫مشق‬
‫‪ -0‬حرف ندا ڇاکي چئجي؟‬
‫‪ -0‬حرف ندا جا پنج لفظ ٻڌايو؟‬
‫‪ -3‬هيٺين جملن مان حرف ندا جا لفظ چونڊيو‪.‬‬
‫واهه واهه! تو سٺي راند ڏيکاري‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫شاباس! تون پاس ٿئين‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫گهوڙاڙي! منهنجو ڀاُء مري ويو‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫اال! مون سان قھر ٿي ويو‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫مٺيس! منهنجو پٽ بيمار ٿي پيو‪.‬‬ ‫‪-5‬‬
‫متان! ايئن ڪڏهن نه ڪج‪.‬‬ ‫‪-0‬‬
‫مر‪-‬کائي ڍؤ ڪر‪.‬‬ ‫‪-3‬‬
‫بلي! درياَء موج ۾ آهي‪.‬‬ ‫‪-8‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪35‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫ دادا سنڌي‬: ‫سنڌيڪا سنڌي گرامر‬

www.sindhsalamat.com 36 www.sindhica.net
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ترڪيب‬
‫گذريل صفحن ۾ اسين پڙهي آيا آهيون ته ڳالھائڻ جا لفظ اٺ آهن‪.‬‬
‫‪ -3‬صفت‬ ‫‪ -0‬ضمير‬ ‫‪ -0‬اسم‬
‫‪ -6‬حرف جر‬ ‫‪ -2‬ظرف‬ ‫‪ -4‬فعل‬
‫‪ -7‬حرف جملو ‪ -8‬حرف ندا‬
‫جملن ۾ سڀئي لفظ‪ ،‬ضرور انهن اٺن لفظن مان هوندا آهن‪ .‬جڏهن هر‬
‫لفظ کي سندس قسم موجب ڌار ڌار ڪبو آهي ته ان کي ترڪيب چئبو‬
‫آهي‪.‬‬
‫ترڪيب جي معنى آهي واسطو يا ڳانڍاپو آهي ۽ اصطالحي معنى‬
‫آهي‪ .‬جملن ۾ ڪم آيل لفظن جي گرامر موجب پرک کي‪ ،‬ترڪيب چئبو‬
‫آهي‪ .‬اچو ته مثال سان سمجهون‪.‬‬

‫‪ -0‬اڄ مون وٽ آُء‬ ‫‪ -0‬انور وٽ مٺو انب آهي‪.‬‬


‫ظرف‬ ‫اڄ‬ ‫اسم‬ ‫انور‬
‫ضمير‬ ‫مون‬ ‫حرف جر‬ ‫وٽ‬
‫حرف جر‬ ‫وٽ‬ ‫صفت‬ ‫مٺو‬
‫فعل‬ ‫آُء‬ ‫اسم‬ ‫انب‬
‫فعل‬ ‫آهي‬
‫‪ -4‬هي ڏيئي جي وٽ آهي‬ ‫‪ -3‬جو آيو سو اگھيو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪37‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ضمير‬ ‫هي‬ ‫ضمير‬ ‫جو‬


‫اسم‬ ‫ڏيئي‬ ‫فعل‬ ‫آيو‬
‫حرف جر‬ ‫جي‬ ‫ضمير‬ ‫سو‬
‫اسم‬ ‫وٽ‬ ‫فعل‬ ‫اگھيو‬
‫فعل‬ ‫آهي‬
‫‪ -2‬هي ڪتاب الطاف جو آهي‬
‫ضمير‬ ‫هي‬
‫اسم‬ ‫ڪتاب‬
‫اسم‬ ‫الطاف‬
‫حرف جر‬ ‫جو‬
‫فعل‬ ‫آهي‬

‫مٿين جملن پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته ڪي اهڙا به لفظ آهن‪،‬‬


‫جيڪي هڪ جملي ۾ اسم آهن ته ٻئي ۾ حر ف جر‪ ،‬ڪٿي ضمير آهن‬
‫ته ڪٿي وري حرف جر‪ -‬ايئن ڇو آهي؟ اها ٻولي جي وسعت ۽‬
‫ڪشادگي آهي‪.‬‬
‫مثال‪ :‬پهرين ۽ ٻئي جملي ۾ وٽ حرف جر آهي‪ .‬پر ٽئين جملي ۾ وٽ‬
‫اسم آهي‪ .‬چوٿين جملي ۾ ”جو“ ضمير آهي‪ .‬ته پنجين جملي ۾ ”جو“ حرف‬
‫جر آهي‪ .‬ترڪيب ۾ اهو ڇو ٿو ٿئي؟ ان الِء ايئن آهي ته اهي لفظ معنى ۾ ڌار‬
‫ڌار آهن‪‘ .‬وٽ’ اسم آهي جيڪا ڪپهه مان ٺهيل هوندي آهي ۽ ٻين جملن ۾‬
‫وٽ حرف جر آهي جيڪو اسم ۽ ضمير جي پٺيان آيو آهي‪‘ .‬جو’ ضمير‬
‫آهي‪ .‬جيڪو ڪنهن ماڻهو جي بدران ڪم آيو آهي ۽ پنجين جملي ۾ ‘جو’‬
‫حرف جر آهي جيڪو اسم جي پٺيان ڪم آيو آهي‪.‬‬
‫ياد رکو ته ترڪيب ۾ سڀني لفظن کي گرامر موجب‪ ،‬سندن قسمن ۽‬
‫دفعن ۾ ڌار ڌار ڪري رکبو آهي‪ .‬تڏهن وڃي ترڪيب درست ٿيندي آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪38‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مشق‬
‫هيٺين جملن جي ترڪيب ڪريو‪.‬‬
‫رياض خط لکيو‬ ‫‪-9‬‬
‫انور جو گهوڙو تکو ڊوڙي ٿو‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫اعجاز! ماني کاُء‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫اندر اچ! مينهن پوي ٿو‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫بلي! تو ته سٺو مضمون لکيو‪.‬‬ ‫‪-5‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪39‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫اسم جا قسم‬
‫ٻارو! اوهان پڙهي آيا آهيو ته اسم‪ ،‬شئي‪ ،‬جاِء‪ ،‬ساهواري‪ ،‬ماڻهو‪ ،‬ڪم‪،‬‬
‫خاصيت ۽ حالت جي نالي کي چئبو آهي‪ .‬هاڻي اچو ته ”اسم جا قسم“‬
‫سمجھون‪ .‬ان الِء هيٺين جملن کي غور سان پڙهو‪.‬‬
‫‪ -0‬الطاف ڪتاب پڙهي ٿو‪.‬‬
‫‪ -2‬اشفاق خط لکي ٿو‪.‬‬
‫‪ -9‬اٺ گوار کائي ٿو‪.‬‬
‫‪ -1‬اعجاز هوشياري سان پڙهي ٿو‪.‬‬
‫‪ -5‬نوڙت ڪر‪.‬‬
‫‪ -0‬سچائي هڪ وڏي خوبي آهي‪.‬‬
‫هاڻي‪ ،‬هنن جملن مان اسم چونڊينداسين ته هيٺيان لفظ نظر ايندا‪.‬‬
‫الطاف‪ ،‬ڪتاب‪ ،‬اشفاق‪ ،‬خط‪ ،‬اٺ‪ ،‬گوار‪ ،‬اعجاز‪ ،‬هوشياري‪ ،‬نوڙت ۽ سچائي‪.‬‬
‫الطاف‪ ،‬اشفاق ۽ اعجاز خاص ماڻهن جا ناال آهن‪ .‬ڪتاب‪ ،‬خط‪ ،‬اٺ ۽‬
‫گوار عام شين جا ناال آهن‪ .‬نوڙت ۽ سچائي اهڙين شين جا ناال آهن‪ ،‬جن‬
‫کي اسين محسوس ڪري سگهون ٿا پر ڇهي ۽ ڏسي نه ٿا سگهون‪.‬‬
‫انهي لحاظ کان‪ ،‬اسم جا ‪ 3‬قسم آهن‪.‬‬
‫‪ -0‬خاص ناال‪،‬‬
‫‪ -0‬عام ناال‪،‬‬
‫‪ -3‬ذاتي يا خاصيت وارا ناال‪ .‬گرامر ۾ پهرين کي اسم خاص‪ .‬ٻئي کي‬
‫اسم عام ۽ ٽئين کي اسم ذات چئبو آهي‪.‬‬
‫(الف) اسم خاص‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪40‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫هن کي سمجهڻ الِء هيٺيان جمال پڙهو‪.‬‬


‫‪ -9‬شاهجهان تاج محل ٺهرايو‪.‬‬
‫‪ -2‬حضرت علي هللا يضر ذوالفقار سان وڙهيو‪.‬‬
‫‪ -9‬سنڌوندي پاڪستان جي وڏي ندي آهي‪.‬‬
‫هنن جملن ۾ شاهجهان‪ ،‬هڪ خاص بادشاهه جو نالو آهي‪.‬جيڪو‬
‫اسم خاص آهي‪ .‬تاج محل به هڪ خاص جاِء جو نالو آهي‪ .‬جيڪو اسم‬
‫خاص آهي‪ .‬ذوالفقار حضرت عليرضي اهللجي تلوار جو نالو آهي‪،‬‬
‫جيڪو پڻ اسم خاص آهي‪ .‬ٽئين جملي ۾ سنڌوندي خاص درياَء جو نالو‬
‫آهي‪ ،‬ان ڪري اهو به اسم خاص آهي‪ .‬پاڪستان خاص ملڪ جو نالو‬
‫آهي‪ .‬ان ڪري اهو اسم خاص آهي‪.‬‬
‫هاڻي ياد رکو ته اهو لفظ جيڪو جملي ۾ ڪنهن ماڻهو‪ ،‬ساهواري‪ ،‬شئي‬
‫۽ جاِء جو خاص نالو هجي ان کي اسم خاص چئبو آهي‪.‬‬
‫دلدل‪ -‬رخش‪-‬ايران‪-‬چناب‪-‬اڪبر‪-‬نيل وغيره‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬

‫(ب) اسم عام‪:‬‬


‫هن کي سمجهڻ الِء هيٺيان جمال پڙهو‪.‬‬
‫گھوڙو ڊوڙي ٿو‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫پين ۾ مس آهي‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫نانگ ڀڄي ٿو‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫اسڪول بند آهي‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫سليٽ تي پيني سان لک‪.‬‬ ‫‪-5‬‬
‫مٿين جملن ۾ گھوڙو‪-‬پين‪-‬مس‪-‬نانگ‪-‬اسڪول‪-‬سليٽ ۽ پيني‬
‫اهڙا اسم آهن جن جھڙا ٻيا اسم به گھڻا آهن‪ .‬گھوڙي جھڙو ٻيو گھوڙو به ٿي‬
‫سگھي ٿو‪ .‬اهڙي طرح پين‪ ،‬مس‪ ،‬نانگ‪ ،‬اسڪول‪ ،‬سليٽ ۽ پيني جهڙيون‬
‫ٻيون شيون به ملي سگھن ٿيون‪ .‬ان ڪري اهي انهن سڀني شين جا عام ناال‬
‫آهن‪ .‬انهيَء ڪري انهن سڀني شين کي‪ ،‬اسم عام چئبو آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪41‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫هاڻي ياد رکو ته اهو لفظ‪ ،‬جيڪو جملي ۾ ماڻهو ساهواري‪ ،‬شئي جو عام‬
‫نالو هجي‪ ،‬ان کي اسم عام چئبو آهي‪.‬‬

‫ماڙي‪-‬ڪاريگر‪-‬ڪتو‪-‬ڪبوتر‪-‬ميز‪-‬ڇوڪري وغيره‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬

‫(ث) اسم ذات‪:‬‬


‫هن کي سمجھڻ الِء هي جمال پڙهو‪.‬‬
‫بيماري ۽ تندرستي الزم ملزوم آهن‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫سياڻپ قدرتي ڏات آهي‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫چريائپ ۾ انسان تي ميار ڪونھي‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫آسمان ۾ ڪڪرن جي ڪاراڻ آهي‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫هوشو جنگ ۾ بھادري سان وڙهيو‪.‬‬ ‫‪-5‬‬
‫ترڻ به ته سک نه‪.‬‬ ‫‪-0‬‬
‫مٿين جملن ۾‪ ،‬بيماري‪ ،‬تندرستي‪ ،‬سياڻپ‪ ،‬ڏات‪ ،‬چريائپ‪ ،‬ڪاراڻ‪،‬‬
‫جنگ‪ ،‬بھادري ۽ ترڻ اهڙا اسم آهن جيڪي خصلتن خوبين رنگن ۽‬
‫ڪمن جا ناال آهن‪ ،‬اسين انهن کي صرف ڏسي ۽ محسوس ڪري سگھون‬
‫ٿا‪ ،‬پر ڇهي نه ٿا سگهون‪ .‬ان ڪري انهن کي اسم ذات چئبو آهي‪.‬‬
‫ذات جي معنى آهي ته ٻي ڪنهن شئي ۾ سمايل خوبي‪ .‬هاڻي ياد رکو‬
‫ته اهو لفظ جيڪو جملي ۾ خاصيت‪ ،‬حالت ۽ ڪم جو نالو هجي‪ ،‬ان کي‬
‫اسم ذات چئبو آهي‪( .‬يا) اهڙا ناال جن کي وجود ته هجي پر خيال ۾ اچي‬
‫سگهن‪ ،‬تن کي اسم ذات چئبو آهي‪.‬‬
‫سستي‪ ،‬اڇاڻ‪ ،‬پيالڻ‪ ،‬رحم‪ ،‬ڪاوڙ‪ ،‬شرافت‪ ،‬کيڏڻ‪ ،‬سکڻ‬ ‫مثال‪:‬‬
‫وغيره‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪42‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مشق‬
‫اسم خاص ڇاکي چئجي؟ ڪي به پنج اسم خاص ٻڌايو‪.‬‬ ‫‪-0‬‬
‫اسم عام ڇاکي چئجي؟ ڪي به پنج اسم عام ٻڌايو‪.‬‬ ‫‪-0‬‬
‫اسم ذات ڇاکي چئجي؟ ڪي به پنج اسم ذات ٻڌايو‪.‬‬ ‫‪-3‬‬
‫هيٺين جملن مان اسم خاص‪ ،‬اسم عام ۽ اسم ذات جا لفظ چونڊيو‪.‬‬ ‫‪-4‬‬
‫اعجاز صوف ۽ فھميده ڪيلو کاڌو‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫گھڻو گھمڻ معلومات وڌائي ٿو‪.‬‬ ‫‪)2‬‬
‫رلڻ چڱو نه آهي‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫ڄام نندي جي ڏينهن ۾ ٺٽو اوج تي هو‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫پڙهڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪر‪.‬‬ ‫‪)5‬‬
‫معصوم شاهه جو منارو سکر ۾ آهي‪.‬‬ ‫‪)0‬‬
‫مڪلي ۾ دريا خان جي مزار ڏس‪.‬‬ ‫‪)3‬‬
‫اڪبر بادشاهه سنڌ ۾ ڄائو هو‪.‬‬ ‫‪)8‬‬
‫شاليمار باغ الهور ۾ آهي‪.‬‬ ‫‪)1‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪43‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ضمير جا قسم‬
‫ٻارو! اوهان پڙهي آيا آهيو ته ضمير اهو لفظ آهي‪ .‬جيڪو جملي ۾‬
‫اسم جي بدران ڪم اچي‪.‬‬
‫هاڻي اچو ته ضمير جا قسم سکون‪.‬‬
‫ضمير جا جملي ست قسم آهن‪.‬‬
‫‪ -0‬ضمير خالص‬
‫‪ -0‬ضمير اشارو‪،‬‬
‫‪ -3‬ضمير مشترڪ‪،‬‬
‫‪ -4‬ضمير استفھام‪،‬‬
‫‪ -2‬ضمير موصول‬
‫‪ -6‬ضمير جواب موصول‪،‬‬
‫‪ -7‬ضمير مبھم‪.‬‬
‫‪ -1‬ضمير خالص‪:‬‬
‫خالص جي معنى نج آهي‪ .‬هي اهي ضمير آهن جيڪي جملي ۾‬
‫صرف ماڻهن الِء ڪم اچن ٿا‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫مان لکان ٿو‪.‬‬
‫توهين راند ڪريو پيا‪.‬‬
‫اهي سبق ياد ڪندا پيا‪.‬‬
‫هنن جملن ۾‪‘ ،‬مان’‪‘ ،‬توهين’ ۽ ‘اهي’ خالص ضمير آهن‪ .‬جيڪي‬
‫خاص ماڻهن الِء ڪم آيا آهن‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪44‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ضمير خالص جا ‪ 3‬قسم آهن‪.‬‬


