Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 17

‫سمن ُس لطانن جو سلسلو‬

‫‪1508‬ع ڄام نظام الدين جي دور ۾ سنڌ جا دنگ ۽ سندس موثر هلندي پڄنديَء هيٺ عالئقا‬

‫سنڌ ۾ سمن جو دؤر‬


‫سنڌ ۾ سمن جو دؤر‪:‬‬
‫سمن جو حڪومتي دور سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت وارو دور ليکيو وڃي ٿو‪ .‬سما گھراڻي‬
‫‪1351‬ع کان ‪1520‬ع تائين جملي ‪ 169‬سال‪ ،‬سنڌ تي حڪومت ڪئي‪ .‬سما اصل ۾ قديم ۽ وسيع‬
‫سنڌي عالئقي ڪڇ جا رهاڪو مسلم راجپوت (سماٽ) هئا‪ .‬حڪومتي مسند تي ويهڻ کانپوِء هنن‬
‫’ڄام‘ لقب اختيار ڪيو‪ .‬سندن دور حڪومت ۾ مجموعي طور ‪( 15‬پندرهن) تاجدارن حڪومت‬
‫ڪئي‪ .‬هن گھراڻي جو حاڪم ڄام نظام الدين سمو (عرف ڄام نندو) پنهنجي قابليت‪ ،‬غريب‬
‫پروريَء‪ ،‬نيڪو ڪار هئڻ سان گڏ دور انديش حاڪم هئڻ جي صورت ۾ ڪافي مقبول ۽ مشهور‬
‫رهيو‪ .‬تاريخي تذڪرن ۾ کيس امن پسند ۽ وطن دوست حاڪم طور ليکيو ويو آهي‪.‬‬
‫ابتدائي سما ڄامن دهلي سلطنت جي نيم غالميَء کي قبول ڪيو هو‪ ،‬پر بعد ۾ ُا هي مڪمل آزاد‬
‫حڪمران بنجي ويا‪.‬‬
‫مجموعي طور هي دور سنڌ اندر سماجي‪ ،‬معاشي‪ ،‬سياسي‪ ،‬تعليمي ۽ ادبي لحاظ کان بهترين ۽‬
‫سونهري دور سمجھيو وڃي ٿو‪ .‬سنڌ اندر ڪيترا زرعي سڌارا توڙي تعليمي سڌارا آندا ويا‪ .‬هن‬
‫دور ۾ سنڌ جون سرحدون به ڪافي حد تائين محفوظ رهيون‪ .‬هن دور جي خاص ڳالهه هيَء به هئي‬
‫ته سومرن جي حڪومتي دور ۾ سومرا قبيلي جا حاڪم سنڌ ۾ ننڍيون ننڍيون حڪومتون قائم‬
‫ڪري‪ ،‬مختلف عالئقن جا ’راڄ ڌڻي‘ ٿي حڪومت ڪندا پئي آيا‪ ،‬پر سما گھراڻي سنڌ ملڪ ۾‬
‫’مرڪزي حڪومت‘ جو سرشتو بحال ڪيو ۽ سنڌ کي پرڳڻن ۾ ورهائي‪ ،‬انهن تي گورنر مقرر‬
‫ڪيا ۽ اڳئين دور کان حڪومتي سرشتي جون حدون پڻ وڌايون‪.‬‬
‫هن دور ۾ علم ادب جي پڻ وڏي ترقي ٿي‪ ،‬عالمن‪ ،‬مشائخن‪ ،‬اديبن‪ ،‬علم جي ڄاڻن‪ ،‬شاعرن‪ ،‬تاريخ‬
‫نويسن‪ ،‬مدرسن ۽ استادن جي خوب سرپرستي ڪئي وئي‪ ،‬مدرسن ۾ ديني توڙي دنياوي تعليم‬
‫کي فروغ ڏيڻ الِء حڪومتي سطح تي ڀرپور ڪوششون ورتيون ويون‪ .‬نصابي ڪتاب لکرائي تيار‬
‫ڪرڻ جو رواج عمل ۾ آندو ويو‪.‬‬
‫مجموعي طور سمن حاڪمن جو دور‪ ،‬سنڌ جو سونهري دور آهي‪ .‬هن دور ۾ اقتصادي لحاظ کان‬
‫توڙي علمي ۽ انتظامي لحاظ کان سنڌ ملڪ جو خاص نظام ترتيب ڏنل ملي ٿو‪ .‬اهو ئي سبب‬
‫آهي‪ ،‬جو هن دور ۾ سومرن جي پوئين دور جا رومانوي داستان‪ ،‬لوڪ ڏاهپ جا قصا ۽ داستان‬
‫مشهور ٿيا‪.‬‬
‫سما حڪمرانن جو دور‪:‬‬
‫هن گھراڻي جي ‪( 19‬اوڻيهن) حڪمرانن سنڌ تي بادشاهت ڪئي‪ ،‬جن مان هر هڪ حڪمران جو دور‬
‫وار الڳ الڳ تذڪرو ڪجي ٿو‪ .‬هتي هيَء به وضاحت ڪجي ٿي ته سمن ڄامن تي انسائيڪلوپيڊيا‬
‫سنڌيانا جي جلد چوٿين ۾ مفصل مواد آيل آهي‪ ،‬ان ڪري هتي ’سمن جي سلطنت‘ (ليکڪ‪ :‬غالم‬
‫محمد الکو) ڪتاب تان مختصر مواد پيش ڪجي ٿو‪:‬‬
‫(‪ )1‬فيروزالدين شاهه‪ ،‬ڄام انڙ (اول) (‪1353‬ع‪1351-‬ع)‪ :‬هي سمن جي گھراڻي جو پهريون تاجدار هو‪،‬‬
‫جنهن سيوهڻ تي چڙهائي ڪري سومرن جي مقرر ڪيل گورنر ’ملڪ رتن‘ کي زير ڪيو ۽‬
‫‪1351‬ع ڌاري سما سلطنت جو بنياد وڌو‪.‬‬
‫(‪ )2‬ڄام صدرالدين بابينو ۽ ڄام جوڻو اول (‪1368‬ع‪1353 -‬ع)‪ :‬ڄام صدرالدين‪ /‬ڄام بابينو‪ ،‬ڄام انڙ‬
‫جو پٽ هو ۽ ڄام انڙ جي وفات کانپوِء تخت نشين ٿيو هو‪ .‬هن ڄام انڙ جي حڪومت جي هٿ‬
‫هيٺ عالئقن کان سواِء بکر سميت ٻين عالئقن کي به پنهنجي حڪومت ۾ آندو‪ .‬هي بنيادي طور‬
‫بهادر ۽ قومي غيرتمند حاڪم هو‪ .‬هي پنهنجي چاچي عالؤالدين ڄام جوڻي اول سان حڪمرانيَء‬
‫۾ ڀائيوار هو‪ .‬سندن حڪومت ‪1368‬ع تائين هلي‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد‬
‫چوٿون)‬
‫(‪ )3‬رڪن الـديـن شـاهه ڄام تماچي پٽ انـڙ ۽ خيرالدين ڄام توڳاچي (‪1370‬ع‪1368-‬ع)‪ :‬ان کانپوِء ڄام‬
‫تماچي پٽ ڄام انڙ تخت نشين ٿيو‪ .‬هيُء ڄام بابيني جو ڀاُء هو‪1367 ،‬ع ڌاري سلطنت جي واڳ‬
‫سندس هٿ ۾ آئي‪ ،‬هن جي وقت ۾ سلطان عالؤالدين سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪئي هئي‪ .‬ان دوران‬
‫هي اهل عيال سميت قيد ٿي ‪1371‬ع ۾ دهليَء نيو ويو‪ .‬هي ٻئي حاڪم پاڻ ۾ سؤٽ هئا‪.‬‬
‫ڄام عالؤالدين جوڻو (‪1388‬ع‪1370-‬ع)‪ :‬هن بنا ڪنهن اشتراڪ جي دهلي سلطنت جو ڏن ڀرو ٿي‬
‫ارڙهن (‪ )18‬سال حڪومت ڪئي‪ .‬هن پهريون ڀيرو فارسي زبان کي سنڌ جي درٻار ۾ تعليم ۽‬
‫تدريس جي ٻوليَء طور اختيار ڪرڻ جي پٺڀرائي ڪئي‪1388 .‬ع ۾ جيئن ئي فيروز تغلق جو موت‬
‫ٿيو ته سنڌ جا جالوطن شهزادا ڄام بابينو‪ ،‬ڄام تماچي ۽ ڄام صالح الدين دهليَء مان آزاد ٿي‬
‫واپس سنڌ پهتا‪ .‬ڄام بابينو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو‪ ،‬جڏهن ته ڄام صالح الدين ۽ ڄام تماچيَء‬
‫جي سنڌ ۾ ڀرپور آجيان ٿي‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام تماچي ٻيو ڀيرو (‪1392‬ع‪1388-‬ع)‪ :‬ڄام تماچيَء جي نظر بنديَء دوران شيخ حماد جماليَء عوام‬
‫جي ترجماني ڪندي‪ ،‬ڄام جوڻي جي خالف ۽ ڄام تماچيَء جي تعريف ۾ هيٺيون دوهو سرجيو‬
‫هو‪:‬‬
‫جـوڻـو مـت اوڻـو‪ ،‬آُء تمـاچــي آُء‪،‬‬
‫سٻاجھي ٻاجھه پئي‪ ،‬توسين ٺٽو راُء‪.‬‬
‫ڄام تماچي ‪1388‬ع ۾ دهلي سلطنت جي بند مان آزاد ٿي سنڌ پهتو ۽ اميرن جي يڪراِء رضامنديَء‬
‫سان بادشاهي تخت تي ويٺو‪ .‬ڄام تماچيَء کي ڪن محققن عادل ۽ عاشق مزاج بادشاهه لکيو آهي‬
‫ته ڪن محققن کيس آرام طلب ۽ عيش پسند ڄاڻايو آهي‪ .‬نوري مهاڻيَء سان پڻ هن سمي ڄام جو‬
‫عشق ٿيو هو‪ ،‬جيڪو اڄ جڳ مشهور عشقيه داستان طور مشهور آهي‪ .‬هن لوڪ قصي کي شاهه‬
‫لطيف ۽ ٻين شاعرن پنهنجي ڪالم جو موضوع بنايو آهي‪ .‬ڄام تماچيَء مجموعي طرح چار سال‬
