ڀاڄين جي پوک.

You might also like

Download as pdf or txt
Download as pdf or txt
You are on page 1of 21

‫‪7‬‬ ‫ڪتابچو‪-‬‬

‫ربيع جون ڀاڄيون‬


‫‪Rabi Vegetables‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻن الِء مشورو‪:‬‬
‫جيئن ته زمينون مختلف قسمن جون ٿين ٿيون‪ .‬جهڙوڪ؛ وارياسيون‪ ،‬لٽياسيون‪ ،‬پڪيون‪ ،‬ڪلر‬
‫وغيره واريون‪ .‬ان ڪري هر قسم جي زمين الِء ڀاڻ مختلف قسم جو مختلف وزن ۾ ڏيڻو هوندو‬
‫آهي جنهن الِء زمين جي مٽي ليبارٽريَء مان چڪاس ڪرائڻي هوندي آهي ته جيئن پتو پوي ته‬
‫زمين ڪهڙي قسم جي آهي‪ .‬۽ ان کي ڪهڙو ڀاڻ ۽ ڪيترو ڏيڻ گهرجي‪ .‬ليبارٽريون زراعت کاتي‬
‫حڪومت سنڌ پاران گهڻو ڪري هر ضلعي اندر قائم ٿيل آهي‪ .‬جيڪي معمولي في وصول ڪرڻ‬
‫سان مٽي چڪاس ڪري ڏين ٿيون‪ .‬ڪافي جاين تي اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪلراٺين ۽ پڪين زمينن‬
‫۾ به آبادگار ڊي‪-‬اي‪-‬پي ڀاڻ ڏين ٿا‪ .‬جڏهن ته اهڙين زمينن ۾ ڊي‪-‬اي‪-‬پي ڀاڻ منع ٿيل آهي‪ .‬جنهن‬
‫جي جاِء تي ايس‪-‬ايس‪-‬پي يا ٽي‪-‬ايس‪ -‬پي وغيره ڏيڻو آهي‪ .‬ان ڪري جتي ڀاڄيون پوکڻيون هجن‬
‫اتي جي پهريان ليبارٽريَء مان مٽي چڪاس ڪرائجي‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ ڏيڻ جي الِء ان ڳالهه جو به خاص خيال رکجي ته ڀاڻ ڇٽي ڇڏي نه ڏجي پر ڀاڻ ڏئي‬
‫مٿان هڪدم پاڻي ڏيڻ گهرجي‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ ڪوشش ڪري ٻوٽن جي پاڙن وٽ ڏيڻ گهرجي‪ .‬سڄي زمين ۾ ڇٽڻ سان هڪ ته‬
‫ڀاڄيَء وارن ٻوٽن کي ڀاڻ گهٽ ملي ٿو ۽ خالي زمين ۾ وڃي ڪري ٿو‪ .‬جنهن جي ڪري ڀاڻ‬
‫زيان به ٿئي ٿو ۽ زمين جي خالي جاين تي ڀاڻ پوڻ سان گندگاهه گهڻو زور وٺي وڃي ٿو‪.‬‬

‫زمين جي چونڊ ۽ تياريَء الِء مشورو‪:‬‬


‫ڀاڄين جي پوکيَء الِء ڪوشش ڪري نرم لٽياسي زمين جي چونڊ ڪجي ته جيئن ڀاڄيون ڀليون‬
‫ٿين‪ .‬تياريَء ۾ خاص طور تي زمين جي سنوت ۽ اونهن هرن ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي‪.‬‬
‫زمين جي سنوت الِء جيڪڏهن سهولت موجود هجي ته ليزر ليولنگ مشين استعمال ڪجي‪.‬‬

‫ٻج سيڪ تي هڻڻ جو مشورو‪:‬‬


‫ٻج جون چنگيون يا ٻيجاري جو رونبو کرين کي پهريان پاڻي ڏئي جتي سيڪ هجي اتي هڻڻ‬
‫گهرجي‪ .‬سيڪ تي پوکيل ڀاڄي جلد ڦٽي ٿي ۽ تيار به تڪڙي ٿئي ٿي‪.‬‬

‫چيزل پِلو هڻڻ جو مشورو‪:‬‬


‫عام طور تي زمين اندر سخت تهه جڙي پوي ٿو‪ .‬جنهن جي ڪري پيداوار گهٽ لهي ٿي‪ .‬ان ڪري‬
‫سخت تهه کي ٽوڙڻ الِء ضروري آهي ته هر ٽئين سال زمين ۾ چيزل پِلو ضرور هڻڻ گهرجي‪.‬‬
‫چيزل ِپلو هڻڻ سان نه صرف زمين اندر جڙيل سخت تهه ٽٽي پوي ٿو پر ساڳئي وقت چيزل ِپلو‬
‫جي اها به خاصيت آهي ته اهو زمين اندر راجا ۽ ڊسڪ پِلو کان گهڻو اونهو به وڃي ٿو ۽ زمين‬
‫کي اٿالئي به بلڪل نٿو ۽ زمين جو مٿيون طاقت وارو تهه به پنهنجي جاِء تي برقرار رهي ٿو‪.‬‬

‫‪1‬‬
‫وٿاڻ جي ڀاڻ ڏيڻ جو مشورو‪:‬‬
‫سنڌ جي زمينن ۾ هڪ سيڪڙو کان به نامياتي مادو گهٽ آهي‪ .‬جيڪو زمينن مان سٺي پيداوار‬
‫کڻڻ الِء بلڪل ناڪافي آهي جنهن کي وڌائڻ الِء ضروري آهي ته زمينن کي هر ٽئين سال وٿاڻ‬
‫جو ڳريل سڙيل ڀاڻ ضرور ڏيڻ گهرجي‪ .‬وٿاڻ جو ڀاڻ ڀاڄين پوکڻ کان پهرين زمين ۾ ‪ 150‬کان‬
‫‪ 200‬مڻ في ايڪڙ ڏيڻ گهرجي‪ .‬ڀاڻ ڏيڻ وقت ان جي ڳريل سڙيل هجڻ جي پڪ ضرور ڪرڻ‬
‫گهرجي‪ .‬فصل ۾ تازو وٿاڻ جو ڀاڻ هرگز نه وجهڻ گهرجي‪ .‬ڇاڪاڻ ته هڪ طرف وٿاڻ جي تازي‬
‫ڀاڻ م زمين کي سڌارڻ واري گهربل طاقت ناهي هوندي ۽ ٻئي طرف ان ۾ گندگاهه جا ٻج موجود‬
‫هوندا آهن‪ .‬ان کان عالوه ڪچو ڀاڻ زمين ۾ وجهي ڀاڄيون پوکڻ سان ڀاڄين کي اڏوهي لڳي ٿي‬
‫۽ ڀاڄين جي فصل ۾ نقصان ٿئي ٿو‪ .‬وٿاڻ جو ڀاڻ ڀاڄيون پوکڻ کان هڪ مهينو پهرين زمين ۾‬
‫وجهي هڪدم هرن ذريعي مالئي مٿان پاڻي ڏيڻ گهرجي‪ .‬پاڻي ڏيڻ کان پوِء جڏهن زمين وٽ ۾‬
‫اچي ته هر ڏئي وري ريج ڪج ي ۽ ٻيهر جڏهن زمين وٽ ۾ اچي ته هر ڏئي زمين کي تيار ڪجي‪.‬‬

‫ڀاڄين ۾ ڀاڻ ۽ پاڻيَء جي استعمال الِء مشورا‪:‬‬


‫ڀاڻ هميشه ماڪ سڪڻ کان پوِء پر ٿڌ واري وقت تي ڏجي‪.‬‬ ‫‪.1‬‬
‫ڀاڻ اهڙي طرح سان ڏجي جيئن ڀاڻ ڀاڄيَء جي پاڙن جي ڀر ۾ ڪري‪.‬‬ ‫‪.2‬‬
‫ڀاڻ ڏيڻ کانپوِء پاڻي ڏيڻ ۾ دير هرگز نه ڪجي بلڪه هڪدم پاڻي ڏجي‪.‬‬ ‫‪.3‬‬
‫بچيل ڀاڻ کي کليل ۽ گهم واري حالت ۾ نه رکجي پر چڱيَء طرح ٻڌي يا دٻي ۾ بند ڪري‬ ‫‪.4‬‬
‫خشڪ جاِء تي رکجي‪.‬‬
‫پاڻي ڀاڄين کي گهڻو هرگز نه ڏجي ۽ خاص طور تي کرين تي پوکيل ڀاڄين ۾ پاڻي اهڙي‬ ‫‪.5‬‬
‫طرح ڏجي جيئن چنگين يا لڳل ٻوٽن تائين صرف سيڪ پهچي پر اهي پاڻيَء ۾ هرگز نه ٻڏن‪،‬‬
‫ڇاڪاڻ ته سيڪ واري ڀاڄي تمام گهڻي سٺي ٿئي ٿي‪.‬‬
‫سڀني ڀاڄين کي پوکيَء کان پوِء به ٽي پاڻي تڪڙا تڪڙا ڏيڻ گهرجن‪.‬‬ ‫‪.6‬‬
‫هر ڀاڄيَء کي ٻڌايل پاڻيَء جي وقفي کان عالوه موسم ۽ فصل جي حالت کي به نظر ۾‬ ‫‪.7‬‬
‫رکجي‪.‬‬

