1508ع ڄام نظام الدين جي دور ۾ سنڌ جا دنگ ۽ سندس موثر هلندي پڄنديَء هيٺ عالئقا
سنڌ ۾ سمن جو دؤر
سنڌ ۾ سمن جو دؤر: سمن جو حڪومتي دور سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت وارو دور ليکيو وڃي ٿو .سما گھراڻي 1351ع کان 1520ع تائين جملي 169سال ،سنڌ تي حڪومت ڪئي .سما اصل ۾ قديم ۽ وسيع سنڌي عالئقي ڪڇ جا رهاڪو مسلم راجپوت (سماٽ) هئا .حڪومتي مسند تي ويهڻ کانپوِء هنن ’ڄام‘ لقب اختيار ڪيو .سندن دور حڪومت ۾ مجموعي طور ( 15پندرهن) تاجدارن حڪومت ڪئي .هن گھراڻي جو حاڪم ڄام نظام الدين سمو (عرف ڄام نندو) پنهنجي قابليت ،غريب پروريَء ،نيڪو ڪار هئڻ سان گڏ دور انديش حاڪم هئڻ جي صورت ۾ ڪافي مقبول ۽ مشهور رهيو .تاريخي تذڪرن ۾ کيس امن پسند ۽ وطن دوست حاڪم طور ليکيو ويو آهي. ابتدائي سما ڄامن دهلي سلطنت جي نيم غالميَء کي قبول ڪيو هو ،پر بعد ۾ ُا هي مڪمل آزاد حڪمران بنجي ويا. مجموعي طور هي دور سنڌ اندر سماجي ،معاشي ،سياسي ،تعليمي ۽ ادبي لحاظ کان بهترين ۽ سونهري دور سمجھيو وڃي ٿو .سنڌ اندر ڪيترا زرعي سڌارا توڙي تعليمي سڌارا آندا ويا .هن دور ۾ سنڌ جون سرحدون به ڪافي حد تائين محفوظ رهيون .هن دور جي خاص ڳالهه هيَء به هئي ته سومرن جي حڪومتي دور ۾ سومرا قبيلي جا حاڪم سنڌ ۾ ننڍيون ننڍيون حڪومتون قائم ڪري ،مختلف عالئقن جا ’راڄ ڌڻي‘ ٿي حڪومت ڪندا پئي آيا ،پر سما گھراڻي سنڌ ملڪ ۾ ’مرڪزي حڪومت‘ جو سرشتو بحال ڪيو ۽ سنڌ کي پرڳڻن ۾ ورهائي ،انهن تي گورنر مقرر ڪيا ۽ اڳئين دور کان حڪومتي سرشتي جون حدون پڻ وڌايون. هن دور ۾ علم ادب جي پڻ وڏي ترقي ٿي ،عالمن ،مشائخن ،اديبن ،علم جي ڄاڻن ،شاعرن ،تاريخ نويسن ،مدرسن ۽ استادن جي خوب سرپرستي ڪئي وئي ،مدرسن ۾ ديني توڙي دنياوي تعليم کي فروغ ڏيڻ الِء حڪومتي سطح تي ڀرپور ڪوششون ورتيون ويون .نصابي ڪتاب لکرائي تيار ڪرڻ جو رواج عمل ۾ آندو ويو. مجموعي طور سمن حاڪمن جو دور ،سنڌ جو سونهري دور آهي .هن دور ۾ اقتصادي لحاظ کان توڙي علمي ۽ انتظامي لحاظ کان سنڌ ملڪ جو خاص نظام ترتيب ڏنل ملي ٿو .اهو ئي سبب آهي ،جو هن دور ۾ سومرن جي پوئين دور جا رومانوي داستان ،لوڪ ڏاهپ جا قصا ۽ داستان مشهور ٿيا. سما حڪمرانن جو دور: هن گھراڻي جي ( 19اوڻيهن) حڪمرانن سنڌ تي بادشاهت ڪئي ،جن مان هر هڪ حڪمران جو دور وار الڳ الڳ تذڪرو ڪجي ٿو .هتي هيَء به وضاحت ڪجي ٿي ته سمن ڄامن تي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي جلد چوٿين ۾ مفصل مواد آيل آهي ،ان ڪري هتي ’سمن جي سلطنت‘ (ليکڪ :غالم محمد الکو) ڪتاب تان مختصر مواد پيش ڪجي ٿو: ( )1فيروزالدين شاهه ،ڄام انڙ (اول) (1353ع1351-ع) :هي سمن جي گھراڻي جو پهريون تاجدار هو، جنهن سيوهڻ تي چڙهائي ڪري سومرن جي مقرر ڪيل گورنر ’ملڪ رتن‘ کي زير ڪيو ۽ 1351ع ڌاري سما سلطنت جو بنياد وڌو. ( )2ڄام صدرالدين بابينو ۽ ڄام جوڻو اول (1368ع1353 -ع) :ڄام صدرالدين /ڄام بابينو ،ڄام انڙ جو پٽ هو ۽ ڄام انڙ جي وفات کانپوِء تخت نشين ٿيو هو .هن ڄام انڙ جي حڪومت جي هٿ هيٺ عالئقن کان سواِء بکر سميت ٻين عالئقن کي به پنهنجي حڪومت ۾ آندو .هي بنيادي طور بهادر ۽ قومي غيرتمند حاڪم هو .هي پنهنجي چاچي عالؤالدين ڄام جوڻي اول سان حڪمرانيَء ۾ ڀائيوار هو .سندن حڪومت 1368ع تائين هلي( .وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ( )3رڪن الـديـن شـاهه ڄام تماچي پٽ انـڙ ۽ خيرالدين ڄام توڳاچي (1370ع1368-ع) :ان کانپوِء ڄام تماچي پٽ ڄام انڙ تخت نشين ٿيو .هيُء ڄام بابيني جو ڀاُء هو1367 ،ع ڌاري سلطنت جي واڳ سندس هٿ ۾ آئي ،هن جي وقت ۾ سلطان عالؤالدين سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪئي هئي .ان دوران هي اهل عيال سميت قيد ٿي 1371ع ۾ دهليَء نيو ويو .هي ٻئي حاڪم پاڻ ۾ سؤٽ هئا. ڄام عالؤالدين جوڻو (1388ع1370-ع) :هن بنا ڪنهن اشتراڪ جي دهلي سلطنت جو ڏن ڀرو ٿي ارڙهن ( )18سال حڪومت ڪئي .هن پهريون ڀيرو فارسي زبان کي سنڌ جي درٻار ۾ تعليم ۽ تدريس جي ٻوليَء طور اختيار ڪرڻ جي پٺڀرائي ڪئي1388 .ع ۾ جيئن ئي فيروز تغلق جو موت ٿيو ته سنڌ جا جالوطن شهزادا ڄام بابينو ،ڄام تماچي ۽ ڄام صالح الدين دهليَء مان آزاد ٿي واپس سنڌ پهتا .ڄام بابينو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو ،جڏهن ته ڄام صالح الدين ۽ ڄام تماچيَء جي سنڌ ۾ ڀرپور آجيان ٿي( .وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام تماچي ٻيو ڀيرو (1392ع1388-ع) :ڄام تماچيَء جي نظر بنديَء دوران شيخ حماد جماليَء عوام جي ترجماني ڪندي ،ڄام جوڻي جي خالف ۽ ڄام تماچيَء جي تعريف ۾ هيٺيون دوهو سرجيو هو: جـوڻـو مـت اوڻـو ،آُء تمـاچــي آُء، سٻاجھي ٻاجھه پئي ،توسين ٺٽو راُء. ڄام تماچي 1388ع ۾ دهلي سلطنت جي بند مان آزاد ٿي سنڌ پهتو ۽ اميرن جي يڪراِء رضامنديَء سان بادشاهي تخت تي ويٺو .ڄام تماچيَء کي ڪن محققن عادل ۽ عاشق مزاج بادشاهه لکيو آهي ته ڪن محققن کيس آرام طلب ۽ عيش پسند ڄاڻايو آهي .نوري مهاڻيَء سان پڻ هن سمي ڄام جو عشق ٿيو هو ،جيڪو اڄ جڳ مشهور عشقيه داستان طور مشهور آهي .هن لوڪ قصي کي شاهه لطيف ۽ ٻين شاعرن پنهنجي ڪالم جو موضوع بنايو آهي .ڄام تماچيَء مجموعي طرح چار سال حڪومت ڪئي .