‫حڪومت ڪئي‪ .‬هن کانپوِء سندس پٽ صالح الدين حڪومت سنڀالي‪ ،‬هيُء مڪليَء جي قبرستان‬
‫۾ ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڀر ۾ واقع هڪ ڇٽيَء ۾ آرامي آهي‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪:‬‬
‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام صالح الدين (اول) ڄام انڙ ثاني (‪1404‬ع‪1392 -‬ع)‪ :‬هيُء ڄام تماچيَء جو فرزند هو‪ .‬هن پيُء‬
‫جي وفات کانپوِء حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ ٻارهن سال تخت نشين رهيو‪ .‬هن پنهنجي‬
‫حڪومت کي ڪڇ تائين ڦهاليو‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام نظام الدين (اول) (‪1406‬ع‪1404 -‬ع)‪ :‬هيُء ڄام صالح الدين جو فرزند هو‪ .‬سندس تخت نشينيَء‬
‫کان اڳ ۾ سندس چاچا قيد هئا‪ ،‬حڪومت تي ويهڻ شرط انهن کي آزاد ڪيائين‪ .‬هن جي وقت ۾‬
‫ملڪ کي اندروني توڙي ٻاهرين طرفن کان ڪوبه خطرو نه هو‪ .‬ان وقت سندس ملڪي معاملن جو‬
‫وهنوار منشي هالئيندا هئا‪ .‬سندس ئي چاچن سندس قتل جو منصوبو جوڙيو‪ ،‬جنهن جو کيس بر‬
‫وقت اطالع مليو‪ .‬اهڙو اطالع ٻڌي گجرات ڏانهن نڪري ويو ۽ رستي ۾ وفات ڪيائين‪ .‬ان سان‬
‫گاديَء جي هنڌ ٺٽي ۾ بدامني پکڙي‪ ،‬پر اميرن يڪراِء ٿي ڄام علي شير کي حڪومت جون‬
‫واڳون سونپيون‪ .‬مؤرخن موجب سندس چاچن‪ ،‬ڄام نظام الدين اول جو گجرات طرف پيڇو پئي‬
‫ڪيو ته پويان اميرن ڄام علي شير کي حاڪم مقرر ڪري ڇڏيو‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا‬
‫سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام علي شير (‪1412‬ع ‪ :)1406 -‬هيُء نهايت مدبر‪ ،‬داناُء ۽ دلير حاڪم هو‪ ،‬خلق سان نياَء سان پيش‬
‫ايندو هو‪ .‬سندس زماني ۾ امن قائم رهيو‪ ،‬کيس باغين اوچتو حملو ڪري شهيد ڪيو‪( .‬وڌيڪ‬
‫ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام ڪرن (‪1413‬ع)‪ :‬هيُء ڄام خيرالدين جو پٽ هو‪ ،‬ڀائرن جي اتفاق سان تخت نشين ٿيو‪ ،‬هن جا‬
‫ٺٽي جي مکيه اميرن ۽ درٻارين سان سخت اختالف هئا‪ ،‬جن کي دعوت ڏئي گھرائي مارائڻ جو‬
‫منصوبو جوڙيائين‪ .‬جنهن جي بر وقت خبر درٻارين کي پئجي وئي‪ .‬هيُء کاڌو کائڻ بعد جيئن ئي‬
‫غسل خاني طرف ويو ته مٿس حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيائون‪ .‬هيُء فقط ڏيڍ ڏينهن‬
‫حڪومت جي مسند تي ويٺو‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام صدرالدين سڪندر (اول) (‪1413‬ع)‪ :‬ڄام ڪرن جي مارجي وڃڻ کانپوِء ڪجھه عرصي الِء ڄام‬
‫صدرالدين سڪندر اول تخت نشين ٿيو‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام فتح خان (‪1428‬ع‪1413-‬ع)‪ :‬ڄام فتح خان پندرهن (‪ )15‬سال تخت نشين رهيو‪ .‬صدرالدين ڄام‬
‫سڪندر اول جو فرزند هو‪ .‬جملي مؤرخن سندس دور جي ڪافي تعريف ڪئي آهي‪ .‬هن جي ڌيَء‬
‫ڄام زاديَء جو رشتو مخدوم جهانيان جي پوٽي قطب عالم (‪1388 -1454‬ع) سان ٿيو‪ .‬اهو مٽي‬
‫مائٽيَء جو سلسلو پوِء سمن ڄامن ۽ گجرات جي حاڪمن جي وچ ۾ ڪيتري عرصي تائين هليو‪.‬‬
‫(وڌيڪ ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام تغلق (‪1453‬ع‪1428 -‬ع)‪ :‬هيُء ڄام فتح خان جو ڀاُء ۽ ڄام صدرالدين سڪندر اول جو فرزند هو‪.‬‬
‫ڄام فتح خان جي وفات کان اڳ ۾ ڄام صدرالدين کيس پنهنجو جاِء نشين مقرر ڪيو هو‪ .‬هن‬
‫پهريون ڀيرو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿاڻا مقرر ڪيا‪ .‬سندس دور ۾ ڪالن ڪوٽ جي اڏاوت ٿي‪.‬‬
‫هي ڪوٽ مڪليَء جي ڀرسان موجود آهي‪ .‬هن گجرات جي حاڪمن سان مٽيون مائٽيون برقرار‬
‫رکيون‪ ،‬سلطان محمود بيگڙو پڻ سندس ڌيَء بيبي مغليَء جو پٽ هو‪ ،‬جيڪو گجرات جو حاڪم‬
‫ٿيو‪ .‬ڄام تغلق طبعي موت مئو‪ .‬کيس گجرات ۾ دفن ڪيو ويو‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا‬
‫سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام مبارڪ‪ :‬ڄام مبارڪ ڄام تغلق جو وزير هو ۽ فقط ٽي ڏينهن مسند نشين رهيو‪ ،‬جنهن‬
‫کانپوِء کيس معزول ڪري‪ ،‬ڄام سڪندر کي تخت نشين ڪيو ويو‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا‬
‫سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام سڪندر شاهه (ثاني‪1454 :‬ع‪1453 -‬ع)‪ :‬هن ڏيڍ سال حڪومت ڪئي‪ ،‬کيس ڄام محمد عرف ڄام‬
‫انڙ جي نالي سان به ڪوٺيو وڃي ٿو‪ .‬هن عالمن جي سرپرستي ڪئي‪ .‬موالنا عالؤالدين نالي عالم‬
‫کان ’شمع في الميزان‘ جي آسان شرح ’الزبده‘ تيار ڪرايائين‪ .‬هي ڪتاب پوِء سنڌ ۽ گجرات جي‬
‫نصاب ۾ شامل رهيو‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫صدرالدين شاهه (ثاني) ڄام سنجر (‪1461‬ع‪1454 -‬ع)‪ :‬هيُء ڄام ’راِء ڏني‘ جي نالي سان به سڃاتو‬
‫وڃي ٿو‪ ،‬سيرت ۽ صورت ۾ نيڪ ۽ حسين هو‪ .‬ڪڇ ۾ رهندو هو‪ .‬هن قاضين جون پگھارون‬
‫وڌايون‪ ،‬ڪڇ ۽ گجرات سان الڳاپا وڌيڪ بهتر ڪيا‪ .‬ملڪي دفاع خاطر ڪڇ ۽ جوڌپور وارين‬
‫سرحدن تي چؤنڪيون قائم ڪيون‪ .‬سرحدن تي سمن ۽ سومرن کي آباد ڪيائين‪ .‬هن سمي حاڪم‬
‫جي موت الِء ٻه رايا آهن‪ ،‬هڪ ته کيس زهر ڏنو ويو ۽ ٻيو ته طبعي طور وفات ڪيائين‪( .‬وڌيڪ‬
‫ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام نظام الدين (نندو) (‪1509‬ع – ‪1461‬ع)‪ :‬ڄام نظام الدين سمو‪ ،‬سمن جي سلطنت جو عظيم‪،‬‬
‫نيڪ نام ۽ وڏو محب وطن بادشاهه ڄاتو وڃي ٿو‪ .‬هن جي دور ۾ سنڌ ملڪ ۾ عدل‪ ،‬انصاف‪،‬‬
‫خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو ناماچار هو‪ .‬هيُء ڄام سنجر جو پوٽو هو‪ .‬سندس وقت ۾ سنڌ‬
‫جي سرحدي ملڪن ۾ پڻ صلح ۽ سانت وارا حاڪم موجود هئا‪ .‬سندس دور ۾ حسين مرزا سنڌ‬