‫ٻيجارو پوکڻ الِء مشورو‪:‬‬


‫ٻيجاري رستي پوکجندڙ ڀاڄين جهڙوڪ؛ مرچن‪ ،‬واڱڻن‪ ،‬بصرن‪ ،‬گوبي ٽماٽن وغيره جي ٻيجاري‬
‫تيار ڪرڻ الِء هيٺئين طريقي کي اختيار ڪجي‪:‬‬
‫ٻيجارو ڊگهين اڀين پٽڙين جي شڪل وارين ٻارين ۾ پوکجي‪ .‬اهڙين ٻارين ۾ لٽ واري مٽي‬
‫وجهي زمين جي سطح کان مٿي ڪري وچ مان اهڙي طرح ناليون ڪڍجن ته جيئن جيڪڏهن پاڻي‬
‫ڪنهن ب ه سبب جي ڪري گهڻو ٿي وڃي ته اهو نالين ۾ وهي وڃي‪ .‬۽ ٻيجارو گهڻي پاڻيَء جي‬
‫ڪري سڙي نه‪ .‬ان کان پوِء ڪک پن ۽ ٻيو گند ڪچرو ساڙي خاڪ تيار ڪجي اها چار (خاڪ)‬
‫جڏهن ٺري وڃي ته جنهن به ڀاڄيَء جو ٻيجارو پوکڻو هجي ان جو ٻج لٽ واري مٽيَء تي ڇٽي‬
‫مٿان خاڪ ايتري وجهجي جيئن ٻج چڱيَء طرح ڍڪجي وڃي‪ .‬۽ ڍڪيل ٻج کي هٿ واري ڦوهاري‬
‫سان پاڻيَء جو ڦوهارو ڪري مٿان ڪکن يا سارين جي پالل سان ڍڪي ڇڏجي‪ .‬جنهن بعد روزانو‬
‫ڪکن جي مٿان هٿ واري ڦوهاري سان تيستائين پاڻيَء جو ڦوهارو ڪجي جيستائين ٻج مڪمل‬

‫‪2‬‬
‫ڦٽي وڃي‪ .‬جنهن بعد پاڻيَء جو ٻئي ٽئين ڏينهن ڦو هارو ڪبو رهجي ۽ جڏهن ٻيجارو وڏو ٿي‬
‫وڃي ته ڪک ڪانا هٽائي ڇڏجن‪.‬‬

‫ربيع جي ڀاڄين جون فصلوار سفارشون‬


‫مٽر (‪:)Peas‬‬
‫پوکيَء جو وقت‪ :‬آڪٽوبر کان نومبر‪.‬‬
‫جنسون‪ :‬پرلي‪ ،‬سونيڪس‪ ،‬پي ايف ‪ ،400‬شيرين‪.‬‬
‫ٻج جو مقدار‪ 15 :‬کان ‪ 20‬ڪلو گرام‪.‬‬
‫پوکيَء جو طريقو‪ :‬ننڍي قد وارين جنسن جون چئن فوٽن جي ويڪرن‬
‫کرين تي اڍائي کان ٽن انچن جي مفاصلي تي چنگيون هڻجن‪.‬‬
‫وڏي قد ۽ وچولي قد وارين جنسن جون چئن فوٽن جي ويڪرن کرين‬
‫تي ٻن کان ٽن انچن جي مفاصلي تي چنگين ذريعي پوکجي‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬ڊي‪-‬اي‪ -‬پي هڪ کان ڏيڍ ٻوري‪ ،‬يوريا هڪ ٻوري ۽‬
‫پوٽاش هڪ کان ٻه ٻوريون في ايڪڙ پوکيَء وقت ۽ بعد ۾ ٻه ڀيرا هڪ هڪ يوريا هر پندرين‬
‫ڏينهن يا اين‪-‬پي‪-‬ڪي (‪ )17:17:17‬جون ‪ 3‬ٻوريون في ايڪڙ‪ .‬هڪ ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي پوکيَء وقت‬
‫ٻي ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري يوريا پوکيَء جي ‪ 15‬ڏينهن ۽ ٽين ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري‬
‫يوريا في ايڪڙ مهيني بعد ڏجي‪.‬‬
‫هفتي هفتي ضرورت مطابق ڏجي‪.‬‬ ‫پاڻي‪:‬‬

‫ٽماٽا )‪:(Tomato‬‬
‫پوکيَء جو وقت‪ :‬ٻيجارو جون کان جوالِء يا آگسٽ ۾ پوکجي رونبو آگسٽ کان سيپٽمبر تائين‬
‫ڪجي‪.‬‬
‫جنسون‪ :‬روما‪ ،‬ايس آرٽوٽي ‪ 10‬وڪٽرپي النگ سپر مني ميڪر‪ ،‬مارگلوب‪ ،‬گرنٽا‪ ،‬رٽگرس وغيره‪.‬‬
‫ٻج جو مقدار‪ 200 :‬کان ‪ 250‬گرام في ايڪڙ‪.‬‬
‫پوکيَء جو طريقو‪ 6 :‬کان ‪ 8‬فوٽن جي ويڪرن کرين تي هڪ کان ٻن‬
‫فوٽن جي مفاصلي تي رونبو ڪجي‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬ڊي‪-‬اي‪-‬پي هڪ کان ڏيڍ ٻوري‪ ،‬يوريا هڪ ٻوري ۽‬
‫پوٽاش هڪ کان ٻه ٻوريون في ايڪڙ پوکيَء وقت ۽ بعد ۾ ٻه ڀيرا‬
‫هڪ يوريا هر پندرين ڏينهن يا اين‪-‬پي‪-‬ڪي (‪ )17:17:17‬جون ‪3‬‬
‫ٻوريون في ايڪڙ‪ .‬هڪ ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي پوکيَء وقت ٻي ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري يوريا‬
‫پوکيَء جي ‪ 15‬ڏينهن ۽ ٽين ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري يوريا في ايڪڙ مهيني بعد ڏجي‪.‬‬
‫پاڻي‪ :‬هفتي هفتي ضرورت مطابق ڏجي‪.‬‬

‫‪3‬‬
‫پٽاٽا )‪:(Potato‬‬
‫آڪٽوبر کان نومبر‬ ‫پوکيَء جو وقت‪:‬‬
‫جنسون‪ :‬اڇا پٽاٽا‪ ،‬ملٽا ۽ پيٽرونس‬
‫ٻج جو مقدار‪ 15 :‬کان ‪ 20‬مڻ في ايڪڙ‪.‬‬
‫پوکيَء جو طريقو‪ 2 :‬کان اڍائي فوٽن جي کرين جي چوٽيَء تي‪5 ،‬‬
‫کان ‪ 6‬انچن جي مفاصلي تي لڳائجن‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬ڊي‪-‬اي‪-‬پي هڪ کان ڏيڍ ٻوري‪ ،‬يوريا هڪ ٻوري ۽‬
‫پوٽاش هڪ کان ٻه ٻوريون في ايڪڙ پوکيَء وقت ۽ بعد ۾ ٻه ڀيرا هڪ هڪ ٻوري يوريا هر‬
‫پندرهين ڏينهن يا اين‪-‬پي‪-‬ڪي (‪ )17.17.17‬جون ‪ 3‬ٻوريون في ايڪڙ‪ ،‬هڪ ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي‬
‫پوکيَء وقت ٻي ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري يوريا پوکيَء جي ‪ 15‬ڏينهن ۽ ٽين ٻوري اين‪-‬پي‪-‬‬
‫ڪ ي ۽ اڌ ٻوري يوريا في ايڪڙ مهيني بعد ڏجي‪.‬‬
‫پاڻي‪ :‬پهريون پوکيَء وقت هڪدم ڏجي باقي هفتي ڏهين ڏينهن ضرورت مطابق ايترو ڏجي جنهن‬
‫جو چوٽيَء تي صرف سيڪ پهچي‪.‬‬

