Professional Documents
Culture Documents
نهج البلاغه خطبات سنڌي
نهج البلاغه خطبات سنڌي
نهج البلاغه خطبات سنڌي
هن باب ۾ سندس اهي ڪلمات آهن ،جيڪي مختلف مجلسن ،معرڪن ۽ پيش ٿيڻ وارن حادثن ۾ خطبن جي انداز ۾ فرمايل
آهن
خطبه ()1
هن ۾ زمين ۽ آسمان جي شروعات ۽ حضرت آدؑم جي پيدائش جو بيان فرمايل آهي؛
سڀ ڪا تعريف ،ساراه ۽ حمد ان هللا جي الِء آهي ،جنهن جي مدح تائين ،بيان ڪرڻ وارن جي رسائي نٿي ٿئي،
جنهن جي نعمتن کي ڳڻڻ وارا ڳڻي نه ٿا سگهن ۽ نه ڪوشش ڪرڻ وارا سندس (نعمتن جي ڳڻڻ جو) حق ادا ڪري سگهن
ٿا .نه (وري) بلند پرواز همتون کيس حاصل ڪري سگهن ٿيون ،نه عقل ۽ فهم جون گهرايون ان جي تهن تائين پهچي
سگهن ٿيون .سندس ذات جي ڪمال جي ڪا حد مقرر نه آهي ،نه ُان جي وصف بيان ڪرڻ الِء لفظ آهن ،نه سندس (ابتدا)
الِء ڪو وقت آهي ،جنهن کي شمار ۾ آڻي سگهجي ،نه ان جي ڪا مدت آهي ،جيڪا ڪٿي وڃي ختم ٿئي .هن مخلوقات کي
پنهنجي قدرت سان پيدا ڪيو ،پنهنجي رحمت سان هوائن کي هاليو ۽ ڏڪندڙ زمين تي جبلن جا ِڪ َل ٺوڪيا ويا.
دين جي ابتدا سندس معرفت آهي ،معرفت جو ڪمال ان جي تصديق آهي ،تصديق جو ڪمال توحيد آهي ،توحيد
جو ڪمال اخالص ۽ پاڪيزگي آهي ۽ اخالص و پاڪيزگي جو ڪمال اهو آهي ته ان جي صفت کان نفي ڪئي وڃي ،ڇو
ته هر قفت شاهد آهي ،ته اها پنهنجي موصوف کان الڳ آهي ۽ هر موصوف به شاهد آهي ،ته اهو پڻ صفت کان ڪا جدا
شيِء آهي،تنهنڪري جنه خدا جي ذات کانسواِء (منجهس الڳ) صفتون مڃيون تنهن سندس ذات جو ڪو ٻيو ساٿي (يا
مددگار) مڃيو۽ جنهن ان جي ذات جو ڪو ٻيو ساٿي مڃيو ،تنهن (ان جي ذات سان) دوئي پيدا ڪئي ،جنهن سندس ذات ۾
دوئي پيدا ڪئي ،تنهن خدا جي الِء ٻيو جزو بڻايو ۽ جيڪو به شخص ُان جي ُج زن جو قائل ٿيو ،سو کانئس بي خبر رهيو ۽
جيڪو ُهن کان بي خبر رهيو ،تنهن هن اشاري جي الئق ڄاتو ۽ جنهن هن کي اشاري جي الئق ڄاتو ،تنهن سندس حد بندي
ڪئي ۽ جنهن کيس محدود ڄاتو ،تنهن ان کي ٻين حقيقتن (مخلوقات) جي قطار ۾ آندو .جنهن هيئن چيو تهُ :اهو ڪهڙي
شيِء ۾ آهي؟ تنهن کيس ڪنهن شيِء ۾ فرض ڪيو ۽ جنهن ائين چيو ته ُاهو ڪنهن شيِء تي آهي ،تنهن ان کان ٻيا هنڌ خالي
سمجهياُ” .هو“ آهي ،ٿيو نه آهي .موجود آهي ،ليڪن عدم ،يعني نه هجڻ کان پوِء وجود ۾ نه آيو .هو هر شيِء سان گڏ آهي،
پر ائين نه ،جيئن جسم گڏ هوندو آه .هو هر شيِء کان جدا آهي ،پر جسم جي جدائي وانگر نه .هو فاعل آهي پر چرڻ پرڻ ۽
اوزارن جو محتاج نه آهي .هو ان وقت به ڏسڻ وارو هو ،جڏهن مخلوقات ۾ ڪا به شيِء ڏسڻ جهڙي هئي ڪانه! هو اهڙو
اهڙو اڪيلو آهي ،جنهن جو ڪو ساٿي نه آهي ،جنهن سان کيس ُانس (يا محبت) ٿئي يا ان کي وڃائي پريشان ٿئي .هن
شروع شروع ۾ خلق کي ايجاد ڪيو ،سواِء ڪهنن سوچ ويچار جي ۽ سواِء ڪنهن آزمودي جي ،جنهن مان کيس فائدي ٿيڻ
جي ضرورت ٿي هجي ۽ سواِء ڪنهن چرپر جي ،جنهن هن کي پيدا ڪيو هجي ۽ سواِء ڪنهن ولولي ۽ جوش جي ،جنهن
کان هو بيتاب ٿيو هجي .هر شيِء کي سندس وقت جي حوالي ڪيائين.