‫تي حملو ڪيو‪ ،‬پر ناڪام ٿيو‪ .‬ڄام نظام الدين سمي‪ ،‬دولهه دريا خان کي پٽيلو ڪري پاليو ۽‬
‫اڳتي هلي کيس سپهه ساالري ۽ وزير اعظم جو عهدو سونپيائين‪ .‬دولهه دريا خان اڳتي هلي وطن‬
‫سنڌ جي حفاظت ڪندي شهيد ٿيو‪ .‬ڄام نظام الدين خاص طور عالمن‪ ،‬اديب خانقاهن ۽ مدرسن‬
‫جي وڏي سرپرستي ڪئي‪ ،‬پاڻ به عالم‪ ،‬زاهد‪ ،‬عبادتگذار ۽ انصاف پسند حاڪم هو‪ .‬ملڪي‬
‫سرحدن کي محفوظ ڪيائين‪ .‬هي ايڏو ته غريب پرور هو‪ ،‬جو پنهنجي نياڻي هڪ فقير کي پرڻائي‬
‫ڏنائين‪ .‬سندس آخري وقت ۾ ارغونن سنڌ تي حمال ڪيا‪ ،‬پر دولهه دريا خان سمورن حملن کي‬
‫ناڪام بنايو‪ .‬ڄام نظام الدين جي وفات کانپوِء جڏهن سندس نااهل پٽ ڄام فيروز تخت نشين‬
‫ٿيو ته سما سلطنت جو زوال شروع ٿيو ۽ سنڌ ڌارين جي تسلط ۾ اچي وئي‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪:‬‬
‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام فيروز (‪1512‬ع‪1508-‬ع)‪ :‬ننڍيَء عمر ۾ والد جي وفات کانپوِء ڄام فيروز کي تخت تي ويهاريو‬
‫ويو‪ .‬والد جي وفات وقت سندس عمر ننڍي هئڻ ڪري حڪومت جون واڳون دولهه دريا خان جي‬
‫هٿ ۾ رهيون‪ ،‬جيڪو سندس والد ڄام نندي جو پٽيلو ۽ اعتماد وارو وطن دوست سپهه ساالر هو‪.‬‬
‫ان ئي ڄام فيروزالدين جي تخت نشينيَء جو درٻارين کان فيصلو وٺرايو هو‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪:‬‬
‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام صالح الدين (‪1512‬ع)‪ :‬هن گجراتي لشڪر جي مدد سان ڄام فيروز کان حڪومت حاصل‬
‫ڪئي‪ .‬تخت نشين ٿيڻ سان ئي ڄام فيروز جي ماڻهن تي جرمانه وڌائين‪ .‬ڪڇ ۽ گجرات سان سٺا‬
‫ناتا قائم ڪيائين‪ ،‬هن کان به ڪي غلطيون سر زرد ٿيون‪ ،‬خاص طور اقربا پروريَء طرف مائل ٿي‬
‫ويو‪ .‬هن فقط ‪ 8‬مهينا حڪومت ڪئي‪( .‬وڌيڪ ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫ڄام فيروز (ٻيو ڀيرو‪1512 -1520 :‬ع)‪ :‬ڄام فيروز‪ ،‬دولهه دريا خان جي مدد سان ٻيو ڀيرو سنڌ جو‬
‫سلطان بنيو‪ ،‬پر اٺن سالن جي حڪومتي دور ۾ هي پاڻ ۾ ڪو سڌارو نه آڻي سگهيو‪ .‬ان ڪري‬
‫ملڪ سنڌ جون حالتون خراب ٿينديون ويون‪ .‬ارغونن موقعي جو فائدو وٺي نه رڳو ڄام فيروز جي‬
‫درٻار ۾ خاص حيثيت حاصل ڪري ورتي‪ ،‬پر ملڪ تي به ڀرپور حملو ڪيو‪ .‬ڄام فيروز ٺٽو ڇڏي‬
‫ڀڄي ويو‪ ،‬دولهه دريا خان‪ ،‬باوجود ڄام فيروز جي ساڻس محسن ڪشيَء ۽ کيس معزول ڪرڻ‬
‫جي‪ ،‬هڪ محب وطن طور‪ 22 ،‬ڊسمبر ‪1520‬ع تي ارغونن سان ٺٽي جي چانئٺ تي جنگ ڪندي‬
‫شهيد ٿي ويو‪ .‬اهڙيَء ريت سنڌ ملڪ ۾ سمن جو راڄ پورو ٿيو ۽ سنڌ تي ارغونن جي حڪومت‬
‫قائم ٿي‪( .‬وڌيڪ تفصيل ڏسو‪ :‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد چوٿون)‬
‫سمن جي دور جي انتظام ڪاري‪:‬‬
‫سمن جي حڪومتي دور ۾ اڪثر حڪمرانن مضبوط ۽ منظم حڪمرانيَء وارو سرشتو قائم ڪيو‬
‫۽ سومرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مستحڪم حڪومت هالئي‪ .‬عدل ۽ انصاف الِء ڪورٽون‪ ،‬ٿاڻا ۽‬
‫سرحدي نگهبانيَء الِء چؤنڪيون قائم ڪيون ويون‪ ،‬ڪنهن به وقت اندروني بغاوت يا ٻاهرئين‬
‫حملي کي منهن ڏيڻ الِء وڏو لشڪر ۽ منظم سپاهه مقرر ڪيو ويو‪ .‬حڪومتي سرشتي ۾ عام‬
‫ماڻهن جي عدل انصاف تائين رسائيَء جو جوڳو بندوبست هوندو هو‪ .‬اقتصادي‪ ،‬معاشي توڙي‬
‫سماجي ترقيَء الِء بيروني واپار کي ترقي وٺائي وئي ۽ بندرگاهه مضبوط ۽ سامونڊي ٻيڙن جي‬
‫گهڻائي وغيره هن جي دور جي بهترين انتظام ڪاريَء جو ثبوت ڏين ٿا‪.‬‬
‫ملڪي صورتحال ۽ پاڙيسري ملڪن سان الڳاپا‪ /‬سرحدون‪ :‬سمن جي حڪومتي دور ۾ سنڌ ملڪ‬
‫اندر سواِء چند حاڪمن جي دور جي‪ ،‬باقي عرصو امن امان‪ ،‬معاشي استحڪام‪ ،‬سک ۽ سانت‬
‫واريون حالتون رهيون‪ .‬سومرن جي وقت ۾ سنڌو درياهه جي رخ بدالئڻ جي ڪري پيدا ٿيل‬
‫اقتصادي ابتريَء‪ ،‬سمن جي ابتدائي زماني ۾ پنهنجا اثر ڏيکاريا‪ .‬ڄام تماچيَء جي فيروز تغلق‬
‫سان ڪيل ٺاهه جي ڪري‪ ،‬سنڌ وڏي ڏن ڏيڻ سان معاشي ڀونچال جي ور چڙهي وئي‪ .‬حقيقي معنى‬
‫۾ جڏهن دهلي سلطنت ڪمزور ٿي‪ ،‬تڏهن سنڌ جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو‪ .‬ان بعد سمن‬
‫حاڪمن‪ ،‬سياسي بصيرت ۽ ملڪي محبت جي جذبي هيٺ ملڪ جي ترقي ۽ عام ڀالئيَء الِء‬
‫جيڪي به قدم کنيا‪ ،‬تن سنڌ کي ’اڀرندڙ تهذيب جو گهوارو‘ بنائي ڇڏيو‪ .‬انهن قدمن ۾ صحت‪،‬‬
‫ڌنڌن‪ ،‬آبپاشي‪ ،‬زرعي سڌاري ۽ واڌاري الِء پيش رفت شامل هئي‪ .‬سنڌ ملڪ جي عام ماڻهن جو‬
‫واهپو زراعت سان هو‪ ،‬هن دور ۾ ننڍي وڏي شهر ۾ ڪپڙي جون ننڍيون صنعتون ۽ آڏاڻا موجود‬
‫هئا‪ .‬جنڊي‪ ،‬ڪاشي‪ ،‬اجرڪ سازي‪ ،‬کٿن کيسن ٺاهڻ جا هنر به عام هئا‪ .‬هن دور ۾ درياهي صنعت‬
‫به اوج ماڻيو‪ .‬اناج‪ ،‬نير‪ ،‬ڪپهه‪ ،‬ميوا وغيره گھڻا پيدا ٿيندا هئا‪ ،‬جيڪي ڏيساور ڏانهن واپاري وڙ‬
‫طور موڪليا ويندا هئا‪ .‬سنڌو درياهه خاص طور واپاري مال جي رسدگاهه جو ڪم ڏيندو آيو‪ .‬مال‬
‫پالڻ ماڻهن جو عام ڌنڌو هو‪ ،‬چوپائي مال‪ -‬مينهن‪ ،‬ڳئن ۽ ٻڪرين وغيره جي کير مان گيهه ۽ مکڻ‬
‫سان مختلف مصنوعات ٺاهي واپرائڻ سان گڏ تحفا ڪري موڪليون وينديون هيون‪ .‬ملڪي‬
‫سرحدن جي حفاظت الِء فوج قائم هئي‪ .‬بادشاهه رعيت ۽ سپاهه جو وڏو خيال رکندا هئا‪ .‬مسڪينن‬
‫۽ الچارن جي سار سنڀال سرڪار طرفان لڌي ويندي هئي‪ .‬هر طرف صلح‪ ،‬سانت‪ ،‬عدل‪ ،‬انصاف ۽‬
‫علم پروري توڙي خوشحاليَء جو چرچو هو‪ .‬اهڙي تصديق ابن بطوطه‪ ،‬مير معصوم شاهه بکري‪،‬‬
‫مير طاهر محمد نسياني‪ ،‬ميرڪ يوسف‪ ،‬فريد بکري‪ ،‬مير علي شير قانع ٺٽوي‪ ،‬مئڪمراڊو‪ ،‬چيتن‬
‫ماڙيواال جهڙا مؤرخ ۽ سياح به ڪن ٿا‪ .‬ترقي ۽ معاشي استحڪام هئڻ سبب ئي سمن ڪيترائي‬