‫پتائي گجرون )‪:(Carrot‬‬


‫آڳاٽي پوک سيپٽمبر کان آڪٽوبر‬ ‫پوکيَء جو وقت‪:‬‬
‫نومبر‬ ‫مندائتي پوکي‪:‬‬
‫جنسون ۽ ٻج جو مقدار‪ :‬ديسي ‪ 5‬کان ‪ 6‬ڪلو ۽ والئتي ‪ 3‬کان ‪4‬‬
‫ڪلو گرام في ايڪڙ‪.‬‬
‫مفاصلو‪ :‬ٻوٽا ٽن چئن انچن جا ٿين ته ‪ 13‬انچن جي مفاصلي تي ڇڊائي ڪجي‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬ڊي‪-‬اي‪ -‬پي هڪ کان ڏيڍ ٻوري يوريا هڪ ٻوري ۽ پوٽاش هڪ کان ٻه ٻوريون في‬
‫ايڪڙ پوکيَء وقت ۽ بعد ۾ ٻه ڀيرا هڪ هڪ ٻوري يوريا هر پندرهين ڏينهن يا اين‪-‬پي‪-‬ڪي‬
‫(‪ )17.17.17‬جون ‪ 3‬ٻوريون في ايڪڙ‪ ،‬هڪ ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي پوکيَء وقت ٻي ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي‬
‫۽ اڌ ٻوري يوريا پوکيَء جي ‪ 15‬ڏينهن ۽ ٽين ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري يوريا في في ايڪڙ‬
‫مهيني بعد ڏجي‪.‬‬
‫پاڻي‪ :‬آڳاٽي فصل کي پهريان ٽي چار پاڻي هر هفتي بعد ۽ ٿڌين ۾ ڏهين کان ٻارهين ڏينهن بعد‬
‫پاڻي ڏجي‪.‬‬

‫بصر )‪:(Onion‬‬
‫پوکيَء جو وقت‪ :‬آڳاٽي فصل الِء ٻيجارو جوالِء کان آگسٽ‬
‫تائين لڳائجي ۽ رونبو آگسٽ کان سيپٽمبر ۾ ڪجي ۽‬
‫پاڇاٽي پوکي جنوري تائين ڪري سگهجي ٿي‪.‬‬
‫جنسون‪ :‬هزاري‪ ،‬ڦلڪارا‪ ،‬ٿاڻو بوال خان‪ ،‬نصرپوري‪ ،‬گهوٽڪي ۽ ديسي وغيره‪.‬‬
‫ٻج جو مقدار‪ :‬ڪڻ ٻه کان اڍائي ڪلو گرام في ايڪڙ‪.‬‬
‫پوکيَء جو طريقو‪ :‬ٻه کان اڍائي فوٽن جي مفاصلي وارن کرين جي ٻنهي پاسي ٻن کان ٽن انچن‬

‫‪4‬‬
‫جي مفاصلي تي ٻيجارو رونبو ڪجي‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬ڊي‪-‬اي‪ -‬پي هڪ کان ڏيڍ ٻوري‪ ،‬يوريا هڪ ٻوري ۽ پوٽاش هڪ کان ٻه ٻوريون في‬
‫ايڪڙ پوکيَء وقت ۽ بعد ۾ ٻه ڀيرا هڪ هڪ ٻوري يوريا هر پندرهين ڏينهن يا اين‪-‬پي‪-‬ڪي‬
‫(‪ )17.17.17‬جون ‪ 3‬ٻوريون في ايڪڙ‪ ،‬هڪ ٻوري اين پي ڪي پوکيَء وقت ٻي ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي‬
‫۽ اڌ ٻوري يوريا پوکيَء جي ‪ 15‬ڏينهن ۽ ٽين ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري يوريا في ايڪڙ مهيني‬
‫بعد ڏجي‪.‬‬
‫پاڻي‪ :‬شروعاتي ‪ 3‬پاڻي هفتي هفتي بعد پوِء ڏهين کان ٻارهين ڏينهن بعد ڏيڻ گھرجي‪.‬‬
‫گڏ ۽ مٽي چاڙهڻ‪ :‬گندگاهه جيئن نظر اچي ته ُگڏ ڪري گندگاهه جي صفائي ڪجي ۽ ٻوٽن تي ٻه‬
‫ڀيرا مٽي چاڙهجي‪.‬‬

‫ٿوم )‪:(GARLIC‬‬
‫پوکيَء جو وقت‪ :‬آڳاٽي پوکي سيپٽمبر کان شروع ڪجي ۽‬
‫ختم نومبر جي آخر ۾ ڪجي‪.‬‬
‫جنسون‪ :‬ديسي نيو دمبالو‪.‬‬
‫ٻج جو مقدار‪ 100 :‬ڪلوگرام في ايڪڙ‪.‬‬
‫پوکيَء جو طريقو‪ :‬ننڍين ٻارين ۾ اڌ فوٽ جي مفاصلي تي‬
‫قطارن ۾ ٽن ٽن انچن جي مفاصلي تي ڳڙيون رونبو ڪجن‪ .‬جڏهن ته کرين تي به پوکي ڪري‬
‫سگهجي ٿي‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬ڊي‪-‬اي‪ -‬پي هڪ کان ڏيڍ ٻوري‪ ،‬يوريا هڪ ٻوري ۽ پوٽاش هڪ کان ٻه ٻوريون في‬
‫ايڪڙ پوکيَء وقت ۽ بعد ۾ ٻه ڀيرا هڪ هڪ ٻوري يوريا هر پندرهين ڏينهن يا اين‪-‬پي‪-‬ڪي‬
‫(‪ )17.17.17‬جون ‪ 3‬ٻوريون في ايڪڙ‪ ،‬هڪ ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي پوکيَء وقت ٻي ٻوري اين‪-‬پي‪ -‬ڪي‬
‫۽ اڌ ٻوري يوريا پوکيَء جي ‪ 15‬ڏينهن ۽ ٽين ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري يوريا في ايڪڙ مهيني‬
‫بعد ڏجي‪.‬‬
‫پاڻي‪ :‬شروعاتي ٻه ٽي پاڻي تڪڙا ڏجن ته جيئن ڳڙيون ُڦٽن‪ .‬جنهن بعد گرميَء ۾ اين‪-‬پي‪-‬ڪي‬
‫هفتي هفتي بعد ۽ سرديَء ۾ ڏهين کان ٻارهين ڏينهن بعد ڏيڻ گھرجي‪.‬‬

‫پالڪ )‪:(SPINACH/ CHARD‬‬


‫پوکيَء جو وقت‪ :‬ديسي پالڪ آڪٽوبر کان جنوريَء تائين‬
‫پوکجي پر واليتي پالڪ ان سان گڏ سانوڻيَء ۾ پوکي وڃي‬
‫ٿي‪.‬‬
‫جنسون‪ :‬ديسي پالڪ نرم ۽ سنهن پنن واري ۽ واليتي پالڪ‬
‫سخت ۽ وڏن پنن واري‪.‬‬
‫ٻج جو مقدار‪ 15 :‬کان ‪ 20‬ڪلو گرام في ايڪڙ‬
‫پوکيَء جو طريقو‪ :‬ننڍين ٻارين ۾ قطارن جي شڪل ۾ پوکجي پر ساڳئي وقت ننڍن کرين تي‬
‫پوکي سگهجي ٿي‪.‬‬

‫‪5‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬پوکيَء وقت اين‪-‬پي‪-‬ڪي (‪ )17.17.17‬هڪ ٻوري‪ .‬ٻي ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري‬
‫يوريا ‪ 15‬ڏينهن بعد‪ ،‬ٽين ٻوري اين‪-‬پي‪ -‬ڪي ۽ اڌ ٻوري يوريا مهيني بعد ڏجي‪ .‬ان کان پوِء هر‬
‫لوب کان پوِء هڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ وجهجي‪.‬‬
‫پاڻي‪ :‬گرميَء ۾ هر هفتي بعد ۽ ٿڌ ۾ ٻارهين کان پندرهين ڏينهن بعد ڏيڻ گهرجي‪.‬‬

