Download as docx, pdf, or txt
Download as docx, pdf, or txt
You are on page 1of 3

‫اجمل ساوند جو قتل‪ ،‬قبائلي سوچ‪ ،‬ذات پرستي ۽ قوم پرستي‬

‫سعيد احمد رڏ‬


‫اسسٽنٽ پروفيسرقائداعظم يونيورسٽي اسالم آباد‬

‫ڪجھ عرصو اڳ جيڪب آباد جي ڪچي واري عالئقي ۾ سکر آئي بي اي جي پروفيسر اجمل ساوند‬
‫جي قبائلي بدلي طور بيدردي سان قتل سنڌ ۾ سوين سالن کان موجود قبائليت‪ ،‬جاگيرداري نظام‪ ،‬سرداري‬
‫نظام ۽ ذات پرستي جي موضوع تي اخبارن ۾‪ ،‬اوطاقي ڪچھرين ۾‪ ،‬سماجي رابطي وارين ويبسائٽس‬
‫جھڙوڪ فيسبڪ ۽ ٽوئٽر تي وڏو علمي بحث ڇيڙي ڇڏيو آھي‪ .‬پروفيسر اجمل ساوند جي قتل کي سنڌ‬
‫جي شعور جو قتل سڏيو ويو ۽ سنڌ اندر موجود قبائلي نظام‪ ،‬جاگيرداري نظام‪ ،‬وڏيراشاھي ۽ سرداري‬
‫نظام کي انھي قتل جو ذميوار قرار ڏنوويو‪ .‬انھي ڳالھ ۾ ڪوشڪ نـ آھي تـ ھن ايڪويھين صدي ۾ بـ‬
‫سنڌ اندر ڪافي عالئقن ۾ اڄ بـ فرسودھ ۽ بدبودار قبائلي ۽ سرداري نظام رائج آھي جنھن ۾ صرف ذات‬
‫جي بنياد تي اجمل ساوند جھڙا بيگناھ قتل ڪيا وڃن ٿا جن جو ھلندڙ قبائلي تڪرارن سان پري پري جو‬
‫‪.‬بـ واسطو نـ ھوندو آھي‬
‫قبائلي ذات پرستي واري نظام جون پاڙون سنڌ جي سياسي‪ ،‬سماجي‪ ،‬معاشي ۽ ثقافتي جوڙجڪ ۾‬
‫ايتريون گھريون آھن جو اسان وٽ اڄ بـ ذات سڃاڻپ جو وڏي ۾ وڏو اھڃاڻ بڻيل آھي‪ .‬مسئلو ايتروسادو‬
‫نـ آھي جيئن ڪجھ دوست پيش ڪن پيا‪ .‬آُء وڏيرن‪ ،‬جاگيردارن‪ ،‬سردارن ۽ چڱ مڙسن جي حڪومتي ۽‬
‫رياستي سرپرستي کي ھن مسئلي جو ھڪ اھم سبب ضرور سمجھان ٿو پر منھنجي حساب سان ھن‬
‫مسئلي کي سماجي‪ ،‬سياسي ۽ ثقافتي رخن سان ڏسڻ بنا مسئلي جو صحيح معني ۾ تدارڪ ممڪن نـ‬
‫آھي‪ .‬موجودھ عدالتي نظام‪ ،‬سنڌ پوليس‪ ،‬رياست پاڪستان‪ ،‬سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي تي ھن سلسلي ۾‬
‫تنقيد بلڪل جائز ۽ برحق آھي‪ .‬پر قبائليت جي مسئلي کي وڌيڪ گھرائي سان تاريخ جي تناظر ۾ ڏسڻ‬
‫‪.‬جي ضرورت آھي‬
‫قبائلي نظام جو بنياد قبائلي سوچ آھي جيڪا انسانن کي پنھنجن ۽ پراون ۾ ورھائي ٿي ۽ ھر قدم تي‬
‫پنھجن ماڻھن کي حقون ناحقون ٻين تي فوقيت ڏيڻ تي آمادھ ڪري ٿي‪ .‬ڏسجي تـ اسانجي معاشري ۾‬