هن کانپوِء سندس پٽ صالح الدين حڪومت سنڀالي ،هيُء مڪليَء جي قبرستان ۾ ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڀر ۾ واقع هڪ ڇٽيَء ۾ آرامي آهي( .وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام صالح الدين (اول) ڄام انڙ ثاني (1404ع1392 -ع) :هيُء ڄام تماچيَء جو فرزند هو .هن پيُء جي وفات کانپوِء حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ ٻارهن سال تخت نشين رهيو .هن پنهنجي حڪومت کي ڪڇ تائين ڦهاليو( .وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام نظام الدين (اول) (1406ع1404 -ع) :هيُء ڄام صالح الدين جو فرزند هو .سندس تخت نشينيَء کان اڳ ۾ سندس چاچا قيد هئا ،حڪومت تي ويهڻ شرط انهن کي آزاد ڪيائين .هن جي وقت ۾ ملڪ کي اندروني توڙي ٻاهرين طرفن کان ڪوبه خطرو نه هو .ان وقت سندس ملڪي معاملن جو وهنوار منشي هالئيندا هئا .سندس ئي چاچن سندس قتل جو منصوبو جوڙيو ،جنهن جو کيس بر وقت اطالع مليو .اهڙو اطالع ٻڌي گجرات ڏانهن نڪري ويو ۽ رستي ۾ وفات ڪيائين .ان سان گاديَء جي هنڌ ٺٽي ۾ بدامني پکڙي ،پر اميرن يڪراِء ٿي ڄام علي شير کي حڪومت جون واڳون سونپيون .مؤرخن موجب سندس چاچن ،ڄام نظام الدين اول جو گجرات طرف پيڇو پئي ڪيو ته پويان اميرن ڄام علي شير کي حاڪم مقرر ڪري ڇڏيو( .وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام علي شير (1412ع :)1406 -هيُء نهايت مدبر ،داناُء ۽ دلير حاڪم هو ،خلق سان نياَء سان پيش ايندو هو .سندس زماني ۾ امن قائم رهيو ،کيس باغين اوچتو حملو ڪري شهيد ڪيو( .وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام ڪرن (1413ع) :هيُء ڄام خيرالدين جو پٽ هو ،ڀائرن جي اتفاق سان تخت نشين ٿيو ،هن جا ٺٽي جي مکيه اميرن ۽ درٻارين سان سخت اختالف هئا ،جن کي دعوت ڏئي گھرائي مارائڻ جو منصوبو جوڙيائين .جنهن جي بر وقت خبر درٻارين کي پئجي وئي .هيُء کاڌو کائڻ بعد جيئن ئي غسل خاني طرف ويو ته مٿس حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيائون .هيُء فقط ڏيڍ ڏينهن حڪومت جي مسند تي ويٺو( .وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام صدرالدين سڪندر (اول) (1413ع) :ڄام ڪرن جي مارجي وڃڻ کانپوِء ڪجھه عرصي الِء ڄام صدرالدين سڪندر اول تخت نشين ٿيو( .وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام فتح خان (1428ع1413-ع) :ڄام فتح خان پندرهن ( )15سال تخت نشين رهيو .صدرالدين ڄام سڪندر اول جو فرزند هو .جملي مؤرخن سندس دور جي ڪافي تعريف ڪئي آهي .هن جي ڌيَء ڄام زاديَء جو رشتو مخدوم جهانيان جي پوٽي قطب عالم (1388 -1454ع) سان ٿيو .اهو مٽي مائٽيَء جو سلسلو پوِء سمن ڄامن ۽ گجرات جي حاڪمن جي وچ ۾ ڪيتري عرصي تائين هليو. (وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام تغلق (1453ع1428 -ع) :هيُء ڄام فتح خان جو ڀاُء ۽ ڄام صدرالدين سڪندر اول جو فرزند هو. ڄام فتح خان جي وفات کان اڳ ۾ ڄام صدرالدين کيس پنهنجو جاِء نشين مقرر ڪيو هو .هن پهريون ڀيرو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿاڻا مقرر ڪيا .سندس دور ۾ ڪالن ڪوٽ جي اڏاوت ٿي. هي ڪوٽ مڪليَء جي ڀرسان موجود آهي .هن گجرات جي حاڪمن سان مٽيون مائٽيون برقرار رکيون ،سلطان محمود بيگڙو پڻ سندس ڌيَء بيبي مغليَء جو پٽ هو ،جيڪو گجرات جو حاڪم ٿيو .ڄام تغلق طبعي موت مئو .کيس گجرات ۾ دفن ڪيو ويو( .وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام مبارڪ :ڄام مبارڪ ڄام تغلق جو وزير هو ۽ فقط ٽي ڏينهن مسند نشين رهيو ،جنهن کانپوِء کيس معزول ڪري ،ڄام سڪندر کي تخت نشين ڪيو ويو( .وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام سڪندر شاهه (ثاني1454 :ع1453 -ع) :هن ڏيڍ سال حڪومت ڪئي ،کيس ڄام محمد عرف ڄام انڙ جي نالي سان به ڪوٺيو وڃي ٿو .هن عالمن جي سرپرستي ڪئي .موالنا عالؤالدين نالي عالم کان ’شمع في الميزان‘ جي آسان شرح ’الزبده‘ تيار ڪرايائين .هي ڪتاب پوِء سنڌ ۽ گجرات جي نصاب ۾ شامل رهيو( .وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) صدرالدين شاهه (ثاني) ڄام سنجر (1461ع1454 -ع) :هيُء ڄام ’راِء ڏني‘ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو ،سيرت ۽ صورت ۾ نيڪ ۽ حسين هو .ڪڇ ۾ رهندو هو .هن قاضين جون پگھارون وڌايون ،ڪڇ ۽ گجرات سان الڳاپا وڌيڪ بهتر ڪيا .ملڪي دفاع خاطر ڪڇ ۽ جوڌپور وارين سرحدن تي چؤنڪيون قائم ڪيون .سرحدن تي سمن ۽ سومرن کي آباد ڪيائين .هن سمي حاڪم جي موت الِء ٻه رايا آهن ،هڪ ته کيس زهر ڏنو ويو ۽ ٻيو ته طبعي طور وفات ڪيائين( .وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام نظام الدين (نندو) (1509ع – 1461ع) :ڄام نظام الدين سمو ،سمن جي سلطنت جو عظيم، نيڪ نام ۽ وڏو محب وطن بادشاهه ڄاتو وڃي ٿو .هن جي دور ۾ سنڌ ملڪ ۾ عدل ،انصاف، خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو ناماچار هو .هيُء ڄام سنجر جو پوٽو هو .سندس وقت ۾ سنڌ جي سرحدي ملڪن ۾ پڻ صلح ۽ سانت وارا حاڪم موجود هئا .سندس دور ۾ حسين مرزا سنڌ تي حملو ڪيو ،پر ناڪام ٿيو .ڄام نظام الدين سمي ،دولهه دريا خان کي پٽيلو ڪري پاليو ۽ اڳتي هلي کيس سپهه ساالري ۽ وزير اعظم جو عهدو سونپيائين .