‫بند گوبي )‪:(CABBAGE‬‬


‫پوکيَء جو وقت‪ :‬مندائتي پوکي الِء ٻيجارو سيپٽمبر‪-‬آڪٽوبر‬
‫۾ ۽ رونبو آڪٽوبر‪ -‬نومبر ۾ ڪجي‪ .‬جڏهن ته پاڇاٽي پوکيَء‬
‫الِء ٻيجارو نومبر ۾ ۽ رونبو ڊسمبر ۾ ڪجي‪.‬‬
‫ٻج جو مقدار‪ 100 :‬کان ‪ 400‬گرام في ايڪڙ‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬اين‪-‬پي‪-‬ڪي هڪ کان ڏيڍ ٻوري ۽ پوٽاش هڪ‬
‫کان ٻه ٻوريون في ايڪڙ پوکيَء وقت ۽ بعد ۾ ٻه ڀيرا هڪ هڪ ٻوري يوريا هر پندرهين ڏينهن‬
‫يا اين‪-‬پي‪ -‬ڪي (‪ )17.17.17‬جون ‪ 3‬ٻوريون في ايڪڙ‪ .‬هڪ ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي پوکيَء وقت ٻي‬
‫ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري يوريا پوکيَء جي ‪ 15‬ڏينهن ۽ ٽين ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري‬
‫يوريا في ايڪڙ مهيني بعد ڏجي‪.‬‬
‫گڏ ۽ پاڻي‪ :‬گڏ جڏهن رونبي کان پوِء ٻوٽا چڱي طرح لڳي وڃن ته ڪجي ۽ ٻوٽن تي هلڪي مٽي‬
‫چاڙهجي‪ .‬اهڙي طرح پندرهين ڏينهن ٻي ُگڏ ڪري وري مٽي چاڙهجي پاڻي شروع ۾ ٻه ٽي تڪڙا‬
‫ڏجن‪ .‬ان بعد سردي ۾ ڏهين کان پندرهين ڏينهن ۽ گرمي ۾ هر هفتي پاڻي ۾ پاڻي ڏجي‪.‬‬

‫هرٻو )‪:(FENUGREEK‬‬
‫پوکيَء جو وقت‪ :‬مندائتي پوکي سيپٽمبر کان نومبر تائين پر‬
‫جنوريَء تائين لڳائي سگهجي ٿو‪.‬‬
‫جنسون‪ :‬ديسي ۽ قصوري‬
‫ٻج جو مقدار‪ 6 :‬کان ‪ 8‬ڪلو گرام في ايڪڙ‬
‫پوکيَء جو طريقو‪ :‬ننڍيون چورس ٻاريون ٺاهي‪ ،‬انهن ۾ ريج‬
‫ڪري مٿان پاڻيَء ۾ ٻج ڇٽي ڇڏجي‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬پوکيَء وقت اين‪-‬پي‪-‬ڪي (‪ )17.17.17‬هڪ ٻوري في ايڪڙ‪ .‬ٻي ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽‬
‫اڌ ٻوري يوريا ‪ 15‬ڏينهن بعد ۽ ٽين ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري يوريا مهيني بعد ڏجي‪ .‬ان کان‬
‫پوِء هر لوب کان پوِء هڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ ڏجي‪.‬‬
‫پاڻي‪ :‬گرميَء ۾ هر هفتي بعد ۽ ٿڌ ۾ ٻارهين کان پندرهين ڏينهن بعد پاڻي ڏيڻ گهرجي‪.‬‬

‫سالد )‪:(LETTUCE‬‬
‫پوکيَء جو وقت‪ :‬سيپٽمبر کان نومبر تائين‬
‫پوکيَء جو طريقو‪ :‬ٻن کان اڍائي فوٽن جا کريا ڪڍي کرين‬
‫جي ٻنهي پاسي ‪ 9‬انچن جي مفاصلي تي چنگيون هڻي کرين‬
‫کي ايترو پاڻي ڏجي جيئن چنگين تائين صرف پاڻيَء جو‬
‫سيڪ پهچي‪.‬‬

‫‪6‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬پوکيَء وقت اين‪-‬پي‪-‬ڪي (‪ )17.17.17‬هڪ ٻوري في ايڪڙ‪ .‬ٻي ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽‬
‫اڌ ٻوري يوريا ‪ 15‬ڏينهن بعد ۽ ٽين ٻوري اين‪-‬پي‪ -‬ڪي ۽ اڌ ٻوري يوريا مهيني بعد ڏجي‪ .‬ان کان‬
‫پوِء هر لوب کان پوِء هڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ ڏجي‪.‬‬
‫پاڻي‪ :‬گرميَء ۾ هفتي هفتي بعد ۽ سرديَء ۾ ٻارهين کان پندرهين ڏينهن بعد پاڻي ڏجي‪.‬‬

‫ڌاڻا )‪:(CORIANDER‬‬
‫پوکيَء جو وقت‪ :‬مندائتي پوک سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين‬
‫تجويز ٿيل آهي‪ .‬باقي سڄو سال پوکجن ٿا‪.‬‬
‫جنسون‪ :‬ايراني ۽ ديسي‪.‬‬
‫ٻج جو مقدار‪ 6 :‬کان ‪ 8‬ڪلو گرام في ايڪڙ‬
‫پوکيَء جو طريقو‪ :‬ٻن اڍائن فوٽن جي کرين تي ٻنهي پاسن‬
‫کان ليڪ ڪڍي ان ۾ ٻج ڇٽي‪ .‬مٿان هٿ سان ڍڪي‪ .‬سيڪ‬
‫ُ‬
‫جيترو پاڻي ڏجي‪ .‬اهڙي طرح ناڙي به ڪري سگهجي ٿي‪ .‬ٻج کي سڄي رات پسائي رکجي ۽ پوِء‬
‫پوکجي‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬پوکيَء وقت اين‪-‬پي‪-‬ڪي (‪ )17.17.17‬هڪ ٻوري في ايڪڙ‪ .‬ٻي ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽‬
‫اڌ ٻوري يوريا ‪ 15‬ڏينهن بعد ۽ ٽين ٻوري اين‪-‬پي‪ -‬ڪي ۽ اڌ ٻوري يوريا مهيني بعد ڏجي‪ .‬ان کان‬
‫پوِء هر لوب کان پوِء هڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ ڏجي‪.‬‬
‫پاڻي‪ :‬گرميَء ۾ هر هفتي بعد ۽ سرديَء ۾ ٻارهين کان پندرهين ڏينهن بعد پاڻي ڏيڻ گھرجي‪.‬‬

‫سؤنف (وڏڦ) )‪:(FENNEL‬‬


‫پوکيَء جو وقت‪ 15 :‬آڪٽوبر کان نومبر جو سڄو مهينو‬
‫ٻج جو مقدار‪ 5 :‬ڪلو گرام في ايڪڙ‬
‫پوکيَء جو طريقو‪ :‬ڏيڍ کان ٻن فوٽن جي مفاصلي تي‬
‫قطارن ۾ پوکجي‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬پوکيَء وقت اين‪-‬پي‪-‬ڪي (‪ )17.17.17‬هڪ‬
‫ٻوري في ايڪڙ ۽ ٻي ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري‬
‫يوريا ‪ 15‬ڏينهن بعد ۽ ٽين ٻوري اين‪-‬پي‪-‬ڪي ۽ اڌ ٻوري‬
‫يوريا مهيني بعد ڏجي‪.‬‬
‫پاڻي‪ :‬پهريون پاڻي مهيني بعد ۽ ٻيا پاڻي پندرهين کان ويهين ڏينهن بعد ڏجن‪.‬‬

‫ڦودنو (‪:)MINT‬‬
‫پوکيَء جو وقت‪ :‬نومبر کان ڊسمبر ۽ فيبروري کان‬
‫مارچ‪.‬‬
‫ٻج جو مقدار‪ :‬ڦودنو پراڻي پوکيل فصل جون پاڙون‬
‫ڪڍي پوکجي‪ .‬ان الِء چاليهه هزار کان پنجاهه هزار‬
‫پاڙون پوکجن‪.‬‬
‫پوکيَء جو طريقو‪ :‬کرين تي ۽ قطارن ۾ پوکي سگھجي ٿو‪.‬‬

‫‪7‬‬
‫مفاصلو‪ :‬کريا ڏيڍ فوٽ جا هجن ۽ قطارون هڪ فوٽ تي ڪري پوکجن ۽ ٻوٽي کان ٻوٽي جو‬
‫مفاصلو ‪ 6‬انچ رکجي‪.‬‬
‫ڪيميائي ڀاڻ‪ :‬پوکيَء وقت اين‪-‬پي‪ -‬ڪي هڪ ٻوري في ايڪڙ ۽ بعد ۾ هر لوب کان پوِء يوريا‬
‫هڪ ٻوري في ايڪڙ ڏجي‪.‬‬
‫پاڻي‪ :‬شروعات ۾ ٻه ٽي پاڻي تڪڙا ۽ بعد ۾ هر هفتي بعد فصل جي گهرج مطابق ڏجن‪.‬‬

