Download as docx, pdf, or txt
Download as docx, pdf, or txt
You are on page 1of 28

‫‪1‬‬

‫اڪبر ۽ رستم‬

‫‪.‬يار اڄ ايڏو مايوس ڇو ٿو لڳين؟ رستم اڪبر کي چيو‬


‫مايوسي واري انداز ۾ اڪبر وراڻيو ” يار اڄ منهنجي هڪ قيمتي شيِء حفيض‬
‫کڻي ويو آهي‪ .‬وٺڻ جي ڪوشش ڪئي مانس پر مون کي ئي مارڻ لڳو! پوِء‬
‫پنهنجي گهر هليو ويو‪ .‬مان به لڪي ڇپي پويان وڃڻ لڳومانس پوِء ڏٺم ته هن اها‬
‫شيِء پنهنجي گهر جي ڪٻٽ ۾ رکي آهي ۽ ان ڪٻٽ کي به تالو ڏنو ڇڏيو اٿئي!‬
‫“‪.‬دوست ڀال تون منهنجي مدد ڪر‬
‫رستم چيو ” يار مان تنهنجي مدد ضرور ڪندس ۽ حفيص جي ايڏي همت جو هن‬
‫تنهنجي شيِء کئين آهي‪ “ .‬سوالي واري انداز م رستم اڪبر کي چيو ته ” اڪبر ڀال‬
‫“ اها قيمتي شيِء ڪهڙي آهي؟ هيرو آهي يا سون؟‬
‫اڪبر چيو ” نه رستم نه پڇه اها شيِء سون هيري کان به قيمتي آهي‪ .‬تون پاڻ ئي‬
‫وڃي ان ڪٻٽ ۾ اها قيمتي شيِء ڏسجانِء ‪ “ .‬اهو ٻڌي رستم چيو ٺيڪ آهي ۽ هليو‬
‫‪.‬ويو‬
‫هلندي هلندي رستي ۾ رستم سوچڻ لڳو ته ضرور ان ڪٻٽ ۾ سون يا هيرو هوندو‪.‬‬
‫حفيض جي گهر پهچڻ کان پوِء رستم گهر اندر نهارڻ لڳو‪ .‬نهارڻ کان پوِء رستم‬
‫گهڻو خوش ٿيو ڇو ته گهر اندر ڪير نه هيو سوِء حفيض جي ڏاڏي جي جيڪا‬
‫سمهي پئي هئي‪ .‬پوِء رستم گهر جي اندر داخل ٿيو ۽ ڪٻٽ جي تالي کي کولڻ لڳو‬
‫پر نه کليس‪ .‬پوِء رستم هيڏي هوڏي ڏسي تالي جي چاٻي کي جاچڻ لڳو پر غلطي‬
‫سان گالس کي هٿ لڳس ۽ گالس ڪري پيو‪ .‬ان سبب رستم ڀڄڻ لڳو ۽ پير ڪيلي‬
‫جي کل ڪري پير ترڪي پيس ۽ زمين تي وڃي فهڪو ڪيائين ‪.‬‬
‫هللا ڙي هللا چئي‬
‫رستم اٿيو ۽ گهر جي ٻاهر هليو ويو‪ .‬رستم جي خوش نصيبي هئي ڇو جو حفيض‬
‫جي ڏاڏي اڃان تائين ننڊ ۾ هئي‪ .‬گهر کان ٻاهر وڃي وڻ هيٺان ويهي رستم سوچڻ‬
‫لڳو ته ڇا ڪيو وڃي پوِء رستم هٿوڙو کڻي آيو ۽ گهر اندر داخل ٿيو‪ .‬پوِء رستم‬
‫سڪ سان تالي کي پڪتو ۽ هٿوڙو هنيائينس پر تڪڙ سبب هٿوڙو پنهنجي ئي هٿ‬
‫‪2‬‬

‫کي لڳس‪ .‬رستم دل ئي دل ۾ روئندو ٻاهر ويو‪ .‬ٿوري دير کان پوِء رستم ٻيهر‬
‫حفيض جي گهر ۾ داخل ٿيو ۽ خوش نصيبيَء سان ناني جي کٽ جي مٿن تان چاٻي‬
‫ملي ويس‪ .‬چاٻي ملڻ کان پوِء ٽهڪ ڏيندي رستم ڪٻٽ جو تالو کوليو ته ڪجه‬
‫قيمتي شيِء ملندي پر ڪٻٽ کولڻ کان پوِء رستم پنهنجي پاڻ کي پٽڻ لڳو ڇو ته اندر‬
‫‪.‬پيٽرول هيو‬

