Professional Documents
Culture Documents
اجمل ساوند جو قتل، قبائلي سوچ، ذات پرستي ۽ قوم پرستي
اجمل ساوند جو قتل، قبائلي سوچ، ذات پرستي ۽ قوم پرستي
ڪجھ عرصو اڳ جيڪب آباد جي ڪچي واري عالئقي ۾ سکر آئي بي اي جي پروفيسر اجمل ساوند
جي قبائلي بدلي طور بيدردي سان قتل سنڌ ۾ سوين سالن کان موجود قبائليت ،جاگيرداري نظام ،سرداري
نظام ۽ ذات پرستي جي موضوع تي اخبارن ۾ ،اوطاقي ڪچھرين ۾ ،سماجي رابطي وارين ويبسائٽس
جھڙوڪ فيسبڪ ۽ ٽوئٽر تي وڏو علمي بحث ڇيڙي ڇڏيو آھي .پروفيسر اجمل ساوند جي قتل کي سنڌ
جي شعور جو قتل سڏيو ويو ۽ سنڌ اندر موجود قبائلي نظام ،جاگيرداري نظام ،وڏيراشاھي ۽ سرداري
نظام کي انھي قتل جو ذميوار قرار ڏنوويو .انھي ڳالھ ۾ ڪوشڪ نـ آھي تـ ھن ايڪويھين صدي ۾ بـ
سنڌ اندر ڪافي عالئقن ۾ اڄ بـ فرسودھ ۽ بدبودار قبائلي ۽ سرداري نظام رائج آھي جنھن ۾ صرف ذات
جي بنياد تي اجمل ساوند جھڙا بيگناھ قتل ڪيا وڃن ٿا جن جو ھلندڙ قبائلي تڪرارن سان پري پري جو
.بـ واسطو نـ ھوندو آھي
قبائلي ذات پرستي واري نظام جون پاڙون سنڌ جي سياسي ،سماجي ،معاشي ۽ ثقافتي جوڙجڪ ۾
ايتريون گھريون آھن جو اسان وٽ اڄ بـ ذات سڃاڻپ جو وڏي ۾ وڏو اھڃاڻ بڻيل آھي .مسئلو ايتروسادو
نـ آھي جيئن ڪجھ دوست پيش ڪن پيا .آُء وڏيرن ،جاگيردارن ،سردارن ۽ چڱ مڙسن جي حڪومتي ۽
رياستي سرپرستي کي ھن مسئلي جو ھڪ اھم سبب ضرور سمجھان ٿو پر منھنجي حساب سان ھن
مسئلي کي سماجي ،سياسي ۽ ثقافتي رخن سان ڏسڻ بنا مسئلي جو صحيح معني ۾ تدارڪ ممڪن نـ
آھي .موجودھ عدالتي نظام ،سنڌ پوليس ،رياست پاڪستان ،سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي تي ھن سلسلي ۾
تنقيد بلڪل جائز ۽ برحق آھي .پر قبائليت جي مسئلي کي وڌيڪ گھرائي سان تاريخ جي تناظر ۾ ڏسڻ
.جي ضرورت آھي
قبائلي نظام جو بنياد قبائلي سوچ آھي جيڪا انسانن کي پنھنجن ۽ پراون ۾ ورھائي ٿي ۽ ھر قدم تي
پنھجن ماڻھن کي حقون ناحقون ٻين تي فوقيت ڏيڻ تي آمادھ ڪري ٿي .ڏسجي تـ اسانجي معاشري ۾
اھڙي سوچ ھر سطح تي موجود آھي .اسان وٽ فيصال ميرٽ ۽ انصاف جي اصولن تحت نـ بلڪـ انھي
حساب سان ٿيندا آھن تـ ڪير اسانجو پنھنجو آھي ۽ ڪير پرائو .ڪيرڪيترو ويجھوآھي انھي بنياد تي
.ئي ھن کي ٻين تي فوقيت ملندي آھي
بي شڪ اھِڙ ي قبائلي سوچ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ۽ ڪنھن حد تائين دنيا ڀر ۾ ملي ٿي پر جنھن
نموني سان انھي قبائلي سوچ جو اظھار ھر سطح تي سنڌ ۾ ملي ٿواھو پنھنجو مٽ پاڻ آھي .سنڌ ۾ جيئن
ذات ھرعام و خاص ماڻھو جي نانُء سان ڳنڍيل ھجي ٿي ائين ٻيو ڪٿي ڪونھي .ننڍن ننڍن ڪمن کان
ويندي وڏن وڏن ڪمن الِء مٽي مائٽي ۽ تعلق جي بنياد تي جيڪو سلسلو سنڌ ۾ ھلي ٿو ٻئي ڪنھن بـ
صوبي ۾ ائين نـ آھي .سنڌ ۾ جيئن ذات جي بنياد تي ڪليري ۽ اڄڻ ،جاگيراڻي ۽ جتوئي يا سندراڻي ۽
ساوند تڪرار ۾ ھڪٻئي جي ڳوٺن تي حملـ ٿين ٿا ۽ بيگناھ ماڻھو ماريا وڃن ٿا ائين ڪنھن ٻئي صوبي ۾
نـ ٿو ٿئي .سو اسان کي سمجھڻو پوندوتـ سنڌ ۾ آخر ڇو ائين ھر سطح تي قبائلي سوچ وڏي طاقت سان
.موجود نظر اچي ٿي