‫ڀاڄين جا جيت‪ ،‬بيماريون ۽ آِء پي ايم‬


‫ڀاڄين ۾ ٻن قسمن جا جيت ٿين ٿا‪ .‬هڪڙا نقصانڪار جيت جيڪي ڀاڄين کي نقصان رسائن ٿا ۽‬
‫ٻيا فائديمند جيت ٿين ٿا‪ .‬جيڪي ڀاڄين کي پنهنجي خوراڪ نٿا بڻائن پر ُاهي نقصانڪار جيتن‬
‫کي کائي پنهنجو پيٽ ڀرين ٿا‪ .‬۽ ڀاڄين کي نقصانڪار جيتن جي نقصان کان بچائن ٿا‪ .‬اهڙن‬
‫فائديمند جي تن ۾ ٽنڊڻيون‪ ،‬ڀنڀوريون‪ ،‬ڏينڀو‪ ،‬ڪوريئڙو وغيره اچي وڃن ٿا‪.‬‬
‫فائديمند جيتن جي ڀاڄين ۾ گهڻي تعداد ۾ هئڻ جي صورت ۾ نقصانڪار جيتن جو تعداد گهڻو‬
‫نٿو وڌي ۽ پيسٽيسائيڊس جي هروڀرو ڦوهارن جي ضرورت پيش نٿي اچي پر اڻڄاڻائي ۽ تڪڙي‬
‫فائدي وٺڻ جي چڪر ۾ ڀاڄين جا باغبان ڀاڄي پوکڻ کان پوِء جيئن ئي هڪ اڌ نقصانڪار جيت‬
‫ڏسن ٿا ته هڪدم پيسٽيسائيڊ يعني زرعي زهر جو ڦوهارو شروع ڪري ڏين ٿا‪ .‬جنهن سان‬
‫نقصانڪار جيتن سان گڏ فائديمند جيت مري وڃن ٿا ۽ ڦوهاري جو اثر ختم ئي مس ٿو ٿئي ته‬
‫هڪدم ٻيا نقصانڪار جيت ظاهر ٿي پون ٿا‪.‬‬
‫ڀاڄين ۾ نقصانڪار جيت عام طور تي ٻن قسمن جا ٿين ٿا‪ .‬هڪڙا رس چوسڻ وارا جهڙوڪ؛‬
‫اڇي مک‪ ،‬سائو مهلو‪ ،‬سست مهلو‪ ،‬ٿرڙو وغيره‪.‬‬
‫اهڙي طرح ٻيا وري ڀاڄين کي کائڻ وارا جيت جهڙوڪ؛ امريڪي ڪينئون‪ ،‬تِڏيون‪ ،‬لشڪري‬
‫ڪينئون وغيره اچي وڃن ٿا‪.‬‬
‫هنن ٻنهي قسمن جي جيتن مان رس چوسڻ وارا جيت ڀاڄين تي شروع ۾ ئي ڀاڄيون جڏهن‬
‫گهڻيون سايون ۽ نرم هجن ٿيون تڏهن حملي آور ٿين ٿا‪ .‬جڏهن ته ڀاڄين کي‪ ،‬کائڻ وارا جيت‬
‫بعد ۾ آهستي آهستي اچن ٿا ۽ پوِء گهڻو ڪري ٻنهي قسمن جا جيت موجود هجن ٿا ساڳئي وقت‬
‫ڀاڄين تي ڪيترن ئي قسمن جون بيماريون پڻ حملو ڪن ٿيون‪.‬‬
‫هنن نقصانڪارن کي زرعي سا ئنسدان ”جيتن ۽ بيمارين جي ضابطي واري گڏيل حڪمت عملي‪،‬‬
‫يعني آِء پي ايم )‪ (IPM‬واري طريقي سان ضابطي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ان جون ئي حڪمت‬
‫عمليون ٻڌائن ٿا‪.‬‬

‫ڀاڄين الِء آِء پي ايم‪:‬‬


‫ِ پي ايم‬‫فصلن (ڀاڄين) جي نقصانڪار جيتن جي ضابطيَء واري گڏيل حڪمت عملي يعني آِء ِ‬
‫)‪ (IPM‬هڪ اهڙي مؤثر ۽ ماحول دوست سوچ آهي‪ .‬جنهن ۾ ڪيميائي زهرن يعني پيسٽيسائيڊس‬
‫کي آخري هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو‪ .‬جڏهن ته ان کان پهرين ٻين طريقن سان نقصانڪار‬
‫جيتن جي نقصان کان بچي سگهجي ٿو‪ .‬آِء پي ايم جي سوچ ۾ بنيادي اهميت ان ڳالهه کي ڏني‬
‫وڃي ٿي ته جيت بيماريون يا گندگاهه اسان جي فصلن ڀاڄين وغيره ۾ آخر شدت اختيار ڇو ٿا‬
‫ڪن؟ شدت ڪيئن ٿا اختيار ڪن ۽ ڪڏهن ٿا ڪن؟ ۽ انهن جي شدت کي گهٽائڻ جا غير ڪيميائي‬
‫طريقا ڪهڙا آهن؟ وغيره‪.‬‬

‫‪8‬‬
‫آِء پي ايم جا چار ُمکيه اصول طئه ٿيل آهن‪:‬‬
‫صحتمند فصل اپائڻ )‪.(Grow Healthy Crop‬‬ ‫‪.1‬‬
‫فصل کي روزانو چڱي طرح گهمي ڏسن ته جيئن ڪو به مسئلو ظاهر ٿيڻ شرط شروع ۾‬ ‫‪.2‬‬
‫ئي ان کي حل ڪري ڇڏجي‪.‬‬
‫دوست جيتن کي بچائڻ )‪ (Conserve Natural Enemies‬جيئن ته فصلن ۾ نقصانڪار جيتن سان‬ ‫‪.3‬‬
‫گڏ فائديمند جيت يعني اهي جيت جيڪي فصل کي نٿا کائن پر نقصانڪار جيتن کي پنهنجي‬
‫خوراڪ بڻائن ٿا انهن کي بچائجي‪.‬‬
‫آبادگار خد ماهر ٿي وڃي )‪ (Farmer Becomes Expert‬آبادگار هر وقت ٻين تي نه ڀاڙي پر خد‬ ‫‪.4‬‬
‫ايتري ڄاڻ حاصل ڪري جو هو خد ماهر ٿي وڃي‪.‬‬
‫عملي طور تي ڀاڄين جي آِء پي ايم ۾ هيٺين عملن تي زور ڀريو وڃي‪:‬‬
‫ڀاڄين ۾ گندگاهه کي هرگز وڌڻ نه ڏجي‪ ،‬ڇاڪاڻ ته گندگاهه جي اندر جيت جڻيا وڌيڪ شدت‬ ‫‪.1‬‬
‫اختيار ڪن ٿا ۽ ساڳئي وقت ڀاڄين جي خوراڪ کڻي انهن کي ڪمزور به ڪن ٿا‪.‬‬
‫ڪ َچ ۽ ساوڪ وڌيڪ ڪن ٿيون‬‫نائٽروجن وارو ڀاڻ گهڻو نه ڏجي گهڻو ڀاڻ ڏيڻ سان ڀاڄيون َ‬ ‫‪.2‬‬
‫جنهن جي ڪري جيتن جو حملو وڌي ٿو‪.‬‬
‫بيمار ٻج يا ٻيجارو هرگز نه پوکجي ۽ شروعات ۾ غير ڪيميائي طريقن کي اختيار ڪرڻ‬ ‫‪.3‬‬
‫گهرجي‪.‬‬
‫ڀاڄين جي روزانو جاچ ڪبي رهجي‪.‬‬ ‫‪.4‬‬
‫زرعي زهرن جو شروعات ۾ تڪڙو ڦوهارو ڪرڻ کان پاسو ڪجي‪.‬‬ ‫‪.5‬‬
‫جيتن ۽ بيمارين جو غير ڪيميائي ضابطو‪:‬‬
‫‪ .1‬ڪششي ٻوٽا پوکڻ‪:‬‬
‫واڙيَء جي چوڌاري سورج ُمکي‪ ،‬مڪئي‪ ،‬يا جوئر جي قطار ضرور پوکجي‪ ،‬جن ۾ جڏهن ٻج ايندو‬
‫ته ان ٻج تي پکي ايندا جيڪي ان ٻج کي کائڻ سان گڏ ڀاڄيَء ۾ موجود نقصانڪار ڪينئن کي‬
‫به کائي ناس ڪندا‪.‬‬