دولهه دريا خان اڳتي هلي وطن سنڌ جي حفاظت ڪندي شهيد ٿيو .ڄام نظام الدين خاص طور عالمن ،اديب خانقاهن ۽ مدرسن جي وڏي سرپرستي ڪئي ،پاڻ به عالم ،زاهد ،عبادتگذار ۽ انصاف پسند حاڪم هو .ملڪي سرحدن کي محفوظ ڪيائين .هي ايڏو ته غريب پرور هو ،جو پنهنجي نياڻي هڪ فقير کي پرڻائي ڏنائين .سندس آخري وقت ۾ ارغونن سنڌ تي حمال ڪيا ،پر دولهه دريا خان سمورن حملن کي ناڪام بنايو .ڄام نظام الدين جي وفات کانپوِء جڏهن سندس نااهل پٽ ڄام فيروز تخت نشين ٿيو ته سما سلطنت جو زوال شروع ٿيو ۽ سنڌ ڌارين جي تسلط ۾ اچي وئي( .وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام فيروز (1512ع1508-ع) :ننڍيَء عمر ۾ والد جي وفات کانپوِء ڄام فيروز کي تخت تي ويهاريو ويو .والد جي وفات وقت سندس عمر ننڍي هئڻ ڪري حڪومت جون واڳون دولهه دريا خان جي هٿ ۾ رهيون ،جيڪو سندس والد ڄام نندي جو پٽيلو ۽ اعتماد وارو وطن دوست سپهه ساالر هو. ان ئي ڄام فيروزالدين جي تخت نشينيَء جو درٻارين کان فيصلو وٺرايو هو( .وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام صالح الدين (1512ع) :هن گجراتي لشڪر جي مدد سان ڄام فيروز کان حڪومت حاصل ڪئي .تخت نشين ٿيڻ سان ئي ڄام فيروز جي ماڻهن تي جرمانه وڌائين .ڪڇ ۽ گجرات سان سٺا ناتا قائم ڪيائين ،هن کان به ڪي غلطيون سر زرد ٿيون ،خاص طور اقربا پروريَء طرف مائل ٿي ويو .هن فقط 8مهينا حڪومت ڪئي( .وڌيڪ ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) ڄام فيروز (ٻيو ڀيرو1512 -1520 :ع) :ڄام فيروز ،دولهه دريا خان جي مدد سان ٻيو ڀيرو سنڌ جو سلطان بنيو ،پر اٺن سالن جي حڪومتي دور ۾ هي پاڻ ۾ ڪو سڌارو نه آڻي سگهيو .ان ڪري ملڪ سنڌ جون حالتون خراب ٿينديون ويون .ارغونن موقعي جو فائدو وٺي نه رڳو ڄام فيروز جي درٻار ۾ خاص حيثيت حاصل ڪري ورتي ،پر ملڪ تي به ڀرپور حملو ڪيو .ڄام فيروز ٺٽو ڇڏي ڀڄي ويو ،دولهه دريا خان ،باوجود ڄام فيروز جي ساڻس محسن ڪشيَء ۽ کيس معزول ڪرڻ جي ،هڪ محب وطن طور 22 ،ڊسمبر 1520ع تي ارغونن سان ٺٽي جي چانئٺ تي جنگ ڪندي شهيد ٿي ويو .اهڙيَء ريت سنڌ ملڪ ۾ سمن جو راڄ پورو ٿيو ۽ سنڌ تي ارغونن جي حڪومت قائم ٿي( .وڌيڪ تفصيل ڏسو :انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ،جلد چوٿون) سمن جي دور جي انتظام ڪاري: سمن جي حڪومتي دور ۾ اڪثر حڪمرانن مضبوط ۽ منظم حڪمرانيَء وارو سرشتو قائم ڪيو ۽ سومرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مستحڪم حڪومت هالئي .عدل ۽ انصاف الِء ڪورٽون ،ٿاڻا ۽ سرحدي نگهبانيَء الِء چؤنڪيون قائم ڪيون ويون ،ڪنهن به وقت اندروني بغاوت يا ٻاهرئين حملي کي منهن ڏيڻ الِء وڏو لشڪر ۽ منظم سپاهه مقرر ڪيو ويو .حڪومتي سرشتي ۾ عام ماڻهن جي عدل انصاف تائين رسائيَء جو جوڳو بندوبست هوندو هو .اقتصادي ،معاشي توڙي سماجي ترقيَء الِء بيروني واپار کي ترقي وٺائي وئي ۽ بندرگاهه مضبوط ۽ سامونڊي ٻيڙن جي گهڻائي وغيره هن جي دور جي بهترين انتظام ڪاريَء جو ثبوت ڏين ٿا. ملڪي صورتحال ۽ پاڙيسري ملڪن سان الڳاپا /سرحدون :سمن جي حڪومتي دور ۾ سنڌ ملڪ اندر سواِء چند حاڪمن جي دور جي ،باقي عرصو امن امان ،معاشي استحڪام ،سک ۽ سانت واريون حالتون رهيون .سومرن جي وقت ۾ سنڌو درياهه جي رخ بدالئڻ جي ڪري پيدا ٿيل اقتصادي ابتريَء ،سمن جي ابتدائي زماني ۾ پنهنجا اثر ڏيکاريا .ڄام تماچيَء جي فيروز تغلق سان ڪيل ٺاهه جي ڪري ،سنڌ وڏي ڏن ڏيڻ سان معاشي ڀونچال جي ور چڙهي وئي .حقيقي معنى ۾ جڏهن دهلي سلطنت ڪمزور ٿي ،تڏهن سنڌ جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو .ان بعد سمن حاڪمن ،سياسي بصيرت ۽ ملڪي محبت جي جذبي هيٺ ملڪ جي ترقي ۽ عام ڀالئيَء الِء جيڪي به قدم کنيا ،تن سنڌ کي ’اڀرندڙ تهذيب جو گهوارو‘ بنائي ڇڏيو .انهن قدمن ۾ صحت، ڌنڌن ،آبپاشي ،زرعي سڌاري ۽ واڌاري الِء پيش رفت شامل هئي .سنڌ ملڪ جي عام ماڻهن جو واهپو زراعت سان هو ،هن دور ۾ ننڍي وڏي شهر ۾ ڪپڙي جون ننڍيون صنعتون ۽ آڏاڻا موجود هئا .جنڊي ،ڪاشي ،اجرڪ سازي ،کٿن کيسن ٺاهڻ جا هنر به عام هئا .هن دور ۾ درياهي صنعت به اوج ماڻيو .اناج ،نير ،ڪپهه ،ميوا وغيره گھڻا پيدا ٿيندا هئا ،جيڪي ڏيساور ڏانهن واپاري وڙ طور موڪليا ويندا هئا .سنڌو درياهه خاص طور واپاري مال جي رسدگاهه جو ڪم ڏيندو آيو .مال پالڻ ماڻهن جو عام ڌنڌو هو ،چوپائي مال -مينهن ،ڳئن ۽ ٻڪرين وغيره جي کير مان گيهه ۽ مکڻ سان مختلف مصنوعات ٺاهي واپرائڻ سان گڏ تحفا ڪري موڪليون وينديون هيون .ملڪي سرحدن جي حفاظت الِء فوج قائم هئي .بادشاهه رعيت ۽ سپاهه جو وڏو خيال رکندا هئا .مسڪينن ۽ الچارن جي سار سنڀال سرڪار طرفان لڌي ويندي هئي .هر طرف صلح ،سانت ،عدل ،انصاف ۽ علم پروري توڙي خوشحاليَء جو چرچو هو .اهڙي تصديق ابن بطوطه ،مير معصوم شاهه بکري، مير طاهر محمد نسياني ،ميرڪ يوسف ،فريد بکري ،مير علي شير قانع ٺٽوي ،مئڪمراڊو ،چيتن ماڙيواال جهڙا مؤرخ ۽ سياح به ڪن ٿا .ترقي ۽ معاشي استحڪام هئڻ سبب ئي سمن ڪيترائي نوان شهر ٻڌرايا .هن دور ۾ درياهه ،سمنڊ توڙي زميني رستن سان وچ ايشيا ،ايران ،عربستان، گجرات وغيره سان وڏي پئماني تي واپاري مال جي آمد رفت ٿيندي رهي. آبپاشي نظام جي حوالي سان نواب دولهه دريا خان ٺٽي ۾ ’خانواهه‘ ۽ سيوهڻ ۾ ’سدا واهه‘ کوٽايا. درياهي نارن کي ڪيترن هنڌن تان بند ڏياري ،پاڻيَء کي زرعي مقصد الِء استعمال ڪرڻ جون ڪامياب ڪوششون ڪيون ويون .