‫اھڙي سوچ ھر سطح تي موجود آھي‪ .‬اسان وٽ فيصال ميرٽ ۽ انصاف جي اصولن تحت نـ بلڪـ انھي‬
‫حساب سان ٿيندا آھن تـ ڪير اسانجو پنھنجو آھي ۽ ڪير پرائو‪ .‬ڪيرڪيترو ويجھوآھي انھي بنياد تي‬
‫‪.‬ئي ھن کي ٻين تي فوقيت ملندي آھي‬
‫بي شڪ اھِڙ ي قبائلي سوچ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ۽ ڪنھن حد تائين دنيا ڀر ۾ ملي ٿي پر جنھن‬
‫نموني سان انھي قبائلي سوچ جو اظھار ھر سطح تي سنڌ ۾ ملي ٿواھو پنھنجو مٽ پاڻ آھي‪ .‬سنڌ ۾ جيئن‬
‫ذات ھرعام و خاص ماڻھو جي نانُء سان ڳنڍيل ھجي ٿي ائين ٻيو ڪٿي ڪونھي‪ .‬ننڍن ننڍن ڪمن کان‬
‫ويندي وڏن وڏن ڪمن الِء مٽي مائٽي ۽ تعلق جي بنياد تي جيڪو سلسلو سنڌ ۾ ھلي ٿو ٻئي ڪنھن بـ‬
‫صوبي ۾ ائين نـ آھي‪ .‬سنڌ ۾ جيئن ذات جي بنياد تي ڪليري ۽ اڄڻ‪ ،‬جاگيراڻي ۽ جتوئي يا سندراڻي ۽‬
‫ساوند تڪرار ۾ ھڪٻئي جي ڳوٺن تي حملـ ٿين ٿا ۽ بيگناھ ماڻھو ماريا وڃن ٿا ائين ڪنھن ٻئي صوبي ۾‬
‫نـ ٿو ٿئي‪ .‬سو اسان کي سمجھڻو پوندوتـ سنڌ ۾ آخر ڇو ائين ھر سطح تي قبائلي سوچ وڏي طاقت سان‬
‫‪.‬موجود نظر اچي ٿي‬
‫تاريخي طور تي دنيا ڀر۾ قوم پرستي اھو جذبو رھيوآھي جنھن ذات پرستي ۽ قبائليت جي جذبي کي‬
‫جنھن کي انگريزي ۾ ٽرائبلزم ڪوٺيو وڃي ٿوتنھن کي ماٺي ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيوآھي‪ .‬ڇو تـ‬
‫قوم پرستي انسانن ۾ ذات پرستي کان مٿي ٿي ڪري قوم ۽ وطن الِء سوچڻ ۽ جان تائين قربان ڪرڻ جو‬
‫جذبوجاڳائي ٿي‪ .‬ماڻھو ذات جي بنياد تي سوچڻ بجاِء قوم الِء سوچين ٿا ۽ ائين ذات پرستي جي جڳھ قوم‬
‫پرستي واالري ٿي‪ .‬قوم پرستي کان عالوھ مذھب ھڪ ٻئي طاقت آھي جيڪا ماڻھن ۾ ذات کان اوچو ٿي‬
‫ڪري مذھب جي بنياد تي مذھبي ڀائيچاري ۽ مساوات جا جذبا جاڳائي ٿي‪ .‬سيڪيولرزم‪ ،‬جمھوريت ۽‬
‫انساني حقن جي تحريڪن وري مذھب ۽ قوميت کان بـ مٿاھون ٿي ڪري انساني برابري جي بنياد تي‬
‫معاشري کي قائم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي‪ .‬ائين آھستـ آھستـ دنيا ڀر ۾ قبائليت جو اثر گهٽيو ۽ انساني‬
‫‪.‬برابري ۽ مساوات جي جذبي پبھنجي جڳھ ٺاھي‬
‫سنڌ ۾ بـ اھي سڀ نظريا مختلف وقتن ۾ آيا قبائلي سوچ سان ڪٿي وڙھيا بـ پر قبائلي سوچ کي سڌو چيلنج‬