‫نوان شهر ٻڌرايا‪ .‬هن دور ۾ درياهه‪ ،‬سمنڊ توڙي زميني رستن سان وچ ايشيا‪ ،‬ايران‪ ،‬عربستان‪،‬‬
‫گجرات وغيره سان وڏي پئماني تي واپاري مال جي آمد رفت ٿيندي رهي‪.‬‬
‫آبپاشي نظام جي حوالي سان نواب دولهه دريا خان ٺٽي ۾ ’خانواهه‘ ۽ سيوهڻ ۾ ’سدا واهه‘ کوٽايا‪.‬‬
‫درياهي نارن کي ڪيترن هنڌن تان بند ڏياري‪ ،‬پاڻيَء کي زرعي مقصد الِء استعمال ڪرڻ جون‬
‫ڪامياب ڪوششون ڪيون ويون‪ .‬ان جي باوجود زمين جي پوکيَء الِء هن دور ۾ نار ۽ هرال‬
‫چاڙهي کوهن جي پاڻيَء تي آبادي ڪئي ويندي هئي‪ .‬اناج جي پوک خاص ڪري گھڻي مقدار ۾‬
‫لهندي هئي‪ .‬ميرڪ يوسف جي لکت موجب‪” :‬ان وقت پوکيَء تي ڏهون حصو ڍل وصول ڪئي‬
‫ويندي هئي‪ ،‬ڪيتري به پيدائش ٿيندي هئي ته ان جا نو (‪ )9‬حصا رعيت ۽ هڪ حصو سرڪار‬
‫کڻندي هئي‪ “.‬مطلب ته ملڪي صورتحال‪ ،‬امن امان ۽ معاشي توڙي سياسي استحڪام واري هئڻ‬
‫سبب سمن جو دور حڪومت ’سنڌ جو سونهري دور‘ هو‪ .‬هن دور ۾ ساموئيَء سميت ٺٽو گھڻو‬
‫وقت سنڌ جو مرڪزي شهر رهيو‪ .‬سمن جي حڪومت جا پاڙيسري ملڪن‪ ،‬خاص ڪري گجرات‬
‫جي راجائن سان گھريلو ۽ بهتر تعلقات هئا‪ .‬سلطنت دهليَء کي فيروز تغلق جي وفات تائين خراج‬
‫ادا ڪيو ويندو هو‪ ،‬جنهنڪري ڪنهن حملي جي نوبت گھڻي شدت اختيار نه ڪئي‪ .‬ڪن وقتن تي‬
‫ٿيل حملن کي به سمن حاڪمن برجستگيَء سان منهن پئي ڏنو‪.‬‬
‫ملڪي حدون‪ :‬سومرن جي وقت ۾ سومرن جي حاڪميت وچولي ۽ الڙ تائين قائم هئي‪ ،‬خاص‬
‫طور سندن حڪمراني الهري بندر کان سيوهڻ تائين رهي‪ .‬ڄام فيروزالدين سمي سڀ کان‬
‫پهريائين سيوهڻ تي فتح حاصل ڪري حڪومت جو بنياد وڌو هو‪ .‬اڳتي هلي ڪجھه ئي وقت ۾‬
‫بکر ۽ نصرپور سميت الڙ کي به شامل ڪيائين‪ .‬اڳتي جڏهن تغلقن ۽ سمن ۾ ٺاهه ٿيو ته ڏيهي‬
‫طاقت جو اثر موجوده سنڌ جي سرحدي حدن تائين مضبوطيَء سان پکڙيو‪ .‬پندرهين صدي عيسويَء‬
‫تائين ٿر واري حصي تي سومرن جي مقامي شاخ حاڪميت ڪندي آئي هئي‪ ،‬جن جي حڪومت جو‬
‫مرڪزي شهر عمر ڪوٽ هو‪ .‬بعد ۾ ٿر تي سوڍن پنهنجو اثر مضبوط ڪيو‪ ،‬جيڪي سمن جي‬
‫ماتحت هئا‪ .‬خاص طور ڄام نندي جي حڪومت ۾ سنڌ جي ملڪي سرحدن ۾ وسعت آئي ۽‬
‫موجوده سنڌ سميت ٿر‪ُ ،‬ا چ‪ ،‬سبي‪ ،‬لس ٻيلو سنڌ ۾ شامل رهيا ۽ سمن جي حاڪمن جي هتي‬
‫مضبوط حڪومت قائم رهي‪.‬‬
‫حڪومتي سرشتو‪ :‬سمن جي حڪومت جو پهريون گاديَء جو هنڌ ’ساموئي‘ شهر هو ۽ ان کانپوِء‬
‫ٺٽو‪ ،‬هن گھراڻي جي حاڪمن جي حڪومت جو مرڪزي شهر بنيو ۽ آخر تائين مکيه شهر رهيو‪.‬‬
‫سمن ڄامن جي انتظامي ۽ حڪومتي سرشتي جي خيال کان سنڌ ملڪ کي مختلف پرڳڻن ۾‬
‫ورهايو ويو ۽ انهن تي تخت نشين بادشاهه جي اثر هيٺ حڪمران ۽ اعلى عملدار مقرر ڪيا ويا‪.‬‬
‫شاهي خاندان کان سواِء ٻين به مکيه خاندانن جي فردن توڙي اهل ۽ قابل شخصن کي حڪومتي‬
‫عهدن تي فائز ڪيو ويو‪ .‬جن ۾ خاص طور ڄام سارنگ‪ ،‬دلشاد وزير ۽ دولهه دريا خان جا ناال قابل‬
‫ذڪر آهن‪ .‬هن دور ۾ سيوهڻ کي پرڳڻي (صوبي) جو درجو حاصل هو‪ .‬جوڻ‪ ،‬بکر‪ ،‬سبي‪،‬‬
‫عمرڪوٽ ۽ نصرپور جا شهر ٺٽي کانپوِء اهم سياسي ۽ فوجي مرڪز هئا‪ ،‬جتي سپاهه به موجود‬
‫رهندو هو‪ .‬هنن شهرن ۾ نوان قلعا ۽ ڪوٽ قائم ڪرڻ سان گڏ پراڻن قلعن جي مرمت به ڪرائي‬
‫وئي‪.‬‬
‫انصاف جو سرشتو‪ :‬سمن ڄامن پنهنجي حڪمرانيَء ۾ جتي سنڌ جي سرحدن جي چوڪسي ڪئي‪،‬‬
‫ماڻهن جي روزمرهه جي زندگيَء جي معيار ۽ سماجي ڪاروهنوار ۾ سڌارا آندا‪ ،‬معاشي نظام ۾‬
‫بهتريون آڻڻ جون ڪامياب ڪوششون ڪيون‪ ،‬اتي عدالتي سرشتو پڻ چڱي نموني قائم ڪيو‬
‫ويو‪ .‬هڪ طرف عدالت کي اسالمي شريعت ۽ ٻئي طرف سنڌ جي سماجي ڍانچي سان هم آهنگ‬
‫ڪري انصاف جا پيمانا مقرر ڪيا ويا‪ .‬هيٺينَء سطح جا ننڍا ننڍا معامال راڄن جا چڱا مڙس ۽‬
‫سربراهه‪ ،‬حڪومتي سرشتي سان وابستگيَء جي بنياد تي نبيريندا هئا‪ .‬جڏهن ته اعلى عدالتن ۾‬
‫قاضي مقرر ٿيندا هئا‪ ،‬جن جو انتخاب اعلى تعليمي ادارن‪ ،‬استادن ۽ عالمن مان اهليت ۽‬
‫ايمانداريَء جي بنياد تي ڪيو ويندو هو‪ .‬وقت جا مؤرخ سما سلطانن کي عادل بادشاهه قرار ڏين ٿا‪.‬‬
‫خاص طور ڄام نظام الدين نندي جي دور ۾ اسالمي عدالتي سرشتو نافذ رهيو‪ ،‬جنهن سان هر‬
‫عام ۽ خاص جي انصاف تائين رسائي ممڪن هوندي هئي‪ .‬ڄام نندي جي وقت ۾ ٺٽي جي قاضي‬
‫عبداهلل ۽ ُا چ جي قاضي محمد وڏو نالو ڪڍيو‪ .‬ان کان اڳ ڄام صالح الدين جي وقت ۾ قاضي‬
‫نعمت اهلل پڻ انصاف جي تقاضائن پورين ڪرڻ جي ڪري مشهور رهيو‪ .‬سمن جي وقت ۾ چيف‬
‫قاضي ننگر ٺٽي ۾ رهندو هو‪ .‬ان جو ڪم ڪورٽ هالئڻ سان گڏ اهم ديني معاملن ۾ حاڪمن کي‬
‫صالحون ڏيڻ پڻ هوندو هو‪.‬‬
‫تعليم‪ ،‬علم‪ ،‬ادب‪ :‬سمن کان اڳ سنڌ ۾ مسجدن کي ئي تدريس الِء ٿورو گھڻو ڪتب آندو ويندو‬
‫هو‪ ،‬سومرن جي وقت ۾ به نصاب ڪنهن قدر سند يافته هو‪ .‬پر عالمن ۽ شاگردن جي پوريَء طرح‬
‫ذهني آبياري نه پئي ڪئي وئي‪.‬‬
‫سمن سلطانن مسجدن سان گڏ مدرسن جي بنياد وجھڻ ۽ درسگاهن الِء ڌار اڏاوتون قائم ڪرڻ‬
‫طرف تڪڙي پيش رفت ڪئي‪ .‬خاص طور ٻاهرينَء دنيا جي عالمن کي درس تدريس الِء سنڌ ۾‬
‫گھرائي‪ ،‬عالم ۽ اديب جا ڪورس ڪرائي‪ ،‬ديني توڙي سماجي علم جا اڪابر پيدا ڪيا ويا‪ .‬هن‬
‫دور ۾ تعليم جي فروغ الِء مڪتب‪ ،‬مدرسا‪ ،‬خانقاهون حڪومتي سرپرستيَء هيٺ قائم ٿيون‪.‬‬
‫مسجدن سان الڳو حجرا به شاگردن جي تحصيل الَء ڪتب آندا ويا‪ .‬درسي ڪتابن لکائڻ ۽ ڪورس‬
‫منتخب ڪرڻ الِء عالمن ۽ اڪابرن جي سرپرستي ڪئي وئي‪ .‬خاص ڪري نصاب ۾ ’منقوالت ۽‬
‫معقوالت‘ کي فوقيت ڏني وئي‪ .‬قرآن پاڪ جي تدريس سان گڏ تفسير‪ ،‬قرآت‪ ،‬حديث‪ ،‬فقه‪ ،‬فلسفي‪،‬‬
‫طب‪ ،‬منطق‪ ،‬ادب‪ ،‬درسي ڪتاب نويسي‪ ،‬شرح نويسيَء جي تعليم ڏني ويندي هئي‪ .‬تاريخي تذڪرا‬