‫هيَء ڪهاڻي ان وقت جي آهي جڏهن پوري پاڪستان ۾ پيٽرول مهانگو ٿي ويو _‬
‫‪.‬هو‬
‫‪3‬‬

‫خواهش‬
‫سميرآباد نالي گوٺ ۾ ٻه جاڙا ڀائر رهندا هئا‪ .‬هڪڙي جو نالو " نصير " هيو ۽‬
‫ٻي جو نالو "سمير" هيو پئي گڏجي رهندا هئا‪ .‬هڪ كيت هين جنهن مان پيت‬
‫پاليندا هئا‪ .‬ائين ئي زندگي گذاريندا هئا سمیر سست‪ ،‬هیو نصیر گھٹي محنت‬
‫سان کيتي جو ڪم ڪندو هئو پر سمير اهو به نه ڪندو هئو‪ .‬ڀاُء گهڻو‬
‫‪.‬سمجهائيندو هیس پر سمیر شروع کان ئي سست هيو‬

‫رات ٿي وئي سمير پڪو ارادو ڪري چڏيو هيو ته هو ڪيئن به ڪري اهو‬
‫گھڙو وٺندو‪ .‬تنهن ڪري سڄي رات صرف اهو سوچيندو رهيو هيو ته جلدي‬
‫پيسا ڪيئن ڪمائجن؟‬
‫صبح جو سوير اٿي سمير ڪنهن ڪم جي تالش ۾ ويو‪ .‬آخرڪار سمير كي بٺي‬
‫جو ڪم مليو جتي سمير كي ٻين مزدورن سان گڏ سرون ٺاهڻيون هيون‪ .‬سمیر‬
‫همیشه پنهنجي پاُء جي محنت جي ماني كاڌي هئي پر هن دفعي سمير کي پنهنجي‬
‫خواهش پوري ڪرڻ جي الِء محنت ڪرڻي هئي‪ .‬شروع ۾ ته سمير كي ڪم‬
‫‪.‬ڏكيو پئي لڳیو پر آهستي آهستي هو سكي ويو‬
‫گھٹن ئي ڏينهن جي محنت کان پوِء سمير پنهنجا پیسا کنیا ۽ گھوڙو وٺڻ الِء ويو‪.‬‬
‫مالڪ كان ان گهوڙي جي باري ۾ پچیائین پر مالڪ چيس ته " اهو گهوڙو "‬
‫كپي ويو آهي‪ .‬جنهن کي ٻڌي سمير هڪو ٻڪو ٿي ويو ۽ ٿوري دير کان پوِء‬
‫پنهنجي گهر هليو ويو‪ .‬ان ڏينهن سمير کي خبر پئجي وئي ته هن محنت ڪرڻ ۽‬
‫پيسا ڪمائڻ ۾ گهڻي دير ڪري ڇڏي آهي سمير کي پنهنجي غلطي جو احساس‬
‫ٿيو ۽ سوچن لڳو ته مان پنهنجي ماضي جو وقت برباد ڪري ڇڏيو آهي!‬
‫جيڪڏهن اڳ ۾ ئي محنت ڪريان ها ته اڄ اهو گھوڙو منهنجو هجي ها‪.‬‬
‫ان ڏينهن کان پوِء سمير سستي ڇڏي ۽ پنهنجي خوابن ۽ خواهشن کي پورو ڪرڻ‬
‫الِء جاڳيو‪.‬‬
‫‪4‬‬

‫ٻارو تنهن ڪري پنهنجو وقت زيان نه ڪريو ۽ پنهنجي خوابن ۽ خواهشن کي‬
‫‪.‬پورو ڪرڻ الِء سخت محنت‪،‬جاکوڙ ڪريو ۽ صحي عقل جو استعمال ڪريو‬
‫‪5‬‬