‫(الف) ضمير متڪلم‪:‬‬
‫متڪلم جي معنى آهي ڳالهائيندڙ‪ .‬اهي لفظ‪ ،‬جيڪي جملي ۾‪،‬‬
‫ڳالهائيندڙ پنهنجي الِء ڪم آڻي‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫مان هي خط لکيو هو‪.‬‬
‫اسين پاڻ ا تامرا آهيون‪.‬‬
‫آٌء سچ ڳالهائيندس پيو‪.‬‬
‫هنن جملن ۾ ‘مان’‪‘ ،‬اسين’ ۽ آٌء ضمير متڪلم جا لفظ آهن‪.‬‬
‫(ب) ضمير حاضر‪:‬‬
‫اهي لفظ جيڪي جملي ۾ روبرو (سامھون ڳالھائيندڙ) حاضر اسم جي‬
‫بدران ڪم آڻجن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫تون ڇو نه ٿو لکين؟‬
‫توهان ڪوڙ نه ڳالهايو‪.‬‬
‫هنن جملن ۾ ‘تون’ ۽ ‘توهان’‪ ،‬ضمير حاضر جا لفظ آهن‪.‬‬
‫(ث) ضمير غائب‪:‬‬
‫اهي لفظ جيڪي جملي ۾ انهي اسم بدران ڳالهايا وڃن جيڪي‬
‫موجود نه‪ ،‬پر غائب يا گم هجن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫اهي اڄ ايندا‪.‬‬
‫سڀاڻي انهن کي وڃڻو آهي‪.‬‬
‫هنن وٽ ڪتاب ئي ڪين آهن‪.‬‬
‫مٿين جملن ۾ ‘اهي’‪‘ ،‬انهن’ ۽ ‘هنن’ ضمير غائب جا لفظ آهن‪.‬‬
‫‪ -2‬ضمير اشارو‪:‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪45‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫اهي لفظ‪ ،‬جيڪي جملي ۾ ڪنهن اسم ڏانهن خاص اشاري طور ڪم‬
‫اچن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫هي منهنجو ڪتاب آهي‪.‬‬
‫هو تنهنجو ڪتاب آهي‪.‬‬
‫مٿين جملن ۾ ‘هي’‪ ،‬۽ ‘هو’ ضمير اشاري جا لفظ آهن‪ .‬جيڪي‬
‫”ڪتاب“ اسم ڏانهن اشارو ‪/‬ڪن ٿا‪.‬‬
‫ضمير اشاري جا ‪ 0‬قسم آهن‪:‬‬
‫(الف) ضمير اشارو ويجهو‪:‬‬
‫اهي لفظ جيڪي جملي ۾ ڪنهن ويجهي اسم ڏانهن اشاري الِء ڪم‬
‫اچن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫هي منهنجو ڪتاب آهي‪.‬‬
‫اهي هن جا ڪتاب آهن‪.‬‬
‫مٿين جملن ۾ ‘هي’‪‘ ،‬اهي’ ضمير اشاري ويجهي جا لفظ آهن‪.‬‬
‫(ب) ضمير اشارو ڏور‪-:‬‬
‫اهي لفظ جيڪي جملي ۾ ڪنهن پري واري اسم ڏانهن اشاري طور‬
‫ڪم اچن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫هو هن جا ڪتاب آهن‪.‬‬
‫اهي هنن جا ڪتاب آهن‪.‬‬
‫مٿين جملن ۾ ‘هو’‪‘ ،‬اهي’ ضمير اشاري ڏور جا لفظ آهن‪ .‬جيڪي‬
‫ڪتاب اسم ڏانهن اشارو ڪن ٿا‪.‬‬

‫‪ -3‬ضمير مشترڪ‪:‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪46‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مشترڪ جي معنى آهي گڏيل‪ .‬اهي لفظ جيڪي جملي ۾ اسم جي‬
‫بدران ڳالهايل هجن ۽ ٻئي ضمير سان گڏيل هجن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫مان خود کيس ڏٺو‪.‬‬
‫تون پنهنجي پين وٺ‪.‬‬
‫هي باغ اسان پاڻ پوکيو آهي‪.‬‬
‫مٿين جملن ۾ ‘خود’‪‘ ،‬پنهنجي’ ۽ ‘پاڻ’ ضمير مشترڪ جا لفظ آهن‪.‬‬

‫‪ -4‬ضمير استفھام‪:‬‬
‫اهي لفظ جيڪي جملي ۾ اهڙي اسم جي بدران ڪم اچن‪ ،‬جن الِء‬
‫ڪا پڇا ڪرڻي هجي‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫اندر ڪير آهي؟‬
‫توکي ڪنهن ماريو آهي؟‬
‫ڪڄاڙو کپيئي؟‬
‫ڇا ٿو چوين؟‬
‫هنن جملن ۾ ‘ڪير’‪‘ ،‬ڪنهن’‪‘ ،‬ڪڄاڙو’ ۽ ‘ڇا’ ضمير استفھام جا‬
‫لفظ آهن‪ .‬هنجا ٻيا لفظ هي آهن‪.‬‬
‫ڪھڙو ‪ -‬ڪن‬

‫‪ -5‬ضمير موصول‪:‬‬
‫موصول جي معنى ڳنڍيندڙ آهي‪ .‬جيڪي لفظ جملي ۾ اسم جي‬
‫بدران ڪم اچن ۽ جملي جي ٻن ڀاڱن کي پاڻ ۾ ڳنڍين‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫هي اهو ڪتاب آهي جيڪو تو گهريو هو‪.‬‬
‫انور آيو هو جنهن وٽ تنهنجي پين هئي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪47‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مٿين جملن ۾ ‘جيڪو’ ۽ ‘جنهن’ ضمير موصول آهي‪ .‬لفظ ‘جيڪو’‬


‫ڪتاب اسم‪ ،‬بدران ڪم آيو آهي ۽ جملي جي ٻن ڀاڱن کي پاڻ ۾ ڳنڍي‬
‫ٿو‪ .‬ٻئي جملي ۾ لفظ ‘جنهن’ ضمير موصول آهي‪ .‬جيڪو انور اسم‪ ،‬الِء ڪم‬
‫آيو آهي ۽ جملي جي ٻن ڀاڱن کي ڳنڍي ٿو‪ .‬ضمير موصول جا لفظ هي آهن‪،‬‬
‫جا‪ ،‬جيڪي‪ ،‬جن وغيره‪.‬‬

‫‪ -6‬ضمير جواب موصول‪:‬‬


‫اهي لفظ‪ ،‬جيڪي جملي ۾ ضمير موصول جي جواب ۾ اسم بدران‬
‫ڪم اچن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫جيڪو ڪتاب تو ڏنو هو‪ ،‬سو هي آهي‪.‬‬
‫جن گهريو تن ورتو‪.‬‬
‫مٿين جملي ۾ ‘سو’ ضمير جواب موصول آهي‪ .‬جيڪو ضمير موصول‬
‫جي جواب ۾‪ ،‬ڪتاب اسم‪ ،‬بدران ڪم آيو آهي‪ .‬ٻئي جملي ۾ ‘تن’ ضمير‬
‫موصول آهي جيڪو جن ضمير موصول جي جواب ۾ ڪم آيو آهي‪.‬‬
‫هن جا ٻيا لفظ هي آهن‪ :‬سو ‪ ،‬سا‪ ،‬سي‪ ،‬تن‪ ،‬تنهن وغيره‪.‬‬
‫‪ -7‬ضمير مبھم‪:‬‬
‫مبھم جي معنى ڳجھو آهي‪ .‬اهڙا لفظ جيڪي ڳجھي اسم الِء ڪم‬
‫آيل هجن ۽ خبر نه پوي ته اهي ڪھڙي اسم الِء ڪم آيا آهن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫ڪو ڪيئن چوي‪ ،‬ڪو ڪيئن چوي‪.‬‬
‫ڪير‪ ،‬آيو آهي‪.‬‬
‫توکي ڪنهن‪ ،‬ڏنو‪.‬‬
‫ڪا‪ ،‬ڳالهه ته ڪر‪.‬‬
‫هنن جملن ۾ ڪو ‪ ،‬ڪا‪ ،‬ڪير‪ ،‬ڪنهن ضمير مبھم آهن‪ .‬ٻيا لفظ هي‬
‫آهن‪ .‬ڪجھه‪ ،‬ڪن‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪48‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ضميري نشانيون‬
‫ضميري نشانيون ٻه آهن‪.‬‬
‫‪ -1‬ضمير منفصل‪:‬‬
‫اهي ضميري نشانيون‪ ،‬جيڪي اسم سان چھٽڻ بدران‪ ،‬ان کان پري‬
‫بيٺل هجن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫مٿو سور ٿو ڪريم‪.‬‬
‫جيئنس ڌڻي‪ ،‬مرنس چور‪.‬‬
‫هنن جملن ۾ م‪-‬س‪-‬ضمير‪ ،‬منفصل جون نشانيون آهن‪.‬‬
‫‪ -2‬ضمير متصل‪:‬‬
‫متصل جي معنى آهي چھٽيل‪ .‬اهي ضميري نشانيون‪ ،‬جيڪي اسم‬
‫سان چھٽيل هجن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫منهنجو پٽ‬ ‫=‬ ‫پٽم‬
‫تنهنجو پٽ‬ ‫=‬ ‫پٽئي‬
‫تنهنجو پٽ‬ ‫=‬ ‫پٽھين‬
‫اوهان جا پٽ‬ ‫=‬ ‫پٽو‬
‫هنجو پٽ‬ ‫=‬ ‫پٽس‬
‫هنن جا پٽ‬ ‫=‬ ‫پٽن‬
‫هنن جملن ۾ م‪-‬ئي‪-‬هين‪-‬ئو‪-‬س‪ ،‬ن‪ ،‬ضمير متصل جون نشانيون آهن‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪49‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ضميري صفت‬
‫اهي لفظ‪ ،‬جيڪي اصل ۾ ضمير هجن پر جملي ۾ اسم جي صفت‬
‫ڏيکارين‪.‬‬
‫هيڏو تالُء ڪنهن کوٽايو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ هيڏو ضميري صفت آهي‪ .‬جيڪو هي ضمير مان نڪتل‬
‫آهي‪.‬‬
‫ڪي ضميري صفتون هي آهن‪.‬‬
‫= هيترو‪-‬هيڏو‪-‬ههڙو‬ ‫هي ضمير مان‬
‫= ايترو‪ ،‬ايڏو‪ ،‬اوترو‪.‬‬ ‫اي ضمير مان‬
‫= هوترو‪ ،‬هوڏو‪ ،‬ههڙو‬ ‫هو ضمير مان‬
‫= جيترو‪ ،‬جيڏو‬ ‫جو ضمير مان‬
‫= تيترو تيڏو‬ ‫تنھن ضمير کان‬
‫ڪنهن ضمير مان = ڪيترو‪ ،‬ڪيڏو‪ ،‬ڪهڙو‪.‬‬

‫مشق‬
‫ضمير خالص جا ڪهڙا قسم آهن؟ مثال ڏيئي سمجهايو‪.‬‬ ‫‪-0‬‬
‫ضمير متصل جون نشانيون ڪهڙيون آهن؟‬ ‫‪-0‬‬
‫ضمير مبھم ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-3‬‬
‫ضمير متڪلم ۽ ضمير مشترڪ جي ڀيٽ ڪريو‪.‬‬ ‫‪-4‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪50‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫‪ -2‬هيٺين جملن مان ضمير چونڊيو‪.‬‬


‫ڪو ڪيئن چوي‪ ،‬ڪو ڪيئن چوي‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫آٌء جو ئي آهيان ‪ ،‬سوئي آهيان‪.‬‬ ‫‪)2‬‬
‫مٺيس جھل مھار‪ ،‬ڪٺيس ڪاه م ڪرهو‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫اهي هوڏانهن وڃن ٿا‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫ڪير ٿو گوڙ ڪري؟‬ ‫‪)5‬‬
‫توکي ڪنهن ٻڌايو؟‬ ‫‪)0‬‬
‫جيڪو لوچيندو سو لهندو‪.‬‬ ‫‪)3‬‬
‫اسان پاڻ توکي ڏٺو‪.‬‬ ‫‪)8‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪51‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫صفت جا قسم‬
‫ٻارو! اوهان پڙهي آيا آهيو ته صفت اهو لفظ آهي جيڪو جملي ۾ اسم‬
‫جو گڻ‪ ،‬اوگڻ‪ ،‬انداز‪ ،‬مقدار ۽ قسم ڏيکاري‪ .‬هاڻي اچو ته‪ ،‬صفت جي قسمن‬
‫کي سمجھون‪ .‬صفت جا ٽي قسم آهن‪.‬‬
‫‪ -0‬صفت وصفي‪،‬‬
‫‪ -0‬صفت عددي‪،‬‬
‫‪ -3‬صفت ضميري‪.‬‬
‫‪ -1‬صفت وصفي‪:‬‬
‫جملي ۾ اهڙن لفظن جي صفت وصفي ٿيندي‪ ،‬جيڪي اسم ۽‬
‫ضمير جو گڻ‪ ،‬اوگڻ‪ ،‬قسم ۽ قد ڏيکارين‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫بندرو ڇوڪر‬
‫سلڇڻو ڇوڪر‬
‫کٽو ٻير‬
‫ساکرو ماڻھو‬
‫مٿين جملن ۾ ‘بندرو’ قد ڏيکاري ٿو‪‘ ،‬سلڇڻو’ گڻ ڏيکاري ٿو‪‘ .‬کٿو’‬
‫اوگڻ ڏيکاري ٿو ۽ ‘ساکرو’ قسم ڏيکاري ٿو‪ .‬هي لفظ صفت وصفي آهن‪.‬‬
‫هن جا ٻيا لفظ هي آهن‪ .‬ڊگهو‪ ،‬ڪوجھو‪ ،‬سهڻو‪ ،‬چست‪ ،‬جابلو ‪ ،‬هوشيار‪،‬‬
‫ايراني‪ ،‬موڳو‪ ،‬سرحدي وغيره‪.‬‬

‫‪ -2‬صفت عددي‪:‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪52‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫اهي لفظ جيڪي جملي ۾ اسم ۽ ضمير جو انداز‪،‬ڳاڻاٽو يا عدد‬