ان جي باوجود زمين جي پوکيَء الِء هن دور ۾ نار ۽ هرال چاڙهي کوهن جي پاڻيَء تي آبادي ڪئي ويندي هئي .اناج جي پوک خاص ڪري گھڻي مقدار ۾ لهندي هئي .ميرڪ يوسف جي لکت موجب” :ان وقت پوکيَء تي ڏهون حصو ڍل وصول ڪئي ويندي هئي ،ڪيتري به پيدائش ٿيندي هئي ته ان جا نو ( )9حصا رعيت ۽ هڪ حصو سرڪار کڻندي هئي “.مطلب ته ملڪي صورتحال ،امن امان ۽ معاشي توڙي سياسي استحڪام واري هئڻ سبب سمن جو دور حڪومت ’سنڌ جو سونهري دور‘ هو .هن دور ۾ ساموئيَء سميت ٺٽو گھڻو وقت سنڌ جو مرڪزي شهر رهيو .سمن جي حڪومت جا پاڙيسري ملڪن ،خاص ڪري گجرات جي راجائن سان گھريلو ۽ بهتر تعلقات هئا .سلطنت دهليَء کي فيروز تغلق جي وفات تائين خراج ادا ڪيو ويندو هو ،جنهنڪري ڪنهن حملي جي نوبت گھڻي شدت اختيار نه ڪئي .ڪن وقتن تي ٿيل حملن کي به سمن حاڪمن برجستگيَء سان منهن پئي ڏنو. ملڪي حدون :سومرن جي وقت ۾ سومرن جي حاڪميت وچولي ۽ الڙ تائين قائم هئي ،خاص طور سندن حڪمراني الهري بندر کان سيوهڻ تائين رهي .ڄام فيروزالدين سمي سڀ کان پهريائين سيوهڻ تي فتح حاصل ڪري حڪومت جو بنياد وڌو هو .اڳتي هلي ڪجھه ئي وقت ۾ بکر ۽ نصرپور سميت الڙ کي به شامل ڪيائين .اڳتي جڏهن تغلقن ۽ سمن ۾ ٺاهه ٿيو ته ڏيهي طاقت جو اثر موجوده سنڌ جي سرحدي حدن تائين مضبوطيَء سان پکڙيو .پندرهين صدي عيسويَء تائين ٿر واري حصي تي سومرن جي مقامي شاخ حاڪميت ڪندي آئي هئي ،جن جي حڪومت جو مرڪزي شهر عمر ڪوٽ هو .بعد ۾ ٿر تي سوڍن پنهنجو اثر مضبوط ڪيو ،جيڪي سمن جي ماتحت هئا .خاص طور ڄام نندي جي حڪومت ۾ سنڌ جي ملڪي سرحدن ۾ وسعت آئي ۽ موجوده سنڌ سميت ٿرُ ،ا چ ،سبي ،لس ٻيلو سنڌ ۾ شامل رهيا ۽ سمن جي حاڪمن جي هتي مضبوط حڪومت قائم رهي. حڪومتي سرشتو :سمن جي حڪومت جو پهريون گاديَء جو هنڌ ’ساموئي‘ شهر هو ۽ ان کانپوِء ٺٽو ،هن گھراڻي جي حاڪمن جي حڪومت جو مرڪزي شهر بنيو ۽ آخر تائين مکيه شهر رهيو. سمن ڄامن جي انتظامي ۽ حڪومتي سرشتي جي خيال کان سنڌ ملڪ کي مختلف پرڳڻن ۾ ورهايو ويو ۽ انهن تي تخت نشين بادشاهه جي اثر هيٺ حڪمران ۽ اعلى عملدار مقرر ڪيا ويا. شاهي خاندان کان سواِء ٻين به مکيه خاندانن جي فردن توڙي اهل ۽ قابل شخصن کي حڪومتي عهدن تي فائز ڪيو ويو .جن ۾ خاص طور ڄام سارنگ ،دلشاد وزير ۽ دولهه دريا خان جا ناال قابل ذڪر آهن .هن دور ۾ سيوهڻ کي پرڳڻي (صوبي) جو درجو حاصل هو .جوڻ ،بکر ،سبي، عمرڪوٽ ۽ نصرپور جا شهر ٺٽي کانپوِء اهم سياسي ۽ فوجي مرڪز هئا ،جتي سپاهه به موجود رهندو هو .هنن شهرن ۾ نوان قلعا ۽ ڪوٽ قائم ڪرڻ سان گڏ پراڻن قلعن جي مرمت به ڪرائي وئي. انصاف جو سرشتو :سمن ڄامن پنهنجي حڪمرانيَء ۾ جتي سنڌ جي سرحدن جي چوڪسي ڪئي، ماڻهن جي روزمرهه جي زندگيَء جي معيار ۽ سماجي ڪاروهنوار ۾ سڌارا آندا ،معاشي نظام ۾ بهتريون آڻڻ جون ڪامياب ڪوششون ڪيون ،اتي عدالتي سرشتو پڻ چڱي نموني قائم ڪيو ويو .هڪ طرف عدالت کي اسالمي شريعت ۽ ٻئي طرف سنڌ جي سماجي ڍانچي سان هم آهنگ ڪري انصاف جا پيمانا مقرر ڪيا ويا .هيٺينَء سطح جا ننڍا ننڍا معامال راڄن جا چڱا مڙس ۽ سربراهه ،حڪومتي سرشتي سان وابستگيَء جي بنياد تي نبيريندا هئا .جڏهن ته اعلى عدالتن ۾ قاضي مقرر ٿيندا هئا ،جن جو انتخاب اعلى تعليمي ادارن ،استادن ۽ عالمن مان اهليت ۽ ايمانداريَء جي بنياد تي ڪيو ويندو هو .وقت جا مؤرخ سما سلطانن کي عادل بادشاهه قرار ڏين ٿا. خاص طور ڄام نظام الدين نندي جي دور ۾ اسالمي عدالتي سرشتو نافذ رهيو ،جنهن سان هر عام ۽ خاص جي انصاف تائين رسائي ممڪن هوندي هئي .ڄام نندي جي وقت ۾ ٺٽي جي قاضي عبداهلل ۽ ُا چ جي قاضي محمد وڏو نالو ڪڍيو .ان کان اڳ ڄام صالح الدين جي وقت ۾ قاضي نعمت اهلل پڻ انصاف جي تقاضائن پورين ڪرڻ جي ڪري مشهور رهيو .سمن جي وقت ۾ چيف قاضي ننگر ٺٽي ۾ رهندو هو .ان جو ڪم ڪورٽ هالئڻ سان گڏ اهم ديني معاملن ۾ حاڪمن کي صالحون ڏيڻ پڻ هوندو هو. تعليم ،علم ،ادب :سمن کان اڳ سنڌ ۾ مسجدن کي ئي تدريس الِء ٿورو گھڻو ڪتب آندو ويندو هو ،سومرن جي وقت ۾ به نصاب ڪنهن قدر سند يافته هو .پر عالمن ۽ شاگردن جي پوريَء طرح ذهني آبياري نه پئي ڪئي وئي. سمن سلطانن مسجدن سان گڏ مدرسن جي بنياد وجھڻ ۽ درسگاهن الِء ڌار اڏاوتون قائم ڪرڻ طرف تڪڙي پيش رفت ڪئي .خاص طور ٻاهرينَء دنيا جي عالمن کي درس تدريس الِء سنڌ ۾ گھرائي ،عالم ۽ اديب جا ڪورس ڪرائي ،ديني توڙي سماجي علم جا اڪابر پيدا ڪيا ويا .هن دور ۾ تعليم جي فروغ الِء مڪتب ،مدرسا ،خانقاهون حڪومتي سرپرستيَء هيٺ قائم ٿيون. مسجدن سان الڳو حجرا به شاگردن جي تحصيل الَء ڪتب آندا ويا .درسي ڪتابن لکائڻ ۽ ڪورس منتخب ڪرڻ الِء عالمن ۽ اڪابرن جي سرپرستي ڪئي وئي .خاص ڪري نصاب ۾ ’منقوالت ۽ معقوالت‘ کي فوقيت ڏني وئي .قرآن پاڪ جي تدريس سان گڏ تفسير ،قرآت ،حديث ،فقه ،فلسفي، طب ،منطق ،ادب ،درسي ڪتاب نويسي ،شرح نويسيَء جي تعليم ڏني ويندي هئي .تاريخي تذڪرا پڻ نصاب ۾ شامل هئا .سيوهڻ ،بکر ،ٺٽو ،درٻيلو ،ٽلٽي ،ڳاها ،ٻٻر لوِء ،هاالڪنڊي ،نصرپور، اگھاماڻي ،سن ،عمرڪوٽ ،باغبان ،هن وقت جا اهم تعليمي مرڪز هئا .