‫‪ .2‬ٻاجهر جي َا َن جو استعمال‪:‬‬
‫جيڪڏهن ڀاڄيَء ۾ ڪينئن جو حملو گهڻو هجي ته ٻنن سان ٻاجهريَء جي َا َن جي َلپ ڇٽي وڃجي‬
‫ته ان تي پکي ايندا جيڪي ٻاجهريَء جي َا َن کي کائڻ سان گڏ ڪينئن جو به خاتمو آڻي ڇڏيندا‪.‬‬

‫‪ .3‬سرف ۽ پاڻيَء جو ڦوهارو‪:‬‬


‫جيڪڏهن ڀاڄيَء ۾ رس چوسڻ وارا جيت هجن ۽ پنن تي مٽي يا سڻڀ يا ڪاري ماکيَء جهڙي‬
‫حالت هجي ته هڪ چمچو سرف جي پائوڊر جو ڪلهي واري ڦوهاري جي ڊٻي ۾ وجهي ڦوهارو‬
‫ڪجي ته ڪافي حد تائين تدارڪ ٿي ويندو‪.‬‬

‫‪9‬‬
‫‪ .4‬نم جو استعمال‪:‬‬
‫نقصانڪار جيتن جي نقصان کان ڀاڄين کي بچائڻ ۽ ماحولياتي گدالڻ کان بچڻ الِء نم بهترين‬
‫ذريعو آهي‪ .‬عام طور تي ڏٺو اهو ويو آهي ته ڀاڄين تي ڪيميائي زهرن جو بي حساب استعمال‬
‫ٿئي ٿو‪ .‬جنهن تي نه صرف خرچ گهڻو ٿئي ٿو پر مختلف رپورٽن مان ظاهر ٿيو آهي ته اهڙين‬
‫ڀاڄين ۾ زرعي زهرن جو اثر رهجي وڃي ٿو‪ .‬جيڪو ڀاڄيون واپرائيندڙن جي صحت کي نقصان‬
‫رسائي ٿو‪ .‬ان ڪري آِء پي ايم جي استعمال کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي‪.‬‬

‫نم جي پنن جو ڳار‪:‬‬


‫نم جي ڏهه (‪ ) 10‬ڪلو گرام کن ساون پنن کي ڪنهن ڊرم ۾ وجهي ايترو پاڻي ڀرجي جيئن پن‬
‫چڱي ريت ُپسي وڃن‪ .‬جنهن بعد انهن کي باهه تي ڪاڙهجي ۽ ايتري تائين ڪاڙهجي جيئن پاڻي‬
‫ُسڪي هڪ لٽر وڃي بچي‪ .‬بچيل هڪ ليٽر ڳار کي سنهي ڪپڙي ۾ ڇاڻي ڪنهن بوتل ۾ وجهي‬
‫رکجي‪ .‬جڏهن جيتن جو حملو نظر اچي ته ان وقت ‪ 100‬ملي لٽر ڪلهي واري ڦوهاري جي ڊٻي ۾‬
‫وجهي ڦوهارو ڪجي ۽ وري اٺين ڏينهن ٻيو ڦوهارو ڪجي‪ .‬نم جي ڳار جو ڦوهارو ڪرڻ سان‬
‫جيتوڻيڪ جيت مرندا ڪو نه پر اهي واڙيَء مان ڀڄي ويندا ۽ ٻاهران وري ٻيا نقصانڪار جيت‬
‫واڙيَء ۾ داخل نه ٿيندا‪.‬‬

‫نم جي تيل جو استعمال‪:‬‬


‫َ‬
‫ڇانو ۾ سڪائڻ الِء رکجي ۽ نموريون‬ ‫نم جون نموريون وڻ مان جيئن ڪرن ته ُانهن کي ميڙي‬
‫جڏهن بلڪل ُسڪي وڃن ته انهن کي گهاڻي تان پيڙائي‪ ،‬تيل ڪڍرائي رکي ڇڏجي‪ .‬جڏهن واڙيَء‬
‫۾ جيتن جو معمولي حملو نظر اچي ته هڪدم ‪ 100‬ملي لٽر نمورين جو تيل ڪلهي واري ڦوهاري‬
‫جي ڊٻي ۾ وجهي هڪ چمچو سرف جي پائوڊر جو مالئي‪ ،‬چڱي طرح گڏائجي پوِء واڙيَء ۾‬
‫ڦوهارو ڪجي ۽ اهو ڦوهارو اٺين ڏينهن وري ورجائجي ته جيتن تي ضابطو اچي ويندو‪.‬‬

‫نم جي کڙ جو استعمال‪:‬‬
‫نمورين مان تيل ڪڍرائڻ کان پوِء جيڪو کڙ بچي ٿو ان جا ‪ 5‬ڪلو گرام ‪ 5‬لٽر ٽهڪندڙ پاڻيَء ۾‬
‫وجهي ‪ 2‬چمچا سرف جي پائوڊر جا وجهي چڱيَء طرح مالئي ڍڪ ڏئي ‪ 24‬ڪالڪن تائين رکي‬
‫ڇڏجي‪ .‬جنهن بعد ان کي هٿن سان مهٽي سنهي ڪپڙي ۾ ڇاڻي هڪ سؤ ليٽر پاڻيَء ۾ مالئي‬
‫واڙيَء تي ڦوهارو ڪجي‪.‬‬

‫نمورين جي پائوڊر جو استعمال‪:‬‬


‫سڪل نمورين کي پاڻيَء ۾ تيستائين ُپسائجي جيستائين نمورين جون کلون نرم ٿي وڃن جنهن‬
‫ڇانو ۾ سڪڻ الِء رکجي‪ ،‬جڏهن گورا سڪي وڃن ته ُانهن‬
‫َ‬ ‫بعد نمورين جون کلون الهي گورن کي‬
‫ُ‬
‫ڪٽي پائوڊر ٺاهجي‪ .‬پائوڊر جي ‪ 3‬ڪلو گرام وزن کي ‪ 24‬ڪالڪ پسائي رکجي‬ ‫کي پينهين يا ُ‬
‫جنهن بعد ان کي سنهي ڪپڙي ۾ ڇاڻي هڪ سؤ ليٽر پاڻيَء ۾ مالئي ‪ 8‬کان ‪ 10‬چمچا سرف وجهي‬
‫ڦوهارو ڪجي‪.‬‬

‫ٿوم جو ڦوهارو‪:‬‬

‫‪10‬‬
‫هڪ ڪلو ڪٽيل ٿوم ‪ 20‬چانهن وارا چما (‪ 100‬گرام) سرف يا صابڻ‪ 20 ،‬چانهن وارا چمچا ۽ هڪ‬
‫ليٽر گاسليٽ ۽ ‪ 5‬لٽر پاڻي جو ڳار ٺاهيو جنهن الِء ٿوم گاسليٽ ۾ ‪ 24‬ڪالڪ پسائي رکجي‪ .‬ان‬
‫کان پوِء ان ۾ سرف يا صابڻ ۽ پاڻي وجهي چڱي طرح هالئي هالئي ڇاڻجي ڇاڻيل ڳار مان هڪ‬
‫حصو ۽ ‪ 20‬حصا پاڻي مالئي ڀاڄين تي ڦوهارو ڪجي ته جيت ضابطي ۾ رهندا‪.‬‬

‫تماڪ جو ڳار‪:‬‬
‫هڪ سؤ پنجاهه گرام تماڪ جي پنن کي ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري هڪ لٽر ٽهڪندڙ پاڻيَء ۾ وجهي‬
‫ٻه چار ٽهڪا ڏئي چلهي تان الهي ‪ 12‬ڪالڪن الِء رکو‪ .‬ٻارنهن ڪالڪن کان پوِء هٿ سان چڱي‬
‫طرح مهٽي ڪنهن سنهي ململ جي ڪپڙي ۾ ڇاڻي پاڻي صاف بوتل ۾ وجهي رکو‪.‬‬
‫جڏهن ڀاڄين ۾ مهلو‪ ،‬اڇي مک‪ُ ،‬جون پن ڪترڻ وارا ڪينئان نظر اچن ته هڪ حصو تماڪ جي‬
‫ڳار جو ۽ ‪ 10‬حصا پاڻيَء جا پاڻ ۾ مالئي ڦوهارو ڪريو‪.‬‬