‫ظاهر ڪن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫پنج پينون‪ ،‬يارهن پٽيون‪ ،‬پندرهن صوف ٻاويهون ڇوڪر‪،‬‬
‫ٽيهون گھوڙو‪.‬‬
‫پنج‪-‬يارهن‪-‬پندرهن‪-‬ٻاويھون‪-‬ٽيھون‪-‬صفت عددي آهن‪.‬‬
‫هن جا ٻيا لفظ هي آهن‪.‬‬
‫ٽي‪-‬هزار‪-‬ايڪونجاهه‪-‬سترهون‪-‬پنجويهون وغيره‬
‫‪ -3‬صفت ضميري‪:‬‬
‫اهڙا ضميري لفظ‪ ،‬جيڪي جملي ۾ صفت ٿي ڪم اچن‪ .‬هي لفظ‬
‫هميشه اسم سان گڏ هوندا آهن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫ٿورا پئسا کڻ‪.‬‬
‫ڪهڙو ماڻھو هو‪.‬‬
‫ڪا ڳالهه ته ٻڌاِء‪.‬‬
‫پنهنجو ماڻهو آهي‪.‬‬
‫هنن جملن ۾ ٿورا‪ ،‬ڪھڙو‪-‬ڪا‪-‬پنهنجو صفت ضميري آهن‪.‬‬
‫جيڪ ي پئسا‪ ،‬ماڻهو‪ ،‬ڳالهه‪ ،‬اسمن جي صفت ڪن ٿيون‪ .‬هن جا ٻيا لفظ‬
‫هي آهن‪.‬‬
‫سو‪ -‬جو‪-‬جيڪو‪-‬اهڙو‪-‬وغيره‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪53‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫صفت جا درجا‬
‫صفت جا ‪ 3‬درجا آهن‪.‬‬
‫‪ -0‬صفت خالص‪ -0‬صفت تفصيل‪ -3‬صفت مبالغو‪.‬‬

‫‪ -1‬صفت خالص‪:‬‬
‫اهو لفظ جيڪو جملي ۾ ڪنهن هڪ اسم يا ضمير جو گڻ‪ ،‬اوگڻ ڏيکاري‪.‬‬
‫انب مٺو آهي‪ .‬هن جملي ۾ مٺو صفت خالص آهي‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬

‫‪ -2‬صفت تفصيل‪:‬‬
‫اهو لفظ جيڪو جملي ۾‪ ،‬هڪ اسم يا ضمير جي ٻئي اسم يا ضمير‬
‫سان ڀيٽ ڪري‪.‬‬
‫انب صوف کان مٺو آهي‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ ‘کان مٺو’ صفت تفض يل آهي‪ .‬ياد رکڻ کپي ته صفت‬
‫تفض يل ۾ ٻئي اسم يا ضمير جي پٺيان حرف جر جو‪ ،‬کان‪ ،‬مان‪ ،‬مون‪،‬‬
‫منجهان لفظ ڪم آڻبا آهن‪.‬‬

‫‪ -3‬صفت مبالغو‪:‬‬
‫اهو لفظ جيڪو هڪ اسم يا ضمير جي ٽن يا ٽن کان وڌيڪ اسمن‬
‫يا ضميرن سان ڀيٽ ڪري‪.‬‬
‫انب سڀني ميون کان مٺو آهي‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪54‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مشق‬
‫صفت عددي ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-0‬‬
‫صفت ضميري جا ‪ 3‬مثال ڏيو؟‬ ‫‪-0‬‬
‫صفت وصفي جي تعريف ڪريو‪.‬‬ ‫‪-3‬‬
‫هيٺين جملن مان صفتون چونڊي سندن قسم ٻڌايو‪.‬‬ ‫‪-4‬‬
‫هٻڇي ڇوڪر چار مٺا ۽ وڏا انب کائي ويو‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫اٻاوڙائي پيڙا ۽ شڪارپوري آچار وٺي اچ!‬ ‫‪)2‬‬
‫سنڌي رساال پڙهه ۽ سنڌي ٻولي ڳالهاِء!‬ ‫‪)9‬‬
‫هوشيار ڇوڪر ڏڏ شاگرد کي پڙهائي ٿو‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫چست ٻار ڊوڙي ٿو‪.‬‬ ‫‪)5‬‬
‫تکو گھوڙو ٽانگي ۾ آهي‪.‬‬ ‫‪)0‬‬
‫ٻه ته ٻارهن‪.‬‬ ‫‪)3‬‬
‫ٻارهون مھينو ٿڌو مھينو آهي‪.‬‬ ‫‪)8‬‬
‫ڪانگا ڪر ڪا ڳالهه‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫صفت تفصيل ۽ مبالغو ڇاکي چئجي‪.‬‬ ‫‪)96‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪55‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫فعل جا قسم‬
‫ٻارو! اوهان پڙهي آيا آهيو ته فعل اهو لفظ آهي‪ .‬جيڪو جملي ۾‬
‫اسم جي ڪم بابت ٻڌائي يا اهو ٻڌائي ته اسم ۽ ضمير تي ڪم جو‬
‫ڪهڙو اثر ٿيو آهي‪ .‬جملي ۾ فعل سان گڏ ٻه شيون ٻيون به هونديون آهن‪.‬‬
‫هڪ ڪم جو ڪندڙ ۽ ٻيو جنهن تي ڪم جو اثر ٿئي‪.‬‬
‫الطاف چانھه پيئي ٿو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ ڪم جو ڪندڙ الطاف آهي‪ .‬جنهن کي گرامر جي‬
‫زبان ۾ فاعل چئجي ٿو ۽ اسم چانهه آهي جنهن تي ڪم جو اثر ٿئي ٿو‪.‬‬
‫هن کي گرامر جي زبان ۾ مفعول چئجي ٿو ۽ ٽيون پيئي ٿو ‪ ،‬ڪم بابت‬
‫ٻڌائي ٿو‪ .‬جيڪو فعل سڏبو‪.‬‬
‫ٻارو! ڪڏهن هيئن به ٿيندو آهي ته جملي ۾ فاعل ته هوندو آهي پر‬
‫مفعول نه هوندو آهي‪ .‬تڏهن به جملو پورو هوندو آهي‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫الطاف مضمون لکي ٿو‪.‬‬
‫الطاف لکي ٿو‪.‬‬
‫مشتاق بيت پڙهي ٿو‪.‬‬
‫مشتاق پڙهي ٿو‪.‬‬
‫مٿين پهرين ۽ ٽين جملي ۾ الطاف ۽ مشتاق فاعل آهن‪ .‬مضمون ۽‬
‫بيت خط مفعول آهن‪ .‬ٻئين ۽ چوٿين جملي ۾ فاعل ته برابر آهي‪ .‬پر‬
‫مفعول نه آهن‪ .‬اهڙن جملن ۾ فعل تي اثر ضرور پوي ٿو‪ .‬ڇاڪاڻ ته فاعل‬
‫۽ مفعول جو الڳاپو فعل سان ضرور هوندو آهي‪ .‬ان ڪري فعل جا مکيه‬
‫قسم ٻه آهن‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪56‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫‪ -0‬فعل الزمي‪ -0 ،‬فعل متعدي‪.‬‬

‫‪ -1‬فعل الزمي‪:‬‬
‫الزمي جي معنى آهي ٺهرايل حد تي قائم رهڻ‪ .‬اهڙو فعل جنهن ۾‬
‫فاعل پاڻ ڪم ڪري پر ان جو اثر ٻئي تي نه پوي‪ .‬يعني هن ۾ فاعل سان‬
‫گڏ مفعول نه هوندو‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫اشفاق ڳائي ٿو‪.‬‬
‫فھميده ڌوئي ٿي‪.‬‬
‫اياز کائي ٿو‪.‬‬

‫‪ -2‬فعل متعدي‪:‬‬
‫متعدي جي معنى آهي لنگهي ٻئي تائين ويندڙ‪ .‬اهڙو فعل جنهن ۾‬
‫فاعل پاڻ ڪم ڪري پر ان جو اثر ٻئي تي به پوي‪ .‬يعني هن فعل ۾ فاعل‬
‫۽ مفعول ٻئي ڄاتل ۽ سڃاتل هوندا آهن‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫اشفاق را ڳ ڳائي ٿو‪.‬‬
‫فھميده ڪپڙا ڌوئي ٿي‪.‬‬
‫اياز ماني کائي ٿو‪.‬‬
‫فعل جو ٽيون قسم به آهي‪ .‬جنهن کي فعل معاون چئبو آهي‪ .‬هن کي‬
‫سمجهڻ الِء هيٺيان جمال پڙهو‪.‬‬
‫‪ -9‬سبق پڙهه‪،‬‬
‫‪ -2‬سبق پڙهان ٿو‪،‬‬
‫‪ -9‬سبق پڙهيو هو‪،‬‬
‫‪ -1‬سبق پڙهيو پئي‪.‬‬
‫هن جملن ۾ بنيادي ڪم ”پڙهڻ“ جو آهي‪ .‬جن ۾ فعل پڙهه‪ ،‬پڙهان‬
‫ٿو ‪ ،‬پڙهيو هو ۽ پڙهيو پئي آهي‪.‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪57‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫پهرين جملي ۾ پڙهڻ جو حڪم آيل آهي پر وقت ڪونه ڏنل آهي‬
‫ته ڪهڙي وقت ۾ پڙهڻو آهي‪ .‬ٻئي جملي ۾ پڙهڻ جو ڪم هاڻي ڪري‬
‫ٿو‪ .‬ٽئين جملي ۾ پڙهڻ جو ڪم گذريل وقت ۾ ڪيو ويو ۽ چوٿين جملي‬
‫۾ پڙ هڻ جو ڪم گذريل وقت ۾‪ ،‬گهڻي تائين جاري رکيو ويو‪ .‬هن مان‬
‫معلوم ٿيو ته هڪ فعل سان ٻيا فعل گڏجي‪ ،‬جيڪي فعل جي وقت جي‬
‫معنى ڏيکارين ٿا ‪ .‬انهن فعلن کي گرامر ۾ فعل معاون چئبو آهي‪ .‬جنهن‬
‫جي معنى مددگار آهي‪ .‬يعني اهڙا فعل‪ ،‬جيڪي ٻين فعلن سان گڏجي ان‬
‫جو وقت ڏيکارين‪ .‬هي فعل هئڻ‪ ،‬ٿيڻ ۽ پوڻ مصدر مان ٺهي ٿو‪.‬‬
‫هئڻ‪ ،‬هو‪ ،‬ٿيڻ‪ ،‬ٿيو‪ ،‬پوڻ ‪ ،‬پيو‪ ،‬پئي‬ ‫مثال‪:‬‬

‫فعل متعدي جا قسم‬


‫(الف) فعل متعدي معروف‪:‬‬
‫معروف معنى آهي ڄاتل سڃاتل‪ ،‬اهڙو فعل جنهن ۾ فاعل ڄاتل‬
‫سڃاتل ۽ چٽو پٽو ظاهر هوندو آهي‪.‬‬
‫مان خط لکان ٿو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ ”مان“ فاعل پڌرو ۽ صاف ظاهر آهي‪.‬‬
‫(ب) فعل متعدي مجھول‪:‬‬
‫جھل معنى اڻڄاڻائي اهڙو فعل‪ ،‬جنهن ۾ فاعل گم ٿي وڃي ۽ مفعول‬
‫چٽو هجي ‪.‬‬
‫خط لکجي ٿو‪ ،‬انب وڍجي ٿو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ خط جو لکندڙ ۽ انب جو وڍيندڙ يعني انهن ڪمن جا‬
‫ڪندڙ گم آهن پر خط ۽ ان ب جن تي ڪم جو اثر ٿئي ٿو (مفعول) سي‬
‫فاعل جي جاِء تي آيل آهن ۽ چٽا مفعول آهن‪ .‬ان ڪري لکجي ٿو ۽‬
‫وڍجي ٿو‪ ،‬فعل متعدي مجھول آهن‪.‬‬
‫(ث) فعل متعدي باالواسطه‪:‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪58‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫باالواسطه جي معنى آهي ٻئي جي معرفت‪ ،‬فعل جي اها صورت جا‬


‫ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم پاڻ نه ٿو ڪري‪ ،‬پر ٻئي کان ڪرائي ٿو‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫مشتاق خط لکرايو‪.‬‬
‫ماني پچرائي ويئي‪.‬‬
‫پهرين جملي ۾ مشتاق خط لکڻ جو ڪم ٻئي کان ڪرائي ٿو پر‬
‫پاڻ نه ٿو ڪري‪ .‬اهو ٻٽو فعل متعدي باالواسطه آهي‪ .‬ٻئي جملي ۾ ماني‬
‫پچرائڻ جو ڪم ٻئي کان ڪرايو وڃي ٿو‪ .‬هنن ٻنهي جملن ۾ اصلي‬
‫فاعل گم آهن‪.‬‬
‫(ج) فعل الزمي جا قسم‪:‬‬
‫فعل اڪرترڪ‪ :‬ا معنى نه ڪر معنى فاعل‪ .‬اهڙا فعل جن ۾ فاعل ۽‬
‫مفعول جو ڪم صاف ڏيکاريل نه هجي‪ .‬هن فعل ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي‬
‫گم هوندا آهن‪.‬‬
‫ڳوٺ وڃبو‪ .‬ڀڄبو نه ٿڪبو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫مٿين جملن ۾ وڃبو‪ ،‬ڀڄبو ۽ ٿڪبو فعل اڪرترڪ آهن‪ .‬جن جا‬
‫فاعل ۽ مفعول گم ٿيل آهن ۽ اهي واضح يا چٽا نه آهن‪.‬‬

‫استعمالي سوال‬
‫فعل گهڻن قسمن جا آهن؟‬ ‫‪-0‬‬
‫فعل متعدي ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-0‬‬
‫فعل متعدي مجھول مثالن سان سمجھايو‪.‬‬ ‫‪-3‬‬
‫فعل اڪرترڪ کولي سمجهايو‪.‬‬ ‫‪-4‬‬
‫هيٺين جملن مان فعل چونڊي سندن قسم ٻڌايو‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫‪ )9‬انور انب کائي ٿو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪59‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مشتاق کلي ٿو‪.‬‬ ‫‪)2‬‬