‫بيوقوف جي عقلمندي‬
‫ڪنهن ڳوٺ ۾ يوصف نالي هڪ شخص رهندو هيو‪ .‬نالو ته يوصف هيس پر هر‬
‫ڪو ماڻهو هن کي چريو‪ ،‬بيوقوف‪ ،‬ڊڄڻو جهڙن نالن سان سڏ ڪندو هو‪ .‬هن کي‬
‫پنهنجون ٻنيون هيون جن سان يوصف گذر سفر ڪندو هو‪ .‬هڪ ڏينهن يوصف‬
‫سوچيو ته هر ماڻهو هر ماڻهو مون کي بيوقوف ٿو چئي ڪجه اهڙو ڪم ڪيان جو‬
‫هر ڪو مون کي بيوقوف چوڻ ڇڏي ڏي!‬
‫پوِء يوصف سوچيو ته هو سڀن جي سامهون ڪنهن جانور جو شڪار ڪندو ۽ پوِء‬
‫هر ڪو هن کي بهادر چوندو‪ .‬پوِء يوصف پاڻ سان گڏ ڪجه ماڻهن کي وٺي ويو‬
‫جيڪي ويهي تماشو ڏسن‪ .‬جنهگل ۾ ٿوري گهرائي ۾ وڃڻ کان پوِء يوصف کي‬
‫هڪ هرڻ نظر آئي‪ .‬آهستي آهستي هو هرڻ جي طرف وڃڻ لڳو ۽ پهچي هرڻ تي‬
‫جيئن ئي حملو ڪرڻ پئي چاهيائين ته هٿ رڪجي ويس‪ .‬پوِء هرڻ اتان ترت ڀڄي‬
‫وئي‪ .‬سامهون بيٺل ماڻهون اهو ڏسي هليا ويا ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته يوصف‬
‫بيوقوف ۽ ڊڄڻو آهي هو ڪڏهن به ڪنهن به جانور کي نه ماري سگهندو‪ .‬هوڏانهن‬
‫وري يوصف کي اندر ۾ خوشي محسوس ٿي رهي‪ .‬هن جي دماغ هن کي بيوقوفي‬
‫ٻارو! اسان‬ ‫ڪرڻ کان روڪيو هيو‪.‬‬
‫به اها ئي غلطي ڪندا آهيون صرف پنهنجي پاڻ کي عقلمند‪ ،‬بهادر يا مضبوط‬
‫ڏيکارڻ الِء اسان ٻئي جو نقصان ڪندا آهيون‪ .‬ڪنهن جي به چوڻ تي ڪير به‬
‫‪.‬عقلمند يا بهادر ناهي هوندو! انسان پاڻ بهادر ٿيندو آ‪ ،‬انسان پاڻ ڊڄڻو ٿيندو آ‬
‫‪6‬‬

‫چار ڀائر‬
‫جوهر ” ايران ” جو بادشاه هيو‪ ,‬بادشاه جونو ٿي ويو هيو هن کي اوالد نه هجڻ‬
‫ڪري هڪ ڏينهن هو خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته ” نئون بادشاه‬
‫ڪنهن کي بڻايو وڃي؟ منهنجي به هاڻي عمر وڌي وئي آهي ۽ ٻيو ته اوالد به‬
‫ناهي‪ “.‬اهو سوچيندي سوچيندي بادشاه گهري ننڊ ۾ گم ٿي ويو‪ .‬ڪجه ڏينهن کان‬
‫پوِء بادشاه انهن ماڻهن جي باري ۾ ڳولها ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏي جيڪي‬
‫بادشاه ٿيڻ جي قابل هجن‪ .‬ڳولها ڪرائڻ باوجود بادشاه کي اهو ماڻهو نه ملي‬
‫سگهيو جيڪو بادشاهي جي الئق هجي‪ .‬ڪجه مهينن کان پوِء بادشاه کي خبر پئي‬
‫ته سندس پاسي واري بادشاهي ۾ چار ڀائر آهن جيڪي بادشاه ٿيڻ جي قابل آهن ۽‬
‫انهن کي ڪجه انوکيون شيون آهن جيڪي هي ملڪ سنڀالڻ ۾ گهڻي مدد ڪنديون‬
‫پوِء بادشاه پنهنجي سپاهين کي حڪم ڏنو ته هن چين ڀائرن کي پيش ڪيو وڃي‪.‬‬
‫جڏهن چار ڀائر آيا ته بادشاه اهو سوچي پريشان ٿيڻ لڳو ته چين ڀائرن مان‬
‫!ڪنهن کي بادشاه بڻايو وڃي‬
‫ٿوري سوچ ۽ ويچار کان پوِء بادشاه پهرين کي چيو ته ” توکي ڪهڙي انوکي‬
‫“ شيِء آهي؟‬
‫پهريون ؛ بادشا صاحب مون کي اهڙا جوتا آهن جن کي پائي ماڻهو هوا ۾ اڏي‬
‫‪.‬سگهي ٿو‬
‫واه واه “ بادشاه چيو ان کان پوِء بادشاه ٻئين کان پڇيو ته توکي ڪهڙي انوکي ”‬
‫شيِء آهي؟‬
‫ٻيون ؛ بادشاه صاحب مون کي اهڙي لٺ آهي جنهن کي اگر مان مارڻ جو حڪم‬
‫ڏجي ته هوَء ڪنهن کي به ماري سگهي ٿي ۽ ڇڏن جو حڪم ڏجي ته ڪنهن کي‬
‫‪.‬به ڇڏي سگهي ٿي‬
‫اهو ٻڌي بادشاه ٽئين کان پڇيو ته توکي ڪهڙي انوکي شيِء آهي؟‬
‫‪7‬‬