‫پڻ نصاب ۾ شامل هئا‪ .‬سيوهڻ‪ ،‬بکر‪ ،‬ٺٽو‪ ،‬درٻيلو‪ ،‬ٽلٽي‪ ،‬ڳاها‪ ،‬ٻٻر لوِء‪ ،‬هاالڪنڊي‪ ،‬نصرپور‪،‬‬
‫اگھاماڻي‪ ،‬سن‪ ،‬عمرڪوٽ‪ ،‬باغبان‪ ،‬هن وقت جا اهم تعليمي مرڪز هئا‪ .‬سيوهڻ جي ’محمدي‬
‫خانقاهه‘ سيد محمد شيراز جو سيوهڻ ۾ مدرسو‪ ،‬شيخ عيسى لنگوٽيَء جو ساموئيَء ۾ مدرسو‪،‬‬
‫محدث عبدالعزيز ابهري ۽ سندس پٽن موالنا محمد ۽ موالنا اثيرالدين پاران ڳاها ۾ درسگاهه‬
‫سنڀالڻ‪ ،‬مخدوم بالول جون باغبان ۾ درسگاهون‪ ،‬ڄام بايزيد ۽ ڄام ابراهيم جا ملتان ۽ اچ ۾‬
‫مدرسا قابل ذڪر آهن‪ .‬ان سميت ننڍن ڳوٺن ۽ قصبن ۾ ڪيتريون ئي درسگاهون ۽ خانقاهون‬
‫موجود هيون‪ ،‬جيڪي تعليمي مقصدن الِء ڪتب اينديون هيون‪.‬‬
‫مخدوم بالول‪ ،‬شيخ حماد جمالي‪ ،‬سيد محمد شيراز (ايران)‪ ،‬سيد احمد (ايران)‪ ،‬پير مراد شيراز‬
‫(ايران)‪ ،‬سيد علي اول (ايران) مير معين‪ ،‬مير شمس‪ ،‬شيخ عيسى برهانپوري‪ ،‬موالنا محمد عمر‪،‬‬
‫موالنا اثيرالدين جمالي دهلوي‪ ،‬بايزيد‪ ،‬ڄام ابراهيم‪ ،‬عالمه عبدالعزيز‪ ،‬عالؤالدين منگلوري هن‬
‫دور جا اهم استاد هئا‪ ،‬جن تعليمي‪ ،‬تدريسي توڙي تصنيفي خدمتون سرانجام ڏنيون‪.‬‬
‫هن دور جي درسي ۽ تدريسي زبان عربي ۽ فارسي رهي‪ .‬عربي زبان ۾ موالنا عالؤالدين‬
‫مئنگلوريَء جي لکيل ’الزبدة‘ شرح‪ ،‬اصل ۾ هڪ فارسي ڪتاب جي آسان شرح آهي‪ .‬حاجي‬
‫حسين صفائي پير مراد شيرازيَء جي سوانح ’تذڪرة المراد‘ جي نالي سان عربي زبان ۾ تيار‬
‫ڪئي وئي‪ .‬مخدوم عبدالعزيز ابهري ۽ سندس پٽن به ڪجهه نصابي شرحون ۽ ڪتاب تيار ڪيا‪.‬‬
‫سنڌيَء ۾ اسماعيلي مبلغن جي اصالحي تبليغي شاعريَء جو ذخيرو‪ ،‬پير صدرالدين جا گنان‪،‬‬
‫ماموئي فقيرن‪ ،‬مخدوم احمد ڀٽي‪ ،‬شيخ حماد جمالي‪ ،‬مخدوم نوح هوٿياڻي‪ ،‬اسحاق آهنگر ۽ ٻين‬
‫جي سنڌي شاعريَء جو ذخيرو هن دور جو اهم ادبي ذخيرو آهي‪.‬‬
‫سمن جي دور ۾ تمدن‪ ،‬فن‪ ،‬تعليم‪ ،‬ثقافت‪ :‬هن دور ۾ تمدني زندگيَء وڏي ترقي ڪئي‪ ،‬ڪيترا‬
‫نوان شهر اڏيا ويا‪ .‬مقامي هنرن ۽ فنن کي حڪومتي سرشتي پاران هٿي ڏني وئي‪ .‬ساموئي‪ ،‬ٺٽو‪،‬‬
‫سونڊا‪ ،‬سيوهڻ‪ ،‬الهري بندر‪ ،‬سن وغيره جهڙا ڪيترا شهر هن دور جي تمدني زندگيَء جا اهم‬
‫اهڃاڻ هئا‪ ،‬جن کي پوِء ارغونن ۽ ترخانن ڦريو‪ ،‬اجاڙيو ۽ ناس ڪيو‪ .‬ٺٽي جو شهر هن دور ۾‬
‫تمدني زندگيَء ۾ وڏي اوج تي هو‪ .‬مرڪزي شهر هئڻ سبب ٺٽي ۾ تعميراتي فن توڙي معاشي‬
‫زندگيَء ۾ انقالب آندو ويو‪ .‬ڄام نندي جي وقت ۾ ته هن شهر کي عالمي سطح تي پذيرائي‬
‫حاصل رهي‪ .‬جدا جدا حويليون‪ ،‬پاڙا‪ ،‬ٻاهرين عالمن ۽ ڪاريگرن جا جوڙيل مرڪز‪ ،‬مڪليَء جي‬
‫ٽڪريَء تي خانقاهون‪ ،‬ڄامن جون جايون‪ ،‬فوجي مرڪز‪ ،‬مقبرن جا اڏاوتي نمونا‪ ،‬گجراتي‪ ،‬هندي ۽‬
‫اسالمي طرز تعمير‪ ،‬بازاريون‪ ،‬جنڊي ۽ ڪاشيَء جا فن‪ ،‬لونگي ۽ اجرڪ جون صنعتون‪ ،‬دفاعي‬
‫ساز سامان‪ ،‬جهازرانِي َء جي صنعت‪ ،‬ٽامي‪ ،‬سون‪ ،‬چاندي ۽ ڪٽ جي زيور سازي‪ ،‬سڀ جا سڀ‬
‫تمدني زندگيَء کي اجاڳر ڪن ٿا‪ .‬نصرپور ۾ اجرڪ سازي‪ ،‬جنڊي ۽ ڪاشيَء جا هنر عروج تي هئا‪.‬‬
‫پارڪر طرف ڀوڏيسر ۾ محمود بيگڙي جي تعمير ڪرايل مسجد به هن دور جو يادگار آهي‪.‬‬
‫(جيڪا جين يا هندو مندر کي تبديل ڪري مسجد ۾ تبديل ڪئي وئي هئي؟) جامع مسجد مڪليَء‬
‫سميت ڄامن جا مقبرا‪ ،‬دولهه دريا خان جي مزار‪ ،‬ڄام تماچيَء جي ڇٽي‪ ،‬ڄام نندي جو مقبرو‪ ،‬هن‬
‫دور جا اعلى تعميراتي يادگار آهن‪ .‬چوڪنڊيَء جي مزارن جو ڇٽيون به هن دور جي تعميراتي فن‬
‫جا نمونا آهن‪ .‬تاريخي روايتن مان پتو پوي ٿو ته تمدني ۽ ثقافتي طور توڙي فن تعمير جي‬
‫حوالي سان هيُء دور سنڌ جو سونهري دور هو‪( .‬تفصيل الِء ڏسجي انگريزي ڪتاب‪ :‬دي جيول آف‬
‫سنڌ‪ ،‬سما مانيومينٽس آف مڪلي ِهل)‬
‫هن دور ۾ڪيترائي عشقيه داستان مشهور ٿيا‪ .‬دريا خان ۽ همون ٻائي‪ ،‬نوري ڄام تماچي‪ ،‬مري ۽‬
‫مڱٿر ان جا مشهور مثال آهن‪ .‬باهمي تعلقات ۾ به ماڻهن جي وچ ۾ گھرو سماجي الڳاپو موجود‬
‫هو‪ .‬عوام جو گھڻو تڻو گذر سفر زراعت‪ ،‬محنت‪ ،‬هنر‪ ،‬مزدوري‪ ،‬هلڪين صنعتن‪ ،‬مڇي مارڻ ۽‬
‫چوپايي مال ڌارڻ تي هو‪ .‬واپار جو عنصر به ملڪ ۾ عام جام هو‪ .‬مطلب ته زرعي سماج ۾ برپا‬
‫ٿيل ثقافتي عنصر واريون سڀ خوبيون هن دور ۾ سنڌ جي سماج ۾ موجود ملن ٿيون‪.‬‬
‫سنڌ جي موجوده جاگرافيَء سميت سمن حاڪمن جو راڄ جھوناڳڙهه‪ ،‬ڪڇ‪ ،‬ڪاٺياواڙ ۽ لسٻيلي ۾‬
‫به قائم هو‪ .‬سمن جي زماني ۾ هنن مڙني خطن سان سنڌي ڪلچر ۽ تهذيب جو گهرو واسطو هو‪.‬‬
‫هن دور ۾ سنڌي ٻولي توڙي ساهت کي پڻ وسيع پيماني تي پکڙجڻ جو موقعو مليو‪ .‬جھوناڳڙهه‬
‫۾ سومرن جي همعصر زماني ۾‪ ،‬چوڙا سما خاندان جي راِء ڏياچ ‪1010‬ع ۾ حڪومت ڪئي‪ .‬ڪڇ‬
‫۾ خاص طور جاڙيجن سمن جو وڏو اثر رسوخ رهيو‪ .‬ڪجھه موقعن تي سنڌ جي ڄامن سمن به‬
‫ڪڇ جي معاملن ۾ مداخلت ڪئي ۽ مڪمل طور ڪڇ کي مطيع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي‪ .‬ڪڇ ۽‬
‫سنڌ جي وچ ۾ واپاري سرشتي توڙي ماڻهن جي اچ وڃ سبب ثقافتي ميل جو عنصر وڌيو‬
‫ويجھيو‪ .‬اڄ تائين به اتي سنڌي ٻوليَء جو واهپو جيئن جو تيئن قائم آهي‪ ،‬جنهن کي سنڌيَء جو‬
‫ڪڇي لهجو سڏيو وڃي ٿو‪ .‬ان کان سواِء سنڌي ثقافت ۽ ساهت پڻ اڳتي هلي وڏي اوسر ماڻي‪.‬‬
‫اڳتي هلي ڪلهوڙن جي َدور ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيَء پڻ ڪڇ جو سفر ڪيو هو‪’ .‬ڪڇين جا‬
‫قول‘ (مرتب‪ :‬محمد سومار شيخ) جهڙي اهم دستاويز مان به سنڌ ۽ ڪڇ جي ثقافتي ڳانڍاپن جو‬
‫پتو بخوبي لڳائي سگھجي ٿو‪ .‬اڄ به ڪڇ ڀڄ ريڊيو اسٽيشن تان سنڌي نشريات پڻ پيش ٿئي ٿي‪.‬‬
‫عربن جي زماني ۾ هتي عربي نسل جي قبيلن‪ :‬صديقين‪ ،‬عباسين‪ ،‬هبارين‪ ،‬قريشين وغيره‬