‫صوف وڍيو ويو‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫ماني پچرائي ويئي‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫گھوڙو ڊوڙي ٿو‪.‬‬ ‫‪)5‬‬
‫مٿي چڙهبو ته ڪربو‪.‬‬ ‫‪)0‬‬
‫ڊوڙبو ته پگھربو‪.‬‬ ‫‪)3‬‬
‫وڻ پوکجي ٿو‪.‬‬ ‫‪)8‬‬
‫پين ۾ مس وجهي اچ‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫رياض راند ڪئي‪.‬‬ ‫‪)96‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪60‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ظرف جا قسم‬
‫ٻارو! اوهان کي خبر آهي ته ظرف اهو لفظ آهي‪ ،‬جيڪو جملي ۾ فعل‪،‬‬
‫صفت ۽ ٻئي ظرف سان لڳي‪ .‬ان جي ريت‪ ،‬قدر‪ ،‬وقت‪ ،‬جاِء ۽ انڪار جي‬
‫معنى ڏيکاري‪ .‬هن وصف جي لحاظ کان ظرف جا چار قسم آهن‪.‬‬
‫‪ -0‬ظرف تميز‪ -0 ،‬ظرف زمان‪ -3 ،‬ظرف مڪان‪ -4 ،‬ظرف انڪار‬
‫‪ -1‬ظرف تميز‪:‬‬
‫اهي لفظ جيڪي جملن ۾ ريت يا قدر جي معنى ڏيکارين‪.‬‬
‫هوريان ڳالهاِء‪ .‬تيز ڊوڙ‬ ‫مثال‪:‬‬
‫ڍلو هل‪ ،‬جيئن تيئن ڪري خط لک‪.‬‬
‫مٿين جملن ۾ هوريان‪ ،‬تيز‪ ،‬ڍلو‪ ،‬جيئن تيئن ظرف تميز آهي‪ .‬هن جا‬
‫ٻيا لفظ هي آهن‪ .‬آهستي‪ ،‬ٺھه پھه‪ ،‬هروڀرو‪ ،‬ڏاڍو‪ ،‬جھٽ پٽ‪ ،‬هيئن وغيره‪.‬‬
‫‪ -2‬ظرف زمان‪:‬‬
‫اهڙا لفظ‪ ،‬جيڪي جملي ۾‪ ،‬فعل جي وقت جي معنى ڏيکارين‪.‬‬
‫هينئر مان هالن ٿو‪ ،‬صبحاڻي ورندس‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫پر سال ڦٽي جو فصل تباهه ٿي ويو‪.‬‬
‫هنن جملن ۾ هينئر‪ ،‬صبحاڻي‪ ،‬پرسال ظرف زمان آهن‪ .‬هن جا ٻيا‬
‫لفظ هي آهن‪ ،‬اڄ ‪ ،‬ڪالھه‪ ،‬پرين‪ ،‬هاڻي‪ ،‬پوِء‪ ،‬هميشه وغيره‪.‬‬
‫‪ -3‬ظرف مڪان‪:‬‬
‫اهڙا لفظ‪ ،‬جيڪي جملي ۾ فعل جي جاِء جي معنى ڏيکارين‪.‬‬
‫هت ويھه‪ ،‬هوڏانهن وڃ‪ ،‬هيٺ لهي اچ‪ .‬هنن جملن ۾ هت‪،‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هوڏانهن‪ ،‬هيٺ ظرف مڪان آهن‪ .‬هن جا ٻيا لفظ هي آهن‪،‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪61‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫هتي‪ ،‬هتي‪ ،‬مٿي‪ ،‬اندر‪ ،‬ٻاهر‪ ،‬اڳيان‪ ،‬پٺيان‪ ،‬هيڏي‪ ،‬هوڏي‪ ،‬جاڏي‪،‬‬
‫ڪاڏي وغيره‪.‬‬

‫‪ -4‬ظرف انڪار‪:‬‬
‫اهڙا لفظ‪ ،‬جيڪي جملي ۾ انڪار جي معنى ڏيکارين‪.‬‬
‫مان ڪونه ايندس‪ ،‬مٽي ۾ نه کيڏ‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هنن جملن ۾ ڪونه‪ ،‬نه‪ ،‬ظرف انڪار آهن‪ ،‬هن جا ٻيا لفظ هي آهن‪.‬‬
‫متان‪ ،‬ڪين‪ ،‬م وغيره‪.‬‬
‫نوٽ‪ :‬ظرف مڪان‪ -‬زمان ۽ تميز اڪثر فعل سان لڳندا آهن‪.‬‬
‫پر ظرف تميز‪ ،‬ڪڏهن صفت ۽ ظرف سان به لڳندو آهي‪.‬‬
‫‪ -0‬ڏاڍو ڪوڙو‪ ،‬نھايت مٺو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هت ڏاڍو ۽ نھايت ظرف تميز آهن ۽ ڪوڙو ۽ مٺو صفت آهن‪.‬‬
‫‪-2‬گھوڙو ڏاڍو تکو ڊوڙي ٿو‪.‬‬
‫هن جملي ۾ ڏاڍو ظر ف تميز آهي‪ .‬جيڪو تکو ظرف سان لڳي ٿو‪.‬‬

‫مشق‬
‫‪ -0‬ظرف تميز ڇاکي چئجي؟‬
‫‪ -0‬ظرف مڪان ۽ ظرف زمان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟‬
‫‪ -3‬هيٺين جملن مان ظرف چونڊي انهن جا قسم لکو‪.‬‬
‫ايئن نه ڪر‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫مس مس ته آيو آهين‪.‬‬ ‫‪)2‬‬
‫هوڏانهن وڃي ڇا ڪندين؟‬ ‫‪)9‬‬
‫اڄ ته ويھه‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫هاڻي ارمان ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو‪.‬‬ ‫‪)5‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪62‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫جنسون‬
‫اسين جيڪي اسم يا ضمير ڪم آڻيون ٿا‪ .‬انهن جون مکيه‬
‫جنسون ٻه آهن‪.‬‬
‫‪ -0‬جنس مذڪر ‪ -0‬جنس مؤنث‬
‫‪ -1‬جنس مذڪر‪:‬‬
‫مذڪر جي معنى آهي نر‪ .‬اهڙي اسم يا ضمير جي جنس مذڪر‬
‫ٿيندي جيڪو نر هوندو‪.‬‬
‫گھوڙو ڊوڙي ٿو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ گهوڙي جي جنس مذڪر ٿيندي جيڪو نر آهي‪.‬‬
‫‪ -2‬جنس مؤنث‪:‬‬
‫مؤنث جي معنى مادي آهي‪ .‬اهڙو اسم يا ضمير جيڪو مادي هوندو‬
‫آهي‪ ،‬ان جي جنس مؤنث ٿيندي‪.‬‬
‫گھوڙيَء ڊوڙي ٿي‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن ۾ گھوڙيَء جي جنس مؤنث ٿيندي‪.‬‬
‫جنس ڳولڻ جو آسان طريقو هي آهي ته اسم يا ضمير جي پٺيان‬
‫صفت جو ڪوبه لفظ وجهنداسون ته جنس لڀي ويندي‪.‬‬
‫سٺو گھوڙو (مذڪر)‬ ‫مثال‪:‬‬
‫سٺي گھوڙي (مؤنث)‬
‫يا جنس مذڪر جي پٺيان گھڻو ڪري ”او“ جو اچار ۽ جنس مؤنث‬
‫جي پٺيان ”اي“ جو اچار ايندو آهي‪.‬‬
‫ڪتو‪( ،‬او جو اچار) مذڪر‬ ‫مثال‪:‬‬
‫ڪتي (اي جو اچار) مؤنث‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪63‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مشق‬
‫‪ -0‬جنس مذڪر ڇاکي چئجي؟‬
‫‪ -0‬جنس مؤنث جا پنج لفظ ٻڌايو‪.‬‬
‫‪ -3‬هيٺين جملن مان اسمن ۽ ضميرن جون جنسون چونڊيو‪.‬‬
‫ڪھاڙو کڻ ڪاٺي وڍ‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫هو ڊوڙي ٿو‪ .‬هوَء لکي ٿو‪.‬‬ ‫‪)2‬‬
‫مان ته توکي چيو هو‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫ڇوڪري سليٽ تي پيني سان لکي ٿي‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫ڍڳو هر ڪاهي ٿو‪.‬‬ ‫‪)5‬‬
‫ماني چڱي پڪل آهي‪.‬‬ ‫‪)0‬‬
‫چانور ڪچا آهن‪.‬‬ ‫‪)3‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪64‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫عدد‬
‫اسين جملن ۾ جيڪي اسم يا ضمير ڪم آڻيندا آهيون سي‪ ،‬عدد‬
‫جي لحاظ کان ٻن قسمن جا هوندا آهن‪ .‬انهن کي سمجهڻ الِء هيٺيان‬
‫مثال پڙهو‪.‬‬
‫گھوڙو ڊوڙي ٿو‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫گھوڙا ڊوڙن ٿا‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫ڇوڪري دلو ڀري ٿي‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫ڇوڪريون دال ڀرن ٿيون‪.‬‬ ‫‪-1‬‬
‫تون راند ڪرين ٿو‪.‬‬ ‫‪-5‬‬
‫توهين راند ڪريو ٿا‪.‬‬ ‫‪-0‬‬
‫ٻارو! مٿين جملن مان پهرين‪ ،‬ٽئين ۽ پنجين جملي ۾ گھوڙو‪،‬‬
‫ڇوڪري‪ ،‬دلو ۽ تون عدد ۾ هڪ آهن‪ .‬ان ڪري انهن جو عدد واحد ٿيندو‬
‫۽ ٽئين چوٿين ۽ ڇھين جملن ۾ گھوڙا‪ ،‬ڇوڪريون دال ۽ توهين عدد ۾‬
‫گهڻا آهن‪ .‬ان ڪري انهن کي عد د جمع سڏبو‪ .‬يعني گهڻا يا هڪ کان‬
‫وڌيڪ‪ .‬هاڻي صاف ظاهر ٿيو ته عدد ٻن قسمن جا آهن‪.‬‬
‫‪ -1‬عدد واحد‪:‬‬
‫واحد معنى هڪ‪ .‬يعني جملي ۾ انهي اسم يا ضمير جو عدد‪ ،‬واحد‬
‫هوندو‪ ،‬جيڪو تعداد ۾ هڪ هوندو‪.‬‬
‫ٻڪري‪ -‬رڍ‪ -‬ڍڳو‪ -‬ميز‪ -‬مان‪ -‬هو‪ ،‬وغيره‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬

‫‪ -2‬عدد جمع‪:‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪65‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫جمع معنى گھڻا‪ ،‬يعني جملي ۾ انهي اسم يا ضمير جو عدد جمع‬
‫هوندو جيڪو تعداد ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ هوندو‪.‬‬
‫ٻڪريون‪ -‬رڍون‪ -‬ڍڳا‪ -‬ميزون‪-‬اسين‪-‬اهي‪ ،‬وغيره‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬

‫مشق‬
‫عدد گهڻن قسمن جا آهن؟‬ ‫‪-9‬‬
‫ڪي به پنج اسم عدد واحد ۽ عدد جمع جا لکو‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫ڪي به چار ضمير عدد واحد ۽ عدد جمع جا لکو‪.‬‬ ‫‪-9‬‬
‫عدد واحد ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-1‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪66‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫حالتون‬
‫ٻارو! حالت اسم يا ضمير جي انهي الڳاپي کي چئبو آهي‪ .‬جيڪو‬
‫جملي ۾ ‪ ،‬انجو ٻين لفظن سان هوندو آهي‪.‬‬
‫سنڌي ۾ حالتون پنج قسمن جون آهن‪.‬‬
‫‪ -0‬حالت فاعلي‪ -0 ،‬حالت مفعولي‪ -3 ،‬حالت جري‪ -4 ،‬حالت‬
‫اضافت‪ -2 ،‬حالت ندا‪.‬‬
‫‪ -1‬حالت فاعلي‪:‬‬
‫جملي ۾ جيڪو اسم يا ضمي ر ڪنهن به فعل جو فاعل هوندو ته ان‬
‫اسم يا ضمير جي حالت فاعلي ٿيندي‪.‬‬
‫الطاف خط لکيو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ لکڻ جو ڪم الطاف ڪري ٿو‪ .‬جيڪو ڪم جو‬
‫ڪندڙ يعني فاعل آهي‪ .‬ان ڪري الطاف جي حالت فاعلي ٿيندي‪.‬‬
‫‪ -2‬حالت مفعولي‪:‬‬
‫جملي ۾‪ ،‬جيڪو اسم يا ضمير ڪنهن به فعل جو مفعول هوندو ته‪،‬‬
‫ان اسم يا ضمير جي حالت‪ ،‬مفعولي ٿيندي‪.‬‬
‫الطاف خط لکيو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ خط لکيو فعل جو مفعول آهي‪ ،‬ان ڪري خط جي حالت‬
‫مفعولي ٿيندي‪.‬‬

‫‪ -3‬حالت جري‪:‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪67‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫جملي ۾ جنهن اسم يا ضمير جي پٺيان‪ ،‬حرف جر جو ڪوبه لفظ‬


‫اچي ته انجو واسطو ٻئي لفظ سان ظاهر ڪري ته ان اسم يا ضمير جي‬
‫حالت‪ ،‬جري ٿيندي‪.‬‬
‫ڪتاب ميز تي رک‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ ”ميز“ اسم آهي ان جي پٺيان ”تي“ حرف جر آهي‪ .‬ان‬
‫ڪري ميز اسم جي حالت جري ٿيندي‪‘ ،‬اتي’ ڪتاب جو ميز اسم سان‬
‫الڳاپو ڏيکاي ٿو‪ .‬ڪڏهن وري جملن ۾‪ ،‬اسم يا ضمير جي لفظن پٺيان‬
‫ڪي خاص نشانيون حرف جر جون ڪم اينديون آهن‪ .‬تڏهن انهن‬
‫اسمن يا ضميرن جي حالت جري ٿيندي آهي‪.‬‬
‫‪ -0‬انور ڳوٺان آيو‪ -2 .‬رياض گھرون آيو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هنن جملن ۾ ڳوٺ اسم جي پويان آن ۽ گهر اسم جي پٺيان اون‬
‫حرف جر جون نشانيون آهن‪ .‬جيڪي ڳوٺ جو انور سان ۽ گهر جو‬
‫رياض سان الڳاپو ڏيکارين ٿيون‪ .‬ان ڪري انهن اسمن جي حالت جري‬
‫ٿيندي‪.‬‬
‫‪ -4‬حالت اضافت‪:‬‬
‫جملي ۾ جنهن اسم يا ضمير جي پٺيان اهڙو ڪوبه حرف اچي‪،‬‬
‫جيڪو ان اسم يا ضمير جي نسبت يا مالڪي‪ ،‬ٻئي ڪنهن اسم يا‬
‫ضمير سان ڏيکاري‪ .‬ته انهيَء اسم يا ضمير جي حالت اضافت ٿيندي‪.‬‬
‫مشتاق وارو ڪتاب اياز وٽ آهي‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ ‘وارو’ اهڙ و لفظ آهي جيڪو‪ ،‬مشتاق اسم جي ڪتاب‬
‫ڏانهن مالڪي ڏيکاري ٿو‪ .‬ان ڪري مشتاق اسم جي حالت اضافت‬
‫ٿيندي‪.‬‬
‫سنڌي ٻولي ۾ ‘وارو’ کانسواِء ‘جو’ ۽ ‘سندو’ اهڙا لفظ آهن جيڪي‬
‫پڻ ملڪيت جي معنى ڏيکارين ٿا‪.‬‬
‫هي منهنجو ڪتاب آهي‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪68‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫هي سندو قلم آهي‪.‬‬


‫‪ -5‬حالت ندا‪:‬‬
‫جملي ۾ انهيَء اسم يا ضمير جي حالت ندا ٿيندي جنهن کي سڏ‬
‫ڪيو ويو هجي‪.‬‬
‫او رياض! هيڏانهن اچ‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ ‘او’ ح رف ندا آهي‪ ،‬ان ڪري رياض جي حالت‪ ،‬ندا‬
‫ٿيندي‪ .‬ڪڏهن ڪڏهن جملي ۾ لڪل حرف ندا به ڪم ايندو آهي‪.‬‬
‫اعجاز! هيڏانهن اچ‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ اعجاز کي سڏ ڪيو ويو آهي‪ .‬ان ڪري اعجاز جي حالت‬
‫ندا ٿيندي‪.‬‬

‫مشق‬
‫حالت فاعلي ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-0‬‬
‫حالت مفعولي ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-0‬‬
‫حالت جري ۽ حالت اضافت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟‬ ‫‪-3‬‬
‫حالت ندا‪ ،‬ڪهڙي اسم يا ضمير جي ٿيندي؟‬ ‫‪-4‬‬
‫هيٺين اسمن يا ضميرن جون حالتون ٻڌايو‪.‬‬ ‫‪-2‬‬
‫ڳالهين سنديون ڳالهيون‪ ،‬ٽڪي سندا موٽ‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫اشفاق جو گھوڙو تکو آهي‪.‬‬ ‫‪)2‬‬
‫الطاف هيڏانهن اچ‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫منهنجو ڪتاب ڪٿي آهي‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫اسان راند ڪريون ٿا‪.‬‬ ‫‪)5‬‬
‫تو وٽ قلم آهي‪.‬‬ ‫‪)0‬‬
‫ڳوٺان ڪو آيو‪.‬‬ ‫‪)3‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪69‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫زمانن جا بنيادي جزا‬