‫مسڪرائيندي مسڪرائيندي ٽئين چيو ته بادشاه صاحب جيئن ته توهان مون کي‬
‫ڏسي سگهو ته ته مان گهڻو ئي موٽو ۽ متارو آهيان ۽ منهنجي خاصيت اها آهي ته‬
‫!مان جيترو به کائيندس منهنجو پيٽ نه بربو‬
‫اهو ٻڌي بادشاه چوٿين کان پڇيو ته توکي ڪهڙي انوکي شيِء آهي؟‬
‫جنهن تي چوٿين چيو ته بادشاه صاحب منهنجي انوکي شيِء منهنجو عقل آهي‬
‫‪.‬جنهن سان مان وڏي مان وڏي مصيبت جو مقابلو ڪري سگهان ٿو‬
‫سڀني جون ڳالهيو ٻڌي بادشاه حيرت ۽ عجب ۾ پئجي ويو‪ .‬ٻئي ڏينهن تي بادشاه‬
‫سڀن ڀائرن کي هڪ وڏي سئمنگ پول تي وٺي آيو ۽ چيائين ته توهان مان‬
‫جيڪي ٻه ڀائر اڳ ۾ سئمنگ پول مان تري نڪرندا اهي هيَء راند کٽي ويندا ۽‬
‫ٻئي راند ۾ وڃي سگهندا‪ .‬ٿوري دير کان پوِء راند شروع ٿي وئي چيني ڀائرن مان‬
‫چوٿون نمبر پنهنجي عقل جو استعمال ڪندي پاڻي ۾ گتون هڻڻ لڳو ايئن ٿيندي هو‬
‫سئمنگ پول مان نڪري ويو‪ .‬ٽيون ڀاُء جيڪو گهڻو ئي ٿلهو هيو تنهن سڄي پول‬
‫جو پاڻي پنهنجي وات ۾ وڌو ۽ هڪڙو وڏو ٽپ ڏنائين جنهن سبب هو راند کٽي‬
‫‪.‬ويو‬
‫شروع وارا ٻه ڀائر هارائي ويا ڇو جو هنن پنهنجي عقل ۽ طاقت جو استعمال نه‬
‫ڪيو‪ .‬پهرين وٽ اڏڻ وارا جوتا هيا جيڪو پاڻي ۾ ڪم نه پئي ڪري سگهيا ۽‬
‫ٻئين وٽ جادوئي لٺ هئي جنهن جو پاڻي ۾ ڪو به ڪم نه هيو ان ڪري ٻئي‬
‫”هاڻي ٻئي راند شروع‬ ‫هارائي ويا‪ .‬پوِء بادشاه چوٿين ۽ ٽئين کي چيو ته‬
‫ٿيڻ واري آهي جنهن ۾ توهان کي زمين تي بنا پير رکي جنگل تائين پهچڻو آهي‬
‫“‪.‬جيڪو هن راند ۾ پهريان پهچندو اهو ئي هن ملڪ جو بادشاه ٿيندو‬
‫آخرڪار راند شروع ٿي وئي ۽ ٻئي سوچڻ لڳو ته ڇا ڪيو وڃي؟ پوِء چوٿين‬
‫شوڪر پنهنجي عقل جو استعمال ڪرڻ لڳو ۽ سوچڻ لڳو ته بادشاه صاحب چيو‬
‫آهي ته زمين تي پير ناهي رکڻو پر! اسان زمين تي چپل پائي ته جنگل تائين‬
‫پهچي ٿا سگهون‪ .‬اهو سوچي اهو چوٿون چوڪر جنگل طرف وڃڻ لڳو جنهن‬
‫کي ڏسي سندس ڀاُء به پويان اچڻ لڳس‪ .‬ٽيون ڇوڪر گهڻو ئي موٽو هيو جنهن‬
‫!سبب هن جي چپل ٽٽي پئي ۽ هو منهن ڀر زمين تي ڪري پيو‬
‫‪8‬‬