‫رهائش اختيار ڪئي هئي‪ .‬بکر کان پاٽ تائين توڙي سنڌ جي لڳ ڀڳ هر واهڻ ۾ سنڌ ۾ نئين‬
‫ثقافتي مزاج جي باهمي ڳانڍاپي جنم ورتو‪ .‬ان کانپوِء خاص طور سمن جي حڪومت دوران‬
‫بلوچستان ۾ رندن ۽ الشارين ۾ خانه جنگيَء عيوض سمن‪ ،‬الشارين جي مدد ڪئي‪ .‬هن ئي زماني‬
‫۾ بلوچستان جي الشاري ۽ چانڊيا قبيلن سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي‪ ،‬جنهن جا اثر به سنڌي سماج تي‬
‫پيا‪ .‬سمن جي سلطنت جي خاتمي بعد ارغونن جي تسلط ۽ ظلمن جي ڪري ڪيترن ئي خاندانن‬
‫گجرات توڙي ڪڇ طرف لڏپالڻ ڪئي‪ .‬هتي قبيالئي راڄ ۽ جرڳي ۽ سرداري نظام جو بنياد وڌو‬
‫ويو‪ .‬ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سمن جي وقت ۾ علم‪ ،‬ادب‪ ،‬فن توڙي ثقافتي قدرن سان همڪنار‬
‫ٿيل معاشرو‪ ،‬ان دور جي پڄاڻيَء تي سنڌ جي غالميَء سبب هڪ ڀيرو ٻيهر ڀونچال جي ور چڙهي‬
‫ويو‪.‬‬
‫سمن جي دور جي سرڪاري ٻولي‪ :‬سمن جي وقت ۾ سرڪاري ٻوليَء متعلق اختالف موجود آهن‪.‬‬
‫ڪن محققن جو خيال آهي ته عربي هن دور جي سرڪاري ٻولي هئي‪ ،‬جڏهن ته فارسي ۽ سنڌي‬
‫ٻوليون به وهنوار هيٺ رهيون‪ .‬خاص طور فارسي ٻولي هن دور ۾ ادبي لکت‪ ،‬تعليم ۽ درس‪،‬‬
‫تدريس وغيره الِء ڪتب آندي وئي‪ .‬سنڌي ٻولي فقط عام لوڪن جي روز مره جي وهنوار‪ ،‬گڏيل‬
‫رابطي ۽ ڪجھه قدر لکپڙهه جي زبان هئي‪ ،‬جنهن کي ڪو منتخب رسم الخط ڪو نه هو‪ .‬عربي‬
‫ٻوليَء جي سرڪاري حيثيت جي تحقيق سمن جي دور تي تحقيق ڪندڙ محقق ۽ ڊاڪٽر غالم‬
‫محمد الکي به ڪئي آهي‪ .‬انهن محققن جي راِء ۾ عربي هن دور جي سرڪاري ٻولي هئي‪ ،‬عربي‬
‫ٻوليَء متعلق عالمن جو خيال آهي ته جيئن ته هن دور جي يادگارن جا ‪ 90‬سيڪڙو ڪتبا عربيَء ۾‬
‫آهن ۽ هن دور جا جيڪي ٻه ڪتاب دستياب ٿيا آهن‪ ،‬سي اڪثر عربيَء ۾ آهن ۽ انهن ۾ ’الزبدة‘ ۽‬
‫’تذڪرة المراد‘ ان وقت جا مشهور ڪتاب هئا‪ .‬فارسي ابتدائي سما دور ۾ سرڪاري ٻولي رهي‪.‬‬
‫ليڪن سنڌ ۾ آزاد حڪمراني ڪندڙ سمن حاڪمن کي سنڌ جي سرڪاري زبان ڪنهن اهڙي‬
‫ٻوليَء کي ڪرڻ زيب نه ٿي ڏنو‪ ،‬تنهنڪري عربي ئي هن دور جي سرڪاري زبان تسليم ڪري‬
‫سگھجي ٿي‪ .‬جڏهن ته فارسيَء جي تائيد ڪندڙ عالمن موجب ڪتبن وغيره تي عربيَء ۾ فقط‬
‫مذهبي عقيدي موجب قرآن شريف جون آيتون اڪريل ملن ٿيون‪ ،‬جڏهن ته ناال ۽ باقي ٻيون‬
‫عبارتون فارسيَء ۾ آهن‪ ،‬هنن عالمن جي راِء موجب ته سمن جي دور حڪومت جي مليل اڪثر‬
‫سڪن تي فارسيَء ۾ عبارتون اڪريل مليون آهن‪ .‬خاص طور مڪليَء تي موجود يادگارن کي ئي‬
‫ڏٺو وڃي‪ ،‬تڏهن به ان وقت ۾ فارسيَء کي مليل اهميت ۽ حيثيت ڪري سگھجي ٿي‪ ،‬جن تي‬
‫فارسيَء ۾ لکيل عبارتون اڃا به موجود آهن‪ .‬ٻيو ته سمن جي حاڪميت کان اڳ توڙي ان وقت‬
‫دوران فارسي‪ ،‬دهلي سلطنت جي دفتري ۽ سرڪاري لکپڙهه جي ٻولي هئي ۽ اها ڪاروباري زبان‬
‫طور رائج رهي‪ .‬سمن جي اسرڻ وقت به ملتان توڙي گجرات وارا سنڌ جا پرڳڻا سڌو سنئون دهلي‬
‫سلطنت جي اثر هيٺ هئا‪ ،‬اهوئي سبب آهي‪ ،‬جو فارسيَء جي حيثيت الِء معقول سبب موجود هو‪.‬‬
‫جڏهن ته عربيَء الِء سواِء مذهبي زبان جي ٻي ڪابه گھرج ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي‪ .‬حقيقت ۾ عربي‬
‫سمن جي دور ۾ به مذهبي زبان طور اهميت رکندڙ زبان هئي‪ .‬باقي سمن به پنهنجي نج نبار‬
‫سنڌي هئڻ باوجود‪ ،‬پنهنجي ڏيهي ۽ مادري زبان سنڌي ٻوليَء جي ڪابه سرڪاري سرپرستي نه‬
‫ڪئي‪ .‬تڏهن به هن دور ۾ عوامي سطح تي سنڌي (سندن مادري ٻوليَء) سان انسيت جو عالم اهو‬
‫هو‪ ،‬جو سنڌ جي لوڪ ادب ڪافي ترقي ورتي ۽ ڪالسيڪي شاعري پڻ هن دور جي ئي پيداوار‬
‫آهي‪.‬‬
‫سمن جي دور جا سڪا‪ :‬هن دور سان منسلڪ ڪل ‪ 30‬سڪا لڌا ويا آهن‪ ،‬جن مان ٽي سڪا ٽامي جا‬
‫آهن‪ ،‬جيڪي ڄام نندي ۽ ڄام فيروز جي زماني ۾ جاري ٿيا هئا‪ ،‬جڏهن ته باقي ‪ 27‬سڪا دهلي‪،‬‬
‫گولڪنڊي‪ ،‬گجرات جي تيموري خاندان جا معلوم ٿين ٿا‪ .‬هي سڪا سون‪ ،‬چاندي ۽ ٽامي جا آهن‪.‬‬
‫جن الِء محققن جو خيال آهي ته اهي سموري سنڌ ۾ رائج هئا‪ .‬سمن جي پهرئين حاڪم ڄام انڙ‬
‫جي وقت ۾ مقامي حڪومت جو سڪو دستياب نه ٿيو آهي‪ ،‬قوي امڪان آهي ته هن دور ۾ سمن‬
‫حاڪمن پاران سڪو جاري نه ڪيو ويو‪ ،‬بلڪه هندستان جي حاڪم محمد بن تغلق جا سڪا‪ ،‬دينار‪،‬‬
‫تنڪا‪ ،‬عدلي‪ ،‬نصفي‪ ،‬دوڪاني رائج هئا‪ ،‬جن مان دينار سون جو سڪو هوندو هو‪ ،‬جنهن جو وزن‬
‫‪ 199‬گرين هو‪ .‬تنڪا چانديَء جا هوندا هئا‪ .‬ان قسم جا سڪا ٺٽي‪ ،‬بدين‪ ،‬سيوهڻ ۽ اروڙ مان مليا‬
‫آهن‪ .‬اڳتي هلي جنهن وقت ڄام عالؤالدين ۽ ڄام تماچيَء کي قيد ڪري دهليَء نيو ويو‪ ،‬تڏهن‬
‫سنڌ تي ٻه لک تنڪا ساليانو ڏن مقرر ڪيو ويو هو‪.‬‬
‫ڄام صدرالدين جي زماني ۾ محمد بن تغلق ۽ فيروز شاهه جا سڪا رائج رهيا‪ ،‬جيڪي ٽامي ۽‬
‫چانديَء جا هئا‪ .‬واپاري آمد رفت سبب هن وقت ايراني ۽ عربي سڪا پڻ واهپي ۾ ايندا رهيا‪ .‬ڄام‬
‫رڪن الدين‪ ،‬ڄام انڙ‪ ،‬بابيني ۽ ڄام خيرالدين جي وقت ۾ به دهلي سلطنت جا سڪا استعمال هيٺ‬
‫رهيا‪ .‬فيروز شاهه ۽ سلطان فيروز جي نالن سان سڪا لڌا ويا آهن‪ ،‬جن تي سن به لکيل آهي‪.‬‬
‫اهڙيَء طرح هن وقت تائين عالؤالدين ڄام جوڻي‪ ،‬رڪن الدين ڄام تماچيَء جي دور ۾ به هنن‬
‫حاڪمن جي نالي سان جاري ٿيل سڪو ڪونه مليو آهي‪ .‬بلڪ ساڳيا سڪا وهنوار هيٺ آيل ڏسجن‬
‫ٿا‪ .‬ڄام صالح الدين سنڌ ۾ گجرات جي تغلق گھراڻي جو سڪو وهنوار هيٺ آندو‪ .‬ان کانپوِء ڄام‬
‫نظام الدين اول‪ ،‬ڄام علي شير‪ ،‬ڄام ڪرن‪ ،‬ڄام فتح جي وقت ۾ به سڪا جاري ڪونه ٿيا‪ .‬ڄام‬
‫فتح جي وقت ۾ احمد شاهه گجراتيَء جي حڪومت جو چانديَء جو سڪو هتي وهنوار هيٺ رهيو‪،‬‬
‫جنهن جو وزن ‪ 172‬گرين هو‪ .‬جڏهن ته ساڳئي وقت ۾ احمد شاهه جو جاري ڪيل ٽامي جو سڪو به‬