‫زمانن جو بنياد مصدر آهي‪ ،‬جنهن جي معنى آهي نڪرڻ‪ ،‬ظاهر يا‬
‫صادر ٿيڻ جي جاِء‪ .‬هن مان ئي سڀني فعلن جي زمانن جي مختلف‬
‫صورتن وارا لفظ ظاهر ٿين ٿا‪ .‬پر جديد علم لسانيات جي روشني ۾ اهو‬
‫غلط آهي‪ .‬جيئن ته‪ ،‬اسان جي سنڌي ٻولي جو گرامر عام طور عربي ۽‬
‫فارسي مان ورتو ويو آهي‪ ،‬ان ڪري انهن ٻولين مان جيئن ته‪ ،‬سڀ فعل‬
‫مصدر مان نڪرن ٿا‪ ،‬اهڙي طرح سنڌي ٻولي ۾ به مصدر ک ي ڌاتو يا بنياد‬
‫بنايو ويو آهي‪.‬‬
‫پر سنڌي ٻولي ۾ هر فعل جو ڌاتو امر حال واحد آهي‪ .‬ڇو ته اسان‬
‫جيڪڏهن لکڻ مصدر کي بنياد بنائينداسون‪ ،‬ته ان مان امر ”لک“‬
‫ڪري پوِء ٻيا زمان ٺاهينداسون‪ ،‬ته اهڙي طرح لکڻ مصدر خود لک امر‬
‫مان ئي نڪرندو ۽ بنياد الزمي طرح امرحال واحد ”لک“ ٿيندو‪.‬‬
‫هاڻي ”جديد علم لسانيات“ جي روشني ۾ ”زمان“ امر کان ئي‬
‫شروع ڪريون ٿا‪.‬‬

‫امر‪:‬‬
‫امر زمانن جي پاڙ آهي‪ .‬فعل جون سڀ صورتون‪ ،‬جيڪي زمانن کي‬
‫واضح ڪن ٿيون‪ ،‬سي امر مان ئي نڪرن ٿيون‪.‬‬
‫امر جي لفظي معنى حڪم آهي‪ .‬پر ڪڏهن ڪڏهن‪ ،‬جملي ۾ هي‬
‫لفظ‪ ،‬انڪار‪ ،‬صفت‪ ،‬نوڙت‪ ،‬آسيس‪/‬تمنا ۽ دعا جو مطلب به ڏيکاريندو‬
‫آهي‪ .‬امر کي سمجھڻ الِء هيٺين جملن تي نظر ڪريو‪.‬‬
‫‪ -0‬ڇوڪرا! ماٺ ڪريو‪،‬‬
‫‪ -0‬پاڻي ڍڪ ته پيار!‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪70‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫‪ -3‬شل! سکيو رهين‪،‬‬


‫‪ -4‬ٻار کي نه مار!‬
‫پهرئين جملي ۾ ”ماٺ ڪر“ حڪم جي معنى ڏيکاري ٿو‪ .‬ٻئي‬
‫جملي ۾ پاڻي پيار‪ ،‬منت جي معنا ڏيکاري ٿو‪ .‬ٽئين جملي ۾ سکيو رهين‪،‬‬
‫دعا جي معنا ڏيکاري ٿو‪ .‬۽ چوٿين جملي ۾ نه مار نفي ۽ انڪار جي معنى‬
‫ڏيکاري ٿو‪ .‬ان ڪري چئبو ته امر ‪ ،‬اهو لفظ آهي‪ ،‬جيڪو جملي ۾ حڪم‪،‬‬
‫عرض‪ ،‬منت ۽ انڪار جي معنى ڏيکاري‪.‬‬

‫امر جا قسم‬
‫امر جا چار قسم آهن‪.‬‬
‫‪ -1‬امر حال واحد‪:‬‬
‫جملي ۾ ڪنهن به ه ڪ اسم يا ضمير کي‪ ،‬هلندڙ وقت ۾ امر ڪيل‬
‫هجي‪.‬‬
‫مثال‪ -:‬سبق پڙهه‪ ،‬پئسو ڏي‪ ،‬هوڏانهن وڃ‪ ،‬ماني کاُء‪ ،‬وغيره‪.‬‬
‫‪ -2‬امرحال جمع‪:‬‬
‫جملي ۾ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ اسمن يا ضميرن کي امر ڪيل هجي‪.‬‬
‫مثال‪ -:‬سبق پڙهو‪ ،‬پئسا ڏيو‪ ،‬هوڏانهن وڃو‪ ،‬ماني کائو‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫امر حال واحد پٺيان‪” ،‬او“ اچار ڪڍڻ سان امر حال جمع ٺهي ٿو‪.‬‬
‫مثال‪ :‬لک ‪ +‬او = لکو ‪ -‬پڙهه‪ +‬او = پڙهو ‪ -‬ڏي ‪ +‬او = ڏيو ‪ -‬کاُء ‪+‬‬
‫او = کائو‪.‬‬
‫‪ -3‬امر استقبال واحد‪:‬‬
‫جملي ۾‪ ،‬ڪنهن به هڪ اسم يا ضمير کي ايندڙ وقت ۾ ڪنهن‬
‫ڪم الِء امر ڪيل هجي‪.‬‬
‫مثال‪ :‬سبق پڙهج‪ ،‬پئسا ڏج‪ ،‬هوڏانهن وڃج‪ ،‬ماني کائج‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪71‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫‪ -4‬امر استقبال جمع‪:‬‬


‫جملي ۾ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ‪ ،‬اسمن يا ضميرن کي‪ ،‬ايندڙ وقت ۾ ‪،‬‬
‫ڪنهن ڪم الِء امر ڪيل هجي‪.‬‬
‫سبق پڙهجو‪ ،‬پئسا ڏجو‪ ،‬هوڏانهن وڃجو‪ ،‬ماني کائجو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬

‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫هي امر حال واحد پٺيان‪‘ ،‬او’ جو اچار مالئڻ سان ٺهي ٿو‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫پڙهج او= پڙهجو‪ -‬ڏج‪ +‬او= ڏجو‬
‫وڃج‪ +‬او= وڃجو – کائج‪ +‬او= کائجو‪.‬‬
‫نوٽ‪ :‬امر استقبال کي امر ديونيو‪ ،‬ام ر نيازي ۽ امرتمنا به چئبو آهي‪،‬‬
‫جنهن کي سمجهڻ الِء هيٺين چارٽ تي نظر ڪريو‪.‬‬
‫امر استقبال واحد ٺاهڻ جو طريقو‪:‬‬
‫هي امرحال واحد پٺيان اج اچار مالئڻ سان ٺهي ٿو‪.‬‬
‫پڙهه‪ +‬اج= پڙهج‪ -‬ڏي‪ +‬اج= ڏج يا ڏيج‪ -‬وڃ‪ +‬اج=‬ ‫مثال‪:‬‬
‫وڃج – کاَء ‪+‬اج =کائج‪.‬‬
‫امر استقبال‪:‬‬
‫امر نفي‬ ‫امر تمنا‬ ‫امر نيازي‬ ‫امر استقبال‬ ‫امر حال‬
‫جمع‬ ‫واحد‬ ‫جمع‬ ‫واحد‬ ‫جمع‬ ‫واحد‬ ‫جمع‬ ‫واحد جمع واحد‬
‫پڙهه پڙهو پڙهج پڙهجو پڙهج پڙهجو پڙهجان پڙهجو نه پڙهج نه پڙهجو‬
‫وڃج وڃجو وڃجائين وڃجو نه وڃج نه وڃجو‬ ‫وڃو وڃج وڃجو‬ ‫وڃ‬
‫نه ڏج نه ڏجو‬ ‫ڏيجو‬ ‫ڏجائين‬ ‫ڏيجو‬ ‫ڏج‬ ‫ڏيجو‬ ‫ڏج‬ ‫ڏيو‬ ‫ڏي‬
‫کاُء کائو کائج کائجو کائج کائجو کائجائين کائجو نه کائج نه کائجو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪72‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مشق‬

‫امر ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-0‬‬


‫امر ح ال واحد ۽ امر حال جمع ۾ ڪھڙو فرق آهي؟‬ ‫‪-0‬‬
‫امر استقبال واحد جي وصف ٻڌايو؟‬ ‫‪-3‬‬
‫امر استقبال جمع ڪيئن ٺهندو آهي؟‬ ‫‪-4‬‬
‫هيٺين جملن مان امرحال واحد‪ ،‬امرحال جمع‪ ،‬امر استقبال‬ ‫‪-2‬‬
‫واحد ۽ امر استقبال جمع چونڊيو‪.‬‬
‫‪ -9‬هيڪر اچجائين پوِء موٽي وڃجائين‪.‬‬
‫‪ -2‬منهنجا ڪپڙا ڌوِء ۽ استري ڪج‪.‬‬
‫‪ -9‬پنهنجا پيڪا نه وسار‪.‬‬
‫‪ -1‬بيت نه ڀائنج ماڻهئان‪ ،‬ايَء آيتون آهين‪.‬‬
‫‪ -5‬ليالئي نه لهين ته پڻ ليالئج‪.‬‬
‫‪ -0‬اهلل ل اڏام تون موٽي محبوبن ڏي‬
‫‪ -3‬وڃي ڏيج پرين کي هن پاڇي جا پيغام‬
‫‪ -8‬بت منهنجو بند ۾ قيد م ڪريجاهه‬
‫‪ -1‬منهنجي ڳالهه ٻڌجو ۽ ڌيان ڌرجو‪.‬‬
‫‪ -96‬وساريج م ورکي ‪ ،‬پئج م‪ ،‬منڌ مري‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪73‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫فعل وارا اسم‬


‫اهي لفظ‪ ،‬جيڪي فعل جي پاڙ يا بنياد مان نڪرن ٿا‪ ،‬تن کي مشتق‬
‫يا ڪردنت چيو وڃي ٿو ‪ .‬زمان شروع ڪرڻ کان اڳ هن جو سمجهڻ‬
‫ضروري آهي ڇو ته سڀ زمان انهن مان ئي نڪرن ٿا‪.‬‬
‫‪ -1‬اسم مصدر‪:‬‬
‫اسم جي معنى نالو آهي‪ .‬صرف شئي‪ ،‬جاِء‪ ،‬ساهواري يا ڪنهن‬
‫خاصيت ۽ حالت جو نالو نه هوندو آهي‪ ،‬پر ڪنهن خاص ڪم جو نالو‬
‫به هوندو آهي‪ .‬هن کي سمجهڻ الِء‪،‬هيٺين جملن کي غور سان پڙهو‪.‬‬
‫‪ -0‬صبح جو گھمڻ صحت الِء ضروري آهي‪.‬‬
‫‪ -0‬ڪچي ۾‪ ،‬ننڍڙن ٻارن کي ترڻ سيکاربو آهي‪.‬‬
‫‪ -3‬ٻار کي‪ ،‬گهڻو مارڻ چڱو نه آهي‪.‬‬
‫‪ -4‬هو ڳالهائڻ سکيو آهي‪.‬‬
‫مٿين جملن ۾ گھمڻ‪ ،‬ترڻ‪ ،‬مارڻ ۽ ڳالھائڻ ڪمن جا خاص ناال‬
‫آهن ان ڪري اسم آهن ۽ سندن بنياد گهم‪ ،‬تر‪ ،‬مار ۽ ڳالهاِء فعل آهن‪.‬‬
‫اهوئي سبب آهي جو اهڙن لفظن کي گرامر ۾ اسم مصدر چئجي ٿو‪.‬‬
‫‪ -2‬ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫امر حال واحد پٺيان ‘اڻ’ آواز ۽ ‘ڻ’ اکر مالئڻ سان اسم مصدر ٺهي‬
‫ٿو‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫گهم‪ +‬ڻ= گھمڻ‪ -‬پڙهه‪ +‬ڻ= پڙهڻ‪ -‬ڏي‪ +‬ڻ= ڏيڻ‪ -‬وڃ‪+‬‬
‫ڻ= وڃڻ‪ -‬کاُء‪ +‬ڻ= کائڻ‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪74‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مشق‬

‫اسم مصدر ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-0‬‬


‫اسم مصدر ڪيئن ٺهي ٿو؟‬ ‫‪-0‬‬
‫اسم مصدر جا ڪي به پنج مثال ڏيو‪.‬‬ ‫‪-3‬‬
‫هيٺين جملن مان اسم مصدر چونڊيو‪.‬‬ ‫‪-4‬‬
‫پڙهڻ‪-‬ترڻ‪-‬تير هڻڻ چوٿين سواري‬ ‫‪)9‬‬
‫ننڍي هوندي نه سکيو ته وڏي هوندي خواري‪.‬‬ ‫‪)2‬‬
‫هو باغ ۾ هوا کائڻ ويو‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫تنهنجو هلڻ منهنجي الِء ڪارائتو آهي‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫منهنجي ڦرائڻ ۾ تنهنجو هٿ آهي‪.‬‬ ‫‪)5‬‬
‫هي ٻارڻ تنهنجو ئي ٻاريل آهي‪.‬‬ ‫‪)0‬‬
‫لغڙ اڏارڻ جو کائتو ڪم آهي‪.‬‬ ‫‪)3‬‬
‫ملھه وڙهڻ سنڌ جي ثقافت آهي‪.‬‬ ‫‪)8‬‬
‫شام جو کيڏڻ چڱو آهي‪.‬‬ ‫‪)1‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪75‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫فعل جو اسم وارو ڪارج‬


‫اهڙي قسم جا لفظ‪ ،‬جنجو بنياد فعل هجي پر جملي ۾‪ ،‬اسم يا صفت‬
‫ٿي ڪم اچن‪ ،‬تن کي اسم فعل يا فعل جو اسم وارو ڪارج چئبو آهي‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫‪ -9‬ايندو سڀڪو ڏسي‪ ،‬ويندو ڪوبه نه ڏسي‪.‬‬
‫‪ -2‬لهندڙ سج‪ ،‬وڌندڙ پاڇا‪.‬‬
‫مٿين جملن ۾‪ ،‬پهرئين سٽ ۾ ايندو ۽ ويندو الفاظ‪ ،‬بنياد فعل اچ ۽‬
‫وڃ مان نڪتل آهن پر هت اسم ٿي ڪم آيل آهن‪ ،‬ان ڪري اهي الفاظ‬
‫اسم فعل آهن‪.‬‬
‫ٻي سٽ ۾ لهندڙ ۽ وڌندڙ‪ ،‬بنيادي فعل لهه ۽ وڌ مان نڪتل آهن‪ ،‬پر‬
‫هت صفت ٿي ڪم آيا آهن ان ڪري اسم فعل آهن‪.‬‬

‫اسم فعل جا قسم‪:‬‬


‫اسم فعل جا ‪ 4‬قسم آهن‪.‬‬
‫(الف) اسم فاعل‪:‬‬
‫فعل جي اها صورت‪ ،‬جيڪا فاعل جو مفھوم ظاهر ڪري‪ .‬اهو لفظ‬
‫جملي ۾ اسم ۽ صفت ٿي ڪم ايندو آهي‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫لکندڙ انگ ايئن ئي لکبو‪.‬‬
‫هلڻهارا هليا ئي ويندا‪.‬‬
‫ڪينجهر جي هوا وڻندڙ آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪76‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫وهندڙ ڍور کي نه مار‪.‬‬