تاريخي طور تي دنيا ڀر۾ قوم پرستي اھو جذبو رھيوآھي جنھن ذات پرستي ۽ قبائليت جي جذبي کي
جنھن کي انگريزي ۾ ٽرائبلزم ڪوٺيو وڃي ٿوتنھن کي ماٺي ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيوآھي .ڇو تـ
قوم پرستي انسانن ۾ ذات پرستي کان مٿي ٿي ڪري قوم ۽ وطن الِء سوچڻ ۽ جان تائين قربان ڪرڻ جو
جذبوجاڳائي ٿي .ماڻھو ذات جي بنياد تي سوچڻ بجاِء قوم الِء سوچين ٿا ۽ ائين ذات پرستي جي جڳھ قوم
پرستي واالري ٿي .قوم پرستي کان عالوھ مذھب ھڪ ٻئي طاقت آھي جيڪا ماڻھن ۾ ذات کان اوچو ٿي
ڪري مذھب جي بنياد تي مذھبي ڀائيچاري ۽ مساوات جا جذبا جاڳائي ٿي .سيڪيولرزم ،جمھوريت ۽
انساني حقن جي تحريڪن وري مذھب ۽ قوميت کان بـ مٿاھون ٿي ڪري انساني برابري جي بنياد تي
معاشري کي قائم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي .ائين آھستـ آھستـ دنيا ڀر ۾ قبائليت جو اثر گهٽيو ۽ انساني
.برابري ۽ مساوات جي جذبي پبھنجي جڳھ ٺاھي
سنڌ ۾ بـ اھي سڀ نظريا مختلف وقتن ۾ آيا قبائلي سوچ سان ڪٿي وڙھيا بـ پر قبائلي سوچ کي سڌو چيلنج
ڪرڻ بجاِء اڪثر قبائليت جو اثر قبول ڪيو جنھن جي ڪري قبائليت اڄ بـ سنڌ ۾ مظبوط آھي.
جھڙوڪ 1970ع جي چونڊن ۾ سنڌ جي عوام قبائلي وڏيرن ،پيرن ۽ ميرن کي رد ڪري پيپلزپارٽي
کي ووٽ ڏنو پر 1977ع جي چونڊن کان پوِء وڏيرا پيپلزپارٽي جي رستي ئي واپس اچي ويا .اھڙي
طرح جمھوريت قبائليت کي ڪو خاص نقصان نـ ڏئي سگهي .نتيجو اھوآھي جو اڄ جمھوريت ۾ بـ
قبائليت جو عنصرتمام گهڻونمايان آھي .چونڊن ۾ پارٽيون ٽڪيٽ سياستدانن جي ڪارڪردگي جي بنياد
تي نـ بلڪـ خانداني اثر رسوخ جي بنياد تي ڏين ٿيون ۽ اڄ بـ تمام گهڻين سيٽن تي عوامي ووٽ بـ پارٽي
.کان وڌيڪ خانداني ووٽ ھجي ٿو
سنڌ ۾ قومپرستي جونظريو 1960ع جي ڏھاڪي کان وٺي ھڪ تمام طاقتور نظريي طور موجود
رھيوآھي .جيتوڻيڪ قومپرست پارٽيون تاريخي طور تي چونڊن ۾ سنڌ اندر ڪا خاص ڪاميابي حاصل
ڪري نـ سگھيون آھن پر سنڌ جي فڪري ۽ سماجي جوڙجڪ ۾ قومپرستي ھڪ تمام طاقتور نظريي
طور موجود رھيو آھي .پوِء سوال اھو آھي تـ آخر قوم پرستي جي ايتري طاقتور ھجڻ باوجود قبائليت
.ڇو ڪمزور نـ ٿي سگهي آھي
دنيا ۾ قوم پرستي جي نظريي جي تاريخ اھو ٻڌائي ٿي تـ جتي جتي قوم پرستي جي بنياد نسلي يعني
انگريزي ۾ ايٿنڪ بنيادن تي پيل آھي مثال طور تي اوڀر يورپ جي ملڪن جھڙوڪ پولينڊ ،سربيا
وغيرھ اتي قبائلي سوچ اڄ بـ ڪنھن نـ ڪنھن شڪل ۾ تمام طاقتور طريقي سان موجود آھي ۽ جتي جتي
قوم پرستي جمھوريت ،سيڪيولرزم ۽ انساني برابري جھڙن اصولن مطابق شھريت يعني انگريزي ۾
سوڪ اصولن جي بنياد تي رکيل آھي مثال طور تي اولھ يورپ جا ملڪ جھڙوڪ فرانس ،اٽلي ۽
برطانيـ وغيرھ اتي قبائلي سوچ ڪافي حد تائين ختم ٿي چڪي آھي .ڇو تـ نسلي بنيادن تي وجود رکندڙ
قوم پرستي پنھنجي خمير ۾ قبائلي سوچ واري ھجي ٿي ڇاڪاڻ تـ اھڙي قوم پرستي نسل جي بنياد تي
.پنھجي ۽ ڌاريي جو فيصلو ڪري ٿي نـ ڪي شھريت جي بنياد تي
منھنجي نظر ۾ سنڌ جوبـ ساڳيو مسئلو آھي ھتي اسانجي قوم پرستي جي بنياد بـ گهڻي حد تائين نسلي
بنيادن تي رکيل آھي جنھن ۾ سنڌي قوم جو حصو بڻجڻ الِء سن آف سوائل ھجڻ الزمي سمجهيووڃي ٿو.