‫ڪجه وقت کان پوِء چوٿون ڇوڪر جنگل تي پهچي پيو ۽ خوشيَء ڪري دل ئي‬
‫‪.‬دل ۾ ڪالم ڳائڻ لڳو‬
‫!او کٽي وينداسين‬
‫‪،‬خبر نه هئي‬
‫‪،‬هاڻي بادشاه ٿي وياسين‬
‫‪.‬پرين جا سردار ٿي وياسين‬
‫پوِء بادشاه جوهر اچي هن کي پنهنجي ملڪ جو بادشاه مقرر ڪري ڇڏيو‪ .‬راج‬
‫گهراني ۾ کائڻ وقت جوهر ٽين ڇوڪر کي چيو ته تون هڪڙي مينهن آهين ۽‬
‫تنهنجو ڀاَء جيڪو هاڻي بادشاه آهي اهو عقل آهي ۽ عقل مينهن کان وڏو هوندو‬
‫‪.‬آهي‬

‫پيارو ٻارو! جيئن ته توهان ڏٺو ته چوٿين ڇوڪرڪيئن پنهنجي عقل جو استعمال‬
‫ڪندي منزل ماڻين‪ .‬هن ڪهاڻي جو مقصد اهو آهي ته هللا پاڪ سڀني انسانن کي‬
‫عقل ڏنو آهي پر ان کي استعمال ڪجه ئي ڪندا آهن‪ .‬ڪو به جادو ڪا به طاقت‬
‫!عقل جو مقابلو نٿي ڪري سگهي‬
‫‪9‬‬

‫بگھڙ ۽ چيتو‬
‫هڪ ڏينهن هڪ چيتي کي گهڻي بک لڳي هئي‪ .‬سو پيٽ ڀرڻ الِء سامهون بيٺل جهنگلي مينهِن‬
‫جو شڪار ڪرڻ هليو ويو ‪.‬اهو وساري ته جهنگلي مينهون هن کي نقصان پهچائي سگهن‬
‫ٿيون‪ .‬پوِء لڪي لڪي چيتو انهن مينهن جي سامهون وڃڻ لڳو آخر چيتي سامهون پهچي‬
‫هڪڙي مينهن تي حملو ڪيو‪ .‬جسم سخت هجڻ ڪري مينهن کي گهٽ زخم ٿيو ‪ .‬اهو ڏسي‬
‫ٻين بيٺل مينهِن چيتي تي پنهنجن سڱن سان تيزي سان حملو ڪيو جنهن سان چيتو تيزي سان‬
‫زمين ۾ لڳو ۽ زخمي ٿي پيو‪ .‬پوِء اهي جهنگلي مينهون اهو ڏسي اتان هلي ويون‪ .‬ٿوري دير‬
‫کان پو ِء اتي هڪ بگهڙ آيو جنهن چيتي کي زخمي ڏسي ان کي اٿارڻ لڳو پر چيتو نه اٿيو‪.‬‬
‫بگهڙ ان جي مدد ڪرڻ پئي چاهي‪ ،‬چيتي کي ڪمزور ڏسي بگهڙ هن الِء گوشت کڻي آيو‪.‬‬
‫اهو ڏسي چيتو گهڻو خوش ٿيو ۽ گوشت کاڌائين‪ .‬ڪجه ئي وقت ۾ چيتو ٺيڪ ٿي ويو ۽ سڀ‬
‫کان پهريان بگهڙ کي مهرباني چيائين ۽ پوِء پائي پيڻ الِء ويو‪.‬‬
‫ان ڏينهن کان وٺي ٻئي پڪا دوست ٿي ويا‪ .‬ٻئي گڏجي شڪار ڪندا هيا‪ ،‬گڏجي گمهندا هيا‪ ،‬گڏ‬
‫رهندا هيا‪ ،‬گڏجي ڪچهريون ڪندا هيا ۽ هر ڪم ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪندا هيا‪ .‬هڪ ڏينهن‬
‫ٻئي شڪار ڳولهڻ ويا پر شڪار نه ملين‪ .‬ٻه ڏينهن گذري ويا پر ٻنهن کي کائڻ الِء ڪجه به نه‬
‫هيو‪ .‬چيتو بک برداشت نه پئي ڪري سگهيو‪ .‬تنهن ڪري بگهڙ چيتي کي چيو‌‌اي دوست تون‬
‫!مون کي کائي ڇڏ‬