سيوهڻ جي ’محمدي خانقاهه‘ سيد محمد شيراز جو سيوهڻ ۾ مدرسو ،شيخ عيسى لنگوٽيَء جو ساموئيَء ۾ مدرسو، محدث عبدالعزيز ابهري ۽ سندس پٽن موالنا محمد ۽ موالنا اثيرالدين پاران ڳاها ۾ درسگاهه سنڀالڻ ،مخدوم بالول جون باغبان ۾ درسگاهون ،ڄام بايزيد ۽ ڄام ابراهيم جا ملتان ۽ اچ ۾ مدرسا قابل ذڪر آهن .ان سميت ننڍن ڳوٺن ۽ قصبن ۾ ڪيتريون ئي درسگاهون ۽ خانقاهون موجود هيون ،جيڪي تعليمي مقصدن الِء ڪتب اينديون هيون. مخدوم بالول ،شيخ حماد جمالي ،سيد محمد شيراز (ايران) ،سيد احمد (ايران) ،پير مراد شيراز (ايران) ،سيد علي اول (ايران) مير معين ،مير شمس ،شيخ عيسى برهانپوري ،موالنا محمد عمر، موالنا اثيرالدين جمالي دهلوي ،بايزيد ،ڄام ابراهيم ،عالمه عبدالعزيز ،عالؤالدين منگلوري هن دور جا اهم استاد هئا ،جن تعليمي ،تدريسي توڙي تصنيفي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن دور جي درسي ۽ تدريسي زبان عربي ۽ فارسي رهي .عربي زبان ۾ موالنا عالؤالدين مئنگلوريَء جي لکيل ’الزبدة‘ شرح ،اصل ۾ هڪ فارسي ڪتاب جي آسان شرح آهي .حاجي حسين صفائي پير مراد شيرازيَء جي سوانح ’تذڪرة المراد‘ جي نالي سان عربي زبان ۾ تيار ڪئي وئي .مخدوم عبدالعزيز ابهري ۽ سندس پٽن به ڪجهه نصابي شرحون ۽ ڪتاب تيار ڪيا. سنڌيَء ۾ اسماعيلي مبلغن جي اصالحي تبليغي شاعريَء جو ذخيرو ،پير صدرالدين جا گنان، ماموئي فقيرن ،مخدوم احمد ڀٽي ،شيخ حماد جمالي ،مخدوم نوح هوٿياڻي ،اسحاق آهنگر ۽ ٻين جي سنڌي شاعريَء جو ذخيرو هن دور جو اهم ادبي ذخيرو آهي. سمن جي دور ۾ تمدن ،فن ،تعليم ،ثقافت :هن دور ۾ تمدني زندگيَء وڏي ترقي ڪئي ،ڪيترا نوان شهر اڏيا ويا .مقامي هنرن ۽ فنن کي حڪومتي سرشتي پاران هٿي ڏني وئي .ساموئي ،ٺٽو، سونڊا ،سيوهڻ ،الهري بندر ،سن وغيره جهڙا ڪيترا شهر هن دور جي تمدني زندگيَء جا اهم اهڃاڻ هئا ،جن کي پوِء ارغونن ۽ ترخانن ڦريو ،اجاڙيو ۽ ناس ڪيو .ٺٽي جو شهر هن دور ۾ تمدني زندگيَء ۾ وڏي اوج تي هو .مرڪزي شهر هئڻ سبب ٺٽي ۾ تعميراتي فن توڙي معاشي زندگيَء ۾ انقالب آندو ويو .ڄام نندي جي وقت ۾ ته هن شهر کي عالمي سطح تي پذيرائي حاصل رهي .جدا جدا حويليون ،پاڙا ،ٻاهرين عالمن ۽ ڪاريگرن جا جوڙيل مرڪز ،مڪليَء جي ٽڪريَء تي خانقاهون ،ڄامن جون جايون ،فوجي مرڪز ،مقبرن جا اڏاوتي نمونا ،گجراتي ،هندي ۽ اسالمي طرز تعمير ،بازاريون ،جنڊي ۽ ڪاشيَء جا فن ،لونگي ۽ اجرڪ جون صنعتون ،دفاعي ساز سامان ،جهازرانِي َء جي صنعت ،ٽامي ،سون ،چاندي ۽ ڪٽ جي زيور سازي ،سڀ جا سڀ تمدني زندگيَء کي اجاڳر ڪن ٿا .نصرپور ۾ اجرڪ سازي ،جنڊي ۽ ڪاشيَء جا هنر عروج تي هئا. پارڪر طرف ڀوڏيسر ۾ محمود بيگڙي جي تعمير ڪرايل مسجد به هن دور جو يادگار آهي. (جيڪا جين يا هندو مندر کي تبديل ڪري مسجد ۾ تبديل ڪئي وئي هئي؟) جامع مسجد مڪليَء سميت ڄامن جا مقبرا ،دولهه دريا خان جي مزار ،ڄام تماچيَء جي ڇٽي ،ڄام نندي جو مقبرو ،هن دور جا اعلى تعميراتي يادگار آهن .چوڪنڊيَء جي مزارن جو ڇٽيون به هن دور جي تعميراتي فن جا نمونا آهن .تاريخي روايتن مان پتو پوي ٿو ته تمدني ۽ ثقافتي طور توڙي فن تعمير جي حوالي سان هيُء دور سنڌ جو سونهري دور هو( .تفصيل الِء ڏسجي انگريزي ڪتاب :دي جيول آف سنڌ ،سما مانيومينٽس آف مڪلي ِهل) هن دور ۾ڪيترائي عشقيه داستان مشهور ٿيا .دريا خان ۽ همون ٻائي ،نوري ڄام تماچي ،مري ۽ مڱٿر ان جا مشهور مثال آهن .باهمي تعلقات ۾ به ماڻهن جي وچ ۾ گھرو سماجي الڳاپو موجود هو .عوام جو گھڻو تڻو گذر سفر زراعت ،محنت ،هنر ،مزدوري ،هلڪين صنعتن ،مڇي مارڻ ۽ چوپايي مال ڌارڻ تي هو .واپار جو عنصر به ملڪ ۾ عام جام هو .مطلب ته زرعي سماج ۾ برپا ٿيل ثقافتي عنصر واريون سڀ خوبيون هن دور ۾ سنڌ جي سماج ۾ موجود ملن ٿيون. سنڌ جي موجوده جاگرافيَء سميت سمن حاڪمن جو راڄ جھوناڳڙهه ،ڪڇ ،ڪاٺياواڙ ۽ لسٻيلي ۾ به قائم هو .سمن جي زماني ۾ هنن مڙني خطن سان سنڌي ڪلچر ۽ تهذيب جو گهرو واسطو هو. هن دور ۾ سنڌي ٻولي توڙي ساهت کي پڻ وسيع پيماني تي پکڙجڻ جو موقعو مليو .جھوناڳڙهه ۾ سومرن جي همعصر زماني ۾ ،چوڙا سما خاندان جي راِء ڏياچ 1010ع ۾ حڪومت ڪئي .ڪڇ ۾ خاص طور جاڙيجن سمن جو وڏو اثر رسوخ رهيو .ڪجھه موقعن تي سنڌ جي ڄامن سمن به ڪڇ جي معاملن ۾ مداخلت ڪئي ۽ مڪمل طور ڪڇ کي مطيع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي .ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾ واپاري سرشتي توڙي ماڻهن جي اچ وڃ سبب ثقافتي ميل جو عنصر وڌيو ويجھيو .اڄ تائين به اتي سنڌي ٻوليَء جو واهپو جيئن جو تيئن قائم آهي ،جنهن کي سنڌيَء جو ڪڇي لهجو سڏيو وڃي ٿو .ان کان سواِء سنڌي ثقافت ۽ ساهت پڻ اڳتي هلي وڏي اوسر ماڻي. اڳتي هلي ڪلهوڙن جي َدور ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيَء پڻ ڪڇ جو سفر ڪيو هو’ .ڪڇين جا قول‘ (مرتب :محمد سومار شيخ) جهڙي اهم دستاويز مان به سنڌ ۽ ڪڇ جي ثقافتي ڳانڍاپن جو پتو بخوبي لڳائي سگھجي ٿو .اڄ به ڪڇ ڀڄ ريڊيو اسٽيشن تان سنڌي نشريات پڻ پيش ٿئي ٿي. عربن جي زماني ۾ هتي عربي نسل جي قبيلن :صديقين ،عباسين ،هبارين ،قريشين وغيره رهائش اختيار ڪئي هئي .بکر کان پاٽ تائين توڙي سنڌ جي لڳ ڀڳ هر واهڻ ۾ سنڌ ۾ نئين ثقافتي مزاج جي باهمي ڳانڍاپي جنم ورتو .