بي جوڙ شين ۾ توازن ۽ هڪجهڙائي پيدا ڪيائين ،هر شيِء کي جدا جدا طبيعتن ۽ مزاجن جو حامل بنايائين .پڻ
انهن طبيعتن الِء مناسب شڪليون (۽ ضروري صورتون) مقرر ڪيائين .انهن شين کي سندن وجود ۾ آڻڻ کان اڳ ۾ ئي
ڄاڻندو هو ،سندن حدون بلڪل احاطي اندر مقرر ڪيل هيون ،جن جي نفسن ۽ عضون کي (به) ڄاڻندو هو .پوِء هن
ڪشادي فضا ،نهايت وسيع طرف ۽ ڪنارا ۽ خالجون موڪرايون خلقيون ۽ انهن ۾ ايترو ته پاڻي وهايائين ،جنهن جون
دريائي موجن جون طوفاني لهرون ۽ َاٿاهه سمنڊ جي موجن جا (هڪ ٻي مٿان) تهن تي تھ هئا .ان پاڻيَء کي تند ۽ تير هوائن
جي پٺيَء تي سوار ڪيائين ،پوِء ان (هوا کي) پاڻي اٿالئڻ (پٿالئڻ) جو حڪم ڪري ،پاڻي کي هوائن جي قبضي ۾ ڏنائين ،۽
ان کي پاڻي جي سرحد سان مالئي ڇڏيائين ،جنهن جي هيٺان هوا پري پري تائين وڇايل هئي ۽ مٿس پاڻي زبردست ڇوليون
(۽ لهرون) هڻي رهيو هو .پوِء خدا تعالٰي ان پاڻي ۾ هڪ اهڙي هوا پيدا ڪئي ،جنهن جو هلڻ (يا لڳڻ) بي ثمر (سنڍ) هو ۽
ان کي سندس مرڪز تي برقرار رکيائين .ان هوا جون تيز لهرون ڪيائين ۽ ان جي لڳڻ جي حد پري پري تائين وڌايائين.
پوِء ان هوا کي مقرر ڪيائين ،ته اها پاڻي جي (اڻ کٽ) ذخيري کي ڇولين جا ڌڪ هڻي ۽ ان ُاٿاهه سمنڊ جي موجن کي مٿي
اڇالئي .ان هوا پاڻي کي اهڙي طرح ولوڙي ،جيئن چاڏيَء ۾ ڌونئري کي ولوڙيو آهي ۽ ُان پاڻي کي ڌڪيندي ،تيزيِء سان
لڳي ،جيئن خالي فضا ۾ لڳندي آهي ۽ پاڻي جي ابتدائي حصي کا آخري حصي تي ۽ بيٺل پاڻي کي ،وهندڙ پاڻي تي اٿالئڻ
لڳي ،تانجو ان ڇوليون هڻندڙ پاڻي جي سطح ،بلند ٿي وئي .اهو پاڻي تهن تي تھ ٿي گجي ڏيڻ لڳو .هللا تعالٰي اها گجي
(پنهنجي قدرت سان) کليل هوا ۽ ڪشادي فضا ڏي کنئي ،جنهن مان ست ئي آسمان پيدا ڪيائين( .هن طرح جي) هيٺئين
آسمان کي بيٺل موج وانگر بنايائين ۽ مٿئين آسمان کي محفوظ ڇت ۽ بلند عمارت جي صورت ۾ اهڙي طرح قائم ڪيائين،
جنهن کي نه ٿنڀن جي ٽيڪ جي ڪا ضرورت ٿي ۽ نه وري ان کي طنابن (يا رسين) سان ٻڌي ،جوڙڻ جي ڪا ضرورت
ٿي .پوِء ان کي ستارن جي زيب و زينت ۽ روشن تارن کي چمڪ دمڪ سان سينگاريائين ۽ ان ۾ روشني ڏيندڙ چراغ
(سج) ۽ چمڪندڙ چنڊ کي هاليائين ،جيڪو آسمان ،ڦرندڙ گهرندڙ ڇت ۽ جنبش کائڻ واري لوح ۾ آهي.
پوِء خداوند عالم انهن آسمانن جي وچ ۾ شگاف پيدا ڪيا ۽ انهن جي گنجائشن کي طرح طرح جي فرشتن سان
ڀريائين ،جن مان ڪي سجدي ۾ آهن ،جيڪي رڪوع نه ٿا ڪن ،ڪي وري رڪوع ۾ آهن ،سي قيام نه ٿا ڪن ،جيڪي
صفون ٻڌيو بيٺا آهن ،سي پنهنجي جاِء نه ٿا ڇڏين؛ ڪي تسبيح حمد پڙهي رهيا آهنُ ،اهي ٿڪجن ئي نه ٿا ،نه انهن کي اکين
۾ ننڊ اچي ٿي ،نه انهن جي عقلن ۾ ڪا ڀل چڪ پيدا ٿئي ٿي ،نه وري انهن جي بدنن ۾ ڪا سستي يا ڪاهلي اچي ٿي ۽ انهن
تي ويساري جي غفلت طاري ٿئي ٿي.