‫ڇا تون چريو ته نه ٿي ويو آهين‪ .‬جواب ۾ چيتي چيو‪ .‬اهو ٻڌي بگهڙ چپ ٿي ويو‪ .‬پوِء جڏهن‬
‫چيتي جي حالت تمام خراب ٿي وئي ته بگهڙ سامهون پيل هڪ شيشي سان پنهنجي پاڻ کي‬
‫قربان ڪري ڇڏيو ته جيئن سندس دوست کائي سگهي‪ .‬اهو ماجرو ڏسي چيتو پنهنجي دوست‬
‫جو صدمو برداشت نه ڪري سگهيو! ۽ ان ئي هنڌ تي الڏاڻو ڪري ويو‪ .‬چيتي ۽ بگهڙ جي‬
‫‪.‬هن بي مثال دوستي کي اڄ به ان جهنگل جا جانور ياد ڪندا آهن‬
‫‪10‬‬

‫عقل‬
‫هڪ ملڪ ۾ هڪ بادشاه رهندو هيو بادشاه گهڻو ئي عقلند ۽ رحمدل هيو پنهنجي‬
‫قوم جو گهڻو خيال رکندو هيو‪ .‬بادشاه کي هڪ ديُء به هئي جنهن جو نالو آمنه‬
‫هيو ‪ .‬اها به بادشاه وانگر با اخالق هئي‪ .‬هڪ ڏينهن هڪ چور بادشاه جو تاج‬
‫چورائي فرار ٿي ويو‪ .‬بادشاه کي جڏهن خبر پئي ته سندس تاج چوري ٿي ويو آهي‬
‫ته گهڻو پريشان ٿي ويو ڇو ته اهڙو يونيڪ تاج دنيا ۾ صرف هڪ هيو‪ .‬پنهنجن‬
‫وزيرن کان صالح ۽ مشوره وٺڻ ۽ سوچ ويچار کان پوِء اهو فيصلو ڪيائين ته‬
‫جيڪو به مون کي منهنجو تاج ڏيندو ته ان جي شادي مان پنهنجي ڌيُء سا‬
‫ڪرائيندس‪ .‬۽ ان کي ايتري دولت ڏيندس جو ان جون ست پيڙهيون بنا ڪم ڪري‬
‫سڪون سان زندگي جيئنديون‪ .‬۽ سڀ کان اهم شيِء منهنجي مرڻ کان پوِء اهو ئي‬
‫هن ملڪ جو بادشاه ٿيندو! چور کي جڏهن بادشاه جي اعالن جي خبر پئي ته سوچڻ‬
‫لڳو ته ڇو نه هي تاج مان بادشاه کي واپس ڏئي اچان‪.‬‬
‫۽ شهزادي سان شادي ڪري پوِء بادشاه جي مرڻ کان پوِء هن ملڪ جو بادشاه ٿي‬
‫وڃان‪ .‬بنا ڪجه سوچي چور تاج کڻي بادشاه ڏي هليو ويو‪ .‬بادشاه تاج کي ڏسي‬
‫سڃاڻي ورتو ته هي اصل تاج آهي‪ .‬پوِء بادشاه چور کان پڇيو هي تاج تون ڪٿان‬
‫آندو آهي؟‬
‫جواب ۾ چور چيو بادشاه صاحب هي تاج مون کي ڪچري جي ڍير ۾ پيل مليو هيو‪.‬‬
‫اهو ٻڌي بادشاه چور کي چيو ڀال اهو ڪير بيوقوف هوندو جو هي تاج ڪچري جي‬
‫ڍير ۾ اڇالئيندو؟ مسڪرائيندي مسڪرائيندي بادشاه چور کي چيو ته تون پاڻ هتي‬
‫ناهين آيو! توکي تنهنجي اللچ هتي وٺي آئي آهي‪ .‬اهو چئي بادشاه پنهنجن سپاهين‬
‫‪.‬کي چيو ته وڃو وڃي هن بيوقوف کي جيل ۾ وجهو‬
‫‪11‬‬