‫ڦودني جو ڦوهارو‪:‬‬
‫ڦودني جي هڪ ڪلو گرام پنن کي گهوٽي هڪ سؤ لٽر پاڻيَء ۾ چڱيَء طرح مالئي ڀاڄين تي‬
‫ڦوهارو ڪريو ته پنن تي داغن وارين بيمارين کان بچاُء ۾ مدد ملندي‪ .‬ڦوهاري الِء حجامن جي‬
‫دڪانن تي استعمال ٿيندڙ هٿ وارو ڦوهارو استعمال ڪجي‪.‬‬

‫مال جي ڇيڻن جو ڦوهارو‪:‬‬


‫اڌ ڪلو گرام مال جا تازا ڇيڻا ‪ 5‬لٽر پاڻيَء ۾ وجهي چڱيَء طرح گڏائي سنهي ڪپڙي ۾ ڇاڻي‬
‫جراثيمي بيمارين جي ضابطي الِء ڀاڄين تي ڦوهارو ڪريو‪.‬‬

‫چور ڪينئون ۽ پٽاٽا‪:‬‬


‫چور ڪينئون ٽماٽن‪ ،‬مرچن ۽ شمله مرچن کي ڏاڍو نقصان ڏئي ٿو‪ .‬هي جيت رات جو نڪري‬
‫ٻيجاري جي ڏانڊين کي ٽڪي ٿو‪ .‬ان الِء ٻيجاري ۾ رات جي وقت پٽاٽن جا وڏا ڳترا ڪري ٻنن‬
‫جي ويجهو رکي ڇڏجن‪ ،‬صبح جو اچي ڏسبو ته انهن ڳترن تي ڪينئان موجود هوندا جن کي هٿن‬
‫سان ناس ڪجي‪.‬‬

‫‪11‬‬
‫ربيع جي ڀاڄين جا جيت‪ ،‬بيماريون ۽ ڪيميائي ضابطو‬
‫وزن في ايڪڙ‬ ‫پيٽيسائيڊ‬ ‫جيت‬ ‫ڀاڄي‬
‫ڪونفيڊور يا‬ ‫اڇي مک‪ ،‬سائو مهلو‪ ،‬سست مهلو‬
‫‪ 250‬ملي لٽر‬
‫اميڊا‬
‫پولو يا ڍولو يا‬
‫‪ 200‬ملي لٽر‬ ‫سولو يا‬
‫ڊائفينٿيوران‬
‫اڇي مک‪،‬گهڻي تعداد ۾ هجي ته‬
‫موسپيالن يا‬
‫‪ 125‬گرام‬ ‫ايسيالن يا‬
‫‪ 400‬ملي ليٽر‬ ‫پائري‬
‫پروڪسيفن‬

‫پروڪليم يا‬ ‫آمريڪي ڪينئون‪ ،‬ميووي جو ڪينئون‪،‬‬


‫‪ 200‬ملي لٽر‬ ‫ٽائيمر يا ٽائي‬ ‫لشڪري ڪينئون‬
‫ڪون‬

‫ميچ يا ڊرون يا‬


‫‪ 150-100‬ملي لٽر‬ ‫ٽماٽا‬
‫اسٽيورڊ‬

‫آڳاٽو ساڙ‬
‫‪ 250‬ملي ليٽر‬
‫‪ 200‬کان ‪250‬‬ ‫اسڪور يا‬
‫گرام ‪ 100‬لٽر‬ ‫ريڊومل گولڊ‬
‫پاڻي ۾‬

‫‪ 240‬ملي ليٽر‬ ‫پاڇاٽو ساڙ‬


‫‪ 100‬ليٽر پاڻي ۾‬
‫ريوس‬
‫مالئي ڦوهارو‬
‫ڪجي‬
‫اڇي ڦڦوندي‬
‫‪ 50‬ملي لٽر ‪100‬‬ ‫اسڪور يا‬
‫لٽر پاڻي ۾‬ ‫بائيٽان فوليئر‬ ‫‪.‬‬

‫‪12‬‬
‫ڊائوني ملڊيو‬

‫‪ 250‬گرام ‪100‬‬ ‫ٽاپسن ايم يا‬


‫لٽر پاڻي ۾‬ ‫ريڊومل گولڊ‬

‫سست مهلو‬

‫‪ 200‬کان ‪250‬‬ ‫اميڊا يا‬


‫ملي لٽر‬ ‫ڪونفيڊور‬
‫سائو مهلو‬

‫پٽاٽي جو پوپٽ‬

‫پروڪليم يا‬ ‫پٽاٽا‬


‫‪ 200‬ملي لٽر ‪100‬‬
‫ٽائيمر يا ٽائي‬ ‫آمريڪي ڪينئون‬
‫لٽر پاڻي ۾‬
‫ڪون‬

‫چور ڪينئون‬

‫‪ 100‬ملي لٽر ‪100‬‬ ‫ميچ يا ڊرون يا‬


‫لٽر پاڻي ۾‬ ‫اسٽورڊ‬
‫لشڪري ڪينئون‬

‫‪13‬‬
‫آڳاٽو ساڙ‬

‫‪ 250‬ملي لٽر‬
‫‪ 200‬کان ‪250‬‬ ‫اسڪور يا‬
‫گرام ‪ 100‬لٽر‬ ‫ريڊومل گولڊ‬
‫پاڇاٽو ساڙ‬
‫پاڻي ۾‬

‫اڇي مک ۽‬ ‫آلو جي وائرس‬


‫سست مهلي جي‬
‫‪ 125‬گرام ‪100‬‬ ‫حملي کان‬
‫لٽر پاڻي ۾‬ ‫ضابطو رکو ۽‬
‫موسپيالن‬
‫استعمال ڪريو‬
‫ڪيوراڪران يا‬ ‫ٿرڙو‬
‫‪ 500‬ملي لٽر‬
‫ڪريڪر‬

‫‪ 200‬ملي لٽر‬ ‫اميڊا‬

‫آمريڪي ڪينئون‬

‫بصر ۽‬
‫ٿوم‬
‫پروڪليم يا‬
‫ٽائيمر يا ٽائي‬
‫‪ 200‬ملي لٽر‬
‫ڪون يا ميچ يا‬
‫ڊرون‬ ‫چور ڪينئون‬

‫‪14‬‬
‫لشڪري ڪينئون‬

‫بصر جو ساڙ ڊائوني ملڊيو‬

‫ريدومل گولڊ يا‬


‫‪ 500‬گرام‬
‫ڊائٿين ايم‬

‫اينٽراڪول يا‬ ‫پرپل بالچ‬


‫ڪاپر آڪسي‬
‫‪ 500‬گرام‬
‫ڪلورائيڊ يا‬
‫ڊائيٿين‬
‫‪ 50‬ملي لٽر‬ ‫اسڪور‬

‫چور ڪينئون‬

‫پروڪليم يا‬
‫‪ 100‬ملي لٽر ‪100‬‬
‫ٽايمر يا ٽائي‬ ‫آمريڪي يا لشڪري‬ ‫مٽر‬
‫لٽر پاڻي ۾‬
‫ڪون يا ميچ‬

‫‪15‬‬
‫چڻي وارو ڪينئون‬

‫ليف مائينر‬
‫‪ 30‬ملي لٽر‬ ‫ٽرائي گارڊ يا‬
‫‪ 60‬ملي ليٽر‬ ‫پوليٽرن سي‬
‫‪ 120‬گرام‬ ‫يا ريڊينٽ‬

‫اڇي مک‬
‫ڪونفيڊور يا‬
‫‪ 250‬ملي لٽر‬
‫اميڊا‬

‫‪ 200‬گرام‬ ‫ٽاپسن ايم‬


‫اڇي پائونڊري‬
‫‪ 50‬ملي لٽر ‪100‬‬ ‫اسڪور يا‬
‫لٽر پاڻي ۾‬ ‫بائيٽان فوليئر‬
‫سست مهلو‬