‫مليو آهي‪ ،‬جڏهن ته جونپور جي والي ابراهيم شاهه جا ٽامي جا سڪا پڻ ڄام فتح جي زماني ۾‬
‫جاري ٿيل ڏسجن ٿا‪ ،‬جيڪي سنڌ ۾ وهنوار هيٺ رهيا‪ .‬ڄام تغلق عرف جوڻي جي وقت ۾‬
‫هندستان جي بادشاهه محمد شاهه جا ٽامي جا سڪا‪ ،‬غيـاث الـديـن جا جـاري ڪيل سڪا وهنوار هيٺ‬
‫رهيا‪ .‬اهـڙيَء ريـت‬
‫ڄام سڪندر‪ ،‬ڄام سنجر جي وقت ۾ به اهي ئي سڪا وهنوار هيٺ آيل ڏسجن ٿا‪.‬‬
‫هن وقت تائين ٿيل تحقيق موجب ڄام نظام الدين سمو‪ ،‬سما گھراڻي جو پهريون تاجدار حاڪم‬
‫آهي‪ ،‬جنهن جا پنهنجي نالي سان جاري ڪيل سڪا مليا آهن‪ .‬ڄام نندي جي دور جا سڪا ٽن‬
‫نمونن جا آهن‪ ،‬جن ۾ ٽامي جي گول دائري ۾ ’سلطان ڄام نظام الدين‘ ۽ ٻئي پاسي ’ڄام‬
‫صدرالدين‘ اڪريل آهي‪ ،‬جڏهن ته سڪن ۾ فرق فقط وزن جو آهي‪ .‬هن جي زماني ۾ سلطان‬
‫محمود بيگڙي جونپور جي حاڪم حسين شاهه جا سڪا پڻ سنڌ ۾ هلندڙ هئا‪.‬‬
‫ڄام نندي جي وفات بعد ڄام فيروز جي عهد ۾ سمن حاڪمن جا پنهنجا سڪا وهنوار هيٺ رهيا‪.‬‬
‫ڄام فيروز جي نالي سان جاري ٿيل سڪا به مليا آهن‪ ،‬جن تي عربي رسم الخط ۾ ناال لکيل آهن‪.‬‬
‫ان سميت هن وقت ۾ سڪندر لوڌي‪ ،‬سلطان بهادر شاهه ۽ امير تيمور گورگانيَء جا سڪا ۽‬
‫اشرفيون به وهنوار هيٺ رهيون‪.‬‬
‫هتي اها وضاحت ضروري آهي ته مٿي ڏنل ڄاڻ کان هٽي‪ ،‬ڳچ سمن سلطانن جا ِس ڪا مليا آهن‪ ،‬جن‬
‫بابت پهريون ڀيرو عبداهلل ورياهه مرحوم معلومات مهيا ڪئي آهي‪ .‬سمن جي ِس ڪي جو وڏو‬
‫تعداد سنڌاالجيَء (سنڌ يونيورسٽيَء) ۾ موجود آهي‪ ،‬پر اڄ تائين انهن جو سنجيدو اڀياس نه ٿيو‬
‫آهي‪.‬‬
‫سمن جي دور جا ڪجهه مشاهير‪:‬‬
‫سمن ڄامن جي دور ۾ ڪيترا ڪردار ۽ سٺي حڪمرانيَء وارا بادشاهه به ٿي گذريا آهن‪ ،‬جن کي به‬
‫هن دور جي مشاهيرن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو‪ .‬البت تاريخ سنڌ جي هن سونهري دور ۾ ڪيترا‬
‫عالم ۽ صوفي به ٿي گذريا‪ .‬جتي وقت جا معتبر استاد پيدا ٿيا‪ ،‬اتي عارف به نڪري نروار ٿيا‪ .‬ان‬
‫کان سواِء ڪيترا موچارا سرڪاري عملدار‪ ،‬سياستدان ۽ بهادر فوجي به پيدا ٿيا‪ .‬هتي مشاهيرن جو‬
‫مختصر ذڪر ڪجي ٿو‪.‬‬
‫دلشاد‪ :‬هن جو ڄام نظام الدين (نندي) جي دور سان واسطو آهي‪ .‬کيس ابتدا ۾ بکر جو عملدار‬
‫ڪيو ويو‪ ،‬جتي هن سهڻو انتظام رکيو ۽ بهادر شخص هو‪.‬‬
‫دولهه دريا خان‪ :‬هي وزير لکدير يا لکسير (لکمير ؟) جو غالم ۽ ذات جو قبوليو هو‪ .‬بعد ۾ شڪار‬
‫ڪندي ڄام نظام الدين جي مٿس نظر پئي‪ .‬ان کانپوِء هو ڄام نندي جي مالزمن ۾ شامل ٿيو‪ .‬هن‬
‫جي اعلٰي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيو ويو‪ .‬پوِء درياخان کي مبارڪ خان جو خطاب ڏئي‬
‫وزير مقرر ڪيو ويو‪ .‬اڳتي هلي امير االمراُء‪ ،‬وزيراعظم ۽ فوج جو ڪمانڊر مقرر ٿيو‪ .‬دولهه دريا‬
‫خان جون سنڌ جي جاگرافي ۽ سرحدن جي حفاظت جي حوالي سان وڏيون خدمتون آهن‪ .‬سنڌ ملڪ‬
‫۾ امن ۽ اقتصاديات جي بحاليَء ۾ سندس وڏو ڪردار آهي‪ .‬جتي به امن امان الِء ضرورت پوندي‬
‫هئي‪ ،‬اتي فوجون وٺي پهچي ويندو هو‪ .‬ٺٽي جي ڀرسان خان واهه ۽ سيوهڻ طرف ساوه واهه جي‬
‫کوٽائي ۽ زمينن الِء پاڻيَء پهچائڻ سندس وڏو ڪارنامو آهي‪ .‬هونئن ته دريا خان هر محاذ تي پاڻ‬
‫ملهايو‪ ،‬پر ’سبي‘ جي واپسي سندس وڏو ڪارنامو آهي‪ .‬ڄام نظام الدين جي دور ۾ ’سبي‘ سنڌ‬
‫جي حدن ۾ هڪ اهم سرحدي شهر هو‪ .‬هرات جي لشڪر مير ذوالنون ارغون جي قيادت ۾ هن‬
‫شهر تي حملو ڪيو ۽ سنڌ جي نمائندي ’بهادرخان‘ کان شهر کسي ورتو‪ .‬ڄام جي حڪمن تي دريا‬
‫خان ‪1490‬ع ۾ سبي شهر‪ ،‬ارغونن کان واپس ورتو‪ .‬ان عرصي ۾ ميران محمد جونپوري‪ ،‬هند کان‬
‫سنڌ ۾ آيو‪ .‬ڏيڍ سال ٺٽي ۾ رهيو‪ .‬پوئلڳن جو وڏو تعداد پيدا ڪيائين‪ .‬ڄام نندي هن صورتحال‬
‫کي رياست الِء خطرو سمجهندي‪ ،‬دريا خان کي حڪم ڏنو ته ميران محمد جونپوريَء کي سنڌ مان‬
‫بيدخل ڪيو وڃي‪ .‬دولهه دريا خان هن مسئلي کي احسن طريقي سان حل ڪيو‪1508 .‬ع ۾ ڄام‬
‫نندو فوت ٿيو‪ .‬ان بعد سنڌ جي سلطنت زوال طرف وڌي‪ .‬ننڍي عمر جو ڄام فيروز بادشاهه بنيو‪.‬‬
‫‪ 11‬محرم ‪927‬هه تي شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي حملو ڪيو‪ .‬ڄام فيروز شهر ڇڏي ڀڄي ويو‪ .‬دريا‬
‫خان ارغونن جي لشڪر کي للڪاريو‪ .‬گهمسان جي جنگ کانپوِء‪ ،‬شام جي وقت شهيد ٿي ويو‪.‬‬
‫سندس مزار مڪليَء تي موجود آهي‪( .‬تفصيل الِء ڏسو‪ :‬سمن جي سلطنت‪ ،‬مختلف صفحا)‬
‫عالؤالدين‪ :‬دريا خان جو پٽ ۽ درٻار جو مکيه امير هو‪( .‬تحفة الڪرام‪ ،‬سنڌي‪ ،‬ص‪)141 :‬‬
‫محمود‪ :‬مير علي شير قانع هن کي محمد خان لکيو آهي‪ ،‬پر عام طرح محمود خان طور مشهور‬
‫آهي‪ .‬هي به دولهه دريا خان جو پٽ هو‪ .‬پيُء جي شهادت بعد هن ٽلٽي ۽ ڳاها ۾ لڙايون ڪيون‪ ،‬پر‬
‫ناڪام ٿيو‪.‬‬
‫(تحفة الڪرام‪ ،‬سنڌي‪ ،‬ص‪)141 :‬‬
‫موٽڻ خان‪ :‬علي شير قانع هن کي متن خان (مٺڻ ؟) لکيو آهي‪ .‬محمود خان سان گڏ شاهه بيگ جي‬
‫خالف محاذ کڙو ڪيائين‪ .‬هي به دريا خان جو فرزند هو‪( .‬تحفة الڪرام‪ ،‬سنڌي‪ ،‬ص‪)141 :‬‬
‫سارنگ خان‪ :‬مير علي شير لکي ٿو ته‪ ،‬سارنگ خان به ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي دور جو‬
‫ناليرو امير هو‪ .‬هن جي بهادريَء ۽ عقلمنديَء جي ذريعي وڏا وڏا ڪم سرانجام ٿيندا هئا‪( .‬تحفة‬
‫الڪرام‪ ،‬سنڌي‪ ،‬ص‪)141 :‬‬
‫تاريخ معصومي (سنڌي‪ ،‬ص‪ )156 :‬هن کي ڄام سارنگ لکيو آهي‪ .‬پير حسام الدين راشديَء جي‬
‫تحقيق آهي ته‪ ،‬ڄام سارنگ نالي امير ڪبير دريا خان جو پٽ هو‪( .‬مڪلي نامو‪ ،‬ص‪)102-101 :‬‬
‫جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس دريا خان جو ڀاُء سڏيو آهي‪( .‬ڊاڪٽر بلوچ جا مقاال‪ ،‬ص‪:‬‬