انهن مان ڪي ته هللا جي وحي جا امين ،پيغام پهچائڻ الِء حق سچ جي زبان ۽ ُان رسول ڏانهن سندس قطعي
فيصلن ۽ فرمانن کي کڻي اچڻ وڃڻ وارا آهن .جن جا قدم ته زمين جي تھ تائين ڄميل آهن ۽ سندن پاسا سموري دنيا کان به
اڳتي وڌيل آهنُ .انهن جا ڪلها عرش جي پاين سان پيا لڳن ،جن جون اکيون عرش اڳيان جهڪيل رهن ٿيون ۽ ُان جي هيٺان
پنهنجن پرن ۾ ويڙهيل آهن ۽ انهن ۾ ۽ ٻي مخلوق جي وچ ۾ عزت جا پردا ۽ قدرت جون ديواريون پيل آهن .اهي پنهنجي
پالڻهار الِء ڪنهن به شڪل يا صورت جو تصور پڻ نه ٿا ڪن ،۽ نه هللا تي مخلوق واريون صفتون جائز ڄاڻن ٿا ،نه ان
کي ڪنهن محل يا مڪان ۾ وڪوڙيل ٿا سمجهن ۽ نه تشبيهن ۽ مثالن سان هن ڏي اشارا ڪن ٿا.
حضرت آدؑم جي پيدائش بابت فرمائي ٿو؛
هللا تعالٰي سخت ۽ نرم مٽي ۽ ڪلراٺي مٽي گڏ ڪري ،ان کي پاڻيَء سان ايترو ته پسايو ،جو اها صاف ٿي آٺرجي
پئي ۽ آالڻ سان ايترو ڳوٺئين ،جو ان ۾ لعاب پيدا ٿيو ،پوِء ان مان اهڙي صورت جوڙيائين ،جنهن ۾ ور وڪڙ ۽ سنڌن وارا
عضوا آهن ،بلڪه جدا جدا حصا .نيٺ ُان کي ايترو ته سڪايائين ،جو اها (مٽي) پاڻ بيهي سگهي ۽ (وري ان کي) ايترو ته
سخت ڪيائين ،جو ُاها کڙڪڻ (آواز ڪرڻ) لڳي .پوِء ُان کي ساڳي حالت ۾ مقرر ڪيل وقت تائين ائين ئي رهڻ ڏنائين.
پوِء ُان ۾ روح ڦوڪيائين ،جنهن بعد ُاهو اهڙي انسان جي شڪل ۾ اٿي کڙو ٿيو ،جيڪو ذهني قوتن کي حرڪت ۾ آڻڻ
وارو ،فڪري حرڪتن سان تصرف ڪرڻ وارو ،عضون ۽ رڳن کان ڪم وٺڻ وارو ۽ هٿن پيرن کي هالئڻ آهي ،بلڪه
اهڙي سڃاڻپ جو صاحب آهي ،جنهن کان حق ۽ باطل ۾ تميز ڪري ٿو ۽ جدا جدا لذتن ،ذائقن ،خوشبوئن ،رنگن ۽ جنسن ۾
پڻ فرق ڪري ٿو .سندس رنگا رنگي مٽين ،پاڻ ۾ مليل ُج ليل موافقت رکندڙ شين ،برخالف ،برعڪس ۽ مختلف خطن مان
ٺهيل آهي ،يعني سردي ،گرمي ،پوسل ۽ خشڪي جو پتلو آهي.
پوِء هللا تعالٰي فرشتن کان چاهيو ،ته هو سندس سونپيل امانت جو حق ادا ڪن ۽ سندس ورتل وعدي ۽ وصيت کي
پورو ڪن ،يعني اهو واعدو ،جيڪو آدم کي سجدي ڪرڻ وار حڪم کي مڃڻ ۽ ُان جي بزرگي اڳيان جهڪڻ ۽ سر تسليم
خم ڪرڻ الِء ڪيل هو.
بهر نوع ،خدا فرمايو ته؛ ” آدم کي سجدو ڪريو ،پوِء ابليس کانسواِء ٻين سڀني سجدو ڪيو ،جو کيس تعصب ۽
ساڙ ٿيو ،بدبختي مٿس غالب ٿي .باھ مان پيدا ٿيڻ سبب پاڻ کي بزرگ ۽ برتر سمجهيائين ۽ کڙڪندڙ مٽي مان ٺهيل مخلوق
کي ذليل سمجهيائين .هللا تعالٰي کيس مهلت ڏني ،ته جيئن هو پوري طرح غضب جو مستحق ٿئي ۽ ( بني آدم جي) آزمائش به
تڪميل تي پهچي ۽ ڪيل وعدو به پورو ٿي وڃي .نيٺ ،خدا کيس فرمايو ته ” ،توکي مقرر ڪيل ڏينهن تائين مهلت آهي“
پوِء خدا ،آدم کي اهڙي گهر ۾ رهايو ،جتي هن جي زندگي کي خوشگوار رکيو ويو .هن کي ابليس ۽ ان جي عداوت کان به
هوشيار ڪيو ويو ،پر سندس دشمن هن جي جنت ۾ رهڻ ۽ نيڪوڪارن سان ملي جلي رهڻ تي حسد ڪيو .آخرڪار آدم
کي فريب ۾ آندائين ( جنهن بعد ) آدم پڪ کي شڪ سان ۽ پختي ارادي کي ڪمزوري وارن هٿن سان سودو ڪيو .خوشي
کي خوف سان بدالئي ڇڏيائين ۽ ڌوڪي کانئڻ سبب شرمندگي حاصل ڪيائين .آخر هللا ،آدم الِء توبھ جي گنجائش رکي،
کيس رحمت ڪا ڪلمات سيکاريائين ،جنت ۾ ٻيهر پهچائڻ جو ساڻس واعدو ڪيائين ۽ ُان بعد کيس آزمائش جي گهر ۾،
يعني نسل وڌائڻ واري محل ۾ الٿائين.