‫مٿين جملن ۾ پهرئين ۽ ٻي سٽن ۾لکندڙ‪ ،‬لک فعل مان ۽ هلڻهارا ۽‬
‫هل فعل مان نڪتل آهن ۽ هنن جملن ۾ اسم ٿي ڪم آيا آهن ۽ فاعل‬
‫جو مفهوم ظاهر ڪن ٿا‪ ،‬ان ڪري اهي لفظ اسم فاعل آهن‪.‬‬
‫ٽين ۽چوٿين سٽ ۾ وڻندڙ‪ ،‬وڻ فعل ۽ وهندڙ وهه فعل مان نڪتل آهن‬
‫۽ هت هوا ۽ ڍور جي صفت ڪن ٿا‪ ،‬ان ڪري اهي لفظ اسم فاعل آهن‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫جنهن امر حال واحد واري لفظ جي پٺيان پيش ”ا“ هوندي ته ان جي‬
‫پٺيان ”ندڙ“ ۽ جنهن امر جي پڇاڙي واري اکر پٺيان زير ”ا“ هوندي ته ان‬
‫جي پٺيان ”يندڙ“ مالئڻ سان اسم فاعل ٺهي ٿو‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫پڙهه پڙهندڙ – ڏي ڏيندڙ‪ -‬وڃ ويندڙ‪ -‬کاِء کائيندڙ‪-‬‬
‫مار ماريندڙ‬
‫ڪي اسم فاعل بي قاعدي به آهن‪.‬‬
‫مثال‪ :‬گهورو‪ -‬ٽوٻو‪ -‬ڳائڻو‪-‬واڍو‪-‬رهاڪو‪-‬پياڪ‪-‬ويڪائو‪-‬‬
‫هيراڪ‪-‬جهيڙاڪ‪-‬وغيره‪.‬‬
‫(ب) اسم مفعول‪:‬‬
‫اهي لفظ جن جو بنياد فعل هجي پر جملي ۾ اسم سان الڳاپو ظاهر‬
‫ڪن ۽ ڏيکارين ته ان تي ڪو ڪم ٿيو آهي‪ .‬اسم مفعول اسم فاعل‬
‫وانگر ڪڏهن اسم ته ڪڏهن صفت ٿي جملي ۾ ڪم ايندو آهي‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫‪ -9‬پنهنجو لکيو تو نه پڙهيو‪.‬‬
‫‪ -2‬تنهنجو کٽيو گهوريو‪.‬‬
‫‪ -9‬اٿيل اک ۾ دارون وجهه‬
‫‪ -1‬پڪل انب کاُء‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪77‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مٿين جملن ۾ پهرئين ۽ ٻي سٽ ۾ لکيو ۽ کٽيو‪ ،‬لک ۽ کٽ بنيادي‬


‫فعلن مان نڪتل آهن ۽ جملن ۾ اسم ٿي ڪم آيا آهن‪ .‬ٽئين ۽ چوٿين‬
‫سٽن ۾ اٿيل ۽ پڪل اٿ ۽ ”پچ“ بنيادي فعلن مان نڪتل آهن ۽ جملن‬
‫۾ صفت ٿي ڪم آيا آهن‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫امر حال واحد پٺيان ”يو“ ۽ ”يل“ گڏڻ سان اسم مفعول ٺهندو آهي‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫پڙهه= پڙهيل‪-‬پڙهيو‬
‫لک =لکيل‪ -‬لکيو‬
‫اٿ= اٿيل‪ -‬اٿيو‪.‬‬
‫ڪي بي قاعدي اسم مفعول به آهن‪ .‬مثال‪ :‬اڀاميل‪ -‬ٻڏو‪-‬لڪو‪-‬‬
‫پيتو‪-‬ڊاٺو‪-‬مئو‪ -‬وغيره‪.‬‬
‫(ث) اسم استقبال‪:‬‬
‫اهي لفظ‪ ،‬جن جو بنياد فعل هجي‪ .‬پر جملي ۾ صفت ۽ اسم ٿي ڪم‬
‫اچن ۽ ڏيکارين ته ڪم ايندڙ وقت ۾ٿيندو‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫مونکي امتحان ڏيڻو آهي‪.‬‬
‫هن کي اڄ اچڻو آهي‪.‬‬
‫روئڻي ٻار کي پرچاِء‪.‬‬
‫مارڻي ڍڳي کان پري ڀڄ‪.‬‬
‫هنن جملن ۾ ڏيئو ڏي فعل مان‪ ،‬اچڻو اچ فعل مان نڪتل آهن پر‬
‫هت اسم ٿي ڪم آيا آهن ۽ پوئين ٻن جملن ۾ رئڻو روَء فعل مان ۽ وڙهڻو‬
‫وڙهه فعل مان نڪتل آهن پر هت صفت ٿي ڪم آيا آهن‪ ،‬ان ڪري‬
‫اسم استقبال جا الفاظ آهن‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫امر حال واحد پٺيان ”ڻو“ مالئڻ سان اسم استقبال ٺهي ٿو‪.‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪78‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مثال‪ :‬پڙهه‪ -‬پڙهڻو‪ -‬ڏي‪ -‬ڏيڻو – وڃ‪ -‬وڃڻو‪-‬کاُء‪-‬کائڻو وغيره‪.‬‬


‫(د) اسم حاليه‪:‬‬
‫اهو لفظ جنهن جو بنياد فعل وارا لفظ هجن پر جملي ۾ اسم سان‬
‫الڳو ٿي‪ ،‬ظاهر ڪري ته فاعل هڪ ڪم کي هلندي‪ ،‬ٻئي ڪم کي به پورو‬
‫ڪري ٿو‪.‬‬
‫انور ڪاٺيون ڪندو گهر آيو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ انور فاعل هڪئي وقت ٻه ڪم‪” ،‬ڪاٺيون ڪرڻ“ ۽‬
‫”گهر اچڻ“ جا ڪري ٿو‪ ،‬ان ڪري ڪندو اسم حاليه آهي‪ ،‬جيڪو‬
‫”ڪر“ فعل جو بنيادي لفظ آهي‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫هي امر حال واحد پٺيان جي پيش ”ا“ ڏنل هوندي ته ”نندو“ مالئڻ‬
‫سان ۽ جيڪڏهن امرحال واحد پٺيان ”زير ا هوندي ته ‪” .‬يندو“ مالئڻ‬
‫سان ٺهندو آهي‪.‬‬
‫مثال‪:‬‬
‫پڙهه= پڙهندو‪ -‬ڏي‪ -‬ڏيندو‪-‬وڃ‪-‬ويندو‪.‬‬
‫کاُء= کائيندو‪-‬ساڙ‪-‬ساڙيندو‪-‬ساڙيندي‪.‬‬

‫مشق‬

‫اسم فعل ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-0‬‬


‫اسم فعل جا پنج مثال ڏيو؟‬ ‫‪-0‬‬
‫اسم فاعل ٺاهڻ جو طريقو ٻڌايو؟‬ ‫‪-3‬‬
‫اسم مفعول جا پنج مثال ڏيو؟‬ ‫‪-4‬‬
‫اسم استقبال ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-2‬‬
‫اسم حاليه ڪيئن ٺهندو آهي‪.‬‬ ‫‪-6‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪79‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫‪ -7‬هيٺين جملن مان اسم فعل‪ ،‬اسم فاعل‪ ،‬اسم مفعول ۽ استقبال‬
‫۽ اسم حاليه چونڊيو‪.‬‬
‫وٽ سوريندي ولها ويو تيل ٻري‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫آُء تو وٽان ٿيندو گهر ويندس‪.‬‬ ‫‪)2‬‬
‫اڄ پڙهيل لکيل ماڻهو به ڪونه ٿو سمجهي‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫سڙيل صوف ۽ داغيل انب نه کاُء‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫لڌل ڇوڪر ڪنهنجو هو؟‬ ‫‪)5‬‬
‫نچڻو ٻار ڏس‪.‬‬ ‫‪)0‬‬
‫ڇرڪڻو ٻار مرڪڻو جوان‪.‬‬ ‫‪)3‬‬
‫عاشق زهر پياڪ‪ ،‬وهه ڏسي وهن گهڻو‪،‬‬ ‫‪)8‬‬
‫ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫ماريندڙ کان بچائيندڙ ويجهو آهي‪.‬‬ ‫‪)96‬‬
‫کٽائو پٽ پيارا آهن‪.‬‬ ‫‪)99‬‬
‫ٽڪر آخر ٽڪڻو پوندو‪.‬‬ ‫‪)92‬‬
‫چٻندي چڻا‪ ،‬ڏينڀو ڏٺئه ڏار ۾‪.‬‬ ‫‪)99‬‬
‫سا پروڙج ڳالهڙي وڻجارن وٽان‪.‬‬ ‫‪)91‬‬
‫محبت سندو من ۾‪،‬ماڻڪ ٻارج مچ‬ ‫‪)95‬‬
‫جي ماسو مليئي مال‪ ،‬ته پوڄارا پر ٿئين‬ ‫‪)90‬‬
‫پاڻيٺ جي پرکڻا وياسي وينجھار‬ ‫‪)93‬‬
‫ويٺو پني پنڻو‪ ،‬ڪر ميرو مٿي پاکڙو‬ ‫‪)98‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪80‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫اسم عطفيه‬
‫عطفيه عطف مان نڪتل آهي‪ ،‬جنهن جي معنى آهي مالئڻ يا‬
‫ڳنڍڻ‪ .‬جملي جا اهڙا لفظ جن جو بنياد فعل هجي پر جملي ۾ ڳنڍيندڙ‬
‫هجن اهڙن لفظن کي اسم عطفيه يا ماضي معطوفي چئجي ٿو‪ .‬هيئن به‬
‫چيو وڃي ٿو ته فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل هڪ ڪم کي‬
‫پورو ڪري پوِء ٻيو شروع ڪيو آهي‪.‬‬
‫ڇوڪر ماني کائي اسڪول ويو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ کائي لفظ جو بنياد کاُء فعل آهي ۽ هت ڳنڍڻ جو ڪم‬
‫ڪري ٿو ان ڪري کائي اسم عطفيه ٿيندو‪ .‬عربي صرف نحو ۽‬
‫وياڪرڻن ۾ اسم عطفيه کي ماضي معطوفي به چيو وڃي ٿو‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫(‪ )0‬جنهن امر حال واحد جي پڇاڙي ۾ پيش هوندو ته انجي‬
‫پٺيان”اي“ زير جو اچار مالئڻ سان اسم عطفيه ٺهندو‪.‬‬
‫جيئن ته‪ :‬لک لکي‪ -‬کاُء‪ -‬کائي‪.‬‬
‫(‪ )0‬جنهن امرحال واحد جي پڇاڙي ۾ زير هوندي ته انجي پٺيان‬
‫اي زبر جو اچار مالئبو‪.‬‬
‫جيئن ته‪ :‬مار‪ -‬ماري‪ -‬پور‪ -‬پوري‪.‬‬
‫(‪ )3‬ڪڏهن ڪڏهن امرحال واحد پٺيان ”يو“ يا ”يون“ گڏڻ سان‬
‫به ٺهي ٿو‪.‬‬
‫لک‪ +‬يو= لکيو يا لک‪ +‬يون= لکيون‪.‬‬
‫وٺ‪ +‬يو= ويٺو يا وٺ‪ +‬يون= وٺيون‪.‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪81‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ٽڪ‪ +‬يو= ٽڪيون يا ٽڪ‪ +‬يون= ٽڪيون‪.‬‬


‫پائي‪ +‬يو= پائيو يا پائي‪ +‬يون = پائيون‪ .‬وغيره‪.‬‬

‫مشق‬

‫‪ -0‬اسم عطفيه ڇاکي چئجي؟‬


‫‪ -0‬اسم عطفيه ٺاهڻ جو طريقو ٻڌايو؟‬
‫‪ -3‬اسم عطفيه جا ڪي به پنج مثال ڏيو‪.‬‬
‫‪ -4‬هيٺين جملن مان اسم عطفيه جا لفظ چونڊيو‪.‬‬
‫الف‪ :‬نوڪر صفائي ڪري گهر ويو‪.‬‬
‫ب‪ :‬هو ڀاڄي ورتيون هيڏانهن گهر ويو‪.‬‬
‫ث‪ :‬ڪوئا اچيو ڪپڙا ٽڪيو چٽ ڪيو وڃن‪.‬‬
‫ج‪ :‬ڪتو ٻلي کي ماري ڀڄي ويو‪.‬‬
‫د‪ :‬دري منجهارون دوست ڏٺوسون‪.‬‬
‫اللڻ ليئڙو پائي هليو ويو‪.‬‬
‫ذ‪ :‬وٺيو وڃج واٽ‪ -‬ڪنڌ م ڦيرج ڪڏهن‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪82‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫زمان‬
‫زمان جي معنى آهي‪ ،‬وقت يا مهل‪ .‬يعني فاعل جيڪو به ڪم‬
‫ڪري ٿو اهو ڪنهن مخصوص وقت ۾ ڪري ٿو ۽ ان ڪم جو وقت يا‬
‫مهل‪ ،‬جيڪو لفظ ڏيکاري ان کي فعل جو زمان سڏيو وڃي ٿو‪.‬‬
‫سنڌي ٻولي ۾‪ ،‬بنيادي طرح فعل جا ٽي زمان آهن‪ .‬پهريون مؤجوده‬
‫يا هلندڙ وقت‪ ،‬جنهن کي زمان حال چئبو آهي‪ .‬ٻيو زمان ماضي جيڪو‬
‫گذريل وقت جي معنى ڏيکاري ٿو‪ .‬ٽيون زمان مستقبل جيڪو ايندڙ وقت‬
‫جي معنى ڏيکاري ٿو‪ .‬اهڙي طرح مکيه ٽي زمان آهن ۽ هر زمان جا ڌار‬
‫ڌار قسم آهن‪ .‬اهڙيَء طرح تيرهن زمان آهن‪ .‬هت زمانن کي سمجهائڻ‬
‫الِء چارٽ ڏجي ٿو‪.‬‬
‫‪ -1‬زمان مضارع‪:‬‬
‫مضارع جي معنى آهي ٻن ج و پاڻ ۾ ڀائيوار يا شريڪ ٿيڻ‪ .‬فعل‬
‫جي اها صورت جا ڏيکاري ته‪ ،‬فاعل ڪنهن ڪم کي هلندڙ يا ايندڙ وقت‬
‫۾ ڪرڻ جي اميد ڏيکاري ٿو‪.‬‬
‫مثال‪ :‬مان پڙهان‪ -‬مان ڏيان‪ -‬مان وڃان‪ -‬مان کايان‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫زمان مضارع‪ ،‬امر حال واحد پٺيان ”آن“ يا ”يان“ مالئڻ سان ٺهي‬
‫ٿو‪.‬‬
‫پڙهه‪ +‬آن= پڙهان‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫وڃ‪ +‬آن= وڃان‬
‫ڏي‪ +‬آن= ڏيان‪.‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪83‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫کاُء‪ +‬يان= کائيان‪ -‬کايان‬


‫ڪر‪ +‬يان= ڪريان‪ .‬وغيره‪.‬‬
‫زمان مضارع جو ڦيرو‪:‬‬
‫مان پڙهان‪ -‬اسين پڙهون‪ -‬تون پڙهين‪-‬توهين پڙهو‪ -‬هو‪/‬هي‬
‫پڙهي‪ -‬اهي پڙهن‪.‬‬