‫ڪرڻ بجاِء اڪثر قبائليت جو اثر قبول ڪيو جنھن جي ڪري قبائليت اڄ بـ سنڌ ۾ مظبوط آھي‪.‬‬
‫جھڙوڪ ‪1970‬ع جي چونڊن ۾ سنڌ جي عوام قبائلي وڏيرن‪ ،‬پيرن ۽ ميرن کي رد ڪري پيپلزپارٽي‬
‫کي ووٽ ڏنو پر ‪1977‬ع جي چونڊن کان پوِء وڏيرا پيپلزپارٽي جي رستي ئي واپس اچي ويا‪ .‬اھڙي‬
‫طرح جمھوريت قبائليت کي ڪو خاص نقصان نـ ڏئي سگهي‪ .‬نتيجو اھوآھي جو اڄ جمھوريت ۾ بـ‬
‫قبائليت جو عنصرتمام گهڻونمايان آھي‪ .‬چونڊن ۾ پارٽيون ٽڪيٽ سياستدانن جي ڪارڪردگي جي بنياد‬
‫تي نـ بلڪـ خانداني اثر رسوخ جي بنياد تي ڏين ٿيون ۽ اڄ بـ تمام گهڻين سيٽن تي عوامي ووٽ بـ پارٽي‬
‫‪.‬کان وڌيڪ خانداني ووٽ ھجي ٿو‬
‫سنڌ ۾ قومپرستي جونظريو ‪1960‬ع جي ڏھاڪي کان وٺي ھڪ تمام طاقتور نظريي طور موجود‬
‫رھيوآھي‪ .‬جيتوڻيڪ قومپرست پارٽيون تاريخي طور تي چونڊن ۾ سنڌ اندر ڪا خاص ڪاميابي حاصل‬
‫ڪري نـ سگھيون آھن پر سنڌ جي فڪري ۽ سماجي جوڙجڪ ۾ قومپرستي ھڪ تمام طاقتور نظريي‬
‫طور موجود رھيو آھي‪ .‬پوِء سوال اھو آھي تـ آخر قوم پرستي جي ايتري طاقتور ھجڻ باوجود قبائليت‬
‫‪.‬ڇو ڪمزور نـ ٿي سگهي آھي‬
‫دنيا ۾ قوم پرستي جي نظريي جي تاريخ اھو ٻڌائي ٿي تـ جتي جتي قوم پرستي جي بنياد نسلي يعني‬
‫انگريزي ۾ ايٿنڪ بنيادن تي پيل آھي مثال طور تي اوڀر يورپ جي ملڪن جھڙوڪ پولينڊ‪ ،‬سربيا‬
‫وغيرھ اتي قبائلي سوچ اڄ بـ ڪنھن نـ ڪنھن شڪل ۾ تمام طاقتور طريقي سان موجود آھي ۽ جتي جتي‬
‫قوم پرستي جمھوريت‪ ،‬سيڪيولرزم ۽ انساني برابري جھڙن اصولن مطابق شھريت يعني انگريزي ۾‬
‫سوڪ اصولن جي بنياد تي رکيل آھي مثال طور تي اولھ يورپ جا ملڪ جھڙوڪ فرانس‪ ،‬اٽلي ۽‬
‫برطانيـ وغيرھ اتي قبائلي سوچ ڪافي حد تائين ختم ٿي چڪي آھي‪ .‬ڇو تـ نسلي بنيادن تي وجود رکندڙ‬
‫قوم پرستي پنھنجي خمير ۾ قبائلي سوچ واري ھجي ٿي ڇاڪاڻ تـ اھڙي قوم پرستي نسل جي بنياد تي‬
‫‪.‬پنھجي ۽ ڌاريي جو فيصلو ڪري ٿي نـ ڪي شھريت جي بنياد تي‬
‫منھنجي نظر ۾ سنڌ جوبـ ساڳيو مسئلو آھي ھتي اسانجي قوم پرستي جي بنياد بـ گهڻي حد تائين نسلي‬
‫بنيادن تي رکيل آھي جنھن ۾ سنڌي قوم جو حصو بڻجڻ الِء سن آف سوائل ھجڻ الزمي سمجهيووڃي ٿو‪.‬‬