‫‪ )146‬هن ڏس ۾ درست راِء راشدي مرحوم جي آهي ته‪ ،‬سارنگ خان‪ ،‬دريا خان جو پٽ هو‪.‬‬
‫احمد خان‪ :‬راشدي صاحب جي تحقيق موجب‪ ،‬احمد خان به دريا خان جو پٽ هو‪ .‬دريا خان جي‬
‫مقبري جي چوديواريَء تي احمد بن دريا خان جو نالو هڪ ڪتبي ۾ موجود آهي‪( .‬سمن جي‬
‫سلطنت‪ ،‬ص‪)131 :‬‬
‫ديوان لکدير‪ :‬ڄامن جي سلطنت ۾ ديوان لکدير يا لکسير (لکمير ؟) جو نالو خاص اهميت رکي ٿو‪.‬‬
‫هن ديوان لکدير وٽ ننڍڙو دريا خان مالزم هو‪ ،‬جيڪو پوِء ڄام نظام الدين حاصل ڪري‪ ،‬کيس‬
‫ُپ ٽيلو بنايو ۽ تمام وڏا عهدا ماڻيائين‪.‬‬
‫پير البو‪ :‬هيُء ڄام نظام الدين جو ڀاڻيجو ۽ ناٺي هو‪ .‬هن جو اصل نالو ڄام مارک (مارڪ ؟) آهي‪.‬‬
‫مسجد صفه جي جاِء تي هندن جو بتخانو موجود هو‪ .‬جڏهن مراد شيرازيَء بتخانو ڊاهڻ جو حڪم‬
‫ڏنو ته‪ ،‬هندن وڏو اعتراض ورتو‪ .‬ڄام البو هندن کي سمجهائڻ ويو‪ ،‬پر سيد مراد کي ڏٺائين ته‬
‫سندس مريد ٿي ويو‪( .‬تحفة الطاهرين‪ ،‬سنڌي‪ ،‬ص‪)148 :‬‬
‫شيخ نٿر‪ :‬شيخ نٿر ڄام نندي جي حڪومت ۾ خاص مصاحب ۽ مقرب هو‪ .‬شيخ نٿر کي به مذڪوره‬
‫مندر ڊاهڻ کان روڪڻ الِء موڪليو ويو‪ ،‬پر هي به ڄام مارک وانگر‪ ،‬سيد مراد جو مريد بنجي ويو‪.‬‬
‫(تحفة الطاهرين‪ ،‬سنڌي‪ ،‬ص‪)149 :‬‬
‫شيخ جهنڊو پاتڻي‪ :‬سيد ميران محمد مهدي جونپوريَء جو مريد هو‪ ،‬ان پسمنظر ۾ ڄام نندي جي‬
‫هن سان نه لڳندي هئي‪ .‬سندس مزار ساموئيَء جي سر زمين تي موجود آهي‪( .‬تحفة الطاهرين‪،‬‬
‫سنڌي‪ ،‬ص‪)155-152 :‬‬
‫قطب الدين بن محمود‪ :‬ڄام نندي جي دور جو بهترين خطاط يا خوشنويس هو‪ .‬دريا خان جي مدفن‬
‫جي تعميرات تي سندس نالو موجود آهي‪( .‬دي ڪيليگرافرس آف ٺٽه‪ ،‬ص‪)57 :‬‬
‫حافظ رشيد‪ :‬مير علي شير قانع موجب پاڻ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي دور جو ناميارو‬
‫خوشنويس ٿي گذريو آهي‪ .‬سندس شمار وقت جي وڏن ماڻهن ۾ ٿيندو هو‪( .‬تحفة الڪرام‪ ،‬سنڌي‪،‬‬
‫ص‪ )592 :‬هن جو پٽ عبدالرحيم به ساڳئي فن جو ماهر هو‪ .‬ترخان دور جي ناليرن خطاطن ۾‬
‫سندس ذڪر اچي ٿو‪( .‬ڪيليگرافرز آف ٺٽه‪ ،‬ص‪)58-57 :‬‬
‫بهادر خان‪ :‬ابتدا ۾ جڏهن ارغونن سبيَء تي حملو ڪيو‪ ،‬تڏهن بهادر خان ان عالئقي جو گورنر‬
‫هو‪ .‬ارغونن جي ڪاهه وقت شهر هن جي قبضي مان نڪري ويو‪ .‬بعد ۾ ‪1590‬ع واري جوابي‬
‫ڪارروائيَء ۾ دولهه دريا خان هي شهر ارغونن کان واپس ورتو‪( .‬مڪلي نامو‪ ،‬ص‪)179-176 :‬‬
‫قاضي قادن‪ :‬سمن ڄامن جي دور ۾ قاضي قادن شايد ڦوهه جوانيَء ۾ هو‪ .‬ان دور ۾ چون ٿا ته‬
‫قاضي قادن بکر جو حاڪم يا قاضي هو‪ .‬پوِء سيد محمد جونپوريَء جو مريد ٿيو‪ .‬ان ڪري هن ۾‪،‬‬
‫۽ مخدوم بالول ۾ اختالف پيدا ٿيا‪1520 .‬ع ۾ ارغونن جي حملي وقت‪ ،‬قاضي موصوف حملي‬
‫آورن سان گڏ هو‪ ،‬پر پوِء جڏهن ارغونن طرفان نَو ڏينهن ٺٽي کي ڦرڻ لٽڻ ۽ ساڙڻ جو سلسلو بند‬
‫نه ٿيو ته پاڻ ارغونن کي اپيل ڪري اهو بند ڪرايائين‪ ،‬ان کانپوِء وري به هو ڌارين سان ملي هم‬
‫وطنن خالف عمل ڪندو رهيو‪ .‬قاضي صاحب سنڌي زبان جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي‪ ،‬جنهن‬
‫جو مڪمل رسالو موجود آهي‪.‬‬
‫مخدوم بالول‪ :‬ذات جو سمو هو‪ .‬ڪي لکندڙ هن جو شجرو‪ ،‬سمن جي شاهي خاندان سان مالئين‬
‫ٿا‪ .‬پاڻ وطن دوست عالم ۽ صوفي ٿي گذريو آهي‪ .‬ٽلٽي ۽ باغبان هن جي اثر ۾ هئا ۽ اتي سندس‬
‫مريدن جو وڏو انگ هو‪ .‬شاهه بيگ ارغون سان ٺاهه ڪرڻ بدران معرڪا ڪيائين‪ ،‬ان ڪري‬
‫سرڪاري ڏمر هيٺ آيو‪( .‬اهڙو ذڪر مٿي ٿي آيو آهي)‪ .‬سندس مشهور خليفا هن ريت ٿي گذريا‬
‫آهن‪:‬ساهڙ لنجار'> مخدوم ساهڙ لنجار (انڙپور)‪ ،‬سيد حيدر (سن)‪ ،‬مخدوم رڪن الدين يا مخدوم‬
‫مٺو (مڪلي)‪ ،‬مخدوم حسن (ڀاڻوٺ)‪ ،‬مخدوم سعد يا ساند (سڪرنڊ)‪ ،‬۽ مخدوم محمد عثمان‬
‫هنڱورو (گچيرو‪ ،‬مورو)‪.‬‬
‫جي‪ .‬ايم‪ .‬سيد جي تحقيق موجب مخدوم بالول جي شهادت‬
‫‪ 02‬رجب ‪930‬هه برابر ‪ 06‬مئي ‪1523‬ع تي ٿي‪( .‬سنڌ جا سورما‪ ،‬ص‪)41-34 :‬‬
‫ڄام ابراهيم ۽ ڄام بايزيد‪ :‬شاهي درٻار جا اهم رڪن هئا‪ ،‬جي ناراض ٿي ملتان جي رياست ۾‬
‫پناهه گزين ٿيا‪ .‬اتي جي حاڪم حسين النگاهه‪ ،‬بايزيد کي شورڪوٽ ۽ ابراهيم کي اچ ۾ جاگيرون‬
‫ڏنيون‪ .‬ڄام بايزيد وڏو عالم هو ۽ هن جي درٻار عالمن سان ڀريل رهندي هئي‪( .‬جنت السنڌ‪ ،‬ص‪:‬‬
‫‪)361-360‬‬
‫ان کان سواِء هن دور ۾ فارسي ۽ سنڌيَء جي ڪيترن شاعرن جا ناال به ملن ٿا‪ ،‬جيڪي هن دور ۾‬
‫ٿي گذريا آهن‪ .‬ڊيگهه کان بچڻ الِء هتي انهن جا صرف ناال ڏجن ٿا‪ :‬شيخ حماد جمالي‪ ،‬ڄام نظام‬
‫الدين‪ ،‬مخدوم بالل ۽ شيخ عيسٰي لنگوٽيَء جا فارسي شعر مليا آهن‪ ،‬جڏهن ته درويش نوح‬
‫هوٿياڻي‪ ،‬شيخ عبدالجليل چوهڙ‪ ،‬مخدوم احمد ڀٽي ۽ اسحاق آهنگر جا ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي شعر‬
‫ملن ٿا‪ .‬فارسي يا سنڌي شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي‪ ،‬تن کي به سمن جي دور جي مشاهيرن ۾‬
‫شامل ڪري سگهجي ٿو‪( .‬مواد تيار ڪندڙ‪ :‬ڊاڪٽر غالم محمد الکو)‬
‫وڌيڪ ڏسو ‪ :‬سنڌ تي ارغون حڪومت‬

‫هن صفحي کي شيئر ڪريو‬

‫تاريخ ‪ -‬ڀاڱي جون ِٻيون داخالئون‬


‫سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت‬
‫سنڌ ۾ عرب دور حڪومت‬
‫تاريخ منظوم‬
‫سنڌي صحافت ۽ اخبار نويسي پسمنظر ۽ تاريخ‬
‫سنڌ ۾ ٽالپرن جو دور حڪومت‪ /‬ميرن جي صاحبي‬
‫سال‬
‫صديقي سڪو‬
‫برهمڻ گهراڻو‬
‫سنڌ تي ارغون حڪومت‬
‫سنڌ ۾ ريلوي نظام انگريز دور کان وٺي پاڪستان تائين‬
‫تاريخ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون‬

‫سنڌي ٻوليَء جي با اختيار اداري وٽ َس ڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن‬

You might also like