‫زمان جو چارٽ‬
‫بنياد امر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪84‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫زمان حال‬
‫زمان حال کي سمجھڻ الِء هيٺيان جمال غور سان پڙهو‪.‬‬
‫(‪ )0‬مان سبق پڙهان ٿو‪ )0( .‬اشفاق خيرات ڏي ٿو‪.‬‬
‫(‪ )3‬زينت اسڪول وڃي ٿي‪ )4( .‬الطاف ماني کائي ٿو‪.‬‬
‫هن ن جملن کي پڙهڻ سان‪ ،‬خبر پوندي ته مان ضمير سبق پڙهڻ جو‬
‫ڪم‪ ،‬اشفاق خيرات ڏيڻ جو ڪم‪ ،‬زينت اسڪول وڃڻ جو ڪم ۽‬
‫الطاف ماني کائڻ جو ڪم هلندڙ ۾ وقت ڪن ٿا‪ .‬ان ڪري پڙهان ٿو‪،‬‬
‫ڏي ٿو‪ ،‬وڃي ٿي ۽ کائي ٿو فعلن جو زمان‪ ،‬زمان حال ٿيندو‪ .‬يعني هلندڙ‬
‫وقت جو ڪم‪ .‬ان ڪري چئبو ته فعل جي اها صورت‪ ،‬جا ڏيکاري ته فاعل‬
‫ڪو ڪم هلندڙ وقت ۾ ڪري ٿو ته ان کي زمان حال چئبو آهي‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫زمان حال ٺاهڻ الِء زمان مضارع پٺيان ٿو يا ٿي مالئڻو آهي‪.‬‬
‫پڙهان ٿو‪.‬‬ ‫پڙهان ‪ +‬ٿو=‬ ‫مثال‪:‬‬
‫ڏيان ٿو‪/‬ڏي ٿو‪.‬‬ ‫‪ +‬ٿو=‬ ‫ڏي‬
‫وڃي ٿي‪/‬وڃان ٿو‪.‬‬ ‫وڃ‪/‬وڃي ‪ +‬ٿي=‬
‫کائي ٿي‪/‬کايان ٿو‪.‬‬ ‫کاُء‪ /‬کائي ‪ +‬ٿي=‬
‫زمان حال جو ڦيرو‪:‬‬
‫مان پڙهان ٿو‪ -‬اسين پڙهو ٿا‪ .‬تون پڙهين ٿو‪ .‬توهين پڙهو ٿا‪ .‬هي‬
‫پڙهي ٿو‪ .‬هو پڙهي ٿو‪ .‬هي پڙهي ٿي‪ .‬هوَء پڙهي ٿي‪ .‬اهي پڙهن ٿا‪ .‬اهي‬
‫پڙهن ٿيون‪.‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪85‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫زمان حال جا قسم‪:‬‬


‫زمان حال جا ٻه قسم آهن‪.‬‬
‫(الف) زمان حال استمراري‪:‬‬
‫فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم هلندڙ وقت ۾‬
‫جاري رکي ٿو‪ .‬استمراري جي معنى آهي جاري يا هلندڙ‪.‬‬
‫اشفاق خط لکي پيو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ ‪ ،‬اشفاق خط لکڻ جو ڪم‪،‬هلندڙ وقت ۾ جاري رکيو ٿو‬
‫اچي‪ -‬ان ڪري لکي پيو فعل جو زمان‪ ،‬زمان حال استمراري ٿيندو‪.‬‬
‫پيو‪/‬پئي‪/‬پيا مالئڻ سان زمان حال استمراري ٺھي ٿو‪.‬‬
‫پڙهان‪ +‬پيو= پڙهان پيو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫وڃان‪ +‬پيو= وڃان پيو‪.‬‬
‫کايان‪ +‬پئي= کايان پئي‪.‬‬
‫زمان حال استمراري جو ڦيرو‪:‬‬
‫مان پڙهان پيو‪ -‬اسين پڙهون پيا‪ -‬تون پڙهين پيو‪-‬توهين پڙهو‬
‫پيا‪-‬هو پڙهي پيو‪-‬هي پڙهي پيو‪-‬هوَء پڙهي پيئي‪ -‬هيَء پڙهي پيئي –‬
‫اهي پڙهن پيا‪-‬اهي پڙهن پيون‪.‬‬
‫نوٽ‪ :‬سنڌي ٻولي ۾ ڪڏهن ڪڏهن زمان حال استمراري پيو‪ ،‬پئي يا پيا‬
‫بدران هن صورت ۾ به استعمال ٿيندو آهي‪.‬‬
‫اسين پڙهي رهيا آهيون‪.‬‬ ‫مان پڙهي رهيو آهيان ‪-‬‬
‫توهين پڙهي رهيا آهيو‪.‬‬ ‫تون پڙهي رهيو آهين ‪-‬‬
‫هي پڙهي رهيو آهي‪.‬‬ ‫هو پڙهي رهيو آهي ‪-‬‬
‫اهي پڙهي رهيون آهن‪.‬‬ ‫هوَء پڙهي رهي آهي ‪-‬‬
‫اهي پڙهي رهيون آهن‪.‬‬ ‫اهي پڙهي رهيا آهن ‪-‬‬
‫(ب) زمان حال مدامي‪:‬‬
‫مدام جي معنى آهي هميشھ يا سدائين‪ .‬فعل جي اها صورت جا‬
‫ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم هميشھ يا سدائين‪ ،‬ڪندو رهي ٿو‪.‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪86‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫مان پڙهندو آهيان‪ -‬اشفاق لکندو آهي‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬


‫هنن جملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته فاعل پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم سدائين‬
‫ڪندو رهي ٿو‪ ،‬ان ڪري پڙهندو آهيان ۽ لکندو آهي جي فعلن جو زمان‬
‫”زمان حال مدامي“ آهي‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫هي اسم حاليه پٺيان آهي‪ ،‬آهيان‪ ،‬آهيون مالئڻ سان ٺهي ٿو‪.‬‬
‫پڙهندو آهيان‬ ‫پڙهندو ‪ +‬آهيان =‬ ‫مثال‪:‬‬
‫ڏيندو آهي‪.‬‬ ‫ڏيندو ‪ +‬آهي =‬
‫ويندا آهيون‪.‬‬ ‫ويندا ‪ +‬آهيون =‬
‫کائيندي آهي‪.‬‬ ‫کائيندي ‪ +‬آهي =‬
‫زمان حال مدامي جو ڦيرو‪:‬‬
‫مان پڙهندو آهيان‪ -‬اسين پڙهندا آهيون‪-‬تون پڙهندو آهين‪-‬‬
‫توهين پڙهندا آهيو‪ -‬هي پڙهندو آهي‪ -‬هو پڙهندو آهي‪ -‬هي پڙهندي‬
‫آهي‪-‬هوَء پڙهندي آهي‪-‬اهي پڙهندا آهن‪-‬اهي پڙهنديون آهن‪.‬‬
‫(ث) زمان حال متشڪي‪:‬‬
‫متشڪي شڪ يا گمان مان نڪتل آهي‪ .‬فعل جي اها صورت جا‬
‫ڏيکاري ته فاعل پنهنجي موجوده وقت ۾ ڪيل ڪم ۾‪ ،‬شڪ يا گمان‬
‫ڏيکاري ٿو‪.‬‬
‫اشفاق پڙهندو هوندو‪-‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫مان خيرات ڏيندو هوندس‪-‬‬
‫مٿين جملن ۾ اشفاق فاعل جي پڙهڻ واري ڪم ۾ ۽ فاعل مان‬
‫ضمير جي خيرات ڏيڻ واري ڪم ۾ شڪ ڏيکاريل آهي‪ ،‬ان ڪري‬
‫پڙهندو ۽ ڏيندو هوندس فعل جا زمان‪ ،‬زمان حال متشڪي ٿيندا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪87‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫هي زمان ‪ ،‬اسم حاليه پٺيان هوندو‪ ،‬هوندس‪ ،‬هونداسين يا زمان‬
‫مضارع جو هجان مالئڻ سان ٺهي ٿو‪.‬‬
‫پڙهندو هوندس‬ ‫پڙهندو ‪ +‬هوندس =‬ ‫مثال‪:‬‬
‫ڏيندو هجان‪ .‬وغيره‪.‬‬ ‫ڏيندو ‪ +‬هجان =‬
‫زمان حال متشڪي جو ڦيرو‪:‬‬
‫مان پڙهندو هوندس‪ -‬اسين پڙهندا هونداسين‪ -‬تون پڙهندو‬
‫هوندين‪-‬توهين پڙهندا هوندا‪ -‬هي پڙهندو هوندو‪ -‬هو پڙهندو هوندو‪-‬‬
‫هي پڙهندي هوندي‪ -‬هوَء پڙهندي هوندي‪-‬اهي پڙهندا هوندا‪-‬اهي‬
‫پڙهنديون هونديون‪.‬‬
‫مان پڙهندو هجان‪-‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫اسين پڙهندا هجون‪-‬‬
‫تون پڙهندو هجين‪-‬‬
‫توهين پڙهندا هجو‪-‬‬
‫هي پڙهندو هجي‪-‬‬
‫هو پڙهندو هجي‪-‬‬
‫هيَء پڙهندي هجي‪-‬‬
‫هوَء پڙهندي هجي‪-‬‬
‫اهي پڙهندا هجن‪-‬‬
‫اهي پڙهنديون هجن‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪88‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫زمان ماضي‬
‫ماضي جي معنى آهي گذريل وقت‪ .‬هي زمان ڪنهن گذري ويل‬
‫وقت ۾ ڪيل ڪم جي معنى ڏيکاريندو آهي‪.‬‬
‫مون خط لکيو‪-‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫مون خط لکيو آهي‪-‬‬
‫مون خط لکيو هو‪-‬‬
‫مون خط لکيو پئي‪-‬‬
‫مون خط لکيو هوندو‪ -‬وغيره‪.‬‬
‫زمان ماضي جا قسم‪:‬‬
‫زمان ماضي جا اٺ قسم آهن‪.‬‬
‫(الف) زمان ماضي مطلق‪:‬‬
‫فعل جي اها صورت‪ ،‬جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم گذريل وقت ۾‬
‫ڪيو‪ .‬مطلق جي معنى به آهي بنهه گذريل وقت‪.‬‬
‫مون سبق پڙهيو‪ -‬اشفاق گهر ويو‪ .‬وغيره‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫هي امر حال واحد پٺيان ”يو“ ۽ ”يا“ مالئڻ سان ٺهي ٿو‪.‬‬
‫‪ +‬يو = پڙهيو‪-‬‬ ‫پڙهه‬ ‫مثال‪:‬‬
‫‪ +‬يو = ويو‪-‬‬ ‫وڃ‬
‫‪ +‬يو = ڏيو‪/‬ڏنو‪-‬‬ ‫ڏي‬
‫‪ +‬يو = کايو‪ .‬وغيره‪.‬‬ ‫کاُء‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪89‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫زمان ماضي جو ڦيرو‪:‬‬


‫مان پڙهيو‪ -‬اسين‪/‬اسان پڙهيو‪ -‬تو‪/‬تون پڙهيو‪ .‬توهين پڙهيو – هي‬
‫پڙهيو‪ -‬هن پڙهيو‪-‬هن (مونث) پڙهيو‪ -‬هنن پڙهيو‪ -‬هنن (مونث) پڙهيو‪.‬‬
‫(ب) زمان ماضي استمراري‪:‬‬
‫استمراري جي معنى آهي هلندڙ يا جاري‪ .‬فعل جي اها صورت جا‬
‫ڏيکاري ته فاعل ڪنهن ڪم کي گذريل وقت دير تائين جاري رکيو‬
‫آهي‪.‬‬
‫مون سبق پڙهيو پئي‪ -‬مون خط لکيو ٿي‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫اتر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿو پيو به ڪم آڻبو آهي‪ ،‬مثال مون خط لکيو‬
‫ٿي پئي‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫هي زمان اسم مفعول پٺيان پئي‪ ،‬پيو ۽ پيا‪ .‬مالئڻ سان ٺهندو آهي‪.‬‬
‫‪ +‬پئي= پڙهيو پئي‪.‬‬ ‫پڙهيو‬ ‫مثال‪:‬‬
‫‪ +‬پئي= لکيو پئي‪.‬‬ ‫لکيو‬
‫‪ +‬پئي= ڊوڙيو پئي‪.‬‬ ‫ڊوڙيو‬
‫زمان ماضي استمراري جو گردان‪:‬‬
‫مان پڙهيو پئي‪-‬اسين پڙهيو پئي‪-‬تو پڙهيو پئي‪-‬توهين پڙهيو‬
‫پئي‪-‬هنن پڙهيو پئي‪-‬هن پڙهيو پئي‪-‬هن پڙهيو پئي‪-‬هن پڙهيو پئي‪-‬‬
‫هنن پڙهيو پئي‪-‬هنن پڙهيو پئي‪.‬‬
‫ڪڏهن ڪڏهن ”ويٺي“ لفظ به استعمال ٿيندو آهي‪.‬‬
‫مان پڙهيو ويٺي‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫اسين پڙهيو ويٺي‪.‬‬
‫تو پڙهيو ويٺي‪.‬‬
‫توهين پڙهيو ويٺي‪.‬‬
‫هن پڙهيو ويٺي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪90‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫هن پڙهيو ويٺي‪.‬‬


‫هن پڙهيو ويٺي‪.‬‬
‫هنن پڙهيو ويٺي‪.‬‬
‫هنن پڙهيو ويٺي‪.‬‬
‫(ث) زمان ماضي مدامي‪:‬‬
‫مدام‪ ،‬معنى هميشھ‪ -‬روزانو‪ -‬فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته‪،‬‬
‫فاعل ڪو ڪم‪ ،‬گذريل وقت ۾ هميشھ يا روزانو ڪندو هو‪.‬‬
‫مان سبق پڙهندو هوس‪-‬هو لکندو هو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هي زمان‪ ،‬عادت‪ ،‬رواج ۽ قانون جي معنى به ڏيکاريندو آهي‪.‬‬
‫اڳي جيڪو چوري ڪندو هو‪ ،‬ان جا هٿ وڍيندا هئا‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ ڪندو هو ۽ ويندا هئا زمان ماضي مدامي جا لفظ آهن‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫هي زمان اسم حاليه پٺيان هو‪ ،‬هو س يا هيس گڏڻ سان ٺھي ٿو ‪.‬‬
‫لکندو ‪ +‬هو= لکندو هو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫پڙهندو ‪ +‬هوس= پڙهندو هوس‪.‬‬
‫پچائيندي‪ +‬هيس= پچائيندي هيس‪.‬‬
‫زمان ماضي مدامي جو ڦيرو‪:‬‬
‫مان پڙهندو هوس‪ -‬اسين پڙهندا هئاسين‪ -‬تون پڙهندو هئين‪-‬‬
‫توهين پڙهندا هئا‪ -‬هيَء پڙهندو هو‪ -‬هيَء پڙهندي هئي‪ -‬هو پڙهندو‬
‫هو‪ -‬هوَء پڙهندي هئي‪ -‬اهي پڙهندا هئا‪ -‬اهي پڙهنديون هيون‪.‬‬
‫(ج) زمان ماضي قريب‪:‬‬
‫قريب معنى ويجهو‪ -‬فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل کي‬
‫گذريل وقت ۾‪ ،‬ڪو ڪم پورو ڪئي ٿورو وقت ٿيو آهي‪.‬‬
‫مثال‪ :‬مون خط لکيو آهي‪.‬‬
‫زينت ماني پچائي آهي‪.‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪91‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫هي زمان اسم مفعول پٺيان ”آهي“ گڏڻ سان ٺهندو آهي‪.‬‬
‫پڙهيو‪ +‬آهي = پڙهيو آهي‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫لکيو ‪ +‬آهي = لکيو آهي‪.‬‬
‫ڊوڙيو‪ +‬آهي = ڊوڙيو آهي‪ .‬وغيره‪.‬‬
‫زمان ماضي قريب جو گردان‪:‬‬
‫مان لکيو آهي‪-‬اسين لکيو آهي‪ -‬تو لکيو آهي‪ -‬توهين لکيو آهي‪-‬‬
‫هن لکيو آهي‪ -‬هن لکيو آهي‪ -‬هنن لکيو آهي‪ -‬هنن لکيو آهي‪.‬‬
‫(د) زمان ماضي بعيد‪:‬‬
‫بعد معنى پوِء‪ .‬۽ بعيد معنى پري يعني فعل جي اها صورت‪ ،‬جا‬
‫ڏيکاري ته فاعل کي‪ ،‬گذريل وقت ۾‪ ،‬ڪو ڪم پورو ڪئي‪ ،‬گهڻو عرصو‬
‫ٿيو آهي‪.‬‬
‫مون خط لکيو هو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫زينت ماني پچائي هئي‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫ماضي بعيد‪ ،‬اسم مفعول پٺيان ”هو“ يا ”هوس“ يا ”هئا“ مالئڻ سان‬
‫ٺهي ٿو‪.‬‬
‫پڙهيو‪ +‬هو = پڙهيو هو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫لکيو ‪ +‬هوس = لکيو هوس‬
‫کيڏيا‪ +‬هئا = کيڏيا هئا‪.‬‬
‫زمان ماضي بعيد جو ڦيرو‪:‬‬
‫مون لکيو هو‪-‬اسين لکيو هو‪-‬تو لکيو هو‪-‬توهين لکيو هو‪-‬هن‬
‫لکيو هو‪-‬هن لکيو هو‪-‬هنن (مونث) لکيو هو‪-‬هنن لکيو هو‪.‬‬
‫(ح) زمان ماضي متشڪي‪:‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪92‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫متشڪي‪ ،‬شڪ مان نڪتل آهي‪ .‬يعني جنهن ۾ جملي ۾ پڪ نه‬