‫عمر ۽ عاقب ٻئي دورست ڪنجوس هيا‪ .‬هڪ ڏينهن ٻئي دوست پنهنجي گهر جي‬
‫ڇت تي تازي هوا کائڻ الِء ويا‪ ،‬ته اتي هنن کي سو جو نوٽ نظر آيو‪ ،‬اهو عمر‬
‫کڻي ورتو‪ .‬عاقب کانئس فرڻ لڳو‪ ،‬انهيَء سڌ ۾ کين ڪو نه پئي‪ ،‬ته ٻئي دوست‬
‫پلڙي کان هيٺ ڪري پيا‪ ،‬اللچ جي چڪر ۾ صحي طريقي سان نوٽ کي ڌٺن ئي‬
‫‪.‬نه‪ ،‬اهو سو جو نوٽ نقلي هيو‬
‫‪12‬‬

‫جانورن سان محبت‬


‫هڪ ڳوٺ ۾ دانش رهندو هئو‪ .‬دانش چوندو هيو ته پنهنجي پاڻ تي يقين رکڻ سان‬
‫انسان ڪو به ڪم ڪري ٿو سگهي پر ڪير به هن جي ڳاله کي نه ٻڌندو‬
‫هئو‪ .‬ماڻهون سندس چريو چوندو هئا‪ .‬هن دنيا ۾ هر اهو ماڻهو جيڪو عقل‬
‫جي ڳاله ڪندو آهي ان کي چريو چيو ويندو آهي‪ .‬ان ڳاله کي نظرانداز‬
‫ڪندي دانش پنهنجي ڳاله تي قائم رهندو هيو‪ .‬دانش کي اها ڳاله سندس ماُء‬
‫پيُء سيکاري هئي‪ ،‬پاڻ دانش اٺين ۾ پڙهندو هئو ته ماُء پيُء وفات ڪري‬
‫ويا هئس تنهن ڪري مائٽ پاليندا هئس‪ .‬ماُء پيُء جي وفات کان پوِء دانش‬
‫جي مائٽن ان جي پڙهائي بند ڪرائي ڇڏي‪ .‬وڏو ٿيڻ کان پوِء پنهنجي ڳوٺ‬
‫۾ دانش ننڍو وڏو ڪم ڪندو هئو پر سندس دل هميشه ڪجه الڳ ڪرڻ‬
‫جي چوندي هئس ‪ ،‬دانش جانورن سان گهڻو پيار ڪندو هئو انهن سان ظلم‬
‫برداشت نه ٿيندو هئس‪ .‬سياري جي موسم ۾ هڪ ڏينهن دانش ٻاهر وڃي‬
‫رهيو هيو ته رستي ۾ هڪ بيمار ٻلي ڏٺائين‪ .‬جنهن کي ڏسي پنهنجي گهر‬
‫کڻي ويو‪ .‬گهر ۾ سندس چاچي ڏسي ڪاوڙ ڪيس ۽ چيائينس ته ” هيَء‬
‫ڪني ٻلي هتي ڇو کڻي آيو آهين؟ “ جنهن کي ٻڌي دانش چيو ته ” چاچا‬
‫هيَء بيمار آهي ۽ مان هن کي پاليندس‪ “ .‬اهو ٻڌي ڪاوڙ ۾ چاچي چيس ”‬
‫ڇا! هتي اسان کي کائڻ الِء ڪجه ناهي ۽ تون ٻلي پاليندين“ اهو ٻڌي دانش‬
‫چپ ڪيو ۽ ٻلي کي گهر کان ٻاهر ڇڏي آيو‪ .‬رات جي ماني کائڻ کان پوِء‬
‫دانش کٽ تي سمهي پيو پر ننڊ نه پئي آيس‪ .‬دماغ ۾ اهو خيال هيس ته رات‬
‫جو ٿڌ ۾ ٻلي ڪيئن هوندي؟ ڪجه کاڌو به هوندئي االهي نه؟ پنهنجي چاچي‬
‫جي ڳاله کي وساري دانش اٿيو ۽ گهر کان ٻاهر ويو‪ .‬اونده ۾ ٻلي کي ڳولهڻ‬
‫لڳو پوِء ڏٺائين ته سامهون وڻ هيٺان ٻلي ڏڪي رهي هئي‪ .‬پوِء تڪڙ ۾‬
‫دانش ٻلي کي کنيو ۽ پنهنجي گهر جي چله ( رڌ پچاَء جي جاِء ) ۾ وٺي ويو‬
‫جتي دانش هن کي پاڻي پياريو ۽ ڪجه کائڻ الِء به ڏنائينس‪ .‬ان سان گڏو‬
‫گڏ دانش پنهنجي گهر مان هڪ ڪپڙو کنيو ۽ ٻليَء مٿان رکيائين‪ .‬بنا‬
‫ڪجه آواز ڪندي دانش ٻيهر پنهنجي کٽ تي سمهيو ۽ هڪ خوبصورت‬
‫ننڊ کان پوِء عصر جو دانش اٿيو ۽ ٻلي کي گهر کان ٻاهر ڇڏي آيو‪ ،‬جيئن‬
‫ڪنهن کي به خبر نه پئي‪ .‬دانش منجهند جو ٻلي کي کاڌو ڏيندو هيو ۽‬
‫‪13‬‬