‫امريڪا ‪ ،‬يورپ وغيرھ ۾ رھندڙ ھندو سنڌي جنھن سنڌ جي شھريت ھميشـ الِء ترڪ ڪري ڇڏي آھي‬
‫ان کي تـ سنڌي قوم جو حصوسمجهيو وڃي ٿو پرڪيترن پيڙھين کان سنڌ جي مستقل شھري طوررھندڙ‬
‫پنجابين‪ ،‬مھاجرن ۽ بلوچن کي سنڌي قوم جو حصو نـ ٿو سمجهيو وڃي‪ .‬جيترو اسانجي قوم پرستي نسلي‬
‫کان شھريت طرف مائل ٿيندي اوترو ئي قبائلي سوچ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي‪ .‬ڇو تـ جيستائين قوم‬
‫پرستي نسلي بنيادن تي قائم رھندي تيستائين اھا ذات پات جي مسئلن ۾ جڪڙيل رھندي ۽ قبائلي سوچ کي‬
‫‪.‬ختم ڪرڻ بدران انھي کي ويترمظبوط ڪرڻ جوسبب بڻبي‬
‫ڪينيڊا جي پروفيسر انا ٽراِء انڊافليڊوجديد قومپرستي کي ٻن قسمن ۾ ورھائي ٿي‪ .‬ھڪ پليورل نيشنليزم‬
‫يعني جامع قوم پرستي جيڪا قومن جي گهڻائي تنوع جنھن کي انگريزي ۾ ڊائورسٽي ڪوٺجي ٿو کي پاڻ‬
‫اندر سموھڻ جي صالحيت رکي ٿي‪ .‬ٻيوقسم نيوٽرائبل نيشنلزم يعني نئين قبائلي قومپرستي آھي جنھن ۾‬
‫تنوع يعني ڊائورسٽي کي مڪمل رد ڪيو وڃي ٿو۽ قوم جو جامد تصور پيش ڪيو وڃي ٿو‪ .‬ھي قوم‬
‫پرستي نئين آبادڪاري کي مڪمل رد ڪري ٿي ۽ ان خالف منظم محاذ جوڙي نفرت جو ڪاروبار‬
‫‪.‬ڪري ٿي‬
‫افسوس سان چوڻو پوي ٿو تـ پوين ڪجھ ڏھاڪن ۾ سنڌ اندر اھا نئين قبائلي قوم پرستي وڌيڪ مظبوط‬
‫ٿي آھي‪ .‬سنڌ ۾ قبائليت جو خاتمو تڏھن ئي ممڪن ٿيندو جڏھن سنڌ نسلي ۽ نئين قبائلي قوم پرستي جي‬
‫سوچ کان اڳتي وڌندي ۽ جامع شھريت جي بنياد تي قوم پرستي ڏانھن وک وڌائيندي‪ .‬سنڌ جو آجپو ۽‬
‫پائدار امن بـ سڀني شھرين وچ ۾ مساوات ۽ ڀائيچاري سان ئي ٻڌل آھي جيڪو صرف جامع شھريت جي‬
‫‪.‬بنياد تي قوم پرستي ۾ ئي ممڪن آھي‬
‫منھنجي ناقص راِء ۾ جي اسان واقعي سنڌ اندر قبائليت جي خاتمي الِء سنجيدھ آھيون تـ اسان کي ھر‬
‫سطح تي قبائلي سوچ کي نندڻ گهرجي‪ .‬ائين نـ ٿو ٿي سگھي تـ سنڌ ۾ قبائلي سوچ تـ جيئن جوتيئن موجود‬
‫رھي بس قبائليت ختم ٿي وڃي ۽ وڏيرن‪ ،‬پيرن ۽ ميرن جو بـ اثر رسوخ مٽجي وڃي‪ .‬اھڙي خواھش تـ‬
‫‪.‬رکي سگھجي ٿي پراھا ڪڏھن بـ پوري ڪونـ ٿيندي ڇاڪاڻ تـ قبائليت جي بقا ئي قبائلي سوچ ۾ آھي‬

You might also like