‫ڪونفيڊور يا‬
‫‪ 250‬ملي لٽر‬ ‫اميڊا يا‬
‫ڊيلفڪس‬ ‫اڇي مک‬

‫پالڪ‬

‫پروڪليم‪ .‬يا‬ ‫چور ڪينئون‬


‫‪ 100‬ملي لٽر ‪100‬‬ ‫ٽائيمر‪ .‬يا ٽائي‬
‫لٽر پاڻي ۾‬ ‫ڪون يا ميچ يا‬
‫ڊرون‬

‫‪16‬‬
‫لشڪري ڪينئون‬

‫نشان واري بيماري‬

‫‪ 50‬ملي لٽر ‪100‬‬ ‫اسڪور يا ڊاِء‬


‫لٽر پاڻي ۾‬ ‫فيناڪونازول‬

‫چور ڪينئون‬
‫پروڪليم‪،‬‬
‫‪ 200‬ملي لٽر‬ ‫ٽائيمر‪ ،‬ٽائي‬
‫ڪون‬

‫آمريڪي ڪينئون‬

‫‪ 125‬کان ‪150‬‬ ‫ميچ يا ڊرون يا‬ ‫هرٻو‬


‫ملي لٽر‬ ‫ڊيلٽاميڪس‬
‫‪ 500‬ملي ليٽر‬ ‫يا الرسبين‬ ‫تڏ‬

‫‪ 50‬ملي لٽر ‪100‬‬ ‫اسڪور يا ڊاِء‬


‫نشان واري بيماري‬
‫لٽي پاڻي ۾‬ ‫فيناڪونازول‬

‫‪17‬‬
‫‪ 250‬ملي لٽر ‪100‬‬ ‫سائو مهلو‬
‫ڪونفيڊور‬
‫لٽر پاڻي ۾‬
‫‪ 200‬سي سي‬
‫‪ 24‬گرام ‪ 100‬لٽر‬ ‫نائٽي پائرم‬
‫پاڻي ۾‬ ‫يا ايڪٽارا‬

‫اڏوهي‬

‫هڪ لٽر‬

‫الرسبين‬
‫تڏ‬

‫چور ڪينئون‬ ‫سالد‬

‫پروڪليم يا‬
‫‪ 100‬ملي لٽر ‪100‬‬ ‫ٽائيمر‪ ،‬يا ٽائي‬
‫لشڪري ڪينئون‬
‫لٽر پاڻي ۾‬ ‫ڪون ميچ يا‬
‫ڊرون‬

‫نشان واري بيماري‬

‫‪ 50‬ملي لٽر ‪100‬‬ ‫اسڪور يا ڊاِء‬


‫لٽر پاڻي ۾‬ ‫فينڪونازول‬

‫‪ 250‬ملي لٽر‬ ‫ڪينفيڊور‬ ‫سائو مهلو‬

‫ڌاڻا‬
‫‪ 24‬گرام ‪ 100‬لٽر‬
‫ايڪٽارا‬ ‫ڦودنو‬
‫پاڻي ۾‬

‫‪18‬‬
‫اڏوهي‬

‫هڪ لٽر‬ ‫الرسبين‬


‫تڏ‬

‫چور ڪينئون‬

‫پروڪليم يا‬
‫‪ 100‬ملي لٽر ‪100‬‬ ‫ٽائيمر يا ٽائي‬
‫لٽر پاڻي ۾‬ ‫ڪون يا ميچ يا‬ ‫لشڪري ڪينئون‬
‫ڊرون‬

‫نشان واري بيماري‬

‫‪ 50‬ملي لٽر ‪100‬‬ ‫اسڪور يا ڊاِء‬


‫لٽر پاڻي ۾‬ ‫فيناڪونازول‬

‫اڇي مک‬
‫گل‬
‫‪ 250‬ملي لٽر‬ ‫ڪونفيڊور يا‬
‫گوبي‪،‬‬
‫‪ 80‬گرام ‪ 100‬لٽر‬ ‫اسيٽاميپرڊ يا‬
‫بند‬
‫پاڻي ۾‬ ‫پلينم‬
‫گوبي‬

‫‪19‬‬
‫سائو مهلو‬

‫ڪونفيڊور يا‬
‫‪ 200‬سي سي‬
‫نائٽي پائرم‬

‫سست مهلو‬

‫‪ 100‬سي سي‬ ‫ڪونفيڊور يا‬


‫‪ 500‬سي سي‬ ‫ايڊوانٽيج‬

‫ڊائيمنڊ بيڪ ماٿ گوبي جو ڪينئون‬


‫پروڪليم يا‬
‫‪ 200‬ملي لٽر‬ ‫ٽائيمر يا ٽائي‬
‫ڪون‬

‫‪ 40‬گرام في‬ ‫ٻيجاري جو ساڙ‬


‫ريدومل گولڊ‬
‫ٽانڪي‬
‫‪ 80‬گرام‬ ‫سست مهلو‬
‫‪ 200‬کان ‪ 250‬سي‬ ‫پلينم يا‬
‫سي ‪ 100‬لٽر‬ ‫پولو‬
‫پاڻي ۾‬

‫چور ڪينئون‬

‫موري‬
‫۽‬
‫پروڪليم يا‬ ‫گوگڙو‬
‫‪ 100‬ملي لٽر ‪100‬‬ ‫ٽائيمر يا ميچ يا‬
‫لشڪري ڪينئون‬
‫لٽر پاڻي ۾‬ ‫ٽائي ڪون يا‬
‫ميچ يا ڊرون‬

‫‪20‬‬
‫زهرن جي استعمال جو صحيح طريقو‪:‬‬
‫جيڪو به زهر ڦوهارو ڪرڻو هجي ان جي مٿان ڏنل هدايتن کي پڙهي عمل ڪجي‪.‬‬ ‫‪.1‬‬
‫ڦوهاري ڪندڙ کي زهر جي اثر کان بچڻ الِء هٿن تي پالسٽڪ يا رٻڙ جا جوراب‪ ،‬اکين تي‬ ‫‪.2‬‬
‫عينڪ‪ ،‬نڪ تي ماسڪ يا ڪپڙي جي ٻٽ‪ ،‬پيرن ۾ بوٽ ضرور پائڻ گهرجن‪.‬‬
‫ڦوهاري دوران کائڻ‪ ،‬پيئڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ جي بلڪل اجازت ناهي‪ .‬اهڙو ڪوبه عمل ڪرڻ‬ ‫‪.3‬‬
‫سان ڦوهارو ڪندڙ جي صحت خراب ٿيندي‪.‬‬
‫ڦوهاري ٺاهڻ يا ڦوهاري ڪرڻ واري جاِء تي ٻارن ٻچن‪ ،‬ٻين ماڻهن‪ ،‬جانورن ۽ ڪڪڙن‬ ‫‪.4‬‬
‫وغيره کي هرگز اچڻ نه ڏجي‪.‬‬
‫ڦوهاري ڪرڻ کانپوِء هڪدم ڦوهاري واريون خالي ٿيلهيون‪ ،‬بوتلون يا دٻا وغيره کڏ کڻي‬ ‫‪.5‬‬
‫پوري ڇڏجن ۽ گهر جي ڪنهن به استعمال ۾ نه آڻجن‪.‬‬
‫ڦوهاري واري مشين کي وهندڙ پاڻيَء ۾ هرگز نه ڌوئجي نه ته اهو پاڻي هيٺ جڏهن جانور‬ ‫‪.6‬‬
‫يا ماڻهو يا پکي پکڻ پيئندا ته انهن جي صحت خراب ٿيندي‪.‬‬
‫ڦوهاري ڪيل باغ مان گهٽ ۾ گهٽ هفتو ڏهه ڏينهن ميوو نه پٽجي ۽ باغ ۾ پوکيل گاهه‬ ‫‪.7‬‬
‫وغيره نه لڻجي ۽ جيڪڏهن ڀاڄي پوکيل هجي ته اها به هرگز نه پٽڻ گهرجي‪.‬‬
‫تيز هوا هلڻ مهل ڦوهارو هرگز نه ڪجي‪.‬‬ ‫‪.8‬‬
‫ڦوهاري واري اهڙي مشين استعمال ڪجي‪ ،‬جيڪا صحيح هجي‪.‬‬ ‫‪.9‬‬
‫‪ .10‬ڦوهاري ڪرڻ جو مناسب وقت صبح يا شام آهي‪ ،‬منجهند جو گهڻي تيز اس ۾ ڦوهارو نه‬
‫ڪجي‪.‬‬

‫آِء سي ٽي زرعي توسيعي مرڪز‬


‫حڪومت سنڌ‬
‫ِ‬ ‫ڊائريڪٽوريٽ جنرل زرعي توسيع‪ ،‬زراعت کاتو‬
‫‪ICT Agricultural Extension Services Center, Directorate General Agriculture Extension, Agriculture,‬‬
‫‪Supply & Prices Department Government of Sindh, Block-F, Shahbaz Building Hyderabad.‬‬
‫‪Helpline: +92 3111646111 Email:21ictagriextensionsindh@gmail.com‬‬
‫‪www.ictagrisindh.gov.pk‬‬

You might also like