‫صاف صفائي ڪندو هيس‪ ،‬رات جو ٻلي مٿان ڪپڙو رکندو هئو جيئن ٿڌ‬
‫نه لڳيس‪ .‬ان طريقي سان دانش ٻلي کي پالڻ لڳو‪ .‬هڪ ڏينهن دانش‬
‫پنهنجي ٻلي کڻي رستي ۾ وڃي رهيو هيو ته هڪ رئيس روکيس ۽ ٻلي‬
‫ڏٺائينس جنهن کي ڏسي رئيس گهڻو خوش ٿيو‪ .‬پوِء رئيس دانش کي چيو ته‬
‫” ڇا هيَء ٻلي تون کپائيندي؟ مان توکي ان جي چڱي مله ڏيندس‪ “ .‬اهو‬
‫ٻڌي دانش رئيس کي چيو ” سائين مان هيَء ٻلي پاليندو آهيان ۽ معذرت مان‬
‫هيَء ٻلي نه کپائيندس‪ “ .‬جواب ۾ رئيس چيو مون کي جانور پالڻ جو گهڻو‬
‫شوڪ آهي ان ڪري منهنجي گهر ۾ گهڻا ئي خوبصورت جانور آهن پر‬
‫انهن جي سار سنڀال وارو ڪير ناهي! تنهنجي ٻلي کي ڏسي لڳي ٿو ته تون‬
‫پنهنجي ٻلي جو گهڻو خيال رکندو آهين‪ .‬مان توکي اها نوڪري ڏيان ته ڇا‬
‫تون ڪندي؟ ۽ رهائش تون منهنجي گهر ڪندي‪ .‬اهو ٻڌي دانش حيران ٿي‬
‫ويو ۽ خوش به ڇو ته هن کي ننڍڙائپ سان ئي قدرت ۽ جانورن سان گهڻو‬
‫‪.‬پيار هئو‪ .‬پوِء دانش رئيس جي پيشڪش قبول ڪئي ۽ اتي رهڻ لڳو‬
‫‪14‬‬

‫عمر ۽ عاقب‬
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28

You might also like