ان کانپوِء خاص طور سمن جي حڪومت دوران بلوچستان ۾ رندن ۽ الشارين ۾ خانه جنگيَء عيوض سمن ،الشارين جي مدد ڪئي .هن ئي زماني ۾ بلوچستان جي الشاري ۽ چانڊيا قبيلن سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي ،جنهن جا اثر به سنڌي سماج تي پيا .سمن جي سلطنت جي خاتمي بعد ارغونن جي تسلط ۽ ظلمن جي ڪري ڪيترن ئي خاندانن گجرات توڙي ڪڇ طرف لڏپالڻ ڪئي .هتي قبيالئي راڄ ۽ جرڳي ۽ سرداري نظام جو بنياد وڌو ويو .ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سمن جي وقت ۾ علم ،ادب ،فن توڙي ثقافتي قدرن سان همڪنار ٿيل معاشرو ،ان دور جي پڄاڻيَء تي سنڌ جي غالميَء سبب هڪ ڀيرو ٻيهر ڀونچال جي ور چڙهي ويو. سمن جي دور جي سرڪاري ٻولي :سمن جي وقت ۾ سرڪاري ٻوليَء متعلق اختالف موجود آهن. ڪن محققن جو خيال آهي ته عربي هن دور جي سرڪاري ٻولي هئي ،جڏهن ته فارسي ۽ سنڌي ٻوليون به وهنوار هيٺ رهيون .خاص طور فارسي ٻولي هن دور ۾ ادبي لکت ،تعليم ۽ درس، تدريس وغيره الِء ڪتب آندي وئي .سنڌي ٻولي فقط عام لوڪن جي روز مره جي وهنوار ،گڏيل رابطي ۽ ڪجھه قدر لکپڙهه جي زبان هئي ،جنهن کي ڪو منتخب رسم الخط ڪو نه هو .عربي ٻوليَء جي سرڪاري حيثيت جي تحقيق سمن جي دور تي تحقيق ڪندڙ محقق ۽ ڊاڪٽر غالم محمد الکي به ڪئي آهي .انهن محققن جي راِء ۾ عربي هن دور جي سرڪاري ٻولي هئي ،عربي ٻوليَء متعلق عالمن جو خيال آهي ته جيئن ته هن دور جي يادگارن جا 90سيڪڙو ڪتبا عربيَء ۾ آهن ۽ هن دور جا جيڪي ٻه ڪتاب دستياب ٿيا آهن ،سي اڪثر عربيَء ۾ آهن ۽ انهن ۾ ’الزبدة‘ ۽ ’تذڪرة المراد‘ ان وقت جا مشهور ڪتاب هئا .فارسي ابتدائي سما دور ۾ سرڪاري ٻولي رهي. ليڪن سنڌ ۾ آزاد حڪمراني ڪندڙ سمن حاڪمن کي سنڌ جي سرڪاري زبان ڪنهن اهڙي ٻوليَء کي ڪرڻ زيب نه ٿي ڏنو ،تنهنڪري عربي ئي هن دور جي سرڪاري زبان تسليم ڪري سگھجي ٿي .جڏهن ته فارسيَء جي تائيد ڪندڙ عالمن موجب ڪتبن وغيره تي عربيَء ۾ فقط مذهبي عقيدي موجب قرآن شريف جون آيتون اڪريل ملن ٿيون ،جڏهن ته ناال ۽ باقي ٻيون عبارتون فارسيَء ۾ آهن ،هنن عالمن جي راِء موجب ته سمن جي دور حڪومت جي مليل اڪثر سڪن تي فارسيَء ۾ عبارتون اڪريل مليون آهن .خاص طور مڪليَء تي موجود يادگارن کي ئي ڏٺو وڃي ،تڏهن به ان وقت ۾ فارسيَء کي مليل اهميت ۽ حيثيت ڪري سگھجي ٿي ،جن تي فارسيَء ۾ لکيل عبارتون اڃا به موجود آهن .ٻيو ته سمن جي حاڪميت کان اڳ توڙي ان وقت دوران فارسي ،دهلي سلطنت جي دفتري ۽ سرڪاري لکپڙهه جي ٻولي هئي ۽ اها ڪاروباري زبان طور رائج رهي .سمن جي اسرڻ وقت به ملتان توڙي گجرات وارا سنڌ جا پرڳڻا سڌو سنئون دهلي سلطنت جي اثر هيٺ هئا ،اهوئي سبب آهي ،جو فارسيَء جي حيثيت الِء معقول سبب موجود هو. جڏهن ته عربيَء الِء سواِء مذهبي زبان جي ٻي ڪابه گھرج ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي .حقيقت ۾ عربي سمن جي دور ۾ به مذهبي زبان طور اهميت رکندڙ زبان هئي .باقي سمن به پنهنجي نج نبار سنڌي هئڻ باوجود ،پنهنجي ڏيهي ۽ مادري زبان سنڌي ٻوليَء جي ڪابه سرڪاري سرپرستي نه ڪئي .تڏهن به هن دور ۾ عوامي سطح تي سنڌي (سندن مادري ٻوليَء) سان انسيت جو عالم اهو هو ،جو سنڌ جي لوڪ ادب ڪافي ترقي ورتي ۽ ڪالسيڪي شاعري پڻ هن دور جي ئي پيداوار آهي. سمن جي دور جا سڪا :هن دور سان منسلڪ ڪل 30سڪا لڌا ويا آهن ،جن مان ٽي سڪا ٽامي جا آهن ،جيڪي ڄام نندي ۽ ڄام فيروز جي زماني ۾ جاري ٿيا هئا ،جڏهن ته باقي 27سڪا دهلي، گولڪنڊي ،گجرات جي تيموري خاندان جا معلوم ٿين ٿا .هي سڪا سون ،چاندي ۽ ٽامي جا آهن. جن الِء محققن جو خيال آهي ته اهي سموري سنڌ ۾ رائج هئا .سمن جي پهرئين حاڪم ڄام انڙ جي وقت ۾ مقامي حڪومت جو سڪو دستياب نه ٿيو آهي ،قوي امڪان آهي ته هن دور ۾ سمن حاڪمن پاران سڪو جاري نه ڪيو ويو ،بلڪه هندستان جي حاڪم محمد بن تغلق جا سڪا ،دينار، تنڪا ،عدلي ،نصفي ،دوڪاني رائج هئا ،جن مان دينار سون جو سڪو هوندو هو ،جنهن جو وزن 199گرين هو .تنڪا چانديَء جا هوندا هئا .ان قسم جا سڪا ٺٽي ،بدين ،سيوهڻ ۽ اروڙ مان مليا آهن .اڳتي هلي جنهن وقت ڄام عالؤالدين ۽ ڄام تماچيَء کي قيد ڪري دهليَء نيو ويو ،تڏهن سنڌ تي ٻه لک تنڪا ساليانو ڏن مقرر ڪيو ويو هو. ڄام صدرالدين جي زماني ۾ محمد بن تغلق ۽ فيروز شاهه جا سڪا رائج رهيا ،جيڪي ٽامي ۽ چانديَء جا هئا .واپاري آمد رفت سبب هن وقت ايراني ۽ عربي سڪا پڻ واهپي ۾ ايندا رهيا .ڄام رڪن الدين ،ڄام انڙ ،بابيني ۽ ڄام خيرالدين جي وقت ۾ به دهلي سلطنت جا سڪا استعمال هيٺ رهيا .فيروز شاهه ۽ سلطان فيروز جي نالن سان سڪا لڌا ويا آهن ،جن تي سن به لکيل آهي. اهڙيَء طرح هن وقت تائين عالؤالدين ڄام جوڻي ،رڪن الدين ڄام تماچيَء جي دور ۾ به هنن حاڪمن جي نالي سان جاري ٿيل سڪو ڪونه مليو آهي .بلڪ ساڳيا سڪا وهنوار هيٺ آيل ڏسجن ٿا .ڄام صالح الدين سنڌ ۾ گجرات جي تغلق گھراڻي جو سڪو وهنوار هيٺ آندو .ان کانپوِء ڄام نظام الدين اول ،ڄام علي شير ،ڄام ڪرن ،ڄام فتح جي وقت ۾ به سڪا جاري ڪونه ٿيا .ڄام فتح جي وقت ۾ احمد شاهه گجراتيَء جي حڪومت جو چانديَء جو سڪو هتي وهنوار هيٺ رهيو، جنهن جو وزن 172گرين هو .جڏهن ته ساڳئي وقت ۾ احمد شاهه جو جاري ڪيل ٽامي جو سڪو به مليو آهي ،جڏهن ته جونپور جي والي ابراهيم شاهه جا ٽامي جا سڪا پڻ ڄام فتح جي زماني ۾ جاري ٿيل ڏسجن ٿا ،جيڪي سنڌ ۾ وهنوار هيٺ رهيا .