‫هجي‪ .‬فعل جي اها صورت‪ ،‬جا ڏيکاري ته ‪ ،‬فاعل جي گذريل وقت ۾‬
‫ڪنهن به ڪيل ڪم ۾ شڪ آهي‪.‬‬
‫اشفاق خط لکيو هوندو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫زينت ماني پچائي هوندي‪.‬‬
‫الطاف ڪراچي ويو هجي‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫هي زمان‪ ،‬اسم مفعول پٺيان هوندو يا هجي گڏڻ سان ٺهي ٿو‪.‬‬
‫پڙهيو‪ +‬هوندو = پڙهيو هوندو‬ ‫مثال‪:‬‬
‫لکيو ‪ +‬هجي = لکيو هجي‬
‫کيڏيو‪ +‬هوندو = کيڏيو هوندو‪.‬‬
‫زمان ماضي متشڪي جو ڦيرو‪:‬‬
‫مون لکيو هوندو‪-‬اسين لکيو هوندو‪-‬تو لکيو هوندو‪-‬توهين لکيو‬
‫هوندو‪-‬هن لکيو هوندو‪ -‬هن لکيو هوندو‪-‬هنن (مونث) لکيو هوندو‪ -‬هن‬
‫(مونث) لکيو هوندو‪-‬هنن لکيو هوندو‪-‬هنن (مونث) لکيو هوندو‪ .‬مؤنث‬
‫۾ گهڻو ڪري هونديس ڪم ايندو آهي‪.‬‬
‫مان ڊوڙي هونديس‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫(خ) زمان ماضي شرطيه‪:‬‬
‫شرطيه معنى شرط وارو‪ .‬يعني فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته‬
‫فاعل گذريل وقت ۾ ڪنهن ڪم کي پوري ڪرڻ ۾ شرط رکيو هو‪.‬‬
‫مان اسڪول وڃان ها جي کليل هجي ها‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫يعني مان فاعل اسڪول وڃڻ جو ڪم تڏهن ڪري ها جڏهن‬
‫اسڪول کلڻ وارو شرط پورو ٿيل هجي ها‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪93‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫زمان ماضي شرطيه زمان مضارع پٺيان ”ها“ لفظ گڏڻ سان ٺهي ٿو‪.‬‬
‫لکان‪ +‬ها = لکان ها‬ ‫مثال‪:‬‬
‫وڃان‪ +‬ها = وڃان ها‬
‫کيڏان‪ +‬ها= کيڏان ها‪.‬‬
‫ماضي شرطيه جو ڦيرو‬
‫مان لکان ها‪-‬اسين لکون ها‪-‬تون لکين ها‪-‬توهين لکو ها‪ -‬هو‬
‫لکي ها‪-‬هي لکي ها‪-‬هوَء (مونث) لکي ها‪-‬هيَء (مؤنث) لکي ها‪-‬اهي‬
‫لکن ها‪-‬اهي (مونث) لکن ها‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪94‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫زمان مستقبل‬
‫مستقبل قبل لفظ مان نڪتل‪ ،‬آهي جنهن جي معنى آهي اڳيان‪.‬‬
‫مستقبل جو به مطلب آهي ايندڙ يا آئينده وقت‪ .‬فعل جي اها صورت جا‬
‫ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم ايندڙ وقت ۾ ڪندو‪.‬‬
‫مان خط لکندس‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ مان فاعل خط لکڻ جو ڪم ايندڙ وقت ۾ ڪندو ان‬
‫ڪري‪ ،‬لکندس فعل جو زمان مستقبل آهي‪.‬‬
‫ٺاهڻ جوقاعدو‪:‬‬
‫زمان مستقبل اسم حاليه پٺيان مختلف نشانين مالئڻ سان ٺهي ٿو‪.‬‬
‫جن جي وضاحت هن ريت آهي‪.‬‬
‫لکندو‪ +‬س = لکندس‬
‫لکندي‪ +‬س = لکنديس (مونث)‬
‫لکنديون‪ +‬سين= لکنديوسين‬
‫لکندا‪ +‬سين = لکنداسين‪.‬‬
‫زمان مستقبل جو ڦيرو‪:‬‬
‫اسين لکنداسين‪.‬‬ ‫‪-‬‬ ‫مان لکندس‬
‫توهين لکندا‪.‬‬ ‫‪-‬‬ ‫تون لکندين‬
‫هوَء لکندي‪.‬‬ ‫‪-‬‬ ‫هو لکندو‬
‫هي لکندي‪.‬‬ ‫‪-‬‬ ‫هي لکندو‬
‫اهي لکنديون‪.‬‬ ‫‪-‬‬ ‫اهي لکندا‬
‫(الف) زمان مستقبل استمراري‪:‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪95‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫استمراري معنى جاري‪ .‬فعل جي اها صورت ‪ ،‬جا ڏيکاري ته فاعل‬


‫ڪو ڪم ايندڙ وقت ۾‪ ،‬گهڻي وقت تائين جاري رکندو‪.‬‬
‫مان خط لکنديس پيو‪.‬‬ ‫مثال‪:‬‬
‫هن جملي ۾ مان فاعل خط لکڻ جو ڪم ايندڙ وقت ۾ گهڻي دير‬
‫تائين جاري رکڻ جي معنى ڏيکاري ٿو‪ .‬ان ڪري لکندس پيو فعل جو‬
‫زمان‪ ،‬زمان مستقبل استمراري ٿيندو‪.‬‬
‫ٺاهڻ جو قاعدو‪:‬‬
‫هي زمان‪ ،‬زمان مستقبل پٺيان پيو‪ ،‬پئي ۽ پيا گڏڻ سان ٺهندو آهي‪.‬‬
‫مثال‪ :‬لکندس‪ +‬پيو = لکندس پيو‪.‬‬
‫لکنديس‪ +‬پئي = لکنديس پئي‪.‬‬
‫لکنداسين‪ +‬پيا = لکنداسين پيا‪.‬‬
‫زمان مستقبل استمراري جو ڦيرو‪:‬‬
‫اسين لکنداسين پيا‪.‬‬ ‫‪-‬‬ ‫مان لکندس پيو‬
‫توهين لکندا پيا‪.‬‬ ‫‪-‬‬ ‫تون لکندين پيو‬
‫هوَء لکندي پيئي‪.‬‬ ‫‪-‬‬ ‫هو لکندو پيو‬
‫هيَء لکندي پيئي‪.‬‬ ‫‪-‬‬ ‫هي لکندو پيو‬
‫اهي لکنديون پيون‪.‬‬ ‫‪-‬‬ ‫اهي لکندا پيا‬

‫مشق‬
‫زمان مضارع ڇاکي چئجي؟‬ ‫‪-0‬‬
‫زمان حال جا قسم ٻڌايو؟‬ ‫‪-0‬‬
‫زمان حال متشڪي ڪيئن ٺهي ٿو؟‬ ‫‪-3‬‬
‫زمان ماضي مطلق جي وصف ٻڌايو؟‬ ‫‪-4‬‬
‫زمان ماضي مدامي ڪيئن ٺهندو آهي؟‬ ‫‪-2‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪96‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫زمان ماضي قريب ۽ زمان ماضي بعيد ۾ ڪهڙو فرق آهي؟‬ ‫‪-6‬‬
‫زمان ماضي شرطيه ۽ زمان ماضي متشڪي ڪيئن ٺهندا‬ ‫‪-7‬‬
‫آهن؟‬
‫زمان مستقبل استمراري مثالن سان سمجهايو؟‬ ‫‪-8‬‬
‫هيٺي ن ڏنل ٽڪرن ۽ شعرن مان فعل چونڊي انهن جا زمان‬ ‫‪-9‬‬
‫ٻڌايو؟‬
‫ٽيون سبب بادشاهي جي بربادي جو هي آهي‪ ،‬قوم ۽ ملڪ‬ ‫‪)9‬‬
‫مان بهادري جون وصفون نڪري وينديون‪ .‬جهنگ جهر ۾‬
‫قسمين قسمين سختين سهڻ جي طاقت قوم ۾ ڪانه‬
‫رهندي‪ .‬عيش ۽ آرام ملڪ کي مردار بنائي ڇڏيندو‪.‬‬
‫جنهن ڪري اندرئي اندر‪،‬حڪومت جون پاڙون پيون‬
‫پٽبيون ۽ الچار سرڪار کي پاڻ سنڀالڻ الِء سرڪش قومن‬
‫مان ڀرتي ڪري لشڪر ۽ فوج رکڻي پوندي ۽ سرڪار‬
‫اهڙي طرح پيڙجي‪ ،‬آخر پوري ٿي ويندي‪.‬‬
‫جيڪڏهن هروڀرو‪ ،‬ڪجهه ناس ڪرڻو اٿيئي ته اوچي ڳاٽ‬ ‫‪)2‬‬
‫وارين زبردست ۽ زور آور چوٽين کي تباهه ڪجائين‪ .‬ڏسو‬
‫ته سهي! ڪيئن نه ڌرتي ماتا اسان کي ڏسي بهار بهار پيئي‬
‫ٿئي‪.‬‬
‫بک بڇڙو ٽول‪ ،‬دانا ديوانا ڪري‪ “.‬حرام به حالل ٿيو پوي‪.‬‬ ‫‪)9‬‬
‫ڪنهن ڪپ ڪڍيو‪ ،‬ڪنهن ماچيس ۽ ڪنهن وري ڪاٺي‬
‫الِء اک ڦيرائي‪ .‬ايتري ۾ ٺڪاُء ٿيو‪ .‬ڊوڙندا وڃون!‬
‫ڪٿي آهن منهنجا پٽڙا ته آسيس ڏيان‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫ملڪن جاملڪ گهمندو رهيو ۽ عوام جي اصالح جا آواز‬ ‫‪)5‬‬
‫مٺي ۽ عام فهم زبان ۾ آالپيندو رهيو‪ .‬اهوئي سبب آهي‬
‫جو لطيف جي من موهيندڙ شاعري‪ ،‬هر هڪ سنڌيَء جي‬
‫دل ۾ گهر ڪري ويئي آهي‪.‬‬
‫اڄ ڏسو ته ملڪ جي حالت چوڌاري ڇا ٿي ويئي آهي؟ آهي‬ ‫‪)0‬‬
‫ڪا انسانيت هر هنڌ وٺ پڪڙ‪ ،‬ڦرمار لڳي پيئي آهي‪.‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪97‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬
‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫هڪ ڀيري‪ ،‬وتايو فقير ڪنهن پاسيري پيچري مان اڪيلي‬ ‫‪)3‬‬
‫سر پئي ويو ۽سندس بوڇڻ جي پالند ۾ هڪ ڪلدار روپيو‬
‫ٻڌل هو‪ .‬خيال آيس ته ‪ ،‬متان هن اڪيلي واٽ تي ڪو چور‬
‫نه گڏجي وڃي جو نه رڳو کانئس روپيو ڦري پر هڻي ڦٽي‬
‫به وجهي‪.‬‬
‫ڪڄاڙو ڪهان توکي معلوم سڀڪا‪.‬‬ ‫‪)8‬‬
‫جي وڃان وڃان ڪن‪ ،‬سي رهي رهندا ڪيترو‪.‬‬ ‫‪)1‬‬
‫پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾‪.‬‬ ‫‪)96‬‬
‫هندو مومن هڪ ٿيو‪ ،‬ڀول نه ڪنهن ٻئي ڀل‪.‬‬ ‫‪)99‬‬
‫کيسن کي خرابي رسي‪ ،‬گربيون گتيون گپ ۾‪،‬‬ ‫‪)92‬‬
‫هرگز نه مليو ٿان کي ڪوٿان پٿورا‪.‬‬ ‫‪)99‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪98‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬


‫سنڌيڪا سنڌي گرامر ‪ :‬دادا سنڌي‬

‫سنڌ سالمت‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫سنڌ سالمت جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليَء جي ڊجيٽالئيزيشن ۽ پکيڙ کي‬
‫وسيع ڪرڻ آهي ۽ پڻ دنيا سان گڏ سندس رفتار سان هلڻ جو سانباهو آهي‪،‬‬
‫ڇو ته تاريخ هميشه انهن قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي‬
‫سرمائي جي حفاظت ڪئي آهي‪ .‬سنڌ سالمت پڻ پنهنجي ٻوليَء جي بقاء‬
‫خاطر سنڌي ٻوليَء ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ‬
‫۽ ان کي نه رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن‪ ،‬ليکڪن‪ ،‬محققن ۽ شاعرن‬
‫جي علم‪ ،‬هنر ۽ تخليقن کي ڊيجيٽالئيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾‬
‫موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيَء سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي‪.‬‬
‫اسان جي خواهش ھئي ته سنڌي مواد تي مشتمل هڪ اهڙوڪتاب گھر‬
‫قائم ڪجي جتي هر موضوع تي مشتمل ڪتاب موجود ملن‪ .‬ڪتابن کي‬
‫ڳولڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ آسان هجي ۽ اينڊرائيڊ سميت آئي فون يا ونڊوز‬
‫آپريٽنگ سسٽم سميت هر قسم جي ڊوائيس تي آساني سان آن الئين پڻ‬
‫پڙهي سگھجي‪.‬‬
‫۽ اهو سڀ ”سنڌ سالمت ڪتاب گھر“ ذريعي ئي ممڪن ٿي سگھيو‪ .‬اميد‬
‫ته سنڌ سالمت ڪتاب گھر ذريعي سموري دنيا ۾ موجود سنڌي نه صرف‬
‫ڀرپور الڀ حاصل ڪندا پر سنڌ سالمت ڪتاب گھر کي وڌيڪ فائديمند‬
‫بنائڻ الِء پنهنجو پورو ساٿ نڀائيندا‪.‬‬

‫‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫سنڌ سالمت ڪتاب گھر جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن پلي اسٽور جي ھن لنڪ‬


‫تان ڊائونلوڊ ڪريو‪:‬‬

‫‪https://play.google.com/store/apps/details?id=com.si‬‬
‫‪ndhsalamat.book‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪99‬‬ ‫‪www.sindhica.net‬‬

You might also like