حق سبحانہ سندس اوالد مان نبي چونڊيا ۽ وحي وسيلي انهن کان انجام اقرار ورتائين .رسالت جي تبليغ جو انهن
کي امين بنايائين ،جڏهن ته اڪثر ماڻهن هلل جو عهد بدالئي ڇڏيو ،ان جي حق ادا ڪرڻ کان بي خبر ٿي ويا .ٻين کي خدا جو
شريڪ بنايائون ،شيطانن ،کين خدا جي معرفت کان ڦيرائي ۽ انهن جي عبادت کان الڳ ڪري ڇڏيو.
خدا تعالٰي انهن ۾ پنهنجا رسول موڪليا ،پڻ هڪٻئي پٺيان نبي موڪليائين ،ته جيئن انهن کان فطرت جا ورتل انجام
اقرار پورا ڪرائين ،هن جون وساريل نعمتون ۽ عنايتون ياد ڏيارين ،پڻ رباني پيغام پهچائي مٿن حجت پوري ڪن ،دفن
ٿيل عقلن ڪڍي ظاهر ڪن ،انهن کي قدرت جون نشانيون ڏيکارين ( ته جيئن) مٿن هي بلند ڇت وارو آسمان ،ان جي هيٺان
وڇايل زمين جو فرش ،زندھ رکڻ وارو آهي گذران جو سامان ،فنا ڪرڻ وارا موت ،پوڙهي ڪرڻ واريون بيماريون ۽
هڪٻئي پٺيان اچڻ وارا حادثا ( کين ياد ڏيارين).
هللا تعالٰي پنهنجي مخلوق کي بغير ڪنهن موڪليل پيغمبر يا آسماني ڪتاب يا ڪامل واضح دليل (۽ حجت) يا
روشن راه جي ڪڏهن به ائين نه ڇڏيو آهي .اهڙا رسول (آيا) جي ڳاڻاٽي ۾ ٿورا هئا ،پر کين ڪوڙي ڪرڻ وارن جي
گهڻائي ،ڪڏهن به عاجز ۽ دلشڪسته نه ڪيوُ .انهن مان جيڪو به پهرين ٿي آيو ،تنهن پاڻ کان پوِء اچڻ واري جو نالو
نشان پئي ٻڌايو .جيڪو ٿي آيو ،تنهن پاڻ کائنس ،پهريون (نبي) سڃاڻپ ڪرائي ويو.اهڙي طرح مدتون گذرنديون ويون،
زمانا ختم ٿيا ،پيُء ڏاڏي جي جاين تي انهن جو اوالد اچي آباد ٿيو ،تانجو حق سبحانہ پنهنجي عهد کي وفا ڪرڻ ۽ نبوت جي
سلسلي کي ختم ۽ ڪامل ڪرڻ الِء حضرت محمد مصطفٰي صلي هللا عليہ وآلہ وسلم جن کي مبعوث فرمايو ،جن بابت
ِء جا واري (سڀني) نبين کان انجام اقرار ورتا ويا هئا ،جن جي ظهور (پرنور) جون نشانيون مشهور هيون .پڻ سندن پيدائش
مبارڪ مسعود هئي.
ان وقت زمين تي رهڻ وارن جي رهڻي ڪهڻي جدا جدا ،رادا ۽ عقيدا الڳ الڳ ۽ سندن طور طريقا منتشر هئا،
ايتري قدر جو ڪي خالق کي مخلوق سان تشبيھ ڏيندا هئا ،ڪن سندن نالن کي ٿي بگاڙيو (۽ ڦيرايو) ،ڪي هللا کي ڇڏي ٻين
جي طرف رجوع ٿيندا هئا ،تن کي خداوند عالم آنحضرت صلعم جن جي معرفت ُانهن کي گمراهي ( جي اونداهي) مان
ڪڍي هدايت جي (نوراني) راھ تي آندو ۽ سندن وجود (مسعود) جي صدقي کين جهالت کان نجات ڏني .نيٺ خدا تعالٰي ،
محمد صلي هللا عليہ وآلہ وسلم جن کي پنهنجي لقاء ۽ قرب الِء منتخب ڪيو .پنهنجا خاص انعام سندن الِء پسند ڪيائين ۽
فاني دنيا جي رهڻي ڪهڻي کان کين بلند تر سمجهيو ۽ مصيبتن ،زحمتن سان وڪوڙيل هنڌ کان سندن رخ موڙي ۽ (فاني)
دنيا مان کين عزت (۽ احترام) سان گهرائي ورتو.
آنحضرت صلعم جن توهان ۾ اهڙي شيِء ڇڏي ويا ،جيئن اڳيان نبي پنهنجن امتن ۾ ڇڏي هليا ويا .ان ڪري جو
اهي واضح طريقا ۽ محڪم نشان قائم ڪرڻ کانسواِء کين ڪڏهن به ڇڙواڳ نه ڇڏيندا ويا .آنحضرت جن توهان جي پالڻهار
جو ڪتاب توهان وٽ ڇڏيو آهي ،جنهن ۾ حالل ۽ حرام کي ،فرضن ۽ فضيلتن کي ،منسوخ ٿيل ڳالهين کي ،اختيار ڪرڻ
جهڙين ڳالهين کي ۽ ڇڏي ڏيڻ جهڙين ڳالهين کي ،عام ۽ خاص ڳالهين کي ،عبرت جهڙين ۽ مثالي ڳالهين کي ،واضح ۽ ڀيٽ
ڪرڻ جهڙين ڳالهين کي ،چڱي طرح کولي بيان ڪيو اٿن .پڻ مختصر (مجمل) آيتن جو تفسير ڪري ٻڌايائون .ان جي
رمزن کي پڻ سمجهايو ويو آهي .ان ۾ ڪي ُاهي آيتون آهن ،جن کان واقف ٿيڻ جي پابندي الزم ڪئي وئي آهي ،۽ ڪي
ُاهي آهن ،جو جيڪڏهن سندس بندا انهن کان نا واقف رهن ،ته ڪا وڏي ڳالھ نه آهي .ان ۾ ڪي حڪم اهڙا آهن ،جن جو
واجب هئڻ ڪتاب مان ته ثابت آهي ،پر حديث مان انهن جي منسوخ ٿيڻ جي خبر پوي ٿي .پڻ ڪي حڪم اهڙا به آهن ،جن
تي عمل ڪرڻ حديث جي لحاظ کان ته واجب آهي ،پر ڪتاب ۾ انهن جي ترڪ ڪرڻ جي اجازت آهي .هن ڪتاب ۾ ڪي
اهڙا به واجبات آهن ،جن جو واجب هئڻ وقت سان وابسته آهي ۽ آئنده زماني ۾ انهن جو واجب هجڻ برطرف ٿي وڃي ٿو.
قرآن ۾ حرام ڪيل ڳالهين ۾ به فرق آهي .ڪي وڏا گناه اهڙا آهن جن جي الِء دوزخ جي باھ جا دڙڪا ڏنل آهن ۽ ڪي ننڍا
گناه آهن .جن الِء معاف ڪرڻ جا موقعا ۽ اميدون پيدا ڪيل آهن .ڪي نيڪ ڪم اهڙا آهن ،جن جو ٿورو حصو به مقبول
آهي ۽ منجهن گهڻي کان گهڻي وڌائڻ جي به گنجائش رکيل آهي.
حج بيت هللا جي باري ۾ فرمائي ٿو:
مسلمانؤ! هللا تعالٰي پنهنجي گهر جو حق توهان تي فرض ڪيو آهي ،جنهن کي پنهنجي بندن جو قبلو بنايو اٿس،
جتي ماڻهو اهڙي طرح ڇڪجي اچن ٿا ،جهڙي طرح پياسا جانور پاڻي ڏانهن ايندا آهن ،بلڪه اهڙي چاھ سان اوڏانهن
تڪڙا تڪڙا بي خود ٿي اچن ٿا ،جهڙي ريت ڪبوتر پنهنجن آکيرن ڏانهن اچن ٿا.
هللا سبحانہ ڪعبي کي پنهنجي برتري ،بزرگي ۽ شان و شوڪت جي اڳيان عاجزي ،نوڙت ۽ پنهنجي عزت جي
اقرار مڃائڻ الِء نشان بنايو آهي .هن پنهنجي مطلوق مان ٻڌڻ وارا ماڻهون منتخب ڪيا ،جن سندس سڏ تي لبيڪ چيو ۽
سندس ڪالم جي مشابهت ڪيائونُ .اهي پنهنجي عبادت جي تجارت گاه ۾ فائدن کي ڪٺو ڪن ٿا ۽ سندس معافي جي وعده
گاه ڏي وڌن ٿا .هق سبحانہ ان گهر کي اسالم جو نشان ۽ پناھ گهرڻ وارن الِء حرم بنايو آهي .ان جو حج فرض ڪيو آهي ۽
حق جي ادا ڪرڻ کي واجب ڪيو آهي ،۽ ان ڏانهن وڃڻ فرض ڪيو اٿس .جيئن قرآن ۾ فرمايل آهي ته؛ خدا جو واجب
االدا حق ماڻهن تي اهو آهي ته ُاهي خانهِء ڪعبه جو حج ڪڪن ،جن کي ان تائين پهچڻ جي طاقت هجي ۽ جنهن انڪار
ڪيو ته پوِء ڄاڻو ،ته خدا ساري جهان کان بي پرواھ آهي“
خطبه ()2
جنگ صفين کان واپسي اچڻ بعد فرمايائين ته؛
هللا تعالٰي جي حمد و ثنا ڪريان ٿو ،سندس نعمتن جي تڪميل گهرڻُ ،ان جي عزت ۽ جالل جي اڳيان سر
جهڪائڻ ۽ سندس نافرماني ڪرڻ کان حفاظت حاصل ڪرڻ الِء ،هن کان مدد گهران ٿو .هن جي ڪفايت ۽ دستگيري جي
محتاج هئڻ سبب جنهن جي به هو هدايت ڪري ،سو گمراھ نه ٿو ٿئي ،جنهن کي هو دشمن ڪري ،تنهن کي ڪٿي به امان
نه ٿي ملي .جنهن جو هو سنڀاليندڙ هجي ،ڪنهن جو به محتاج نٿو ٿئي .هي ( حمد ۽ امداد جي طلب) ُاها (نعمت) آهي ،جنهن
جو پڙهو وزن ۾ اچڻ واري شيِء کان ڳرو آهي ۽ هو گنج قيمتي کان قيمتي بهتر ۽ برتر آهي ،آٌء شاهدي ڏيان ٿو ،ته هللا
کانسواِء ڪو به معبود نه آهي ،جيڪو يڪتا ۽ الشريڪ آهي .اهڙي شاهدي جنهن جو خلوص پرکيل آهي ۽ جنهن جو
نچوڙ سواِء ڪنهن شڪ شبهي جي دل جو عقيدو بڻجي چڪو آهي .اسين سموري زندگي هن سان ئي وابسته رهنداسين ۽
ان عقيدي کي پيش اچڻ وارن خطرن الِء ذخيرو بنائي رکنداسون .اها ئي شاهدي ايمان جو مضبوط بنياد ۽ صالح عملن جو
پهريون قدم آهي ،جيڪو خدا جي خوشنودي جو ذريعو ۽ شيطان کي دور ڪرڻ جو سبب آهي.
۽ آُء اها به شاهدي ڏيان ٿو ته؛ ”محمد صلي هللا عليہ وآلہ وسلم ان هللا تعالٰي جا عبد ۽ رسول آهن“ ،جن کي،
شهرت يافته دين ،ٻڌايل نشان ،لکيل ڪتاب ،روشن نور( ،معجزات) چمڪندڙ روشني ۽ مضبوط حڪم سان موڪليو ويو،
ته جيئن شڪ شبهات واري نجاست دور ٿئي ۽ واضح طور دليلن (۽ مثالن) سان حجت پوري ڪئي وڃي ،آيتن جي ذريعي
ڊيڄاريو وڃي ،گويا ُانهن عذابن کان پڻ خوفزده ڪيو وڃيُ .ان وقت اها حالت هئي ،جو ماڻهو اهڙن فتنن ۽ فسادن ۾ مبتال
هئا ،جو دين جي رسي شڪسته ،يقين جا ٿنڀا لڏندڙ ،جدا جدا اصول ۽ پريشان حالتون هيون ،نڪرڻ جون راهون تنگ ۽
نظر نٿي آيون.
هدايت گمنام ۽ ضاللت عام هئي ،بي ڏڙڪ هللا جي نافرماني ٿيندي هئي ۽ شيطان جي مدد ڪئي پئي وئي ،ايمان
ني يار و مددگار هو ،جو ُان جا ٿنڀا ڪريل هئا ،جنهن جا نشان به سڃاڻپ ۾ نه ٿي آياُ .ان جا رستا مٽجي چڪا هئا ،بلڪه
شاهراهون برباد ،نيست ۽ نابود ٿيل هيون .هو شيطان جي پيروي ڪريُ ،ان جي رستن تي هلڻ لڳا ۽ ان جي پتڻ تي لهي
پيا ،جنهن جي سببان شيطاني جهنڊا هر طرف کان ڦڙڪڻ لڳا .اهڙن فتنن ۾ کين پنهنجي ُسنبن سان پامال ڪري ۽ پنهنجي
کرن سان چيڀاٽيندو هو ۽ پنهنجن چنبن ڀر مضبوطي سان بيٺو هو ،۽ ُاهي ماڻهوُ ،ان جي وچ ۾ حيران ۽ پريشان ،جاهل ۽
فريب خورده بيٺل هئا( .ڄڻ ته) هڪ اهڙي گهر ۾ بيٺل هئا ،جيڪو پاڻ ته ڏاڍو سهڻو هو ،پر ان ۾ رهڻ وارا بڇڙا هئا ،جتي
ننڊ ۽ آرام جي بجاِء بي آرامي ۽ بي قراري هئي ۽ سرمي جي بجاِء هنن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا .هي سڀڪجھ ُان سرزمين تي
ٿي رهيو هو ،جتي عالم جي زبان تي لغام چڙهيل هو ۽ جاهل با عزت ۽ سرفراز هو.
خطبه ()4
رسول جي آل جا احسان ۽ قريشن جي حالت
اسان (اهلبيت) جي سببان ،توهان (گمراهين) جي اونداهين ۾ هدايت جي روشني حاصل ڪئي .ازانسواِء عظمت و
شان ۽ بلندين جي چوٽين تي قدم رکيو ۽ اسان جي ئي سهاري ،توهان (ظلم ۽ بي ايماني جي) اونداهي راتين مان صبح
(هدايت ۽ امن) جي روشنين ۾ آيئو.
اهي ڪن شل ٻوڙا ٿين ،جيڪي رڙين ڪرڻ واري جي داهنهن کي نٿا ٻڌن .ڀال اهي ڇو منهنجي ڪمزور ۽
جهيڻي آواز کي ٻڌندا ،جيڪي هللا ۽ رسول جي بلند آواز لي ٻڌڻ کان به ٻوڙا رهجي چڪا هجن.
تن دلين کي شل سڪون ۽ قرار نصيب ٿئي ،جن کان خدا جي خوف ۾ ڪنبڻ ۽ ڏڪڻ جدا نه ٿو ٿئي.
آٌء هميشه توهان کان بهانن ۽ بيوفائين جي نتيجن جو منتظر رهيو آهيان ،۽ ڌوڪي کاڌل ماڻهن واري هلت چلت
کان توهان کي به سڃاڻي ڇڏيم .جيتوڻيڪ دين جي نقاب مون کي توهان لڪائي رکيو ،ليڪن منهنجي نيڪ نيتي ۽ سچائي
مونکي توهان جون صورتون ڏيکاري ڇڏيون ،۽ دربدر ٿيڻ وارن رستن تي آٌء توهان الِء صدق ۽ سچائي وارن پيچرن تي
بيٺو هوس ،جتي توهان ملندا جلندا هئا ،مگر ڪو به توهان کي راھ ڏيکارڻ وارو نه هو .توهان کوھ پيا کوٽيندا هئا ،مگر
پاڻي نٿي ڪڍي سگهيا .اڄ مون هن پنهنجي خاموش زبان کي کوليو آهي ،جنهن۾ ڳالهائڻ جي وڏي طاقت آهي .ان شخص
جي راِء کان پري رهو ،جنهن مونسان قطع تعلقات ڪيا ،جڏهن کان مون حق کي (سچ) ڏٺو آهي ،تڏهن کان مون ڪڏهن به
ان ۾ شڪ شبهو ناهي ڪيو .حضرت موسٰؑي پنهنجي جان خاطر ڪڏهن به خوف نه ڪيو ،پر کيس جاهلن جي غلبي ۽
گمراهي جي حڪومت جو ڊپ هو ( .ساڳي طرح منهنجي خاموشي به ائين ئي سمجهو ).اڄ اسين ۽ توهين حق ۽ باطل جي
”ٻه واٽي“ تي بيٺل آهيون ،جنهن کي پاڻي هجڻ بابت تسلي آهي تنهن کي پياس نٿي محسوس ٿئي ،تهڙي طرح منهنجي
موجودگي ۾ توهان وٽ منهنجو قدر نه آهي.
خطبه ()5
جڏهن رسول هللا صلي هللا عليہ وآلٖہ وسلم جن هن دنيا مان رحلت فرمائي تڏهن عباس ۽ ابو سفيان ولد حرب ٻنهي اچي
عرض ڪيو ،ته اسين توهان جي بعيت ڪرڻ چاهيون ٿا جنه تي حضرت اميرالمؤمنين فرمايو ته؛
اي انسانؤ! نجات هي ٻيڙين جي ذريعي ،فتنن ۽ فسادن جي لهرن کي چيري پار ٿي پاڻ ڪڍي وڃو .نفرتن ۽
انتشارن وارين راهن کان پنهنجا رز موڙي ،فخر ۽ وڏائي جا تاج مٿن تان الهي ،زمين تي اڇالئي ڇڏيو .صحيح عمل جي
طريقن اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب اهو آهي ،جيڪو اٿي تي پنهنجي طاقت سان اٿي ،ورنه اقتدار جي ڪرسي ٻين الِء ڇڏي،
ويهي رهي .۽ اهڙي طرح بد امني کان ڪناره ڪشي ڪري جو ،خدا جي خلقت کي رحت ۾ رکي( ،هن وقت خالفت جي
طلب ۾ اٿڻ) اهو هڪ گندو پاڻي ۽ اهڙو گرھ آهي ،جيڪو کائڻ واري جي نڙي ۾ ڦاسي پوندو .جيئن ته ،پڇڻ کان اڳ ميوي
پٽڻ وارو ائين آهي جهڙو پرائي زمين کي پوکڻ وارو .جيڪڏهن ڪڇان ٿو ته ماڻهو چوندا ،ته هي دنوي حڪومت ڏانهن
راغب آهي ،۽ جي ماٺ ٿو ڪريان ،ته چوندا ته موت کان ڊنو آهي.
اقسوس! جو اها ڳالھ هينئر ٿا چئو ،جڏهن آٌء دنيا جا هر طرح جا الها چاڙها ڏسي چڪو آهيان .خدا جو قسم!
ابوطالب جو پٽ موت سان ايترو گهائل آهي مائل آهي جيترو ٿڃ پيئاڪ ٻار به پنهنجي ماٌء جي ٿڻن سان پيار نه ٿو ڪري،
البته هڪ پوشيدہ علم منهنجي سيني جي تهن ۾ اهڙو ته لڪل آهي ،جو جڏهن ان کا ظاهر ٿو ڪريان ،ته پوِء توهان بيقرار
۽ اهڙي ته لوڇ پوڇ ۾ پوندؤ ،جهڙي طرح اونهن ڊگهن کوهن ۾ رسيون ڏڪنديو ۽ ڪنبنديون آهن.
(خطبه )6
جڏهن حضرت امير عليہ السالم کي مشورو ڏنو ويو ،ته پاڻ نه طلحه ۽ زبير جو پيڇو ڪري ۽ نه انهن سان جنگ
ڪرڻ جو ارادو ڪري ،تڏهن پاڻ فرمايائين ته؛
خدا جو قسم آٌء ان جانور نه ٿيندس ،جيڪو لڳاتار ٺڪ ٺڪ ڪرڻ يا (درواز) کڙڪائڻ سان به سمهي رهندو
آهي ،تانجو ان جو طلبگار (شڪاري) اچي مٿس ڪڙڪندو آهي ۽ وجھ ڳولي تاڻ ۾ لڪي ويهڻ وارو ،اوڇتو مٿس حملو
ڪري ،قابو ۾ ڪندو آهي.
ليڪن آٌء ته حق جي طرف وڌڻ وارن ۽ ڪن تي آواز پوڻ سان اطاعت ڪندڙن کي ساڻ ڪري ،انهن گناهن
ڪندڙن ۽ شڪن ۾ پوڻ وارن تي پنهنجي تلوار هالئيندو رهندس ،تانجو منهنجي موت جو ڏينهن اچي وڃي.
خدا جو قسم ،جڏهن کان هللا تعالٰي پنهنجي رسوؐل دنيا مان کڻي ورتو! تڏهن کان ٻين کي مون تي مقدم ڪيو ويو،
بلڪه مونکي پنهنجي حق کان محروم ڪيو ويو آهي.
(خطبه )7
منافقن جي حالت جو منظر
انهن پنهنجي سمورن ڪمن جو عام مختار_شيطان کي بڻائي رکيو آهي ۽ شيطان وري کين پنهنجي ڪم ڪرڻ جو
ذريعو بڻايو آهي.
شيطان انهن جي سينن ۾ آنا الهي ڦوڙيا ،جن مان ٻچا نڪري انهن جي ئي هنجن ۾ اهي ٻچا پيٽ ڀر رڙهي ڪڏي
ٺينگ ٽپا پيا ڏين .هو انهن جي ئي اکين سان ڏسي ٿو ۽ انهن جي ئي زبانن سان ڳالهائي ٿو .هو کين گناهن جي راهن تي
هالئي پيو ۽ بڇڙيون ڳالهيون ٺاهي جوڙي سينگاري ،انهن جي سامهون رکيون اٿس؛ ڄڻ ته هن کين پنهنجي قبضي ۾
شريڪ بڻائي ڇڏيو هجي ۽ انهن جي ئي زبانن سان پنهنجو ڪوڙو ڪالم پيو بڪي.
(خطبه )8
حال جي منشا مطابق-زبير بابت
(جناب امير عليہ السالم زبير جي متعلق هي ڪالم ،ان وقت فرمايو؛ جڏهن حالتون انهي قسم جي تقاضا
ڪرڻ الِء هيون)
هو (زبير) ائين پيو ظاهر ڪري ،ته گويا هن بعيت هٿ سان ڪئي هئي ،مگر دل سان نه ڪئي هئي .بهرصورت،
هن بعيت جو ته اقرار ڪيو ،ليڪن هن جي ان دعوٰي سان سندس دل ۾ کوٽ هو .هاڻي هن کي گهرجي ،ته مذڪوره دعوٰي
الِء ڪو واضح دليل پيش ڪري ،ورنه جنهن بعيت کان ڦريو آهي ،تنهن ۾ واپس اچي.
(خطبه )9
جمل وارا اصحاب ۽ دشمنن جون ڌمڪيون
هو (ماڻهو) کنوڻ وانگر گجگوڙ ڪري چمڪيا ،مگر انهن ٻنهي ڳالهين جي باوجود به بزدلي ڏيکاريائون ۽ اسين
جيسين دشمن تي حملو نه ٿا ڪريون ،تيسين ُهل هنگامو نٿا ڪريون ،۽ جيستائين (عملي طور تي) گهٽ وڌ نٿا ڳالهايون ،
(تيسين) لفظن جو سيالب نٿا وهايون.
(خطبه )10
معاوي ۽ ان جي لشڪر جي حالت
شيطان پنهنجي گروھ کي گڏ ڪيو آهي ۽ پنهنجي سوارن ۽ پيادن کي به تيار ڪيو اٿس .يقينًا مون سان دانائي ۽
عقلمندي شامل آهن .نه مون ڪڏهن (ڄاڻي ٻجهي) خود پاڻ کي ڌوڪو ڏنو آهي ۽ نه ڪڏهن واقعي ڪو مون کي ڌوڪو ٿيو
آهي.
خدا جو قسم ،آٌء انهن الِء هڪ اهڙو حوض ڪنارن تان اٿلندڙ ڇلڪائيندس ،جنهن جو پاڻي ڪڍڻ وارو آٌء ئي
آهيان .انهن هميشہ الِء نڪرڻ يا (نڪري) وري واپس اچڻ جو ڪو به امڪان ئي نه رهندو.
(خطبه )11
جڏهن جمل واري جنگ ۾ جناب امير عليہ السالم پنهنجي فرزند محمد حنفيه کي علم عطا ڪيو تڏهن
کيس مخاطب ٿي جنگ جي فضيلتن جي تعليم ڏئي فرمايائين؛
جبل ڀلي پنهنجي جاِء ڇڏي ڏين ،پر تون پنهنجي جڳھ تان نه هٽجان ،تنهنجا ڏند ڀيچل هجن .پنهنجو ڪاسئه سر
عاريتًا ،هللا جي حوالي ڪجئين ،پنهنجا پير زمين ۾ کوڙي بيهجان ،لشڪر جي آخري صفن تي پنهنجي نظر رکجان ۽
(دشمن جي گهڻائي ۽ طاقت کان) اکين کي بند ڪجئين ۽ يقين ڪجئين ته مدد هللا جي ئي طرف کان ٿئي ٿي.
(خطبه )12
جڏهن هللا تعالٰي ،جناب امير عليہ السالم کي جمل واري جنگ ۾ دشمن تي غلبو عطا فرمايو ،تڏهن ان
موقعي تي سندس صحابي کيس عرض ڪيو ته آقا هتي جيڪر منهنجو فالڻو ڀاُء به هجي ها ،ته اهو به
ڏسي ها ،ته هللا تعالٰي توهان کي ڪيڏي نه دشمنن تي فتح ۽ ڪامراني عطا فرمائي آهي ،تڏهن حضرت
فرمايو ته؛
ڇا تنهنجو ڀاُء اسان کي دوست سمجهي ٿو؟ هن چيو ته هائو!
تڏهن وري پاڻ فرمايائين ته هو ،اسان وٽ موجود هو! بلڪه اسان جي هن لشڪر ۾ اهي به شخص موجود هئا
جيڪي اڃان مردن جي پشتن ۾ ۽ عورتن جي پيٽن ۾ آهن .عنقريب زمانو انهن کي ظاهر ڪندو ،انهن کان ايمان کي سهارو
۽ تسلي پهچندي.