ڄام تغلق عرف جوڻي جي وقت ۾ هندستان جي بادشاهه محمد شاهه جا ٽامي جا سڪا ،غيـاث الـديـن جا جـاري ڪيل سڪا وهنوار هيٺ رهيا .اهـڙيَء ريـت ڄام سڪندر ،ڄام سنجر جي وقت ۾ به اهي ئي سڪا وهنوار هيٺ آيل ڏسجن ٿا. هن وقت تائين ٿيل تحقيق موجب ڄام نظام الدين سمو ،سما گھراڻي جو پهريون تاجدار حاڪم آهي ،جنهن جا پنهنجي نالي سان جاري ڪيل سڪا مليا آهن .ڄام نندي جي دور جا سڪا ٽن نمونن جا آهن ،جن ۾ ٽامي جي گول دائري ۾ ’سلطان ڄام نظام الدين‘ ۽ ٻئي پاسي ’ڄام صدرالدين‘ اڪريل آهي ،جڏهن ته سڪن ۾ فرق فقط وزن جو آهي .هن جي زماني ۾ سلطان محمود بيگڙي جونپور جي حاڪم حسين شاهه جا سڪا پڻ سنڌ ۾ هلندڙ هئا. ڄام نندي جي وفات بعد ڄام فيروز جي عهد ۾ سمن حاڪمن جا پنهنجا سڪا وهنوار هيٺ رهيا. ڄام فيروز جي نالي سان جاري ٿيل سڪا به مليا آهن ،جن تي عربي رسم الخط ۾ ناال لکيل آهن. ان سميت هن وقت ۾ سڪندر لوڌي ،سلطان بهادر شاهه ۽ امير تيمور گورگانيَء جا سڪا ۽ اشرفيون به وهنوار هيٺ رهيون. هتي اها وضاحت ضروري آهي ته مٿي ڏنل ڄاڻ کان هٽي ،ڳچ سمن سلطانن جا ِس ڪا مليا آهن ،جن بابت پهريون ڀيرو عبداهلل ورياهه مرحوم معلومات مهيا ڪئي آهي .سمن جي ِس ڪي جو وڏو تعداد سنڌاالجيَء (سنڌ يونيورسٽيَء) ۾ موجود آهي ،پر اڄ تائين انهن جو سنجيدو اڀياس نه ٿيو آهي. سمن جي دور جا ڪجهه مشاهير: سمن ڄامن جي دور ۾ ڪيترا ڪردار ۽ سٺي حڪمرانيَء وارا بادشاهه به ٿي گذريا آهن ،جن کي به هن دور جي مشاهيرن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو .البت تاريخ سنڌ جي هن سونهري دور ۾ ڪيترا عالم ۽ صوفي به ٿي گذريا .جتي وقت جا معتبر استاد پيدا ٿيا ،اتي عارف به نڪري نروار ٿيا .ان کان سواِء ڪيترا موچارا سرڪاري عملدار ،سياستدان ۽ بهادر فوجي به پيدا ٿيا .هتي مشاهيرن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو. دلشاد :هن جو ڄام نظام الدين (نندي) جي دور سان واسطو آهي .کيس ابتدا ۾ بکر جو عملدار ڪيو ويو ،جتي هن سهڻو انتظام رکيو ۽ بهادر شخص هو. دولهه دريا خان :هي وزير لکدير يا لکسير (لکمير ؟) جو غالم ۽ ذات جو قبوليو هو .بعد ۾ شڪار ڪندي ڄام نظام الدين جي مٿس نظر پئي .ان کانپوِء هو ڄام نندي جي مالزمن ۾ شامل ٿيو .هن جي اعلٰي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيو ويو .پوِء درياخان کي مبارڪ خان جو خطاب ڏئي وزير مقرر ڪيو ويو .اڳتي هلي امير االمراُء ،وزيراعظم ۽ فوج جو ڪمانڊر مقرر ٿيو .دولهه دريا خان جون سنڌ جي جاگرافي ۽ سرحدن جي حفاظت جي حوالي سان وڏيون خدمتون آهن .سنڌ ملڪ ۾ امن ۽ اقتصاديات جي بحاليَء ۾ سندس وڏو ڪردار آهي .جتي به امن امان الِء ضرورت پوندي هئي ،اتي فوجون وٺي پهچي ويندو هو .ٺٽي جي ڀرسان خان واهه ۽ سيوهڻ طرف ساوه واهه جي کوٽائي ۽ زمينن الِء پاڻيَء پهچائڻ سندس وڏو ڪارنامو آهي .هونئن ته دريا خان هر محاذ تي پاڻ ملهايو ،پر ’سبي‘ جي واپسي سندس وڏو ڪارنامو آهي .ڄام نظام الدين جي دور ۾ ’سبي‘ سنڌ جي حدن ۾ هڪ اهم سرحدي شهر هو .هرات جي لشڪر مير ذوالنون ارغون جي قيادت ۾ هن شهر تي حملو ڪيو ۽ سنڌ جي نمائندي ’بهادرخان‘ کان شهر کسي ورتو .ڄام جي حڪمن تي دريا خان 1490ع ۾ سبي شهر ،ارغونن کان واپس ورتو .ان عرصي ۾ ميران محمد جونپوري ،هند کان سنڌ ۾ آيو .ڏيڍ سال ٺٽي ۾ رهيو .پوئلڳن جو وڏو تعداد پيدا ڪيائين .ڄام نندي هن صورتحال کي رياست الِء خطرو سمجهندي ،دريا خان کي حڪم ڏنو ته ميران محمد جونپوريَء کي سنڌ مان بيدخل ڪيو وڃي .دولهه دريا خان هن مسئلي کي احسن طريقي سان حل ڪيو1508 .ع ۾ ڄام نندو فوت ٿيو .ان بعد سنڌ جي سلطنت زوال طرف وڌي .ننڍي عمر جو ڄام فيروز بادشاهه بنيو. 11محرم 927هه تي شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي حملو ڪيو .ڄام فيروز شهر ڇڏي ڀڄي ويو .دريا خان ارغونن جي لشڪر کي للڪاريو .گهمسان جي جنگ کانپوِء ،شام جي وقت شهيد ٿي ويو. سندس مزار مڪليَء تي موجود آهي( .تفصيل الِء ڏسو :سمن جي سلطنت ،مختلف صفحا) عالؤالدين :دريا خان جو پٽ ۽ درٻار جو مکيه امير هو( .تحفة الڪرام ،سنڌي ،ص)141 : محمود :مير علي شير قانع هن کي محمد خان لکيو آهي ،پر عام طرح محمود خان طور مشهور آهي .هي به دولهه دريا خان جو پٽ هو .پيُء جي شهادت بعد هن ٽلٽي ۽ ڳاها ۾ لڙايون ڪيون ،پر ناڪام ٿيو. (تحفة الڪرام ،سنڌي ،ص)141 : موٽڻ خان :علي شير قانع هن کي متن خان (مٺڻ ؟) لکيو آهي .محمود خان سان گڏ شاهه بيگ جي خالف محاذ کڙو ڪيائين .هي به دريا خان جو فرزند هو( .تحفة الڪرام ،سنڌي ،ص)141 : سارنگ خان :مير علي شير لکي ٿو ته ،سارنگ خان به ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي دور جو ناليرو امير هو .هن جي بهادريَء ۽ عقلمنديَء جي ذريعي وڏا وڏا ڪم سرانجام ٿيندا هئا( .تحفة الڪرام ،سنڌي ،ص)141 : تاريخ معصومي (سنڌي ،ص )156 :هن کي ڄام سارنگ لکيو آهي .پير حسام الدين راشديَء جي تحقيق آهي ته ،ڄام سارنگ نالي امير ڪبير دريا خان جو پٽ هو( .مڪلي نامو ،ص)102-101 : جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس دريا خان جو ڀاُء سڏيو آهي( .