امريڪا ،يورپ وغيرھ ۾ رھندڙ ھندو سنڌي جنھن سنڌ جي شھريت ھميشـ الِء ترڪ ڪري ڇڏي آھي
ان کي تـ سنڌي قوم جو حصوسمجهيو وڃي ٿو پرڪيترن پيڙھين کان سنڌ جي مستقل شھري طوررھندڙ
پنجابين ،مھاجرن ۽ بلوچن کي سنڌي قوم جو حصو نـ ٿو سمجهيو وڃي .جيترو اسانجي قوم پرستي نسلي
کان شھريت طرف مائل ٿيندي اوترو ئي قبائلي سوچ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي .ڇو تـ جيستائين قوم
پرستي نسلي بنيادن تي قائم رھندي تيستائين اھا ذات پات جي مسئلن ۾ جڪڙيل رھندي ۽ قبائلي سوچ کي
.ختم ڪرڻ بدران انھي کي ويترمظبوط ڪرڻ جوسبب بڻبي
ڪينيڊا جي پروفيسر انا ٽراِء انڊافليڊوجديد قومپرستي کي ٻن قسمن ۾ ورھائي ٿي .ھڪ پليورل نيشنليزم
يعني جامع قوم پرستي جيڪا قومن جي گهڻائي تنوع جنھن کي انگريزي ۾ ڊائورسٽي ڪوٺجي ٿو کي پاڻ
اندر سموھڻ جي صالحيت رکي ٿي .ٻيوقسم نيوٽرائبل نيشنلزم يعني نئين قبائلي قومپرستي آھي جنھن ۾
تنوع يعني ڊائورسٽي کي مڪمل رد ڪيو وڃي ٿو۽ قوم جو جامد تصور پيش ڪيو وڃي ٿو .ھي قوم
پرستي نئين آبادڪاري کي مڪمل رد ڪري ٿي ۽ ان خالف منظم محاذ جوڙي نفرت جو ڪاروبار
.ڪري ٿي
افسوس سان چوڻو پوي ٿو تـ پوين ڪجھ ڏھاڪن ۾ سنڌ اندر اھا نئين قبائلي قوم پرستي وڌيڪ مظبوط
ٿي آھي .سنڌ ۾ قبائليت جو خاتمو تڏھن ئي ممڪن ٿيندو جڏھن سنڌ نسلي ۽ نئين قبائلي قوم پرستي جي
سوچ کان اڳتي وڌندي ۽ جامع شھريت جي بنياد تي قوم پرستي ڏانھن وک وڌائيندي .سنڌ جو آجپو ۽
پائدار امن بـ سڀني شھرين وچ ۾ مساوات ۽ ڀائيچاري سان ئي ٻڌل آھي جيڪو صرف جامع شھريت جي
.بنياد تي قوم پرستي ۾ ئي ممڪن آھي
منھنجي ناقص راِء ۾ جي اسان واقعي سنڌ اندر قبائليت جي خاتمي الِء سنجيدھ آھيون تـ اسان کي ھر
سطح تي قبائلي سوچ کي نندڻ گهرجي .ائين نـ ٿو ٿي سگھي تـ سنڌ ۾ قبائلي سوچ تـ جيئن جوتيئن موجود
رھي بس قبائليت ختم ٿي وڃي ۽ وڏيرن ،پيرن ۽ ميرن جو بـ اثر رسوخ مٽجي وڃي .اھڙي خواھش تـ
.رکي سگھجي ٿي پراھا ڪڏھن بـ پوري ڪونـ ٿيندي ڇاڪاڻ تـ قبائليت جي بقا ئي قبائلي سوچ ۾ آھي