ڊاڪٽر بلوچ جا مقاال ،ص: )146هن ڏس ۾ درست راِء راشدي مرحوم جي آهي ته ،سارنگ خان ،دريا خان جو پٽ هو. احمد خان :راشدي صاحب جي تحقيق موجب ،احمد خان به دريا خان جو پٽ هو .دريا خان جي مقبري جي چوديواريَء تي احمد بن دريا خان جو نالو هڪ ڪتبي ۾ موجود آهي( .سمن جي سلطنت ،ص)131 : ديوان لکدير :ڄامن جي سلطنت ۾ ديوان لکدير يا لکسير (لکمير ؟) جو نالو خاص اهميت رکي ٿو. هن ديوان لکدير وٽ ننڍڙو دريا خان مالزم هو ،جيڪو پوِء ڄام نظام الدين حاصل ڪري ،کيس ُپ ٽيلو بنايو ۽ تمام وڏا عهدا ماڻيائين. پير البو :هيُء ڄام نظام الدين جو ڀاڻيجو ۽ ناٺي هو .هن جو اصل نالو ڄام مارک (مارڪ ؟) آهي. مسجد صفه جي جاِء تي هندن جو بتخانو موجود هو .جڏهن مراد شيرازيَء بتخانو ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ته ،هندن وڏو اعتراض ورتو .ڄام البو هندن کي سمجهائڻ ويو ،پر سيد مراد کي ڏٺائين ته سندس مريد ٿي ويو( .تحفة الطاهرين ،سنڌي ،ص)148 : شيخ نٿر :شيخ نٿر ڄام نندي جي حڪومت ۾ خاص مصاحب ۽ مقرب هو .شيخ نٿر کي به مذڪوره مندر ڊاهڻ کان روڪڻ الِء موڪليو ويو ،پر هي به ڄام مارک وانگر ،سيد مراد جو مريد بنجي ويو. (تحفة الطاهرين ،سنڌي ،ص)149 : شيخ جهنڊو پاتڻي :سيد ميران محمد مهدي جونپوريَء جو مريد هو ،ان پسمنظر ۾ ڄام نندي جي هن سان نه لڳندي هئي .سندس مزار ساموئيَء جي سر زمين تي موجود آهي( .تحفة الطاهرين، سنڌي ،ص)155-152 : قطب الدين بن محمود :ڄام نندي جي دور جو بهترين خطاط يا خوشنويس هو .دريا خان جي مدفن جي تعميرات تي سندس نالو موجود آهي( .دي ڪيليگرافرس آف ٺٽه ،ص)57 : حافظ رشيد :مير علي شير قانع موجب پاڻ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي دور جو ناميارو خوشنويس ٿي گذريو آهي .سندس شمار وقت جي وڏن ماڻهن ۾ ٿيندو هو( .تحفة الڪرام ،سنڌي، ص )592 :هن جو پٽ عبدالرحيم به ساڳئي فن جو ماهر هو .ترخان دور جي ناليرن خطاطن ۾ سندس ذڪر اچي ٿو( .ڪيليگرافرز آف ٺٽه ،ص)58-57 : بهادر خان :ابتدا ۾ جڏهن ارغونن سبيَء تي حملو ڪيو ،تڏهن بهادر خان ان عالئقي جو گورنر هو .ارغونن جي ڪاهه وقت شهر هن جي قبضي مان نڪري ويو .بعد ۾ 1590ع واري جوابي ڪارروائيَء ۾ دولهه دريا خان هي شهر ارغونن کان واپس ورتو( .مڪلي نامو ،ص)179-176 : قاضي قادن :سمن ڄامن جي دور ۾ قاضي قادن شايد ڦوهه جوانيَء ۾ هو .ان دور ۾ چون ٿا ته قاضي قادن بکر جو حاڪم يا قاضي هو .پوِء سيد محمد جونپوريَء جو مريد ٿيو .ان ڪري هن ۾، ۽ مخدوم بالول ۾ اختالف پيدا ٿيا1520 .ع ۾ ارغونن جي حملي وقت ،قاضي موصوف حملي آورن سان گڏ هو ،پر پوِء جڏهن ارغونن طرفان نَو ڏينهن ٺٽي کي ڦرڻ لٽڻ ۽ ساڙڻ جو سلسلو بند نه ٿيو ته پاڻ ارغونن کي اپيل ڪري اهو بند ڪرايائين ،ان کانپوِء وري به هو ڌارين سان ملي هم وطنن خالف عمل ڪندو رهيو .قاضي صاحب سنڌي زبان جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي ،جنهن جو مڪمل رسالو موجود آهي. مخدوم بالول :ذات جو سمو هو .ڪي لکندڙ هن جو شجرو ،سمن جي شاهي خاندان سان مالئين ٿا .پاڻ وطن دوست عالم ۽ صوفي ٿي گذريو آهي .ٽلٽي ۽ باغبان هن جي اثر ۾ هئا ۽ اتي سندس مريدن جو وڏو انگ هو .شاهه بيگ ارغون سان ٺاهه ڪرڻ بدران معرڪا ڪيائين ،ان ڪري سرڪاري ڏمر هيٺ آيو( .اهڙو ذڪر مٿي ٿي آيو آهي) .سندس مشهور خليفا هن ريت ٿي گذريا آهن:ساهڙ لنجار'> مخدوم ساهڙ لنجار (انڙپور) ،سيد حيدر (سن) ،مخدوم رڪن الدين يا مخدوم مٺو (مڪلي) ،مخدوم حسن (ڀاڻوٺ) ،مخدوم سعد يا ساند (سڪرنڊ) ،۽ مخدوم محمد عثمان هنڱورو (گچيرو ،مورو). جي .ايم .سيد جي تحقيق موجب مخدوم بالول جي شهادت 02رجب 930هه برابر 06مئي 1523ع تي ٿي( .سنڌ جا سورما ،ص)41-34 : ڄام ابراهيم ۽ ڄام بايزيد :شاهي درٻار جا اهم رڪن هئا ،جي ناراض ٿي ملتان جي رياست ۾ پناهه گزين ٿيا .اتي جي حاڪم حسين النگاهه ،بايزيد کي شورڪوٽ ۽ ابراهيم کي اچ ۾ جاگيرون ڏنيون .ڄام بايزيد وڏو عالم هو ۽ هن جي درٻار عالمن سان ڀريل رهندي هئي( .جنت السنڌ ،ص: )361-360 ان کان سواِء هن دور ۾ فارسي ۽ سنڌيَء جي ڪيترن شاعرن جا ناال به ملن ٿا ،جيڪي هن دور ۾ ٿي گذريا آهن .ڊيگهه کان بچڻ الِء هتي انهن جا صرف ناال ڏجن ٿا :شيخ حماد جمالي ،ڄام نظام الدين ،مخدوم بالل ۽ شيخ عيسٰي لنگوٽيَء جا فارسي شعر مليا آهن ،جڏهن ته درويش نوح هوٿياڻي ،شيخ عبدالجليل چوهڙ ،مخدوم احمد ڀٽي ۽ اسحاق آهنگر جا ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي شعر ملن ٿا .فارسي يا سنڌي شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ،تن کي به سمن جي دور جي مشاهيرن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو( .مواد تيار ڪندڙ :ڊاڪٽر غالم محمد الکو) وڌيڪ ڏسو :سنڌ تي ارغون حڪومت
هن صفحي کي شيئر ڪريو
تاريخ -ڀاڱي جون ِٻيون داخالئون
سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت سنڌ ۾ عرب دور حڪومت تاريخ منظوم سنڌي صحافت ۽ اخبار نويسي پسمنظر ۽ تاريخ سنڌ ۾ ٽالپرن جو دور حڪومت /ميرن جي صاحبي سال صديقي سڪو برهمڻ گهراڻو سنڌ تي ارغون حڪومت سنڌ ۾ ريلوي نظام انگريز دور کان وٺي پاڪستان تائين تاريخ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون
سنڌي ٻوليَء جي با اختيار اداري وٽ َس ڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن